شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

سنڌ جو بيباڪ صحافي سردار علي شاهه

جڏهن سيد سردار علي شاهه جي موت جو ٻڌم ته سڪتي ۾ اچي ويس. هو هڪ اديب بي دل هو. ادب جي گلزار ۾ گل ڇڻندا ٿا رهن، اڳيان هلندا ٿا رهن ۽ پويان جايون والاريندا ٿا رهن. اهو دنيا جو پراڻو قصو آهي ۽ تاقيامت اهو سلسلو هلندو رهندو. ڪائنات جو هڪ مقدر آهي، ائين ٿيندو. مشيت الاهي آهي، انسان کي صبر ۽ شڪر ڪرڻو آهي، مون به صبر اختيار ڪيو. انسان ان باري تعاليٰ جي آڏو مجبور آهي، سوال ڪرڻ جي ڪنهن ۾ همت ڪانه آهي ڪيئن؟ ڪهڙو؟ ننڍو يا وڏو؟ غني صاحب ته سن رسيده بزرگ هو جنهن پنهنجو وارو وڄايو هو، پر سردار علي شاهه ننڍي عمر جو ماڻهو هو ڀلا 53 سال به ڪا عمر چئجي. ڪالهه مئٽرڪ پاس ڪيائين، ڪالهه صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. 1947ع جو سال سردار علي شاهه جي لاءِ صحافت جي شروعات لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي، مان انهن ڏينهن ۾ الوحيد جو مينيجر هوندو هوس. 47-48 اپريل تائين سردار علي شاهه جو الوحيد سان ڪو رابطو ڪونه رهيو ورنه ان وقت جي سڀني سب ايڊيٽرن کي مان سڃاڻيندوآهيان جن سان منهنجا شخصي تعلقات هئا. مشتاق احمد، عبدالرحمان، محمد هاشم ميمڻ، عبدالرحيم شيخ ۽ علي احمد بروهي منهنجي وقت ۾ اهي سڀ سب ايڊيٽر هوندا هئا. سردار علي شاهه جهڙي اهم ۽ دلپذير شخصيت کي وساري ڇڏڻ بلڪل ناممڪن هو ۽ ساڻس تعلقات جيڪر ان وقت کان استوار ٿي وڃن ها، پر سائين سردار علي شاهه، انهي وقت الوحيد جي عملي سان وابسته ڪين هو، تن ڏينهن مان مان ايم اي جو امتحان ڇڏي اچي ملازمت اختيار ڪئي هئي.
سيد سردار علي شاهه سان ملاقات به عجيب نموني ۾ ٿي. اسلاميه ڪاليج سکر جي ميدان ۾ هڪ جلسو ٿيڻ وارو هو، جنهن جي صدارت سيد درٻار علي شاهه اڳوڻي ڪمشنر خيرپور ڊويزن کي ڪرڻي هئي، مان پهرين قطار ۾ صوفي تي ويٺو هوس، ايتري ۾ هڪ با همشمت شخص جنهن کي وڏيون مڇون ۽ وڏيون اکيون، پيشاني ويڪري هيس، شلوار ۽ چولي ۾ ملبوس هو، ڄڻ ڪو زميندار ٿي لڳو، ڪنهن ليڪچرار سان گڏجي منهنجي طرف آيو. شاهه صاحب مڇن تي هٿ گهمائيندي، مون کي هٿ ڏيئي صوفي تي ويهي رهيو. شايد ليڪچرار انهي غلط فهمي ۾ هو ته اسان ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جا واقف آهيون، پر اهڙي ڳالهه ڪانه هئي ۽ شاهه صاحب سڄو وقت مڇن تي هٿ گهمائيندو رهيو ۽ مان به ٽيڏي اک سان ڏسندو رهيس، پنڊال سڄو ڀريل هو، شاهه صاحب به چپ چاپ ويٺو رهيو. ڪمشنر صاحب به اچي ويو ۽ صدارت جي ڪرسي تي ڪمشنر صاحب کي وهاريو ويو، پوءِ پرنسپال صاحب خطبهءِ استقباليه پڙهيو. خطبي جي ختم ٿيڻ تي هن شاهه صاحب جو نالو کنيو، مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهيس، منهنجي ڀر مان اٿي شاه صاحب ڊائس ڏانهن ويو ۽ مون کي اطمينان حاصل ٿيو. شاهه صاحب حضور نبي ڪريم جي زندگيءَ جا ڪيترا جامع ۽ دلپذير واقعا ٻڌايا ۽ پوءِ پنڊال ۾ پرنسپل صاحب شاهه صاحب سان تعارف ڪرايو. شاهه صاحب سان اهڙي نموني ملاقات جو اعزاز نصيب ٿيو. هو بيباڪ صحافي هو، تن ڏينهن ۾ هو اخبار مهراڻ شايع ڪندو هو ۽ هر دور ۾ هر جابر قوت جو مقابلو ڪندو رهيو ۽ پوءِ مرحوم ۽ منهنجا ناتا وسيع ٿيندا ويا. هو سچ پچ هڪ عظيم انسان ۽ بهترين دوست ۽ برجستو اديب هو. هو هڪ سهڻو ۽ خوشنوا شاعر هوندو هو. سندس پڙهڻ جو انداز به نرالو هوندو هو. هر ڪنهن ميدان ۾ هو ڪلمهءِ حق پڙهندو رهيو ۽ هر جابر طاقت سان لڙندو رهيو، پوءِ کڻي ڪيتريون به صعوتون ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون، هو قلم جو باوقار پاسبان هو، صحافت جو بي پرواهه ۽ عظيم سپاهي هو. هو ادب جو مرد مجاهد هو، جنهن ڪڏهن به ڪنهن جبر ۽ ظلم جي اڳيان پنهنجو گردن نه جهڪايو، حق جي پرستش ڪندو رهيو جنهن کان هميشه ڊڄندو رهيو. مولانا گرامي ڪنهن وقت مقالو مشرقي شاعري جا قدر ۽ رجحان سماهي مهراڻ ۾ شايع ڪيو هو ۽ ڪن ادبي ڪاوشن کي اجاگر ڪرڻو هو، ان تي مون 50 قسطن جو مقالو لکيو هو، جيڪو هن وڏي شوق ۽ خوشي سان شايع ڪيو ۽ ڊاڪٽر خليل به مقالي تي تاثرات پيش ڪيا، اهو سندس عظمت ۽ حوصلي جي ترجماني ڪري ٿو. هو مرد مجاهد هو. اهو وقت اهڙو هو جنهن وقت هر ڪوئي ڊڄندو هو. وڏي مخالفت ٿي، ليڪن سيد سردار علي شاهه حق جو ڪلمو ڀريندو رهيو، هڪ دفعي پريس کي چئن سالن لاءِ بند ڪيو ويو هو، جيل ۾ ويو مگر هو کلندو رهيو. مان اڪثر سندس پريس تي حيدرآباد ۾ ويندو هيس. سبز چانهه جو انتظار ڪندو هو. مان اڪثر سبز چانهه پيئندو آهيان، شاهه صاحب منهنجي عادتن کان بخوبي واقف هوندو هو. مون سان مرحوم جي دلي محبت هوندي هئي ۽ صبح جو سوير حيدرآباد منهنجي رهائش واري هوٽل تي اچي پهچندو هو، اها سندس شفقت ۽ عنايت هوندي هئي. مون کي نهايت خوش مزاج لڳندو هو ۽ اڪثر مون سان چرچا به ڪندو هو. اهڙي خوش مزاج ۽ نڪته دان انسان کي ڪنهن جي نظر لڳي ويئي ۽ هو اسان کان رسي هلي ويو، منهن مٽائي ويو، الله کيس مغفرت ڪري هو آزاد مرد هو. صوبي سنڌ جو هڪ نيڪ ماڻهو مري ويو ۽ عاليشان شخصيت جو موت ٿي ويو.

(ماهوار پيغام، فيبروري 2019ع تان ورتل)