سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مختلف ليکڪن جي لکيل مضمونن جو مجموعو ”4 مارچ ۽ اڄ جي سنڌ“ اوھان اڳيان پيش آھي. ڪتاب جو سھيڙيندڙ ناميارو ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي آھي.
4 مارچ 1967ع تي ھلايل شاگرد تحريڪ جو اثر اڄ بہ ملڪ جي سياست تي موجود آھي. 4 مارچ جي اھا تحريڪ جنھن ۾ احتجاج ڪندڙن تي وحشياڻو تشدد ڪندي گرفتاريون ٿيون ۽ 207 شاگرد زخمي ڪيا ويا ھئا. اڳتي هلي انھن شاگردن مان ڪيترائي ڪامياب سياستدان، سائنسدان، دانشور، اديب، ليکڪ، شاعر، وڪيل، انجنيئر، ڊاڪٽر پروفيسر ۽ ٻين اعليٰ سول توڙي ملٽري عھدن تي پھتا. 4 مارچ جو واقعو سنڌ جي قومي، طبقاتي ۽ جمھوري جدوجھد جي جديد تاريخ جي اهم ۽ وڏن مان هڪ اهم واقعو آهي، ھن واقعي پٺيان سنڌي ٻوليءَ ۽ تعليم خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ سنڌ جي قومي وجود کان انڪار وارين ڪوششن تي سنڌ جي نوجوانن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو ھڪ اھڙو اظھار ھو، جيڪو طوفان جي صورت وٺي رھيو ھو.
ھي ڪتاب 2003ع ۾ منڇر پبليڪيشن، دادو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي