ناول

ڪندن

ھي ناول انگريزن جي دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو. ھي ناول ٻھراڙي جي ماحول ۾ پيش ايندڙ ڏکن ۽ ڏاکڙن کي ذھن ۾ رکي لکيو ويو آھي. ھي ناول ان دور جي سنڌ جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو، جنھن دور ۾ سنڌ ۾ آبپاشي جي رٿا بندي ٿي رھي ھئي.  ھي ناول انھيءَ دور ۾ لکيل آ جڏهن ڪچي ۾ مالوند ماڻھن جا وڳ چرندا هئا ۽ ڪچي ۾ ڪنڌار ماڻھن جو وڏو نالو هوندو هو جڏهن تمام گهڻيون برساتون پونديون هيون ڪچا ٻڏندا هئا تـ اتي جي ماڻھن لاءِ سوين سانگَ رچي ويندا هئا، مال متاع لاءِ گاه، ڪاٺ، کئونر ۽ ماکي جام ٿيندي هئي. ڍنڍن، ڍورن مان مڇي ماري پيٽ گذران بـ ڪندا هئا ۽ ڪچي ۾ چڻا، مٽر، سرنھن، پلي پوکي سمورو ڪچو سرسبز بڻائي مال متاع لاءِ ۽ ڪچي جي ماڻھن لاءِ موجون ٿي وينديون هيون .

Title Cover of book ڪندن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ الھڏنو ڪاڪا جو لکيل ناول ”ڪندن“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھي ناول انگريزن جي دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو. ھي ناول ٻھراڙي جي ماحول ۾ پيش ايندڙ ڏکن ۽ ڏاکڙن کي ذھن ۾ رکي لکيو ويو آھي. ھي ناول ان دور جي سنڌ جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو، جنھن دور ۾ سنڌ ۾ آبپاشي جي رٿا بندي ٿي رھي ھئي.  ھي ناول انھيءَ دور ۾ لکيل آ جڏهن ڪچي ۾ مالوند ماڻھن جا وڳ چرندا هئا ۽ ڪچي ۾ ڪنڌار ماڻھن جو وڏو نالو هوندو هو جڏهن تمام گهڻيون برساتون پونديون هيون ڪچا ٻڏندا هئا تـ اتي جي ماڻھن لاءِ سوين سانگَ رچي ويندا هئا، مال متاع لاءِ گاه، ڪاٺ، کئونر ۽ ماکي جام ٿيندي هئي. ڍنڍن، ڍورن مان مڇي ماري پيٽ گذران بـ ڪندا هئا ۽ ڪچي ۾ چڻا، مٽر، سرنھن، پلي پوکي سمورو ڪچو سرسبز بڻائي مال متاع لاءِ ۽ ڪچي جي ماڻھن لاءِ موجون ٿي وينديون هيون .
ھي ڪتاب 1983ع ۾ سنڌ ڪتاب گهر، ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي