تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جنين ڏاند نہ ٻج (سنڌ ھاري رپورٽ)

گورنمينٽ ھاري انڪوائري رپورٽ 1947-48 جي اڪثريتي رپورٽ تي ”اختلافي نوٽ“ هڪ اهم دستاويز آھي. جيڪو مسٽر مسعود احمد کدر پوش، جيڪو نوابشاھ  ۾ ڪليڪٽر ھو طرفان لکيل آهي. اختلافي نوٽ تن ڏينھن ۾ حڪومت پاڪستان طرفان نہ صرف لڪايو ويو هو، پر ڪافي عرصي تائين اھو ڇپيو بہ نہ ويو هو. حڪومت پاڪستان وٽ ان جا ڪهڙا دليل هيا جو سنڌ ۾ هارين جي حالتن جي باري ۾ آيل هڪ حاضر سروس سرڪاري آفيسر جي آيل تجويزن کي لڪائي نہ ٿي ڇپيائون تن جو مسعود کدرپوش ۽ ٻين هن ئي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. اختلافي نوٽ ۾ هارين جي سماجي ۽ معاشي حالتون تبديل ڪرڻ بابت جيڪي تجويزون هن ۾ ڏنل آهن تن لاءِ نئين ٺھندڙ ملڪ جو حڪمران طبقو تيار ئي نہ ھو. ڇاڪاڻ جو جلد ئي سياسي قيادت جاگيردارن ۽ سندن ٻين اتحادين جي زير اثر رهي. 

Title Cover of book جنين ڏاند نہ ٻج (سنڌ ھاري رپورٽ)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مسعود کدرپوش پاران هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي لکيل اختلافي نوٽ جو سنڌي ترجمو ”جنين ڏاند نہ ٻج (سنڌ ھاري رپورٽ)“  اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار پروفيسر اعجاز قريشي  آھي.
گورنمينٽ ھاري انڪوائري رپورٽ 1947-48 جي اڪثريتي رپورٽ تي ”اختلافي نوٽ“ هڪ اهم دستاويز آھي. جيڪو مسٽر مسعود احمد کدر پوش، جيڪو نوابشاھ  ۾ ڪليڪٽر ھو طرفان لکيل آهي. اختلافي نوٽ تن ڏينھن ۾ حڪومت پاڪستان طرفان نہ صرف لڪايو ويو هو، پر ڪافي عرصي تائين اھو ڇپيو بہ نہ ويو هو. حڪومت پاڪستان وٽ ان جا ڪهڙا دليل هيا جو سنڌ ۾ هارين جي حالتن جي باري ۾ آيل هڪ حاضر سروس سرڪاري آفيسر جي آيل تجويزن کي لڪائي نہ ٿي ڇپيائون تن جو مسعود کدرپوش ۽ ٻين هن ئي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. اختلافي نوٽ ۾ هارين جي سماجي ۽ معاشي حالتون تبديل ڪرڻ بابت جيڪي تجويزون هن ۾ ڏنل آهن تن لاءِ نئين ٺھندڙ ملڪ جو حڪمران طبقو تيار ئي نہ ھو. ڇاڪاڻ جو جلد ئي سياسي قيادت جاگيردارن ۽ سندن ٻين اتحادين جي زير اثر رهي. 
ھي ڪتاب  2002ع  ۾ لھران ادبي بورڊ، لاھور  پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي