سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جڳ مشھور ليکڪ فيوڊور دوستو وسڪيءَ جي لکيل ناول Crime & Punishment جو سنڌي ترجمو ”پاپ ۽ پيڙا“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار رشيد ڀٽي آھي.
ھن ناول جي لکت ۾ اسان کي ليکڪ جي نجي زندگيءَ جي پيڙائن ۽ اذيتن جو عڪس ملي ٿو. دوستو وسڪي ان دور جي تصوير چٽي ٿو جڏھن جاگيردار دور ختم ٿي، نئين سرمائيداراڻا نظام کي جنم ڏئي رھيو آھي. ھي ڪتاب ادب جي دنيا ۾، سرمائيداراڻي سماج ۾، غير انساني ورتاء ۽ وھنوار جي موضوع تي ھڪ عظيم شاھڪار آھي. ھن ناول ۾ اسان جي موجودہ سماج ۾ شھري ماحول ۽ جيون جي پوري پوري عڪاسي نظر اچي ٿي.
ھي ڪتاب 1992ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي