شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

سانگي ڪي ساريام تي تاثر : مختيار احمد ملاح

خاڪا نويسي، سوانحي ادب جو هڪ اهم حصو آهي. جنهن ۾ ليکڪ ڪنهن هستيءَ، شخص، دوست، ادبي يا بزرگ، جنهن سان سندس سڌي ريت واسطو رهيو هجي، ان جي زندگي ۽ سندس خدمتن کي چٽيندو آهي. خاڪو گهڻين حقيقتن ۽ رنگن سان چٽيل نه عڪس هوندو آهي ۽ نه ئي وري ڪو فوٽو گراف، جنهن ۾ رواجي چيزون به اچي وينديون آهن. ادب ۾ جنهن کي خاڪا نويسي چئبو آهي، ان ۾ گهٽ ۾گهٽ لفظن سان ادبي نموني ڪنهن هستيءَ، شخص يا بزرگ کي چٽيو ويندو آهي. عام طور ڪن خاص شخصن تي خاڪا لکيا ويندا آهن. ليڪن خاڪا نويس عڪس ٺاهي زندگيءَ ۾حقيقتن جي سچائي ۽ غير شخصي رخ ضروري ڏيندو آهي، ان ۾ تصورکي بلڪل جڳهه ڪانهي. جيوني ڪنهن شخص جي سموري زندگي يا زندگيءَ جي گهڻي حصي کي پاڻ سمائي ٿي. جڏهن ته ڪنهن جو خاڪو، ليکڪ جي ڏات ۽ زندگي سان جوڙيل ڪنهن شخص جو مختصر چتر آهي. ان نموني جيون ڪهاڻي ۽ سوانح نگاريءَکان الڳ آهي. خاڪي چٽڻ ۾اختصار ۽ شدت (Intensity) استعمال ڪئي ويندي آهي. ٿورن لفظن ۾ به گهڻو ڪجهه چوڻ خاڪي جي چٽڻ جي خصوصيت هوندي آهي.
شيخ عبدالرازاق راز باڪمال شاعر ، بلند پايه نقاد ۽ منفرد افسانه نويس هو. هو ترقي پسند هجڻ جي باوجود اسلامي عقيدن، اصولن ۽ نظرين جو پابند رهيو. هو سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي بانين جهڙوڪ: گوبند مالهي، سوڀوگيانچنداڻي، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جي سٿ مان هو. سندس ڪوشش سان ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جو بنياد رکيو ويو، جنهن ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، پروفيسر ڊي. ڪي منشاراماڻي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، سڳن آهوجا ۽ ارجن شاد وغيره حصو ورتو. شيخ راز انهيءَ سرڪل جو مسلسل چار سال جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو.

شيخ راز جا شايع ٿيل ڪتاب:
• ڊاڪ بنگلو (ڪھاڻيون ١٩٥٤ع)
• سارنگ (شاعري ١٩٥٤ع)
• شرح يمن ڪلياڻ (1957ع)
• شرح ڪلام گرھوڙي (١٩٥٩ع)
• شرح ديوان گل (١٩٥٩ع)
• تاريخ سلطنت دھلي (تاريخ ١٩٦١ع)
• پيھي منجهه پاتال (شاعري ١٩٦١ع)
• تنقيد ۽ تجربو (١٩٦٦ع)
• نئون آدمي (١٩٦٦ع)
• سڄڻ سفر ھليا (شاعري: ١٩٦٧ع)
• فاتح سنڌ (تاريخي ڊرامو، 1955ع)
• مسافر (ناول)
• غزل (شاعري ١٩٧٢ع)
• مارو ڪي ديس ۾ (شاهه لطيف جي رسالي جي رومانوي داستانن بابت اردو ۾)
• سانگي ڪي ساريام (خاڪن جو مجموعو)
• سنڌي غزل جو تجربو (1991ع)
• ڌڙڪنين (اردو شاعري)
• سنڌي شاعريءَ جو اڀياس (اڻ ڇپيل)
• Sukkur – Past & Present

سندس ٽڙيل پکڙيل مضمونن جو تعداد به گهڻو آهي، اگر اهي سهيڙجن ته جيڪر ٻه ٽي ڪتاب ٿي پوندا. سندس تنقيدي شعور به تمام مٿاهون هو، ڇو ته هڪ ئي وقت تخليقي ۽ تنقيدي اديب هو.
شيخ راز تصنيف، تاليف ۽ شعر شاعريءَ کانسواءِ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪوشش سان 9،8،7 اپريل 1950ع تي انجمن فروغ ادب سکر جي زير اهتمام ’ڪل پاڪستان سنڌي اردو ادبي ڪانفرنس‘ منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي بلند پايه اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وقت بوقت سندس ڪوشش سان سکر ۾ ڪيترا ادبي اجتماع، ڪانفرنسون ۽ وڏي پئماني تي مشاعرا ٿيا. هو پاڪستان رائيٽرس گلڊ شاخ سکر جو اهم رڪن ٿي رهيو، جنهن طرفان ڪيترا سنڌي ۽ اردو ڪتاب ڇپيا. ان کان اڳ ۾ 1954ع ۾ پنهنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان پنهنجو ذاتي ادبي اشاعتي ادارو ’حبيب پبليڪيشن‘ قائم ڪيائين، جنهن طرفان ڪيترا سنڌي ڪتاب ڇپيا، جهڙوڪ: سندس پنهنجا ڪتاب ’ڊاڪ بنگلو‘(ڪهاڻيون)، ’سارنگ‘ ۽ ’فاتح سنڌ‘ ڪريم بخش خالد جو ’سنڌي صحافت‘، شيخ اياز جو ’پنهل کانپوءِ‘ (ڪهاڻيون)، بشير مورياڻيءَ جو ’اصنام خيالي‘(ڪهاڻيون)، مقبول صديقيءَ جو مرتب ڪيل افسانن جو مجموعو ’گل ۽ مکڙيون‘ وغيره. 1971ع ۾ سندس ئي ڪوشش سان ’شاهه لطيف يادگار ڪاميٽي‘ قائم ٿي، جنهن جي اهتمام هيٺ اعليٰ پئماني تي ’شاهه لطيف ڪانفرنس‘ منعقد ٿي ۽ ڪجھه ڪتاب به ڇپيا، جن ۾: شيخ راز جو ’سانگي ڪي ساريام‘ ۽ آفاق صديقيءَ جو اردو ڪتاب ’عڪس لطيف‘ شامل آهن.
شيخ عبدالرزاق ’راز‘ جا دوست ٿورا هئا، پر انهن سان بيحد محـبـت ڪندو هو، سکر ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کان سـواءِ شاهه محمد شاهه، ميان پير محمد پيرزادو، ميان عبدالغني، شيخ اياز، حـافـظ خيـر محمد اوحـدي، آفـاق صـديـقـي، ڊاڪــٽر نواز علي شوق، حسن ميان ۽ الحاج محمد احمد (اڳوڻو پرنسپال اسلاميه ڪاليج سکر) سندس گهرا دوست هئا. ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن سان سندس گهرا تعلقات هئا، جهڙوڪ: ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، غلام رباني آگرو، شيخ عبدالحليم ’جوش‘، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ آغا سليم وغيره.
سنڌي ادب ۾ موجوده دور ۾ ڪيترائي خاڪن جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، انهن ۾ سنڌ جي مشهور نقاد، محقق، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نويس شيخ عبدالرزاق راز جو لکيل ”سانگي ڪي ساريام“ وڏي اهميت رکي ٿو. هيءُ ڪتاب، آفاق صديقيءَ، سيڪريٽري لطيف يادگار ڪميٽيءَ پاران 1972ع ۾ شايع ڪيو هو. هن ڪتاب لاءِ شيخ عبدالرزاق راز پاڻ ئي لکيو هو ته “سنڌي ادب ۾ خاڪه نگاريءَ جي غالباً هيءَ پهرين ڪوشش آهي. ممڪن آهي ته ڀرپور شخصيتون نظر نه اچن. ۽ رڳو شخصيتن جون ڪي جهلڪيون ڏسڻ ۾ اچن. جي ائين ٿيو ته مان پنهنجو ڪارج سڦل سمجهندس.ذهن ۾ ٻيا به خاڪا اٿم، جي ٻئي ڪنهن وقت پيش ڪندس.”
پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ هندستان ۾ خاڪه نويسيءَ جو بنياد وجهي هڪ نئين روايت وڌي، پر سنڌ ۾ شيخ عبدالرزاق راز جي ڪتاب ” سانگي ڪي ساريام“ جي اشاعت سان هڪ سلسلو شروع ٿي ويو. ان لحاظ سان شيخ راز هن فيلڊ ۾ ٽرينڊ سيٽر آهي. هي ڪتاب، جيڪو ٻيهر شايع ٿي رهيو آهي، اهو وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پهرين ڇاپي ۾ صرف ڏهه خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويهه خاڪا آهن ۽ جڏهن ته ٻه ٻيا خاڪا دراصل تحقيقي آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نه آهي. هن ڪتاب ۾ جڏهن ته ٻيا سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو.
هنن خاڪن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سندس زندگيءَ ۾ شيخ اياز ڪيتري اهميت رکندو هو. هو سڀني اختلافن جي باوجود شيخ اياز جو هر حڪم مڃيندڙ هو ۽ شيخ اياز به سندس وڏي عزت ڪندو هو ۽ مشڪل وقت ۾ سندس مالي مدد به ڪندو هو. سموري ڪتاب ۾ شيخ اياز جو ذڪر غالب آهي، جنهن مان سندن دوستيءَ جي به خبر پوي ٿي، سندن رسامن ۽ پرچڻ جي خبر ملي وڃي ٿي. شيخ اياز واري خاڪي ۾ پنهنجي ڪاليج واري زماني ۽ سنڌي سرڪل کان ڳالهه شروع ڪئي اٿس. ڪو وقت اھڙو رھيو، جنهن کي ناراضگيءَ وارا اٺ سال سڏيو اٿس. انهن ۾ محبت قائم رھي. ھاسٽل وارا ڏينهن ياد ڪندي لکي ٿو: ”اياز ھاسٽل ۾ ماني نه کائيندو ھو. جتي اڪثر گوشت جا شوقين ماني کائيندا ھئا. ھو گوشت کان پرھيز ڪندو ھو. تنهن ڪري لائيٽ ھائوس جي سامھون ھندو ھوٽل تي کيس ٻه ڀيرا وٺي وڃڻ به منهنجي فرضن ۾ شامل ھو. بيري کي ھڪل ڏيئي پڇندو ھو: ”اڙي! ڇا تيار آھي؟ بيرو يڪساھي چوندو ھو: دال وڙيون، سائي ڀاڄي، واڱڻ.... مان بيدليءَ سان ٻڌندو ھوس. جيئن اياز کي گوشت سان چڙ ھوندي ھئي، تيئن مان ڀاڄين کان بيزار ھوندو ھوس. ھـُو ماني کائيندي ڀاڄين جا انيڪ فائدا ٻڌائيندو ھو ۽ بيمار ٻڪريءَ ۽ مئل رڍ جي گوشت جي نقصانن جي نشاندھي ڪندو ھو. پر مون تي ڪو اثر ڪو نه ٿيندو ھو. چوندو ھو: ”تڏھن ته ڪـُند دماغ آھين.“
هيءُ ڪتاب، سنڌي خاڪه نويسيءَ جو هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ جن عالمن ۽ اديبن تي شاندار خاڪا شامل آهن، اهي پنهنجي پنهنجي دور ۾ هڪ ليجنڊ واري حيثيت رکندڙ هئا. شيخ عبدالرزاق راز جيئن ته بنيادي طور تي هڪ نقاد ۽ ڪهاڻيڪار هو، ان ڪري سندس خاڪه نويسيءَ ۾ افسانوي تخليقي انداز ۽ مزاح واري حس ۽ نقاد واري گهري نظر جا بجا موجود آهي. سندس مشاهدو انتهائي گهرو آهي، ڇو ته هو جنهن به عالم يا اديب جو خاڪو لکي ٿو، ان جي شخصيت کي ٻاهر کان اندر تائين پرکي ٿو. شيخ اياز جي لکيل ٻئي خاڪه شيخ اياز جي باري ۾ اهڙي معلومات فراهم ڪن ٿا، جيڪا شايد ٻين ڪتابن ۾ نه ملي. هو سندس کائڻ پيئڻ، پڙهائي جي طريقي، سندس مختلف شوقن، بيمار ٿيڻ جي حالت ۾ سندس ڪيفيت کي بهترين نموني چٽي ٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻي واري خاڪي ۾ هڪ استاد ۽ شاگرد واري رشتي جو ذڪر ڪري ٿو. نارائڻ شيام واري خاڪي ۾ ادبي سرگرمين جو احوال ڏئي ٿو. آغا سليم جي شخيصت کيس متاثر ڪري ٿي. اياز قادري ۽ رام پنجواڻي سان سندس ٿيل ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو ذڪر آهي. هو ڊاڪٽر بلوچ ۽ گرامي صاحب جي ادبي خدمتن جو معتقد نظر اچي ٿو. مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مخدوم غلام حيدر صاحب خان جي خاڪن ۾ سنڌ جي سياست جي تاريخ بيان ڪري ٿو. هن ڪتاب جي مطالعي مان هڪ طرف شيخ راز جي ذاتي زندگيءَ جا به ڪيترائي عڪس ملن ٿا ته ان دور جي ادبي سرگرمين جي به خبر پوي ٿي. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته شيخ راز ، ان دور جي سڀني علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ شامل هوندو هو. هي ڪتاب هڪ طرح ساڳئي حلقي جي اديبن ۽ سندن ادبي سرگرمين سان ڳنڍيل آهي. ٻين لفظن ۾ هيءُ ڪتاب ان دور جي ادبي لاڙن ۽ تنظيمن جي هڪ قسم جي تاريخ به آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي ادبي خصوصيتن کان سواءِ، شخصي ۽ تدريسي خوبين جي خبر پوي ٿي. اھڙيءَ طرح سنڌ جي محبوب شخصيت ۽ نهٺي نماڻي پروفيسر حاميءَ تي شيخ راز جو ھڪ شاگرد جي عقيدت جي اظھار سان گڏ سائين حاميءَ جي شخصيت جو پورو بيان ڪيو آھي. ھر ڪنهن کي مٺڙا سائين ۽ پيارا چئي مخاطب ڪرڻ ته حامي صاحب جو مذھب ھو. اھڙيءَ طرح ٻيا خاڪا به دلچسپ آھن. اهڙي طرح سندس سڀئي خاڪا ٻولي، پيشڪش جي لحاظ کان به شاندار آهن.
شيخ راز جو هيءُ ڪتاب اڄ کان پنجاهه سال اڳ شايع ٿيو هو، جنهن جو ايڊيشن ختم ٿئي ڪيترائي سال گذري چڪا هئا. مون کي شيخ راز جا هي خاڪا تمام گهڻا پسند آهن. ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته نه صرف ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آندو وڃي، پر سندس ٻين خاڪن کي ڪتاب کي شامل ڪيو وڃي. مون تمام وڏي جاکوڙ ڪري سندس ڪيترائي ٻيا به خاڪا تلاش ڪري ورتا، جن ۾ شيخ اياز تي ٻيو خاڪو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا غلام محمد گرامي،مولوي عبد الواحد سنڌي، محمد ابراهيم جويو، مخدوم غلام حيدر صديقي، رحيمداد مولائي شيدائي، سيد عطا حسين شاهه موسوي، ممتاز مهر، عبدالله عبد، رشيد احمد لاشاري، سردار علي شاهه ۽ سردار بهادر عبدالمجيد خان آف سکر شامل آهن. ممڪن آهي ته سندس اڃا ٻيا به ڪيترائي خاڪا رهجي ويا هجن، بهرحال، سنڌي خاڪه نويسيءَ ۾ هن ڪتاب جي هڪ الڳ حيثيت آهي. ڪيترن ئي پبلشرن کي گذارش ڪئي وئي ته هن وڌايل ڇاپي کي ٻيهر مارڪيٽ ۾ آڻجي، پر ڪتاب جي ٻيهر اشاعت، اسان جي دوست محمد سليمان وساڻ وٽ ئي ممڪن ٿي سگهي، جنھن سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ھن ڪتاب کي آنلائين ڊجيٽل انداز ۾ ڇپي تاريخ ۾ محفوظ ڪري ورتو، جنهن لاءِ مان دل جي گهراين سان سندس شڪرگذار آهيان.