سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند جي نامياري شاعرہ ۽ ليکڪا وينا شرنگيءَ جي مضمونن جو مجموعو ”سارنگ سار لھيج“ اوھان اڳيان پيش آھي،
ھن مجموعي ۾ ڪتابن تي تبصرو بہ شامل آھي تہ پوشاڪن تي لکيل مضمون پڻ شامل آھي. ڪتاب ۾ جوڳي، پتنگ، سنڌي سيڪيولر ڀارت، سارنگ سار لھيج، 21ھين صدي ۾ سنڌي ڏڻ، سنڌي ٻولي کي ڀارت ۾ قومي درجو سميت ڪجه مشھور شخصيتن تي لکيل مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2006ع ۾ وينا شرنگي پاران نئين دھلي مان ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي وينا شرنگي جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي