سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياستدان، مفڪر ۽ اديب رسول بخش پليجي جي شخصيت ۽ جدوجھد تي مختلف دانشورن، شاعرن ۽ اديبن جي چونڊ لکڻين تي مشتمل ڪتاب ”سندو ذات جواب“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ ادريس لغاري ۽ نگران جامي چانڊيو آھي.
رسول بخش پليجو ھڪ جدوجھد جو نالو آھي. ھيءُ ڪتاب سنڌ جي چونڊ دانشورن، اديبن ۽ شاعرن طرفان سنڌ جي ھن يگاني فرد لي مليل ڀيٽائن جي ترجماني ڪندڙ لکڻين تي مشتمل آھي. ھي سڀ ماڻھو جيڪي مڪمل طور ھن جا ھم خيال ۽ ھمسفر نہ رھيا آھن، اھي بہ کيس سنڌ جو ھڪ جينيئس، کاھوڙي، ڏاھو، وڏو اديب، دانشور ۽ قوم جو ھڪ معمار سمجهن ٿا. ھي ڪتاب رسول بخش پليجي جي شخصيت، پورھيي، قربانين ۽ ڪيل جدوجھد کي سمجهڻ ۾ ھڪ بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي