شاعري

مون پڻ ڳايو ھو

نجم عباسيءَ جي سڃاڻ ھڪ ڪھاڻيڪار طور رھي آھي پر ھن ادب جي شروعات شاعريءَ ذريعي ڪئي ھئي. ھن پھريون شعر 1941ع ۾ ۽ آخري 1946ع ۾ لکيو يعني ھي شاعري ھاءِ اسڪول جي دور جي آھي. سندس ان وقت جا لکيل شعر اخبارن ۾ پڻ ڇپيا ۽ سندس لکيل دعا جا گيت اسڪول ۾ صبح جي اسيمبلي وقت ڳايا ويندا ھئا. 

  • 4.5/5.0
  • 15
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نجم عباسي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مون پڻ ڳايو ھو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري نثر نگار نجم عباسيءَ جي ٻاراڻي دور جي ڪيل شاعريءَ جو مجموعو ”مون پڻ ڳايو ھو“ پيش ڪجي ٿو.
نجم عباسيءَ جي سڃاڻ ھڪ ڪھاڻيڪار طور رھي آھي پر ھن ادب جي شروعات شاعريءَ ذريعي ڪئي ھئي. ھن پھريون شعر 1941ع ۾ ۽ آخري 1946ع ۾ لکيو يعني ھي شاعري ھاءِ اسڪول جي دور جي آھي. سندس ان وقت جا لکيل شعر اخبارن ۾ پڻ ڇپيا ۽ سندس لکيل دعا جا گيت اسڪول ۾ صبح جي اسيمبلي وقت ڳايا ويندا ھئا. 
ھي ڪتاب 1979ع  ۾ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي