عبدالحليم جوش
ڪاش! کيس ڪجهه فرصت هجي ته ساڻس دلپسند رهاڻيون ٿي سگهن. هن جي زندگي مشين وانگر آهي جنهن ۾ نه صبح ٿيندي آهي نه رات. بهرحال اسان جون چند اهڙيون ملاقاتيون ٿينديون آهن جو طويل رهاڻيون بڻجي پونديون آهن، پر اهڙا موقعا قسمت سان ملندا آهن. مان هر سال مهينو ڏيڍ ڪراچيءَ م گذاريندو آهيان جيڪڏهن چاليهن ڏينهن ۾ چار ملاقاتيون ٿين ته ان کي خوش نصيبي سڏي نٿو سگهجي.
1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ڪچهري اياز قادري جي جاءِ تي منعقد ٿي. ڪراچي جا سڀ اديب ۽ شاعر دوست اتي ڪٺا ٿيا هئا. واري وٽيءَ سان سڀني پنهنجون ادبي تخليقون پيش ڪيون. هڪ نوجوان غزل پڙهيو جنهن ۾ زندگي سان گڏ شگفتي جي جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي. مان غزل جي ختم ٿيڻ کان پوءِ غزل گو کي ڏسڻ لڳس. سنهڙو نوجوان جنهن جو منهن گول ۽ ويڪرو هو. رنگ ڪڻڪائو، سنهڙا گلابي چپ، غلافي اکيون، نرڙ ڪشادو، وار وڏا ۽ گهنڊيدار، پاسي تي سينڌ، نڪ ۽ نقشو مناسب، کاڏيءَ ۾ اڻ لکو چگهه مطلب ته سندس مهانڊو وڻندڙ هو ۽ ان وڻندڙ چهري کان وڌيڪ سندس غزل دلڪش هو. مون کيس وڏي توجه سان ڏسڻ شروع ڪيو، ان موقعي کان اڳ مون ڪڏهن به سندس نالو نه ٻڌ هو. هو مون سان مليو. ڏاڍي ادب ۽ احترام سان. جيئن پراڻي زماني ۾ ننڍا وڏن سان ملندا هئا. هو البته شرميلو ۽ حيادار ٿي نظر آيو. نه چرب زباني ۽ نه زبان درازي. اهو هو شيخ عبدالحليم جوش، جنهن سان پهرين ملاقات ان نموني ٿي. ان کانپوءِ به ڪچهرين ۾ ملندو رهيو. هن جو شرميلو سڀاءُ ڏاڍو پسند آيم. ان کان پوءِ چئن سالن تائين هن جي شڪل ڏسڻ جو اتفاق نه ٿيو. ڪنهن زماني ۾ خيرپور ۾ ادبي ڪانفرنس سڏائي ويئي هئي. مان شيخ اياز سان گڏجي اتي پهتس، اياز ڪنهن به تقريب ۾ هلڻ وقت گيرائپ ڪندو آهي ۽ وقت سر نه پهچي سگهندو آهي. ڪيترائي سنڌي عالم ۽ اديب اتي موجود هئا ڪانفرنس ختم ٿي ويئي هئي. تنهن هوندي به منتظمين اسان جي خاطر خواه آجيان ڪئي. اسان کي رڳو منجهند جي ماني کائڻ جو وجهه هٿ لڳو. مانيءَ تي ڪيترن عالمن ۽ اديبن سان مختصر رهاڻ ٿي. اياز صاحب کي سکر موٽڻ جي تڪڙ هئي تنهن ڪري هو رات جي مشاعري ۾ شرڪت ڪرڻ جو وعدو ڪري اٿي کڙو ٿيو. هن کي مشاعري جي صدارت ڪرڻي هئي تنهنڪري مون سمجهيو ته سندس اهو وعدو پڪو ٿيو ۽ هو ضرور وقت سر پهچندو. موٽر ۾ چڙهي روڊ تان لنگهياسي ته حليم جوش کي مون ڪجهه اديب نما دوستن سا گڏ ڏٺو دل سٽ ڏني. اياز کي ٻڌايم، پر هن جي نان اسٽاپ موٽر کي ڪنهن جي مجال جو روڪي سگهي. مون کي جوش سان ملڻ جو ڪيتري وقت کان اشتياق هو. هن به اسان کي موٽر ۾ ڏٺو هو. پاڻ تي افسوس ڪيم ۽ اياز تي ڪاوڙ. هونءَ به اياز کي منهنجي پسند ڪانه وڻندي آهي پر سندس پسند کي هرڀرو پسند ڪرڻو پوندو اٿم.
رات جو سکر مان ماني کائي نڪتاسي. مون هلڻ کان نابري واري ٿي، پر اياز جي ڪاوڙ ۽ دڙڪي کان هيسجي هلڻ لاءِ راضي ٿيس. هن جو دڙڪو عموماً ٰ خدا جو قسم! مان به نه ويندس“ هوندو آهي. مان گهڻو ڪري سندس دلشڪني برداشت نه ڪري سگهندو آهيان. جيئن ته مان مشاعرن ۾ شعر نه پڙهندو آهيان تنهنڪري خيرپور پهچڻ تي اياز مونکي موٽر ۾ ڇڏي پاڻ پنڊال ڏانهن روانو ٿيو، ماڻهن جا حشام هئا. اردوءَ جا به ڪيترا مشهور معروف شاعر اسٽيج تي ويٺل هئا. مان پاسو ڏيئي هڪ اتاهين جاءِ تي وڃي بيهي رهيس جتان اسٽيج جي سموري ڪارروائي ڏسي رهيو هوس. اياز صاحب گول وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو مزي سان سگريٽ پي رهيو هو ڀر ۾ ڪيترائي اردو ۽ سنڌي شاعر ويٺل هيس. مشاعرو شروع ٿيو. عبدالحليم جوش جو وارو آيو. هن پنهنجو غزل پڙهيو ڏاڍو وڻيو پر ماڻهن جي هجوم ۾ کيس هٿ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ماڻهن جي گوڙ ۾ منهنجي من کي مونجهه لڳندي آهي تنهنڪري مان ماڻهن جي ميڙ کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. بشير مورياڻي به ترنم سان پنهنجو غزل پڙهيو. پنڊال ۾ واه واه ٿي ويئي.
ڪيترن سالن کانپوءِ عبدالحليم جوش سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿي. سکر ۾ جشن مهراڻ جي سلسلي ۾ اها ڪوشش ڪيم ته جوش مشاعري ۾ شرڪت ڪري پر هو ڪنهن به موقعي تي سکر نه آيو. شايد سندس سرڪاري مصروفيت کيس اهڙي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. هڪ ڀيري مون ميمڻ عبدالمجيد کي ڪراچيءَ روانو ڪيو ته هو ڪراچي ۾ جوش جي معرفت شاعرن کي سکر جي مشاعري ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏئي. واعدو ته جوش به ڪيو هو، پر هو نه آيو. ڪيترن سالن کان پوءِ ساڻس اياز قادري جي معرفت منهنجي ملاقات ٿي. نهايت خوشگوار ماحول ۾ اها گڏجاڻي ٿي، اتفاق سان هو به ان ڏينهن واندو هو. اهڙي نموني ان سال ٻه چار گڏجاڻيون ٿيون. ان کانپوءِ هر سال ملاقات جو ٽائيم فون ذريعي مقرر ڪري وٽس ويندو هوس. هڪ ٻه ڀيرو اياز قادري سان به ٽگهٽ ٿي ويندو هو. ٽنهي جي گڏجاڻي هڪ ننڍڙي ادبي محفل بڻجي پوندي هئي ۽ وقت اسان جي مجلس تي هرگز اثر انداز نه ٿيندو هو. اياز قادري به ڪيترن کان سڪ ۾ سرس آهي. هو پاڻ وٽ به اهڙي ادبي مجلس مقرر ڪندو هو جنهن ۾ رڳو اسان ٽيئي هوندا هئاسي. پنج ڇهه ڪلاڪ کائڻ پيئڻ، بحث مباحثي ۽ پڙهڻ پڙهائڻ ۾ لنگهي ويندا هئا. اياز قادري ۽ حليم جوش جي پرورش شاعرانه ماحول ۾ ٿي آهي ۽ منهنجو نيپاج پڻ اديبانه ۽ عالمانه فضا ۾ ٿيو آهي تنهنڪري اسان جي محفل ۾ ڪنهن به غير اديبانه گفتگو جو عمل دخل نه هوندو آهي.
جوش بي شعوريءَ جي عمر کان وٺي شعر چوڻ شروع ڪيو آهي. هو شاعر ابن شاعر آهي. هن جي والد جي ادبي ڪچهرين ننڍپڻ کان وٺي سندس ذهني صلاحيتن کي تيز ڪيو. هن جو نالو حليم آهي هو سچ پچ طبعاً حليم آهي. نالي جي اصليت کي لڪائڻ لاءِ شايد هن جوش جي تخلص جو پوش ڍڪيو آهي. مون سندس سوين اشعار ٻڌا آهن جن ۾ هو مون کي حليم نظر آيو آهي ۽ جوش کي ڳولڻ جي باوجود منجهس جوش لهي نه سگهيو آهيان.
ڪراچيءَ ويندو آهيان ته چئن دوستن سان ملڻ جي تمنا هوندي اٿم. اياز قادري، عبدالحليم جوش، بشير مورياڻي ۽ آغا سليم. جيڪڏهن انهن چئن سان مليس ته سمجهندو آهيان ڪراچيءَ جو سفر سڦلو ٿيو. هن سال فقط عبدالحليم جوش ۽ اياز قادري مليا. ٻه ٽي گڏجاڻيون نهايت ڀرپور ٿيون. ان کانپوءِ مان ڪراچيءَ ۾ بيمار ٿي پيس. فالج ۾ مبتلا آهيان هلڻ چلڻ کان مجبور، تنهنڪري جوش فون تي خبر چار پڇي وٺندو هو. ٻن هفتن کان پوءِ ڪجهه گهمڻ ڦرڻ جي لائق بڻيو آهيان. هن کي اطلاع ڪيم هو ڪالهه مون وٽ آيو هو. مون بيماري ۾ ڏهه ٻارهن غزل لکيا هئا کيس ٻڌايم ڏاڍو خوش ٿيو. هڪ پنهنجو غزل به ٻڌايائين گويا روحاني غذا حاصل ڪئي سي. بيماري کان چار ڏينهن اڳ اياز قادري جي جاءِ تي منجهند جي ماني تي ڀرپور ۽ طويل ڪچهري ٿي هئي جا پڻ يادگار رهندي. بيماري جي حالت ۾ هي لکي رهيو آهيان.
هن جي مزاج جي نفاست سندس غزل جي نزاڪت مان ظاهر ٿيندي آهي. هو اسسٽنٽ ڊارئريڪٽر انفرميشن آهي. هو ڏسڻ ۾ شاعر هرگز نه لڳندو آهي، منجهس عام شاعرن جهڙي ڪا به علامت موجود نه هوندي آهي. نه چال ۾ فرق نه لباس ۾ شڪل صورت ۾ به ڪا ارڏائي ڪانه. هينئر ته هو سگريٽ به نه پيئندو آهي. حليمي جي اعتبار کان هو هڪ شريف ۽ باوقار ماڻهو نظر ايندو آهي. ٻاهرين خوبصورتي هن جي اندروني حسن جي غمازي ڪندي آهي. هو هڪ نقاد به آهي. ان هوندي به هو هر معاملي ۾ نهايت محتاط رهندو آهي. مون کيس ڪنهن جي به گلا ڪندي نه ٻڌو آهي جيڪڏهن بعض اوقات ڪنهن جي شڪايت جو داستان کلندو آهي ته هو اڪثر نٽائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ڪڏهن به ڌر نه بڻجي پوندو آهي. اهو سندس وڏو ظرف آهي تنهن ڪري سندس اهڙو سڀاءُ مونکي وڌيڪ پسند آهي هن جي محبوب شخصيت سندس باوقار سيرت ۽ جميل صورت جو امتزاج آهي. (آگسٽ 1971ع )
(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)