شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

ڪليات سانگي پڙهڻ کان پوءِ- ڊاڪٽر بلوچ

زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي مختلف طبع ماڻهن سان ملڻ جو اتفاق ٿئي ٿو، جن مان ڪن شخصيتن کي ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪن ماڻهن کي وساري ڇڏجي ٿو. آءٌ ڪيترن ئي ماڻهن سان ملندو رهيو آهيان، جن مان ڪي فوت ٿي چڪا آهن، ۽ ڪي زندهه رهن ٿا. جن ۾ عالم ۽ فاضل، اديب ۽ شاعر، مفڪر ۽ معلم، مذهبي پيشوا ۽ سياسي رهنما، معمولي ۽ غير معمولي انسان شامل آهن. ليڪن ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءَ بهار جي.“
سنڌ ملڪ درويشن جو ديس، بزرگن جي بستي ۽ فقيرن جو فردوس آهي، جنهن ۾ وقتاً فوقتاً ڪيترائي فاضل ۽ دانشور پيدا ٿيا ۽ پيدا ٿيندا رهندا. انهن مان ڪن ظاهري فيض عطا ڪيو ۽ ڪن باطني بصيرت کي اجاگر ڪيو.
مون کي تازو جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٽان ”ڪليات سانگي“ جو تحفو مليو. اهو ڊاڪٽر بلوچ، جنهن تي سنڌي ادب، سنڌي زبان ۽ سنڌ کي فخر حاصل آهي. مون پهرين فرصت ۾ ڊاڪٽر صاحب جو لکيل مقدمو نهايت غور سان پڙهيو، ۽ منهنجي دماغ ۾ تنهن مهل هڪ قدآور شخصيت جو ڀرپور ڪردار اڀري آيو، جو لوڪ ادب کان به گهڻو مٿي سوچي سگهي ٿو. لوڪ ادب جي جاکوڙ ۾، سنڌي زبان جي تحقيق ۾، ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت مستند آهي، پر مقدمي پڙهڻ کا پوءِ محسوس ڪيم ته کيس جديد رجحانن ۽ نون لاڙن جي به وڏي ڄاڻ آهي.
آءٌ ڊاڪٽر بلوچ کي گهڻي عرصي کان وٺي سڃاڻندو آهيان. پهرين ڄاڻ سڃاڻ غائبانه هئي، جا سندس تصنيفن ۽ تحريرن جي طفيل هئي. اهڙي سڃاڻپ طفيلي هئي، تنهنڪري ان تي ڪو ڌيان نه ڏنم. پر رسالي ”مهراڻ“ (1955) ۾ ڇپيل سندس هڪ مقالي بعنوان ”هندي شاعريءَ جو سنڌي شاعريءَ تي اثر“ منهنجي دل تي هڪ دير پا اثر ڇڏيو، جنهن مون کي مصنف جي صلاحيتن کي جاچڻ لاءِ مجبور ڪيو. اهو مقالو هڪ عالمانه ۽ محققانه ڪوشش هئي، جو سنڌي جديد ادب ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ سنگ ميل ڏسڻ ۾ آيو. اديب دوستن سان اڪثر و بيشتر ڊاڪٽر صاحب متعلق گفتگو ٿيندي رهي، ليڪن انهن مان ڪيترا ڊاڪٽر صاحب جي ادبي ڪوششن کان غير مطمئن هئا، ان ڪري مون ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. تنهن سمي ڊاڪٽر صاحب اسلاميه ڪاليج سکر جي معائنه ڪميٽي جو رڪن بڻجي اسان جي ڪاليج ۾ آيو. مون سندس صورت کي جاچي ڏٺو. مون کي هڪ نهايت خشڪ، مگر انتهائي سنجيده شڪل نظر آئي، تنهنڪري آءٌ همت نه ساري سگهيس جو ساڻس گفتگو ڪريان، اگرچه آءٌ سندس ڀر ۾ ويٺل هوس. اکين تي ڪاري فريم وارو چشمو، سنهي ڪٽ مُڇون، وار بنان سينڌ جي پوئتي ورايل، جسم تي کهرن ۽ ميرانجهڙن ڪپڙن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شخصيت منهنجي بالڪل قريب هئي. ڊاڪٽر صاحب اهڙي نموني ٽي دفعا سکر ۾ آيو. ليڪن منهنجي ساڻس صاحب سلامت واري ملاقات به ڪانه ٿي.
انهيءَ وچ ۾ هڪ ڀيرو، سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻئي کي ڏٺوسون، ليڪن ويجهو ويهندي به هڪ ٻئي سان عليڪ سليڪ ڪانه ٿي. مون پهريون ڀيرو اتي ئي ڊاڪٽر صاحب جي عالمانه گفتگو ٻڌي هئي. تنهن ڏينهن جويو صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب پاڻ ۾مختلف موضوعن تي بحث ڪندا رهيا، ليڪن آءٌ خاموش تماشائي بڻيو ويٺو ٻڌندو رهيس. ڊاڪٽر صاحب جي شائسته، شسته ۽ سنجيده گفتگو مهنجي دل ۾ ۽ دماغ جي پردن تي اهڙو تاثر ڇڏيو، جو منهنجي اڳيان هڪ وڏي شخصيت اڀرڻ لڳي.
ڀانيان ٿو ته 1962ع ڌاري ڊاڪٽر بلوچ سکر آيو هو. هتي آءٌ پهريون ڀيرو ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ ويس. ڊاڪٽر صاحب نهايت گرم جوشيءَ سان منهنجي آجيان ڪئي. هن مختصر ملاقات ۾ ڪيترائي ادبي موضوعات زير بحث آيا. ان کان پوءِ منهنجي دماغ ۾ هڪ ڀرپور شخصيت مسلط ٿيڻ لڳي. آءٌ ڊاڪٽر صاحب جي ملاقات سان هڪ دلي مسرت محسوس ڪندو رهيس. هو سنڌي زبان جو عاشق، علم ۽ ادب جو پروانو آهي. تحقيق جو شغل خفت جي حد تائين هن جو قومي سرمايو بڻجي چڪو آهي. سنڌي زبان، سنڌي ادب، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي ثقافت جي متعلق سندس کوجنائون قابل قدر آهن، جي هميشه زنده و جاويد رهنديون. سندس محنت ۽ رياضت قابلِ رشڪ آهن، جن کيس امر بڻائي ڇڏيو آهي. لوڪ ادب جو ذخيرو سنڌي ادب ۾ هڪ گرانقدر اضافو آهي، جو سنڌ زبان سان گڏ هميشه زنده رهندو. شاهه عنات رضويءَ جي رسالي ۾ هن جن علمي ۽ ادبي باريڪين جي نشاندهي ڪئي آهي، تن سندس تنقيدي معيار کي سائنٽيفڪ تنقيد جي انتهائي بلنديءَ تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس عبارت ۾ سونهن ۽ سوڀيا، شگفتگي ۽ شيريني، رس ۽ رچاءُ، ذوق ۽ شائستگي، رنگ ۽ روغن سان گڏ ٻيون اهڙيون اديبانه حقيقتون سهيڙيل ۽ سموهيل آهن، جن تي هر هڪ سنڌي فرد بجا طور تي فخر ڪري سگهي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ورثي ۽ وکر کي ٻاهرين ملڪن جي دانشورن سان روشناس ڪرايو آهي. يورپ، ايشيا ۽ آمريڪا ۾ سندس تقريرن جو خاص اثر رهيو آهي، جنهن ڪري هن صاحب ڪيترا ڀيرا بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پنهنجي وطن جي نمائندگي ڪئي آهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته اهڙو اعزاز تمام ٿورن پاڪستانين کي نصيب ٿيو آهي.
اسان جي ملاقات سال ۾ ٻه چار ڀيرا مس ٿيندي آهي، ليڪن هر ملاقات طويل هوندي آهي. مختلف موضوعن تي رهاڻيون ٿينديون آهن، ڪيترن اهم مسئلن تي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي وسيع تجربي ۽ علمي بصيرت جي پيش نظر، محققانه ۽ عالمانه نڪتا پيش ڪندو آهي. هو نه فقط قديم ادب جو پارکو آهي، پر جديد تقاضائن کان به چڱيءَ طرح واقف آهي. کيس اخلاقي قدرن ۽ قومي روايات جي پڻ چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي. هو سچ پچ ته سنڌي ادب جو روشن مينار آهي. هو وڏي خوبين جو مالڪ آهي. نهايت خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو انسان، مزاج شاهاڻو ۽ وضع قلندرانه. سندس طبيعت ۾ انتهائي سادگي آهي. ٻاهرين ڏيک ويک ۽ ٺَٺ ٺانگر کي پسند نه ڪندو آهي. عالمانه متانت ڪري سندس چهري تي هميشه سنجيدگي رهندي آهي، پر يارن جو يار آهي، جن سان سندس گفتگو نهايت بي تڪلفانه انداز ۾ هوندي آهي. سندس خاص دوستن جو حلقو محدود آهي. مادي آسائش ۽ آرام جو سندس طبيعت ۾ ڪو دخل ڪونه آهي. غريب سگهڙن ۽ مفلس موسيقارن جي ڪچهريءَ ۾ راتين جون راتيون گذاري ڇڏيندو آهي. تحقيق ۽ جستجو جي سلسلي ۾ ننڍڙن ڳوٺڙن ۽ وارياسن ميدانن ۾ ڦرندو نظر ايندو آهي. مانيءَ جي پرواه، نه پاڻيءَ جي گهرج. کهرا ۽ ٿلها ڪپڙا، پيرن ۾ پٺاڻڪو گهيتلو پائي ميلن جا ميل هلندو رهندو ۽ سفر جون صعوبتون نهايت خنده پيشانيءَ سان برداشت ڪندو رهندو. کيس ڪڏهن شهرت جي تمنا نڪي عظمت جي آرزو. هو پنهنجي رياضت ۾ مگن آهي. سچ پچ هو هڪ وڏو انسان آهي ۽ سنڌي ادب جو سچو عاشق! جيئن ڪنهن پنهونءَ جي تلاش ۾ ڪا سسئي جبل جهاڳي، لڪ لتاڙي، پرينءَ جا پار پئي پڇندي وتي.

(ٽي ماهي مهراڻ، 2/ 1971ع تان ورتل)