سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مشھور سياستدان ۽ اديب رسول بخش پليجي جي شاعريءَ جي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل شاعريءَ جو مجموعو ”اوھانجي پڄاڻان“ پيش ڪجي ٿو.
هن ڪتاب ۾ پليجي صاحب پنھنجي ڪيل شاعريءَ کانسواءِ پشتو ٽپن جي ترجمن سان گڏ عربي شاعري، جپاني شاعري، فارسي شاعريءَ جا ترجما خاص ڪري روميءَ، حافظ ۽ خيام جا ترجما ۽ دنيا جي بھترين شاعريءَ جا ترجما شامل ڪيا آهن. ھن ڪتاب جو مھاڳ مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار خاتون نور الھديٰ شاھ لکيو آهي، جنھن ۾ هن لکيو آهي تہ ”پليجي صاحب جا هي ترجما ۽ سندس پنھنجا ڪجه نظم ذهن جي سوڪھڙي تي برسات جي شروعاتي بوندن جيان ڪرن ٿا“.
ھي ڪتاب 1991ع ۾ سنڌي ساھت گهر، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي