سردار بهادر عبدالحميد خان آف سکر
ولايت کان واپس اچڻ کان پوءِ مرحوم عبدالحميد خان پنهنجي شهر جي بهتري ۽ غريبن جي مدد ۽ خدمت جو ڪم پنهنجي ذمي کنيو. هو ٿوري عرصي جي اندر سکر ميونسپالٽي، جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پنهنجي زندگي جا ٽيهه سال ميونسپالٽي جي مختلف عهدن تي نهايت ديانتداري ۽ محنت سان ڪم ڪيائين. هو صحيح معنيٰ ۾ عوام جو نمائندو هو ۽ عوام جي خدمت گويا کيس ورثي ۾ ملي هئي.
هن پنهنجي وائيس پريذيڊنٽي جي زماني ۾ ڪيترائي اهم ڪم سرانجام ڪيا ۽ هيلٿ ڪاميٽي جي عرصي ۾ ٽي اسپتالو کولايون. جن مان هڪ اسپتال 1921ع ۾ غريب آباد ڪوارٽر ۾ سندس خدمات جو اعتراف ڪندي ميونسپل سندس نالي پويان کولي، جا اڃا تائين قائم آهي ۽ عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. مرحوم خان جي ڪوشش سان هڪ ٻي اسپتال سکر پراڻي ۾ کولي ويئي جا وقت جي ڪليڪٽر مسٽر راٿفيلڊ جي نالي سان مشهور آهي. مرحوم خان جون خدمتون فقط شهر تائين محدود ڪين هيون. هو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ سکر تعلقي لوڪل بورڊ جو ڪيترائي سال پريزيڊنٽ ٿي رهيو. تعلقي ۽ ضلعي جي بهبوديءَ لاءِ هن جون ڪوششون قابل اعتراف آهن ۽ ضلعي جي هر ڪنهن ترقياتي منصوبي ۾ هن جو نمايان حصو رهيو آهي. ٽيهن سالن جي اڻ ٿڪ ڪوشش کانپوءِ مرحوم خان پبلڪ زندگيءَ کان علحدگي اختيار ڪئي.
ضلع ۽ شهر جي ذميوارين سان گڏ مرحوم خان آنرري ماجسٽريٽن جي بئنچ جو ٻارهن سال سانده چيئرمن ٿي رهيو. گذريل مهاڀاري لڙائيءَ ۾ مرحوم خان حڪومت برطانيه جي ڪافي خدمت سرانجام ڏني ۽ سولجر بورڊ جو مکيه رڪن ٿي رهيو. هو 1942 ع ۾ مرڪزي اسمبلي دهليءَ جو ميمبر بڻيو جنهن ۾ هو سنڌ جي مسلمانن جو واحد نمائندو هو.
هو سکر ضلع جي ريڊ ڪراس سوسائٽي ۽ بواءِ اسڪائوٽ ايسوسيئيشن جو باني هو. ان کان سواءِ ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ جو معاون هو ۽ انهيءَ ڪري ئي 1932ع ۾ پراونشنل ڪو آپريٽو بئنڪ سکر جي کلڻ تي سندس پهريون چيئرمن چونڊيو ويو. مرحوم عبدالحميد خان ڪو آپريٽو انسٽيٽوٽ ڪراچيءَ جي ٻن ڊائريڪٽرن مان هڪڙو هو. سندس ٻيو ساٿي جمشيد نسروانجي مهتا جهڙو ماڻهو هو. اهو سکر جي نمائندي جي حيثيت ۾ ڪيترا سال سنڌ مدرسي بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو. هو هڪ طويل عرصو، هل ڪاميٽي جو ميمبر ٿي رهيو.
منزل گاهه جي معاملي ۾ مرحوم خان هڪ اهم حصو ورتو. شهر جا هندو خواه مسلمان هن جي گهڻي عزت ڪندا هئا ۽ هن جي خدمات جي ڪري پورو شهر سندس مداح هوندو هو. هن جي فياضي ۽ مهمان نوازي سڄي سنڌ ۾ مشهور هئي. ماڻهن جا ڪم کيسي مان خرچ ڪري ڪندو هو ۽ ڪيترن مسڪينن جي ڳجهه ڳوهه ۾ مالي امداد ڪندو هو. سندس حضور شرمي ايتري قدر وڌيل هئي جو ڪنهن سائل کي انڪار ڪري ڪونه سگهندو هو. راقم الحروف جي گهراڻي سان سندس ديرينه دوستانه تعلقات هئڻ سبب، راقم الحروف سان نهايت شفقت ۽ محبت سان ملندو هو ۽ بارها پنهنجي زندگي جي تجربن جا مثال بيان ڪندو رهندو هو، جن ۾ هڪ وڏو سبق ۽ وڏي نصيحت هوندي هئي. هو هڪ درويش صفت انسان هو جنهن پنهنجي ملڪيت جو گهڻو حصو ماڻهن جي خدمت ۽ دوستن جي مهمان نوازي ۾ خرچ ڪيو. سکر شهر جي نزديڪي ماضيءَ جي پوين بزرگن ۽ قومي ڪارڪنن مان مرحوم خان پويون فرد هو، جنهن شهر ۽ سنڌ جي ماڻهن جي بي بها خدمت ڪئي. سياسي زندگيءَ کان علحدگي حاصل ڪرڻ کان پوءِ مرحوم خان سال جو گهڻو حصو ڪراچي، ڪوئيٽه ۽ حيدرآباد ۾ گذاريندو هو ۽ سکر ۾ سندس موجودگيءَ جي وقت ۾ سندس بنگلي تي دلچسپ ڪچهري لڳندي هئي. هي قومي اڳواڻ 11 ڊسمبر 1960ع ۾ پنهنجي بنگلي ”خدا داد هائوس“ ۾ رحلت ڪري ويو. سندس پوين مان خان عبدالوهاب خان نوجوان سکر جو هڪ قومي ڪارڪن ۽ سوشل ورڪر آهي.
(ماهوار نئين زندگي، سيپٽمبر 1962ع تان ورتل)