شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

شيخ اياز سان ٻه گهڙيون

ڪجهه ڏينهن ٿيا، غالباً ڊسمبر جو ٻيو هفتو هو، سکر تي ڪوئيٽه جي برفاني ٿڌ جي لهر جو غلبو هو. شهر ۾ هڪ اڌ ڏينهن کان هر ڪو ماڻهو ويڙهيل سيڙهيل ٿي نظر آيو. صبح جو مان دستور موجب تياريءَ ۾ مصروف هوس ته فون جي گهنٽي وڳي، دل ۾ چيم ڪير ٿو اٿي. وڄي وڄي بند ٿي ويندي. ساڍن ستن جو وقت، ڄڻڪ ڪمري ۾ پارو ٿي ڪريو. پر گهنٽي لڳاتار وڄندي رهي، مجبوراً اٿيس. رسيور کنيم ته اياز صاحب جو آواز ٻڌم.”اڄ شڪار تي هلنداسين، منجهند جو تيار رهجانءِ“ فون بند ٿي ويو. چون چرا جي ڪا نه گنجائش هئي“. حڪم حاڪم مرگ مفاجات“ جي مصداق چپ رهڻ کانسواءِ ٻيو رستو به ڪونه هو. ”مان ۽ شڪار“ مان پاڻ کي حيرت مان ڏسي رهيو هوس. ڪابه مناسبت نظر ڪانه آئي. نوڪريءَ تان واپس اچڻ تي تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿيڻ لڳس. پينٽ، ڪوٽ، سوئيٽر ۽ مفلر مٿي تي ٽوپي به کپائي رکيم. ٿڌ جو زمانو هو، تنهنڪري ٿڌ جي هر حملي جي مقابلي لاءِ تيار رهڻو هو. پوڻين ٽين بجي ڌاري اياز صاحب پنهنجي ٽوئٽا ۾ اچي مون وٽ پهتو. کيس بدن تي هلڪي گيڙو رنگ جي شلوار ۽ ڪرتو پيل هو، ڪرتي جي مٿان سائي رنگ جو بند گلي جو سوئيٽر پيل هئس. پيرن ۾الا جي ڪهڙي جانور جي کل جو ٿلهي تري وارو گهيتلو. صحت جي اعتبار کان هو مون کان وڌيڪ تندرست ۽ جسماني لحاظ کان هو مون کان وڌيڪ ڳورو ۽ مضبوط آهي. سامهون بندوق رکيل هئي. چيو مانس ” ير! شاعر ۽ بندوق، ڪيڏو نه تضاد آهي“ جواب ڏنائين ”بندوق ڪير ٿو هلائي، آئوٽنگ ٿي ويندي. مشين وانگر ڪم ڪري ٿڪجي پيو آهيان.“ مون پڇيو ”ڪيڏانهن جو ارادو آهي؟ “ڪيترن ڏينهن کان ستار ٿي دعوت ڪئي، فرصت ڪانه ٿي مليم، شڪار کائڻ جو ته تون به شوقين آهين.“ ”پر مارڻ جو هر گز نه آهيان.“ ”تنهنجو حال به ڪجهه اهڙو ئي آهي.“
ستار چوهاڻ سندس جونيئر پارٽنر آهي. جڏهن مان روهڙي ڪاليج جو پرنسپل هوس ته هو اتي ليڪچرار هو. ٻيو ته هن جي وڏن سان به منهنجي چڱي ڏيٺ ويٺ آهي، جنهن ڪري دلجاءِ ٿيم ته اوپرن وٽ نٿا هلون. اياز چيو ”عابد کي به چيو اٿم، ان وٽ ٿا هلون.“
ستار پنهنجي اسڪوٽر تي اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. عابد نوجوان شاعر آهي. هو نهايت پيارو نوجوان آهي. بيحد خوش خلق ۽ سنجيدو، شعر جي ٻن ڪتابن جو مصنف آهي. عابد صاحب به اسان سان گڏ موٽر ۾ روانو ٿيو ۽ ستار پائلٽ جو فرض ادا ڪيو. ڏهاڪو کن ميل پڪي رستي تان مسافري ڪندي اچي ڪچي ڊاٻ ۾ پياسون. موٽر گس ۾ لٽجي ويئي. اياز کي پنهنجي موٽر تي قياس اچڻ لڳو. سڏ پنڌ مسافريءَ کان پوءِ ڳوٺ ۾ پهتاسون. اياز موٽر تان لهڻ جو حڪم صادر فرمايو. چار- پنج جوان بندوقن سان اسان جي استقبال لاءِ بيٺا هئا. انهن مان ڪجهه منهنجا ڏٺل وائٺل هئا. عبدالحق منهنجي ڪاليج جي دور ۾ شاگرد هو. مڙس ماڻهو آهي سو فيصدي سنڌي آهي.
موٽر تان لٿاسون. ميزبانن اسان جي آجيان ڪئي. اياز صاحب چيو ”ڪٿي آهي ڍنڍ“ ڪنهن چيو ”ٻن-اڍائن فرلانگن تي“ مون چيو ”اياز صاحب! مان هتي اوطاق تي ٿو آرام ڪريان، اوهان ڀلي شڪار ڪري اچو. “ ير! عجيب آهين. تو بنان ڪهڙو مزو، ٻن اڍائن فرلانگن لغور ڪري ڇڏيئه“ مون چيو ”خوف ٿو ٿئيم ته ٻه فرلانگ چار ميل نه بڻجي پون“. اياز کي پنهنجن ميزبانن جي ڪٿ تي اعتبار هو، پر مون کي يقين ڪونه آيو. لاچار سندس اصرار تي هلڻو پيو. ٿڌ جي لهر ۽ ڊاٻ جو پنڌ ويهن وکن تي بوٽ ۾ مٽيءَ جا ٻُڪ پئجي ويا ۽ ڪاري پينٽ جا پائچا ميرانجهڙا ٿي ويا. فالج جي ڪري کاٻي پير ۾ اڃا تائين طاقت ڪانه اٿم، تنهنڪري ٿڙندو ٿاٻرندو، ڪنجهندو ۽ ڪرڪندو اياز صاحب جي قافلي جي ڪڍ هليس. اياز جي ڊرائيور ڊينگل جي سهاري هلندو رهيس. اياز هرڻ وانگر ڇال ڏيندو قافلي جي وچ ۾ چهڪندو ٿي هليو. رڙ ڪري چيائين ”زنانو بوٽ پاتو اٿيئي، ڪيئن هلي سگهندين؟ ڏسين ٿو هي جابلو چمپل شيرو مريءَ جي سوغات!“ ڊاٻ جو پنڌ پورو ٿيو، بچاءَ بند تي چڙهياسون. مٽي ۽ ڊاٻ کان الله امان ڏني. ٽاپ تي ڪٿي ڪٿي ڪنڊا هئا ۽ ڪٿي کرڙ کٻ اهو پنڌ غنيمت هو. مان پنهنجي رفتار موجب ٿي هليس تنهنڪري قافلي کان گهڻو پوئتي رهجي ويس، پر ڊينگل منهنجو وفادار ساٿي هو. اڳتي نظر اڇلايم ته اياز صاحب قافلي جي وچ ۾ اوڪڙو ويٺو هو. جابلو چمپل جي وٿيءَ مان اياز جي پير ۾ ٻاٻرو ڪَنڊو چڀي ويو هو. مان به وڃي سندس ويجهو پهتس. چيو مانس ”اهو پهاڙي گهيتلو جبلن تي ٽپڻ ڏيڻ لاءِ آهي. سنڌ جي سر زمين جي نرمي جابلو کي ڪيئن ڀانءِ پوندي.“ جواب ڏنائين ”تنهنجي نظر لڳي اٿم.“ مون عرض ڪيو ”ٻن فرلانگن ته منهنجو لاهه ڪڍي ڇڏيو آهي، منزل اڃا به اکين کان گهڻو ڏور آهي.“ ان وقت اياز چمپل مان مٽي ٿي ڪڍي. ڀانئيان ٿو ٻه ميل کن ٽاپ تي پنڌ ڪيوسي. قافلو مون کان وري پري ٿي ويو هو. ٽاپ جو پنڌ پورو ٿيو هو. اياز صاحب جو قافلو هڪ لاهي لهڻ لڳو ٻن منٽن کان پوءِ هو اکين کان اوجهل ٿي ويا. اسان به وکن کي تيز ڪيوسين متان قافلو جهنگ ۾ اکين کان گسي وڃي ۽ اسان ڀٽڪندا رهون. اسان به جهٽ پلڪ کان پوءِ ٻيلي ۾ لٿاسون. بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌاسون ڪي همراهه