لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي غزل جو تجزيو

ھن ڪتاب ۾سنڌي ٻوليءَ جي پندرنھن غزل گو شاعرن جي زندگيءَ، سندن ادبي ڪم توڙي غزل جي تاريخ جو احوال پيش ڪيو ويو آهي. راز صاحب ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکي ٿو تہ ”مون فقط 15 غزل گو شاعرن کي منتخب ڪري ھن ڪتاب ۾ جاءِ ڏني آھي. مون انھن ۾ ڪٿي نہ ڪٿي غزل جي روح کي ڏٺو آھي.“ 

Title Cover of book سنڌي غزل جو تجزيو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار شيخ عبدالرزاق راز جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي غزل جو تجزيو“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھن ڪتاب ۾سنڌي ٻوليءَ جي پندرنھن غزل گو شاعرن جي زندگيءَ، سندن ادبي ڪم توڙي غزل جي تاريخ جو احوال پيش ڪيو ويو آهي. راز صاحب ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکي ٿو تہ ”مون فقط 15 غزل گو شاعرن کي منتخب ڪري ھن ڪتاب ۾ جاءِ ڏني آھي. مون انھن ۾ ڪٿي نہ ڪٿي غزل جي روح کي ڏٺو آھي.“ 
ھي ڪتاب 1979ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشوري پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.