شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

هڪ اهڙو انسان-گربخشاڻي

1941ع ۾ ڪراچي ڪاليج ۾ داخلا ورتم، ان زماني ۾ سنڌ ۾ فقط ٽي ڪاليج هئا. هڪ شڪارپور ۾، ٻيو حيدرآباد ۽ ٽيون ڪراچيءَ ۾. ڪراچي ڪاليج انهن ٻنهي ڪاليجن مان جهونو ۽ وڏو ڪاليج هو، جنهن ۾ سائنس ۽ آرٽس شعبن تي مڪمل انتظام هو ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي نالي سان مشهور هو. انهن سڀني ڪاليجن جو بمبئي يونيورسٽي سان الحاق هو. ان زماني ۾ سنڌ جيتوڻيڪ هڪ علحده صوبو بڻايو ويو هو، ليڪن اڃا الڳ يونيورسٽي قائم ڪانه ٿي هئي. ڪاليج جا سمورا امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ جي پروگرام ۽ هدايتن موجب منعقد ڪندا هئا. امتحان جا پيپر ست سمنڊ پار ويندا هئا ۽ نتيجو سختيءَ سان ڪڍيو ويندو هو. مئٽرڪ جي امتحان جو ساڳيو حال هوندو هو.
مان ڪاليج ۾ بلڪل اجنبي ۽ نووارد هوس. منهنجي ڪلاس ۾ سکر جو ڪوبه شاگرد ڪونه هو. ڊگري ڪلاسن ۾ البت سکر جا پنج ست شاگرد هئا. پروفيسرن سان به ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئي. اسان جي فئڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر گربخشاڻي هو. هُو هڪ مشهور محقق ۽ معروف اديب هو جنهن ڪري مان سندس نالي کان اڳ ئي واقف هوس. چند ڏينهن کانپوءِ پنهنجي ڪلاس جي شاگردن سان ڏيٺ ويٺ ٿي جن مان گهڻي تعداد جو تعلق اندروني سنڌ سان هو. ڪلاس جو ڪم باقاعده شروع ٿيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي پهرئين ڏينهن انگريزيءَ جي پيرڊ وٺڻ لاءِ اسان جي ڪلاس ۾ آيو. ڪلاس ۾ سٺ کان مٿي شاگرد هئاسون. ڊاڪٽر صاحب تعارف ڪرائڻ کانسواءِ ئي ڪم شروع ڪري ڏنو، انگريزيءَ ۾ ڄڻ بحر بيڪران هو، سندس ليڪچر نهايت پر لطف نظر آيو ۽ پيرڊ جي سموري وقت ۾ سندس چهري تي سنجيدگي هئي، جنهنڪري ڪلاس ۾ پڻ نهايت خاموشي هئي. سندس تلفظ انگريزي نوع جو هو، جنهنڪري سندس ڪيترا لفظ اسان جي سمجهه کان ٻاهر هئا. سندس پهرئين ليڪچر ئي منهنجي دل تي هڪ اهڙو تاثر ڇڏيو جو سموري زندگيءَ تائين رهندو. هو انگلينڊ ۾ رهيو ۽ ڪيترن تاريخي مقامات کي هن اکين سان ڏٺو هو، جنهنڪري هو اهڙين جاين جو نقشو پنهنجي ليڪچر ذريعي اهڙي نموني چٽيندو هو ته اسان جي دلين تي نقش ٿي ويندو هو. هو هڪ وڏو معلم هو. هڪ دفعي سبق ۾ ويسٽ منسٽر ايبي جو ذڪر آيو، جنهن کي هن اهڙي دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو ڄڻ اها جڳهه اسان جي اکين جي آڏو هئي. ايبي هڪ قديم ديول آهي جنهن کي انگلينڊ جي حڪومت وڌائي خوبصورت بڻايو آهي. اتان جون عمارتون ۾ نهايت خوبصورت ڪاريگريءَ جو مظهر آهن.
اسان جي سنگت ۾ ڏهه ٻارهن شاگرد شامل هئا جي گهڻو ڪري جسم جا جانٺا ۽ قد ۾ قداور هئا. استادن سان به رفته رفته دعا سلام جي واٽ ٿي ويئي. اسان جي سنگت جي هر هڪ ۾ ڪا نه ڪا خوبي ضرور هئي، جنهن ڪري اسان جي پارٽيءَ کي مضبوط سمجهيو ويندو هو. ڪلاس جون پويون بئنچون اسان لاءِ مخصوص هونديون هيون. ڪلاس ۾ گڏ، لان ۾ ڪٺا، لابيءَ ۾ گڏ ۽ ايراني ريسٽورنٽ ۾ ڪٺا. اسان جي ڪلاس جي پويان گرلس ڪامن روم هو. انٽر تائين ڇوڪرين جا ڪلاس هوندا هئا. ڪامن روم جي دروازي وٽ اسٽول تي پٽيوالي وهندي هئي. هوءَ رنگ جي ڪاري، بدن جي ٿلهي، عمر جي ڪرڙوڍ، سفيد ساڙهي ۾ ملبوس، وات ۾ اڪثر پان جو ٻيڙو ڏيو ويٺي هوندي هئي. هوءَ هميشه چوڪس نگاهن سان چوڪيداريءَ جو فرض ادا ڪندي هئي. اسان آهسته آهسته سان عليڪ سليڪ رکي سين ۽ اسان کيس چوڄ مان ماسي چوندا هئاسون. هوءَ شرارت آميز نظرن سان اسان جي ماسي چوڻ تي مشڪندي هئي، ليڪن هئي نهايت سخت ۽ زبردست. ڇوڪرين تي به حڪم هلائيندي هئي. اسان رسيس ۾ پنهنجي ڪلاس جي ٻاهران لابيءَ ۾ قطار ڪري بيهندا هئاسون. ڇوڪريون مختلف ڪلاسن مان نڪري پنهنجي ڪامن روم ڏانهن وينديون هيون. اسان جو دوست چوهڙ ميرچنداڻي ڇوڪرين جي هر جٿي جي آجيان لاءِ ”اٽينشن“ جو نعرو هڻندو هو ۽ ان کانپوءِ سندس سائيٽ ليفٽ جي صدا تي اسان سڀ گڏجي ”رائيٽ ليفٽ“ دهرائيندا هئاسون، ماسي اسان جي ڪارڪردگيءَ مشڪوڪ ۽ شرارت آميز نظرن سان ڏسندي هئي. هوءَ ڪجهه به نه چوندي هئي. هوءَ جهانديده عورت هئي. اسان کي ڄاڻي واڻي پرکيندي هئي. اسان غلط فهميءَ ۾ مبتلا رهياسين جو روز کيس وارو پان کارائيندا هئاسون.
هڪ ڏينهن اسان ليفٽ رائيٽ جي دستوري ۾ مصروف هئاسون، ماسي اوچتو ئي اوچتو ڊاڪٽر صاحب کي وٺي اچي اسان جي مٿان ڪڙڪي. ٻيا ته سڀ ڇڙوڇڙ ڀڄي وياسون، چوهڙ ۽ شون ڦاسي پيا، جن کي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي آفيس ۾ وٺي ويو. گهڻي تنبيهه کانپوءِ کين زباني رسٽيڪشن جو آرڊر مليو. اسان ڪاليج جي سامهون اچي ريسٽورنٽ تي يارن جي فيصلي جي انتظار ۾ ويٺا هئاسون هو به کن پلڪ ۾ اتي اچي سهڙيا ۽ سموري روداد کان آگاه ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت اسان تي پوريءَ طرح اثر انداز هئي. عزت و محبت سان گڏ خوف ۽ خطري جا گڏيل سڏيل جذبات اسان جي دلين تي هئا. ريسٽورانٽ ۾ لائين آف ائڪشن سوچڻ ويٺاسون. ڪلاس ۾ ڪونه وياسون. آخر ۾ فيصلو ڪيوسون ته ٻئي ڏينهن صبح جو ڊاڪٽر صاحب کان معافي وٺنداسون. ٻئي ڏينهن صبح جو پروگرام موجب هوٽل ۾ گڏ ٿياسون. ڪنڌ هيٺ ڪري ڊاڪٽر صاحب جي آفيس جي ٻاهران پهتاسون. دلين ڌڙڪڻ شروع ڪيو. ڪاليج ۾ ڊاڪٽر صاحب جو وڏو ڏهڪاءُ هو. آفيس ڏانهن ماسيءَ کي ايندو ڏسي اسان کي ڦڦڙي وٺي ويئي، ليڪن ماسي مشڪندي هيڊ ڪلارڪ ڏانهن هلي ويئي. ڊاڪٽر صاحب جو چپراسي به ماسيءَ جي مان هو. اسان پوڙهي چپراسيءَ کي ميڙ منٿ ڪري ڊاڪٽر صاحب ڏانهن موڪليوسون. اسان کي اندر اچڻ جي اجازت ملي. ڊاڪٽر صاحب کي ڏسي اسان جا انگريزيءَ ۾ ٻه چار ياد ڪيل جملا به وسري ويا. چپ ڇوڏا هڻي ويا هئا. ڊاڪٽر صاحب منهن مٿي ڪري انگريزي ۾ پڇيو ”ڇا گهرجي؟“ سندس ڀاري آواز اسان جا ڏيل ڏڪائي ڇڏيا. هڪ دوست همت ڪري سنڌيءَ ۾ ماجرا بيان ڪئي. کيس ڏاڍي ڪاوڙ هئي. خبر نه آهي چپن ۾ ڇا ٿي ڀڻ ڀڻ ڪيائين. اسان ڪنڌ نوڙائي بيهي رهياسين. اسان جي سعادت تي شايد کيس قياس اچي ويو. انگريزيءَ ۾ چيائين ته آئنده ڪو لابيءَ ۾ نه بيهي.
اسان کي معافي ملي ويئي. نهايت خوشيءَ ۾ کيس سلام ڪري پنهنجي ڪلاس ۾ آياسون. لابيءَ ۾ اسان جي داخلا ممنوع قرار ڏني ويئي، رسيس ۾ بلڊنگ جي ٻاهران بيهڻ بي معنيٰ هو. مونکي سڀني سنگتين چيو ته ڪو گيت ٺاهه. رسيس ۾ ڪلاس جي اندر ڳائينداسون. قواليءَ جي ڌن تي هڪ غزل تيار ٿي ويو. اسان جا ٻه ٽي يار نهايت سريلا هئا، پرئڪٽس شروع ٿي وئي. ڇوڪرين جو لنگهه اسان جي ڪلاس وٽان هو. شعرن ۾ اڪثر پابندي جي خلاف احتجاج هو. درين ۽ دروازن کان ڇوڪريون ايندي ويندي اسان جي حالت زار کان واقف ٿيڻ لڳيون، سندن چهرن تي همدرديءَ جا آثار هئا، هو به ماسيءَ جي سلوڪ کان نالان هيون، ليڪن کانئس ڊڄنديون هيون. ٿلهي پٽيواليءَ کي شون ڪڏهن ڪڏهن پان پيش ڪندو هو. اسان سندس اهڙي برتاءُ تي ناراض هئاسون، ليڪن هو ”مصلحت“ جو لفظ چئي خاموش ٿي ويندو هو. ماسي اسان سان به کلي ڳالهائيندي هئي، ليڪن هئي اسان جي بدترين مخالف. اسان جي راڳ جي پرئڪٽس زورن تي هئي. ٿورن ڏينهن ۾ اسان چڱا چوکا قوال بنجي پياسون. رسيس ۾ اسان جو ڪلاس سنگيت وديالو ٿي پيو هو. تاڙين جو ڦهڪو لڳو پيو هوندو هو. ماسيءَ ڏٺو ته لابيءَ ۾ ايندي ڇوڪرين کي به اسان جي آواز تي بريڪ ٿي لڳي ويو ۽ هو دريءَ کان بيهي اسان جي ڪارڪردگي ڏسنديون هيون. ماسي هنن تي ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيندي هئي. هڪ ڏينهن ڊاڪٽر صاحب ڪلاس ۾ اچي پهتو. ڪلاس ڀريل هو، اسان ته ڀڄي جان ڇڏائي، چار پنج تماشبين شاگرد پڪڙجي پيا، جن پنهنجي بچاءُ خاطر اسان جي پارٽي جي ستن اٺن ڇوڪرن جا نالا ڊاڪٽر صاحب کي ٻڌايا، اسان ته وڃي ايراني ريسٽورنٽ ۾ پناهه ورتي. ٻئي ڏينهن نوٽس بورڊ تي اسان جا نالا موجود هئا ۽ اسان کي رسٽيڪشن جو آرڊر هو، اسان جي پوري پارٽي ڪاليج ڇڏي هوٽل ۾ آئي، ليڪن ڊاڪٽر صاحب متعلق ڪنهن به ڪو ريمارڪ پاس نه ڪيو.
پنج ڇهه ڏينهن سوچڻ ۾ گذري ويا، ڪو حل نظر نٿي آيو. هڪ ڏينهن هوٽل ۾ ويٺا هئاسون ته ڊاڪٽر صاحب برنس روڊ جي فٽ پاٿ تان لنگهيو. اسان بنا ڪنهن پروگرام ٺاهڻ جي سندس پٺيان لڳي پياسون. ڊاڪٽر صاحب ڪجهه نه ڪجهه اسان کي سڃاڻڻ لڳو هو، جو اسان ڪلاس جي پوئين بئنچن تي نمائنده طور وهندا هئاسون. اسان جي غير موجودگيءَ ۾ بئنچون اجڙجي ويون هيون، ڊاڪٽر صاحب اسان کي ڏسي فٽ پاٿ تي بيهي رهيو، سندس چپن تي هلڪي مشڪ هئي، تڏهن به با رعب لهجي ۾ پڇيائين ”ڇا گهرجي؟“ اسان سڀني يڪ آواز ٿي چيو ”معافي“ اسان کان چڱي چال جو وعدو ورتائين ۽ ڪاليج ڏانهن هليو. اسان به رعب سان ڪلاس ۾ داخل ٿياسون. ڊاڪٽر صاحب پڻ اهو پهريون آرڊر منسوخ ڪيو ۽ اسان جي معافي جو پروانو نوٽس بورٽ تي لڳي ويو، اسان هن کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب جي آفيس سامهون لان ۾ ويهڻ شروع ۾ ڪيو، ليڪن زندگي بي مزي بڻجي پيئي. هن طرف ڪوئي ڪونه ايندو هو، اتفاق سان ڪا ڇوڪري ڊاڪٽر صاحب جي آفيس ڏانهن ڪنهن ڪم سان ايندي هئي. اسان جون اکيون اداس رهڻ لڳيون، ڪاليج بند ٿيڻ کانپوءِ فٽ پاٿ تي ترسي ڇوڪرين کي ڏسڻ اسان جي اصولي ڪتاب موجب قبيح فعل هو.
اسان جا گهڻا استاد اسان کي پسند ڪندا هئا. ڪم جا به برجستا هئاسون، هر ڪنهن تقريب ۾ اسان جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون هيون، آخر لاچار ٿي هڪ ٻيو پروگرام رٿيو سون. مون هڪ اردو ڊرامي جو ترجمو ڪيو. پروفيسر پنجواڻي جون همدرديون شامل حال هيون، مسودو ان کي ڏيکاريوسون، جنهن ڏاڍي تعريف ڪئي. اسان کيس عرض ڪيو ته ڪاليج جي طرفان اهو ڊرامو اسٽيج ڪجي، هن يڪدم حامي ڀري ۽ ڊاڪٽر صاحب کان اجازت جو پروانو حاصل ڪيائين. اسان جي ڄڻ الله پڄائي، شام جو ڪاليج جي ڪلاس ۾ گڏ ٿي ڊراما جي ريهرسل شروع ڪئي سون، مکيه پارٽ پاڻ ۾ ورهائي کنياسون. نوٽيس بورڊ تي نوٽيس لڳائي ڊراما جي جي مشهوري ڪئي سون، ڊرامي ۾ حصي وٺڻ لاءِ نوٽيس ذريعي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي آگاه ڪيوسون، پنج ست ڇوڪريون سليڪشن بورڊ جي آڏو پيش ٿيون، اسان چونڊ ڪري ڇوڪرين کي به شامل ڪيوسين، ڇوڪريون به پنهنجين سهيلين سان گڏجي ريهرسل لاءِ اينديون هيون، ان کانسواءِ ٻيون ڪيتريون ڇوڪريون پي.ٽي ختم ڪرڻ کان پوءِ اسان جي ريهرسل ڏسڻ اينديون هيون، اسان جو انهي نموني ڇوڪرين سان رابطو قائم ٿي ويو، ڏينهن جو ڪاليج جي وقت ۾ به هو اسان سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳيون، ماسيءَ لاءِ اهو هڪ معمو بڻجي پيو، ليڪن هوءَ به شيطان جي ناني هئي، آخر هڻي هنڌ ڪيائين، خبر تڏهن پيئي جو ڊاڪٽر صاحب جي حڪم سان ريهرسل بند ۽ ڊراما پروگرام ڪئنسل.
پهريون سال گذري ويو، ٻئي سان سنڌي ادبي سرڪل جو بنياد رکيو ويو، ڊاڪٽر صاحب وٽ وفد جي صورت ۾ وياسون ڪاليج ۾ اردو سرڪل ۽ گجراتي سرڪل اڳي ئي موجود هيون، ڊاڪٽر صاحب اسان جي تجويز جو خيرمقدم ڪيو ۽ نهايت خوش ٿيو، اسان کي سندس سرپرستيءَ جو يقين ٿي ويو ۽ اهو اسان جي مجلس عامله جي ٺهراءُ موجب سرڪل جو صدر بڻيو. ۽ مونکي متفقه طور سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، هڪ شام سنڌي سرڪل طرفان ڊاڪٽر صاحب کي مهمان خصوصي بڻائي دعوت ڪئي ويئي. ڊاڪٽر صاحب مقرر وقت تي پهچي ويو. پروفيسر پنجواڻيءَ کيس سرڪل طرفان سپاسنامو پيش ڪيو. جواب ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌيءَ ۾ تقرير ڪئي، اها سندس سنڌي زبان ۾ پهرين ۽ پوئين تقرير هئي. هونءَ هميشه ڊاڪٽر صاحب انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندو هو. انهيءَ سنڌي تقرير اسان جي دلين تي هڪ ديرپا اثر ڇڏيو. تصوف جا باريڪ نڪتا، عربي ۽ فارسيءَ جون چوڻيون ۽ بيت اهڙي خوش اسلوبيءَ سان بيان ڪيا جي دل تي هڪ نقش بڻجي پيا. شاگرد جي ذمه داريءَ کان به هن آگاهه ڪيو ۽ سرڪل جي ٺهڻ تي اسان کي مبارڪ پيش ڪئي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مصروفيت جو اظهار ڪندي سنڌي سرڪل ۾ پروفيسر پنجواڻيءَ کي پنهنجي طرفان صدر مقرر ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب بي. اي (آنرس) ۽ ايم اي جي شاگردن کي فارسي پاڙهيندو هو. مونکي وري ايم. اي ڪلاس ۾ سندس آڏو ويهڻ جو موقعو مليو. ان زماني ۾ ڊاڪٽر صاحب پرنسپل بٽاڻي جي رٽائر ڪرڻ تي پرنسپال مقرر ٿيو. ايم اي جو ڪلاس پنهنجي آفيس ۾ وٺندو هو. هو اسان کي مثنوي مولانا روم پڙهائيندو هو. سندس شعر پڙهڻ جو لب و لهجو ۽ اسلوب ۽ خالص ايراني هو. هو پنهنجي ڦرڻي ڪرسيءَ تي شعر ڏيندي ڄڻ وجد ۾ اچي ويندو هو. پڙهڻ ۾ ايترو مستغرق ٿي ويندو هو جو کيس دنيا ومافيها جي ڪا خبر نه هوندي هئي. سندس پر لطف لهجو اسان تي ڄڻ هڪ جادو جو ڪم ڪندو هو. ڪلاس ۾ 7 کن شاگرد مس هئاسون جن ۾ ڇوڪريون به هيون. ڊاڪٽر صاحب جي تشريح ۽ تبصري مان لطف اندوز ٿيندا رهياسون. اسان جو شعور به ڪافي مضبوط ٿي چڪو هو. اسان ڊاڪٽر صاحب جي علمي بصيرت ۽ ادبي مهارت جو بخوبي اندازو لڳائي سگهندا هئاسون. اسان اڃايلن وانگر هن جي پيرڊ ۾ ويندا هئاسن ۽ ترو تازه ٿي وٽانئس نڪرندا هئاسون. ڊاڪٽر صاحب جو پيرڊ 45 منٽن جي بجاءِ 70 ۽ 75 منٽن جو رهندو هو. نه کيس گهنٽي لڳڻ جي خبر نه پوندي هئي ته اسان ڪڏهن محسوس ڪيو. اسان جو شوق روز بروز تيز ٿيندو رهيو. تشنگي وڌندي رهي. قريباً ٻه سال گذرڻ تي اسان امتحان لاءِ تياري شروع ڪئي اوچتو ڊاڪٽر صاحب جي بيماريءَ جي خبر پيئي ۽ ٿورن ڏينهن کانپوءِ سندس بيوقت موت جو اطلاع اسان لاءِ هڪ دردناڪ واقعو ۽ الم ناڪ حادثو بڻجي پيو. مون سنڌي سرڪل جي ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ هڪ عظيم شخصيت کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. اها ئي سنڌي سرڪل جي آخري ميٽنگ هئي. ان کانپوءِ نه اسان رهياسين ۽ نه سنڌي سرڪل.
هو هڪ عظيم شخصيت جو مالڪ هو. جنهن علم ۽ ادب جي خدمت لاءِ پنهنجي سموري زندگي وقف ڪري ڇڏي. هن جي لاءِ انسان انسان هو. هن ۾ ڪنهن قسم جو تعصب نه هو هن جي سيني اندر هڪ دردمند دل هئي. هن جي دل ۾ سڀني صوفياء ڪرام ۽ شعراء لاءِ وڏو احترام هو. جن جا نالا نهايت عزت سان وٺندو هو ۽ انهن جي عظمت جو قائل هو. مولانا رومي جو عاشق هو. شاهه عبداللطيف جو پروانو هو. انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف جي مقالي لکڻ ڪري هن لنڊن يونيورسٽي مان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. هو شاهه لطيف جو وڏو ۽ پهريون شارح هو. ”لواري جا لعل“ ۾ هن سنڌي بزرگن جي حالات ۽ سوانح کي قلمبند ڪيو آهي. سندس ناول نورجهان نالي نهايت مقبول رهيو آهي.
هو پنهنجي عادت ۽ اقوال جي اعتبار کان صوفي منش هو. هڪ اهڙو انسان جنهن انسانيت جو سبق ڏنو ۽ انسانيت جو مان مٿي ڪيو. جنهن مان ڪنهن به انسان کي دانسته يا نادانسته نقصان ڪونه پهتو. هر ڪو سندس عزت ڪندو رهيو ۽ آئنده به ڪندو رهندو.

(رهبر ڊائجيسٽ، 1973ع تان ورتل)