تاريخ، فلسفو ۽ سياست

صبح ٿيندو

جڏهن شيخ اياز جي شاعري سميت سنڌي ادب تي رجعت پسند حملي آوار ٿيا تہ رسول بخش پليجو رسول بخش پليجي صبح ٿيندو ڪتاب لکي قومي، طبقاتي سوال، وڏيرڪي قومپرستي ۽ ملڪي سياست جا بنياد سمجهايا. ڪتاب جي وڌايل ايڊيشن ۾ 10 مضمون شامل آھن. هي ڪتاب سنڌي عوام کي عوامي، قومي ۽ طبقاتي شعور ڏيڻ ۽ جدوجھد ڪرڻ لاءِ نظرياتي بنياد فراهم ڪري ٿو جيڪا پليجي صاحب جي تمام اهم تحرير سمجهي وڃي ٿي

Title Cover of book صبح ٿيندو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  نامياري سياستدان، مفڪر ۽ اديب رسول بخش پليجي جي لکيل مضمونن جو مجموعو ”صبح ٿيندو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
جڏهن شيخ اياز جي شاعري سميت سنڌي ادب تي رجعت پسند حملي آوار ٿيا تہ رسول بخش پليجو رسول بخش پليجي صبح ٿيندو ڪتاب لکي قومي، طبقاتي سوال، وڏيرڪي قومپرستي ۽ ملڪي سياست جا بنياد سمجهايا. ڪتاب جي وڌايل ايڊيشن ۾ 10 مضمون شامل آھن. هي ڪتاب سنڌي عوام کي عوامي، قومي ۽ طبقاتي شعور ڏيڻ ۽ جدوجھد ڪرڻ لاءِ نظرياتي بنياد فراهم ڪري ٿو جيڪا پليجي صاحب جي تمام اهم تحرير سمجهي وڃي ٿي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1974ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1978ع ۾ سھڻي پرنٽرز پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي  جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي