شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

آغا سليم

شايد 1954ع جو زمانو هو. بشير مورياڻي، هڪ صحتمند، مضبوط ۽ سهڻي نوجوان سان گڏ اچي منهنجي اوطاق تي پهتو. اجنبي نوجوان قد و قامت جو گهڻو ڊگهو، پر جسم ۾ ڀريل هو جنهنڪري ڊولائتو ٿي لڳو جيتوڻيڪ هو عمر جي لحاظ کان قد ۾ وڌيڪ لمبو ٿي نظر آيو. خدانخواسته جسم تي ڳر ۽ ماس نه هجيس ها ته هو حقي جي گوءِ وانگر ترل لڳي ها سکر پراڻي جا ڇوڪرا ۽ نوجوان کيس عجيب الخلقت سمجهي منهنجي اوطاق جو گهيراءُ ڪري ڇڏين ها. هو سچ پچ مناسب بدن جو مالڪ هو. سندس رنگ سرخي مائل اڇو هو. جيتوڻيڪ سندس اکيون هن جي موڪري منهن جي ڀيٽ ۾ ننڍيون ۽ سنهيون ٿي لڳيون تڏهن به سندس چهري جي تازگيءَ ۽ شگفتگي انهيءَ عيب کي لڪائي ڇڏيو هو. هن جو شمار سدا سهڻن ۾ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن هٿ ڏيئي مليو ته سندس گلابي چپن تي هڪ وڻندڙ مرڪ هئي ۽ جڏهن بشير تعارف طور آغا سليم چيو ته مون وري ڏانهن نهاريو هن جي مرڪ کل ۾ بدلجي ويئي بالڪل بي تڪلفانه کل. جنهنڪري سندس ڳلن جو ماس مٿي چڙهي ويو ۽ انهيءَ چرپر ڪري سندس اکيون ٻوٽجڻ جي پوئينءَ ڊگري تي وڃي پهتيون.
مان ڏڪي ويس. سندس ڳلن جي ڳاڙهاڻ به سندس هرهڪ ڳٽي جي وچ ۾ ڳاڙهو رت جو داغ بڻجي پيئي. سچ پچ ته مونکي اها کلندڙ صورت بنهه ڪانه وڻي ۽ چاهيم ته هي جوان کلڻ جي بدران رڳو مرڪندو رهي ته گهڻين سهڻين ۽ زليخائن جا هانوَ هٿن کان ڇڏائجي ويندا. هو سچ پچ وڻڻ جهڙي چيز هو. نئين جواني ۽ نئون رت تنهنڪري سندس سڀاءُ ۾ الهڙپائي محسوس ڪيم. هو شاگرد هو زماني جي گردش جي هوا کان بلڪل محفوظ ۽ بي نياز هو. هن جا بزرگ ڪابل قنڌار کان گهوڙن تي چڙهي سنڌ ۾ آيا هئا. جابلو ماڻهو هئا شڪارپور ۾ گهر ٺاهي ويهي رهيا. سنڌ جو پاڻي پي سنڌي بڻجي ويا. آغا کي سنڌي ڪوٺائڻ تي فخر آهي. ريڊيو پاڪستان واري آغا خالد سان منهنجي پهرئين ملاقات اهڙي ئي ڊرامائي تاثر سان ٿي. انهيءَ زماني ۾ منهنجن افسانن جو مجموعو ”َڊاڪ بنگلو“ ۽ اياز جو ”پنهل کانپوءِ“ شايع ٿيا هئا. آغا سليم انهن افسانن جي فني نڪتن تي خيال آرائي ڪرڻ لڳو. سندس ڳالهائڻ مان محسوس ڪيم ته نوجوان کي ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ جي چڱي سڌ ٻڌ آهي. ٻن اڍائن ڪلاڪن جي تفريحي ۽ ادبي ڪچهري کانپوءَ هو موڪلائي شڪارپور موٽي ويا ۽ مان آغا سليم جي تبصري تي سوچيندي انهيءَ نتيجي تي پهتس ته اهو نوجوان ادبي دنيا ۾ هڪ موثر ڪم جي لائق بڻبو زنده دل ۽ خوش طبع هجڻ ڪري سندس هر ڳالهه ۾ ظرافت ۽ ذهانت ٿي بکي. ان کانپوءِ آغا سليم سان ڇهين ٻارهين مهيني ملاقات جو اتفاق ٿيندو هو سو به سرسري. شايد هو ريهبليٽيشن مختيار ڪار هو، واٽ ويندي ساڻس ملاقات ٿي. آغا جا مون سان ڪي ذاتي تعلقات ڪونه هئا تنهنڪري مون اهڙين واٽ ويندڙ ملاقاتين کي خير خيريت تائين ٿي نباهيو البته جيڪڏهن هو بشير مورياڻي سان گڏ هوندو هو ته هو به بيڌڙڪ پنهنجو حق سمجهي هليو ايندو هو ۽ مان سندس فراخدليءَ سان آجيان ڪندو هوس. جن سان سنگت هوندي اٿم انهن کي واٽ ويندي پڪڙي وٺندو آهيان.
”سدورو ٻار پينگهي ۾ پڌرو“ جي مثال مون آغا سليم ۾ ادبي صلاحيت ان وقت محسوس ڪئي جڏهن هن مون سان پهرين ملاقات ڪئي هئي. غالباً هو ان وقت فرسٽ ييئر جو طالب علم هو. هو مونکي جڏهن به مليو سندس چپن تي ساڳي مرڪ ۽ سندس کلڻ ۾ نئين تازي زندگي هوندي هئي سندس صاف سٿري ۽ ڌرتل پوتل مسڪراهٽ سچ پچ دل کي وڻندي هئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ملازمت وقت ساڻس سال ۾ ٽي چار ڀيرا ملاقات جو اتفاق ٿيندو هو. مان گهڻو ڪري الياس عشقي وٽ ويهندو هوس ۽ جڏهن آغا کي خبر پوندي هئي ته هو وڏي چاهه مان اچي اسان جي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيندو هو. مان ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو پاڪستان ۾ پهچڻ کان پوءِ رسمي طور سڌو آغا جي آفيس ۾ ويندو هوس ۽ ساڻس گڏجي عشقي صاحب وٽ ايندا هئاسي. عشقي وٽ جيڪڏهن محبت جا مڻ هئا ته آغا وٽ به سڪ جا سير هئا تنهنڪري انهن ٻنهي سان گڏ رهاڻيون ڪندي حيدرآباد ۾ ٻن چئن ڪلاڪن جو قيام مزي سان گذري ويندو هو ۽ ريڊيو پاڪستان منهنجي لاءِ ڪشش جو باعث بڻيو هو. ريڊيو تي ٻيا به شفيق ساٿي هئا، پر انهن سان ذاتي تعلقات ڪونه هئا جنهنڪري انهن سان ڇڙي عليڪ سليڪ ٿيندي هئي اهي به قربائتا جوان هئا. پر ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ اچي بوءِ بهارجي. مان ته بوءِ جو متلاشي آهيان. هن وقت آغا سليم هڪ مشهور ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻيون فڪري ۽ فني اعتبار کان اڪثر وڻندڙ ۽ معياري هونديون آهن. هو سال ڏيڍ اڳ ڪراچيءَ جي ريڊيو اسٽيشن تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز هو. مان دستور موجب وئڪيشن ۾ ڪراچيءَ ويل هوس. ان زماني ۾ آغا سان سندس آفيس ۾ اڪثر ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون. هڪ ٻه ڀيرو هو مون سان به ملڻ آيو جتي مان کيس پنهنجا نوان غزل ٻڌايا. سڀاويڪ هن جي شعر سان گهٽ دلچسپي آهي. مون کيس ننڍي بحر وارا اچي غزل ٻڌايا جن ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيل هئا. هن جي دلچسپي ڪجهه وڌڻ لڳي جنهنڪري انهن مجلسن جو رنگ وڌڻ لڳو. هو هڪ مڪالمه نگار آهي هو فلمي ڪهاڻين جي مڪالمن کي تيار ڪندو آهي. آغا ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن. منجهس اخلاق سان گڏ خلوص به آهي. مون سان سکر اچڻ جو وعدو ڪري به هو ڪڏهن سکر نه آيو آهي جيتوڻيڪ هن جو شڪارپور اچڻ وڃڻ اڪثر ٿئي ٿو بهانن ٺاهڻ جو استاد آهي. هن ۾ فڪر جو شعور پختو آهي هو ادب جي بنيادي قدرن کان به واقف آهي تنهنڪري هو جدت ۽ روايت جي امتزاج جو حامي آهي. ڪڏهن مان ائين محسوس ڪندو آهيان ته هو ٿاٻڙجي پيو آهي پر وري گهڙي کن کان پوءِ ڏسندو آهيان ته هو پاڻ سنڀالي وٺندو آهي. چوندا آهن ته آغا ڊراما به لکيا آهن جن کي اسٽيج ڪرايو ويو اخبارن ۾ تبصرا پڻ شايع ٿيا ليڪن مون نه ڏٺا جنهن ڪري سندس ڊرامن تي مان ڪجهه چئي نٿو سگهان.
ٻه سال کن ٿيندا آغا سهڻي رسالي ۾ هڪ ناول جو سلسلو شروع ڪيو. پهرئين قسط شايع ٿي موضوع جي اعتبار کان اهو هڪ تاريخي ناول آهي. باوجود بعض ڪمزورين جي ناول جي پهرئين قسط مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. ناول لاءِ شايد سنڌ جي ڌرتي وارياسي رهي آهي. هتي سالن ۾ ناول لکيو ويندو آهي تنهنڪري سنڌي ادب ۾ ناول نويسن جي اڻاٺ آهي. آغا جي ناول جي قسط کان متاثر تي مون باقاعدي ناول لکڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ جي مختلف ڪڙين کي سلسليوار جوڙڻ جي ڪوشش ڪيم. ان ناول کي پوري ڪرڻ ۾ مونکي ڇهن مهينن جو عرصو لڳي ويو. حالتن اجازت ڏني ته ان کي پهرئينءَ فرصت ۾ ڇپائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ خواهش اٿم ته اهو آغا جي نالي منسوب ڪريان.
آغا سليم سان ڪيتري عرصي کان ملاقات نه ٿي آهي. پويون ڀيرو مان کيس حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي مليو هوس. مون ساڻس ان ملاقات ۾ پنهنجي ناول جي مسودي جو ذڪر ڪيو هو. ۽ کيس ٻڌايو هيم ته سندس ناول نويسي جي شوق منهنجي شوق کي جرڪايو هو. هو ڏاڍو کليو ۽ کلڻ مهل سندس ٻنهي واڇن جي ڪنڊن مٿان گهنج پئجي ويا سندس اکيون پورجي ويئون. نوجواني وارا اهي ڳاڙها داغ سندس ڳلن تي نه ڏٺم ۽ منهن تي گهنجڙيون. هو پنهنجي عمر کان وڏو ڏسڻ ۾ آيو. سمجهيم ته دنيا جي نشيب و فراز سندس چهري جي لالائي ۽ سندس ڳلن جي سرخيءَ کي چوسي ڇڏيو آهي. (مئي 1971ع)


(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)