اسان کان اڳ شڪار جو شغل ڪري رهيا هئا. جهنگ جو پنڌ سڀني پنڌن کان وڌيڪ ڏکيرو هو. اياز کي پنهنجي ڪچهري جي ورونهن ۾ شايد ڪا پروڙ ڪانه ٿي پيئي، پر سندس رفتار به ٿاٻڙجڻ لڳي هئي. مون ته گهڻيئي ٿيڙ ٿي کاڌا، دڙا دڪيون، کڏون ۽ کوٻا، ٻٻر ۽ ڪنڊا، اڌ ميل جي مسافريءَ کان پوءِ ڍنڍ جي ڪناري تي پهتاسون. ميزبان جهنگل ۾ منگل بڻايو هو. ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي گلم وڇايل هو، جنهن جي مٿان پنج-ڇهه ڪرسيون رکيل هيون. ميوي جي ٽوڪري، مٺائيءَ جو ٿالهه، ڪيڪ ۽ بسڪوٽ، ٻه چار همراهه سامان جي سنڀال لاءِ مامور هئا. پنج ڇهه حلال ڪيل ديسي پکي تڏي تي رکيل هئا ۽ همراهن جي بندوقن جا ٺڪاءَ به سڻاوا ٿي ٻڌڻ ۾ آيا. اياز به پنهنجي ڊرائيور کي حڪم ڪيو جنهن پڻ بندوق سنڀالي ۽ ٻن ساٿين سان گڏجي شڪار جي جاءِ ڏانهن روانو ٿيو. سج لهڻ ۾ ڪو اڌ ڪلاڪ بچيو هو. اياز ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. همراهه ٿڪل ٿي نظر آيو پر سچي ڪانه ٿي ڪيائين، مان به آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيس. عابد صاحب منهنجي ڀر ۾ ٻيءَ ڪرسيءَ تي ويٺل هو.
اياز ڍنڍ جي پاڻيءَ کي ڏسي رهيو هو ۽ پرينءَ ڀر جي ننڍڙن وڻن کي هو ڍنڍ جو پاڻي ڏسي مست ٿي رهيو هو ۽ مان سيءَ جي لهر محسوس ڪندي سست بڻيو ويٺو هوس. البتو عابد چست ٿي نظر آيو. اياز قدرتي نظارن جي واکاڻ ڪري رهيو هو. سندر بن جي ڳالهه، سوات جو ذڪر، ڀارت جي مناظر جو اذڪار، سج ٻُڏي تري رهيو هو. آسمان جي ڪُنڊ تي روشنيءَ جو ڳاڙهو کينهو ٿي نظر آيو. پر سيءَ جي ڪري منهنجن ڪَنن ۾ سيٽيون وڄي رهيون هيون. عابد ۽ ستار غور سا اياز جي فنڪارانه گفتگو جو لطف وٺي رهيا هئا. مان چانهه جي تاڙ ۾ هوس پڇيائين ”ڇا ٿو سوچين؟“ جواب ڏنم، ”ڪَنن ۾ سيٽيون ٿيون وڄن سو ٿو سمجهان“ وڏو ٽهڪ ڏنائين ”تنهنجو علاج ساڻ اٿم. انيس تو لاءِ اجرڪ ۽ مفلر ڏنو ته چيو هئائين چاچا ڪمزور آهي، تنهنڪري هن جو خيال ڪجو“ مون چيو ”پٽ پيءَ کان وڌيڪ ذميدار ۽ سمجهو آهي وڏي غنيمت آهي، مون کلي اجرڪ بدن سان ويڙهيو ۽ مفلر مٿي سان ٻڌم. ڪنن جون سيٽيون ڍريون ٿيون. همراهن ڍنگرن مان باهه جو مچ ٻاريو. بدن جو سيئاٽو گهٽ ٿيو، ورنه اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڪلفي ٿي وڃان ها. اياز ڄڻ فطرت جو نقاش بڻجي پيو هو. ڍنڍ جي ٻيءَ ڪنڌيءَ تي آدم قد وڻن جا پاڇا واقعي ڍنڍ جي پاڻيءَ کي دلڪش بنائي رهيا هئا. مان به اياز جي فنڪاريءَ کان لطف اندوز ٿي رهيو هوس. ڪاري رات سان گڏ ٿڌ به وڌڻ لڳي هئي. عابد، ستار، هادي بخش ۽ عبدالحق، اياز جي عالمانه ۽ فلسفانه گفتگو کان محظوظ ٿي رهيا هئا. مان وري ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويس. پڇيائين ”شيخ صاحب ڪهڙي سوچ ۾ آهيو؟“ مون چيو ”ڪڏهن واپس وربو“. ”ڪراڙپ بد ذوق ڪري رکيو اٿيئي. ههڙا نظارا ڪٿي ملندءِ. سنڌ، برصغير جي سڀني علائقن کان وڌيڪ خوبصورت اٿيئي.“ ايتري ۾ چانهه تيار ٿي آئي. چانهه پيئڻ کان پوءِ سرت ۾ آيس. ٺهي ٺڪي ويٺس ۽ اياز جو موڊ به صاف ٿي ويو.
هو سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي ماهيت ۽ وسعت جو ذڪر ڪري رهيو هو. سنڌي ٻولي سچ پچ وڏي ۽ وسيع ٻولي آهي. اها نه فقط مائيدار آهي پر جاندار به آهي. مون به ان بحث ۾ اڌ ڪلاڪ کن حصو ورتو. هادي بخش تفنن طبع لاءِ پنهنجي شاعريءَ جا ٻه چار بيت به دوران گفتگو ٻڌائي ڇڏيا. محسوس ڪيم ته ڀڙ ڀينگ ۽ اوندهه انڌوڪار ۾ آهيان. موسم واقعي دلفريب هئي ۽ اياز جي جاذب شخصيت سامهون هئي. عابد جي سلڇڻي صورت ڀرسان هئي، ستار جي مظلوم شڪل پوئتان هئي، پر مان پنهنجي بدن جي رت پت جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان. سڀني وٽ گرم رت هئي. اياز وٽ مصنوعي گرمي هئي، مان وٽ قدرتي ٿڌاڻ هئي، ڪوئيٽا جي سرديءَ جي لهر کيس ٿڌو ڪري ڇڏيو هو. منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز ڍنگهرن جي باهه جو ڀنڀٽ هو، نه اياز جي فنڪاري ۾ دلڪشي هئي نه اياز جي شاعري ۾ دلفريبي. اياز ڄڻ رات رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. سج لهڻ کي ڪلاڪ گذري ويو هو. پکي پکڻ، جيت جڻيو مطلب الله جي سموري مخلوق ٿانئيڪي هئي. رڳو شاعر اياز جو قافلو ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي سرديءَ جي لهر سان پيو لڙايون ڪري. ادب ۽ مروت کان ڪو سچي نه پيو ڪري ورنه سڀني جي اندر ۾ ڏڪ ڏڪ هئي.
مان هر ڏهين پندرهين منٽين کيس ياد ڏياري رهيو هوس ته منزل ڏور آهي ۽ مسافري اڻانگهي. سوائي ستين بجي مون تي ست ٿورا ڪري اٿيو. همراهن لالٽين روشن ڪيو. چوڌاري ڪاري اوندهه هئي. هٿ نه ڏسي هٿ کي. لالٽين اڳيان اياز پنهنجي قافلي سوڌو پوئتان. تبر جوڳن سندس هٿ ۾ ۽ ڦر ڌرتي تي. چئني پاسن کان بندوقن وارا. مون به بدن تي اجرڪ کي ٽي وڪڙ ڏنا. ڊينگل جي سهاري الله کي ياد ڪندو سندن پٺيان لڳو آيس. رات جو وڳڙو ۽ اوندهه هئي جنهن ڪري هو به هوريان هوريان هلي رهيا هئا. واٽ تي ستار جو چاچو حاجي سچل خان مهمانن جي ڳولا ۾ اچي ٻيلي ۾ پهتو هو. ٻيلي وارو اڻانگهو رستو پار ڪري ٽاپ تي چڙهياسي. هڪ بيل گاڏي سامان لاءِ بيٺل هئي. مان دل ۾ خيال ڪيو پنڌ کان ته بيل گاڏي ڀلي. مان اوڏانهن مڙيس ته حاجي چيو ٽيڪسي به آهي. مون حاجي جا لک احسان مڃيا. پٺئين سيٽ تي ڇهه ڄڻا ويٺاسون. اياز منهنجي ڀر ۾ دستور موجب پٿارجي ويٺو، ٻئي پاسي عابد هو ان کان پوءِ ٽي ٻيا. مون دانهن ڪري چيو ”مان ته سينڊوچ بڻجي ويو آهيان.“ اياز چيو”گرم ٿي ويندين. اسان جي رنگ ۾ ڀنگ وڌو هيئي“ موٽر آڻي اوطاق جي در تي پهچايو. مان پاڻ کي ٿانئيڪو سمجهي نهايت خوش ٿيس. اياز جي ڪلام ٻڌڻ جا شوقين موٽر جي آواز تي ٻاهر نڪري آيا. وڏي هال ۾ ويٺاسون. سمجهان پيو ته عابد به ٿڪجي پيو هو. خيالن جي ڏي وٺ شروع ٿي. ادب، شاعري ۽ زبان. عابد ڪابه دلچسپي ڪانه ٿي ڏيکاري. اياز جي شعر جا شائق روحاني غذا جي طلب ڪري رهيا هئا. اسان مانيءَ جي فڪر ۾ هئاسين. ماني ٺهه پهه وڌائي ويئي، ميزبانن وسان نه گهٽايو هو، اسان به کائڻ سان پورو انصاف ڪيو.
مون اياز کي سر سهڻي پڙهڻ جي فرمائش ڪئي. مون کي سچ پچ اهو سر ڏاڍو پسند آهي. اياز اسان جي روايتي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي فني طور وڌائڻ ۾ هڪ اهم ۽ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي. جيڪڏهن آءٌ اياز کي هن صديءَ جو ڪلاسيڪي سرواڻ چوان ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. اڄڪالهه هر ڪو شاعر انهيءَ هيئت تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي، پر ڪيترن کي انهن لوازمات جو علم ئي ڪونهي، جن بنيادن تي انهيءَ مخصوص ٽيڪنڪ جي عمارت کي اڏيو ويو. اياز جهڙي ذهين فنڪار کي به پندرهن سالن لاءِ لڳاتار محنت ڪرڻي پيئي آهي. اڄ سندس شاعري نج ڪلاسيڪي شاعريءَ جي عڪاسي ڪري رهي آهي. هينئر اياز جي شعر جو هر لفظ همه گير حيثيت رکي ٿو. هن جو هر مصرعو ڪنهن ماهيت جو حامل آهي. اياز جو شعر پڙهڻ لاءِ نه آهي پر سمجهڻ لاءِ آهي، جنهن ۾ پس منظر ۽ پيش منظر جون انيڪ جهلڪون نظر اينديون.
سامعين ڏانهن نظر ڦيرايم. هر ڪو شعر جي شعريت ۾ گم هو. سنڌي لفظ ۽ علامتون ڄڻ هر ڪنهن ٻڌندڙ جي ذهن تي ڪو نقش پيدا ڪري رهيون هيون سوچيان پيو ته پنهنجن لفظن ۽ علامتن ۾ ڪهڙو نه جادو ڀريل آهي. مقصد ۽ مدعا کي ڪو پهچي سگهي يا نه پهچي پر نج سنڌي لفظ ئي سنڌي ذهن کي مسحور ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.
ڪلام جي پڄاڻيءَ تي ميزبانن کان موڪلايوسين هنن ته سڄي رات ٽڪائڻ جو انتظام ڪيو هو، تنهنڪري کين اسان جي اٻهرائي پسند ڪانه آئي. مون پئي حيلا بهانا ٺاهيا. اياز چپ هو. هن جي شڪل صورت دل ۽ دماغ تي ڄڻ خاموشي ڇانيل هئي.
(ٽي ماهي مهراڻ، 4/ 1972ع تان ورتل)