سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، ڊرامہ نگار، مترجم ۽ نقاد، ڊاڪٽر قاضي خادم جي لکيل ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن جو مجموعو ”لڙڪ لڙڪ زنجير“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھن ڪتاب ۾ قاضي خادم جا 5 ريڊيو ۽ 9 ٽي وي ڊراما شامل آھن. ڊرامن جا خاص موضوع سنڌ جي رسم و رواج (ننڍي عمر جي شادي، بدي جي شادي، غلط خانداني رسمون، جديد سماجي برايون، نفرت، محبت وغيرہ) سان واسطو رکن ٿا. ھي ڊراما ادب جي شاگردن لاءِ ڏاڍا ڪارائتا ثابت ٿيندا.
ھي ڪتاب 1981ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.