شخصيتون ۽ خاڪا

بابا _ انور پيرزادو

هي رڳو هڪ ڪتاب ناهي پر تحقيق سان ڀرپور هڪ دستاويز آهي، جنھن ۾ انور پيرزادي جي شخصيت جي مختلف روپن، روين، دورن، ڏکن، سکن، هيٺاهين ۽ مٿاهين، خوشين ۽ غم، سفرن، لطيف ۽ ڌرتيءَ سان عشق جي داستانن کي اهڙي تہ منفرد انداز سان لکيو ويو آهي جو هي ڪتاب هڪ تاريخي ڪتاب بڻجي ويو آهي. امر پيرزادي ڪوشش ڪئي آهي تہ پنھنجي بابا جي هر روپ تي لکي. هن کيس هڪ شفيق پيءُ جي حيثيت سان گڏ هڪ استاد، هڪ رهنما ۽ هر شعبي ۾ ڪيل سندس خدمتن تي گَھِرائي سان جائزو پيش ڪندي لکيو آهي. امر جي لکڻيءَ ۾ موجود رواني بہ لاجواب آهي جيڪا درياه جي تيز وهڪري جيان پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي. ڪتاب جو هر ورق اٿلائيندي اڳتي پڙهڻ جو اتساھ ٿئي ٿو. امر پيرزادي نہ صرف پنھنجا تجزبا ۽ خيال پيش ڪيا آهن پر انور پيرزادي سان ڪم ڪندڙ سندس دوستن، سينئرن، استادن، شاگردن، رشتيدارن، پڙھندڙن ۽ چاهيندڙن جا خيال ۽ مضمونن مان ورتل حوالا پيش ڪري هر عنوان سان پاڻ ملھايو آهي.

Title Cover of book بابا _ انور پيرزادو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، نثر نگار، ايڊيٽر ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو انور پيرزادي جي شخصيت تي سندس لائق فرزند امر پيرزادي جو لکيل تحقيقي ۽ تاثراتي ڪتاب ”بابا _ انور پيرزادو“  اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هي رڳو هڪ ڪتاب ناهي پر تحقيق سان ڀرپور هڪ دستاويز آهي، جنھن ۾ انور پيرزادي جي شخصيت جي مختلف روپن، روين، دورن، ڏکن، سکن، هيٺاهين ۽ مٿاهين، خوشين ۽ غم، سفرن، لطيف ۽ ڌرتيءَ سان عشق جي داستانن کي اهڙي تہ منفرد انداز سان لکيو ويو آهي جو هي ڪتاب هڪ تاريخي ڪتاب بڻجي ويو آهي. امر پيرزادي ڪوشش ڪئي آهي تہ پنھنجي بابا جي هر روپ تي لکي. هن کيس هڪ شفيق پيءُ جي حيثيت سان گڏ هڪ استاد، هڪ رهنما ۽ هر شعبي ۾ ڪيل سندس خدمتن تي گَھِرائي سان جائزو پيش ڪندي لکيو آهي. امر جي لکڻيءَ ۾ موجود رواني بہ لاجواب آهي جيڪا درياه جي تيز وهڪري جيان پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي. ڪتاب جو هر ورق اٿلائيندي اڳتي پڙهڻ جو اتساھ ٿئي ٿو. امر پيرزادي نہ صرف پنھنجا تجربا ۽ خيال پيش ڪيا آهن پر انور پيرزادي سان ڪم ڪندڙ سندس دوستن، سينئرن، استادن، شاگردن، رشتيدارن، پڙھندڙن ۽ چاهيندڙن جا خيال ۽ مضمونن مان ورتل حوالا پيش ڪري هر عنوان سان پاڻ ملھايو آهي.
ھي ڪتاب 2022ع  ۾ انور پيرزادو اڪيڊمي ڪراچي ۽ پيڪاڪ پبلشرس ڪراچيءَ  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي امر پيرزادي جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي