ڪھاڻيون

پيار جي گھُٽ

”پيار جِي گھُٽ“ سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جو ڪهاڻين ۽ سفرنامي تي مشتمل هڪ بهترين ڪتاب آهي جيڪو 1982ع ۾ ڇپيو.
  • 4.5/5.0
  • 2385
  • 882
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جي گھُٽ

زندگي ۽ موت جي وچ ۾ وِٿي

جهاز جي سڀني آفيسرن کي ڌار ڌار ڪمرا مليل هئا، ڇڙو نويد ۽ منهنجي. اسان تازو تعليم پوري ڪري نوان آيل هئاسين. جهاز تي Boat-Capacity ته هئي پر وڌيڪ ڪمرن جي کوٽ هئي سو اسان کي ڊبل بيڊ واري ڪمري (يا جهازي زبان ۾ ڊبل بنڪ واري ڪئبن) ۾ في الحال رکيو ويو. اهو به چڱو ٿيو جو اسان ٻئي پهرين کان سڃاڻا هئاسين. هڪ ئي اڪيڊمي مان پڙهي نڪتا هئاسين سو جلدي گھاٽا دوست ٿي وياسين. هڪ ٻئي جو تمام گھڻو خيال رکڻ لڳاسين، ايتريقدر جو هڪ ستو پيو هوندو ۽ ٻيو رات جي ڊيوٽي ڪري ايندو هو ته ڪمري جي بتي به نه ٻاريندو هو. ڪٻٽ يا ميز جو خانو کولڻ وقت به خيال رکندا هئاسين متان ٻئي جي ننڊ ڦٽي.
نويد جنهن کي اسان اڪيڊميءَ جي زندگيءَ ۾ ڪَٿَ ۾ نه آڻيندا هئاسين ۽ هميشه کيس الڳ ٿلڳ ۽ پنهنجن پُورن ۾ پريشان ڏسي ڪي کيس ”Absent Minded Professor“ سڏيندا هئا ته ڪي ”مغرور مهاڻو“، تنهن سان هاڻ تمام ويجھو رهڻ تي مون کي احساس ٿيو ته هو بيحد عظيم انسان آهي. سندس سٺا سٺا خيال ۽ عمديون ڳالهيون ٻُڌي آئون سندس ڏينهون ڏينهن وڌيڪ عزت ۽ قدر ڪرڻ لڳس ۽ پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ خوشنصيب سمجھڻ لڳس ته ههڙي ماڻهوءَ جي ويجھو رهڻ جو موقعو مليو آهي. نه ته جهازي زندگيءَ ۾ گھڻي ڀاڱي ڪيترن جي ذهنيت عام مهاڻن ماڇين ساٽين کان گھٽ نه هوندي آهي.
نويد کي گھڻي ڳالهائڻ جي بنهه عادت نه هئي. ائين کڻي سمجهجي ته هن جي ڳالهائڻ جي نادي تمام ٿوري ڀريل هئي جنهن مان هو رڳو گھرج تي نلڪو کولي ڦڙو ڦڙو ڪڍندو هو. هميشه پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندو هو. واندڪائيءَ ۾ به پنهنجي ڪمري ۾، بستري تي يا ڪوچ تي سمهي جيڪو ڪتاب هٿ چڙهندو هوس اهو پڙهندو هو. اجائي بحث، ڄاڙي هڻڻ يا پرائي پچار کان ونءُ ويندو هو. ان ڪري جهاز جا به ڪي آفيسر اڪيڊمي جي ڪئڊٽن وانگر کيس مغرور يا بيوقوف سمجھڻ لڳا. پر اها ڳالهه نه هئي. نويد جي ڄمار ۾ ڪو ورلي هوندو جنهن کي هر ڳالهه بابت ايتري اونهي ڄاڻ هجي! ڪو اجايو ضد ڪندو هوس ته ان وقت ٻه لفظ چئي ماٺ ٿي ويندو هو. پوءِ ساڳي ڳالهه کيس ٻئي ڏينهن ٿڌي ٿيڻ تي اهڙي نموني سمجھائيندو، جو اڳلو قائل ٿي ويندو هو ـــــ پوءِ اها کڻي جهاز جي انجڻ بابت هجي يا سياست سان واسطو رکندڙ. پر ڪڏهن ته اهو چئي ماٺ ۾ ئي هوندو هو ته ضدي ماڻهوءَ کي ڪهڙو ويهي ريجھائجي.
پڙهڻ لاءِ ڪو ڪتاب نه هوندو هوس ته پلنگ تي ليٽئي ليٽئي اکيون کولي لڳاتار سوچيندو رهندو هو. ائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڪنهن سوچ ۾ ٻُڏل رهڻ گھٽ ۾ گھٽ اسان کان ته نه پُڄي. ڪڏهن ڪڏهن پڇندو هومانس:
”پارٽر! ڇا پيو سوچين؟“
”ڪجهه به نه.“ ڏاڍي مزي سان نٽائي ويندو هو، جيئن جپاني ماڻهو پنهنجو گھر ڏيکارڻ کان نٽائيندا آهن.
سڀني بندرگاهن ۾ گھمڻ لاءِ مون سان گڏ هلندو هو. کيس پاڻ لاءِ ڪابه شيءِ وٺن جو شوق نه هو بس ڪنهن وڏي شهر جي وڏي دڪان تي چڙهي اتان ڪا اهڙي سوکڙي وٺندو هو جا سڀ ۾ مهانگي هجي ۽ عورت کي ڏيڻ جي ڏانءَ جي هجي.
”پارٽنر! هيءَ ڪنهن لاءِ؟“
”بس ائين!“ وري ڏاڍي مزي سان ڳالهه نٽائي ويندو.
نيٺ هڪ ڀيري کيس سوگھو ڪري وتم. بيروت مان مون ڪجهه فلمي رسالا ورتا جيڪي پڙهي ٽيبل تي ئي رکي ڇڏيا. رسالا ڏهه کن مس هئا جي آهستي پڙهڻ سان به نيٺ پورا ٿي ويا پر مون ڏٺو ته اسان واري روم ميٽ هڪ رسالي کي جو کنيو آهي ته پچر ئي نه پيو ڇڏيس. هڪ ڏينهن کيس تاڙي ورتم ته ان ۾ هڪ بنگالي ائڪٽريس کي ئي ڏسندو رهي ٿو، سو آخر چيومانس: ”پارٽنر ضرور ڪا ڳالهه آهي ڇا ٿيڻ واري ڀاڀيءَ جي شڪل ان سان ٿي ملي.“
ڪي گھڙيون ماٺ ۾ مون ڏي ائين گھُوريائين جو مون سوچيو ته شايد اها ڳالهه دل ۾ ڪئي اٿس، پر پوءِ هڪدم مُرڪي چيائين:
”هائو!“
ان ڏينهن وڌيڪ نه مون پڇيومانس نه پاڻ ئي ڏسيائين. پوءِ ان کي به چار ڏينهن گذري ويا. ان کان پوءِ پنهنجي پيار جي ڪهاڻي ننڍين ننڍين قسطن ۾ مون کي ائين ٻُڌائڻ لڳو جيئن ڪنهن ڏُٻري مريض کي دوا جا ننڍا ننڍا ڊوز ڏجن.
پرڀا جو ساڻس پيارُ ڪاليج جي ڏينهن ۾ شروع ٿيو. ٻنهي جي هڪٻئي کي چاهڻ جي باوجود شادي ٿيڻ جو امڪان نه هو جو ٻنهي جي مائٽن ۾ خانداني جھڳڙا زماني کان هلندا ٿي آيا ۽ هاڻي ويجھڙائي ۾ پرڀا جي شادي ڪنهن ٻئي سان ٿيڻ واري هئي.
”توکي اها C.I.D رپورٽ ڪهڙي F.B.I ۽ K.G.B ايجنٽ سمنڊ تي ٻُڌائي ته نومبر ۾ پرڀا جي شادي ڊاڪا يونيورسٽي جي پروفيسر سان ٿي رهي آهي؟“ مون هڪ ڏينهن پڇيومانس.
”پاڻ جرمني ۾ هئاسين ته اتي مون کي هڪ ڊاڪا جي دوست لکيو هو.“
مون محسوس ڪيو ته واقعي جرمني کان وٺي نويد جي حالت ٻي هئي. جرمني کان پوءِ جڏهن اسان فرانس آيا هئاسين ۽ پئرس ۾ ايفل ٽاور جي چوٽيءَ تي چڙهي هيٺ ليئا پائي رهيا هئاسين ته نويد مون کي اڃان اڳتي پڳهه ڏي ڇڪڻ لڳو.
”ڇڏ يار. ڪٿي هيٺ ڪري پياسين ته ساهه ئي نڪري ويندو.“ مون چيومانس ”ڏاڍو جيئڻ سان پيار اٿئي، زندگي ايڏي پياري ڇو؟“ هُن پڇيو.
سامهون هڪ الجيريا جو عرب اسٽوڊنٽ فرينچ ڇوڪريءَ کي سيني سان لڳائي کيس اڌ کاڌل بائونٽي چاڪليٽ کارائي رهيو هو. مون نويد کي ان ڏي اشارو ڪري چيو: ”هيءَ زندگي فقط ان موت تان قربان ڪري سگھجي ٿي جو هن کان وڌيڪ پيارو ۽ رومانٽڪ هجي.“ ۽ پوءِ کلي چيومانس ”بابا، اڃان ته شادي به نه ٿي آهي.“
”ته ڇا پارٽنر، شادي ئي زندگي جي اهم منزل ۽ مقصد هئڻ کپي ــــ؟“
آئون هر ڳالهه چرچي ۾ وٺي رهيو هوس ۽ هي اسان وارو همراهه يوناني فيلسوفن وارا سوال ڪرڻ لڳو. آئون جواب ڏئي نه سگھيس.
۽ هاڻ جڏهن پنهنجي پارٽنر کي ڏکويل ڏٺم ته کيس سندس ئي لفظن ۾ تسلي ڏيڻ لڳس:
”ميان، جيڪڏهن پرڀا جو سَڱ ڪنهن ٻئي سان ٿي ويو آهي ته پوءِ ڇا ٿيو. شادي ئي ته زندگي جي اهم منزل نه هئڻ گھرجي.“
”پر منهنجي زندگي جي اهم منزل پرڀا ۽ سندس پريت آهي. ۽ جڏهن منزل ئي کسجي وڃي ته پوءِ راهن تي اجايو ڀٽڪڻ مان ڇا حاصل ؟“
هڪ ڏينهن رکي رکي چوڻ لڳو:
”الطاف جيڪڏهن اسلام ۾ آپگھات ڪرڻ حرام نه هجي ها ۽ جپانين وانگر دهلن دمامن سان، جشن جلوسن سان ’هراڪاري‘ جي اجازت هجي ها.“
”دماغ ته جاءِ تي آهي مون ڪنهن عالم کان ٻُڌو آهي ته هي جسم قدرت طرفان اسان کي امانت مليل آهي جنهن کي ضايع ڪرڻ ڊڄڻن جو ڪم آهي. اٿُ ۽ وڃي مين انجڻ جي انڊيڪيٽر ڪارڊ وٺ ۽ پُراڻي گراف سان ڀيٽي ڏس ته ڇو ڪالهه کان Exhaust Gas جو رنگ ڦرندو وڃي.“
مون کيس رُڌل رکڻ لاءِ وسئون نه گھٽايو پر سندس خاموشي وڌندي رهي ۽ ڳالهائڻ به گھڻي ڀاڱي گھٽ ڪري ڇڏيائين. ڊائننگ هال ۾ منهنجي هڪ پاسي نويد ماني کائيندو هو ته ٻئي پاسي ڪئڊٽ غضنفر. نويد جي ڀرسان ريڊيو آفيسر جعفر ويهندو هو تنهن کان پوءِ ٿرڊ آفيسر اسد جي ڪرسي هئي جيڪو هميشه مانيءَ جي مقرر وقت تي غير حاضر رهندو هو ۽ وقت کان اڳ يا پوءِ، ڪڏهن معياري ته ڪڏهن مقامي وقتن مطابق کائيندو هو. ريڊيو آفيسر کي گھڻو ۽ اجايو ڳالهائڻ، پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪرڻ ۽ ٻئي کي ڪجهه به نه سمجهڻ جي ڏاڍي پِٽ هئي. ڪئڊٽ ته کليو کلايو چوندو هو ته جعفر جيڪڏهن ريڊيو آفيسر نه ٿئي ها ته پڪ ڪنهن اسڪول جو ماستر، رستي تي جڙيون ٻوٽيون وڪڻڻ وارو هلندڙ چلندڙ نيم ــ حڪيم يا ڪجهه اهڙِي شيءِ ٿئي ها، جنهن ۾ کيس نه فقط ڳالهائڻ جا پر پنهنجي غلط سلط ڳالهه مٿي ڪرڻ جا موقعا ملن ها. سندس محبوب عنوان ’سياست‘ هوندو هو. بقول ٿرڊ آفيسر اسد جي ته ’ڇٽِي ڇهه ماهي، پڙهيو شام جي اخبار، ويٺو دنيا جي سياست تي بحث ڪري.‘ ڪابه ڳالهه کڻ ته هي ان کي ڦيري گھيري سياست ــــ بلڪ گندي سياست جي وٿاڻ تي هڪلي ايندو هو، ۽ کاڌي جو مزو خراب ڪري ڇڏيندو هو. ٽن وقتن مان ٻه وقت وڙهي اٿندا هئاسين. ٽئين وقت تي هو وائرليس نياپا موڪلي آفيس ۾ ئي ماني گھرائيندو هو.
اسان مان فقط نويد ساڻس بحث نه ڪندو هو. گھڻو نويد کي ٽوڪيندو هو ته هو سنئون سڌو چئي ڏيندو هوس: ”تون آهين نسورو بيوقوف. توسان بحث ڪري آئون پنهنجي ڄاڙي خراب ڪرڻ نٿو چاهيان.“ ۽ ساڳي وقت اسان کي به نويد سمجھائيندو هو ته ريڊيو آفيسر جي منهن گھڻو نه لڳو جو پوءِ جھڳڙو ٿئي. نيٺ هڪ ڏينهن وڏو جھڳڙو ٿيو ۽ اسان فيصلو ڪيو ته ساڻس سوشل بائڪاٽ ڪنداسين. سندس ڪمري ۾ ته هونءَ ئي ڪير به نه ويندو هو جو اهو هڪ ته الڳ ٿلڳ سڀ کان مٿي سندس ريڊيو روم جي سامهون هو ٻيو جڏهن اسان کي موڪل هوندي هئي ته هن جي ننڊ ڪرڻ جو وقت هوندو هو. باقي مانيءَ جي وقت هن کي درگذر ڪري پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهياسين.
بيلجم کان سڌو مهيني جي ڊگھي سفر تي ڪراچيءَ لاءِ نڪتا هئاسين. سئيز ڪئنال بند هو سو سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻو هو ۽ ميڊيٽيرين سمنڊ بعد ائٽلانٽڪ، پوءِ هندي وڏو سمنڊ لتاڙي عربي سمنڊ پار ڪرڻو هو. نويد جي ڊيوٽِي ڏينهن جو هوندي هئي ۽ شام جو پنهنجي ئي ڪمري ۾ ويٺو امتحانن جي تياري ڪندو هو. سندس ستاويهن مهينن جو Sea Time پورو ٿي چُڪو هو ۽ وڌيڪ پروموشن لاءِ امتحان ڏئي سگهيو ٿي. منهنجي ڊيوٽي ڏينهن توڙي رات جو اٺين کان ٻارهين هئي. رات جو ٻارهين بجي جيئن ئي ايندو هوس ته نويد منهنجي انتظار ۾ ويٺو هوندو هو، ان بعد بتي وسائي سمهندا هئاسين. ان کان اڳ ڏهين بجي ڌاري Cold-Rooms يا اسٽيرنگ انجڻ جي چڪاس جي بهاني، پنهنجي ڪئبن ۾ چڪر هڻندو هوس. نويد ڪتاب ۾ منهن وجھيو ويٺو هوندو هو ـــــ بلڪ منهنجي انتظار ۾ هوندو هو ته جيئن پنجن ڇهن منٽن لاءِ به اچان ۽ هن جو ضمير کيس خوش ٿي پڙهڻ کان موڪل ڪرڻ جي اجازت ڏئي. هونءَ به باقي وقت پڙهندو گھٽ هو، سوچيندو گھڻو هو. ڪتاب سندس ڪتابي چهرو پڙهندا هئا ۽ پاڻ پرڀا ۽ سندس پيار پويان ڪنهن ڏورانهين ڏيهه کان وڃي نڪرندو هو. جتي سندس پريت هئي، پيار هو، جتي سندس پرڀا هئي.
منهنجي درُ کولڻ جي ٺڪاءَ تي هوش ۾ ايندو هو. ۽ وڏي رعب سان ڪتاب جو پنو ورائيندو هو جيئن آئون سمجھان ته هو پڙهي پيو ۽ پوءِ ايئرڪنڊيشنر جي مٿان رکيل ڪوڪا ڪولا جو ٿڌو دٻو کڻي، کولي، مون کي پيئڻ لاءِ ڏيندو هو پر پاڻ نه پيئندو هو. جيتوڻيڪ سمنڊ تي اسان لاءِ وڏي ۾ وڏي عياشي ڪوڪا ڪولا جو ٿڌو دٻو پيئڻ ۽ چيف انجنيئر جي گلا ڪرڻ هو. آئون آهستي آهستي ڪوڪا ڪولا جا ڍُڪ ڀريندو هوس ۽ پارٽنر هڪ مشهور بنگالي گانو: ”امي تماڪو ڀالو پيشي ڇي“ آهستي آهستي جھونگاريندو هو. سندس هر روز اها پريشاني ڏسي مون کي ڏاڍو ڏکُ ٿيندو هو. سندس حال کان هڪ آئون ئي واقف هوس ۽ کيس سمجھائيندو هوس:
”پارٽنر، پرڀا جي شاديءَ جي خبر ڪُوڙي اٿئي.“ ۽ جڏهن ڪو جواب نه ڏيندو هو ته وري چوندو هوسانس: ”يار ڪهڙي اچي عشق جي چڪرن ۾ پيو آهين. بيوقوف، هڪ جهازي ۽ پرديسيءَ کي عشق نه جُڳائي.“
”ڇو انهن کي دل ناهي ڇا؟“ ۽ پوءِ غالب جو شعر اڙدوءَ ۾ ته اچاري نه سگھندو هو ان ڪري انگريزيءَ ۾ ئي چوندو هو:
”Love is that fire which can neither be rekindled nor extinguished at will.“ ۽ آئون کيس ٿڌيون آهون ڀريندو ڇڏي انجڻ روم جي گرميءَ سان وڃي سمجھوتو ڪندو هوس. ائين ڏينهن گذرندا رهيا ۽ اسان ذري گھٽ مسافريءَ جو اڌ کن سفر پورو ڪري ورتو.
هڪ رات جهاز تي عجيب واقعو پيش آيو، جنهن جهاز جي سڄي عملي کي پريشان ڪري وڌو. ان کان اڳ شام جو ڪئڊٽ مون کي ٻُڌايو ته سندس دل خبر ناهي ڇو پئي ڌڙڪي. ڪئڊٽ غضنفر اسان جونئرن جي ننڍڙي ٽولي جو ٽيون ڀاڱي ڀائيوار هو ۽ هيستائين منهنجي روم ميٽ نويد جي وڌندڙ اداسي، ڏک ۽ منجھيل طبيعت جي سبب کان واقف ٿي چُڪو هو.
رات جو دستور موجب ڏهين بجي انجڻ روم مان بهانو ڪري ڪمري ۾ آيس ته نويد غائب هو! کيس ٽيبل تي مٿان ته جھڪيل نه ڏٺم پر ڪتاب ۽ نوٽبڪ به کليل نه هئا. مون کي خبر ناهي ڇو يڪدم احساس ٿيو ته نويد اسان کان هميشه لاءِ جُدا ٿي ويو آهي. هن پڪ پنهنجو انت آڻڻ لاءِ سمنڊ جي گھرائين ۾ ٽپو ڏنو هوندو.
پر پنهنجو پاڻ کي ڏڍُ ڏيندي سوچيو ته ٿي سگھي ٿو باٿ روم ۾ هجي، تيسين ڪوڪا ڪولا جو دٻو کولي آهستي آهستي پيئڻ ۽ سندس انتظار ڪرڻ لڳس. سڄو دٻو خالي ٿي ويو پر نويد نه آيو. ٻُڏل دل سان باٿ روم جو در کڙڪايم ته اهو کليل هو ۽ اندر ڪوبه نه! مون کي دير ٿي رهي هئي انجڻ روم ۾ هليو ويس. دل ۾ فقط اهو آسرو هو ته پڪ جهاز جي ڪئڊٽ سان ڪچهريءَ ۾ ويٺو هوندو. جيتوڻيڪ هن کان اڳ ته ڪڏهن به رات جو هن وقت هن وٽ نه ويو هو ۽ ڪئڊٽ جي صبح جو سوير ڊيوٽي شروع ٿيڻ ڪري شام جو مانيءَ بعد وڃي سمهندو هو. خيالن کي گھڻو ئي ان ڳالهه تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪيم پر وري ساڳي ڳالهه دماغ ۾ ڦرڻ لڳي. غلط سلط خيال ۽ وسوسا تڙي ڪڍڻ جي ڪوشش بنهه ناڪام ٿي رهي هئي. ڪٿي نويد واقعي سمنڊ ۾ ٽپو ته نه ڏنو. ڪٿي خودڪشي ته نه ڪري ويٺو آهي. هڪ دفعو ڳالهين ڪندي چيو هئائين:
”اهي ماڻهو ڪيڏو نه ڇسا آهن، جي ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ٻُڏيو ٿا مرن. ٻُڏي مرڻ ئي ڪو چاهي ٿو ته هو پنهنجي باٿ روم جي ٽب ۾ يا ائٽلانٽڪ سمنڊ جي چُونڊ ڪري ـــــ جنهن جهڙو اونهو، ڪُنن وارو ۽ Counter Durrents سان ڀرپور سمنڊ خودڪشيءَ لاءِ ٻيو نه آهي“ ـــــ ۽ اسان ان وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وچ مان لنگھي رهيا هئاسين.
سندس ان قسم جون ڳالهيون، جند جان مان بيزاري، ڏکويل ۽ اداس چهرو منهنجي اکين اڳيان ڦرڻ لڳو. مون کي هڪ اڄاتو خوف پيدا ٿي رهيو هو ته نويد پڪ ڪو غلط قدم کڻي ويٺو آهي.
ساڍي يارهين بجي سينئر واچ ڪيپنگ انجنيئر کان پنج منٽن جي موڪل وٺي مٿي جانچ لاءِ آيس پر پنهنجو ڪمرو ڊٺل مقام وانگر سنسان ۽ خاموش نظر آيو. رکي رکي اڀاميل سمنڊ جي ڪا وڏي ڇولي جهاز جي لوهي جسم سان پاڻ ٿي ٽَڪرايو ۽ پوءِ ان اڀاميل ڇوليءَ جي ڦاٽڻ جو آواز ٿي آيو. نويد جو ڪٻٽ کولي ڪپڙا جاچيم ته معلوم ٿيو ته شام جو يونيفارم پائي ڇهين بجي ڊنر کاڌي اٿس ته ان کان پوءِ آيو ئي نه آهي. ان ڳالهه ويتر مون کي شڪ ۾ وجھي ڇڏيو پر آئون نويد کي اڃان به ان اميد تي جيئرو سمجھيو ويٺو هوس ته هو پڪ ڪئڊٽ جي ڪمري ۾ هوندو. اتي ڏسڻ ويس. ڏڪندڙ هٿن سان دروازو کوليم ته منهنجو دماغ گھوماٽجڻ لڳو. نويد جو اتي پاڇو به نه هو. ڪئڊٽ کونگھرا هڻي گھاٽي ننڊ جو اظهار ڪري رهيو هو. بتي ٻاري سڏ ڪيومانس:
”نويد ڏٺئي؟“
”نه. آءٌ ته ڊنر کائي اچي سُتو آهيان. ڇو؟“ هن اکيون مهٽيندي پڇيو.
”بس ائين.“ مون وراڻيومانس.
”نه يار ڪا ته ڳالهه آهي“ هن بستري مان ٽپ ڏئي مون کي جھلي منٿ واري نموني ۾ پڇيو. مون کيس نويد جي گم هجڻ جو ٻُڌايو ۽ منهنجي راءِ کان اڳ ئي هن اهو خيال ڏيکاريو، جنهن جو اسان کي ڊپ هو.
”نويد پڪ خودڪشي ڪئي آهي.“
”پر تيسين ماٺ مٺوڙي ۾ ڳولا ڪجي. ٿي سگھي ٿو ته اها حقيقت نه هجي.“ مون کيس سمجھايو ۽ سيڪنڊ انجنيئر جي ڊپ کان مٿي گھڻو وقت ترسڻ بدران ڊيوٽيءَ لاءِ انجڻ روم ۾ هليو ويس.
رات جا پوڻا ٻارهن ٿي رهيا هئا. اڃان لاگ بڪ به لکڻو هو. ٻارهين کان چئين ڊيوٽي ڪرڻ وارا انجنيئر اسان کي Relieve ڪرڻ لاءِ انجڻ روم ۾ گھڙي رهيا هئا. منهنجو سينيئر انجنيئر ـــــ فورٿ انجنيئر سعيد انتظار ڪري رهيو هو.
”ڇو خير ته آهي، دير لڳائي؟“
”بس هڪ ڳالهه ٿي پئي آهي.“
”خلاصي هئچ نمبر پنجين مان افغانستان جو ڪارگو چوري پيا ڪن ڇا؟“
”لاگ بڪ لکي بس ڪريان ته ٻُڌايائين ٿو.“
آيل انجنيئرن کي انجڻ جي چارج ڏئي مٿي چڙهندي وقت فورٿ انجنيئر سعيد کي ٻُڌايم ته نويد گم ٿي ويو آهي.
”هئچ نمبر پنجين ۾؟“
”يار چار صاحب! خدا جي واسطي تون ڇو اچي افغانستان جي ڪارگو پٺيان پيو آهين“
سامهون ڪئڊٽ منجھندو سجھندو پئي آيو.
”سڄو اسٽيرنگ انجڻ فلئٽ، سئمنگ پول، انڊور گيمس روم ڳوليو اٿم پر نويد جو ڪو نالو نشان ناهي.“
”نه نه ائين ڪيئن هوندو،“ سعيد چيو، ”اچو ته سموڪ ــ روم ڏسون. اتي ٽئگور جا راڳ ويٺو ٻُڌندو هوندو.“
”هن کان اڳ ته ڪڏهن رڪارڊ نه ٻُڌندي ڏٺو اٿئونس ۽ هي ڪهڙو سهاڻو سمو آهي گانن ٻُڌڻ لاءِ. پر هلو ته اتي به ڏسون.“
سموڪ روم ۾ آياسين ته اوندهه ڇانيل هئي. ڪير به نه هو. مٿيون گھٽيون Alley Ways لتاڙي بوٽ ــ ڊيڪ تي آياسين. ٿي سگھي ٿو ٻيڙين جي هيٺان رکيل آرام ڪرسين تي ٿڌي ٿڌي هوا کائيندي ننڊ اچي وئي هجيس. بوٽ ڊيڪ جي ٻنهي پاسي ڏٺوسين، واڪا ڪري سڏ ڪياسين. مڇريل سمنڊ ۽ جهاز جي Rolling ڪري خالي ڪرسيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي رهيون هيون. آسمان صاف ۽ تارن سان ٻُرڪيل هو پر تکي هوا ڪري سمنڊ جي ڇولين جو پاڻي سڄي جهاز کي ڌوئي رهيو هو. اسان دنيا جي تمام وڏي خطرناڪ سمنڊ ـــــ ائٽلانٽڪ ۾ هلي رهيا هئاسين.
”هل ته ڪئپٽن کي ٻُڌايون.“ غضنفر ڪئڊٽ يڪدم چيو. ”نه. اڃان ترس ـــ جيڪي انجنيئر هينئر ڊيوٽي تي ويا آهن، انهن کان به پڇي ڏسجي.“
انهن کان اچي پڇيوسين ته اهي به اچرج ۾ پئجي ويا ۽ انهن جو شڪ هو ته ٿي سگھي ٿو ته برج (ڪنٽرول روم) ۾ هجي. اسان انجڻ روم مان ئي برج تي فون ڪيو. سيڪنڊ آفيسر عرفان ۽ ٿرڊ آفيسر اسد ٻئي مٿي هئا. هو به وائڙا ٿي ويا. اسد ڀڄندو ڀڄندو اسان سان اچي گڏيو ۽ ڳولا ۾ لڳي وياسين. هڪ دفعو وري ڪنٽرول روم، چارٽ روم، گئلي ۽ پئنٽري ۾ ڳوليوسين پر سڀُ بيڪار ثابت ٿيو. اتي رات جو ڏيڍُ اچي ٿيو هو. هر ڪنهن پنهنجي راءِ پئي ڏني ۽ بحث ان تي هو ته بين الاقوامي قانون مطابق جهاز کي پٺيان موڙي ساڳي ڪورس (واٽ) تي چوويهن ڪلاڪن لاءِ هلڻو پوندو، چاهي جهاز تان ڪريل انسان جي ملڻ جي اميد بنهه نه هجي. تنهن کان سواءِ سگنل جو ”O“ فلئگ چاڙهڻو پوندو جنهن جو مطلب Man-Overboard (جهاز تان ماڻهوءَ جو ڪرڻ) آهي. عرفان صلاح ڏني ته هڪ دفعو وري ڳولجي ۽ چيف انجنيئر ۽ سيڪنڊ انجنيئر کي ان حادثي جي ڄاڻ ڏجي، جنهن جي ڊپارٽمينٽ جو ماڻهو آهي ۽ پوءِ ڪپتان پوڙهي مڙس کي تڪليف ڏجي ته جيڪا قانون جي ڪاروائي چاهي سا ڪري.
ان وقت رات جا ٻه به اچي ٿيا. اسان هيٺان انجڻ روم کان وٺي ڳولا شروع ڪئي. انجڻ روم بعد ننڍڙي نوڪري وارن خلاصين جي رهائش هئي. انهن جي انچارج، ڊيڪ سرنگ ۽ انجڻ سرنگ هرهڪ آگ واري، تيل واري، بورچي، ڀنڊاري، واڍي، سکاڻي ۽ لشڪر ۽ ڀنگيءَ جي ڪئبن جانچي ۽ مٿي سڀني انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جي ڪئبنن ۾ ڏٺوسين. هرهڪ اٿڻ سان سڄو حال معلوم ٿي ڪيو ۽ اسان سان گڏ ڳولا ۾ ٿي نڪتو. چيف آفيسر، سيڪنڊ آفيسر، اليڪٽريڪل انجنيئر، ريفريجريشن انجنيئر، پرسر، بٽلر سڀُ جنهن ڊريس ۾ سُتل هئا ان ۾ پٺيان ٿي نڪتا. جيئن آسمان ڪرڻ تي جھنگل جي جانورن جو ٽولو نڪتو هو. اتي سامهون اسد ۽ ڪئڊٽ به اچي ٻُڌايو ته سڄي جهاز ۾ نويد جو ڪو پتو ڪونهي ۽ اسان سڀُ سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف آفيسر کي اڳيان ڪري، جھنگل جي سردار شينهن يعني ڪئپٽن ڏي هلڻ لڳاسين. هاڻ جو قافلو اڃان ڪپتان جي ڪمري اڳيان مس پهتو ته عرفان ٽوڪيندي چيو ته هڪ ڪمرو ريڊيو آفيسر جو بچي ٿو. هونءَ ته سندس ڪئبن ۾ ڪير ڪونه ٿو وڃي، اڄُ ان کي به هلي ننڊ مان اٿارجي. متان حسرت رهجي وڃي.
عرفان ڳالهه اهڙي نموني سان ڪئي جو ڏک جي عالم ۾ به اسان کان کِل نڪري وئي جو ريڊيو آفيسر جو ذڪر پهرين به ڪري چُڪو آهيان ته ان کان هرڪو پيو ڀڄندو هو ۽ اسان ته ويتر اڃان هڪ ڏينهن اڳ ساڻس گس پنڌ تي ڳالهائڻ به بند ڪيو هو. هينئر ڳولا لاءِ به ڪو سندس ڪئبن ۾ وڃڻ لاءِ تيار نه هو. پر ان ڪمري جي به رسمي طرح ڳولا پوري ڪرڻ لاءِ اسان سڀ مٿي وڌياسين. ٻيا گھٽيءَ ۾ ٿورو پري ٿي بيٺا. عرفان ۽ آئون اڳتي وڌياسين. عرفان کي چيم: ”لالا درُ تون کول.“
”نه سائين. جي ريڊيو آفيسر ستل نه هوندو ته به گاريون ڏيندو ته ننڊ ڦٽايانوَ.“ ۽ پوءِ اڳتي وڌي در تي ڪن رکي چوڻ لڳو:
”يار جعفر صاحب ته جاڳي پيو ۽ سندس ٽيپ رڪارڊ وڄي پيو.“
اعتبار ئي نه آيو. اڳتي وڌي در تي ڪن رکيم ته ٽيپ رڪارڊ جو آواز ڄاتل سڃاتل . ٿورو هيٺ جھُڪي در جي ڪنجيءَ واري ٽُنگ مان اندر ليئو پاتم ۽ پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي کاٻي پاسي گھٽي ۾ جهاز جي سڄي عملي جي ويران پريشان چهرن ڏي نهاريم. ڪي ڊيوٽي وارا وردين ۾ بيٺا هئا. ڪي ننڊ مان اٿي آيل پجامن، سٿڻن ۽ ڪڇن ۾ فئنسي ڊريس جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. وري اک سوراخ تي رکي پڪ لاءِ ڏٺم ته واقعي منهنجو روم ميٽ نويد ئي هو! شام کان پاتل يونيفارم ۾! ريڊيو آفيسر جعفر سامهون ويٺل ۽ ڪنهن سياسي عنوان تي گرما گرم ڏي وٺ هلي رهي هئي.
آهستي آهستي در کوليم. مون کي ڏسي نويد ڏاڍي مزي سان پڇيو: ”ڇو پارٽنر اڃان جاڳين پيو؟“
”اهو ئي سوال اسان توکان ڪرڻ آيا آهيون.“ عرفان ڪمري ۾ گھڙندي چيس.
”اڙي. اڙي“ نويد ڪجهه منجهي پيو، ”هي ڇا ٻه ڄڻا ٿي آيا آهيو؟“
”اڃان ته ڪٿي. سائين جن ٻاهر نڪري ته ڏسن ته سواءِ ٻن ڄڻن جي (چيف انجنيئر ۽ ڪپتان جي) سڀ آيا آهن.“
پر اسان جي ڳالهه کي سچ نه سمجھندي، پاڻ اسان جي دخل اندازي کان بيزار ٿيندي مون کي چيائين: ”ڇڏ يار، تون هلي سمهي رهُه آئون ڊسٽرب نه ڪندس. اڄُ جعفر صاحب جا سياست بابت غلط خيال ڪڍڻ لاءِ سڄي رات هتي گذاريندس.“
جعفر صاحب جو وري هن مان بيزار ٿي ويٺو هو، تنهن ليلائيندي چيو ”ٻيلي قرب ڪريو. هي چريو سج لٿي کان وٺي منهنجو مٿو چٽُ ڪري ويو آهي. وٺي وڃوس.“
اسان کيس ڇا ٻُڌايون ته سندس رڳو مٿو چٽُ ٿيو آهي پر اسان ان عرصي اندر نه ڇڙو ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو آهي پر غائبانه جنازه نماز جو پڻ.
”چڱو. چڱو اٿُ نويد. ٻاهر هلي ڏس.“ عرفان چيس.
”ڇو ٻاهر ڪير بيٺا آهن؟“
”تنهنجا ڪانڌي.“
هي ٽپ ڏيئي اٿيو، ٻاهر ليئو پاتائين. هيترن ڄڻن کي ڏسي هيسجي ويو ۽ دانهن نڪري ويس. ساڳي وقت جهاز جي سڄي عملي اڻ ٿيڻي ڳالهه جو ٿيندي ڏٺي ته هراس مان انهن کان به دانهن نڪري ويئي. پوءِ ته جهاز تي گوڙ مچي ويو.
”ڪمال آهي اسان کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ توهان اسان جو سُک ڦٽايو.“
باقي ڄڻا مون کي، ڪئڊٽ، عرفان ۽ اسد کي چوڻ لڳا جو اسان بدڪ واري اڳواڻي ڪري رهيا هئاسين ته آسمان ٿو ڪري. ڪي ته ان واقعي کي چرچو سمجھي کلڻ لڳا. هڪ کي ته اسان لاءِ اهو به چوندي ٻُڌوسين ته اسان اهڙي ائڪٽنگ ڪئي ڄڻ اسان کي سچ پچ نويد جي خبر ناهي. ڪي ته هروڀرو جنازي نماز جي موڊ ۾ هئا.
هاڻ کين ڪير ٻُڌائي ته واقعي اسان به هنن ئي وانگر اڻ ڄاڻ هئاسين. ان قصي کان پوءِ منهنجو پارٽنر ٽي چار ڏينهن مونتي سونڍيو ڦوڪيو هليو ته مون کيس سڄي جهاز تي خوار ڪيو آهي. پر پوءِ ساڳئي وقت کيس اهو به جلدي احساس ٿيو ته سندس چاهت ئي اسان کي ايڏو ستايو. بهرحال ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اسان جو روم ميٽ ڪڏهن باٿ روم ۾ ويندو هو ته به مون لاءِ پنو لکي ٽيبل تي رکي ويندهو هو.
”ادا آئون باٿ روم ۾ آهيان. خدا جي واسطي ’O‘ جو جھنڊو نه چاڙهجانءِ“.

(عربي سمنڊ تي لکيل 1970)