شاعري

ڪلام رشيد

رشيد احمد لاشاري پنھنجي دور جي اھم ترين شاعرن مان ھڪ ھئو، جھن جي شاعري عروضي توڙي معنوي طور عيبن کان آجي ھئي. ھن کي سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو، بلوچي ۽ فارسيءَ ۾ ھڪ جيتري مھارت حاصل ھئي. ھن شاعريءَ جي ھر صنف تي ڪم ڪيو آھي، ان سان گڏ درسي ڪتابن کان فلمي ڪھاڻين ۽ فلمي گيتن تائين لکيائين ۽ ھر صنف ۾ ڪامياب رھيو.

Title Cover of book ڪلام رشيد

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، عالم ۽ اديب رشيد احمد لاشاري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪلام رشيد“  اوھان اڳيان پيش آھي. 
رشيد احمد لاشاري پنھنجي دور جي اھم ترين شاعرن مان ھڪ ھئو، جھن جي شاعري عروضي توڙي معنوي طور عيبن کان آجي ھئي. ھن کي سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو، بلوچي ۽ فارسيءَ ۾ ھڪ جيتري مھارت حاصل ھئي. ھن شاعريءَ جي ھر صنف تي ڪم ڪيو آھي، ان سان گڏ درسي ڪتابن کان فلمي ڪھاڻين ۽ فلمي گيتن تائين لکيائين ۽ ھر صنف ۾ ڪامياب رھيو.
 ھي ڪتاب 1998ع  ۾ رشيد اڪيڊمي، ڪراچي  پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي