ڪتاب گهر کي آف لائين ھلائڻ لاءِ ڪتاب گهر جي ائپليڪيشن انسٽال ڪريو | ✖ ٻيھر نہ ڏيکاريو
شاعري
برکا بوند بھار جي
“برکا بوند بهار جي” سنڌ جي 16 شاعرن جي شاعريء تي مشتمل گلدستو آهي. پياري دوست ۽ مرڪ پبليڪيشن شهداد ڪوٽ جي سرواڻ مرتضى لغاريءَ کي جس هجي جنهن هن ڪتاب جي سهيڙ ڪئي آهي.
(جنهن جي پوکيل شاعراڻي باغيچي جا گل اسان به آهيون)
مرتضيٰ لغاري
پبلشر نوٽ:
ٿورا مَ ٿورا ...
مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ پاران ادارتي سرگرمين هيٺ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ليکڪن کي سهيڙي ٽن ڪيٽيگريز جي ڪتابن آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. جنهن مطابق سينيئر توڙي جونيئر ليکڪن کي گڏيل ڪتاب ۾ آڻي کين تاريخ جو حصو بڻائڻ چاهيوسين.
1 . شاعرن جو گڏيل ڪتاب
2. ڪهاڻيڪارن جو گڏيل ڪتاب.
3. مضمون نگارن جو گڏيل ڪتاب.
ان خواهش کي دوستن سان شيئر ڪيوسين ته سڀ کان اول شاعر دوستن هن فيصلي کي ترجيح ڏني، جن ۾ ڪجهه شاعرائون پڻ شامل هيون. اهڙي طرح ڊيٽا فارم تيار ڪري ڪجهه دوستن تائين پهچايوسين. جنهن کان پوءِ شاعرن جو مواد ملڻ شروع ٿيو.
مواد سليڪٽ ڪرڻ کان وٺي ڇپجڻ تائين جيڪي مرحلا ۽ مسئلا پيش آيا، انهن ۾ سندن شاعريءَ جي چونڊ، ڪمپوزنگ، ٽي دفعا پروف ريڊينگ ڊيٽا فارم تان معلومات حاصل ڪري تعارف لکڻ، ڪتاب جو مهاڳ لکرائڻ، تاثراتي پيج لکرائڻ، نالي جي چونڊ، سيٽنگ ۽ ڪتاب کي پريس تائين پهچائڻ دوران پيش آيل مسئلن جي سبب ٽائيم پرابلم به ٿيو ۽ ڪتاب مطابق ڪيل ڪن فيصلن کي بدلائڻو به پيو.
1 . ٻارنهن شاعرن تي مشتمل ڪتاب آڻڻ جو فيصلو، جيڪو سورنهن شاعرن تائين پهتو.
2. ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شاعرن کي شامل ڪرڻ بجاءِ آل سنڌ ڪتابي سلسلو جوڙيو ويو. ان کان علاوه به ڪافي ننڍيون وڏيون تبديليون ڪرڻيون پيون جن مان گذري ڪري سورنهن شاعرن کي گڏيل ڪتاب ‘‘برکا بوند بهار جي’’ شڪل ۾ آندو ويو.
ڪنهن به معاملي ۾ سو سيڪڙو ئي درست هجڻ جي دعوى نه ٿي ڪري سگهجي، ڇو ته انسان جيتري ڪوشش ڪري ٿو، اهو انسان ئي آهي، ڪٿي نه ڪٿي ڪمي رهجي سگهي ٿي. هن ڪتاب جي مهاڳ طور آئون سڀ کان پهريان سنڌ ڌرتيءَ جي بهترين ليکڪه محترم ج.ع.منگهاڻي صاحبه جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجن تمام مصروفيتن مان وقت ڪڍي، هن ڪتاب جي سورنهن شاعرن تي مهاڳ لکيو.
سائين مقصود گل صاحب جا به لک ٿورا، جيڪو مرڪ پبليڪيشن سان هر وقت سلهاڙيل رهي ٿو. جنهن جي نيڪ تمنا ڪڏهن به اوپرائپ جو احساس نه ڏياريو آهي.
عزيز قاسماڻي، هر دلعزيز ماڻهو آهي، جنهن سان کوڙ هجتون آهن، ادارتي مسئلا ۽ مرحلا سڀ ساڻس شيئر ڪري سهڪار وٺندي خوشي محسوس ڪندو آهيان ۽ هو به مون تي گهڻو مهربان، منهنجو حصو آهي.
ڪنول پبليڪيشن جي دوست سعيد سومري به ان سلسلي ۾، جيڪو سهڪار ڪيو، آءٌ ان لاءِ سندس ٿورائتو آهيان.
منهنجو دلي دوست جنيد علي سومرو ، جنهن کي هم خيال سمجهان ٿو، ادارتي توڙي ذاتي همسفر آهي. ان کان علاوه جن دوستن جو، مجموعي طور تي هن ڪتاب ۾ سهڪار رهيو، انهن ۾ ڪوڙل قربدار، علي صفدر، شيخ فرازي معشوق علي مگسي، عبدالواحد سومرو سان گڏ، انهن شاعر دوستن جو به ٿورائتو آهيان، جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.
شهدادڪوٽ منهنجي مهربانن جو شهر آهي. منهنجي ڀاءُ راجندر مهراج جي راحت گاهه، منهنجي پياري ويناشرنگيءَ جي جنم ڀومي.
هونئن ته سنڌ سڄي هيرن کاڻ آهي. پر جتان هيرو نڪرندو آهي اهوئي هنڌ جرڪا ڪندو آهي.
انهيءَ شهر شهدادڪوٽ مان رسالي، ‘نئين آس’ جي ايڊيٽر مرتضى لغاريءَ سورنهن (16) شاعرن جو ڪلام سهيڙي هڪ ڪتاب آڻڻ جي ‘نئين آس’ رکي آهي، جنهن جو مهاڳ مون کان لکرائڻ جي آس اٿس.
آئون ماڻهو، ماڻهن جهڙي، جنهن جون مصروفيتون البته گهڻن ماڻهن کان گهڻو مختلف بلڪه منفرد آهن جن کي ڳڻائي ڳڻائي ٿڪجي. ۽ هاڻي ته ڦڪي ٿيڻ لڳي آهيان انهن جي اڳيان، جيڪي پنهنجن ڪتابن لاءِ مهاڳ/ٻه اکر يا بئڪ ٽائيٽل مونکان لکرائڻ چاهيندا آهن.
ڇا ڪريان! مصروفيتون به جهڙيون تهڙيون هجن ته کڻي ٻيو ڪم به هٿ ۾ کڻجي. لطيف رحه تي تحقيق ڪرڻ. ۽ ‘شاهه جو رسالو’ ترتيب ڏيڻ ڀوڳ، مذاق ته ڪونهي. وقت ۽ ذهن مڪمل طرح جڏهن انهيءَ سچي ۽ اوريجنل ڪم لاءِ وقف ڪبا آهن، ارپبا آهن تڏهن ئي انهيءَ باڪمال ڪم لاءِ عمل جو مرحلو ايندو آهي. ۽ ڪاميابيءَ جي آس ڪري سگهجي آهي.
اها اميد، اهو آسرو پنهنجي ڪم ۾ اٿم.
جيئن جيئن انهيءَ ڪم ۾ ذهني طور ڳنڍجڻ ۽ ضم ٿيڻ چاهيندي آهيان تيئن تيئن منهنجا مهربان منهنجو وقت ۽ ذهن ٻي پاسي ڪرڻ چاهيندا آهن.
هاڻي ته پڪو پهه ڪيو هيم ته بيلحاظي ته بيلحاظي ئي سهي. ڪنهن تي به ڪجهه به نه لکنديس. رُسن ٿا ته وڃي ست پچائي کائين.
اهو سڀ طئي ڪري پنهنجي ڪم ڏانهن مڪمل ڌيان ۽ گيان ۾ هيس ته هي ٻه ڄڻا (مرتضى لغاري ۽ عزيز قاسماڻي) بلڪل منڪر نڪير جيان اچي نروار ٿيا. ۽لطيف رحه چواڻي،
هي جي ٻه ڄڻا، اونچا الاهي،
سا پار لنگهائين، اونـهـــي جا اوتــــڙ گـهڙي.
اسين وري وچڙڻ نٿا چاهيون. فونن جا ڪڙڪاٽ هجن ڪڏهن هِي ته ڪڏهن هُو. خير، اهي ته ٿيا ڀوڳ.
سنجيده ڳالهه اها آهي ته نيٺ انهن مونکان مهاڳ لکرائڻ جو اقرار ڪرائي ورتو. ۽ ڄڻ انهن سورنهن شاعرن کي مون سان ناراض ڪرائڻ چاهيو.
سورنهن (16) شاعر هي آهن:
1. عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ 2. شفيع محمد ‘‘شاد’’ 3. سميع ساجد جوڻيجو 4. ڪؤڙل قربدار 5. ناشاد رشيد سنڌي 6. رشيد خانواهي 7. پريتم قاضي 8. عمر ‘‘دراز’’ 9. مٺل سولنگي 10. شيخ نديم 11. سرتاج ڀٽو 12. بدر انصاري 13. بلال عزيز بروهي 14. پريت گهمرو 15. عائشه ميمڻ 16. مرتضى لغاري
سچ ٻڌايانوَ، هنن گهڻن شاعرن مان گهڻا ته منهنجا پڙهيل ته ڇا پر ٻڌل به ناهن.
مرتضى لغاريءَ چيو، ”اوهان جڏهن رسالي، ‘سوجهرو’ ۾ ايڊيٽر اِن چيف هئا تڏهن اوهان هميشه مونکي رد ڪيو هو.
چيومانس، ‘مرتضى، يقين ڪر ته مون نالو ڏسي (وڏو يا ننڍو) نه ڪڏهن ڪو ليک/شعر ڇپيو آهي ۽ نه ئي نالو ڏسي ڪڏهن ڪو ليک/شعر رد ڪيو آهي.“
چيائين، ”پوءِ ته هاڻي به توهان مونکي رد ڪندا.“
پڇيومانس، ‘ڇو؟ ڪيئن؟“
چيائين، ”هاڻي به اهائي شاعري موڪلي اٿم جيڪا اوهان رد ڪئي هئي.“
کيس ڪهڙو جواب ڏيان؟
2003ع ۾ آئون ‘سوجهرو’ جي ايڊيٽر اِن چيف هيس ۽ هاڻي 2013ع پڄاڻي تي آهي يعني انهن 10-11 سالن ۾ هن ڪابه نئين شاعري نه لکي آهي.
حيران آهيان ته جيڪا سندس شاعري مون رد ڪئي هئي/نه ڇپي هئي اها ئي وري مون ڏانهن ڇو موڪلي آهي؟ ڳالهه آهي حيرت جهڙي! جيڪڏهن سچ آهي ته!! وڏي حيرت جي ڳالهه اها ته هو ان شاعريءَ کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ چاهي ٿو. ان کان به وڏي حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هو ان جو مهاڳ مونکان لکرائڻ چاهي ٿو. پوءِ ته کيس مهميزون سَهڻيون/برداشت ڪرڻيون پونديون.
جَان وَاهڙَ ۾ وَهُه، تَان تُون مَڇَ نَه مَوٽِئو،
ڪَائي ۾ ڪُوهُ ڪَرئين، مَوٽڻ جو پَهُه،
هاڻي سِرَ مَٿي سَهُه، مَهَميزون مَلاحن جُون.
(شاهه رحه)
شاعريءَ جي پرک جو سٺو طريقو ڊبليوايمپس جو آهي،
”شاعريءَ کي سمجهڻ نالو آهي انهيءَ عمل جو جنهن وسيلي اسين (نقاد) انهيءَ تخليق کي پنهنجي ذهن ۾ ٻيهر جوڙي سگهون ٿا.“
ساڳئي ڳالهه سرپرسي نن به ڪئي آهي، ”شعر جي سڃاڻپ جو مطلب شعر کي نئين سِر تخليق ڪرڻ، شاعر ۽ نقاد جي قابل ٿيڻ آهي.“ اهائي سوچ، اسان جو به نيم هئڻ گهرجي. جڏهن ته اسان وٽ مُئي وانگي ڪک به نٿو سهي سگهجي. هر ڪو اهو ٿو چاهي ته سندس تعريف ڪئي وڃي.
تنقيد سهڻ کان هر ڪو ايئن ٿو ڀڄي، جيئن ڪانءُ ڪمان کان. اهڙي صورت ۾ مونکان مهاڳ لکرائڻ مرتضى لغاريءَ جو درست فيصلو ناهي.
مون رسالي ‘سوجهرو’ کي ڏنل پنهنجي تازي انٽرويو ۾ به اهوئي چيو آهي، ‘سنڌي شاعر وٽ پنهنجي شاعريءَ جا اسي يا سؤ صفحا گڏ ٿين ٿا ته کيس ڪتاب ڇپائڻ جي هورا کورا، اڻتڻ ٿي پوندي آهي.“
مونکي ته مرتضى لغاريءَ هر شاعر جا هن ڪتاب ۾ شامل 13/14 صفحا موڪليا آهن، جن کي به اهي شاعر گڏي سڏي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ چاهين ٿا.
ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ايڏي تڪڙ ڇو؟ ڄڻ دنيا ختم ٿيڻ واري هجي!! ڇا ٿي پوي جو ٿورو ترسي، ڪنهن جي رهنمائيءَ ۾ ڪجهه سکي، بهتر ۽ وڌيڪ شاعري ڪري پوءِ ڪتاب آڻجي. لطيف پاڪ به ته ايئن ئي فرمائي ٿو،
ڏَورِ مَ ڏِيئان ڌار، ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو
ڪَوڙين لک هزار، اِن اُونداهيءَ انڌا ڪيا.
يعني، ڏيئي/روشني کان سواءِ سفر ڏاڍو مشڪل آهي ۽ انهيءَ اونداهيءَ (بنا روشنيءَ) ڪروڙن، لکن، هزارن کي انڌو ڪيو آهي.
بنا ڪنهن سونهين ۽ واقفڪار جي دشت جو سفر ڪيئن ٿا ڀانيو؟ سواءِ ريتيءَ ۾ داڦوڙا هڻڻ جي ٻيو ڪجهه به نه. شاعري به ايئن ئي رڻ جي سفر وانگي آهي. اڳتي هرڪو مرضيءَ وارو آهي. پر آئون ڇو ڪنهنجي به مرضيءَ تي هلان ۽ واکاڻيون ڪريان.
هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو ڪو مقصد آهي. اصول آهي/هئڻ گهرجي. منهنجي زندگيءَ جو مقصد آزادي آهي. ۽ اصول، تنظيم ۽ منظم هئڻ آهي.
لفظ ‘آزادي’ جي معنى ۽ مطلب کان سڀڪو واقف آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پتوڙ (عملي) ڪرڻ جو تصور به تصوراتي دنيا جو ڪو خوبصورت خواب لڳي ٿو.
ٺيڪ آهي اهي آسائشون ۽ موقعا اسان کي ميسر ناهن. قلم ته آهي. چؤڏسائن ۾ نگاهه ڦيرائڻ کانپوءِ به اها قلمي پتوڙ نظر نٿي اچي.
سنڌي شاعر جو شاعريءَ ۾ پيار، محبت ۽ عشق رڳو جسماني وابستگيءَ تائين محدود ٿي ويو آهي. پيار، محبت ۽ عشق هڪ لازوال، لافاني جذبو آهي.لطيف رحه چواڻي،
نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سڪ،
عدد ناهه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.
۽ لطيف پاڪ ايئن به چوي ٿو،
نَه کِلن نَه کِين ڪِين، نَڪي ڳالهائين،
ڪنهن جنهن ۾ آهين، سا پروڙڻ ڏاکڙو.
معنى: نڪو کلن ۽ خوش ٿين ٿا، نه ڪجهه کائين ٿا نه ئي ڳالهائين ٿا. انهن سان ڪهڙي ماجرا آهي/سندن اندر ۾ ڇا آهي. اهو راز پرکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
‘آزادي’ لطيف وٽ قيمتي وِٿ آهي،
سَنهيءَ سُئيءَ سِبيو، مُون مارن سين ساهُه
وَيٺي سَاريان سُومرا، گَولاڙا ۽ گاهُه
هِنيون منهنجو هُتِ ٿيو، هِتِ مٽي ۽ ماهُه
پکن منجهه پَسَاهُه، قالِب آهي ڪوٽ ۾.
عمر بادشاهه هو. ۽ مارئي سندس رعيت ۾ هڪ عام غريب ڇوڪري.
اها عام غريب، اڻ پهچ نوجوان ڇوڪري (مارئي) آزاد رهڻ جي عادي هئي. کيس عمر جا محل ۽ ماڙيون، سون ۽ زيور نٿي وڻيا. ۽ هوءَ انهن کي ٿڏي ٿي. ۽ لطيف سرڪار سندس زبان بنجي پوي ٿو،
ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سُوءَ
وَرَ جيڏين سان جوءِ، فاقو فرحت ڀانيان.
معنى: اسان جي ٻانهن/ڪَراين ۾ ڪارا (سڳا/ڌاڳا) آهن. سَونُ اسان لاءِ سوڳ آهي. پنهنجي جيڏين سان گڏ پنهنجي ملڪ ۾ (آزاد) رهڻ مبارڪ آهي. اتي جو فاقو ۽ بک به مون لاءِ فرحت آهي/راحت آهي.
هن کي پنهنجن اباڻن سان پيار آهي جيڪي ڏکيا بکيا ۽ ان اگهاڙا آهن. ۽ ولين ۾ ويڙهيا گهمن ٿا. ۽ سندس ساهيڙيون جن جو صحرا/رڻ، سَتُر آهي/پردو آهي. هوءَ انهيءَ قيد ۾ خواب به پنهنجن جا ڏسي ٿي،
سُتي لَڌم سُوهڻو، لَوئيءَ ۾ لَيٽي
ته مَنڌي پايو مَٽ ۾، وِلوڙيان ويٺي
پَکي آئون پَيٺي، کِيرون ڏينم جيڏيون
(شاهه رحه)
مارئي جو موضوع بيحد خوبصورت ۽ وسيع آهي. جنهن کي لطيف رحه آزاديءَ جي اهڃاڻ طور چونڊيو آهي. ‘حُب الوطن مِن الايمان’ اهوئي مارئيءَ (سُر) ۾لطيف رحه جو پيغام آهي، ‘الائين مَ هوءِ، جي آئون مران هن بند ۾.’
اهائي آزاديءَ جو سڪ آهي، ڇڪ آهي جيڪا هنن سورنهن ئي شاعرن ۾ اڻ هوند جيتري آهي سواءِ بي ربط، هڪ ٻن بندن جي.
سميع ساجد جوڻيجي جو بند،
قائم رهندي دل ۾ ساجد، سنڌ امڙ جي عظمت ساڳي
ڪؤڙل قربدار،
سنڌ تنهنجي ساٿ کان.
پئي وفا شاعر ٿي گهرجي.
بند ۾ لفظ، ‘سنڌ’ کانسواءِ ٻيو هو پاڻ ئي سمجهي سگهي ٿو ته ڇا چوڻ چاهي ٿو؟ سندس نظم نالي، ‘سنڌ’ جون هي ٻه سِٽون سٺيون آهن (وزن ۽ بحر جي برعڪس)
نئين نسل جي هوش جوش کي
سنڌ جون ڪيان ٿو پارتون.
سندس نظم، ‘جيءَ جياريو جيجل جهولي’ پڻ سٺو خراج آهي.
عبدالله شاهه ‘اطهر’ جو شعر،
سنڌ تنهنجي مٿان، جند گهوري ڇڏيان
جو به ڏونگر ملي، ان سان ڏوري ڇڏيان.
سنڌ سان محبت جو اظهار ڪمزور شاعريءَ ۾. الائي ڇا پيو چوڻ چاهي، ‘جو به ڏونگر ملي...’ ‘ڏونگر’ واٽن تي پيل آهن ڇا؟ جو جيڪو به ملي پوي ان سان ڏوري ڇڏي، ان سان ڇا ڏوري ڇڏڻ چاهي ٿو؟ وضاحت ضروري آهي. ايئن ئي سندس وڏي بحر وارو گيت آهي،
زخم مٿان زخم سهي، اڃا ته مان جيئان پيو
اڃا ته ويڙهه ٿي هلي اڃا ته مان وڙهان پيو.
بيدل مسرور بدوي جي آواز ۾ ڳايل شيخ اياز جو گيت، ‘اڃا ته مان جيئان پيو.’ سڀني ٻڌو هوندو. خير، پاڻ ڄاڻن. پر گيت جو آخري بند ڏسو،
اڃا ته مون ۾ ساهه آ، ڇو آخري پساهه آ
اي عبدالله شاهه هن آزاديءَ تي ويساهه آ
نه پٺتي پير آ هٽيو اڳي اڳي وڌان پيو.
بس بنا ڪنهن تبصري جي بند ڏنو اٿم، جي راءِ ڏيان ها ته عبدالله شاهه اطهر...
شفيع محمد شاد جو نظم،
او جيڏا اڄ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان
او سرتي اڄ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان
او گنگا... او جمنا.. او ڏونگر... او صحرا... او ڀنورا... او جگنو...
ايڏي گهل جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ايئن ته ٻيو به گهڻو ئي رهائي ڇڏيو اٿس. يعني، ‘اوچنڊ، او سج، او سمنڊ، او پوپٽ او... او...او... ڪيترو ساري سگهبو؟’
حالانڪه هيٺ آيل سندس خيال سٺو آهي. ايئن ئي ڪڏهن ڪو خيال ۽ جذبو مختصر لفظن ۾ طاقتور بڻجي پوندو آهي. وزن ۾ بهرحال اهو نظم به کٽل آهي. بلال عزيز بروهي جولطيف رحه تي لکيل غزل سٺو آهي.
رشيد خانواهيءَ جو نظم، ‘سنڌ جو ڪيڏارو’ درست راهه تي آهي جنهن ۾ لفظ الائي ڇو زوران زوريءَ آندل آهن، نظم جو هڪ بند آهي،
ڪالهه کسيائون سنڌ جو پاڻي، اڄ ڪٺائون سنڌ جي نياڻي!
بحر ۽ وزن ڏانهن به کڻي اک نه کڻجي. پر خيال ۽ جذبو ته سنڌ لاءِ/ڌرتيءَ لاءِ هجي، اهو به شعرن ۾ سمايل نظر نه آيو.
شاعريءَ ۾ مرتضى لغاريءَ جي غزل جو هڪ بند،
اوهان ٽنهي جو نڀاءُ ڪيئن آ
سڄو مهينو، پگهار ۽ تون.
(پهرين پگهار جي ته خبر پوي ته ڪيتري آهي پوءِ فيصلو ڪبو ته نڀاءُ ٿيندو يا نه!) شعر ۾ سنڌي سماج جي غربت جو طاقتور عڪس چٽيل آهي. باقي سندس ٻي شاعريءَ لاءِ ڇا چئي سگهجي ٿو جڏهن هو پاڻ لاءِ پاڻ ئي چوي ٿو ته،
هي ٽٽل ۽ ڦٽل سٽون جوڙيم
شاعريءَ جو ڪتاب ٿي ويو آ.
سميع ساجد جوڻيجي جي شاعري ڪجهه سرت ڀري لڳي. پوءِ به کيس وڌيڪ سکڻ ۽ ڌيان ڏيڻ گهرجي. سندس پهريون غزل آهي:
منهنجي آڱڻ تي آيو دلبر
ٻهڪي پيو ٿو گهر جو آڳر
روايتي ۽ ورجايل ڳالهه ۽ ‘پيو’ ۽ ‘ٿو’ جو گڏيل استعمال غير فصيح آهي. شعر وزن کان خارج آهي:
يار مليو مون ڀاڪر پائي
چمڪي پيو آ منهنجو مقدر
هتي به ساڳيو حال آهي. آخري بند آهي:
ڪڏهن ڏسان ٿو پاڻ کي ساجد
ڪڏهن ڏسان ٿو هن کي هر هر
هتي بحر وزن بنهه مختلف ٿي بيٺو آهي.
اڄ ڀي آهي دل ۾ تو لئه
پيار وفا ۽ چاهت ساڳي.
سٺو غزل آهي ساجد جو.
مٺل سولنگيءَ جو پهريون غزل آهي:
هن جي گهٽيءَ ۾ جهومن ٿا
نيڻ خوشيءَ ۾ جهومن ٿا
شاعريءَ جو اهو اصول آهي ته پهرين سِٽ سان ٻي سِٽ جو ربط هجي. هتي، هُن جي گهٽيءَ ۾ ڇا ٿا جهومن جو نيڻ به خوشيءَ مان جهومن ٿا؟
سندس غزل:
هوءَ وئي اڄ مري هميشه لئه
ٿي وئي دل چري هميشه لئه
بحر وزن ۾ پورو آهي:
پريت گهمرو جي شاعري پڙهي به اٿم ته ڇپي به اٿم. پهرين غزل جو بند اٿس:
خواب جي ڀرپاسي اوندهه ٿي تري
چنڊ چهرو ڪاش ڪو هينئر وري
کيس وزن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي:
هوريان هوريان تجربو ٿيندو وڃي
هانءُ منهنجو ماٺ ۾ سڏڪا ڀري
بند جي پهرين سِٽ جو غزل جي وزن سان سڱ نه سياڪو. ۽ هتي ڇا پئي چوڻ چاهين پريت!
اسان جا خواب سڀ ٽوڙي، اوهان کي ڇا مليو آخر
اسان جون خواهشون لوڙهي اوهان کي ڇا مليو آخر
سڄو غزل سٺو ۽ باوزن آهي.
عائشه ميمڻ جي شاعري ۾ وسيع پختگي آهي.
سندس غزل جو بند آهي،
لڙڪ هوندا نه درد ڪو هوندو
پاڻ ٻيهر جي ٻار ٿينداسين.
يا،
عائشه اڻ جهل اکين مان آب ٿي
اوچتو ايئن درد تون وهندو نه ڪر!
عائشه ميمڻ جي شاعري بهترين آهي.
مٽي ماڻهو مٽي ٿيندو
مٽي ناهين ته ٻيو ڇاهين
واهه سٺو شعر آهي.
پريتم قاضيءَ جو نالو ۽ شاعري مون لاءِ نئين آهي.
غزل جو بند آهي:
زندگي زهر کان به وڌ ٿي ڪڙي آهي
پوءِ به ماکيءَ کان وڌ مٺي آهي.
....
زهر هن زندگي جو آ پيئڻو پيو
اسان کي مگر پوءِ به جيئڻو پيو
...
مرڻ جت نه سولو جيئڻ آهي ڏکيو
آ هر هر جيئڻ لاءِ مرڻو پيو.
....
ڪؤڙل قربدار جو غزل آهي،
اسانجي خوشي پئي نچي ٿي اڱڻ تي
مٺي اڄ سينگاريون اچي ٿي اڱڻ تي
ڪير پئي اچي اڱڻ تي جو، ‘مٺيءَ’ کي به سينگارڻ لاءِ سڏجي پيو. ۽ ‘مٺي’ اچي ڇا کي سينگاري؟ غزل جو بند آهي،
گلابن جي خوشبو جو مهڪيل هٿن ۾
ڏيڻ گلدستو اچي ٿي اڱڻ ۾.
بحر ۽ وزن ته هونئن ئي ڪريل آهي. آئون ته گرامر ۾ ئي منجهي پئي آهيان. سندس نظم،
نينهن جون نوازشون رهيون
بي بها ۽ بي مثال اڻ ميون
۽ غزل
جرئتن سان گهار زندگي
سينو سپر ڌار زندگي
مخاطب ڪنهن سان آهي؟ پاڻ سان يا زندگيءَ سان؟ ۽ زندگي سينو سپر ڪيئن ڪري؟ البته سندس نظمن ۾ ساهه آهي. حوالي لاءِ ڪائي مخصوص سِٽ نٿي ڏيئي سگهان. باقي مجموعي طور سندس نظمن کي بهتر چئي سگهجي ٿو.
سرتاج خير محمد ڀٽو جو پهريون غزل آهي:
اڄ وهي نيڻن منجهان پيا نار هن
ويا پرين مونکان اکين جا ٺار هن
بهترين غزل آهي. سرتاج خير محمد ڀٽو وٽ ڏات به آهي ته ڏانءُ به آهي. جنهن کي وڌيڪ ڌيان ۽ گيان جي ضرورت آهي. ‘ضرورت’ وارو سندس غزل،
جيئڻ جي لئه جيئن جاني پساهن جي ضرورت آ
تيئن مونکي مٺا تنهنجي ئي چاهت جي ضرورت آ
استاد بخاريءَ جي ياد ڏياري ويو. استاد بخاري جو شعر آهي:
ايئن دلدار مونکي تنهنجي محبت جي ضرورت آ
جيئن دنيا کي بي انداز دولت جي ضرورت آ
ڪوبه شاعر ڪنهن به شاعر کان متاثر ٿي سگهي ٿو، سٺي ڳالهه آهي. ائين ئي ڪو نئون شاعر وڏي شاعر کان سکندو ۽ اتساهه حاصل ڪندو آهي. پر ان کي جيئن جو تيئن کڻڻ جرم جي زمري ۾ اچي وڃي ٿو، جنهنجو خيال رکڻ انتهائي ضروري آهي. نه ته ٻيءَ صورت ۾ ڏوهن جو کارو ذهني ڪلهن لاءِ وڏو بار ثابت ٿيندو. ۽ اهي ڇڻي يا جهڪي پوندا. ناشاد رشيد سنڌيءَ جو غزل آهي:
هڪ درد مون رکيو آ، دل ۾ دوا جي خاطر
ڳوليان پيو مسيحا جڳ ۾ شفا جي خاطر
سٺو بند آهي. ساڳيئي غزل جا هيٺيان ڪي بند مختلف بحر ۽ وزن ۾ آهن سندس هڪ غزل جو بند مونکي مرڪ ڏيئي ويو،
توکان ڌار رشيد نه جيئندو،
مسجد ۾ بيشڪ وٺي وڃ.
خوبصورت سماجي/روايتي جملو آهي ‘واهه.’ ناشاد رشيد سنڌيءَ وٽ شاعريءَ جا گُنَ (هنر) آهن، ساڳيئي ڳالهه ته شاعري جيڪو ٿورو وقت گهري ٿي اهو ان کي ڏيڻ گهرجي. عبدالله اطهر جو غزل آهي:
وار وکريل وري پار ڪنهن لئه پرين
ٿا ڳلن تان وهن نار ڪنهن لئه پرين
سڄو غزل بهترين آهي پر آخري نالي واري بند (مقطع) ۾ هروڀرو پنهنجو پورو نالو ذات ۽ تخلص سڀ آڻڻ جي ڪري وزن ڪري پيو. بند آهي ته
عبدالله شاهه ‘اطهر’ سان تو جي ڪيا
هاڻ ڏس تو اهي عار ڪنهن لئه پرين
چوڻ به الائي ڇا ٿو چاهي! جيڪو سندس نالي ۽ تخلص جي ور چڙهي ويو آهي. ٺيڪ آهي جتي گنجائش هجي/شعر جي صحت کي ڪو نقصان نه ٿي اتي سڀ ڪجهه بلڪه ولديت به آڻي سگهجي ٿي. باقي نالي ۽ تخلص کي ضرور آڻڻ وارو ضد نقصانڪار ٿئي ٿو. تعجب اهو اٿم ته عبدالله شاهه ‘اطهر’ سٺو شعر سٺن خيالن سان لکندي لکندي واٽ تان هٽي ڇو ويندو آهي.
بدر انصاري کي شاعري جي تڪبندين سان دلچسپي آهي. اڃا کيس گهڻو سکڻو ۽ شاعريءَ جي لوازمات سان مسلح ٿيڻو آهي.
سندس غزل:
جيئن مصور جي لڳي تصوير اڌ
ايئن سواءِ تنهنجي اٿم تقدير اڌ
غزل جي آخري بند ۾ آيل قافيو، ‘لڪير’ درست ناهي ۽ وزن به ڪيرائي ٿو.
عڪس جيون جو بدر پيو ٿو لڳي
آ هٿن ۾ ڀاڳ جي لڪير اڌ!
باقي سڄو غزل بهتر آهي. شيخ نديم جو غزل آهي:
وساريم گهڻو ئي مگر ياد آيو
۽ وسريو ڪٿي همسفر ياد آيو
هيٺيون بند به ڏسي سگهجي ٿو
سکيءَ جي سڳي ۽ ڦلي جو ڏٺي مون،
فڪر ياد آيو بحر ياد آيو
شفيع محمد شاد جو نظم؛
اي چنڊ تنهنجي چانڊوڪيءَ ۾، تسلسل ۽ وزن آهي. باقي خيال عام ۽ گٺل آهي. سندس غزل جو هي شعر،
مئڪدو ٿو وڻي مئڪشي ٿي وڻي
نيڻ اٽڪيا تڏهن زندگي ٿي وڻي
سٺو شعر آهي. ٻيو غزل اٿس،
جدائيءَ جي علامت کي نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو
وڇوڙي جي ملامت کي نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو
وڇوڙو ملامت نه عذاب هوندو آهي، قهر هوندو آهي. اتي لفظ ‘ملامت’ جي جاءِ تي لفظ ‘طوالت’ (ڊيگهه) اچي سگهي ٿو. آخري بند آهي:
محبت جي تقاضا جو محبت آ ڀرم رکندي
اهڙي درسي ديانت کي نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
هڪ ته لفظ ‘اهڙي’ وزن کي ضربي ٿو ٻيو وري ‘خيال’ ٻاتاڙيل آهي. ڇا ٿو چوڻ چاهي، ‘اهڙي درسي’ جو مطلب؟
بلال عزيز بروهي وٽ ڏات آهي باقي ڏانءُ سکڻ سندس ڪم آهي. ڇوته هو هلندي هلندي سڌي واٽ تان ٿڙي وڃي ٿو. ۽ مون وٽ مثال لاءِ به ڪجهه نٿو ڇڏي پوءِ به آئون سندس هڪ غزل جو حوالو ڏينديس:
زندگي هڪ پيار وارو دل پسند آهي قصو
ياد ماضيءَ جو سهارو دل پسند آهي قصو.
غزل درست آهي وزن وغيره ۾. زندگي، ماضي، حال ۽ مستقبل تائين جي ساٿ ڏي ته، ‘زندگي’ ئي آهي، پوءِ ماضيءَ جو سهارو يا دل پسند قصو ڪيئن ۽ ڇو آهي؟ ‘خيال’ وضاحت چاهي ٿو.
رشيد خانواهي جو پهريون غزل، مارئي جو عمر سان تخاطب سٺو غزل آهي. ٻين شعرن ۾ به هو ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ بحر ۽ وزن سان نڀائي ٿو. وري اهوئي سڀاڳ بحر ۽ وزن جي علم جي عدم موجودگيءَ جي ڪري ڪٿي ڪٿي شعر لڏندا ۽ ڪرندا رهن پيا. جنهن کي سنڀالڻ سندس ڪم آهي.
عمر دراز جو غزل،
ڪٿي قرار ڪرڻ لئه وٺان مزو ڪوئي،
ڪٿي ملي ته خريدي اچان مزو ڪوئي.
سڄو غزل مڪمل طرح وزن ۾ پورو غزل آهي. ائين سندس غزل بحر ۽ وزن ۾ ڄڻ ته سڀيئي پورا آهن ڪمي آهي ته خيال جي آهي جيڪو ناپيد آهي، ڪمي آهي ته ‘لفظن جي درست چونڊ جي’ آهي.
آئون پوءِ به مايوس ناهيان. هي جيڪي سورنهن شاعر آهن انهن جي شاعريءَ مان اميد جا ڪرڻا ٽانڊاڻن جيان ٽِمڪي منهنجي اميد کي نويد ڏيئي رهيا آهن.
داد ڏي مونکي ته ڪاريءَ رات ۾
روشنيءَ جي وصل جي اميد ڪئي. (ج.ع.منگهاڻي)
هوريس لاطيني ادب جو هڪ اهم شاعر ۽ نقاد ٿي گذريو آهي. جنهنجو چوڻ آهي ته، ‘شاعر جو مقصد يا راحت بخشڻ يا ٻئي ڪم آهن.’
مون سڀني (16) شاعرن جا سڀئي شعر هڪ هڪ ڪري توجهه ۽ دلچسپي سان پڙهيا آهن. ڊرائيڊن جي لفظن ۾ چونديس ته، ”رڳو زندگيءَ جو مشاهدو ئي شاعريءَ لاءِ ضروري ناهي بلڪه ان مشاهدي جي تخيلاتي استعمال سان ئي شاعري وجود ۾ ايندي آهي.“
اسان وٽ ته زندگيءَ جو به ڪو مشاهدو نظر نٿو اچي ته ان جو تخيلاتي استعمال ڪٿان ٿيندو؟ هتي ته ٽڙيل پکڙيل عجيب الخلقت خواب ميڙي چونڊي اڌورا ٽٽل لفظ ڪتب آڻي ڪتاب ڇپائي ايئن مطمئن ٿي ويهندا آهن جيئن، ‘جنرل انشورنس ٿيل شيءِ جا مالڪ مطمئن هوندا آهن ته نقصان ڀرجي ملندو.’
اهو ماحول ان ڪري جڙي راس ٿيو آهي جو اسان وٽ مطالعي جو شوق ناهي، پڙهڻ جي عادت ڪانهي. جديد دنيا ۾ ايئن ناهي اتي سڀ کان وڌيڪ اوليت تعليم ۽ مطالعي کي ڏني وڃي ٿي اتي ڪتاب پڙهيا وڃن ٿا. ڀلي سڀ ڪجهه ڪمپيوٽرائزڊ هجي. ڀلي هڪ ئي بٽڻ دٻائڻ سان دنيا جو علم، ادب ۽ آرٽ اڳيان اچي وڃي پوءِ به اتي زورشور سان ناول، ڪهاڻي، شاعري وغيره لکجي، ڇپجي ۽ پڙهي ويندي آهي. ايتري قدر جو جڳ مشهور دانشور بائيبل چوي ٿو، ”آئون پنهنجي مطالعي ۽ ڪتاب جي شوق عيوض دنيا جو تخت ۽ تاج ٺڪرائڻ پسند ڪندس.“
بس، اهوئي سڀ ڪجهه چوڻو هيم. وڌيڪ ڪنهن به هدايت جي ڪنهن کي به ڪابه ضرورت ناهي. شال جيڪو چاهيان ٿي اهوئي آئينده ڏسي ۽ پڙهي سگهان.
هَيجُ نَه هُوندَو جِنِ، سَي ڪِيئن وِندر وِينديون
وِهو وِچ رهن، سهسين سَڌُن واريون.
(شاهه رحه)
ج.ع.منگهاڻي
05 ڊسمبر 2013ع
ڪراچي
اَمهاڳ
اوکو پنڌ پهاڙ جو
شاعري - سماجي وهڪ، سياست، سياسي اٿل پٿل، نظيرين کان دور نه آهي پر انهن سڀني پهلوئن کان شاعريءَ جو آرٽ ئي وڏي اهميت رکي ٿو.
عشق تنهنجو اياز آهِ انسان سان
هو چون ٿا ته تون ناههِ ايمان ۾
ادب ۾ جيڪي به فڪري، نظرياتي، سياسي تحريڪون هليون آهن انهن جي ڇانوَ ۾ جيڪا تخليق ٿي آهي ان کي دوام ڪيترو آهي...؟ ان کي ادب نويس ڄاڻن ٿا. ان تخليق کي وڌيڪ عمر ٿيندي آهي جنهن ۾ آرٽ هجي ٿو ۽ زندگيءَ جو مڙني احساسن سميت جھنجھيل هجي ٿي.
سنڌ ۾ جيڪي سنڌ جي سياست جي ڇانوَ ۾ تحريڪون هيلون ان ۾ جيڪا شاعري يا نثر ۾ جيڪو ڪم ٿيو آهي. اهو محذ ماضي ۽ تاريخ آهي؟
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ روايت رهي آهي ته شاعرن جا گڏيل شاعريءَ جا مجموعا ڇپجندا رهيا آهن ۽ هن وقت جنهن ڪتاب تي راءِ ڏئي رهيو آهيان اهو به شاعرن جي گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب جو هڪ حسين وکر آهي.
حالِ جديد جي شاعري پڙهندي اِهو محسوس ٿيندو اٿم ته هو سٺو پڙهڻ ۽ فن جي ڄاڻيندڙ استادن کان ڪوهينِ ڏور ٿا گهارين جنهن جي ڪري خيال جي وسعت، علم ڇند يا عروض جي پابندي رچيل نظر نٿي اچي. ان پاسي جديد دؤر جي شاعرن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
هن ڪتاب ۾ جن شاعرن جو مواد شامل آهي انهن ۾ مرتضى لغاري، عائشه ميمڻ، پريت گهمرو، عبدالله شاهه ‘اطهر’، شفيع محمد ‘شاد’، سميع ساجد جوڻيجو، ڪوڙل قربدار، رشيد خانواهي، ناشاد رشيد سنڌي، پريتم قاضي، مٺل سولنگي، عمر دراز، شيخ نديم، سرتاج ڀٽو، بدر انصاري ۽ بلال عزيز بروهي
ڪي طئه ٿيل رستا آهن، جن ۾ عربيءَ ۽ فارسي جي شاعريءَ جا قانون. جنهن رستي تي سنڌي شاعرن تمام گهڻو پنڌ ڪيو آهي. انهيءَ قانون جا ارڪان ۽ افاعيل ڌار ڌار ٻوليءَ جي خاصيت سان نٿا ڳڻي سگهن.
شَمَعَ - هن لفظ ۾ سڀ جو سڀ اکر متحرڪ آهن. فارسي علم موجب متحرڪ کي ساڪن نٿو ڪري سگهجي پر ڇند وديا جو اصول ان ۾ لاڳو نٿو ڪري سگهجي. اهڙين پيچيدگين کي اسان جا گهٽ شاعر سمجھن ٿا.
اسان وٽ کوڙ اهڙا شاعر آهن جن جي سڃاڻپ نقاد، اسٽيچ جا مقرر ۽ شاعر طور آهي پر هو پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب نٿا ڇپرائن. ڇو ته بظاهر جيڪا هنن جي شخصيت جڙيل آهي ۽ ادب کي هنن ٽن ڏهاڪن کان مٿي وقت ڏنو آهي، ڪتاب اچڻ کان پوءِ انهن جو شاعر وارو ڏيک ويک ۽ علم پڌرو ٿي پوندو!
پر مان خوشي ٿو محسوس ڪريان ته نوجوان شاعرن ۽ شاعِرائن جو هي گڏيل مجموعو حسنِ اخلاق ۽ جرئت آهي جو ڇپرائن ٿا پنهنجي شاعري. توڙي جو مڪمل شاعريءَ جو ڪتاب هر هڪ شاعر جو اچي سگهي ٿو پر هن روايت کي اهميت ڏيندي مرتضى لغاري هي ڪتاب آڻي ٿو. ۽ سڀ شاعر دلي طرح هن ڪتاب ۾ شامل ٿيا آهن.
غزل جون جڙون سنڌي ادب ۾ پختيون ٿي ويون آهن. هن وقت سنڌيءَ ۾ جيترو غزل لکيو وڃي ٿو شايد ئي ڪا ٻي صنف هجي. ويجھڙ واري دؤر ۾ صرف ۽ صرف شاعر فارسي جي اثر هيٺ زيرِ اضافت جو استعمال ڪيو آهي. پر هن ڏهاڪي ۾ ته شاعرن جو ان طرف به نه هجڻ وارو رويو رهيو آهي.
غزل جي زمين کي فارسيءَ جي ترڪيبن مان ڇوٽڪارو شيخ اياز ڏنو آهي، جنهن جي لکڻ کان پوءِ سڀني ان کي دل سان قبول ڪيو ۽ تيزيءَ سان غزل جي پوک جي آبياري ٿيندي ڏسڻ ۾ ٿي اچي. هن ڪتاب ۾ به گهڻي تڙين انداز ۾ غزل ئي آهن. مان چوڻ به اِهو ٿو گهران ته غزل کي، هن ڌرتيءَ جيتري جلا بخشي آهي جو غزل کي خود ناز ٿو ٿئي، جھومي ٿو، خود کي ڳائي ٿو ۽ هتان جو نقاد غزل جي آهنگ، ترڪيبي اظهار ۽ گائڪيءَ کان گهڻو پري بيٺو آهي! نقادن رڳو غزل تي لکڻ، راءِ ڏيڻ بدران، شاعرن جي دامن ۾ خاک رکي آهي ۽ هڪڙن نقادن ته رڳو نظم کي ٽوڙي، ڀڃي ۽ نثر ۾ بيان ڪيو آهي ۽ اهي پاڻ کي شاعريءَ جو نقاب ٿا سمجھن، جيڪي رڳو نظم جو نثر ۾ بيان ڪن ٿا. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪم نقاد نه ڪري سگهيا آهن.
نثر توڙي نظم ۾ اسان وٽ وڌيڪ تجربات ٿيا آهن ۽ لکيو به ويو آهي ته ضرورت يا کوٽ ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ادب جو انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو نه ٿيو آهي. ان ڪتاب ۾ شامل ڪجهه غزل، جن کي سنڌي زبان جي خوشبوءِ سميت، خيال جي اڻت، گائڪي ۽ شاعراڻا ويس وڳا حسين تر پاتل آهن.
آس هڪڙي تي هت رڪي وياسين
ڌر تتيءَ تي سڙي سڪي وياسين
مرتضيٰ لغاري
ٻين شاعرن جي شاعريءَ ۾ به اهڙيون کوڙ خوبيون آهن پر مان حوالي طور مٿئين شاعري ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ شامل شاعرن جي لاءِ زندگيءَ جي آرائش گهڻو ڪوهه پري آهي. بس، آرائش موجود ئي نه آهي. ان ڏکئي ماحول ۾ ادب سان دلي لڳاءُ رکڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ مسلسل ادبي عمل سان پاڻ کي سلهاڙي رکڻ خوشيءَ جھڙي ڳالهه آهي. شاعري انساني زندگيءَ جي کوڙ پهلوئن کي پختو ۽ پاڻ ڀرو رکيو آهي. هن پسمانده ملڪ ۾ هنن دوستن جو ادب سان دلي لڳاءُ اُجري ۽ صاف پاڻيءَ جي برابر آهي. جيڪڏهن ڳڻپ ڪبي ته علمي ۽ فني طرح بي شمار هن ڪتاب ۾ حسناڪيءَ سان جھنجھيل تخليقون ملنديون. سنڌي شاعري اوڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي نظرياتي محور مان نڪري چڪي آهي. آڳاٽن شاعرن جي شاعري تصوف، مذهب ۽ سياسي نظرين جي ڇانوَ ۾ وڌيڪ رهي آهي. آرٽ جي اِها خوبي آهي ته ادبي نظرين کي وڌيڪ اهم سمجھڻ گهرجي. ان جو بنياد شاهه لطيف رکيو آهي؛ قومي شاعري ٿيندي رهندي، قومون هن وقت به رياستي جبر هيٺ زندگي گذارن ٿيون جيستائين مستحڪم ٿين، تيستائين قومي شاعري ٿيندي رهندي.
شاعري روح جي وڄندڙ تار آهي.
عزيز قاسماڻي
محبوب جو بنگلو - لاڙڪاڻو
11-12-2013
رچنائن جو ڪويتا نگر
مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ جي دوست مرتضى لغاري ‘‘برکا بوند بهار جي’’ نالي سان جيڪو هي رچنائن جو ‘‘ڪويتا نگر’’ جوڙي توهان جو خوبصورت هٿڙن جو سينگار بڻايو آهي، ان ۾ 16 رچنا ڪارن جون قلمي ڪاوشون اوهان جي اکين ۽ دل کان داد وٺڻ لئه هڪ جاءِ تي هٿيڪيون ويون آهن. هن ڪوتا نگر جي پنهنجي حوالي سان ان ڪري به اهميت وڌي وڃي ٿي ڇو ته، هي هڪ ڪتاب جي ڳالهه ناهي، پر سنگت جي سڳنڌ ڀرئي سهڪار سان هڪ ڪتاب مان وڌي ڪيئي ڪتاب به ٿي سگهن ٿا مرڪ پبليڪيشن جو هي ڪتاب ‘‘برکا بوند بهار جي’’ ڪتابي سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي، جنهن ۾ شامل 16 رچنا ڪار ٽنهي حوالن سان شامل ڪيا ويا آهن. هڪڙا سينيئر شاعر آهن، جيڪي سينيئر به آهن ۽ معروف به، پر پنهنجي ذاتي مالي حيثيت ڪمزور هجڻ جي ڪري پنهنجو الڳ مجموعو ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آڻي نه سگهيا آهن. اهڙن دوستن ۾ عبدالله شاه ‘اطهر’، ڪوڙل قربدار، ‘ناشاد’ رشيد سنڌي ۽ ڪجهه ٻيا. ڪجهه شاعر اهڙا آهن جيڪي وچٿرا آهن، نه گهڻا سينيئر آهن نه گهڻا معروف، اهڙن شاعرن کي متعارف ٿيڻ جي لاءِ مناسب پليٽ فارم جي ضرورت هوندي آهي، اهڙي پليٽ فارم جو ڪم مرڪ پبليڪيشن ڪري ڄاڻي. جنهن جي نتيجي ۾ تمام نوجوان شاعرن کي اتساهه ملي ٿو ۽ ڪي اهڙا شاعر دوست به آهن، جيڪي پنهنجي حوالي سان ڳچ وقت کان شاعري ڪندا به رهيا آهن ۽ هو پنهنجي حلقي ۾ چڱي ڀلي واقفيت به رکن ٿا، پراسان هن پليٽ فارم تان انهن کي ادبي هلڪي ۾ بلڪل نوآموز شاعرن جي حيثيت سان متعارف ڪرائي رهيا آهيون، اسان جي لاءِ اها ڀي خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته اسان سان اسان جي هن ڪوتا نگر ۾ ڪجهه اهڙا شاعر به شامل آهن ،جيڪي پنهنجي ڪتابن جا صاحب به آهن اهڙن رچنا ڪارن ۾ ڀيڻ عائشه ميمڻ ، رشيد خانواهي، سميع ساجد جوڻيجو ۽ پريتم قاضي جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا.
مرڪ پبليڪيشن جو هي سلسلو پيار سان پڙهي، پرکي ۽ پنهنجي قابلِ قدر راءِ کان ضرور آگاهه ڪجو ته جيئن اوهان جي راين جي روشني ۾ اسان پنهنجي ٿيندڙ سلسلن کي وڌيڪ خوبصورت ۽ سندر بڻائي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪري سگهون.
مقصود گل
المنظر گهر رتوديرو
عبدالله شاهه ‘اطهر’
---
تعارف
عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ سان منهنجي پهرين ملاقات 1 مارچ 1995ع تي ٿي. معمول مطابق هن مون سان ملي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. جيئن سندس طبيعت ۾ شامل هيو ته هر نوجوان شاعر کي تمام گهڻو اُتساهه ڏيندو رهيو آهي. عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ 29 جولاءِ 1958ع تي سيد شريف شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جنم ڳوٺ دلمراد ٽانوري هاڻوڪو تعلقو سجاول آهي. هو تعليم پرائمري تائين حاصل ڪري سگهيو. هن لکڻ جي شروعات 1973ع کان ڪئي. سندس زندگي جو پهريو شعر گيت آهي. عبدالله شاهه ‘اطهر’ شاعري جي فن جو گهڻو ڄاڻو ۽ استاد شاعر آهي، سندس شاعري جي سفر ۾ پرورش استاد الشُعراءُ پيرل قمبر جي رهنمائي هيٺ ٿي. شهدادڪوٽ جي تاريخ ۾ استاد پيرل قمبر جي شاعريءَ واري اسڪول کي برقرار رکندڙ عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ جهڙي طرح نوجوانن کي شاعريءَ جي فن ۾ اکر اکر سان ملائي وزن بحر ٺاهڻ جي سکيا ڏئي ٿو، اهڙي طرح مون ڪنهن شاعريءَ جي استاد کي نه ڏٺو. هو بنيادي طور تي ڌرتيءَ جو شاعر آهي، ڌرتيءَ جو درد، سنڌي قوم سان ٿيندڙ ناانصافي، سماجي، معاشرتي براين جا عڪس سندس شاعري جا اڻکُٽ موضوع آهن. جڏهن ته رومانٽڪ انداز ۾ به شعر جي بناوت خوبصورت ۽ شاندار آهي. هو پنهنجي زندگي ۾ وڏيرا شاهي جو مخالف، مظلوم جو همدرد هر ظالم خلاف بغاوت جو آواز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هو پنهنجي شعر ۾ به جذباتي انداز ۾ ڪري ٿو، بلڪه گهٽي گهٽي ٿيندڙ هر جلسي جلوس توڙي ادبي سماجي گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن ۾ وڏي واڪي بيان ڪري ٿو.
عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ شاعري جي سڀني صنفن ۾ نباهه چڱي ريت ڄاڻي ٿو. غزل، گيت، وائي، چوسٽو، ٽيڙو ۽ ٻين سڀني صنفن ۾ سندس لکڻ جا ڪامياب تجربا آهن. پر پوءِ به هو غزل ۽ گيت کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو. هو پنهنجي طبيعت ۾ پنهنجي شفيق استاد پيرل قمبر جو مجسمو آهي. ڄڻ ته شاعري سهيڙڻ، گڏ ڪرڻ سندس شوق ۾ ئي شامل نه آهي پر مون جڏهن هن جي وکريل ڪوِتائن تي هڪ نظر وڌي ته محسوس ڪيم سندس شاعري پنجن ڇهن ڪتابن کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.
عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ ادبي سرگرمين ۾ استاد پيرل قمبر جي هوندي سندس ‘‘بزم پيرل قمبر’’ جو سرگرم اڳواڻ رهيو. استاد جي وفات کان پوءِ باقي ‘‘بزم پيرل قمبر’’ جي اڳواڻن سان ڪجهه بنيادي اختلافن سبب هن ‘‘بزم پيرل قمبر’’ کي الوداع چيو. ان کان پوءِ 1999ع ۾ استاد پيرل قمبر جي ننڍي ڀاءُ مولا بخش سومرو سان گڏجي ‘‘پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ ‘‘ جي نالي سان تنظيم جو بنياد وڌائين. هو تنظيم جي باني هجڻ سان گڏوگڏ چونڊيل مرڪزي صدر پڻ آهي. هو پنهنجن تنظيمي سرگرمين ۾ سڄي سنگت کان وڌيڪ جاکوڙي ڪردار رهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ هن پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي ڊويزن تائين جي سينيئر توڙي جونيئر شاعرن اديبن سان رهاڻيون ميڙاڪا ۽ مشاعرا ٿيندا رهن ٿا.
استاد پيرل قمبر جي سالياني ورسي پڻ سنڌ سطح تي باقائدي هر سال ٿيندي رهي ٿي. جنهن ۾سڄي سنڌ جا ناميارا ۽ سگهارا اديب شرڪت ڪندا رهن ٿا. استاد پيرل قمبر جي وفات کان پوءِ سندس شاعريءَ کي سهيڙي 2007ع ۾ ‘‘سجدو ادس آ’’ جي نالي سان ڪتاب شايع ڪرائڻ به پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ جي سرگرمين ۾ شامل رهيو ۽ استاد پيرل قمبر جو ٻيو ڪتاب به عبدالله شاهه اطهر جي نگراني هيٺ ڪمپوزنگ جي مرحلي ۾ آهي، جيڪو پڻ جلد شايع ٿيندو. هو مستقل مزاج ماڻهو آهي جيڪو ادب جي سفر ۾ ڪنهن به پنڌ تي پري پري تائين ٿڪجڻ جو تصور ئي نه ٿو رکي.
عبدالله شاهه اطهر هن وقت ڪمبوهه محلا شهدادڪوٽ ۾ رهي ٿو.
ائڊريس. آفيس پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ مرڪز شهدادڪوٽ.
موبائل: 03342010903
Email. abdullahshah.pqass@yahoo.com
مرتضى لغاري 15 ڊسمبر 2013
سنڌ پنهنجي مٿان، جند گهوري ڇڏيان،
سنڌ پنهنجي مٿان، جند گهوري ڇڏيان،
جو به ڏونگر ملي، ان سان ڏوري ڇڏيان.
ديپ ٻاري ڇڏيان، هي مان رت سان هتي،
خون پنهنجي سان، ڌرتيءَ کي توري ڇڏيان.
پير غيرن جا سنڌڙي مٿان جي ڏسان،
جيءُ جيرا پليتن جا جهوري ڇڏيان.
قوم جي رت پياڪن کان بدلو وٺان،
ڇو نه لت ڏئي ڀتر جان مان ڀوري ڇڏيان.
وڙهي وڙهي مري وڃان پنهنجي شهر پڄائجو،
وڪي آ سنڌ جن اهي غدار منهن نه لائجو،
اي باغِيو وصيتون اوهان کي هي ڏسيان پيو.
اڃان ته مون ۾ ساهه آ ڇو آخري پساهه آ،
اي ”عبدلله شاه’’ هن آزادي تي ويساهه آ،
نه پٺتي پير آ هٽيو اڳي اڳي وڌان پيو.
**
تنهنجي محبت ۾ مان يار گُم ٿي وڃان، پيار ايڏو نه ڏي پيار ايڏو نه ڏي.
تنهنجي محبت ۾ مان يار گُم ٿي وڃان، پيار ايڏو نه ڏي پيار ايڏو نه ڏي.
سنڌ جيجل امڙ کي وساري ڇڏيان، پيار ايڏو نه ڏي پيار ايڏو نه ڏي.
سونهن سڪ جي نشي م مزو ٿو اچي،هوڏانهن سنڌو سڪل آهي سنڌ ٿي سڏي،
فرض ڪهڙو ادا ڪيان ٿو توکان پُڇان، پيار ايڏو نه پيار ايڏو نه ڏي.
وڙهندي سنڌ لئه مران سنڌ جو قرض آ ناتو توسان نڀائڻ منهنجو فرض آ،
فرض ۽ قرض کان جيئن نه قاصر ٿيان، پيار ايڏو نه پيار ايڏو نه ڏي.
سنڌ ۾ ساهه آ ٻيو توسان چاهه آ، هن ٻنهي تي منهنجو يار ويساهه آ،
هڪ ڪري پيو محبت ٻنهي سان ڪيان، پيار ايڏو نه پيار ايڏو نه ڏي.
معاف تاريخ ‘‘اطهر’’ ڪٿي آ ڪندي، ورق اٿلائبا پو ملامت ٿيندي،
لعنتاڻي انهي کان بچڻ ٿو گهران، پيار ايڏو نه ڏي پيار ايڏو نه ڏي.
**
شفيع محمد ‘شاد”
---
تعارف
ميرو خان تعلقي جي شاعرن ۾ شفيع محمد شاد ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. هو ادبي سرگرمين، صحافت جي دنيا ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ به سنجيده ۽ سڀاويڪ شخصيت جو مالڪ آهي.
هن 1 اپريل 1973ع تي سهراب خان ٽاٽڙي جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ تعليم مئٽرڪ اٿس. هن لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. غزل، گيت، وائي، ٽيڙو ۽ نظم سميت شاعريءَ جي سڀني صنفن تي عبور اٿس.
سندس شاعري پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته سندس نظم تمام سگهارا آهن. شاعريءَ سان گڏوگڏ هو نثر ۾ مضمون، مقالا به لکندو رهي ٿو، جيڪي مختلف اخبارن توڙي مئگزينن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. شفيع محمد شاد هن وقت تائين نثر توڙي نظم جا چار ڪتاب سهيڙي چڪو آهي، جيڪي اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهن.
هو ميرو خان شهدادڪوٽ، قمبر ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ننڍن وڏن ميڙاڪن ۾ شامل ٿيندو رهي ٿو. کيس بهترين شاعر طور سنڌي ادبي سنگت مرڪز طرفان 2010ع ۾ ايوارڊ مليو.
ادبي سرگرمين ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميروخان جو سينيئر ميمبر ۽ سرگرم اڳواڻ آهي. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي مئگزين ‘‘نئين آس’’ شهدادڪوٽ جو مستقل ليکڪ ۽ بورڊ جو ميمبر پڻ آهي. هو صحافت جي دنيا ۾ به سٺي سڃاڻپ رکي ٿو. روزاني ڪوشش سميت مختلف اخبارن ۾ مستقل لکندو رهي ٿو. هو پسنديده ڪتاب شاهه جو رسالو ٻڌائي ٿو. ادبي شخصيت ۾ شيخ اياز ۽ سياسي شخصيت ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پسند اٿس.
شفيع محمد شاد هن وقت ميروخان شهر ۾ رهي ٿو.
Cell: 0300-3429734
ائڊريس: شهباز ٽيلر ميروخان
نظم:اي چنڊ تنهنجي چانڊوڪيءَ ۾!
هڪ ماڻهو موتي داڻو آ
جو روح منهنجي جو راڻو آ
سو پنهنجي گهر جي آڳر تي
هڪ بخمل واري بستر تي،
هو ڄڻ ته گلاب جو گل آهي
سو گهري ننڊ ستل آهي
هو جهڙي مهل به جاڳي پئي...؟
ان سهڻي صورت واري کي،
ان ساهه کان وڌ پياري کي
تون ساري هي پيغام ڏجان،
آداب چئي هي عرض ڪجان،
ڪنهن هڪڙي عاشق ديواني
جيئن شمع خاطر پرواني جي،
دل ۾ اڻتڻ سئن هجي،
سِر گهورڻ لئه بيچين هجي،
ڪو اوسيئڙي ۾ الجهن ۾
پيو وقت گذاري ويدن ۾
ڪو تڙپي تڙپي گهاري ٿو
محبوب پنهنجي کي ساري ٿو،
اهڙي سڪرات جي ساعت ۾،
ڪو پنهنجي چنڊ جي چاهت ۾،
بڻجي برسات ڀِنو آهي،
ڪو ساري رات رُنو آهي،
ها ساري رات رُنو آهي..!
اي چنڊ تنهنجي چانڊوڪيءَ ۾!
**
ڪوڙل قربدار جو اصل نانءُ، ذوالفقار علي سمون ولد جاڙو خان سمون، جنم 15 فيبروري 1971ع جمع جي ڏينهن ٿيو. سندس جنم ڀومي ڳوٺ فيض محمد بجراڻي تعلقو قمبر آهي. هن 2002ع ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ پرائمري استاد طور هن وقت ڳوٺ حاجي لاشاري خان مغيري تعلقو قمبر ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهي. هو لکڻ جي شروعات 1989ع کان ٻڌائي ٿو، ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍ جبر سندس لکڻين جا موضوع رهن ٿا، نثر توڙي نظم ۾ لکڻ جي ڀرپور صلاحيت رکندڙ ذوالفقارعلي جي ادبي سڃاڻپ شاعر طور ادبي نانءُ ڪوڙل قربدار سان ٿي. شاعري جي سڀني صنفن تي سٺي دسترس هوندي پسنديده شاعري جي صنف غزل اٿس، پر سندس شاعري ۾نظم به اونچو ڳاٽ رکن ٿا.
قمبر شهر سان نسبت رکندڙ ڌرتيءَ جي بهترين شاعر استاد پيرل قمبر جي رهنمائي هيٺ شاعريءَ جو سفر ڪندڙ، ڪوڙل قربدار ٻڌائي ٿو ته سرمد چانڊيو ۽ خير محمد سوز ڇڄڙائي به سندس لاءِ استاد جي حيثيت رکن ٿا. هو نثر توڙي نظم ۾ چئن ڪتابن جو مواد سهيڙي چڪو آهي. جيڪو اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهي.
گڏيل شاعرن جي ٻن ڪتابن ‘‘چانڊوڻان چمڪن’’ ۽ ‘‘مون ڏات انوکي آندي آ’’ ۾ سندس ڪوتائون ڇپجي چڪيون آهن. ان کان علاوه استاد پيرل قمبر جي زندگي، فن ۽ فڪر تي لکيل مختلف اديبن جا مضمون سهيڙي ‘‘پيرل قمبر - تخليقارن جي آئيني ۾’’ نالي سان ڪتاب ترتيب ڏنو اٿس، جيڪو پڻ ڇپائي هيٺ آهي. سنڌ جي مختلف وڏن وڏن ميڙاڪن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ادبي سفر جي اولين ترجيح آهي.
پسنديده شاعرن ۾ کيس استاد پيرل قمبر، استاد بخاري، سرمد چانڊيو ۽ قاضي مقصود گل آهن.
پسنديده ڪتاب، ‘‘شاهه جو رسالو’’، ‘‘سجدواداس آ’’ (استاد پيرل قمبر) ۽ ‘‘رت ڀنا رابيل’’ (مقصودگل) آهن.
ڪوڙل قربدار ادبي سرگرمين ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر جو سينيئر ميمبر آهي. 2012ع ، 2013ع لاءِ سنگت قنبر ۾ ‘ڪائونسلر’ رهي چڪو آهي. ان کان علاوه پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ شهدادڪوٽ جو اعزازي ميمبر ۽ پيرل قمبر ساهت سنگت لاڙڪاڻو جو باني پڻ آهي. اهڙي طرح سندس ادبي سفر ۾ قدم تڪڙا ۽ ڪارائتا آهن.
ڪوڙل قربدار جي مستقل رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.
ائڊريس: منظور آباد محلا لاڙڪاڻو موبائل: 03463492744
ڪري هار ٻانهن جا منهنجي ڳلن تي،
مِٺن تي مٺيون ڏئي چوي ٿي اڱڻ تي.
هي مستي جواني جو پيمانو ڇلڪي،
پرين ساڻ جو مئڪشي ٿي اڱڻ تي.
کڙيو کيت مهڪي آخوشبو جو ‘‘ڪوڙل’’
هي ڦولار ميندي پچي ٿي اڱڻ تي.
**
نظم
نينهن جون نوازشون رهيون،
بي بها ۽ بي مثال اڻ مَيون.
پيار ڪائنات جو مليو،
زندگي جون ساعتون بڻيون.
آهِه خواب ساڀيان رهيو،
مان ڳلي ٿو لايان محبتون.
مان خنجر جي نوڪ تي نچان،
گيت ڪو سريلو ڳاءِ تون.
عشق منزلون رسائي ۽،
بخشي چيتي جان ٿو جرئتون،
نئين نسل جي هوش جوش کي،
سنڌ جون ڪيان ٿو پارتون.
ڪائناتي هن حسن سنديون،
ڪر ڌڻي آباد رونقون.
**
نينهن جي نگاهه سان نهار،
نينهن جي نگاهه سان نهار،
ٺار ٺار دل اسان جي ٺار.
مئڪدي وڃان ته ڇو وڃان،
جام ڏي نيڻن جو تار تار.
تون سدا بهار گل جيان،
بيقرار کي سدا کيڪار.
تنهنجي آ جواني پيار جي،
رک نه ٻن اکين ۾ تون ترار.
پيار محبتون سدا جيئن،
نفرتن کي سمجهان ٿو مان گار.
جا ٺهي نه ‘‘قربدار’’ سان،
دل نه اهڙي يار ڌار ڌار،
**
جرئتن سان گهار، زندگي!
جرئتن سان گهار، زندگي!
سينو سپر ڌار، زندگي!
لڪير جو فقير ٿي نه ويهه،
اُٿ اُٿي سنوار زندگي.
موت سان اکيون اکين ۾ ڏئي،
تون بڻاءِ هٿيار زندگي.
پاڻ گهوٽ ڪو نشو ٿيئي،
همتون نه هار زندگي.
ويٺين ڇو مٿي کي ٽيڪ ڏئي،
ٿي ڏيَئي ميار زندگي.
منزلِ آ روشني اڳيان،
کڻ قدم ٻه چار زندگي.
سنڌ تنهنجي محبتن ۾ ٿي،
آهه ‘‘قربدار’’ زندگي.
**
وائي
ايڏو پيار ڇو،
وڻندو وڻندو ٿو وڃي..!
معصومن جي مُرڪ جان،
گل خوشبوءِ جهڙو،
وڻندو وڻندو ٿو وڃي.
تنهنجي تر ۽ ڳوٺ جو
ماڻهو من هر ڪو،
وڻندو وڻندو ٿو وڃي.
تنهنجي نيڻن جو قسم،
ساٿ تِرَ ڳل جو،
وڻندو وڻندو ٿو وڃي.
تنهنجي چهري تي پرين،
پهرو زلفن جو،
وڻندو وڻندو ٿو وڃي.
تو جو ‘‘ڪوڙل ‘‘ کي ڏنو،
محبت جو تحفو،
وڻندو وڻندو ٿو وڃي.
**
نظم
جيءُ جياريو جيجل جهولي،
جيڏي مٺڙي تيڏي سولي.
پيار پرولي هيئين هولي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي،
جنهن ۾ سمايل پيار محبت،
سٽ سٽ ۾ خوشبوءَ جي چاهت،
مرڪن هاڻي ساهه سيباڻي،
قُرب ڪهاڻي ساهه سيباڻي،
تاريخن جي ورقن ۾ هي،
موهن کان آ ڪافي اڳ جي،
سندر سندر مٺڙي مٺڙي
زنده آهي زنده رهندي،
قادن قاضيءَ جي هي ٻولي،
شاهه سچل سامي جي ٻولي،
حاجي ۽ حامي جي ٻولي،
جويي ۽ صوڀي جي ٻولي،
پنهور ۽ محبت جي ٻولي،
بيوس ۽ تاجل جي ٻولي،
منشي ۽ سائل جي ٻولي،
بيدل ۽ غمدل جي ٻولي،
سيد سوڀاري جي ٻولي،
شيخ، بخاري جي هي ٻولي،
گوبند مالهي جي هي ٻولي،
ارجن، نارائڻ جي ٻولي،
هاري ۽ ناري جي ٻولي،
مرڻي ناهي مرڻي ناهي،
تنهنجي ٻولي منهنجي ٻولي،
ٻولي جنهن جي جهول ڪُشادي،
مقصد پيار امن آزادي،
دولهه دريا خان جي وادي،
سنڌ سڀيتا پئي آ جاڳي،
هاڻ ته ٿيو آ هر ڪو باغي
قومن ڪيڏو ڀوڳيو آهي،
پوءِ به ويون ڪي پاڻ مڃائي،
قوم به پنهنجي لڇندي آخر
ويندي پنهنجو پاڻ مڃائي
ٻولي خاطر دودا ڪڏندي
ڏيندا پنهنجو ڪنڌ ڪپائي.
سوليءَ تي سِرَ ‘‘ڪوڙل’’ آهن،
مرڪي ماڻيندا هي منزل.
**
_____________
(حاجي احمد ملاح،ايم _ايڇ_پنهور ۽ محبت ٻرڙو) جو ڪيل ذڪر
نظم
ضمير مون تي ڪندو ملامت،
لکان نه توتي غزل جي پياري،
حسين تخليق تنهنجي سانئڻ،
رهون ٿا جنهن جا اسان پوڄاري.
بهار موکيو جوان رُت تي،
گلاب مکڙيون سدا ٿيون مرڪن،
سنڌوءَ جي ڇولين تي سونهن ساگر،
سهاڳڻن جان ڪراءِ درشن،
سڪون اک کي سڪون دل کي،
دماغ کي تازگي رهي ٿي،
هي سبز چادر جي چنري اوڍيل،
وشال تنهنجي ڏسي بدن تي،
رنگين خوشبو هُڳاءُ اوتون،
هزار ڀونئرا طواف ڪن ٿا،
خوشي وچان مڌ مست رهن ٿا،
هي چنڊ تارا ۽ ڪهڪشائون،
سميت سجدن ۾ آسمان ڀي،
ديار تي سر جهڪائي هر پل،
ٿئي ٿو رقصان اعزاز سمجهي،
ليار لالي ڳنڍير ڳاڱيون
ليون ۽ لاڻا ڏسي ٺران ٿو،
سنڌوءَ ڪنارا ڏسي ٺران ٿو،
رکي اوهان جي پيرن تي اکڙيون،
چمان سمورا نشان تنهنجا،
سدا خوشين ساڻ کيڏ کيڏي،
گهران ٿو ‘‘ڪوڙل’’ اها دعا مان.
**
نظم
تنهنجي جادو نظر تنهنجو خوشبو بدن،
تنهنجو جوڀن جواني ڀي مست و مگن،
تنهنجون مرڪون مٺيون کير کنڊ ٿيو پون،
مرڪ موتيا مشڪ عنبر لڳن،
موج مهراڻ آن ساهه سرهاڻ آن،
چاهه چانڊاڻ آن شفق لالاڻ آن،
ڪيف آور اکيون ٿي جڏهن تو کيون،
نينهن جا ٿيا نشا مئي خمارن ۾ هون،
تو مٺن تي مٺيون مونکي ارپي ڇڏيون،
او سکي دل ڪشيون اڻ ميون محبتون،
حور جو پرتوو ڇا مان تشبيح ڏيان،
سونهن جلوا نوان ڪارگر ڪيميا،
پنهنجي نيڻن مان مئي جي تو سُرڪي ڏني،
زندگي دائمي تو آ بخشي ڇڏي،
تنهنجي مرڪڻ سان منهنجي وڌي زندگي
تنهنجو نالو رکيم زندگي دوستي،
تون سنڌوءَ جي ڪنارن جان سهڻي لڳين،
تون ته ڪينجهر جي گل جان ٿي ڪومل رهين،
تون ڀٽائي، سچل، سامي جي سورمي،
مور جي ٽور کي ڇهه ڏيو ٿي ڇڏين،
تنهنجي ساراهه جا گل نڇاور ڪيان،
سونهن تنهنجي پرين دل جي ڪعبي مٿان،
پيار جي ڇانو ڪَن رُڃ ۾ بڙ جيان
سونهن معصوم محبوبا ايئن لڳي،
جيئن موهن دڙي جي آ ڳاڙهي مٽي،
دل جي شوڪيس ۾ تنهنجي تصوير هي،
مون سجائي رکي ها سجائي رکي،
کيرٿر جان تون اوجر ۽ سندري سکي،
تنهنجي ريشم جواني آ سورج مُکي،
ست رنگي چوڙيون گجرا رابيل جا،
هٿ ميندي رتا ڪيڏا سونهن پيا،
سون ورني هُڳاءُ سڳداسين سندو،
تون کٿوري جيان واسي تر آ ڇڏيو،
تنهنجا گُفتا مکڻ ماکي مصري سندا،
انب سنڌڙي سندا زنب بُسري سندا،
کير جهڙي وهي ۽ ٿي لچڪي اڳي،
شام سُرخي سهاڳڻ ٿي سرهي لڳي،
هڪ نه ‘‘ڪوڙل’’ رهيو تنهنجي حاضر اڳيان،
چنڊ تارا سڀئي تنهنجي طابع ٿيا.
**
حسين منظر حسين مرڪون حسين جلوه نمائي محفل.
حسين منظر حسين مرڪون حسين جلوه نمائي محفل.
بهار موکيو گلاب مهڪيا ڪيڏي نه خوشبوءَ رسائي محفل.
پيار پوڄا ۽ سونهن سچ جا حسين تصور چٽيا مصور،
وضو سنڀاري غزل پڙهن ٿا، غزل انهن جي رچائي محفل.
اکيون اکين سان ملي وٺن ٿيون مٺيون مٺن تي ڳٽن ڳلن تان،
اداس نيڻن کي سونهن سوڀيا هميشه آهي چمائي محفل.
اسان جي دنيا آزاد دنيا اسان نه ڄاڻون فساد فتنو،
اسان امن جا پکي مسافر اسان امن جي سڏائي محفل.
ڪتاب مقدس جو روح ۽ آن رسالي ڀٽ جي وجود جهڙي،
پڙهان ٿو ورقن جا ورق ساري قرار جي دل خدائي محفل.
لطيف اڳيان ڪراڙ ڍنڍ تي اياز ويهي قرار ماڻيا،
گلاب رابيل تازيون مکڙيون ڪمال آهي هُڳائي محفل.
نظر نظر ۾ جوان رت آجوان رت جو نشو الڳ آ،
پئون جيئون ٿا پيار پيالو خمار آهي ڀلائي محفل.
ڏٺم صبح جو چمن ۾ بلبل ڪري پيو تنهن سان گلاب محفل،
حجاب وچ ۾ رهيو نه ڪوئي هئي ته ڪا با وفائي محفل.
**
ناشاد رشيد سنڌي
---
تعارف
شهدادڪوٽ شهر کي شاعرن جي سر زمين سڏيو وڃي ٿو، جتي استاد پيرل قمبر، ڊاڪٽر نذير جروار، حبيب الله حبيب شهدادڪوٽي ۽ زيب مگسي جهڙا بهترين شاعر ٿي گذريا. اهڙن استاد شاعرن نه صرف پنهنجي تخليقي سڃاڻپ کي زندگيءَ جو مقصد سمجهيو پر نئين ٽهيءَ جي شاعرن جي رهنمائي ڪري کين اتساهه ڏيڻ به سندن شوق ۾ شامل رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ شهدادڪوٽ تمام خوبصورت شاعرن جومرڪز بڻيو.
اهڙن خوبصورت شاعرن جي ڊگهي قطار ۾ ناشاد رشيد سنڌي به هڪ نمايان نانءُ آهي. جيڪو ڌرتيءَ جي بهترين شاعر استاد پيرل قمبر جي نهايت ئي ويجهو رهندڙ شاگردن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
ناشاد رشيد 01 جنوري1971ع تي شاهه رکيو مستوئي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جنهن کي عبدالرشيد جي نانءُ سان ذاتي سڃاڻپ ڏني وئي. هو ننڍپڻ کان نهايت ئي سادي سلڇڻي زندگي بسر ڪري ٿو. هميشه مٺو ۽ ماٺو ماڻهو هجڻ سان گڏ تمام سنجيده طبيعت جو مالڪ آهي. جنهن جي ڪري تمام ادبي ۽ ذاتي دوستن ۾ بهترين سڃاڻپ اٿس. پورهيت فيملي جي غربت سبب ناشاد رشيد پنهنجي تعليم پنج درجا کان اڳتي وڌائي نه سگهيو. ٻالڪپڻي کان وٺي اڄ تائين سندس ذاتي ڪرت ۾ محنت مزدوري ئي شامل آهي. هن لکڻ جي شروعات 1988ع کان ڪئي ، کيس نثر توڙي نظم ۾ لکڻ جو بهترين ۽ ڀرپور انداز آهي. مگر ادبي سڃاڻپ شاعري اٿس.
سندس شاعري جي مطالعي کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته هو گيت ۽ غزل جو بهترين شاعر آهي. ناشاد رشيد جي شاعري ۾ سنڌ جا بنيادي حق ، سنڌي عوام جي مظلوميت ،سنڌ جي نياڻي سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ سنڌ جي آزاديءَ جا موضوع نمايان سمايل آهن ته نرتڪيءَ جي نينهن جون نوازشون به نروار آهن. هن وقت تائين نثر توڙي نظم ۾ هو پنجن ڪتابن جو مواد لکي چڪو آهي جيڪو اڻڇيل صورت ۾ آهي.
1993ع کان وٺي سنڌ جي تمام مئگزينن توڙي اخبارن ۾ سندس ڪوتائون ڇپجنديون رهن ٿيون. جن ۾ ٽه ماهي ‘‘مهراڻ’’، ‘‘پيپلز ٽائيم’’، ماهوار’’مومل’’، ماهوار ‘‘هالار’’، ماهوار ‘‘ادب’’، ماهوار ‘‘سوجهرو’’، ماهوار ‘‘نئين زندگي’’، ‘‘نئين سوچ’’ ۽ ماهوار ‘‘نئين آس’’ مئگزين شهدادڪوٽ شامل آهن.
ناشاد رشيد سنڌي پسنديده ڪتاب شاهه جو رسالو ،پسنديده ادبي شخصيتن ۾ استاد پيرل قمبر ۽ استاد بخاري ٻڌائي ٿو. سياسي شخصيتن ۾ ڌرتيءَ جي بهترين سياستدان سائين جي_ايم سيد کي پسند ڪري ٿو. ادبي سرگرمين ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادڪوٽ جو سينيئر ميمبر رهيو، پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ شهدادڪوٽ جو مستقل ميمبر آهي ۽ 2002ع کان 2006ع تائين مرڪزي نائب صدر رهي چڪو آهي.
جڏهن ته سياسي طور تي جيئي سنڌ قومي محاذ جو پڻ پراڻو ڪارڪن آهي .
ناشاد رشيد سنڌي هن وقت باقر آباد محلا شهدادڪوٽ ۾ رهي ٿو.
ائڊريس:آفيس نئين آس مئگزين شهدادڪوٽ
موبائل:03316065911-03052564897
ڇڏ اميري ۽ غريبيءَ جي پچر،
لالچي دنيا سان ڏي ليکا ڇڏي.
جي خدا بخشي ته حج آهي هتي،
آ مديني ۾ سڄڻ مڪه ڇڏي.
ڪيئن ڇڏيان مان سونهن ۽ سنڌ جي پچر،
جي چوين ‘‘ناشاد’’ هي دنيا ڇڏي.
**
دل جي ويراني ۾ جو اچن ٿيون مڙي،
دل جي ويراني ۾ جو اچن ٿيون مڙي،
شام جو هي اداسيون عقابن جيئان.
چاهه چنبڙي پيو سور چهنڊي وڌي،
برهه بي خود ڪيو آ عذابن جيئان.
سونهن ۽ سنڌ جي سوچ سانڍي رکيم،
ها مقدس جهان جي ڪتابن جيئان.
دل جي هو درميان دوستي داغ ڪو،
درد اهڙو مليو آ ثوابن جيان.
چنڊ سان جيئن ستارا به سونهن سڀئي،
سنڌ سونهين سنڌين سان گلابن جيئان.
آءٌ ماضيءَ جي لمحن جي ٿو ڳالهه ڪيان،
ڀل پيون يادون مڙن احتسابن جيئان.
**
وائي
هوريان هوريان گهم،
هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
وات وارو ڏي مون کي
کاڌل هي چيگم.
هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
چولو ٿو چمڪا ڪري ،
لئي ۾ آهين گُم.
هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
چوٽيءَ ۾ مان گل جيان،
توسان رهان هر دم،
هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
توکي ڏسندي ٿيو وڃا،
سوچن ۾ گُم سُم،
هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
”ناشاد“ سان کنڊ کير جيان ،
تنهنجو ٿئي سنگم.
هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
**
تڙپين ٿو پيو تاسو آهين،
تڙپين ٿو پيو تاسو آهين،
عشق اڃارا خاسو آهين.
سنڌو ساگر آهين پوءِ ڀي،
ٿر جهڙو ڪو پياسو آهين.
ٿر جو سمجهان بر جو سمجهان ،
ڪوهستان جو پاسو آهين.
پاڻ تماشو پنهنجو ڏسين ٿو،
دنيا لئه ڪو هاسو آهين.
سوليءَ تي منصور مُڪا تو،
ڪيڏو ‘رشيد’ بي قياسو آهين!
**
رشيد خانواهي
---
تعارف
رشيد خانواهي پهرين اپريل 1969ع تي عبدالله چانڊيو جي گهر ڳوٺ خانواه تعلقي قبوسعيد خان ۾ پئدا ٿيو. سندس ڇٺيءَ جو نانءُ عبدالرشيد رکيو ويو. ايجوڪيشن ايم_اي سنڌي اٿس. هن وقت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ سنڌي سبجيڪٽ جو ليڪچرار آهي. هن لکڻ جي شروعات 1987ع کان ڪئي، سندس شاعري ۾ استاد احمد علي ‘‘صابر’’ ۽ گل محمد شاهه ‘‘گل’’ بخاري آهن. سندس پهريون شعر آهي ‘‘آزادي انسان ٿو چاهي’’ جيڪو نئين سوچ مئگزين ڪراچي جي فيبروري 1990ع واري شماري ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ به سنڌي ٻوليءَ جي تمام مئگزينن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندو رهي ٿو. رشيد خانواهي نثر توڙي نظم ۾ لڳاتار لکندو رهي ٿو، سندس ادبي سڃاڻپ شاعري آهي. هو شاعري جي صنفن غزل، گيت، وائي، نظم، ڪافي، چوسٽو ۽ ٽيڙو سميت سڀني صنفن ۾ خيالن جو اظهار خوب ڄاڻي ٿو. شاعري جي فن ۽ فڪر جي پختگي سان گڏ هو ڏات ۽ ڏانءُ جو ڀرپور شاعر آهي. هو نثر توڙي نظم ۾ چار ڪتاب لکي چڪو آهي، جن مان شاعري جو ڪتاب ‘‘سڄڻ ۽ ساڻيهه’’ ۽ نثر ۾ ‘‘املهه انسان’’ ڇپجي چڪا آهن. نثر جا ٻه ڪتاب ‘‘سنڌي ادب جا سونهري باب’’ ۽ ‘‘ڌرتي جا ڌنڱ’’ اڻڇپيل صورت ۾ آهن. رشيد خانواهي شهدادڪوٽ جي سينيئر شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو سندس شاعري ۾ عشقيه انداز سان گڏوگڏ، ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ناانصافين جا موضوع ملن ٿا.
رشيد خانواهي سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادڪوٽ جو بنيادي ميمبر آهي ۽ مختلف عهدن تي رهندي هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادڪوٽ جو سيڪريٽري ۽ سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچررس ايسوسيئيشن (سپلا) شهدادڪوٽ يونٽ جو صدر پڻ آهي.
بهترين شاعر جي حيثيت سان 2006ع ۾ ‘‘پيرل قمبر ايوارڊ’’ ۽ ان کان علاوه ‘‘بيسٽ ٽيچر ايوارڊ’’ پڻ حاصل ڪيو اٿائين. سندس پسنديده ڪتاب شاهه جو رسالو آهي، هو هر انهي ليکڪ کي پسند ڪري ٿو جيڪو سچ ۽ سونهن لاءِ لکي ٿو. پسنديده ادبي شخصيتن ۾ هو شاهه لطيف، استاد بخاري ۽ راشد مورائي ٻڌائي ٿو. موسم بهار، لباس سنڌي، کاڌي ۾ سرنهن جو ساڳ ۽ چانورن جي ماني پسند ڪري ٿو. رشيد خانواهي، هن وقت ڊرٻ محلا شهدادڪوٽ ۾ رهي ٿو.
ائڊريس: سنڌي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ.
موبائل:03342003531-03032003531
رهيو آ ساٿ سورن جو، سکن جي ڪا خبر ڪانهي،
رهيو آ ساٿ سورن جو، سکن جي ڪا خبر ڪانهي،
رهان ٿي قيد ڪوٽن ۾، پکن جي ڪا خبر ڪانهي.
نه هوندو کير ڌاتو ڪو، نه هوندو گاهه کاڌو ڪو،
الائي ڪيئن ٿيا ليلا، انهن جي ڪا خبر ڪانهي.
نه ڪي قاصد، نه ڪي خطڙو، نه ڪي پيغام آيو ڪو،
نه ڪي وانگي وريو ڪوئي، وطن جي ڪا خبر ڪانهي.
سدائين سومرا گهارين، پيو باغن ۽ بنگلن ۾،
اسان جو چاهه چونرن سان، چمن جي ڪا خبر ڪانهي.
هميشه ئي رهيو آهين، خوشين ۾ ‘‘خانواهي’’ چئي،
سکن جي سڌ سڄي توکي،ڏکن جي ڪا خبر ڪانهي.
**
حال منهنجي تي هڙن روئي ڏنو،
حال منهنجي تي هڙن روئي ڏنو،
محب ماڻهن ۽ مِرُن روئي ڏنو.
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ۽ ادبي مرڪز آهي، سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين سميت مختلف تنظيمن ۽ ادارن جي ادبي سرگرمين جي نتيجي ۾ نوجوانن جي لکڻين ۾ پختگي ۽ واڌارو اچي ٿو، اهڙي ماحول ۾ جنم وٺندڙ نوجوان شاعر عمر دراز پڻ اسرندڙ شاعرن ۾ شامل آهي. هو پنهنجي هم عمر شاعر دوستن ۾ غزل گو شاعر جو ڏيک ڏئي ٿو. 1 جنوري 1979ع تي حاجي ارباب علي سومرو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ عمر دراز کي ڇٺيءَ جو نانءُ علي گل ڏنو ويو. محمد انور، محمد پناهه ۽ لال بخش چانڊيو جهڙن استادن جي رهنمائي هيٺ هو پرائمري کان بي_ڪام جي ڊگري تائين پهتو.
عمر دراز پنهنجي ذاتي زندگي ۾ خوش طبع، سادگي پسند ۽ مستقل مزاج ماڻهو آهي. هن لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي. شاعري جي مختلف صنفن تي لکڻ جو ڏانءُ خوبصورت اٿس، مگر پسنديده شاعري جي صنف غزل ٻڌائي ٿو. سندس شاعري ۾ وزن بحر جي پختگي سان گڏ خيالن جو اظهار پڻ سگهارو آهي. هن شاعري جا چار ڪتاب لکيا آهن، جيڪي اڻڇپيل صورت ۾ موجود اٿس. هو پسنديده شاعرن ۾ استاد بخاري ۽ ع.غ تبسم ٻڌائي ٿو. ڪِرت ۾ سندس ذاتي ڪاروبار آهي. عمر دراز هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.
ائڊريس: پبلڪ هيلٿ آفيس، ذوالفقار باغ لاڙڪاڻو.
موبائل: 03003431415
پورو نالو : محمد مٺل
پيءُ جو نالو : محمد يوسف سولنگي
ادبي نالو : مٺل سولنگي
ادبي سڃاڻپ: شاعر
جنم تاريخ : 11 جون 1977ع
تعليم : بي _ايس_ سي
لکڻ جي شروعات : 1995ع کان
ادبي صنفون: نثر توڙي نظم
ڇپيل ڪتاب : ڪو به نه
اڻڇپيل : ٽن ڪتابن جو مواد
پسنديده شاعري جي صنف : غزل ۽ وائي
پسنديده شاعر : شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ شيخ اياز
پسنديده شخصيت : سوڀو گيانچنداڻي
موسم : پن ڇڻ جي
ڏينهن : ڇنڇر
مستقل رهائش : لاڙڪاڻو شهر
ائڊريس : پاڪ مسلم ميڊيڪل اسٽور لاڙڪاڻو
موبائل : 03443908381
تنهنجي خوابن جي روشني اکين ۾ رکي،
پنهنجو اڳتي سفر وڌائڻو آهي.
تنهنجون ڳالهيون سدا آ ڳائيندو،
منهنجو هي روح تنهنجو ڳائڻو آهي.
تنهنجي محبت جي ڇانوَ جي ضرورت آ،
توسان جيون ڪٺي گذارڻو آهي.
رنگ سنسار جا ڏسي متان ُڀلجو
وقت سان پاڻ کي سنڀالڻو آهي.
مون ‘مٺل’’ نفرتون ڪڍي ڇڏيون دل مان،
پيار جو انقلاب آڻڻو آهي.
**
منهنجا سپنا ننڊ نٿا ڪن.
منهنجا سپنا ننڊ نٿا ڪن.
دل جا جذبا ننڊ نٿا ڪن.
تنهنجا پير جتان گذريا هن،
سي سڀ رستا ننڊ نٿا ڪن.
جاڳن ٿا پيا منهنجي من ۾،
تنهنجا گفتا ننڊ نٿا ڪن.
جن ۾ تنهنجي ياد هري ٿي،
سي سڀ لمحا ننڊ نٿا ڪن.
دل جا اڌما دل ئي دل ۾،
کائن ڀڙڪا ننڊ نٿا ڪن.
**
جتي ڏسندي سڃاڻيندي.
جتي ڏسندي سڃاڻيندي.
ڊُڪي ملندي سڃاڻيندي.
حياتي جي سفر ۾ گڏ،
سدا رهندي سڃاڻيندي.
گلابن جي کڻي خوشبوءَ،
هوا گهُلندي سڃاڻيندي.
حياتيءَ ۾ بهارن جي،
پرهه ڦٽندي سڃاڻيندي.
دنيا وارن جو مون تي هوءَ،
نه ڪک سهندي سڃاڻيندي.
‘‘مٺل’’ هوءَ ڳوٺ جي هر هڪ،
گهٽي گُهمندي سڃاڻيندي.
**
شيخ نديم
---
تعارف
شيخ نديم 7 فيبروري 1984ع تي حاجي عبدالستار شيخ جي گهر ۾ پئدا ٿيو، سندس ڇٺيءَ جو نانءُ نديم حسين رکيو ويو. تعليمي قابليت بي_ايس_سي اٿس. پرائمري کان وٺي سڀ ڊگريون لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. شيخ نديم شاعري جي سفر جي شروعات 1997ع کان ڪئي. سڀ کان پهريون شعر هن چوسٽي جي روپ ۾ لکيو. ماهوار هالار ڊائجسٽ ۾ ڇپجڻ جي شروعات ڪندي هو سنڌي مختلف مئگزينن ۾ ڇپجندو رهيو. جن ۾ ماهوار ادب، ماهوار مومل، پندرنهن روز عبرت مئگزين، سنڌو مئگزين، ماهوار پرک ۽ ماهوار نئين آس مئگزين شهدادڪوٽ شامل آهن. هو غزل گيت وائي چوسٽو ۽ ٻين شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو، مگر پسنديده شاعري جي صنف غزل اٿس. هو مسلسل تخليقي پورهيو ڪندي شاعري جا ٻه ڪتاب لکي چڪو آهي، جيڪي اڻڇپيل صورت ۾ آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو سان مستقل وابستگي رکندي هر گڏجاڻي توڙي مشاعري ۾ اڪثر شرڪت ڪندو رهي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجن هم عمر نوجوان شاعرن کان مٿڀرو آهي.
هو پسنديده ادبي شخصيتن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز ٻڌائي ٿو. پسنديده موسم سيارو ۽ ڏينهن جمع اٿس. شيخ نديم مستقل طور تي لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو. ائڊريس: خدا آباد محلا انور ڪالوني لاڙڪاڻو.
موبائل؛ 03463399983
گڏ رهڻ جون حسرتون رهجي ويون،
گڏ رهڻ جون حسرتون رهجي ويون،
سڀ ملڻ جون حسرتون رهجي ويون.
پيار جي جيڪا چَڪي پوکي هئي،
وڻ ٿيڻ جون حسرتون رهجي ويون.
هو ڇڏي هُن پار جو آهي ويو،
خط لکڻ جون حسرتون رهجي ويون.
هن کنيون ڪجليون اکيون مون ڏي هيون،
اک ڇنڀڻ جون حسرتون رهجي ويون.
منهنجو لڙڪن ماڪ سان چهرو ڀنل،
ڏس کلڻ جون حسرتون رهجي ويون.
درد جي درياءَ ۾ آهيان ٻڏل،
ڪُل ترڻ جون حسرتون رهجي ويون.
جيڪي واعدن جا جلاياسين ڏيئا،
سي ٻرڻ جون حسرتون رهجي ويون.
**
چنڊ آهي ڪئي ڳوٺ تي چاندني،
چنڊ آهي ڪئي ڳوٺ تي چاندني،
مُشڪندي آ لٿي ڳوٺ تي چاندني.
شاعري ڪاغذ ۽ يادون ڍير هو
ڪنهن چيو ؟ شاعر ستو آ رات ڀر
سرتاج ڀٽو
---
تعارف
سرتاج ڀٽو 10 آڪٽوبر 1974ع تي شير محمد ڀٽو جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڏاڏاڻڪو نانءُ ‘خير محمد’ آهي. هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم بنگل ديرو مان ۽ هائر سيڪنڊري رتوديرو مان حاصل ڪئي. سندس اسڪول جي استادن ۾ محمد هارون، امير بخش ڀٽو، عبدالرحمان ۽ منظور احمد شامل آهن. سرتاج ڀٽو جي ادبي سڃاڻپ شاعري آهي. هن 1990ع ۾ شاعري جي شروعات ڪندي پهريون غزل لکيو. سندس ادبي سفر ۾ رهنما قاضي مقصود گل آهي. هن شاعري جي مختلف صنفن تي لکڻ جا تجربه ڪيا آهن پر سندس پسنديده صنف غزل آهي. توڙي جو هر صنف ۾ لفظن جي چونڊ ۽ ترتيب سان سلهاڙڻ جو انداز خوبصورت اٿس. سرتاج وٽ هن مهل تائين شاعري جي ٽن ڪتابن جو مواد اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهي، هو وقت به وقت سنڌي مختلف اخبارن ۾ توڙي مئگزينن ۾ ڇپجندو رهي ٿو سندس ڇپيل پهرين تخليق غزل آهي. هو پسنديده ڪتاب ‘‘رت ڀنا رابيل’’ ۽ پسنديده ادبي شخصيت قاضي مقصود گل ٻڌائي ٿو. پسنديده موسم بهار، ڏينهن سومر ۽ لباس شلوار قميص اٿس. سرتاج ڀٽو هن وقت بنگل ديرو تعلقو رتوديرو ۾ رهائش پذير آهي.
ائڊريس: پوسٽ آفيس بنگل ديرو تعلقو رتوديرو
موبائل: 03353177510
اڄ وهي نيڻن منجهان پيا نار هن،
اڄ وهي نيڻن منجهان پيا نار هن،
ويا پري مون کان اکين جا ٺار هن.