سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جڳ مشھور روسي اديب ليئو ٽالسٽاءِ جي آخري مشھور ناول Kreutzer Sonara جو سنڌي ترجمو ”پيار“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار اتم آھي.
ليئو ٽالسٽاءِ اھڙو ادب سرجيو جيڪو روسي عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويو. ھن ناول ۾ ٽالسٽاءِ ھڪ اھڙي شخص جو قصو بيان ڪيو آھي جيڪو ريل ۾ ھلندي پنھنجي ھمسفرن کي قصو ٻڌائي ٿو تہ ڪيئن ھن پنھنجي زال تي شڪ ڪري ھن جو خون ڪيو. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ ناول آھي جيڪو پڙھندڙ شروع ڪرڻ کانپوءِ ھڪ ساھي پڙھي وٺي ٿو.
ھي ڪتاب 1984ع ۾ رابيل پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي