شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر عابد مظهر [ فن ۽ شخصيت]

باجارا جي سيد خاندان سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر عابد مظhر سنڌ جي نامور ڪھاڻيڪارن مان ھڪ آهي. سندس سڃاڻپ رڳو ڪھاڻيڪار نہ پر بھترين شاعر، محقق، محنتي استاد طور پڻ آهي. پاڻ معصوم، سادگي ۽  ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ آهي. سندس ڪيل ادبي خدمت سنڌي ادب ۾ پنھنجي حيثيت ماڻي چڪي آهي. ھن ڪتاب ۾ سندس فن ۽ شخصيت بابت سنڌ جي نامور ليکڪن ۽ اديبن جا مضمون شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 16
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڊاڪٽر عابد مظهر  [ فن ۽ شخصيت]

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، محقق، ڪھاڻيڪار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر عابد مظھر جي شخصيت تي لکيل مضمونن تي ٻڌل مجموعو ”ڊاڪٽر عابد مظھر (فن ۽ شخيصيت)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ مير حاجن مير آھي.
باجارا جي سيد خاندان سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر عابد مظhر سنڌ جي نامور ڪھاڻيڪارن مان ھڪ آهي. سندس سڃاڻپ رڳو ڪھاڻيڪار نہ پر بھترين شاعر، محقق، محنتي استاد طور پڻ آهي. پاڻ معصوم، سادگي ۽  ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ آهي. سندس ڪيل ادبي خدمت سنڌي ادب ۾ پنھنجي حيثيت ماڻي چڪي آهي. ھن ڪتاب ۾ سندس فن ۽ شخصيت بابت سنڌ جي نامور ليکڪن ۽ اديبن جا مضمون شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب سوچ پبليڪيشن، سيوھڻ پاران ساحل پرنٽرز وٽان 2022ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مير حاجن مير جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ڪتاب جا حق ۽ واسطا مَحفوظُ

ڪتاب جو نالو: ڊاڪٽر عابد مظهر (فن ۽ شخصيت)

موضوع: شخصيت

سھيڙيندڙ: مير حاجن مير

ڇاپو پھريون: نومبر 2022ع

ٽائٽل ڊزائن: مور ساگر

ڪمپوزنگ: مير حاجن مير

ڇپائيندڙ: سوچ پبليڪيشن- سيوهڻ شريف

ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر رابعيه اسڪوائر حيدرآباد 03332634650


قيمت: -/300روپيا

ارپنا

نياز پنهور

جي نالي

پبلشر نوٽ

سيوھڻ جي مٽيءَ مان ڪيئي عالم، شاعر، محقق، اديب، مفڪر، مفسر، ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، سماج سڌارڪ، سياستدان، دانشور، قاضي، مفتي، پيدا ٿيندا رهيا  آهن.  اسين سيوھڻ جي ادبي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته محمد جعفر بوبڪائي کان ويندي شمس العماءُ عمر بن محمد دائود پوٽي تائين، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کان ويندي  مظهر سيوھاڻي تائين. پرواني سيوھاڻي کان ويندي ڊاڪٽر عابد مظهر تائين اسان کي هڪ طويل ادبي تاريخ ملي ٿي. جيڪي سنڌي ادب جا مايا ناز اديب، شاعر، محقق، طور سڃاتا وڃن ٿا . ڊاڪٽر عابد مظهر  انهن عالمن ۾ هڪ پنهنجي  الڳ سڃاڻپ رکي ٿو ، جنهن جا مختلف پاسا آهن،  هڪ پاسي سندس ادبي خدمتون آهن ته ٻئي پاسي تعليمي خدمتون آهن. هو شاعر، محقق، ڪهاڻيڪار، تعليمدان ۽ عالم آهي، ’سوچ پبليڪيشن سيوھڻ‘ سندس فن ۽ شخصيت (ڊاڪٽر عابد مظهر فن ۽ شخصيت) تي ڪتاب آڻيندي سرهائي محسوس ٿي ڪري.  اميد ته اسان جي اداري جو  هي ڪتاب  اوهان کي ضرور پسند ايندو.

ادارو 

جنم پتري

نالو: سيد محمد عابد شاھ 

ادبي نالو: عابد مظهر 

والد: سيد مظهر سيوھاڻي 

جنم :                21 مئي 1951ع 

جنم هنڌ: ڳوٺ باجارا تعلقو سيوهڻ  

پرائمري تعليم: باجارا

ميٽرڪ:            طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو 1970 ع 

انٽر:                  سٽي ڪاليج  حيدرآباد  1978ع 

بي اي :              سچل ڪاليج حيدرآباد 1980ع 

ايم اي :              اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي 1982ع

ايم اي:              (سنڌي ادب ) ڪراچي يونيورسٽي 1985ع

پي. ايڇ ڊي:        ڪراچي يونيورسٽي. 2008ع 


نوڪري

ڪلارڪ:            سنڌ يونيورسٽي 1881ع تائين 

ريسرچ فيلو:      شاھ عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي

1987ع 

ليڪچرر: سنڌي  شعبو ڪراچي يونيورسٽي

نومبر 1988ع 

چيئرمين:        سنڌي  شعبو  ڪراچي يونيورسٽي

 2009ع کان 21 مئي 2011ع تائين 

صوفي يونيورسٽي: 2012 کان 2013ع تائين

ادبي تنظيمن سان وابستگي

سيڪريٽري :              سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي

ڪالوني ڄام شورو 

سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد 

(فائونڊر) ڪراچي  1992: 1991ع .

ميمبر: سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ 

سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن معمار 

(فائونڊر) ڪراچي 

ايوارڊ:

ينگ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن طرفان بيسٽ اسٽوڊنٽس جو ايوارڊ 1985ع،  سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران، شاخ سنڌي ادبي سنگت  گلشن حديد جي  بهترين ڪارڪردگيءَ تي ايوارڊ، سنڌي ساهت گهر طرفان ايوارڊ، سگا مرڪز طرفان ايوارڊ 1990ع، سچل چيئر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي طرفان بهترين مقالي جو ايوارڊ، ٽيچر ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان بهترين استاد جو ايوارڊ، سنڌي شعبي ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان بهترين استاد جو ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيئي. 

رهمنا:    سندس رهنمائي ۾ چئن شاگردن ph.d جي ڊگري حاصل ڪئي، ڊاڪٽر حاڪم ٻرڙو، ڊاڪٽر قدير ڪانڌڙو، ڊاڪٽر آمنه سومرو،  ڊاڪٽر حنان گبول.

نئين ۽ پرا ڻي فن جو سنگم

نئين ۽ پرا ڻي فن جو سنگم
- تاج بلوچ

عابد مظهر سريلو شخص ۽ ڀلوڙ شاعر آهي. منهنجي ساڻس پيار واري دوستي آهي، عمر ۾ مون کان ننڍو هوندو پر جيئن ته اسان ٻنهي جا مزاج ۽ ستارا تقربن هڪ جهڙا ۽ هڪ جيترا آهن، ان ڪري اسان ٻنهي انهي وٿيءَ کي پيار ۽ ياريءَ جي وٿيءَ تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو آهي.
هونئن به جيڪي اديب ۽ شاعر سنڌي ادبي سنگت جهڙي مهان يونيورسٽيءَ ۾ زير تعليم پئي رهيا آهن، تن پيڙهي وچوٽيءَ کي فڪري هيڪڙائي ۾ ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏيو آهي، ڀل ته ڪنهن جو ڪهڙو به پيشو هجي.ڪوڏر وهائيندو هجي يا حجامڪو ڌنڌو ڪندو هجي، ڪلارڪ هجي يا ڪارخاني جو مزدور هاري هجي يا ڪو وڏو ڪامورو يا صحافي يا يونيورسٽيءَ جو استاد هجي. اهي سڀ پنهنجي گڏيل سرت هيٺ معاشري جي ناهموارين کي پنهنجي فڪر جو بنياد بڻائي هيڻن ۽ پيڙيل ماڻهن جي فڪري آزادي ۽ انهن جي سرت ساڃاھ کي مهميز ڏئي ڪنهن وڏي شاهراھ تي وٺي هلن ٿا ته جيئن مزاحمت لاء اڪيلي هجڻ واري احساس تي غالب پئجي وڃن ۽ اهڙو سماج اڏجي پوي جيڪو هر نوعيت جي پرماريءَ کان آجو هجي. اظهار جو ڪهڙو به روپ هجي،تخليق ڪنهن به فارميٽ ۾ رچي وڃي پر هڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال قلمڪار جو بنيادي فرض آهو آهي ته هو احساس جي ٽانڊاڻن کي ڌرتيءَ کان مٿي ڪري چمڪائي ته جيئن اڻ ڏٺل ۽ اونڌاهي علائقن ۾ مشعلون ٻري پون ۽ روشني کي سهارو سمجهندڙ فرد هر نئين ۽ خوفناڪ تاريڪي جي انت لاءِ هر دم تيار رهن ۽ گڏيل طور تي پاڻ جهڙن ٻين مجبور ماڻهن لاء جاکوڙين.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مارشلا ون يونٽ ۽ ايم آر ڊي واريون تحريڪون خاص طرح سان سنگت سان واڳيل ڪارڪنن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ وڏي اتساھ جو ڪارڻ پئي رهيون آهن، عابد مظهر جيڪڏهن ڏکڻ ايشيا جي غير فطري ورڇ 1947 وارو دؤر اکين سان نه ڏٺو هجي پر ادبي تاريخ جي سيني تي هيمون ڪالاڻي ۽ ٻين جنگي جوانن جي سورهيائي جا قصا هن ضرور ٻڌا ۽ لکيل پڙهيا هوندا.
ون يونٽ واري تحريڪ ته هن جي اکين آڏو جي ڳالھه هوندي ۽ اهو به ممڪن آهي ته عابد مظهر ان ۾ عملي طرح نه سهي تخليقي طور تي ضرور حصو ورتو هوندو. ۽ ايم آر ڊي جي هلچل ته سنڌي اديبن ۽ شاعرن لاء وڏي ساهس جو ڪارڻ بني هوندي پر اها ٻي ڳالھه آهي جو گهڻائي انهيءَ احساس کي عملي طرح نه جهٽيو، ان ڏس ۾ جتي جتي ۾ اها تحريڪ عمل ۾ رهي ان ۾ اسان عوام کي ئي متحرڪ ۽ رهبر طورڏٺو، دانشور گهڻو گهڻو پٺتي هئا.
اتر ۽ لاڙ جي علائقن ۾ اسان پٿرن ۽ گليلن مان بارود جو مينهن وسائڻ ۽ آسمان مان گن پائوڊر جي بارش اسان اکين سان ڏٺي پر فڪري طور تي سنڌ جو ڪو به شاعر ان هلچل کي پنهنجي تخليق جو بنياد نه بنائي سگهيو ۽ شاعري ۽ ڪهاڻي هنگامي قدرن جي ور چڙهي وئي مستقل قدر نه جڙي سگهيا. مزاحمت جي جنگ جيڪا سنڌي عوام جوٽي هئي سنڌي اديب ان کي اڳتي وٺي وڃي نه سگهيو!!
دنيا جي مختلف اديبن ۾ ادب جي محرڪات ۽ شاعريء جي سر چشمن لاء ڪيئي تاويلون گهڙيون ويون آهن جن مان ڪا به تاويل ۽ ڪو به محرڪ حرف آخر نه ٿي سگهيو آهي. ڇاڪاڻ جو هر دؤر جي اديب ۽ شاعر مان ورلي ڪنهن قلمڪار جو شعور ايترو سگهارو ٿئي ٿو جو هو ڏورانهين علائقن جي عذابن ۽ خود پنهنجي ديس اندر هر تناظر ڏئي سگهيو هجي.
جيڪو ايندڙن لاء لاٽ واٽ جو ڪم ڏيئي سگهي Exceeptoons جي ڳالھه نٿي ڪجي، اسان وٽ علم ادب ۽ شعر جي ڪثيرن تحريرن کي اڃا تائين گهٽ حيثيت ۾ ته نه آندو آهي پر پذيرائي گهڻي قدر گهٽجي وئي آهي ان جا گهڻا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا جن ۾ تعليم ابتري مطالعي جو گهٽ شوق ۽ بازاري نوعيت جي شاعري جي وقتي مقبوليت اصلي شعر ۽ نغمگي کي انهي بام تي پهچايو آهي جيڪو ان جو مقدر آهي.
اسين جڏهن عابد مظهر جي يونيورسٽيءَ جي ۾ استاد جي حيثيت سان شاعريءَ جو جائزو وٺون ٿا ته اها خوش آئنده ڳالھه محسوس ٿئي ٿي ته وڏن تعليمي ادارن ۾ جن کي علم ۽ شعور جو سرچشمو هئڻ گهرجي ها اتي غير متحرڪ متشاعر ۽ پگهار دار ۽ ٻچڙن جو پيٽ پالڻ وارا ئي نظر اچن ٿا جن وٽ زندگيءَ جو متحرڪ روپ مفقود نظر اچي ٿو جيڪا ڏاڍي ڏک جي ڳالھه آهي پر عابد مظهر کي اهڙي شاعرانه زندگي گذارڻ وارو شوق ۽ سرت آٿت جو ڪارڻ آهي زندگيءَ لاءِ.
عابد مظهر کي شاعري ورثي ۾ ملي آهي هن جو والد صاحب قادرالڪلام شاعر هو عابد ۾ جيتوڻيڪ اها قادرالڪلامي ناهي پر هن زندگيءَ جي انهي متحرڪ روپ کي پنهنجي شاعريء جو محور ۽ مرڪز بڻايو آهي جيڪا دقيق ۽ ڊڪشن، پراڻن ۽ لتاڙيل گهاڙيٽن بدران، زندگيءَ جي سيال حقيقتن کي سادن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ۽ پنهنجي ٻڌندڙن تائين سولائي سان Communicate پڻ ٿيو وڃي، جيڪا گهٽ ڳالھه ناهي، ادب جي اظهار جي ذريعي قاريءَ تائين ترسيل، ان جي سوڀاري هئڻ جو اهڃاڻ آهي.
عابد مظهر عادتن، روايتن يا ڪٿي ڪٿي پنهنجي مزاج کان مجبور ٿي مختلف گهاڙيٽن تي لکيو آهي هن غزل به لکيو آهي جيڪا اوپري ۽ ڏکي صنف آهي، اتي هن وايون به لکيون آهن جيڪا پنهنجي ڄاتل سڃاتل صنف آهي ۽ ان صنف ۾ ايترو ته گهڻو سٺو ۽ خراب لکيو ويو آهي جو انهي صنف ۾ ڪنهن به سنڌي شاعر جي وائي لکندڙ جي حيثيت ۾ سڃاڻ نه ٺهي سگهي آهي پر ان جي هوند به عابد وائي لکڻ وقت ڏاڍي جاکوڙ کان ڪم ورتو آهي ۽ گهڻين جاين تي سوڀارو نظر اچي ٿو.....”جيون پاڻي ڦوٽو“ واري وائي دلاويز آهي،ساڳئي وقٿ رجائيت جي combination وڻندڙ ڳالھه آهي.
پر جيئن اڳ ڳالھه ڪري آيو آهيان ته غزل جي صنف گهڻ- رخي، پيچدار، لچڪ واري ۽ غنائيت واري هوندي آهي ان جي اهڙين سمورين صنفن کي گرفت ۾ آڻي ڪو به ڇرڪائيندڙ خيال پيش ڪرڻ سولي ڳالھه ناهي، پر تنهن هوندي به عابد جاکوڙ ڪري نئين پراڻي ۽ متحرڪ ڊڪشن ذريعي به غزل ۾ اظهار ڪيو آهي جيڪو غنائيت بدران سر ريئلسٽ آهي، عابد نئون غزل به لکيو آهي جيڪو سڀاويڪ آهي.
جن تان هٿ ڏئي گڏجي هلياسين،
سي سڀ رستا ڀلجي وياسين.
وک وک تي آ ڳالھه اسانجي،
ماڻهن لاء اخبار ٿياسين.
ماڻهن جي نفسيات عجب آ،
سمجهي وياسين ليکڪ ٿياسين.
غنائيت ۽ حقيقت پسنديء جو اهڙو اظهار عابد جي غزل کي ٻين عام غزل گو شاعرن کان مٿانهون ته نه ٿو ڪري سگهي پر هن جي مرسم مزاجي جو آهنگ ذهن کي ڇهي ضرور ٿو.
واهڻ مان هوءَ هت ڇا پهتي، شهر ۾ ٿي ويا ڏاڍا گوڙ، مٿئي شعر کي پڙهڻ کان پوء محسوس ٿئي ٿوته عابد غزل جي نئين آهنگ ڏانهن وکون وڌائي رهيو آهي، اصل ۾ غزل ترنم، تغزل، ۽ بي ساختگيءَ جو نالو آهي، جيڪو به شاعراڻ ڇهيل احساس، کي اهڙي ريت گهڻي ڀاڱي جهٽي وٺڻ جي صلاحيت جو مالڪ هوندو اهو ئي ڪامياب غزل گو شاعر بڻجي سگهي ٿو.
وائي ۽ غزل جي ڀيٽ ۾ عابد مظهر مونکي فڪري طور تي نظم جو سگهارو شاعر محسوس ٿئي ٿو. سحر جي نانءُ سندس هڪ مختصر ۽ رومانوي نظم آهي جنهن ۾ هن خوبصورت عڪس ڏنا آهن جنهن ۾ ڏک جو پهلو ڏاڍو نمايان آهي.
سندس نظم ڪير سڃاڻڻ وارو ڪونهي ۾ به اجتماعي آواز جي ڳالھه ڪئي وئي آهي جيڪا معاشرتي ناهمواري تي چٿر آهي، ڏوهي ڪير نظم سماج کان اهم سوال جو نظم آهي.
جيڪڏهن عابد جي نظمن جو تجزيو ڪيو وڃي ته ائين لڳندو ته هڪ ڪچي وهيءَ جي فرد جون پيڙائون آهن جيڪي روح جي گهراين مان هڪ Flow سان ٻاهر اچن ٿيون.
عابد مظهر جي وچوڙي جي آٽو گراف واري خوبصورت شاعريء جي مجموعي مان جيڪي احساس ملن ٿا، سي اهي آهن ته هو پنهنجي لاابالي ۽ معصوم مزاج واري زندگي جيان پنهنجي فن سان به ساڳيو رويو اختيار ڪري ٿو حالانڪ زندگي جهڙي تهڙي گذري وڃي ٿي پر فن وڏي شوق ۽ لگن جو محتاج آهي.

پنجون درويش

پنجون درويش
- نياز پنهور

دنيا ۾ درويشن جا ڪيئي قسم آهن، هڪڙا درويش اُهي آهن جن جون وڏيون وڏيون مزارون آهن جن جا مجاور آهن، جن تي ڪڏهن ساليانا ته ڪڏهن سهائي سومر تي پيا ميلا لڳندا آهن، ماڻهن جا هجوم هوندا آهن، جيڪي مزارن تي حاضري ڀري پڙ چاڙهي پيا باسون باسيندا آهن، ڪي وري اهڙا درويش آهن، جن تي سندس جيئري ئي مريدن ۽ عقيدتمندن جا ڪٽڪ پيا گڏ ٿيندا آهن، جيڪي ماڻهن جا ڪڏهن تعويذ ۽ ڪڏهن ڌاڳي ڦيڻي سان مسئلا پيا حل ڪندا آهن، ڪي درويش وري پاڻي پڙهي ڏيندا آهن، ڪي مٽي ته ڪي خاڪ سان پيا ماڻهن جو علاج ڪندا آهن، هڪڙا درويش ته اهڙا آهن جن کي پاڻ سياسي درويش چئي سگهون ٿا، جن تي وري سياستدانن جون حاضريون پيون لڳنديون آهن، سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ٻارين ٻچي پيا انهن درويشن تي وهلور ويندا آهن، اهڙن ڪيئي درويشن کي اسان جا پڙهندڙ به چڱي طرح سڃاڻن ٿا، الائي ڪهڙي خبر پنهنجي پڙهندڙن مان ڪيترائي انهن درويشن جي حاضريءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو ڪاروهنوار بڻائي ويٺا هجن، اسان کي اهڙن سمورن درويشن لاءِ دلي محبت ۽ احترام آهي، پاڻ کي به جتي موقعو ملندو آهي، انهن درويشن جون پيا حاضريون ڀريندا آهيون ۽ ان اميد ۽ آسري تي ته اهي الله سائين جا ويجها ٻانها آهن، جن وٽ وقت به وقت حاضري سان اسان جي زندگيءَ جون مشڪلاتون آسان ٿينديون رهنديون.
هڪڙا درويش وري اهڙا آهن جيڪي پاڻ کي ڪڏهن به درويش ناهن سڏائيندا، پر انهن جي معصوميت ۽ سادگي سبب وري ماڻهو انهن کي درويش سڏيندا آهن، منهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا چار درويش آيل آهن، جن کي مان دل و جان سان درويش سمجهندو آهيان، جن مان پهريون درويش آهي سائين پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، ٻيو سائين احمد شاهه لڪياري (نيو سعيدآباد وارو) ٽيون سائين غلام شبير شاهه (لاکڙا وارو) ۽ چوٿون دوريش آهي جنهن کي آئون درويش گهٽ ۽ مست وڌيڪ سڏيندو آهيان، سو آهي سائين محسن شاهه درويش عرف محسن شاهه مست، پر اڄ آئون انهن چئني درويشن کي ڇڏي هڪڙي پنجين درويش جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس، جيڪو سچ پچ ته هڪڙو وڏو درويش آهي ۽ ۽ عقيدتمندن جو هڪ وڏو انگ کيس جيئري ئي درويش سڏي ٿو، لڳي ٿو ته اڳيان هلي مٿس ميلا ضرور لڳندا، اهو درويش آهي عابد مظهر شاهه.
هي درويش سنڌ جي درويشن واري ڌرتي يعني سيوهڻ کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي شهر باجارا جو رهواسي آهي، هو ٻين درويشن جيان ماڻهن لاءِ ڌاڳا ڦيڻا نه ڪندو آهي پر پاڻ سدائين ٻين جي جي ڌاڳن ڦيڻن ۾ هوندو آهي، هن جي چاهت ۽ محبت جو سڳو لوهي زنجير کان به مضبوط هوندو آهي، هو محبت جي سڳي ۾ ٻين کي گهٽ ۽ پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٻڌندو آهي، ان ڪري ماڻهو سندس سچائيءَ، سادگيءَ ۽ معصوميت جو فائدو وٺندي کيس ان ڌاڳي سميت اڪيلو ڪري هليا ويندا آهن، پر کيس ان جي ذري به پرواهه نه هوندي آهي ۽ هو وري ڪنهن ٻئي جي محبت جو سڳو پنهنجي ٻانهن ۽ ٽنگ ۾ ٻڌي پيو گهمندو آهي.
کيس ڄامشورو ڇڏي لڳ ڀڳ ٽيهارو سال ٿي ويا آهن پر اسان سان سندس نينهن جو ناتو ڪڏهن به ڪمزور ناهي ٿيو، ملون يا نه ملون، ڳالهايون يا نه ڳالهايون، دل هڪٻئي لاءِ سدائين پئي ڌڙڪندي آهي، مون هن سان دوستيءَ ۾ ڪڏهن انصاف ڪيو آهي الائي نه پر هن ڪڏهن به مون سان حساب ناهي ڪيو ، اگر حساب ڪتاب ڪري ها ته منهنجي پاڇيءَ ۾ وڃي صرف ٻڙي بچي ها، مون کي لڳي ٿو ته هن درويش وٽ ڪا اهڙي ڪاپي آهي جنهن ۾ ساڻس ٺڳي ۽ چالاڪي ڪندڙن جو حساب تحرير هوندو ئي ناهي، هو صرف پنهنجي محبتن جو ذڪرڪندو رهي ٿو ۽ ان ۾ سرشار ۽ خوش آهي، هن جي سڃاڻپ جي حوالن ۾ رڳو ”درويش“ هئڻ وارو ئي اڪيلو حوالو ناهي پر هو شاعري، ڪهاڻين، تحقيق ۽ تنقيد جي 6 ڪتابن جو مصنف هئڻ سميت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ۽ پروفيسر جو عهدو ماڻي هاڻي رٽائرمينٽ واري زندگي گذاري رهيو آهي.
چون ٿا ته پروفيسر ڪڏهن به رٽائر ناهي ٿيندو، ان ڪري آئون سرڪار جي 60 سالن واري نوڪري جي مدت جو ذڪر ڇو پيو ڪريان، باقي هو نوڪري کان اڳ به ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر هو ۽ سرڪاري نوڪري جي خاتمي کانپوءِ به هو ليکڪ، ڪهاڻيڪار،شاعر ۽ پروفيسر آهي، هو سن 1975-19974ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ باجارا مان نڪتو هو ڪراچي يونيورسٽي لاءِ نه پر سنڌ يونيورسٽي لاءِ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اچي پهتو هو ۽ اتي کيس ڪلارڪي به ملي وئي، هو ان ڪلارڪي دوران ايترو ته خوش ۽ مطئمن هو جو هن شايد ڪڏهن پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ خوشي لاءِ سوچيو به نه هو، سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد جا ادبي پروگرام، ادبي سنگت، ادبي دوست هن جي چپ چاپ زندگيءَ ۾ ٽهڪن جو سبب بڻجي ويا هئا، نه کيس پگهار جو فڪر هو ۽ نه وري ترقي جي تمنا، هن جي پگهار ته هن جي مهيني گذرڻ کان اڳ ئي خرچ ٿي ويندي هئي، سنڌ يونيورسٽي ۾ هو ڇڙو رهندو هو، سائين پيرل شاهه بادشاهه سندس دوست به هو ته شايد ڳوٺائي به هو، عابد ان جي ڪوارٽر ۾ رهندو هو، سائين پيرل شاهه کيس ٻن ڪمرن واري ڪوارٽر مان هڪڙو ڪمرو ڏئي ڇڏيو هو، پر سائين عابد شاهه جي دوستن جو وڌندڙ تعداد، واندن ۽ مفت خورن جي مستقل موجودگيءَ سبب ڪڏهن ڪڏهن ته سائين پيرل شاهه به پنهنجو ڪوارٽر عابد مظهر ۽ سندس دوستن جي حوالي ڪري پاڻ الائي ڪيڏانهن هليو ويندو هو ۽ الائي ڪٿي وڃي رهندو هو.
پر عابد شاهه کي چوندو ڪجهه به نه هو، انهن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ ٻروچ جي هڪڙي هوٽل هوندي هئي، جتي اوڌر به وڏي پئماني تي جاري هئي، عابد مظهر ان ٻروچ کي اسان جو ٻوٿ ڏيکاري چيو هو ته ”هي منهنجا دوست آهن، جيڪو چاهين کائين ۽ پيئن منهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏجائين“، اهڙي طرح مهينو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي عابد مظهر پنهنجي مهيني جو سڄو پگهار ان ٻروچ کي حوالي ڪري وري نئين سر اوڌر جو کاتو کولي ڇڏيندو هو، باجارا ۾ بابا اڃا حيات هو ۽ عابد جي گهر وارن جي ذميواري شايد ان تي هئي، اسان عابد کي سندس ان محبت ۽ فراخدلي سبب پنهنجو مستقل قائد به بڻائي ڇڏيو هو، هو رڳو ان هوٽل جي حساب ڪتاب سان اسان جو قائد نه هو پر اسان جي سنڌي ادبي سنگت جي يونيورسٽي واري شاخ جو ڪيئي ڀيرا سيڪريٽري به رهيو، هو سنگت جو سيڪريٽري به هو خزانچي به هو.
سندس ڪوارٽر اوطاق به هئي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي آفيس به هئي، سنگت جون هفتيوار گڏجاڻيون به اتي ئي ٿينديون هيون، جنهن ۾ چانهه بسڪوٽ ته لازمي آئٽم هوندا هئا، پر اگر ڪو اديب پري کان پهتل هوندو هو سو عابد مظهر جي گهر کي ”پنهنجو گهر“ سمجهي ٿڪ ڀڃي پوءِ ڳوٺ روانو ٿيندو هو، گهر عابد مظهر جو، کٽ عابد مظهر جي ۽ ماني ٻروچ جي هوٽل جي، عابد ڪڏهن به ان تي پنهنجو منهن نه گهنجايو، هو سدائين ٽهڪ پيو ڏيندو هو، اهو ئي سبب هو جو ڪيئي غير مقامي اديب هڪ طرف عابد جي مهمان نوازي جو ناجائز فائدو وٺندا هئا ته ٻئي طرف کيس دل ئي دل ۾ چوندا به هئا ته ”هي همراهه آهي درويش.“
سو عابد جي ان درويشيءِ واري معنى جي مون کي تڏهن خبر نه هئي، پر جڏهن هاڻي پوڙهو ٿيڻ لڳو آهيان ته درويشي واري ان معنيٰ کي سمجهڻ لڳو آهيان، عابد ۾ اها سادگي آهي، يا درويشي آهي ته هو دوستن تي اکيون پوري اعتماد ڪندو آهي ۽ انهن جي جي صلاحن تي هلندو آهي ۽ نتيجي ۾ سدائين مشڪلاتن ۽ عذابن ۾ هوندو آهي، کيس پوءِ به خبر نه پوندي آهي ته هو دوستن جي هٿان ڪڏهن ۽ ڪيئن استعمال ٿي ويو، هو شاعر ته هو ئي ان ڪري شاعري به ڪندو هو، هڪ ڀيرو دوستن کيس چيو ته”تنهنجي شاعري ۾ نه درد آهي نه گداز آهي ۽ نه نکار آهي، ان ۾ ته ڪي احساس به ناهن“، همراهه کي لڳو ته دوست شايد صحيح چوندا هوندا، ان ڪري هن معصوميت مان دوستن کان پڇيو ته ڀلا اهو درد ۽ گداز ڪيئن ايندو، نکار ڪٿان ملندو، دوستن چيو اهو تمام آسان ڪم آهي، تون گهٽ ۾ گهٽ ۾ هڪڙو عشق ضرور ڪر، بنا عشق جي نه درد ملنديءَ نه شاعريءَ ۾ نکار ايندئي، پياري عابد اها صلاح رکي پنهنجي اکين تي ۽ عشق لاءِ حامي ڀري ورتائين ۽ ٻه ٽي ڏينهن ”ٽارگيٽ“ جي ڳولا شروع ڪيائين ۽ آخرڪار دوستن کيس عشق جي لاءِ ماڻهو به ڳولي ڏنو.
اها شخصيت هئي سنڌ يونيورسٽي ۾ رهندڙ هڪ ليکڪ جي ويجهي مائيٽياڻي، عابد صبح جو سوير پينٽ شرٽ پائي خوشبوءِ سان وهنجي ان شخصيت جي رستي تي اچي بيهي رهندو هو، ڪجهه ڏينهن ڳالهه اشارن ڪنائين ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر سندس اها ڪوشش ڪامياب نه ٿي، کيس سامهون کان ڪا هاڪاري موٽ ته نه ملي پر کيس ناراضگي وارا اشارا ملڻ شروع ٿي ويا، هو ٻڌائي ٿو ته دوستن کيس چيو ته خاتون اگر تنهنجن اشارن کي نه ٿي سمجهي ته پوءِ هاڻي لک هڪڙو خط، پياري عابد کي خط به انهن دوستن لکي ڏنو، عابد رڳو پنهنجن هٿن اکرن سان ان کي فيئر ڪيو ۽ اهو خط ان محترمه تائين پهچايو، پوءِ ڇا ٿيڻو هو اهو ته اوهان سمجهي ويا هوندو.
پر پڙهندڙن جي اصرار تي ٻڌائيندو هلان ته محترمه اهو خط پنهنجي ليکڪ مائٽ حوالي ڪيو ۽ ان ليکڪ کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هو سچي پچي ڀنگ گهوٽڻ وارو ڏنڊو کڻي پياري عابد جي گهر اچي پهتو، دروازو کڙڪائين، عابد دروازي جو هڪ تاڪ کولي ٻاهر آيو، سندس ٻيا دوست ماٺيڻو اوٺو، طارق عالم، قيس عالم ۽ اخلاق انصاري بند دروازي جي پويان بيهي رهيا، انهن جو خيال هو ته اگر ڳالهه اڳيان هلي جهيڙي ۾ تبديل ٿئي ٿي ته هو عابد جي مدد لاءِ ٻاهر اچي ويندا، ليکڪ دوست عابد تي ڏنڊو اولاريندي چيو ته ”هي ڇا آهي“، عابد چيو ته ”دل جو داستان آهي، مون کي عشق ٿي ويو آهي“.
ان تي ليکڪ چيس ”عشق ائين ڪبو آ“، عابد وراڻيو ”جيئن توهان عشق ڪندا آهيو مون به ائين ڪيو آ“، ليکڪ دوست کيس “وات ڳاڙهو ڇوڪرو“ چوندي ڏنڊو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ايئن در پويان لڪيل مددگار فورس ٻاهر اچي وئي ۽ انهن اسان جي شاعر تي ان قاتلانه حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ان کانپوءِ عابد ۽ ان ليکڪ جي وچ ۾ سالن تائين جهيڙو ڪاوڙ ۽ ناراضگي هلندي رهي، پر عابد چواڻي شاعري ۾ ان عشق جي ناڪامي سبب ٿورو ٿورو درد اچي ويو هو ۽ شاعري ٿوري نکري وئي ۽ ان ۾ ٿورو گداز به اچڻ لڳو، ان ليکڪ ۽ عابد وچ ۾ اهو جهيڙو سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين تائين به اچي پهتو.
هڪ ڀيرو ته ان ليکڪ عابد جي ڳچيءَ ۾ هٿ به وڌا، جنهن کي ان ڏينهن گڏجاڻي جي صدارت ڪندڙ دادو کان آيل شاعر دوست اطهر منگي ۽ سائين ظفر حسن وچ ۾ پئي ٽاريو ۽ ڇڏرايو، عابد اڄ به چوي ٿو نور جو قسم مون اهو عشق پاڻ نه ڪيو هو،دوستن مون کي زوري ڪرايو هو، بهرحال عابد ان خاتون سان بعد ۾ هڪ موقعي تي ملاقات ڪري پنهنجي پوزيشن واضح ڪئي ته سڄي ڳالهه ۾ سندس پنهنجو ڪو ڏوهه ناهي، کيس دوستن خط لکرايو ۽ انهن زوري عشق ڪرايو، بهرحال هن کيس چيو تون مون کي سٺي ضرور لڳندي هئنيءَ.
عابد مظهر سنڌ يونيورسٽيءَ نه ڇڏي ها ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ پروفيسر به نه ٿئي ها، ڊاڪٽر به نه ٿئي ها، سندس سنڌ يونيورسٽي ڇڏڻ وارو فيصلو به درد ۽ غم سان ڀريل آهي، هو ٻڌائي ٿو ته مرحوم ماٺيڻي اوٺي جي آپگهات بعد سنڌ ادبي سنگت جي تعزيتي گڏجاڻي ۾ سڀني جي راءِ ۽ تجزيو هو ته ماٺيڻي کي خودڪشي لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي ۽ ان خودڪشي ۾ ماٺيڻي جي ”صاحب“ جو به سڌو سنئون هٿ آهي، ان گڏجاڻي ۾ امداد حسيني به تقرير ڪندي چيو هو ته اگر ڪنهن جا هٿ ماٺيڻي جي رت ۾ ٻڏل ناهن ته پوءِ انهن هٿن کي هر هر صاف ڪرڻ جي به ڪهڙي ضرورت آهي.
عابد چواڻي اها گڏجاڻي سندس لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڇڏرائڻ جو سبب بڻي کيس نياپو ڏنو ويو ته ”عابد، ماٺيڻي کانپوءِ هاڻي آپگهات لاءِ تنهنجو وارو آهي“، عابد جا ملائڪ زور هئا هو آپگهات کان ته پاڻ بچائي ويو، پر کيس 523 رپيا 25 پئسا ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ نوڪريءَ مان ڊس مس ڪيو ويو، عابد مظهر ٻڌائي ٿو ته ان جاچ جو آفيسر ان وقت سنڌ يونيورسٽي ءَ جو اعليٰ عملدار ۽ سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي الانا هو، جنهن کيس صرف 523 رپيا 23 پئسا خرد برد ڪرڻ جي الزام هيٺ نوڪريءَ تان ئي ڊس مس ڪري ڇڏيو.
عابد چئي ٿو ته مون کي چيو ويو ته آئون پئسا ڀري ڏيان، مون چيو ته اگر ڀري ڏيندس ته به ڏوهي ليکبس، اگر نه ڀري ڏيندس ته به ڏوهاري ڪائونٽ ٿيندس، ان ڪري عابد ان فيصلي خلاف ليبر ڪورٽ ۾ ويو ۽ ليبر ڪورٽ عابد جي حق ۾ فيصلو ڏيندي، سندس نوڪري تي بحالي جو حڪم ڏنو، عابد مظهر انهيءَ ڏينهن نوڪري جوائن ڪئي ۽ ساڳئي ڏينهن استعيفا ڏئي ڪراچي يونيورسٽي ۾ اچي سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتي، هن اتي ماسٽرس به ڪئي ـ ليڪچرار به ٿيو، ترقي ڪندو پروفيسر تائين پهتو، پي ايڇ ڊي به ڪيائين ۽ ڊپارٽمينٽ جي هيڊ طور 2011ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين.
پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان نوڪري ڇڏڻ ۽ ڪراچي اچڻ کي پنهنجي لاءِ خوش نصيبي سمجهي ٿو، هو چوي ٿو ته اگر ڊاڪٽر الانا مون کي نوڪريءَ مان نه ڪڍي ها ته پوءِ مان ڪلارڪ ئي هجان ها ۽ اتان ئي رٽائر ٿيان ها، هو ڊاڪٽر الانا کي اڄ به روبرو چوندو آهي ته ڊاڪٽر صاحب اوهان مون کي ڊس مس نه ڪريو ها ته مان پروفيسر ئي نه ٿيا ها.
عابد جو ڪراچي يونيورسٽي ۾ نوڪري لاءِ اچڻ کان وٺي سندس رٽائر ٿيڻ تائين وارو سفر به سنڌ يونيوسٽي جي اڙانگن پيچرن واري سفر کان گهٽ يا آسان سفر نه هو، ڄام شوري ۾ سندس چواڻي هڪڙيون هچايون هيون ته ڪراچي يونيورسٽي وري ٻيون، خبر ناهي انهن هڪٻئي جي اوبر کاڌي هئي يا عابد مظهر کين هڪ آسان ٽارگيٽ ٿي مليو هو، جنهن تي انهن پنهنجي ظلم ۽ جبر جا نوان نوان تجربا پئي ڪيا، بهرحال هو ان سڄي سفر دوران پروفيسر نواز علي شوق جي محبتن کي ياد ڪري ٿو، جنهن کيس يونيورسٽيءَ ۾ رکرايو، حملن کان بچايو ۽ آخر ۾ رٽائرمينٽ تائين ساٿ ڏنو.
عابد ٻه شادي ڪيون، پهرين زال ۽ عابد وچ ۾ معاملات ڪيئن هئا، اها خبر ته باجارا وارن ۽ حويلي ۾ ويٺل ٻين بي بين سڳورين کي هوندي پر ڪراچي ۾ ڪيل سندس محبت واري ٻي شاديءَ جا داستان، واقعات، حادثات، معاملات ۽ حالات ايئن ئي هئا، جيئن ٻي شادي ڪرڻ وارن سان ٿيڻ گهرجن، آپگهات کان بچڻ جو هڪڙو واقعو ته ڄام شوري ۾ ماٺيڻي اوٺي جي موت کانپوءِ ٿيو ۽ آپگهات جا ٻيا حالات، عابد جي ٻي شادي کانپوءِ ٿيا، هو رب سائين جو تمام گهڻو احسان مند آهي ته کيس سلجهيل، سلڇڻا ٻارڙا ٿيا، جن ڪڏهن به پنهنجي هن دوريش پيءُ جي اکين ۾ لڙڪ اچڻ نه ڏنا.
ڊاڪٽر عابد مظهر پاڻ شاعر ته هو پر سندس والد به ان دؤر جو هڪ وڏو شاعر هو ۽ مستند شاعر هو، جيڪو مظهر سيوهاڻي جي نالي سان پاڻ غضب جا غزل لکندو هو، عابد مظهر ننڍي هوندي ڪافي شرارتي هو، هو پنهنجو واقعو ٻڌائي ٿو ته ننڍي هوندي اسڪول ۾ ساڻس ڇوڪريون به پڙهنديون هيون، بعد ۾ ڇوڪرين کي ڌار ڪلاس ۾ ويهاريو ويو، عابد ڪلاس ۾ ديوار ۾ هڪ سوراخ ڪري ڇڏيو، اتان ويهي ڇوڪرين کي ڏسندو هو جنهن تي کيس ننڍپڻ ۾ مارون به مليون.
هڪ قومپرست ذهن ۽ سوچ رکندڙ عابد سنڌ جي اڄوڪين حالتن کي ڏسي ڪڙهندو رهي ٿو، سندس خيال آهي ته سنڌ جا قومپرست ڌرتي سان سچا هجن ها ته انقلاب ڪڏهوڪو اچي چڪو هجي ها، سندس خيال آهي ته سنڌ سان ڪو به سچو ناهي،تقريرن سان انقلاب ناهي ايندو، هو چوي ٿو ته اهي وڏا قومپرست جيڪي اڳ ڪجهه به نه هئا، اڄ ڪروڙ پتي ۽ هائوسنگ سوسائيٽيز جا مالڪ بڻيل آهن.
کيس لطيف سائين سان اٿاهه پيار آهي، هو ڳالهين ڳالهين ۾ هن جي فڪر تي ڳالهائيندو رهي ٿو، کيس ڳالهه تي اڄ به ڏک آهي ته علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بلوچ، شاهه جي رسالي مان سُر ڪيڏارو کي ڪڍي ڌار ڪري ڇڏو هو.
پر هو ڀٽائيءَ کي ئي پنهنجو سونهون ۽ رهبر سمجهي ٿو، هن جو در اڄ به دوستن لاءِ کليل آهي،
”هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مُور نه سکيا“

مامرو هي پيار جو

مامرو هي پيار جو
- اياز گل

نئين ٽهيءَ جي سنڌي شاعرن جتي روايتن جي ابتڙ، نوان رستا ۽ نوان گس ڳولي ڪڍيا آهن اتي منجهن هڪ خصوصيت به نرالي آهي جو هو پنهنجي روين هلت ۽ ڏيک ويک مان بلڪل به روايتي شاعر ناهن لڳندا ۽ اسان جو پيارو دوست عابد مظهر ته روايتي ڇا ،بنهه شاعر ئي ناهي لڳندو هن کي ڏسي لڳندو ئي ناهي ته ڪو شاعريءَ جي اپسرا، ڪڏهن اره زورائي سان ته ڪڏهن لڪ ڇپ ۾ اچي وٽس به رهندي هوندي! هو ته پنهنجي عمل مان يارن جو يار، هڪ جيئري دل وارو انسان ۽ اديبن،شاعرن ۽ دوستن جوٻڌوٻانهو نظر ايندو آهي جنهن سان ملي پڪ اٿم ته ارسطو کي شاعرن بابت پنهجي راءِ بدلائڻي پوي ها ۽ هو وڏي خوشيءَ سان کين پنهنجي رياست ۾ رهڻ ڏئي ها.
بحرحال ڳالھه اسان سمجهڻ، نه سمجهڻ ۽ مڃڻ نه مڃڻ جي ڪونهي سچ اهو آهي ته عابد مظهر هڪ سٺي ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار سان گڏ هڪ شاعر به آهي ۽ هي سندس مجموعو وڇوڙي جو آٽو گراف ان جي سچي ثابتي آهي عابد مظهر جي هن شعري مجموعي ۾ غزل،آزاد نظم، نثري نظم، وايون، دوها، ۽ ٽيڙو شامل آهن، هن گهڻي ڀاڱي انهن شعري صنفن ۾ پنهنجي ذاتي احساسن، اڌمن ۽ ڀوڳنائن جي عڪاسي ڪئي آهي.
ڪٿي اڻ لکي نموني ڪٿي مٿاڇري ته ڪٿي گهرائي ۾ وڃي، من- ڇهندڙ نموني. تخليقي حوالي سان بنيادي طور عابد مظهر کي انهن شاعرن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو جيڪي محبت جا شاعر آهن ۽ جن لاء سنڌيءَ جي وڏي شاعر شيخ اياز لکيو آهي ته"”هر شاعر محبت، شاعر انقلاب هوندو آهي پر هر شاعر انقلاب شاعر محبت ناهي هوندو“. شيخ اياز جهڙي انقلابي شاعر جا اهي لفظ يقينن رومينٽڪ شاعري ڪندڙ شاعرن جي اهميت وڌائين ٿا پر ائين ضرور آهي ته اهڙن شاعرن کي پنهنجي قومي توڙي سماجي مسئلن ڏانهن به اک کليل رکڻ گهرجي، عابد مظهر وٽ پيار جو احساس غم ۽ خوف گاڏڙ آهي.
جيون سان ڀي ناهي ايڏو.
پيارڪيان ٿو توسان جيڏو.
پيڙا جو احساس ڏنگي ٿو،
ڪوئي ڀاڪر پائي جيڏو.
ڪيڏي گهري چاهت آهي،
پوءِ به ٽٽڻ جو ڊپ آ ڪيڏو.
۽ خوف مان گذرڻ واري اها ئي صورتحال اسان کي اڪثر نوجوان ۽ جوان شاعرن جي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿي لازمي طرح سان ان جو اهم سبب سماجي اڻ برابريون ۽ پابنديءَ واريون حالتون آهن جنهن مان هيٺئين وچولي ڪلاس سان واسطو رکندڙ شاعر گذري وڏوٿئي ٿو ۽ پنهنجي تخليقن ۾ اهو ئي ڪجھ ڏئي ٿو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو ۽ نظر آيو آهي.
روز آڙاھ ۾ پچان ٿو پيو
آوي آهي يا منهنجو گهر آهي
جتي ساب پئجيو وڃن ٿيون اميدون،
اتي ئي رهياسين اسان هڪ اڃارا.
ڪرسين وارن ماڻهن آڏو،
ويچارو ڪيئن لڳبو آهي!
عابد مظهر جي ڪيترن غزلن جي بندن کي پڙهڻندي واھ واھ چوڻ تي دل چوي ٿي.
سکي تون هوڏ جي حالت تان شل لهين جيڪر،
مٺي تون رحم جي عادت سکين پوين جيڪر،
ائين ٺهي ئي نه ٿو تون اچين ۽ مان نه هجان،
توهان جا پير اسان جون اکيون اچين جيڪر.
منهنجي خيال ۾ هر تخليقار پاڻ پنهنجي تخليقن لاء هڪ بهتر نقاد هوندو آهي ۽ هن کي اها ڄاڻ به چڱي طرح هوندي آهي ته سگهاري تخليق ڇا هوندي آهي عابد مظهر جڏهن اهو چئي ٿو ته،
تخليقي سٽ تنهن کي چئبو،
من کي جيڪا ڇهندي آهي.
غزلن جي مقابلي ۾ نظمن ۾ عابد مظهر جي تخليقي سگھه وڌيڪ ڀرپور نظر اچي ٿي. انفرادي توڙي اجتماعي مسئلن،پيڙائن ۽ احساسن کي عابد نظمن وسيلي وڌيڪ چٽائي سان بيان ڪري سگهيو آهي سندس اهڙن نظمن ۾ ٿڌو ساھ ، اداس ڇوڪري ،مرڪندڙ شام، ز جي نالي، هير جهڙي ڇوڪري ، وغيرھ شامل آهن جيڪي محبت کان قوميت ۽ ٻين بين الاقواميت ڏانهن وڌندڙ راهون کولين ٿا.
جڏهن به ٽيلفون تي
ٽي رنگون وڄن
۽ تنهنجي ٽيلفون کڻندي ئي
ڪوٿڌو ساھ ڀري رکي ڇڏي
ته پڪ ڄاڻجانءِ
اهو مان ئي هوندس.
(نظم ٿڌو ساھ)
سندس نظم صلاح ۾ بين الاقواميت جا اولڙا پسجن ٿا، جڏهن ته سوال انسان دوستي جي عڪاسي ڪري ٿو نظم محبتن جا يونٽ ۾ جديديت جو رنگ آهي نظم آخري خواهش عابد مظهر جو خوبصورت نظم آهي ۽ مشهور شاعر رسول حمزا توف کان متاثر ٿي لکيل آهي.
جڏهن تون اخبار ۾ پڙهين ته ڪو گمنام شاعر
ناڪام خودڪشي
جي الزام ۾ جيل
هليو ويو آهي
تڏهن تون مونکي
سمجهجان!
۽ جڏهن توکي
خود ڪشي ڪرائڻ
جي ڏوھ ۾.
ڪورٽ ۾ وٺي اچن
۽ مان توکي
جيڪڏهن سڃاڻڻ
کان انڪارڪري
ڇڏيان ،ته تون مون کي
پنهنجي بي انتها پيار
ڪرڻ وارن مان
سمجهجان!
پر جيڪڏهن بيان ڏيندي منهنجي ساھ جو آخري سڳو
ٽٽي وڃي
ته منهنجي آخري
گذارش اٿئي ته
مونکي هڪ لا وارث
پيار ڪندڙ سمجهي
سڃاڻڻ کان انڪارڪري ڇڏجان!
(نظم آخري گذارش)
ساڳي طرح سندس پابند نظم هير جهڙي ڇوڪري هڪ متاثر ڪندڙ نظم آهي.
اي ڏکڻ جي هير جهڙي ڇوڪري
سمنڊ جي ڇولين جيان پئي ٿي ڇلين
ڇونه ٿي مون تي گهلين.
چنڊ جي پهرين جيان ٻانهون ڪري
ڀاڪرن ۾ ڇو نه ٿي مون کي ڀرين.
عابد مظهر غزلن، نظمن کان سواءِ وايون، دوها، ٽيڙو به لکيا آهن جن ۾ هو خوبصورت خيال سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
هي ڪجھه سٽون لکي مون عابد مظهر سان انصاف ڪيو آهي يا نه؟ حقيقت اها آهي ته دوستن جي شاعري تي راءِ ڏيڻ /ڇنڊڇاڻ ڪرڻ مونکي ڏاڍوڏکيو لڳندو آهي، آءُ محبت کي تنقيدي نگاھ سان ڏسي ئي ناهيان سگهندو. ساڳيو حال عابد مظهر جي شاعريءَ تي لکڻ وقت آهي جو لکندي لکندي بيهجي وڃان ٿو ۽ عابد مظهر جو هي بند منهنجي آڏو اچي وڃي ٿو.
عابد ماڻهو مکڻ اٿئي جاني،
توسان هر حال ۾ وهيو آهي.
محبت جي موٽ محبت سان ئي ڏئي سگهجي ٿي، مونکي عابد ۽ سندس شاعريءَ ۾ سندس خاميون خوبيون ئي نظر اچن ٿيون ۽ مان سندس اڳيان جڳ مشهور ڏاهي ۽ نقاد ٽي ايس ايلٽ جا هي لفظ رکان ٿو.
سوال اهو ڪونهي ته ڪنهن شعر کي پنهنجي دؤر ۾ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ وارن جو انگ ڪيترو گهڻو يا گهٽ آهي. خاص ڳالھه اها آهي ته گهٽ ۾ گهٽ کيس پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارن جو مختصر تعداد هميشه موجود رهي.
عابد مظهر کي ايليٽ جي انهن وزنائتن لفظن کي سچ ته سيني سان سانڍي رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي پڙهندڙن توڙي ٻڌندڙن جو هڪ مختصر تعداد سدائين موجود رکڻ لاءِ تخليق جي ميدان ۾ ڀرپور محنت ۽ صلاحيتن کان ڪم وٺڻ گهرجي لکندو رهڻ گهرجي ۽ اڳتي ئي اڳتي وڌندو رهڻ گهرجي.

سٻاجهڙو عابد مظهر

سٻاجهڙو عابد مظهر

- سيد قلندر شاھ لڪياري

ننڍڙو سٻاجهڙو جوانڙو جڏهن سنڌيونيورسٽيءَ ۾ ملندو هو ته شرم ٻوٽيءَ وانگر سميٽجي ويندو هو، تان جو خبر پئي ته هو شاعر به آهي نه رڳو اهو پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪن ڦاڙ سياسي نعرن جي وچ ۾ ادبي ڌماڪا به ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي ننڍن وڏن ۾ چوٻول ٿيڻ لڳو ته هي آهي 'عابد مظهر'
وري گم ٿي ويو، پڇا ڪيم ته خبر پئي ته ادب دوستي ادب دشمني ٿي پئي، ادب جي ديوتائن کي پتڪڙي ماڻهوء جو اسرڻ نه آئڙيو سو پنهنجي پر ۾ پتو ئي ڪٽي ڇڏيو هئائونس، پر پير زور هئس.
هي شاعر ابن شاعر درويش صفت انسان مظهر سيوهاڻي رحمت الله عليه جو لائق فرزند هو. هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي مخصوص ماحول ۾ سنڌي ادب جي سرهاڻ پيدا ڪري ۽ پکيڙي رهيو آهي.
محمد عابد شاھ جو نالو وٺي باجارن ۾ لڪياري سيدن جي گهر ۾ ايڪويھه مئي اوڻيھه سو ايڪونجاھ ۾ جنم ورتائين، طالب المولا هاء اسڪول دادو مان ميٽرڪ پاس ڪري حيدر آباد آيو جتان سچل سرمست ڪاليج مان بي اي ڪيائين ان طرح مظهر جي فقيري طالب المولا جي شاعري ،تاج صحرائي جي علميت ۽ آخر ۾ سچل جي سرمستيء مان وڃي ريٽو ٿيو. هن شاعر ۽ ڪهاڻيڪار احساس ۽ ذهني بلوغت جون منزلون طئه ڪندي اچي تحقيق ۽ تنقيد جي خارازار ۾ قدم رکيو آهي.
مونکي ٻڌايائين ته پٺي ٺپري مانس.منهنجي دعا آهي ته سدائين ڪامياب رهي.

عابد مظهر جون ڪهاڻيون

عابد مظهر جون ڪهاڻيون
- ممتاز مھر

سنڌي ڪهاڻيءَ وڏو سفر طع ڪيو آهي، اها گذريل ستر سالن کان مختلف دؤرن ۾ سماجي حالتن مان گذري مختلف تحريڪن کان متاثر ٿيندي رهي آهي. ايئن هر دؤر جي ڪهاڻيءَ ۾ ان دؤر جو عڪس نظر اچي ٿو، سنڌي ڪهاڻي تي وڏو اثر ترقي پسند تحريڪ جو اثر رهيو آهي. پر سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ سوشلزم، قوم پرستي ءَ جي مليل جُليل اثر هيٺ رهي آهي ۽ ڀانيان ٿو ته اهو مليل جليل اثر اڃا تائين آهي. انهيءَ اثر کان ٿورو گهڻو پاسيرو ٿيڻ جن به ڪهاڻيڪارن ڪوشش ڪئي آهي، جديديت جي تحريڪ کان متاثر ٿيا، اهڙيءَ طرح ڪهاڻي جي فارم ۽ گهاڙيٽي ۾ به ڦيرو آيو. اقتصادي ۽ سماجي مسئلن کان علاوه فرد جي حوالي سان انفرادي مسئلن کي کڻڻ شروع ڪيو ويو، پيار ۽ محبت جي جذبن کي ٻيهر اجاگر ڪرڻ شروع ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه عالمي ادب جي اثر جو نتيجو هو ، عالمي سوچ ۽ فڪر تي جديد نفسيات وڏو اثر پيدا ڪيو. سنڌيءَ ۾ نيم علامتي ۽ احساساتي ڪهاڻيون به لکڻ شروع ڪيون ويون.
عابد مظهر جي ڪهاڻين جو گهڻو تڻو پس منظر يونيورسٽيءَ جي ماحول جو پس منظر آهي. پر ٽيهارو سال اڳ جو پس منظر جڏهن يونيورسٽين جو ماحول پر امن هو، پيار ۽ محبت جو ماحول هو. اهو ماحول جو هاڻ افسوس نه رهيو آهي. عابد مظهر جون ڪهاڻيون، اهي گم ٿيل محبتن جون ڪهاڻيون آهن.
عابد مظهر جي ڪهاڻين جي بيان جو انداز سندس مزاج موجب ڌيمو ۽ ماٺيڻو آهي. پاڻ شاعر به آهي ، ان ڪري سندس ڪهاڻين جي ٻوليءَ تي شاعريءَ جو به اثر آهي. عابد مظهر محبت رکندڙ دل وارو ڪهاڻيڪار ، زندگيءَ سان پيار ڪري ٿو. انهيءَ پيار جو پيغام سندس ڪهاڻين جو بنيادي موضوع آهن.

عابد مظهر دوست کان ليکڪ تائين

عابد مظهر دوست کان ليکڪ تائين

- رکيل مورائي

هن شخص جو نالو سيد محمد عابد مظهر آهي ۽ ادبي طور عابد مظهر جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ باجارن جي سيد مظهر سيوھاڻيءَ جو فرزند آهي. جيڪو پاڻ هڪ قادر الڪلام شاعر هو. اڻ تصديق ٿيل رڪارڊ موجب عابد مظهر باجارن ۾ ڄائو آهي، باجارن ۾ وڏو ٿيو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ پوڙهو ٿيو آهي.چون ٿا هو جڏهن ڄائو هو تڏهن سيوهڻ ۾ هيءَ چوڻي مشهور ھئي ته ” انڌير نگري چرٻٽ راجا ،ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا“ ۽ ان وقت سنڌو درياھ تارؤن تار وهندو هو، پر شايد وڏو ٿي عابد مظهر وهنجڻ اڙل واھ ۾ لڳو هو. جنهن جي سڪ پوري ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي ملهايل اڻهٺ هين سالگرھ جي موقعي تي مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق انصاري ۽ مون کي سيوھڻ کان ٻاهر نڪرڻ وقت اڙل واھ ۾ وهنجڻ جي صلاح ڪئي هئي. پر اسان ڏٺو ته اڙل واھ مان به سنڌوءَ وانگر واري ٿي اڏامي! ۽ هن جي ڪيل وهنجڻ واري صلاح هوا ۾ اڏامي وئي.!
عابد مظهر وهيءَ ۾ چون ٿا ڏاڍو چڱو ماڻهو هئو، ايستائين جيستائين هن عشق نه ڪيو هئو، جنهن کان پوءِ هن ۾ ٻي خرابي اها پيدا ٿي ته هن شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. ۽ ان وقت ڪنهن پيءُ لاءِ شاعر پٽ جو تصور اهو هئو ته ڄڻ پٽ ڄائو ئي ڪونه، پر عابد مظهر سان ائين ٽريٽ نه ڪيو ويو .ڇاڪاڻ ته سندس والد بزگوار پڻ اعليٰ شاعر هو. جنهن کي پٽ جي شاعر ٿيڻ تي خوشي ٿي هوندي! پر يقين سان مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته عام سنڌي ماڻهن وٽ شاعر جو تصور اڄ به ڪو چڱو نه آهي. پوءِ به اسين پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ سدائي چوندا رهدا آهيون ته اسين سنڌي ماڻهن لاءِ ٿا لکون، ۽ وڏو سچ اهو آهي ته اسين لکون انهن لاءِ ٿا جيڪي اسان کي پڙهندا ئي ناهن ۽ عابد مظهر به انهن لاءِ لکندو آهي.جن وٽ تعليم اڄ تائين نه پهچي سگهي آهي، انهن وٽ ٺهيل اسڪولن ۾ يا بُهه پيل هوندو. آهي يا ڪڪڙ ٻڌل هوندا آهن، پوءِ به اسين سڀ عابد مظهر سميت لکي رهيا آهيون ڇا اسان کي شاباس نه هجي؟.
عابد مظهر سيوھڻ ڇڏيو ته ڄام شوري جو ٿي ويو ۽ ڄام شورو ڇڏيائين ته ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ رهيو ۽ نوڪري ڪيائين. ائين هو جيترو وڏي شهر ۾ آيو ، اوترو وڏو ماڻهو ٿيو. ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني ۾ رهي عابد مظهر تمام وڏو ماڻهو ٿيو. هن هڪ وڏي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪئي، پروفيسر جي پد تان رٽائر ٿيو، پنهنجي نالي جي شروع ۾ هڪ اعزازي لفظ ڊاڪٽر لکڻ شروع ڪيائين، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ .ڊيءَ جي ڊ گري ورتائين. سندس لکيل مقالو سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي نهايت آبرو دار نموني شايع ڪيو آهي. اڄ جڏهن اسان سندس دوست عابد مظهر کان اڳ ۾ ڊاڪٽر لکندا آهيون ته گهڻو فخر ٿيندو آهي. شايد دلي طور کيس به ايترو فخر نه ٿيندو هوندو. ڇاڪاڻ ته ان يونيورسٽيءَ، جنهن ۾ هن اڌ ڄمار پڙهايو ۽ جتان هن هڪ اعزاز رکندڙ ڊگري ماڻي، اها يونيورسٽي کيس هڪ اسڪالر هجڻ جي ناتي ، هڪ اديب شاعر هجڻ جي ناتي، هڪ ڊاڪٽر هجڻ جي ناتي سندس پوئين عمر ۾ ايتري به سهولت ڏيئي نه سگهي. جيتري ان موجود رهندڙ وي سيءَ جي خوشامد ڪندڙ استادن کي ڏني آهي.
هاڻ هوُ يونيورسٽيءَ جي چوديواري کان ٻاهر رهندو آهي، هاڻ هن کي يونيورسٽيءَ کي ڏسي سڪون نه ملندو آهي. جيترو سڪون هن کي پنهنجي دوستن سان ڪچهري ڪرڻ سان ملندو آهي. ته انهن سان پنهنجا ئي رکندڙ به ، هو اهڙو آهي. جنهن پنهنجي ماحول ۾ بنھ گهٽ ماڻهن کي رنجايو هوندو ، جيتوڻيڪ هو پاڻ گهڻو رنج ٿيندو آهي. پر بنھ ٿورڙي وقت لاءِ ۽ پوءِ وري ساڳيو هوندو آهي، جنهن کي عابد مظهر چئبو آهي!.
هو جنهن خاندان سان واسطو رکي ٿو، ان ضرور ٻه چار مريد هوندا. پر پاڻ انصارين جي وڏي بزرگ جي هٿ تي بعيت ڪري انهن جي مريدي قبول ڪئي اٿائين. ائين هو پاڻ چوندو آهي، اڄ جڏهن پيري مريدي کان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهي. تڏهن عابد مظهر کي پنهنجي مريد هجڻ وارو عيب کان بچڻ لاءِ هڪ ٻيو جملو چوندي ٻڌو ويو آهي. ته ” انصاري منهنجا ادبي دوست آهن“. جيتوڻيڪ منهنجو ايمان اها ڳالھه چوي ٿو دوستي فقط شخصي ٿيندي آهي. ان لاءِ پوءِ جيڪڏهن ٻيون نسبتون جڙنديون آهن ته اها وڌيڪ پائيدار ٿيندي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو شاعر عابد مظهر سان رنج رهندو آهي.سبب اهو آهي ته جنهن ڇوڪريءَ سان عابد مظهر پهريون عشق ڪيو هو، اتفاق سان اها ڇوڪري اڳتي هلي ان شاعر جي سالي پڻجڻي هئي. ۽ ان عشق عابد مظھر کي اهڙا ڪرشما ڏيکاريا جو هن جي دل جو ڪفر مٿان ايمان ٿي ويو، هو شاعر بڻجي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي لاجواب ڪتاب ڏنائين” وڇوڙي جو آٽو گراف.“
ياد رکيو وڃي ته جڏهن عابد مظهر جي پهرئين عشق جو سپنو ساڀيان نه ٿي سگهيو هئو ته هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون، جن هن کي هڪ ليکڪ/ڪهاڻيڪار طور پڻ سنڌ ۾ چڱي آبرو بخشي، هن ايتريون ڪهاڻيون لکيون جو انهن جو هڪ خوبصورت ڪتاب جڙي پيو. عابد مظهر پنهنجي اڻ پوري سپني کي ڄام شوري وٽان سنڌو درياھ جي حوالي ڪري ڪراچيءَ آيو ۽ پنهنجي محبتن کي سهيڙي ورتو. جيتوڻيڪ هن محسوس ڪيو ته اُهي محبتون هاڻ گم ٿي ويون آهن، جنهن ڪري هن پنهنجي ڪتاب کي سرو ڏنو ” گم ٿيل محبتون“ پر اعتبار ڪيو وڃي ته شريف شخص پنهنجي نئين محبت آڏو ڪڏهن به اهڙو اظهار نه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته منجهس اهڙي همٿ نه آهي، ۽ هاڻ هنن هيڻن هڏن ۾ ته بلڪل نه !
عابد مظهر الڳ الڳ موضوعن تي اڪيچار مضمون، مقالا ۽ ليک به لکيا آهن. جن مان ڪن کي سهيڙي، هن هڪ ڪتاب جوڙيو، جنهن کي نالو ڏنائين ” پڪا ۽ پيرون“ سندس رهيل ۽ وکريل سڀ ليک گڏ ڪجن ته هوند وڌيڪ ڪيئي ڪتاب جڙي پوندا، جيڪي کيس وڌيڪ ادبي مرتيو ڏياريندا ( ٻي طرح هن جو مرتبو هڪ ڪهاڻيڪار طور، هڪ شاعر طور، هڪ اسڪالر طور، اسان سڀني جي آڏو آهي، جيڪو هڪ مانائتو ۽ شانائتو آهي.) هڪ شخص طور عابد مظهر لاءِ اهو چوڻ گهڻو ٿيندو ته هو يارن جو يار آهي. سنڌي محاوري ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته عابد مظهر ” گھه جو گهڙو“ آهي. مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻي خوشي محسوس ٿيندي رهندي ته عابد مظهر جهڙو شفاف شخص ۽ شفاف لکندڙ ، ليکڪ منهنجو دوست آهي، مان پنهنجي دوست کي دل جي سڀني تهن سان سندس جنم ڏينهن تي گهڻيون گهڻيون مبارڪون ڏيان ٿو، قبول پونديون اهڙي پڪ اٿم ۽ بس!.

سيد پرستيءَ جو خول لاهي ڦٽو ڪندڙ

سيد پرستيءَ جو خول لاهي ڦٽو ڪندڙ

- پروفيسر سليم ميمڻ

عابد مظهر منهنجو دوست به آهي، ته شاگرد به، هاڻي collegue به، پر ان کان وڌيڪ هڪ سلڇڻو ۽ هڪ نيڪ انسان ....۽ پنهنجي افساني ڪردارن جيان منجهيل ، اداس ۽ فڪر ۾ مبتلا، بقول ڪن دوستن جي ڄڻ سندس کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو هجيس . ۽ هر وقت ان نقصان جي پورائي لاءِ فڪر ۾ مبتلا هجي.مون جهڙي جڏي ۽ غير ادبي شخص کي ڪتاب ” گم ٿيل محبتون “ جو چئي مون کي، يا پاڻ کي اوڙاھ ۾ وجهي ڇڏيائين. ڪنهن عالم يا اديب کي اها فرمائش ڪري هان ته وڌيڪ بهتر هو پر شايد سندس اها خواهش هجي ته استاد محترم ٿئي ۽ ڪجهه لکڻ پڙهڻ طرف مائل ٿئي.....
عابد شاعر به آهي افسانا به لکي ٿو، اٽڪل گذريل ڪيترن سالن کان لڳاتار لکندو اچي، شاعريءَ ۾ پاڻ مڃايو اٿس.افسانن جي دنيا ۾ پنهنجي هم عصرن ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿس. هيل تائين يونيورسٽين ۾ ديرو ڄمايو اٿس هيءَ ٻي يونيورسٽي اٿس.اها حالت رهيس ته شايد ڪراچي يونيورسٽيءَ کي به نه ڇڏي...!
عابد پنهنجي دؤر، حالتن ۽ سماجي جوڙ جڪ کان تمام گهڻو نراس ۽ نا اميد نظر اچي ٿو.نراسائي سندس افسانن جي زينت بڻيل آهي. شايد سندس تجربن ۽ مشاهدن جو اهو ئي نچوڙ آهي. پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ۽ اسٽيٽس جي ڳولا ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آهي. پر مان سمجهان ٿو ته اڃا مڪمل نا اميد ڪونه ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ هڪ هنڌ لکي ٿو :
”مسلسل ناڪاميون ڪاميابين جون اهڃاڻ آهن، “
امر جليل کان گهڻو اڳي هڪ دفعو پڇيو هئم ، توهان جا ڪردار ايترا نراس ۽ نا اميد ڇو آهن؟ توهان پنهنجي افسانن ۾ فقط ناڪامين کي جڳھه ڇو ڏني آهي . جواب ۾ هن مون کي غور سان ڏٺو ۽ ٿوري دير کان پوءِ مشڪيو ۽ وري ماٺ ٿي ويو ، سندس مشڪڻ ۾ ايترا جواب هئا جو مون کي انهن جوابن مان پنهنجي گهرج جو جواب ڳولڻ لاءِ وڏي کوجنا ڪرڻ جي گهرج هئي.
عابد جي افسانن جو پيٽرن به ساڳيو آهي، هيڪر سوچيم ته پڇانس ائين ڇو آهي ؟ پر نه پڇيومانس ڇاڪاڻ ته ليکڪ اهو ئي لکي ٿو جنهن جو کيس تجربو آهي.جيڪو مشاهدو ماڻيو اٿس ، جيڪو ڀوڳيو اٿس! جيڪي هن تڪليفون برداشت ڪيون آهن ، ڏک ڏاکڙا سٺا اٿس ، ته پوءِ خوشين ۽ مسرتن کي پنهنجي لکڻين ۾ ڪٿان آڻي سگهندو ، عابد شايد ان ڪري پاڻ چيو آهي:
” سچ؛ مان شڪست کاڌل ماڻهو آهيان“
عابد جون ڪهاڻيون حقيقت ۾ سندس ذاتي زندگيءَ جا اُهي عڪس آهن جن کي هن فوڪس ڪري پڙهندڙن تائين پهچايو آهي. سيلف ايڪسپوزرس جنهن مان سندس ذاتي زندگي جهلنڪندي نظر اچي ٿي يا ائين کڻي چئجي ته سندس اتم ڪهاڻين جا مختلف باب آهن. جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جي مخلف ورن وڪڙن کي خوبصورت اثرائتي ، وڻندڙ حقيقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.۽ پاڻ ئي لکيو اٿس ته ”منهنجيون ڪهاڻيون هڪ ٻئي جي پس منظر ۾ لکيل آهن . ڇو ته مان ليکڪ آهيان محبت جي شڪست کاڌل ڪردارن جو. مون وٽ محبت ڪرڻ جا الڳ الڳ تصور هوندا آهن ، محبت جا قوم سان هوندي آهي، محبت جا ڌرتيءَ سان هوندي آهي، محبت جا محبوبائن سان هوندي آهي.“
حقيقت آهي به ڪجهه ائين ئي سندس هڪ ڪهاڻي جو ٻي ڪهاڻي سان ٻي ڪهاڻي جو ٽي ڪهاڻيءَ سان ربط ۽ تعلق ۽ تسلسل نظر اچي ٿو.ساڳيو ئي ڪردار ضمير متڪلم ۾ ڳالهائيندو ، پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سردگران! ذهن ۽ قلب جي اطمينان سڪون جي ڳولا ۾ سندس مرڪزي ڪردار ، پنهنجي ناڪامين ۽ ناساز گار حالتن کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ شڪست کائيندو رهي ٿو. پر سندس سوچ ۽ تخيل جي پرواز کيس اڳتي وڌڻ ۾ مجبور ڪندي رهي ٿي .شايد ڪو اهڙو وقت اچي جو اهو ڪردار زندگيءَ ۾ ڪو اطمينان حاصل ڪري سگهي.
ٻين افساني نگار ن جيان عابد کي پنهنجي ڪهاڻين لاءِ لاءِ پلاٽ يا ڪردارن جي گهرج ڪونهي، هو پنهنجو ڪردار پاڻ آهي.ڪهاڻيءَ جو ڄار چؤگرد اڻيندو رهي ٿو. ۽ پنهنجي زندگيءَ جي ڀوڳنائن ۽ پيڙائن کي ڪهاڻين جو روپ ڏيندو رهي ٿو. ان حقيقت مان واضع آهي. ته غريب اديب ۽ ليکڪ سچو هوندو آهي.جو کيس لکڻ لاءِ ڪنهن مواد گڏ ڪرڻ جي ضروت نه پوندي آهي.
جڏهن مان ننڍو هوندو هئس ته ذهن ۾ اهو هو ته شاھ سيد امير هوندا آهن ، شايد ان ڪري جو جن سيدن ڪٽنبن سان اسان جا ناتا هئا يا ڏيٺ ويٺ هئي سي غريب نه هئا. پر جڏهن وڏو ٿيس ته خبر پئي ته سيد امير هجن يا غريب هجن، سيد” سيد“ هوندا آهن . ۽ اسان کان مٿانهان انهن خلاف ڪڇڻ ڪفر هوندو آهي. سندن ذات ۽ مَقام ٻئي اعليٰ ۽ اڪبر هوندا آهن. پر عابد مظهر جيڪو به سيد آهي ، تنهن پنهنجي افسانن تان سيد پرستيءَ جو خول لاهي ڦٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس . پنهنجي افسانن ۾ هو ان ڪوشش ۾ رُڌل آهي ، هڪ افساني پاڪن جي مقام ۾ هو سيد پرستيءَ جون زنجيرون ٽوڙيندي پاڻ کي آجو ڪندي نظراچي ٿو. سندس اها شعوري يا غير شعوري ڪوشش سماج ۾ بظاهر ڪا ڦير غير ڀلي نه آڻي سگهي، پر ککر ۾ کڙي جي حيثيت ضرور رکي ٿي.

ڊاڪٽر عابد مظهر جي ڪتابن جو تعارف

ڊاڪٽر عابد مظهر جي ڪتابن جو تعارف

- مير حاجن مير

سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار شاعر محقق،تعليمدان، استاد، ڊاڪٽر عابد مظهر جو اصل نالو سيد محمد عابد شاهه لڪياري آهي، ادبي نالو ’عابد مظهر‘ اٿس. پاڻ تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ باجارا ۾21 مئي 1951ع تي پيدا ٿيو. سندس والد سيد مظهر سيوهاڻي سنڌ جو مشهور عوامي شاعر هو . سندس گهراڻو ادبي هئڻ ڪري پاڻ ننڍي هوندي کان ئي ادب ڏي راغب ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ باجارا، سيڪندري تعليم طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو، انٽر سٽي ڪاليج دادو، بي اي سچل ڪاليج حيدرآباد، ايم اي اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي، ايم اي (سنڌي ادب) ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين.
ڊاڪٽر عابد مظهر سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪارن مان آهي سندس سڃاڻپ رڳو ڪهاڻيڪار نه پر بهترين شاعر، محقق، محنتي استاد طور به آهي پاڻ سادگي ۽ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ آهي. ڪڏهن ته نيڪ نمازي ڪڏهن ته شراب طهورا تي رات کٽيو وڃيس. سندس ڪيل ادبي خدمت سنڌي ادب ۾ پنهنجي حيثيت ماڻي چڪي آهي.سندن تصنيفن جو وچور هن ريت آهي.
(1) پڪا ۽ پيرون (مضمون ) 1990ع
هي ڪتاب مختلف مضمونن تي مشتمل ۾ آهي. جنهن ۾ مير علي نواز ناز ،ڳوٺ باجارا جو مختصر تاريخي جائزو، تنقيد جو ڏانءُ، شطاريه سلسلو، حافظ حامد جي شاعري، سيد مرتضيٰ ٺٽوي ۽ ٻيا مضمون شامل اٿس.
(2) گم ٿيل محبتون (ڪهاڻيون ) 1992ع
هن مجموعي ۾ ڪهاڻيون،ڌٻڻ مان نڪتل ماڻهو،ٽٽل عڪس، فطرت جو انتقام، پاڪن جو مقام، ڪالو ميرل، الميو، ڀٽڪندڙ ماڻهو، مرڪ،ڌنڌ ۾ گم ٿيل ويل ڪرڻا، چماٽ، پلپل جو قيدي، وڃايل پاڇا، مان روڊ ۽ سوچون وغيره شامل آهن، سندس ڪهاڻين بابت ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو ”عابد مظهر جي ڪهاڻين جو زياده ترپس منظر فرد جي داخلي پيڙا ۽ محرومي آهي، سندس ڪهاڻين ۾ پيار کان محرومين جي نتيجي ۾ فرد جي وجود جو بي مقصد پڻو شامل آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو گم ٿيل محبتون، ڪافي دير سان شايع ٿيو. پر ان کان اڳ سندس ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن سندس ڪهاڻيون، مان روڊ ۽ سوچون، ڌنڌ ۾ گم ٿي ويل ڪرڻا، پلپل جو قيدي ۽ وڃايل پاڇا، جديد فڪر جون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ فرد مسلسل بي چين ۽ نه ختم ٿيندڙ ڏک ۾ مبتلا آهي ۽ سماجي هر قسم جون محرميون داخلي طرح فرد کي بي وس ۽ نفيساتي الجهن جو شڪارڪري چڪيون آهن سندس ڪهاڻين ۾ انهيءَ فڪر جو اشارو آهي. ته ساک ۽ شانتي ڏانهن صرف هڪ ئي واٽ وڃي ٿي اها آهي ”پيار“ جي.“ (ميمڻ، 2017: 510ــ511)
عابد مظهر جي ڪهاڻين جا موضوع، پلاٽ،ڊائلاگ، پنهنجي ڌرتي تان ورتل آهن هو ماڻهن جي اهنجن، دردن، سورن، ناانصافين، ڏاڍاين جي قلم ذريعي ڪهاڻين وسيلي اظهار ڪري ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ جديد فڪر آهي ٻئي پاسي پيار تي هن لاءِ سڀ ڪجهه آهي. سليم ميمڻ لکي ٿو ته ”ٻين افسانه نگارن جيان عابد کي پنهنجي ڪهاڻين لاءِ پلاٽ ۽ ڪردار جي گهر ڪانهي. هو پنهنجو ڪردار پاڻ آهي. ۽ ڪهاڻي جو ڄار پنهنجي چؤگرد آڻيندو رهي ٿو ۽ پنهنجي زندگيءَ جي ڀوڳنائن ۽ پيڙائن کي ياد ڪيو اٿس.“ (ميمڻ، 1992: 29)
سندس ڪهاڻين ۾ ٻولي جو حسن دلربا آهي هو خود ڪردار کان ڳالهرائي ٿو. جذبا، خيال، نماڻائي، سندس ڪهاڻين جو حسن آهي. سندس ڪهاڻيءَ جو هي ٽڪرو پڙهو.
”هو شهر وڃڻ لاءِ ائين پريشان هو. جيئن ڪوئي ٻار پنهنجي ماءُ جي گود ۾ وڃڻ لاءِ آتو هوندو آهي. هو اهڙي طرح پنهنجي دل ۾ شهر لاءِ اهڙائي سڪون ڏيندڙ احسان کڻي بس ۾ چڙهيو هر وقت بس جي دريءَ مان لوڻا هڻي روڊ تي لڳل بتين ڏانهن باقي بچيل پنڌ وارن ميلن جي ڀٿرن تي نظر وجهند رهيو هو آخر هن جو پنڌ کٽو جڏهن بس شهر جي روڊ تان گذري رهي هئي ته گاڏي کاتي ۾ بس پهچندي ئي. لهي پيو. هو بريف ڪيس هيٺ رکي هن شهر جي فضا ۾ ٻانهون ايئن لهرايون هيون. ڄڻ هو پنهنجي وڇڙي ويل اوچتو هلندر ڪنهن پياري دوست کي ڀاڪر پائيندو هجي. هو بريف ڪيس کڻي، پنهنجي دوست جي گهر وڃڻ لاءِ رڪشا واري کي ڪرايو ڏئي روڊ تي بريف ڪيس کي گهليندي، هن جي پهرين نظر ان گهر ڏانهن وڃي ٿي جنهن ۾ هن جي محبوبا رهندي هئي.“ (مظهر ،2020: 101)
هن ڪهاڻي جي مختصر ٽڪري مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪهاڻي حيدرآباد شهر جي عڪاسي ڪري ٿي جتي گاڏي کاتي جو ذڪر به آهي ته لطيف آباد جو به آهي. خيالي ڪردار ناهي، هي حقيقي تاريخي ڪردار آهن عابد مظهر ڪهاڻين ۾ تاريخ لکي ٿو. سندس ڪهاڻين جو حسن نروار آهي. سندس ڪهاڻيون فڪري، جديد، ۽ گهرائپ واريون آهن.
(3) وڇوڙي جو آٽو گراف (شاعري) 2006ع.
عابد مظهر جي فن ۽ شخصيت کي پنجن حسن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ڪهاڻيڪار، محقق، استاد، شخصيت، ۽ شاعر، سندس شاعري جو ڪتاب آٽو گراف جڏهن ڇپيو ته کيس مڃتا ملي. هن وائي ۾ سرگهاتو جو پڙاڏوٿو پسجي.
اچو ته ويهي اوريون مانجهي منهنجي تڏي
ڪنڌي ڪلاچي ڪلئين
مڙيا مانگر ڪيترا سهڻيٿي سڏي،
ڪنڌي ڪلاچي ڪلئين
ڀائر سڀ پيڙاٿيو، گوڏا ويهو گڏي،
ڪنڌي ڪلاچي ڪلئين
پڊ نه ڇڏيو پنهنجا ويڙها ويهو اڏي،
ڪنڌي ڪلاچي ڪلئين
نيٺ ته ٿيندو سوجهرو، ڇپر نه ڪوڇڏي
(مظهر،2006ع)
غزل
سنڌ مٺڙي، منڇر جا ساڳياڪنارا.
ملن ڪونه ماڻهو مگر پيار وارا.
چُڪو مڌ جو هي پيارين پيارا،
ته پنهنجا به چمڪي پون ستارا.
جتي قربتن جا پيا نعرا ها لڳندا،
اتي پيار بن ڪٽي ڪيون ٿا گذارا.
ڏسيو ڀاڳ پنهنجا مان حيران آهيان،
اسان لئه ٿا نڪريو پون کوهه کارا.
اوهان جي جواني اوهان کي مبارڪ،
نئين ڳالهه ناهي، ڏکن ۾ گذارا.
جتي سڀ پٽجي وڃن ٿيون اميدون،
اتي ئي رهياسين اسان هڪ اڃارا.
(مظهر،2006ع)
(4) شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا (تصوف) 2012ع
ڊاڪٽر عابد مظهر جو هي ڪتاب Ph.D مقالو آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪراچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگراني هيٺ هي مقالو لکيو. هي ڪتاب ستن بابن تي مشتمل آهي. پهرئين باب ۾ شاهه عبداللطيف جو احوال ٻئي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي همعصر صوفي بزرگ ۽ شاعرن جو مختصر احوال،ٽئين باب ۾ تصوف جي تشريح چوٿين باب ۾ چشتي سلسلي جي ابتدا ۽ ننڍي کنڊ جا مشهور چشتي بزرگ ۽ سنڌ جا چشتي بزرگ، باب پنجين ۾سهروردي سلسلي جي ابتدا، سهروردي سلسلي مان نڪتل ٻيا سلسلا، مشهور سهرودي بزرگ، ۽ سنڌ جا سهروردي بزرگ، باب ڇهين ۾ قادري سلسلي جي اوسر، مشهور قادري بزرگ، سنڌ جا قادري بزرگ، باب ستين ۾ نقشبندي سلسلي جي ابتدا، مشهور نقشبندي بزرگ ۽ سنڌ جا نقشبندي بزرگ شامل آهن.
ڊاڪٽر عابد مظهر سنڌ جي تصوف جي فڪر تي عالمانه تحقيق ڪئي آهي. شاهه لطيف جي دؤر ۾ تصوف ڪيئن هئو، هن تصوف جي باري ۾ مفصل لکيو آهي. مصنف تصوف ۽ ويدانيت جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”هيءَ حقيقت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دؤر ۾ ويدانيت ۽ تصوف جا ڪيترائي سلسلا سنڌ جي صوفياڻي سرزمين تي پروش حاصل ڪري رهيا هئا. پر مون پنهنجي هن مقالي ۾ تصوف جي اسلامي سلسلن چشتيه، سهرورديه، قادريه ۽ نقشبنديه سلسلن جو ذڪرڪيو آهي. شاهه سائين خود خانداني حوالي سان قادريه سلسلي تان تعلق رکندو هو. ان ڪري مون کي به سٺو لڳو ته مان انهن سلسلن جي اوسر تي ڪم ڪريان.“ (مظهر، 2012: 11-12)
(5) بزم غزل (مرتب) 2017ع
ڊاڪٽر عابد مظهر پنهنجي والد صاحب سيد مظهر سيوهاڻي جي ڪلام کي مرتب ڪيو آهي. ان غزليات جي ڪتاب جو نالو ’بزم غزل‘ رکيو اٿس. ڊاڪٽر عابد مظهر شاعر ابن شاعر آهي. ڊاڪٽر عابد مظهر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرارڀرتي ٿيو ۽ اتي ئي سنڌي شعبي جو چيئرمين ٿي رٽائرٿيو. سندس ادبي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن.
(6) محبت ۽ مايا (ڪهاڻيون ) 2020ع
هن ڪتاب ۾ ٽوٽل 25 ڪهاڻيون شامل آهن. ڊاڪٽر عابد مظهر سنڌ جي جديد ڪهاڻيڪارن ۾ شامل آهي. سندس ڪهاڻيون فني فڪري گهرائي واريون آهن سماج جي عڪاسي ڪن ٿيون. ڪهاڻين بابت ڊاڪٽر شير مهراڻي لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر عابد صاحب هن ڪتاب ۾ اهڙين ڪهاڻين جي چونڊ ڪئي آهي. جن جو سئون سڌو واسطو اسان جي سماج ۾ موجوده اهڙن قدرن سان آهي. جيڪي اسان کي هڪ نئين منظر نامي سان روشناس ڪرائي رهيا آهن . ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ جو انداز سليس ۽ سولو آهي. پر اها به حقيقت آهي ته ان سليس ۽ سولي انداز ۾ لڪل تکا ۽ چڀندڙ تير اڻ لکائتي انداز سان پنهنجو پنهنجو نشانو وٺندا وڃنٿا. اهوئي سندس لکڻ جو هنر آهي. ۽ اهائي سندس ڪاميابي جي ضمانت آهي.“ (مهراڻي، 2020: 11)
ڊاڪٽر عابد مظهر جي ڪهاڻين جا ڪردار هن سماج مان کنيل آهن. هو هن سماج جي چڱاين لڱاين جو اظهار به سهڻي نموني ڪيو آهي.سندس ڪهاڻين ۾ فن ۽ فڪر سگهارو ، ٻولي ۽ اسلوب شاندر اٿس. عابد مظهر شاعري، ڪهاڻي تحقيق ۾ هڪ الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو.


حوالا:
(1) ميمڻ، عبدالغفور،ڊاڪٽر، 2017: سنڌي ادب جو فڪري پس منظر، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ.
(2) ميمڻ، سليم، پروفيسر، 1992: گم ٿيل محبتون، مشعل اڪيڊمي ڪراچي.
(3) مظهر، عابد، ڊاڪٽر، 2006: وڇوڙي جي آٽو گراف.
(4) مظهر، عابد، ڊاڪٽر، 2012: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.
(5) مظهر، عابد، 2020: محبت ۽ مايا، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي.
(6) مظهر، عابد، 2020: محبت ۽ مايا، نئون نياپو، اڪيڊمي ڪراچي.

عابد مظهر: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق

عابد مظهر: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق

- رزاق سھتو

عابد مظهر گھڻ پاسائي شخصيت آهي. ادب جي زمين تي مند آهر شاعري، ڪهاڻي تخليق ڪندو رهي ٿو. شاعري جو ڪتاب ”وڇوڙي جو آٽو گراف“ ڪهاڻين جا ڪتاب”گم ٿيل محبتون“ ۽ ”محبت ۽ مايا“ سندس قلمي پورهئي ۾ شمار آهن. سندس شاعري جي باغ مان اوهان کي هڪڙو گل پيش ڪيان ٿو جيئن اوهين به واس وٺي سگهو.
اي ڏکڻ جي هير جهڙي ڇوڪري،
سمنڊ جي ڇولين جيان پئي ٿي ڇلين،
ڇون نه ٿي مون تي گھلين
ڇُوصدين جو مان بڻيل هان انتظار،
ڇو نه تون منهنجي اندر ۾ ٿي رهين.
ڇونه ٿي مون تي گھلين
چنڊ جي پهرين جيان ٻانهونڪري،
ڀاڪرن ۾ ڇو نه ٿي مون کي ڀرين
ڇو نه ٿي مون تي گھلين.
عابد مظهر جي ڪهاڻين ۽ شاعري کي پڙهڻ کان پوءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيوٿي پيو آهي ته هو شاعر آهي يا ڪهاڻيڪار، پر مان کيس خوش نصيب ٿو سمجھان جو موهن ڪلپنا، بشير احمد شاد جهڙن ليکڪن تحقيقي مضمونن ۾ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان عابد مظهر جو ذڪرڪيو آهي. منهنجي راءِ آهي ته هن لاءِ اهو وڏو حوالو آهي. جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ چاهي ته ”آرسي“ رسالي ۾ موهن ڪلپنا ۽ نئين زندگي رسالي ۾ بشير شاد جا مضمون موجود آهن.
هلندڙ دؤر ۾ هرڪو، پاڻ وڻائڻ جي چڪر ۾ قدرن جو سموريون سرحدون اورانگي ٿو وڃي. پرــ اڃا ڪن جي قلم کي ڪَسُ ناهي لڳي. عابد مظهر ۽ مون جهڙا مٿي ڦريا ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويهي پيا رنڊا روڙيون، عابد مظهر نه سهپ جو شڪارٿي ويل شخص ۽ تخليقڪار آهي. نه سهپ سنڌي جي اڪثر ساڃانهه وندن جي وندر ٿي پئي آهي. دوستن جي ساراهه ۾ هو ٻه هٿ اڳتي آهي. پنهنجي پر ۾ ماڻهن کي دوست ڄاڻي ڏاڍي خدمت ڪندو آيو پر جڏهن دوستيءَ جي ننڊ مان بيدار ٿيو ته فليٽ ۾ پاڻ کي اڪيلو، اڪيلو، اڪيلو، پاتائين. رنو، رنو، ڏاڍو رنو ڇاڪاڻ ته سندس فليٽ تي سندس سمجھه مطابق دوستن جا هجوم هوندا هئس. پوءِ اڪيلائپ جي ور چڙهي ويو. سندس ٻي شادي دوستن جي بيوفائيءَ جو ردي عمل هئو. ويڳاڻپ جي گھيري ۾ پنهنجا شعر لکندي اٿلي پئي ٿو.
ٻڌي ماڻهونه ڪي خوش ٿيا آهن.
شعرٺاهڻ عابد ڇڏيا آهن.
مان ته اڄڪلهه اداس گھاريان ٿو
منهنجا جذبا چڙهيا چکيا آهن.
يا
اچو ته پنهنجي پنهنجي بيوفا دوستن جو ماتم ڪيون.
جن پهرين نظر ۾ ئي اسان جي دل موهي وڌي هئي.
محبت ۽ پيار جي مامري ۾ سدائين اڳڀرو رهيو آهي. مون کيس ڪيترائي ڀيرا سمنڊ تي ڏٺو هئو. هو سمنڊ تي محبوبن سان ميلو مچائي روح کي وندرائيندو رهندو هئو.
عابد سان ڪچهري ڪرڻ وقت ڏاڍي احتياط جي ضرورت هوندي آهي. ڇاڪاڻ جو خبر ناهي هوندي ته هو ڪهڙي ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندو آهي. پر معافي وٺڻ ۾ دير ڪونه ڪندو آهي. سنجيده گھٽ، رنجيدهه وڌيڪ رهندو آهي. ملڻ جو وقت ڏئي ايندو ڪون يا ديرسان ايندو جڏهن ڪم لهي چڪو هوندو آهي. منهنجي راءِ آهي ته جيڪڏهن عابد جي شاعري کي ڪو ڪلاڪار، محنت ڪري ڳائي وجھي ته هو گھڻن شاعرن کان نشابر ٿي بيهندو. هونئن جن شاعرن وٽ مالي وسيلا آهن. فنڪارن جي خدمت ڪري پنهنجي شاعري ڳارائي سگهن ٿا. اچو ته سندس نظم مان حظ حاصل ڪريون.
آزاد نظم
ڪير سڃاڻڻ وارو ناهي.
پل هئا جو گذري ويا،
پل آهن، جو گذرن پيا
وقت هئو جو ٽهڪ هئا.
وقت آهي جو ڪجھه ڀي ناهي
ڳالهائڻ لاءِ ڳالهيون ساڳيون
پوءِ نه ناهيون ساڳيا سائين
ڏينهن هئا جو لکندا هئاسين
ڇپبا هئاسين، پڙهندا هئاسين
وقت آهي جو هاڻي سائين
ساڳيون وستيون، ساڳيون واٽون
ڪير پڇڻ وارو ناهي.
عابد مظهر کي ڪهاڻيءَ جي پيچرن تي هلندي پَسجي ته هو سماج ۾ مروج بي سود ريتن، طبقاتي فرق، کان سواءِ انساني قدرن جو پرچارڪ نظر اچي ٿو. هو سماج کي ماهر سرجن جيان ڏسي ان جي آپريشن، ڪري ناسور ٿي ويل رواجن کي ڪوري ڪڍي ڦٽوڪري نئين روايت جا پها رکي سماج کي جديد ڏسڻ چاهي ٿو. سندس ڪهاڻي”پاڪن جو قبرستان“ ڇِرڪائيندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ماڻهوءَ جي اندر ۾ موجود حسد، ساڙ، ماڻهن جي درجا بندي ۽ سيد پرستي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. هو لکي ٿو ته:
”ڳوٺ جو سڀ کان قديم ۽ وڏو مقام آهي. پهريائين سيدن جو قبرون آهن. ۽ پٺيان سيدن چواڻي ”ڪت خلق جون قبرون آهن. ميڙائو ۽ الهه بخش اڃان قبر کوٽڻ لاءِ ڪوڏر جا ٿورائي لپا هنيا ها ته مرحوم سائين وڏي جي ننڍي ڀاءُ ڇتي ڪتي جيان پري کان ئي هنن کي ڏاڙهيندي چيو”ذليلو شرم ناهيوَ جو هڪ امتي مائي لاءِ وڏن سيدن ۽ آرياڻين جي ڀرسان قبر ٿا کوٽيو. هنن سائين جي هڪل ٻڌي ڪوڏر مان هٿ ڪڍي هن جي منهن ۾ حيرت مان ڏٺو ۽ چيو”سائين ڇو ڪير به آهي پر توهان جي ڀاڄائي آهي“ کرو جواب ٻڌي سيد ڊڄي ويو. پر خار مان چيائين ”ناهي منهنجي ڀاڄائي اسان ڪو سيدن جي ڪڌن ڪرتوتن جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟“ ”سائين ڪڌو ڪرتوت ڪهڙو هو؟“ ”سائين وڏي شوق وچان شادي ڪئي هئي“.”ڪارو منهن ڪيو هئائين انهيءَ هت پورينداسين ته سڀني سيدن جون جيڪي ڪنيون ذاتيون، زالون بڻجيو ويٺيون آهن، تن کي به هتي پورڻو پوندو. ائين سڄومقام اسان جي موچين مڙن جي حوالي ڪري ڇڏيون ته پوءِ سيدن جي مقام ۽ امتين جي مقام ڪهڙو فرق رهندو؟ ان ڪري ڪني آڱر وڍي چڱي آهي. “
سندس ڪهاڻي ”دعا جي چمي“ مان جملا ”ائين هن سپر طاقت سڀني ملڪن جي ميمبرن تي ترڇي نظر ڊوڙائي. هن جي هڪ نظر ڪرسيءَ تي سالن کان اچي ويهندڙ هڪ پوڙهي ملڪ نما انسان تي پئي. هٿ ۾ تسبيح سفيد ريش، مڻين کي تڪڙ تڪڙ سان ڦيرائي ڳڻپ پوري ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو هو. ائين هن جي سالن کان آواز نه ٻڌندڙ ڪنن تي هڪ ڪڙڪيدار آواز پيو جيڪو اڄ چٽائي سان هن ٻڌو ۽ هي خوشيءَ مان اٿي بيهي رهيو. ”او پوڙها ڪير آهين تون؟“ سالن کان توهان جي عتاب ۾ آيل ٻانهو پر پوءِ به مون دل نه هاري، تنهنجي هر سڏ ۾ سڏ ڏنم، ڪڏهن منهن نه ڦيرايم“ جواب آيو ”تون بخشجي وئين، تنهنجي اڄ کان ڊيوٽي بهشت جي خاص گيٽ تي آهي“.
ڪهاڻي”پناھ جي ڳولا ۾“ ۾ جملن جي مالها هيئن پائي ٿو، ” هو ڪو خاص ماڻهو ته ڪونهي ، هو ته هڪ اهڙن عام ماڻهن مان آهي جيڪي لڳاتار ڳولا جي الزام ۾ سر عام چوڪ تي ڦاسيءَ تي لٽڪايا ويا آهن. جيڪي محبت جي اظاهر ڪرڻ وارن گنهگارن مان ڪوٺائبا آهن.“ ساڳي ڪهاڻي ۾ ڪردارن جي گفتگو هيئن بيان ٿو ڪري ” تون مون سان ملڻ کان اڳ ڇا ڪندو هئين.۽ منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڇا ڪندو آهين هن وراڻيو هئو ته؛ تو کان اڳ به ڳولا جاري آهي ھاڻ به ڳولا جاري آهي اڳ ڪتاب پڙهندو هئس، سڪون جي ڳولا ۾ نماز پڙهندو هئس، هاڻ انهن سڀني کي ڇڏي تنهنجي چهري جي عبادت ڪندو آهيان تنهنجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي اڌ وهيءَ واريءَ عمر ۽ تنهنجي مکڙيءَ مان گل ٿيڻ واري عمر تي سوچيندو آهيان.“ هوءَ هن جي چريائي وارين ڳالهين تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي هئي.“ وري لکي ٿو ته ”بدبوءِ ۽ خوشبوءِ هر ڪنهن جي اندر ۾ هوندي آهي. هن دنيا مان سچائي جي ڳولا ختم ٿيڻي ئي ناهي، جڏهن ته سچ توهان جي م76543هن کان ويجهو آهي. حسن سراب آهي. پيار جو ماڳ انسان جي اندر ۾ لڪل آهي. جيڪو روح جي شڪتيءَ مان اڀري نور بڻجي پوي ٿو.“
عابد مظهر ڪھاڻي ”خودڪشي“ ۾ اهڙن پو ڍائن ماڻهن جي منهن تان نقاب لاهي، سماج ۾ اصل چهرو ظاهر ڪندي لکي ٿو ٿه،” هن جا تعلقات ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان آهن. سڀن اميرن ۽ سياسي ماڻهن سان زماني جي ھر ڪم جي ڏيتي ليتي اٿس. هو کارائڻ پيارڻ هنن جي هرڪا مدد ڪندو آهي. زر کان وٺي زن تائين ، پوءِ هو هن کي ڇو نه ڀائين ان ڪري هن جا پئون ٻارهن هئا. پنج ئي آڱريون گيھه ۾ هئس. باقي غريب ماڻهن سان هن جي گهٽ لڳندي هئي هو مخصوص دوست ڇوڪرين کان سواءِ ڪنهن کي به نه گهرائيندو هئو. اڄ هڪ مخصوص ڇوڪريءَ کي گهرايائين . هن کي سٿرن تي هٿ هڻي چسڪا لي ورتائينس، پر مڙسي هن جو نالو ئي نه پئي وٺي. هن اهي سڀ حرڪتون هن ڇوڪريءَ سان ڪيون جيڪي مڙسي اڀارڻ لاءِ ڪافي هونديون آهن. پر ڪجھه به هن کان نه ٿي سگهيو هو. ۽ ڇوڪري سان شرمندگي وچان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳو هو.“
تخليقڪار جي درد کي ڪهاڻي ”ڪهاڻيڪار“ ۾ اهڙن لفظن کي جملن ۾ ڪم آڻي ٿو جو اندر رهڙجي وڃي ٿو. مون کي لڳي ٿو هي درد ڪهاڻيڪار جي اندر جو درد آهي، جيڪا ڀوڳنا سالن کان ڀوڳيندو اچي ٿو.هو لکي ٿو ته” ڳالھه کي نٽائيندي چيو هئو مانس ڪهاڻي لکيئي، وراڻيو هئانين مايوسيءَ ۾ ڪهڙو ادب تخليق ڪبو؟ جڏهن ته پين ۽ پني لاءِ ٽڪو به نه هجي، پر ڪهاڻيون ضرور لکندس. طارق روڊ تي گاڏيون صفا ڪيون اٿم ڪو ٻه ٽي روپيا ڏيندو هو ته ڪو ٻه ٽي دڙڪا ڏيندو هو . ڀاءُ جي گهر ۾ بنا پيسن جي رهڻ هڪ وڏو امتحان آهي. ماڻهو چوندا ڀاءُ جي گهر مفت ۾ پيو کائي هن کي نوڪري جي ڪهڙي پرواھ.“
مجموعي طور تي عابد مظهر پنهنجي انفرادي درد کي اجتمائي درد ۾ مٽائڻ جو هنر رکي ٿو. ڪنهن به تخليقڪار جي سموري تخليق ۾ جان ناهي هوندي. ڪي ڪهاڻيون جاندار آهن جن ۾ فني فڪري، به کوٽ محسوس ٿئي ٿي. عابد تمام سينيئر ڪهاڻيڪار آهي. مون کي سندس ڪهاڻين ۾ ڪٿي اندر جي اڇل ،تجسس، ٻوليءَ جي رواني ملي ٿي.محسوس ڪيم ته جيتري پيڙا عابد ڀوڳي ٿو ، ان ڪٿا کي انهيءَ درد سان پني تي لاهي سگهڻ جو ڏانءُ هن وٽ آهي. هاڻ کيس ناول يا آتم ڪٿا جي طرف اچڻ گهرجي، اهڙو انتظار سندس پڙهندڙن کي ضرور رهندو.

اسان سان اٽڪيل ڇانورو

اسان سان اٽڪيل ڇانورو
- راز شر

زندگيءَ جي راز کي پرکڻ، سمجهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ لکين ڏاهن، عالمن، ولين، ڪاملن، پيرن ۽ نبين وڏ ا جتن ڪيا آهن. پر جنهن جيئن جيئن ڏٺو آهي تيئن تيئن ان جي تشريح ڪئي آهي، ان لاءِ مرشد لطيف چيو آهي ته:
جنهن کي جتائين، پرينءَ پاڻ پسايو،
تنهن کي تتائين، ليئا پائڻ آئيا.
هر ماڻهو پنهنجي سمجهه، سوچ، عقل، فهم مطابق هينئر به ائين ئي ليئا پيو پائي ته آخر هن حياتيءَ جو ڪارج ڪهڙو آهي. جيتوڻيڪ حياتي موهيندڙ به ڏاڍي آهي، پر پوءِ به ان مان ڪي ماڻهو پنهنجا پلوَ ڇڏائي ڀڄيو وڃن. ماٺيڻو اوٺو، عرفان مهدي، اردو ءَ جي شاعره سارا شگفته، ثروت حسن ۽ ٻيا انيڪ ماڻهو خاص ڪري ادب سان واڳيل ماڻهو مايوسين جي ڪن ۾ ڦيراٽيون پائي موت جي اونهيءَ کاهيءَ ۾ ٽپو ڏين ٿا. انهن مڙني ڳالهين ڪرڻ جو مقصد اسان جو دلبر، خاص ڪري منهنجي جواني کان هن پيريءَ تائين جو ساٿي سائين عابد مظهر آهي.
ويهين صدي جي نائين ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۾ سائين عابد مظهر سان سندس گهر تي ملاقات ٿي. تن ڏينهن ۾ پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو استاد هو. مان ۽ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سندس گهر تي سندس طبيعت پڇڻ ويا هئاسين . تن ڏينهن ۾ سائين موٽر سائينڪل تان ڪري پيو هو، ۽ ٽنگ ۾ فريڪچر ٿي پيو هئس (موٽر سائينڪل کيس آخري عمر تائين به درست نموني سان هلائڻ نه آئي.)
ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شاغ گلشن حديد ۾ قائم ڪيائين . جنهن ۾ ساڻس اسان جو سهڪار به شامل هو. هي اهي ئي ڏينهن هئا جڏهن عبدالغفور ميمڻ ۽ غني ڪانڌڙي کي ادب جو چمڪو لڳو. فيض جوڻيجو به ڦوڙاٺ جا مضمون لکي ايندو هو ، تن ڏينهن ۾ منهنجي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ داخلا ٿي چڪي هئي ۽ سائين عابد مظهر ڪراچي يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف چيئر مان نڪري سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿي چڪو هو . جيتوڻيڪ سائين عابد مظهر انتهائي بي ضرر ماڻهو هو پوءِ به سليم ميمڻ جي اک جو ڪنڊو ٿي پيو هو جيڪو رٽائرمينٽ تائين به رهيو .
سائين عابد مظهر سان دوستيءَ جو تعلق کٽو به رهيو ته مٺو به رهيو ، ايئن جيئن کٽمٺڙو هجي . اسان زندگيءَ جا سڄا سارا اٺ سال هڪ فليٽ ۾ گڏجي گذاريا . ايتري عرصي جي لمحي لمحي جو حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻ ته ممڪن ڪونهي ، اهو ئي سبب آهي جو وٽائنس محبت جي کنيل اوڌر جو اڃا به قرضي آهيان . انهن اٺن سالن دوران مستيون ۽ چرچا به هئا، رسڻ ۽ پرچڻ جا نفيس جذبا به هئا. اسان جي فليٽ جي هيٺان هڪ عدد گتو به هو جتي سوائي نالي مڇن سان هڪ ٿريو راڻو سيلز مين هو . ان سان ماهوار ٿيت ٻڌل هوندي هئي ،عابد انگوري رس پي جڏهن رقص ڪندو هو، ته لڳندو هو ته زندگي ڄڻ هن ئي ماڻي آهي . هو سماجي قدرن کان بي نياز ٿي نچندو هو، تنهن زماني ۾ سلور ڪوچ نالي هڪ مني بس هلندي هئي ، اها سڄو شهر گهمائيندي ڪلفٽن ويندي هئي ، جتي عابد سائين جي هڪ محبوبه به رهندي هئي. جڏهن به عابد وٽ ان ڇوڪري جي فون آئي هو جتي جات پائڻ سوا به هلي پوندو هو.
مزي جي ڳالھه هو اسٽاپ تي بيهڻ بنا اڳتي پيادل پنڌ پوندو هو، هڪ ڀيري پڇيو مان ته بس پٺيان ايندي پوءِ تون پنڌ ڇو ٿو ڪرين ته معصوميت مان وراڻيائين ته ٻه ٽي وکون اڳتي ٿي پوندس . ايئن ئي هو معصوميت وچان وڏا وڏا پنڌ به ڪري وجهندو هو جنهن ڪري دوست ناراض ٿي پوندا هئس. پر هن جي معصوميت جي ڪري سڀ معافيءَ جو اعلان ڪندا هئا.
عابد اڪثر خودڪشي ڪرڻ جون تاريخون ڏيندو هو ، ته فلاڻي تاريخ تي مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس ،جڏهن ڪافي تاريخون ڏيڻ کان پوءِ هو ڦري ويو ته آصف بالاديءَ کيس چرچو ڪندي چيو ، سائين اوهان اسان کي ڏاڍو مايوس ڪيو آهي . هڪ ڀيري رات چئين وڳين مون کي ۽ انب گوپانگ کي ضد ڪندي چيائين ته مان سڀاڻي خودڪشي ڪندس. تنهن تي انب چيس سڀاڻي ڇو ؟ اڄ ڇو نه ! ، اڄ مان مزي سان مڌ پيئڻ ٿو چاهيان، انب ۽ مون گڏجي کيس ٽنگو ٽالي ڪيو ۽ فليٽ جي گئلري مان اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي سين ته چيائين مان توهان جي نه ، پنهنجي مرضيءَ سان مرڻ چاهيان ٿو.... !
کيس وڏي ۾ وڏي شڪايت هئي ته ڇوڪريون ساڻس پيار نه ٿيو ڪن، هو جنهن به ڇوڪريءَ سان ويجهو ٿيڻ چاهي ٿو ته اُ ها کيس ڀاءُ بڻائي ڇڏي ٿي. حالانڪ هو پاڻ اهڙي قسم جو اظهار ڪندي ڇوڪريءَ جي ويجهو ٿيڻ چاهيندو هو. منهنجي لاءِ هيل تائين دوستن کي شڪايت ڪندو آهي ته هو جيڪا به ڇوڪري ڦاسائيندو آهي هو، ان کي مان کڻي ڀڄي ويندو هئس. جڏهن ته مان پاڻ هڪ ڇوڪري خمس جي طور تي ڏني هئي. (سيدن کي زڪوات نه پر خمس ڏنو ويندو آهي.)
لکڻو سائين عابد مظهر لاءِ هو پر مان پنهنجي صفائي ڏيڻ ۾ لڳي ويس، پر اهو ڪنهن حد تائين ضروري به هو. عابد طبيعت ۾ اعتدالي پسند، ماٺيڻو ۽ دوستن جو دوست رهيو آهي. هن ڪڏهن به ڪنهن سان اڳ اڳرائي نه ڪئي، پر پوءِ به سليم ميمڻ جي ڪينا پروري جو شڪار ٿي خطا کائي ويو. هو چپ چپات بي وفايون سهندڙ ۽ وري انهن کي ماڻهن سان معصوميت مان وڏا ٽهڪ ڏيندڙ عابد مظهر پروڪي سال تائين زندھ دل رهيو ،گذريل سال کان ڪا جهوري لڳي اٿس ۽ رب کيس سنڀالي وجهندو ۽ هو وري انهن دوستن سان ساڳي نموني ڪچهريون ڪندو .
هر شخص ۾ مختلف جذبن جو ميلاپ ٿئي ٿو. ڪجهه محبت، پيار يا ڪجهه حسد ۽ ڪينو. جيڪو جذبو وڌيڪ هوندو اهو ئي غالب هوندو، مون سميت عابد مظهر به انهن مڙني جذبن جو گڏيل مجموعو آهي، ڪن دوستن جو خيال آهي ته عابد شاطر ماڻهو آهي پر جيڪڏهن ايئن هجي ها ته عابد مظهر ڪامياب ترين انسان هجي ها، هو ناڪام آهي هر جينيس ماڻھون وانگر. ڇو ته جينيس ڪڏهن به دنياوي ۽ ڌنڌوڙي نه هوندا آهي. عابد ڌنڌوڙي ناهي سندس دوستن مان گهڻا مطلبي ۽ شاطر آهن پر عجب اتفاق اهو به آهي اهي به عابد سان برميچجي نه سگهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اڻڄاڻيءَ ۾ دوستن کي ڏک ڏيئي ويندڙ عابد وري به انهن دوستن کي عابد پيارو آهي. شل! سدائين پيارو رهي.
عابد مظهر ۽ منهنجا گناھ ۽ ثواب سڀ گڏيل، يڪسان ۽ ساڳيا آهن. جيتوڻيڪ زندگيءَ کان کيس شڪايتون آهن. پر پوءِ به زندگي کيس موهيندي رهي آهي. هڪ ڳالهه جا هن ۾ مون نرالي ڏٺي آهي سا آهي سڀن سان نڀاءُ ڪرڻ واري. هي جديد دؤر جو وتايو سدائين سموري سنڌ ۾ سمورن دوستن سان لڳاتار نڀاءُ ڀر رهيو آهي. جيتوڻيڪ عمر هاڻي کيس وڌيڪ ارڏاين اجازت نه ٿي ڏئي، پر هن کي عمرجي اهڙي اجازت جي ڪڏهن گهرج به نه رهي آهي.
دوستي، ڪنهن چيهي، جهرڪي، يا ڳيري جي آکيري وانگر ڪک پن ڪري جوڙڻ جو نالو آهي .جيڪو عمل گهڻو ڌيان طلب ۽ صبر آزما ڪم آهي، عابد مظهر جهٽ پٽ ۾ ڪري وٺندو آهي . هو نوان دوست ٺاهيندو آهي ، انهن سان اهڙو ئي هلندو آهي جيئن پراڻن يارن سان .
طبيعت ۾ صوفي مزاج رکندڙ عابد مظهر ڪنهن ٻئي جي زيادتي تي ارهو به ٿيندو آهي ۽ ٿوري دير کان پوءِ کانئس پيرين پئي پاڻ ئي معافي وٺندو آهي .پي.ايڇ.ڊي ڊاڪٽر هجڻ جي باوجود اسان جي ڪجهه دوستن وانگر ٽانءِ ۾ نه رهيو سدائين ڀٽائي جي بيت ” هيڻو ٿي هليج“ جو چٽو مثال رهيو آهي . پنهنجي ٺاھ ٺوھ جو شروع کان ئي ڪو خيال نه هوس، ڪڏهن قميس جا بٽڻ هيٺ مٿي ته ڪڏهن ٽائي ڦريل، پر اندر جو اڇو اجرو . جنهن کي چاهيائين سڀ ڪجهه فدا ڪري ڇڏيندڙ ، موٽ ۾ ڪو به مطالبو نه ڪيو.
هن پيار جي منگتي کي جيڪي درد ڪڻا جيڪي پيار جا ٻه ٻول مليا انهن کي پنهنجي ڪشڪول ۾ ايئن وڌائين ڄڻ اهي سمورا درد سندس ميراث هجن.
هڪ دفعي کيس ٻي شاديءَ جو شوق جاڳيو ، چوڻ لڳو ته ماڻهو شاديءَ کان اڳواٽ پيار ڪندا آهن. پر مان شاديءَ کان پوءِ پيار ڪندس، کيس گهڻو ئي روڪيو سين پر سائين عابد مظهر صفا ٻروچ ٿي پيو. چئي توهان سڀ منهنجي ٻي شاديءَ واري عمل کان سڙو ٿا. مون کي سائين اختر ٽالپر، ڪيلاش ۽ ممتاز منگيءَ چيو ته تون ئي سائين عابد کي ان ضد تان لاهي سگهين ٿو. پر تيستائين پاڻي پل هيٺان وهي چڪو هو، پوءِ اسان ٽي ڄڻا ئي سندس ٻي شاديءَ جا گواھ ٿياسين، جنهن تي هاڻي به سائين عابد مظهر چوندو آهي، اگر توهان ٽيئي ڄڻا مون کي دل سان روڪيو ها ، ته مان ٻي شادي نه ڪيان هان. بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته ايترو جذباتي ٿي چوندو آهي، توهان مون کي موچڙا هڻو ها ته مان ضد تان لهي وڃان ها.
سائين عابد مظهر غضب جو پياڪ ۽ غضب جو عاشق مزاج رهيو آهي ، هاڻي جيتوڻيڪ صحت ساڻس ايترو ساٿ نه ٿي ڏئي ، پر پوءِ به ، اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي. هن دلبر جي طبيعت ۾ هڪ پاسي منڇر آهي ته ٻئي پاسي بڊو جبل آهي. اهي ٻئي شيون سندس طبيعت ۾ ننڍي هوندي کان شامل آهن . ڇو ته سندس ڳوٺ ۾ انهيءَ ٻنهي جي وچ تي آهي . هي يار اڃان به اُتي هي بيٺل آهي، اهي سمورا پار پتا سندس شاعريءَ ۽ ڪهاڻين ۾ هڪ جهڙا ڀرپور آهن.
ڪن شخصن تي ڀرپور نموني ۾ لکي نه ٿو سگهي، ڇو ته انسان هڪ ڪائنات جيترو وسيع آهي . ۽ لکڻ واري جي وس ۾ ڪائنات نه ٿي اچي سگهي. پر پوءِ به بقول مرزا قليچ بيگ جي ته ”نموني جي مٺ مان پروڙيو خرار“ منهنجو خيال آهي ته مان عابد مظهر تي هڪ ڀرپور خاڪو لکندس، پر اڃا تائين ايئن نه ڪري سگهيو آهيان. شايد نه ڪري سگهان ڇو ته لکڻ دفتر ممڪن ڪونهي.

نئون قلندر

نئون قلندر
- ڊاڪٽر شير مھراڻي

اصل ۾ قلندر نالو آهي ڪيفيت جو، اها ڪيفيت جنهن ۾ فرد دنيا مافيها کان بي نياز، پنهنجي ڌن ۾ مگن، نه ڪنهن جي آئي ۾ نه وئي ۾ ڪٿان اڀريو ڪٿان لٿو، ان صورتحال کان به لا تعلق ۽ لا تمع .ڪنهن کي ڏک ڏنو ڪنهن ڌڪ هنيو خوشي ڏني، مرهم رکيو، ڪو رٺو، ڪو پرچيو،انهن ڳالهين کان جهڙو ڪر پري، ڪڏهن دل چويس ته نمازون پڙهي تهجد پڙهي اگر نه پڙهي ته عيد جي نماز به نه پڙهي، دل چويس ته ڪوڙي پاڻي سان روزو کولي، دل چويس ته پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي وجد ۾ اچي نچڻ لڳي، اهي سڀيئي ڪيفيتون حقيقت ۾ قلندرانا آهن، عام ماڻهو کان اهي ڳالهيون زور آهن، سچ پڇو ته اهي مڙئي ڪيفيتون اسان جي نئين قلندر پروفيسر عابد مظهر ۾ موجود آهن دل جو اهڙو صاف جو صوفي هجي ته خدا ڏسي وٺي، آءُ جڏهن سائين عابد مظهر تي لکڻ لاء ويٺس ته سوچ جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويس ته سندس ڪهڙي پهلو تي لکان. هو جيڪو هڪ ئي وقت تمام سٺو شاعر بلڪ شاعر ابن شاعر به آهي ته بهترين ڪهاڻيڪار، بي باڪ محقق به آهي ته ادب جو سٺو پارکو به ۽ تجزيه ڪار پڻ آهي. منهنجو استاد ۽ سٺو دوست پڻ آهي.
اُهي يا اڃا ٻيا ڪيترا پهلو آهن جن تي ڀرپور لکي سگهجي ٿو، اهو پڻ لکي سگهجي ٿو ته عابد مظهر جڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ اسٽنٽ پروفيسر هو تڏهن به هو اسان شاگردن سان گڏ يونيورسٽيء جي ڪينٽن۾ سرن ۽ سيمنٽ جي ننڍڙن بلاڪن تي ويهي ڪچهري ڪندي چانھه جو سرڪيون به پيو ڀريندو هو اهو سلسلو تڏهن به جاري رهيو جڏهن هو ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو چيئرمين هو. الائي ڪيتريون يادون واڳيل آهن هن قلندر صفت انسان سان هڪ ڏينهن سندس آفيس ويس ته هن کلي کيڪاري چيو ته ڪا گاڏي آهي مون چيو سائين گاڏي ته ڪانهي پر بائيڪ آهي جيڪو ڪم گاڏيءَ کان وٺي سگهجي ٿو اهو بائيڪ کان به وٺي سگهجي ٿو.
مون سندس آفيس ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته منهنجي نظر الماري تي پيل نفيس مصلي تي وڃي پئي چيم سائي ڪپڙو ته ڪونهي باقي مصلو آهي کلي چيائين مصلي کي لاھ ته هلون پوءِ مصلو کڻي سائين سان گڏ پارڪنگ ايريا ۾ بهاريل بائيڪ ڏي وياسين ، بائيڪ تي ويهڻ کان پوء به مونکي خبر نه هئي ته سائين ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃي پوءِ پاڻ ئي چيائين موسميات واري پاسي هل اتي هلي هڪ سوڙهي گهٽيءَ وٽ اچي بيهاريائين،کيسي مان ٻڪ پئسن جو ڪڍي سلاخن جي پويان ٺهيل ڪائونٽر تي ويٺل ٿلهي متي همراھ کي ڏنائين ۽ هن موٽ ۾ هڪ ٿلهي متاري ٿيلهي ڏني جنهن ۾ شايد بوتلون هيون سائين اها ٿيلهي اسان ٻنهي جي وچ تي بائيڪ تي رکي مصلي سان ڍڪي ڇڏيائين. آفيس ۾ اچي اها ٿيلهي الماري ۾ رکي سائين چيو دنيا ايڏي ڏکي ۽ مفاد پرست ٿي وئي اهي جو ان کي سمجهي نٿو سگهجي. مون سوچيو هو ته چيئرمين ٿيڻ کان پوءِ سڀني استادن کي کير کنڊ ڪري ويهاريندس پر هنن اهڙي چال چلي جو سڄي عمر رهندڙ گروپ کان هنن جدا خلاف پريس ڪانفرنس ڪرائي مونکان هو ڪاوڙائي ڇڏيائون. هي گروپ اڳئي منهنجو مخالف هو هاڻي هن گروپ کان به پري ڪري ڇڏيائون هاڻ نه هنن جا رهياسين نه هنن جا..
ڊاڪٽر شير دنيا ايڏي مفاد پرست آهي جو هن کي اسان جهڙا سادا ماڻهو سمجهي نٿا سگهن ماڻهو ماڻهو جو ماس پيو کائي دوست نما دشمن جي مون لاء سڃاڻپ ڏاڍي ڏکي آهي ان اوکي صورتحال ۾ رهڻ پنهنجي وس جي ڳالھه ناهي سو ڪوڙو پاڻي ضروري آهي. مون ڳالھه ٻڌي مٿو کنهيو؛ اهو سڀ ڪجھه سائين پنهنجي منهن پئي ڳالهايو.
منهنجي وري ڪوڙي پاڻي کان ڪل وڃي. پوءِ سائين لاءِ غالب جو شعر ياد آيو.
يه مسائل تصوف يه تيرا بيان غالب
تمهين هم ولي سمجهتي جو نه باد خار هوتا.
يا لطيف سائين فرمائي ٿو..
م ڪر سڌ سري جي،جي ٽارئين ٽوھ،
پئي جنهن پاسي ٿئي، منجهان رڳن روح،
ڪاٿي چڪ ڪڪوھ، لاهي سر لطيف چئي.
يا
سڌڙيا شرابن جون،ڪه پچارون ڪن.
حه ڪات ڪلالن ڪڍيا،ته موٽيو پوءِ وڃن،
پڪون سي پين،سر جن جا سٽ ۾.
پاڻ شايد ٽارئين ٽوھ سڌڙيا آهيون جو اهو امرت نٿو اڪلي، پر سائين عابد مظهر ته جهڙوڪر پراڻو يا گڻنگ پياڪ.
قمر شهباز ، تاج بلوچ لاء لکيو آهي ته هو انگور ۽ آدم جي ڌيءَ جو گڻنگ پياڪ آهي پر اسانجو عابد مظهر آدم جي ڌيءَ کي ست قران سمجهي باقي انگور جي ڌي سندس اکين تي.
وٽ وٽ وٽيءَ ۾، مٽ مٽ منڌ ٻيو،
قدرڪيف ڪلال جو، پياڪن پيو،
اچن درس دڪان تي ڪنڌ قبول ڪيو،
سرها سر ڏيو، چکن سرڪ سيد چئي.
اسان جي دوست قدير ڪانڌڙي لاءِ سائين عابد مظهر اڪثر چوندو آهي ته هي منهنجو مرشد آهي، هڪ سانوري شام جو سچل ڳوٺ ۾ پٺاڻ جي هوٽل تي گڏ چانھه پئي پيتي سين ته سائين عابد مظهر، قدير کي چيو: ابا مونکي به فيض جو ونڊ ڏي.
قدير ڪانڌڙي جو لهجو سچ به پهتل پير جهڙو ٿي ويو هڪدم چيائين. آدم جي ڌيءَ ۽ انگور پياڪ کي ونڊ نه ملندو جي واقعي به ونڊ کپئي ته آدم جي ڌيء ۽ انگور مان هٿ ڪڍ. سائين عابد چيو دعا آ ته ان جي پچر ڇڏيم ، همراھ جهٽوڪر ستين آسمان تي وڃي پڳو ، آءُ چپ چاپ ٻنهي کي ٻڌندو رهيس نيٺ قدير کي چيم جي واقعي تون بزرگ آهين تنهنجي دعا اگهاڻي آهي ته پوءِ بوتل گهراءِ ته جي سائين پيگ نه ٺاهيو ته تنهنجي دعا اگهاڻي، تون ولي ته سائين عابد به پهتل اسان جهڙا آهيون تهڙا ٺيڪ آهيون اسان کي ولايت نٿي کپي. قدير جا ڪرتوت مون کي سجهيا پئي سو چيائين تڪڙ نه ڪر بوتل آئي ته سائين عابد نه مڙندو. ٽهڪن جا ٽاڙها ٿي ويا قدير چيو وڏو استاد آهين گهڙي کن ته ولايت وارو پير رهڻ ڏين هان.
ايئن سائين عابد جون کوڙ يادون آهن جيڪي سائين عابد سان واڳيل آهن ساڻس پيار ڪندڙ شاگردن جو وڏو حلقو سائين سان گڏ هوندو آهي جيڪو شاگرد پڙهڻ ۾ پوئتي هوندو۽ کيس ناپاس ٿيڻ جو ڊپ هوندو هو ته سائين وٽ ڊوڙي ويندو هو، سائين جي اڳيان شاگردن جا به پنهنجا ناٽ چوندس سائين توهان ته پاس ڪري ڇڏيندا پر ٻين استادن کان به پاس ٿيڻ جون مارڪون وٺي ڏيو پوءِ سائين جا ٻين استادن جي آفيس جا چڪر جيڪي به سائين جا شاگرد هوندا هئا... سائين توهان به نااهل شاگردن جي سفارش ٿا ڪيو. چوندو هئن جي اهل هجن ها ته سفارش ڇو ڪيان هان.. مارڪون ڏيون ته وڃي روزگار سان لڳن ڊاڪٽر انجنيئر ٿيڻ جهڙا هجن هان ته ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ هجن هان هت داخلا ڇو وٺن هان استاد به سندن ڳالھه رکندا هئا.
ادب جي ميدان ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عابد مظهر جي نالي سان سڃاتو ويندڙ هي نئون قلندر انتهائي جاکوڙي ڪردار ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. پڪا ۽ پيرون،وڇوڙي جو آٽو گراف،گم ٿيل محبتون، شاھ جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا سندس اهم تصنيفون آهن، والد سيد مظهر سيوهاڻي جو ڪتاب به ڇپرايو اٿس بزم غزل جي نالي سان.
تان ڪي ساڻن اور، جان آهن اوطاقن ۾،
ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينهن ۾ پاڻ مٿائن گهور،
ويا جي هنگلور ته ڪر م ملندئي ڪاپڙي.
(شاھ)

دل جو سخي

دل جو سخي
- غوث پيرزادو

جڏهن وک وک تي واسينگ ويٺل هجن ته اهڙي راهه تان گذرجي ۽ ڏنگ کان بچي وڃجي گهٽ ۾ اهو عابد مظهر جهڙن ماڻهن لاءِ ته ممڪن ناهي جيڪي پنهنجي اندر جي ٻار کي هر وقت جياريندا رهندا هجن، جن وٽ ڏيکارڻ لاء رڳو هڪ ئي چهرو هجي. جن جو سينو گهاون سان ڀريل هجي مان عابد سائين کي ڏسندو آهيان ته من مان اهائي دعا نڪرندي آهي ته شل نه هن ڌرتي ته ڪڏهن ڪو ٻيو عابد پيدا ٿي پوي ڇو ته هي ديس ڪوڙن ڪانئرن جو آهي هتي سچا ماڻهو نه جي سگهندا آهن. هي جلادن جو ديس آهي هتي عابد جهڙن درويشن جو جيئڻ جنجال بڻايو ويندو آهي ۽ هتي عابد جهڙا ماڻهو جي نه سگهندا آهن.
عابد جي تخليقي پورهئي کي ڏسجي ٿو ته هو هڪ ئي وقت شاعر به ته ڪهاڻيڪار به آهي ته محقق ۽ نقاد به آهي هن پنهنجي سموري زندگي ادب کي ارپي ڇڏي آهي.
هو ڪراچي يونيورسٽي ۾ ادب جو استاد به رهيو آهي هو خالص اديب آهي هن جي دل جڏهن به ڌڙڪي آهي، هن ادب جي آسمان ۾ تخليقي تارا ٽاڪيا آهن هن جي تخليق اڳيان ڪابه هڪ صنف رڪاوٽ نه ٿي بڻجي. هو درد جو پانڌيئڙو آهي ان ڪري هن جي اکين ۾ سدائين ميگهه ملهار هوندا آهن ٿورڙي به رهنڊ تي وڏڦڙو بڻجي وسي پوندا آهن. هي پنهنجي ذات ۾ انتها پسند عاشق آهي هو رڳو پيار ڪرڻ ڄاڻي ٿو پيار جي مامري ۾ هي جنس جو قائل ناهي. مون هميشه هن جي چپن تي ڪيئي چميون ڦٿڪندي ڏٺيون آهن هن يگاني عاشق جا ڀاڪر مونکي الائي ڇو ويران لڳندا آهن هن سموري زندگي عشق جي سيجن تي سهاڳ راتيون ملهائيندي پئي گذاري آهي پر نه پائي سگهڻ جو درد به سندس اکين تي اڌ ڪٺل پکي جيان ڦٿڪندي نظر ايندو آهي هن چرئي ماڻهو کي ڪير سمجهائي ته هن پرٿويءَ تي پيار هڪ وکر طور استعمال ٿيندو آهي جنهن پيار جون اکيون تنهنجي سيني ۾ پيوست ٿيل آهن اهو عشق هتي ديواني جو خواب ليکيو ويندو آهي.
عابد سائين! اهو ڪافي ناهي ته تون دل جو سخي آهين ۽ اها سخاوت تنهنجي جيت ۽ منافق سماج جي هار آهي. عابد سائين! دوستن جي روپ ۾ دغا باز ڏسي تنهنجي ويساهه جي وستيء ۽ زلزلا ڇو برپا ٿي ويندا آهن تنهنجون اکيون دوستن جي دغائن تي رت رئڻ بدران اهو ڇونه طئي ڪنديون آهن ته کوکلي سماج ۾ فرشتا نه پر کوکلا ماڻهو ئي ملندا آهن. عابد سائين تون ادبي ادارن جا بنياد وجهندڙ اڳواڻ آهين ادبي سنگتون هلائڻ ته ڪو توکان سکي تنهنجي قلم جي خوشبو ئي نرالي آهي تنهنجي تخليق تي ڪنهن به وڏي اديب جي ڇاپ نه آهي. بس توسان مان ان ڪري به عشق جو اظهار ڪري پاڻ کي تنهنجو عاشق سڏائڻ جو اعلان نه ڪري سگهيم جو تون ان مامري ۾ تڪڙ ڪري منهنجو عاشق سڏائي ويٺين ۽ اها پيڙا به تنهنجي حصي ۾ آئي جيڪا تو پاڻ چونڊي آهي.

شعور ڏيندڙ شخص

شعور ڏيندڙ شخص
- سائينداد ساند

عابد مظهر سان منهنجي دعا سلام 1978ع جي شروعات ۾ ٿي، جڏهن آءُ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ پهتس. ۽ 1978ع ۾ مون کي سنڌ الاجي ۾ سروس به ملي، ان دوران جيڪي منهنجا دوست ٿيا ان ۾ نياز پنهور، ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ ، طارق عالم ابڙو، ڊاڪٽر بلبل کورواهي ۽ عابد مظهر شامل هئا. امداد حسيني، عبدالقادر جوڻيجو، سيد ظفر حسن شاھ اسان کي محبتون ۽ شفقتون ڏيندا هئا. اسان انهن کان ننڍا هئاسين، عابد مظهر اسان کان عمر ۾ڪجهه وڏو لڳندو هو.
اسان غريبي حال ۾ هوندا هئاسين عابد مظهر وٽ جڏهن به وڃبو هو يا ملندو هو چوندو هو، ڇال حال آ خوش آهيو، انتهائي مشفڪانه انداز ۾ ملندا هئا .مهربان انداز ۾ ملندا هئا. سندن ڪواٽر تي وڃبو هو، ته چانھه ضرور پياريندا هئا، عزت ڏيندا هئا. اسين ٿر جا ماڻهو جيڪي محروميت جا ماريل آهيون سو آءُ به انهن مان هڪڙو آهيان جڏهن آءُ يونيورسٽي ويو هئس، اتي عابد مظهر پهريون شخص هو جنهن مون کي پري کان ڏسي سلام ڪيو هو، اهو منهنجو زندگيءَ جو وڏو واقعو آهي، مون جهڙي ڪنهن غريب مسڪين ماڻهو کي سلام ڪيو هو. ۽ انهيءَ وقت منهنجي ذهن ۾ هڪڙي تبديلي آئي، ته انسان سڀ برابر آهن، مون کي شعور ڏيڻ وارو شخص ڊاڪٽر عابد مظهر ئي آهي. ان ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين اسان جي دوستيءَ سلسلو ڪڏهن نه رڪيو. پوءِ سائينءَ سان مسئلا ٿيا پر اسان سائينءَ سان ذهني طور گڏ هئاسين.
سائينءَ جي سروس ختم ٿي پوءِ به سائينءَ جو رويو ساڳو رهيو. سائين هڪ بهترين شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي، حساس دل ماڻهو رهيو آهي ڪڏهن به هن شخص جي چهري تي ڪاوڙ ناهي ڏٺي هو ڪاوڙ ائين پي ويندو هو جيئن اسان ٿريا پلر کي پي ويندا آهيون.

منهنجو درويش يار

منهنجو درويش يار

- ڊاڪٽر مھر خادم

صوفي مزاج رکندڙ اسان جي دوست ڪهاڻيڪار، شاعر، محقق ڊاڪٽر عابد مظهر سان منهنجي ڏيٺ ويٺ، ان وقت ٿي جڏهن پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد هو. هي يارن جو يار آهي، هڙان وڙان خرچ ڪندڙ ۽ ڪنهن کي به ناراض نه ڪرڻ واري طبيعت سبب کيس پريشانين کي منهن ڏيڻو پندو هو. پهرين ملاقات ۾ ئي اسين هڪ ٻئي جي ايئن ڳلي پياسين، ڄڻ ته ورهين کان ويجها دوست هجون. ڪراچي يونيورسٽي روڊ تي اسلامڪ آرڪيڊ جي فليٽ ۾ علي راز شر سان گڏ رهندو هو. جهڙوڪ سڄو فليٽ ڊاڪٽر عابد مظهر جي حوالي هوندو هو.وٽس ادبي دوست، ڳوٺ جا مائٽ، مرشد ۽ چڱا مڙس، هن وٽ هميشه اچي رهندا هئا. جن وٽ هوٽل ۾ رهڻ جيتري طاقت نه هوندي هئي يا پنهنجا پنج روپيا بچائڻ لاءِ سڌو عابد مظهر وٽ، پوءِ ڪڏهن ته هي يار پاڻ به پريشان هوندو هو ته هاڻي پاڻ ڪٿي سمهي!
هن جي مزاج کان جيڪي واقف هئا ۽ کين خبر هئي ته هيءُ يار، انڪار ڪرڻ مان ڄاڻي ئي ڪونه، سو سڌو اچي هن وٽ لڏو لاهيندا هئا. هي حضور شرم ماڻهو انهن کي ڏسي پيو جهيڻي لهجي ۾ ڳالهائيندو ۽ پيو کلندو.يارن جي مطلب پرستي ۽ موقعي پرستي جا به کيس تجربا حاصل ٿيل آهن .جڏهن اسلامڪ آرڪيڊ ۾ رهندو هو . ان وقت ڪنهن سان سندس عشق چوٽ تي هو ، هن معصوم طبيعت جي مالڪ اسان جي يارَ جو عشق ۾ سر ڏيڻ لاءِ به سدائين ڪنڌ نوڙيل هوندو هو. پر شل نه ڪنهن کي خبر پئجي وڃي ته ڪو ساڻس سچي محبت ڪري رهيو آهي.پوءِ هن زماني ۾ ان ماڻهو لاءِ جهڙوڪ شامت آئي ، اڌ مئو ٿي ويندو نه مئن ۾ نه جيئرن ۾، روز جيئندو روز پيو مرندو .هن يار جو مزاج درويشن وارو رهيو آهي زماني ۾ پيار ۽ عشق کان وڌيڪ مال پاڻيءَ کي ڏٺو ويندو آهي. پيار به اتي ڪاميابي ماڻيندو آهي جتي ٻئي ڪنگلا هجن يا ٻئي ڀريل.
يار ڊاڪٽر عابد مظهر انهن ڏينهن ۾ اڪثر خيالن ۾ گم رهندو هو. ڳالهائيندو ته مسلسل ڄڻ ڳنڍين پٺيان ڳنڍيون پيون کلنديون وينديون هيون. ۽ جي خاموش ته صفا خاموشي ڳالھه جي جواب صرف هون، ها. ان وقت جي سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون اهڙا اهڃاڻ ضرور محسوس ڪرائينديون ، اهو عشق ئي ڪهڙو ؟ جيڪو حاصل ٿئي. هي زندگيءَ جو روڳ به آهي ته سرور نه، ڪيترن ئي يارن کي ڏٺو سين سندن محبتون ڪامياب ٿيون ، پر ڪجهه ئي سالن کان پوءِ هڪ ٻئي کان بيزار يا وري ڪنهن ٻي جاءِ تي ڪنڍي اٽڪائڻ ۾ لڳي ويا. ڪن ته پوڙهپ ۾ به محبوبه زالن سان بي وفائي ڪئي. مون پنهنجي دوست عابد مظهر کي پنهنجي شاگردن سان شفيق استاد طور ڏٺو. پنهنجا ڪلاس وٺڻ ، شاگردن سان پنهنجائپ، ۽ دوستن جهڙو ورتاءُ ، انهن سان همدردي ، انهن جي رهنمائي، انهن جي ڪاميابي لاءِ خواهشمندي، هي اڪثر شاگردن جو مهربان استاد رهيو. مان جڏهن به ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ آفيس ۾ ويس ته هر وقت شاگردن سان ڳالهائيندي ۽ سندن رهنمائي ڪندي ڏٺو. سڀ سان کلي ۽ نوڙت سان ملڻ جو هن وٽ انداز ئي الڳ آهي. رمپا پلازا سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ آءُ به عابد مظهر سان گڏجي ويس ۽ گڏجاڻين ۾ شامل ٿيس، گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي هڪ پروگرام ۾ شامل ٿيس.
عابد مظهر شاعر به آهي، ته ڪهاڻيڪار به، سندس شعري مجموعو ”وڇوڙي جو آٽو گراف“ شايع ٿيل آهي. جنهن ۾ سندس پيار جا احساس به آهن ته وڇوڙي جا درد به؛ هي هڪ حساس دل رکندڙ انسان دوست شاعر آهي. ٿي سگهي ٿو سندس شاعري ڪا آفاقي قدرن واري نه هجي، پر سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي دل جون سچايون ضرور پيش ڪيو آهن. هي ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ شاعر آهي. جيڪو شاعر پنهنجي دل جون سچايون ۽ اڇوتا خيال پيش ڪري ٿو. معصومانا اظهار محسوس ٿيندو آهي، جيڪو هن جو پنهنجو نج اظهار آهي. شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڌرتي ۽ سماج جي سچاين کي پنهنجي تخليقن ۾ پوٽريٽ ڪندا آهن، جهڙو معاشرو هوندو آهي تهڙو ئي اولڙو تخليقن ۾ پسائيندا آهن.
شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به هن ئي سماج جو حصو آهن. سچا تخليقڪار پنهنجي سماج سان جڙيل رهندا آهن .عابد مظهر پنهنجي ڪهاڻين ۾ هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار نظر اچي ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ داخلي حقيقيت کان خارجي سچاين تائين ، اظهار ي قوت نظر ايندي اها ڪهاڻيڪار جي وڏي خوبي هوندي آهي. ته سندس پڙهندڙن کي ان حقيقي زندگيءَ يا ٻين جي زندگين جي عڪاسي نظر اچي.ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ ۾ ڪندو ته پنهنجي زندگي ءَ جي وارتا کي ظاهر آهي. پر پڙهندڙ کي ايئن لڳندو آهي، ته جهڙو ڪر اها سندس زندگيءَ سان واڳيل ڪهاڻي آهي، عابد مظهر جي ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو، ته هي هڪ سٺو ڪهاڻيڪار پڻ آهي.
منهنجي درويش دوست عابد مظهر محقق جي حوالي به ڄاڻو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. تحقيق محنت طلب ۽ ڏکيو ڪم آهي .۽ خاص طور ته تخليقڪار لاءِ ته اڃان ئي ڪٺن ڪم هوندو آهي. ڇو ته تخليقڪار سوچ جا ماڻهو، پنهنجي موڊ وارا هوندا آهن، دل چوين ته هڪ ڏينهن ۾ تخليق جا ڪيترائي اسم لکي وٺن ۽ جي موڊ نه ٿئين ته ڏينهن جا ڏينهن هڪ سٽ به لکي نه سگهن . مون کي خبر آهي، ته عابد مظهر به تحقيق واري مرحلي ۾ ڪيترائي اڻانگا سفر طع ڪيا آهن. گهڻو ڪجهه سهڻ کان پوءِ اسان جي درويش دوست، ڊاڪٽر عابد مظهر بڻيو .
زندگي ايئن نه گذرندي آهي جيئن توهان چاهيندا آهيو، زندگي گذارڻ لاءِ ڪيترائي عذاب سهڻا پوندا آهن . طبيعت سان جبر ڪرڻو پوندو آهي.دوستن جا ڏنڀ به سهڻا پوندا آهن پنهنجن جون ويساھ گهاتيون ڏسڻيون ۽ محسوس ڪرڻيون پونديون آهن. اهي کرا، سچا بي ڊپا ۽ پنهنجي طبيعت مطابق هلڻ وارا انسان ڌرتيءَ تي ٿورو وقت جيئندا آهن. پر وڃڻ کان پوءِ اهڙن انسانن کي هميشه ياد رکيو ويندو آهي.وڏن ۽ سچن تخليقڪارن کي ڌرتيءَ وارا ڪڏهن به نه وساريندا آهن. ڇو ته تخليق ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن جي عڪاسي ڪيل هوندي آهي. ڪوبه انسان پنهنجي اندر جي سچائين کان انڪار ڪري نه سگهندو آهي. ڊاڪٽر عابد مظهر به پنهنجي اندر جي سچائين کي پنهنجي ڌرتيءَ واسين لاءِ تخليق ڪيو آهي، ان ڪري هن جو نالو به سنڌي ادب ۾ هميشه قائم رهندو.

معصوم ٻارڙن جي مرڪ جهڙو شخص

معصوم ٻارڙن جي مرڪ جهڙو شخص

- غوث پيرزادو

گلشن حديد جنهن جي عربي معنيٰ لوهه جو باغ آهي، ڪراچيءَ جو اهڪڙو علائقو قائم ڪيو ويو هو جنهن کي بعد ۾ مني اسلام آباد به چيو ويو. گلشن حديد سمنڊ ڪناري پهاڙي تي ٺهيل هڪ اهڙو خوبصورت علائقو آهي جتان جي شام هوائن جي هڳساڻ سان ڀري ڇڏيندي آهي ورلي سنڌ ۾ ڪو اهڙو علائقو هجي جيڪو گلشن حديد جي طرز جو هجي. ٿورو ٿورو مونکي ميڊم رخسانه لغاريءَ جو جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) مون کي هن سان ميل کائيندي نظر ايندو آهي.
ان زماني ۾ پٿرن جي باغ يعني گلشن حديد ۾ هڪ چريو يگانو، اميچوئر ۽ ٻارڙن جهڙو شاعر، ڪهاڻيڪار، محقق، نقاد ۽ تعليمدان سائين عابد مظهر به رهندو هو. ان جو هن علائقي کي هن رومانوي انداز ۾ جڙندي ڏٺو ته کيس اچي اڻ تڻ لڳي ته ڇونه هتي ادبي سنگت جو بنياد وجهجي. ڇوته تن ڏينهن ۾ اسانجو پرين محبوب ماڻهو راز شر، ڊاڪٽر غفورميمڻ ،فيض جوڻيجو، لڄپت راءِ، سلطان سنديلو ۽ ٻيا دوست هتي رهندا هئا پوءِ هن جي اڻ تڻ ۽ بيقراريءَ کيس ادبي سنگت جو بنياد وجهڻ تي مجبور ڪيو. ۽ سنگت جون سرگرميون زور شور سان ٿيڻ لڳيون سال ٻن کان پوءِ اياز جاني به اچي سندن سٿ ۾ شامل ٿيو. ۽ سنگت کي چار چنڊ لڳي ويا.
سماج کي بيقرار شخص ئي تبديلي ڏانهن وٺي ويندا آهن، اڻ تڻ ئي بيٺل پاڻي ۾ پهرين پٿر جو ڪردار ادا ڪندي آهي سو عابد جهڙا بيقرار شخص ۽ دنيا جو تقديرون بدلائي سگهندا آهن.
خوبصورت اکين جي ٻيڙين تان نظمن جا هنج اڏاريندڙ ويڪري منهن وارو هي عابد بنيادي طور تي عاشق آهي. ستر سالن کي پهچندي به سندس وجود مان عشق جي اساٽ ختم نه ٿي آهي، هميشه ليئا پائيندي نظر ايندي آهي. هو پوڙهو ئي نه ٿو ٿئي عشق جي آڳ کيس سدائين جوان پئي رکي. هو عاشق آهي ان ڪري ئي سندس مٽيءَ جي من ۾ ڪوبه مير نه آهي. هو دوکي باز ڪلچر جو حصو نه آهي. سچ جو واپار ڪندي زندگي گذاري اٿائين ڪوڙ جي ڪچ سان دوست نه رکي اٿائين، پلئه ۾ سچ جو وکر کڻي هن ڪوڙي سماج جي اڳيان اوچي ڳاٽ سان بيٺو آهي. هن مڪاري ۽ فريب کان پري هڪ اهڙي زندگي گذاري آهي جو دوستن جي حلقن ۾ ته ڇا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي اوپرو محسوس ڪندو هوندو.
عابد مظهر ڪراچي جي ادبي حلقي جي جان رهيو آهي. هن نه رڳو سنگت گلشن حديد جو بنياد وڌو پر هن ڪراچي سنگت جي تاريخ ۾ پڻ روشنين جا نوان رنگ ڀريا ۽ جڏهن به تاريخ جي اندر ڪراچي سنگت جو ذڪر نڪرندو ته اها تاريخ عابد جي ذڪر کانسواءِ اڌوري ليکي ويندي. هن سنگت کي هلائيندي جيتروڀوڳيو هوندو شايد ئي ڪنهن ٻئي اديب ايترو سٺو هجي. هن کي پل پل ڪسارن جملن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن پل پل پنهنجن جي چهرن کي بدلجندي ڏٺو آهي. پر هڪ ڳالهه جيڪا انسان ۾ هجي ته خامي ۽ فرشتي جي خوبي ليکي ويندي آهي ته هو ڳل تي چماٽ کائيندڙن کي ورائي ٻيوڳل ڏيندو آهي، پر هو ليڪوڪڍي نه ٿو ويهي. هو نڀائي ڄاڻندو آهي ايتري تائين جو جن سندس هٿ مان گرهه کسيو آهي انهن سان به هن دوست سمجهي نڀايو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته هي هيڏو معصوم شخص ڀلا هن سماج ۾ ڪيئن ٿو جي سگهي، جهرڪي جهڙي ڪنئوري دل رکندڙ عابد، ايڏين تلخين ۽ بيوفائين جي باوجود به پنهنجي ٽهڪڙن کي ڪيئن بچائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي اها ڳالهه نه رڳو پريشان ڪندڙ پر ڳڻتي ۾ وجهڻ جهڙي به آهي.
اصل ۾ جڏهن ڪنهن فرد جي شخصيت جي ڪٿ ڪجي ته ان مهل ماڻهو کي پنهنجي ذات کي باهر ڦٽي ڪري ڇڏڻ گهرجي. تڏهن ئي توهان هڪ ماڻهو جي ذات سان انصاف ڪري سگهو ٿا. عابد مظهر توڙي جو منهنجو دوست نه آهي. توڙي جو منهنجون ساڻس ڪي گهڻيون ملاقاتون به نه رهيون آهي پر منهنجي حال ۽ ماضيءَ جي دوستن جو هو دوست رهيو آهي ان ڪري مون کي به لڳندو آهي ته مون ساڻس ڪو چڱو خاصو وقت گڏ گذاريو آهي. توڙي جي سندس ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندا رهندا آهن، پر اهي مون تائين نه پهچي سگهندا آهن نه وري مون ڪي ٻه اکر سندس ڪتابن تي لکيا آهن، نه وري ڪو سيڙجي مون وٽ ايندو آهي نه وري ڪراچي ۾ رهندي آئون ساڻس ملندو رهندو آهيان، پر مهنجي ادبي سنگت جي سيڪريٽري شپ واري دؤر ۾ آئون کيس پروگرامن ۾ گهرائيندو رهندو هيس ۽ سنگت حديد جي فائونڊر جي حيثيت سان کيس مان ڏيندو رهندو هيس.
هي هڪڙو ئي شخص آهي جنهن کي ڪراچي جي ادبي حلقي ۾ جُهڙَ جي ڪڪريءَ سان ڀيٽيو ويندو آهي ڪڏهن ته اوڙڪون ڪري وسي پوندو آهي ته وري ڪڏهن صفا غائب ٿي ويندو آهي. هي دشمنيون ۽ منافقيون رکي گهر ۾ ويهي نه ٿو رهي، پر دوستين ۾ درياهه جيان اٿلي پوندو آهي. هن زندگي پنهنجي حساب سان گذاري آهي ان ڪري هن جا ادب جي دنيا ۾ دشمن گهٽ ۽ دوست وڌيڪ آهن.
شاعري هن جي روح ۾ شامل آهي. شاعري کيس ورثي ۾ ملي آهي، سندس والد صاحب شاعر هو تنهنڪري کيس فطري شاعر چئي سگهجي ٿو پر جڏهن نثر لکي ٿو ته پنهنجي ڊڪشن ۾ نمايان ۽ نروار ٿي بيهي رهي ٿو. هن جي نثر جي ٻولي پنهنجي ۽ جدا آهي هو ٻين ليکڪن جي تقليد نه ٿو ڪري سگهي. پر سندس نثر جا حسناڪ پاسا اهو چوڻ تي مجبور ڪندا آهن ته سندس نثر به شاعراڻو آهي.
هن سان منهنجي گهٽ لڳندي آهي. پر هي هو مون سان شديد پيار ڪندو آهي. ان ڪري اڄ تائين پنهنجي اليڪ سليڪ هلندي پئي اچي.

سخن مستانه مي گويم، ولي هوشيار مي گردم

سخن مستانه مي گويم، ولي هوشيار مي گردم

- ممتاز عباسي

هن کي روئاري پرچائڻ ڏاڍو سؤلو ڪم آھي.
ھو خلوص ۽ سچائيءَ مان ڏنل ٽافي
۽ لولي پاپ تي به راضي ڪري سگھجي ٿو.
شايد ان ڪري جو ھن جي اندر جو ٻارڙو چالاڪ ھئڻ بدران معصوميت ۽ سادگي جي مٽيءَ جي خوشبو کي محسوس ڪري ٿو. عابد واقعي ئي اندر جو صاف سٿرو دلبر انسان آھي.
جھڙو اندر تھڙو ٻاھر.
دوستيءَ جي دڳ ۾ ڪَس کائڻ ئي
دوستيءَ جي رشتي جي خوراڪ آھي.
پر ايتري ڪس به نه کائجي جو ماڻھن جون چالاڪيون ھميشه بازي کٽيندي پاڻ ھرو ڀرو سرخرو محسوس ڪن. اھڙا ڪافي ڪردار توھان کي ادب ۽ بي ادب دنيا جي وڏيري شاھي ۾ ملندا. جيڪي گھڻي ڀاڱي status quo conscious رھندا آھن. ته ڪنھن وٽ وڃڻو آھي ڪنھن وٽ ناھي وڃڻو.. وغيره...
پر ھي اسان جو عابد مظھر فقير،
پاڻ سيد به آ پاڻ امتي به آ.
پاڻ غالب به آ،پاڻ مغلوب به آ
پاڻ مئي ۽ خمار ڀي آ
ايترو سخي دل انسان جو دوستن جي ڏاڍاين کي چاھيندي نه چاھيندي به قبول ڪري کين راضي رکڻ لاءِ پنھنجي سئو سيڪڙو درست موقف تان به پٽا ڏيئي پري بيھي رھندو، ته دوستيون ناراض نه رھن.
رَنج ۽ رُسامن جو بارُ پنھنجي ڪلھن تي گھڻي دير مجال آ جو کڻي سگھي.
اگر بي ڌياني جي ڀل جا ابتا سبتا کُھرا ڪٿي لڳائي به ويو ته روئي ڌوئي زر بنا ضمانت زوريءَ ڪرائي وڃي ساھ پٽيندو. ھي سائين عابدڙو
پنھنجي فطرت ۾ ملائي آئسڪريم جھڙو نفيسڙو ماڻھو. ڪيفيتن ۽ حالتن جي گرم موسم ۾ ته رِجي وڃي ئي وڃي، پر سرديءَ جي موسم ۾ به ساڳيو حال اٿس.
جو پاڻيءَ جي صورت ۾ پاڻ ئي بدلجيو وڃي.
ھن جي انصاف جا معيار اھڙا جو وڃي ٿين خير،
پنھنجي عدالت جو قاضي به پاڻ ته وڪيل به پاڻ
مدعي ۽ گواھن جا به فرض پاڻ سرانجام ڏيئي
ھرقسم جا ڪيس اڪلائي سڀ رنگ راضي ڪري
۽ پوءِ اطمينان جو بوڇڻ ڪلھي تي رکي
وڃي منزلن ڀيڙوٿيندو.
ڪنھن کي وڪيل ۽ وڪالت جو خرچ ڪرائڻ
ھن جي مذھب ۾ اچيئي ڪانه
ڪوبه رنج ، ڏک، خوشي تعريف يا محبت جي اظھار کي سڌي يا اڻ سڌي طرح پٽ تي اڇلائڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪندو. چئي نه سگهيو ته گھٽ ٻوسٽ جي عالم ۾ پيو ڦٿڪندو.
جيئن گھڻي دير لاءِ شيون ڪولنگ اسٽور ۾ رکبيون آھن ته بي ذائقي ٿي وينديون آهن.
ھي انھن سڀني احساسن کي بي ذائقي ٿيڻ جي مهلت ڀلا ڇو ڏئي. قدرت ھن جو دماغي مڪينزم ۽ ان اندر سافٽويئر ونڊو ھڪ الڳ نموني سان ئي ڊزائين ڪري انسٽال ڪيو آهي.
ھي پنھنجي اتفاقي مسئلن جو خلقڻهار
۽ پالڻھار پاڻ چئجي ته غلط نه ٿيندو.
بلڪ عابد سائين ھڪڙو اھڙو وڻندڙ جھيڙو آھي
پنھنجو پاڻ سان. جيڪو شايد ڪٿي ختم ئي ناھي ٿيڻو.
سدائين ڪا نه ڪا الجهن سندس ذھن اندر ڦٿڪا کائيندس پئي. بي چيني، بيقراري، پٽ کوھ ... وري جيڪڏھن ڪا دارون درمل ۽ سرور ڏيڻ واري سنگت آمھن سامھن ٿي ويس ته منٽن ۾ صفا ٽراٽ لڳو پيو ھوندو.
پر اھيو اوستائين جيستائين بي ھوشيء کي ھوش نه اچي.
نوڪري جي زماني ۾، سماجي ميٿميٽڪس جي ھنرباز، ماھر ۽ آڙيڪاپ ماڻھن جا ايذاءُ سادگيءَ سان سھي وڃڻ ۽ انھن کي درگذر ڪرڻ جي دل جا ميدان به ڪشادا اٿس.
تڪليفن ڏيندڙن کي راضي ڪرڻ جا ويٺو وجھه ڳوليندو.ھاڻي ٻڌايو ته ھي ڪھڙي مٽيءَ جو ماڻھو چئبو.
صفا چريو، ديوانو، ملنگ، مستانو ، اڌ مجذوب، آھي نه
ھڪ ....ٽيو فقير
شايد ان ڪري به عورتون ڀئو ڀولو نه ڪنديون ھجنس...
جيئن اڪثر گھر واريون گمانن جي گھيري ۾ ورتل ھونديون آھن ۽ مڙسن کي ڪتابن جي ورقن وانگر اڳتي پٺتي ڪري، اٿلائي پٿلائي پڙھڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش گھٽ .
خامين، عيببن ۽ گناھن جي ريسرچ
گھڻيونه ڪنديون آھن.
اڪثر، ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ دؤران
ڪٿي ڪٿي خيال سمجھه ۾ نه اچڻ ڪري.
يا خيال اھم ھجڻ ڪري،ڪجھه صفحن جون
ڪي خاص لائنون انڊرلائين يا ھاءِ لائيٽ ڪري ۽ڪي صفحا موڙي ڇڏبا آهن.
ھي انھن مردن جيان سمجھه ۾ اچڻ جي باوجود انڊر لائين سٽن جيان ۽ اڌ مڙيل صفحن جيان ماڻھو چئجي ته کيس اعتراض نه ٿيندو.
ڪتابن جي اھڙن فيميل ريڊرس جي اڳيان اڪثر
مردن جا وڪالت ناما رد گواھيون دليل ۽ منصف ھڙئي ڪيسن ۾ ھار کائي ويندا آهن.
ھي عابد سائين به پنھجي ڀرپور وڪالت جا دليل ڏيندي به انھن اڌ مڙيل صفحن ۽ انڊر لائين سٽن جي ڪٽهڙي ۾ قيد ۽ اڪيلو ئي نظر ايندو.
شايد محبوبڙيون ھن کي ڀاءُ سمجھي خدمتون ڪرائينديون هجن... ته قبولڻ جھڙي ڳالھه ھوندي.
جڏھن ڪردار احساس ۽ روح جي زمينن کان
سڃا ٿي ويندا آھن
ته جيئڻ ۽ جيئارڻ جا معيار پاڻ ھُرتو مري ويندا آهن.
اسان جي سماج جو ھي وڏو الميو آهي
ته اسان جا قدر جيڪڏهن بي لباس ھجن تڏھن به ٺيڪ آهي پر قدرن جو منهن پٺي ڏيئي بيھي رھيو ھجي ته پو شڪليون ڪيئن سڃاڻجن؟
۽ گڏجي اڳتي جو سفر ڪيئن کٽائجي.؟
اسان جو معاشرو انساني احساس جي ڏڪر وارو معاشرو بڻجي ويو آهي. غربت جو معيار دولت مال ملڪيت سان نٿو ماپي سگھجي.
انساني احساس جي قلت کان وڌ ڪاٻي غربت ٿي سگھي ٿي ڇا.؟
ڪڏھن به نه، ھر ماڻھو ھڪ ڪردار ھجي ٿو.
ھر ماڻھو غير معمولي ماڻھو ٿي سگھي ٿو.
ڳالھه فقط ان احساس کي محسوس ڪرڻ جي آھي ته توھان ھر ماڻھوءَ کي ان جي معيار مطابق ملھه جي ادائگي ته ڪريو.
ان کي ان جي سماجي ڪردار مطابق عزت ته ڏيو.
پو ڏسو ھو ڪيئن ٿو خيال جي زمينن کي کيڙي زرخيز بڻائي.
اسان جي معاشري جا بيمار معيار، اسان جي رياستي ڍانچي جي نفسيات اسان کي فقط قتل ڪرڻ جي سکيا ڏيئي رھي آھي. جنھن ڪري زندگيءَ جي ڪنھن به شعبي ۾ ليئو پائي ڏسو،
توھان کي مڪمل پيرالائيزڊ لڳندو،
بيحس بڇڙو ۽ بيڪار،اوڪارا ڏيڻ جھڙو
جنھن کي ھاسپيٽلائيز ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي.
ھاسپٽلائيز....!! توبھه....
۽ اگر توهان اسپتالن ۾داخل ٿيو
ته توهان کي اڪثريتي مسيحا بيمار،
بي دل اٿليل پٿليل،ٽٽل ڀڳل لڳندا
ھاڻي ٻڌايو!!
بيمار معاشرو، بيمار مسيحا،
بيمار رياست بدڪردار رھنما.
سماجي گڏيل بي حسي...!!
سماج کي ڪٿان سڌوڪندا!!
بس ھڪڙو آپشن رھجي ٿو وڃي.
ته : جيڪڏھن توھان پنھنجي ڪردار جي
صحتمند تعين ڪرڻ جي صلاحيت رکو ٿا
ته پوءِ پاڻ به جي سگھندا ۽ پنھنجي نسلن کي به جيئاري سگھندا.
ٻي صورتَ انتظار بنا خام مال بڻجي وڃو.
پو استحصال ڪندڙ جي مرضي آھي ته ھو توھان جي وجود مان ليڌر جو شوز ڊزائين ٿو ڪري يا شراب جي بوتل جي ڪنھن انوکي برانڊ جو مزو وٺڻ ٿو چاھي...
معاشرا يا فرد جڏھن زوال واري شديد قسم جي حالت مان گذرندا آهن.ته آسپاس جي شين کي بچائڻ بدران انھن کي به ساڙيندي گذري ويندا آهن.
غلامي جي غليظ شڪل کي فخر جي نگاهه سان ڏٺو ۽ قبول ڪيو وڃڻ ھڪ سماجي فيشن ٿيو پوي...
جيئن فيوڊل ۽ موقعي پرست اپر ڪلاس ڪري رھيو آھي.
اھڙن معاشرن ۾ ڪجھ ماڻھن کي سندن پنھنجون فطري سٺايون ۽ اڪيلايون بچائينديون آھن.
ڪن کي اڪيلايون ماري وجھنديون آھن.
ڪن کي ھجوم بچائيندا آھن.
ڪن لئي وري ھجوم موت جو سبب بڻجندا آهن.
جڏھن معاشري جو ڪثير تعداد اڪيلو به نٿو جي سگھي
۽ ھجومن ۾ به ماريو ٿو وڃي .
ته پو ھر فرد کي پنھنجي سماجي حالتن مطابق، پنھنجو جياپو ۽ پنھنجو ڪردار پاڻ ڊزائين ڪري جيئڻ جو ھنر سکڻو پوندو .جنھن لئي ھر فرد کي حق حاصل ھجڻ کپي.
جيڪي ماڻھو پنھنجي ڪردار جو تعين نه ڪري سگھندا. اھي جيئڻ جو مفھوم ماڻي نه سگھندا.
اھي سماجي بي رحمي جي ميدان اندر
فٽبال وانگر ٿڏبا ئي رھندا.
جيئن پنھنجي رياست اندر ماڻھن سان ٿي رھيو آھي.
ھھڙيون رياستون ۽ حڪومتون ھڪ مخصوص ڪلاس جي تفريح گاھ ھجن ٿيون.جو ڪلاسڪ ۾ نگاھن جي سينگار سنوارڻ جو فن ڄاڻي ٿو.۽ بس...
ٻيو ته اسين ماڻھو ھڪٻئي جي خوشحاليءَ کي
غريب ۽ مشڪوڪ نظرن سان.
۽ ھڪٻئي جي غربتن ۽ زوال کي رحم جوڳي ۽ افسوس جي نگاھن سان
ڏسندا آھيون ۽ نظرانداز ڪري ڇڏيندا آھيون.
ھتي اڪثريتي ماڻھن کي معيار کان وڌ مقدار ۽ عھدن جي وڏي سائيز جي پويان ڀٽڪڻ جي وڏي نفسياتي بيماري ٿي پئي آهي... سائيز وڏي ھجي باقي بعد ۾ ڏٺو ويندو
نتيجا ڪھڙا به نڪرن خير آھي....
آنءُ پنھنجي خيال جي اظھار ۾ غلط به ٿي سگھان ٿو. پر اھيو منھنجو ذاتي مشاهدو به آھي ۽ تجربو به. ته اسان جي سماج اندر ماڻھن جي گھڻائي، شعور جي انڌين اکين سان ڏسڻ جي عادي آهي. ان جو مطلب اھيو ته توهان پاڻ به ذات خود ڪجھه به نٿا ڄاڻو. پر ٻين جي ٻڌل ڳالھين تي اکيون ٻوٽي، ماڻھن جي عزت جي نيلامي ۾ شامل ٿيو وڃو. ان ڪيفيت ۽ حالت کي شعور جي غربت ئي سڏي سگھجي ٿو.
جيئن عابد مظھر سائين جي شخصيت ۽ ڪردار کي توھان سولائيءَ سان ڪلڪيوليٽ ڪري سگھو ٿا، تيئن ئي ھي پنھجي لکڻين سان به پاڻ جسٽيفاءِ ڪري ٿو.
ھن جي لکڻين ۾ به توھان کي سچائيءَ سادگيءَ ۽ بيقرار روح جا انوکا روپ ملندا.
ھن جي اھا خراب ڳالھه چئجي يا سٺي
ته ھو پنھنجي سئو سيڪڙو درست موقف ھئڻ باوجود به ڪو اسٽينڊ وٺي پنھنجي ڳالھه رکي يا مڃرائي نه سگھندو آهي.
اھا سندس عجيب سخاوت آھي درگذشتگي جي.
پاڻ وندرائڻ خاطر، اڌ ٻي سنگت کي آڪسيجن بڻائي جتي ڪٿي گھمائيندو وتي.
مونکي پنهنجي طبيعت ۽ مزاجي رنگ روغن ۾ وڻندو آهي. احساس جي ناتي رکڻ جھڙو ماڻھو جو آھي. ھن جي ھلڻ جي لوڏ به ھن جي مزاج، عادتن ۽ کلڻ کلائڻ جھڙي معصوم آھي.
ڪڏھن ڪڏھن بي ترتيب گھڙيون ڪجھه دوستن تي اڌورو لکرائي وٺنديون آھن.

عابد مظهر جي ڪھاڻين جو فڪر

عابد مظهر جي ڪھاڻين جو فڪر

- ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ

عابد مظهر جي ڪهاڻين جو زياده تر پس منظر فرد جي داخلي پيڙا ۽ محرومي آهي. سندس ڪهاڻين ۾ پيار کان محرومين جي نتيجي ۾ فرد جي وجود جو بي مقصد پڻو شامل آهي.سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”گم ٿيل محبتون“ ڪافي دير سان شايع ٿيو،پر ان کان اڳ سندس ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. سندس ڪهاڻيون ’مان روڊ ۽ سوچون‘، ’ڌنڌ ۾ گم ٿي ويل ڪرڻا‘، ’پل پل جو قيدي‘ ۽ ’وڃايل پاڇا‘ جديد فڪر جون ڪهاڻيون آهن. جن ۾ فرد مسلسل بي چين ۽ نه ختم ٿيندڙ ڏک ۾ مبتلا آهي. ۽ سماجي ھر قسم جون محروميون داخلي طرح فرد کي بيوس ۽ نفسياتي الجهن جو شڪار ڪري چڪيون آهن. سندس ڪهاڻين ۾ انهيءَ فڪر جو اشارو آهي ته سک ۽ شانتيءَ ڏانهن صرف هڪ ئي واٽ وڃي ٿي اُها آهي ”پيار“ جي.

جديد سنڌي ڪهاڻي جو وڏو نالو

جديد سنڌي ڪهاڻي جو وڏو نالو

- ڊاڪٽر شير مھراڻي

ادب بنيادي طور تي جمالياتي سرگرمي به آهي ته سماج جو عڪاس ۽ نقاش به آهي . جيڪو ڪجهه سماج ۾ وهي واپري ٿو ان جو عڪس اسان کي ادب ۾ نظر اچي ويندو آهي . ڇاڪاڻ ته ادب اسان سماج جو عڪس ڏسندا آهيون . شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري تشبيهن ، استعارن، تلميحن، ۽ تجنيسن جي ڪري سماج جو عڪس ايڏو چٽو ناهي ڏسي سگهبو ؛ البته فڪشن ۾ اسان سماج جو سنئون سڌو عڪس ڏسي سگهون ٿا. بلڪه ڪيترائي ڪهاڻيڪار ته ڪهاڻين ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ جي اپٽار سبب ”سوشل سائنٽسٽ“ سڏيا ويا آهن. جن ۾ جمال ابڙو، نسيم کرل، علي بابا، خيرالنساءِ جعفري ۽ امر جليل خاص طور ذڪر جوڳا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن مختلف سماجي مامرن کي ڪهاڻين ۾ اهڙي نموني پيش ڪيو آهي جو هڪ پاسي اهي سماجي مسئلا ۽ مامرا اسان جي سامهون اچي بيهن ٿا ته ٻئي پاسي وري انهن ئي ڪهاڻين جي اندر انهن مامرن جا حل به موجود آهن . يعني ادب سماج کي درست سمت ۽ ڏسا ۾ وٺي وڃڻ وارو سگهارو ٽول آهي. جيڪڏهن اسان سماج جي بهتري چاهيون ٿا ته اسان کي هاڪاري ادب تخليق ڪرڻو پوندو .
ڊاڪٽر عابد مظهر توڙي بنيادي طور تي هڪ شاعر ۽ محقق آهي، پر سندس ڪهاڻين ۾ پڻ هڪ تکي ۽ چڀندڙ تنقيد موجود آهي. ڪي نقاد صرف ادب پارن جو تنقيدي جائزو پيش ڪري سگهاري ادب جي تخليق ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن، پر ڪي اهڙا تخليقار به هوندا آهن، جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ سماج جا نقاد هوندا آهن. پنهنجين تحريرن ۾ سماج جو تنقيدي ڇيد پيش ڪندا آهن. ڊاڪٽر عابد مظهر صاحب پڻ سماج جو نقاد آهي، هو سماج جي ڪرندڙ قدرن طرف آڱر سڃي ٿو ۽ سماج کي هاڪاري رخ ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو.
سندس سمورين ڪهاڻين ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪا چڀندڙ تنقيد موجود آهي، جنهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن سماجي قدر جي کوٽ جو الميو قلمبند ٿيل آهي. هو اهڙيون ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪردار کي هاڪاري پاسي وٺي وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪو ڪردار هاڪاري رخ ۾ نه ٿو اُسهي ته به هو پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ضرور ڪري ٿو. سندس ڪهاڻي ”دعا جي چمي“ جيڪا هڪ ڪردار تي بيٺل آهي، جنهن جي روح جي گهراين تائين هَوسَ ڀريل آهي. هو پنهنجي سموري زندگي ڪيئي جوانيون لتاڙيندو ۽ لُٻيندو رهيو آهي، عمر آخري حصي ۾ جڏهن سندس لڱ سندس ناپاڪ ارادن جي پوراءَ لاءِ سازگار ناهن رهيا تڏهن به هن جي روح جي پاتال ۾ موجود هَوسَ اڃا ٿانيڪي ناهي ٿي. بنيادي طور تي هن ڪهاڻيءَ کي ڪمال ڪاريگريءَ سان تمثيلي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ڇاڪاڻ ته ڪٿي نه ڪٿي هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪن سماجي توڙي ناحق رائج سوڪالڊ مذهبي رَوِش تي سخت جُلهه ٿيل آهي. اهو ڊاڪٽر عابد مظهر جي شاعراڻي تخيل جو ئي ڪمال آهي، جيڪو کيس فڪشن ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي، ۽ هو انتهائي ڪاميابي سان جيڪو چوڻ گهري ٿو اهو چئي ويو آهي.” ايتري ۾ دوزخ مان وجهه وٺي اتان ڪا روپ بدلائي اپسرا جي روپ ۾ هن جي آڏو اچي بيٺي ۽ هن پنهنجا چپ ابهم ڪنيا جي چپن تي رکي ڇڏيا.اوچتو اها اپسرا کائنس هٿ ڇڏائي وڏو سيسراٽ ڀري بهوشٽ جي گيٽ ڏانهن لوهه ڏئي ٽپ ڏنو ته اوچتو هڪ ٺڪاءُ ٿيو. بهوشت سميت سڄي دنيا لڏي وئي، ڄڻ قيامت اچي وئي آهي. اپسرائون گلمان ۽ سڀ دوشيزائون زخمي ٿي ڪري پيون هيون. مئل جيون جو هڪ وڏو ڍير بڻجي ويو هيو.چوڌاري باهيون ئي باهيون هيون. دعا جي چمي وارا چپ نقلي اپسرا جي چپن تي چنبڙي ان ڍير جي مٿان ڏند ٽيڙي وري پوڙهي ٿي ويل بزرگ تي ٽهڪ ڏئي رهيا هيا ۽ دوزخ جو داروغو خوشيءَ ۾ هڪ وڏي نفيل وڄائي رهيو هو. “ڪيڏي نه گهري تنقيد موجود آهي هن ڪهاڻيءَ ۾ ! جيڪڏهن اهڙيون ڪهاڻيون اسان جي نصابن ۾ پڙهايون وڃن ته جيڪر هڪ پاسي بنيادي پرستيءَ جي پاڙ پٽجي وڃي ته ٻئي پاسي گهڻن جنسي جانورن کي آئينو به ملي وڃي؛ ۽ شايد هو پنهنجي ان ڪرڀ واري ڪرت مان نڪري اچن ۽ سماج ڪو سک جو ساهه کڻي وٺي . سندس هڪ ٻي ڪهاڻي آهي، ” حياتي هوتن ريءَ“ هي هڪ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي آهي. جيڪو شهري سماج جي بدلجندڙ قدرن سان گڏ پاڻ کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو سوچي ٿو ته هن جا دوست ، سنگتي ۽ ساٿي ساڻس صرف مطلب جي ڪري ملن ٿا ۽ مطلب پوري ٿيڻ کان پوءِ ڳولهڻ سان به نه ٿا لڀن. هو اهڙي ڪيفيت کي شدت سان محسوس ڪري ٿو ۽ آخر ان نتيجي تي پهچي ٿو ته هن کي هن مشيني دؤر ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ هو خود ڪلامي ڪندي پاڻ ئي پاڻ سان هيءُ گفتگو ٿو ڪري ته :” مان مضبوط ماڻهو ٿيڻ چاهيان ٿو؛ هن سوچيو ؛ پنهنجن سوچن کي ايڏو محدود ڇو ڪري ڇڏيو آهي. هي ڪراچي سنڌ جو مشيني شهر آهي. هتي ڪنهن کي به ڪنهن جي پرواهه ڪونه هوندي آهي.هتي جي روبوٽ ماڻهو ڪمن ۾ گم هوندا آهن.نه ڪنهن سان ڏکن ۾ گڏ ۽ نه خوشين ۾ اهڙي حالت ۾ دوستن کان اهڙيون موٽون ڇو رکجن . هن سوچيو ؛ ڪڏهن ڪڏهن مان به ته مصروفيت جي ڪري ڪنهن جي ڏک ۽ خوشين ۾ نه وڃي سگهندو آهيان، پوءِ تون پنهنجي لاءِ سوچ…“
ڏٺو وڃي ته هن ۾ پڻ هڪ هاڪاري سوچ شامل آهي. ملڻ وارين گهڙين ۾ وٿيون پوڻ جي ڪري هو دوستن کي اهڙي روش ڪاهي پئي آهي. ڏٺو وڃي ته اهو پڻ ڪهاڻيءَ جو هڪ مضبوط پاسو آهي. پر اها ساڳي ان وقت ڇرڪائي ڇڏي ٿي، جڏهن ان جو مکيو ڪردار دوستن سان بي حساب هلڻ جو سوچي ٿو؛ ۽ چوي ٿو : ” هرڪو مطمئن نظر پيو اچي. هن سوچيو ، پر مون کي ايڏي آرام وري نوڪري هوندي به مزو ڇو نه ٿو اچي. هن سوچيو ؛ هن پنهنجي پاڻ سان وڏو ظلم ڪيو آهي. محبتون ته ڏيڻ سان ملنديون آهن . هيئن اڪيلو رهي ڪري ٻين لاءِ نفرتن جا جيوڙا پالڻ سان دنيا ۾ سک ٿورئي ملندو آهي. اسان کي ته مينديءَ جي سڪل پنن جيان ٿيڻ گهرجي . جيڪي ٻين جي هٿان پيسجندي به کوڙ سارا رنگ ۽ خوشبوءِ ڏئي وينداآهن. پنهنجو پاڻ کي پٿر ڪرڻ واري عمل کي سخت ڪرڀ مان ڏٺو . هڪ دفعو ٻيهر سنگتين سان ملڻ لاءِ مک تي مرڪ سجائي ڊگهيون ٻرانگهون ڀريندو اڳيان بس اسٽاپ ڏانهن روانو ٿي ويو.“ هي ڪهاڻي اسان مان هر هڪ جي ڪهاڻي آهي. هر ماڻهو شهر جي مصروف زندگيءَ ۾ پنهنجي پاڻ کي وڃائي ويٺو آهي. پر اسان کي هن ڪهاڻيءَ مان اهو سبق وٺڻ گهرجي ته زندگي رش ۾ گم ٿي وڃڻ جو نالو ناهي بلڪه زندگي دوستن، مٽن مائٽن ۽ سنگتين ساٿين سان گڏ ڪي پل خوشي ۽ غم شيئر ڪرڻ جو نالو آهي. هن ڪهاڻي ۾ ڊاڪٽر عابد مظهر سماج جي ڪرندڙ قدر تي چٿر ڪري نئون گس ڳوليو آهي، جنهن ۾ پنهنجائپ آهي، پيار آهي، محبت آهي ۽ سڪون آهي.
اهڙيون تحريرون ئي اسان کي سماجي ڪروڌ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي سگهن ٿيون . ضرورت صرف ان امر جي آهي ته اسان انهن تحريرن ڏانهن رجوع ڪيون. ۽ هي ڪهاڻيون صرف پڙهڻ لاءِ نه پڙهون بلڪه انهن ۾ جنهن کوٽ ڏانهن آڱر کنئي وئي آهي اسان پنهنجي زندگين ۾ انهن کٽل پاسن جو پورائو ڪيون. اهڙين ڪهاڻين جي ڪري ئي هڪ ڪهاڻيڪار ” سوشل سائنسٽ “ ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته سماجي ابتري کي سماجي برابري ۽ برتري ۾ تبديل ڪري ٿو .اهو ئي هڪ ليکڪ جو هاڪاري ڪردار ٿي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر عابد مظهر جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”خودڪشي“ پڻ هڪ شاندار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ پڻ ”دعا جي چمي“ وانگر هڪ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي آهي، جيڪو سڄي عمر ڪيئي جوانيون لتاڙيندو ۽ ڀيليندو رهي ٿو. پر ڇاڪاڻ ته اقتداري ڌر جو حصو آهي. ان ڪري ڪو به مٿس تنقيد نه ٿو ڪري نه ئي وري ڪو هن جي بري عمل کي برو سمجهي ٿو. آخر جڏهن سندس لڱن مان ست موڪلائي وڃي ٿو ۽ هو هڪ دوشيزا جي اڳيان شرمسار ٿئي ٿو ته اهائي دوشيزا کيس ”خودڪشي“ جو مشورو ڏئي ٿي.هيءَ پڻ هڪ شاندار هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ناڪاري ڪردار تي سخت تنقيد ٿيل آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي هڪ ٻي ڪهاڻي ” ڪي اوڏائي ڏور“ پڻ تمام گهڻي اهم آهي. بلڪه ڏٺو وڃي ته هيءَ ڪهاڻي پوسٽ ماڊرن ازم جي موجوده صورتحال تي بيٺل آهي.هن ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار دوستن جي ميل ملاقاتن ۾ ٿيل وٿين کي گهٽائڻ لاءِ هڪ پارٽي جو بندو بست ڪري ٿو.پربان گڏجاڻيءَ ۾ هر هڪ دوست موبائيل ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو. اها حقيقت آهي ته موبائيل ڪميونيڪيشن جتي اسان کي ويجهو ڪيوآهي. اتي ان ساڳي ٽيڪنالوجي اسان کي هڪ ٻئي کان گهڻو ڏور به ڪري ڇڏيو آهي. اسان مشيني رابطن ۾ ايترو گم ٿي ويا آهيون جو اسان جا حقيقي رابطا تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويا آهن. اها ئي ” ورچوئل ريئلٽي“ جي جٺ آهي، جيڪا ادان سان هن پوسٽ ماڊرن دؤر ۾ ٿي رهي آهي. اسان حقيقي شين جي بدران غير حقيقي ۽ مشيني شين ۾ وڌيڪ وڃائجي ويا آهيون ۽ نتيجي طور تي ادان کان رشتا ناتا، مٽيون مائٽيون، دوستيون وغيره پري وڃي رهيون آهن.
ڊاڪٽر عابدصاحب ان مامري تي قلم کڻي درست انداز ۾ هن اهڙي سوشل اشو ڏانهن آڱر کنئي آهي، جنهن جي ڪرڀ مان اسان سڀئي گذري رهيا آهيون.هڪ حقيقي ڪهاڻيڪار اهڙي انداز سان ئي اسان کي ادب ، زندگي، رشتن، ناتن، ۽ واسطن ويجهو آڻي سگهي ٿو.۽ اهو ڪم ڊاڪٽر عابد مظهر بهترين نموني ڪيو آهي. اڄ جي هن پوسٽ ماڊرن دؤر يا صورتحال ۾ اسان کان سڀ وڌيڪ شيءِ جيڪا ڦرجي رهي آهي. اهو اسان جو وقت آهي، ۽ ڳڻتي جوڳي اها ڳالهه آهي ته ان قيمتي شيءِ جي کسجڻ جو اسان کي احساس به ناهي. پر ڊاڪٽر عابد صاحب ان احساس کي محسوس ڪيو آهي ۽ ”نينو“ توڙي ”فلئش فڪشن “ جو تجربو ڪيو آهي.
حقيقت ۾ اسان وٽ ڊگهو بيانيو پڙهڻ جو وقت ئي ناهي رهيو ۽ اسان مختصر بيانيي جا عادي ٿي رهيا آهيون. اسان جون ڪهاڻيون سوشل ميڊيا تي رکيل اسٽيٽس وانگر ننڍڙيون ٿي رهيون آهن. حقيقيي اديب ان صورتحال جو ادراڪ ڪندي ”فلئش فڪشن“ جو بنياد رکيو. ۽ اڄ سموري دنيا ۾ فلئش فڪشن تمام گهڻو مشهور ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر عابد صاحب پڻ ” فلئش فڪشن“ تخليق ڪري حقيقي اديب هئڻ جو ثبوب ڏنو آهي.مجموئي طور تي ڊاڪٽر عابد مظهر صاحب اهڙين ڪهاڻين جي چونڊ ڪندو رهندو آهي، جن جو سنئون سڌو واسطو اسان جي سماج ۾ موجود اهڙن قدرن سان آهي، جيڪي اسان کي هڪ نئين منظر نامي سان روشناس ڪرائي رهيا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ جو انداز سليس ۽ سولو آهي. پر اها به حقيقت آهي ته ان سليس ۽ سولي انداز ۾ لڪل تکا ۽ چڀندڙ تير اڻ لکائتي انداز سان پنهنجو پنهنجو نشانو وٺندا وڃن ٿا. اهو ئي سندس لکڻ جو هنر آهي، ۽ اهائي سندس ڪاميابي جي ضمانت آهي.

آيا اڱڻ عجيب او نصيب ڀلا

آيا اڱڻ عجيب او نصيب ڀلا

- ڊاڪٽر اعجازسمون

ڊاڪٽر عابد مظهر سيد گھراڻي ۾ جنم ورتو. پيري، مريدي ۽ مرشد سائين کان پري رھڻ وارو عابد مظھر انسان سان محبت ڪرڻ وارو آھي. ھو پنھنجي مريدن جا ٻڌل ھٿ کولي پاڻ انھن سامھون ٻڌي بيھڻ وارو - فقيري طبعيت ۾ رھڻ وارو صوفي منش انسان آھي. تمام پيار ڪرڻ وارو شخص آھي. سنڌي ادب جي آڪاش جو چمڪندڙ ستارو آھي. محقق، شاعر، ڪالمسٽ ۽ ڪهاڻيڪار پڻ آھي. تدريسي علم سان لاڳاپيل رهيو آھي. سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڊاڪٽريٽ آھي.هن سنڌي اداب جي جهول ۾ ڪيترا ئي خوبصورت ڪھاڻين جا ڪتاب ڏنا آھن ڪراچي جھڙي اجگر شھر ۾ رھندي.. ھن رنگ برنگي ماحول ۾ ڪيتريون محبتون به ڏٺيون ته ڳوڙھن سان ڀريل اکين جا وڇوڙا به ..ڏٺا. وفاداريون گھٽ پر دوکا کوڙ سارا ڏٺا روشني جي شھر ۾ جت وڏن وڏن اپارٽمينٽ ۽ بنگلن جون ڪيتريون ڪھاڻيون اکيون ڇنڀنديون ھونديون ات فٽ پاٿ تي ستل ۽ وکريل ڪريڪٽرن جون ڪھاڻيون به ساھ کڻنديون ھونديون.. جيڪي عابد جي اک جو مرڪز بڻيون ۽ سندس قلم مان نڪري .. ريسنگ ٽيبل تي جاڳي پيون ھونديون.
مون کي يقين آھي ته ھن جي ڪھاڻين جا ڪريڪٽر اڄ به ڪراچي شھر ۾ ۽ سندس فٽ پاٿ تي ساھ کڻندا ھوندا ڊاڪٽر عابد مظھر ڪڏھن به ڪافڪا، گارشيا مارڪريز ، موپاسان، منٽو، ڪرشن چندر ٿيڻ نه چاهيو آھي. نه ئي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. هن پاڻ کي هر ٽهيءَ ۾ عابد مظهر ئي بهتر سمجهيو آھي. ڇو ته هن جي لفظن جي چونڊ پنهنجي آھي ۽ تخليقن جي اڻت ۾ آرٽ ۽ گرافٽ به پنهنجو ئي آھي مان مڃان ٿو هر ليکڪ ڪنهن نه ڪنهن ليکڪ مان متاثر ضرور هوندو آھي .. عابد مظھر به ضرور هوندو. پر عابد مظھر جو ادبي گس پنهنجو آھي. ۽ تخليقن جو گھر به پنهنجو آھي. ٻين ليکڪن جيان هرگز ناهي، جيڪي پرائي پلاٽ تي پنهنجو گهر اڏي دروازي تي پنهنجي نانءُ جي وڏي تختي هڻي ڇڏيندا آھن. ڊاڪٽر عابد مظھر سان منھنجون گهڻيون يا ٿوريون ملاقاتون يا ويهڪون ته ڪونه آھن. پر ھن سان منھنجي پھرين ملاقات ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿي ھئي جڏھن ھو ليڪچرار ھو. انھي وقت جو شاعري گھڻي ۽ ڪھاڻيون گھٽ لکندو ھو. ٻئي ملاقات سيما ابڙو جي ڪتاب جي مھورتي تقريب ۾ ٿي ھئي جيڪا وفاقي اردو ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ٿي ھئي. بعد ۾ فيس بڪ تي اسان جي ڪچھري ٿيندي رھي. پو ِء انهيءَ فيس بڪ ايترو ته اسان کي ويجهو ڪري ڇڏيو، جو هاڻ اسان جي محبتن ۾ وٿي به ڪونه رهي آھي. اھا فيس بڪ جي مهرباني آھي بلڪي وڏي مهرباني آھي، جو ڊاڪٽر عابد مظهر جهڙو پرين پيارو دوست مون کي مفت ۾ ڏئي ڇڏيو آھي .
ڪجھه ڏينهن پهريان ڪراچيءَ مان جڏھن مون کي فون ڪيائين. چيائين عابد مظھر پيو ڳالھائيان.. خيرپور ۾ ھڪ دوست جي پٽ جي شادي دعوت ۾ پيو اچان. 3 تاريخ تي. توسان ملڻ چاهيان ٿو. تون ڪٿي ملندين؟. چيم تون پهچي، مون کي رڳو فون ڪجان. مان تو وٽ پهچي ويندس.”منھنجو جملو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو شام جو اسان ڪجھه دوست چانھه جي ڪپ تي گڏ ٿيندا آھيون ..جڏھن مون اها ڳالھه حبدار سان ڪئي. ته هن چيو ”زبردست آھي پيارا“. پوءِ ڇو نه دوستن کي گهرائي هڪ ادبي عملي ڪچهري عابد مظھر سان رکجي. مون کي به ڳالھه وڻي. عابد مظھرکان فون ڪري پڇي ورتوسين. ائين هڪ خوبصورت پروگرام جڙي پيو مون کي ڏاڍي خوشي ٿئي آھي ته اڄ عابد مظھر اسان جي وچ ۾ آھي ۽ هي محفل ڄڻ ستارن سان ڀريل هڪ خوبصورت ادبي آڪاش بڻجي پيو آھي عابد تنهنجي وڏي مهرباني تنهنجا قرب جو تون هڪ دوست جي پٽ جي شادي ۾ تنوير جي خيرپور آئين، ۽ اسان جي محفل ۾ به رنگ وکيري رنگ برنگي بڻائي ڇڏيئي ھڪ ڪھاڻيڪار جي اھو ئي ايوارڊ ھوندو آھي اھا ئي مڃتا ھوندي آھي ته ھن سان ھن جا پڙھندڙ پيار ڪن ٿا. ھن کي دل سان مان ڏين ٿا عابد مظھر تون اڄ اسان جي اڱڻ تي پير ڀري آيو آھين..سچ ۾ تون اسان کي پيارو آھين ۽ تون سنڌ ڌرتيءَ جو سچو ڪلاڪار .آھين.. اسان جو ھي پيار ئي توکي اسان پاران مڃتا ايوارڊ آھي... جيڪو سڀني سرڪاري ايوارڊن کان گھڻو مٿاھون آھي .

عابد مظهر جي ڪهاڻين جي ڪتاب محبت ۽ مايا جو مختصر اڀياس

عابد مظهر جي ڪهاڻين جي ڪتاب محبت ۽ مايا جو مختصر اڀياس
- مختيار چنو

”محبت ۽ مايا“ عابد مظهر جي ڪهاڻين جو تازو ڇپيل ڪتاب آهي. ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.
ڪتاب ۾ نينو، فليش ۽ مختصر ڪهاڻين سميت پنجٽيھه ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر، محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي لکيو آهي ڊاڪٽر شير مهراڻي مھاڳ ۾ عابد مظهر لاءِ لکيو آهي ته
”ڊاڪٽر عابد مظهر توڙي جو بنيادي طور تي هڪ شاعر ۽ محقق آهي، پر سندس ڪهاڻين ۾ پڻ هڪ تکي ۽ چڀندڙ تنقيد موجود آهي. ڪي نقاد صرف ادب پارن جو تنقيدي جائزو پيش ڪري سگهاري ادب جي تخليق ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. پر ڪي اهڙا تخليق ڪار به ھوندا آھن، جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ سماج جا نقاد هوندا آهن. هو پنهنجي تحريرن ۾ سماج جو تنقيدي ڇيد پيش ڪندا آهن. ڊاڪٽر عابد مظهر پڻ سماج جو نقاد آهي. هو سماج جي ڪِرندڙ قدرن طرف آڱر کڻي ٿو. سماج کي هاڪاري رخَ ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو.“
ڪتاب تي ضياءَ ابڙو به مختصر پر جامع تبصرو ڪيو آهي. عورت ڪهاڻيڪار ۽ شاعره ساجده جبين پڻ عابد مظهر تي لکيو آهي.
پنھنجي پاران ۾ ڊاڪٽر عابد مظهر، پروفيسر آرنولڊ جي ٽوئن جون ڏاڍيون خوبصورت سٽون ڪوٽِ ڪيون آهن.
”هن دؤر جا فني ڪمالات پنهنجي جاءِ تي بقا ۽ حڪمت جي ضمانت نه ٿا ڏئي سگهن. هر تمدن فني مهارت جي ڪمال تي پهچي پنهنجي اخلاقي سرمائي کان نظر هٽائي پنهنجو آخري قدم ڄڻ خودڪشيءَ ڏانهن وڌائيندو آهي. اهو به ممڪن آهي ته هن دؤر جا انسان ان تاريخي فيصلي مان سبق حاصل ڪري پنهنجي تمدن جو رخ امن ۽ جنگ جي ڪشمڪش ۾ رهندي، پنهنجي جنگي منصوبن ۽ انسان ڪش اوزارن ۾ ڪا گهٽتائي آڻي سگهي ۽ امن پسند بڻجي وڃي“
ڪتاب ”محبت ۽ مايا“ پڙھندي ،مون کي لڳ ڀڳ مھينو لڳي ويو. جنهن جو هڪ سبب ته وقفي وقفي سان بارشون وسي رهيون هيون. بارشن ۾ اڪثر ڪري مون کي اڪيلائي کان ڀؤ ٿيندو آهي. مَنُ ويڳاڻو ٿي ويندو آهي. لکڻ پڙهڻ کان پري ٿي ويندو آهيان.
ٻيو ڊاڪٽر عابد مظهر جي ڪهاڻين جو ڊڪشن اهڙو هو. جنهن کي سنجيدگي ۽ اڪيلائي جي ضرورت هئي. جيڪا گهٽ ميسر ٿي رهي هئي.
ٽيون، ڊاڪٽر عابد مظهر جي هڪ ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ، ڪهاڻيءَ اهڙو جڪڙي پئي ڇڏيو جو ان مان مزو وٺڻ ۾، مزو ئي پنھنجو هو. ان ڪري ڪهاڻيون لڳاتار هڪ ويهڪ ۾ پڙهي مزو خراب ڪرڻ نه پيو چاهيان.
چوٿون ڊاڪٽر عابد مظهر، تصوف ۽ فلسفي جو ماڻهو آهي. مان بنھه اڻڄاڻ، ان ڪري سمجهڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون اچي رهيون هيون.
اچو ڊاڪٽر عابد مظهر جي ڪهاڻين جي ڪتاب محبت ۽ مايا کي گڏجي پڙهو.
”ڪي اوڏا ئي ڏور“ ڊاڪٽر عابد مظهر جي هڪ شاهڪار مختصر ڪهاڻي آهي. جيڪا سوشل ميڊيا جي تيز ترين دؤر جي طوفان ۾ وڃايل محبتن، روين ۽ رسمن جي ڪهاڻي آهي. ايڪهين صديءَ جي سائنسي انقلاب ۽ جديد ٽيڪنالاجي دنيا کي ڳنڍي ويجهو ته ڪري ڇڏيو آهي پر جذبن ۽ احساسن کان خالي بڻائي ڇڏيو آهي.
موبائيل ڪري اوطاقون ويران ٿي رهيون آهن. جتي سکيا ٿيندي هئي. جتي ادب ۽ آداب سکبا هئا. پاڙي پروڙ، ڳوٺاڻن جي ڏکن ڏولائن جي خبر پوندي هئي. پنهنجي ماضيءَ جي وزڊم، لوڪ ادب جي سڃاڻ ٿيندي هئي. موبائيل جي عام ٿيڻ سان متاثر ٿيو آهي. ”ڪي اوڏا به ڏور“ سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽ فيڪلٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هڪ گروپ جي ڪهاڻي آهي. جن جي مثالي دوستي هئي. جيڪي هڪ ٻئي تي ڪَک به نه سهندا هئا. جتي ادب، تاريخ ۽ ثقافت تي ڊگهيون ڪچهريون ڪندا هئا. موسيقيءَ تي نچندا هئا، ڊڪندا هئا، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئا. ائين اک ڇنڀ ۾ وقت گذري ويو. ڌار ٿي ويا.
پوءِ به خطن ذريعي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهندا هئا.
موبائيل آئي ته اڃا به ويجھا ٿي ويا. خطن جو انتظار ختم ٿي ويو ويو. تريءَ تي تخت ٿي ويو. ماضيءَ کي ياد ڪرڻ لاءِ دوستن جي گڏيل صلاح سان ڪينجهر تي گڏجڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو.
مقامي دوست عابد ميزباني ڪئي. دوستن سان وڏا وڏا ڀاڪر پائي مليو. دعا سلام کان پوءِ، جلد سڀ پنهنجي پنهنجي موبائيلن ۾ لڳي ويا. آخر ماني کان پوءِ عابد چيو
”دوستو موبائيل تي پوءِ به ڳالهائي سگهو ٿا. اچو ته پاڻ ۾ ڪچهري ڪريون“
مگر مايوسي پلئه پئي. نهاري نهاري ٿڪجي گهر هليو ويو. اتان فون ڪري، پنهنجي اندر جو اظهار ڪرڻ چاهيو، سڀ فون مصروف هئا.
واپس اچي غصي ۾ سڀني کان موبائيليون کسي ٿو. پر هن جا دوست هن جي احساسن کي نه سمجهي وڏي عمر وارو چريو سمجهي چٿرون ڪن ٿا.
نيٺ فونون واپس ڪري گهر هليو وڃي ٿو.
ڪهاڻي جو ڪلائمڪس سادو پر پُراثر آهي. اچو ته پڙهون.
”صبح جو جيئن ئي نيرن کڻي ويو ته شاميانو خالي لڳو پيو هو“
”راند“ ڊاڪٽر عابد مظهر جي اهم ۽ سنجيدھ موضوع تي لکيل مختصر ڪهاڻي آهي. ڊاڪٽر پنهنجي ڪمال آرٽ سان 73 سالن جي تاريخ، الزامن، المين ۽ زيادتين کي مختصر ۽ جامع انداز ۾ سهيڙي، ڪاميابي سان ڪلائمڪس تي پڄايو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جتي حقيقتون آهن، ڳوهيل احساس آهن اڌما آهن. شڪايتون آهن اتي ڪروڌ ۽ طنز به آهي. هن ڪهاڻيءَ، مون کي ڪي ئي ڪلاڪ ڀوڳرايو آهي. اچو ته پڙهون.
ڪڪو رت ۾ ڳاڙهو ٿيو اندر گهڙيو، کيس ان حالت ۾ ڏسي هوش خطا ٿي ويا. پڇيو مانس ڇا ٿيو پٽ؟
کلندي چيائين: بابا اڄ پاڪستانين ۽ سنڌين نئين راند ڪئي، ڏاڍو مزو آيو.
ھا بابا هيٺ ڪامپليڪس جي پڌر تي کوڙ ٻار گڏ ٿياسين. ڪي ٻار پاڪستاني ٿيا ۽ مون کي سنڌي بڻايائون، مون گهڻو ئي ضد ڪيو ته مان پاڪستان ٿيندس پر هنن چيو ته سنڌي، پاڪستاني ڪونه ٿيندا آهن.
ھڪ صفحي کان به گهٽ ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي لکي ٿو.
”ڪجھه ٻار ڄڻ سچي پچي مون سان وڙهندا رهيا ۽ ڪجھه منهنجي نالي چوندا رهيا, سالا غدار هي سنڌي پاڪستاني نهين هو سڪتي“
”فليٽ جي دري کولي هيٺ نهاريم، ٻار اڃا به نعرا هڻي رهيا هئا سالا غدار ٿا، ڀاگ گيا.“
ڪهاڻي جو ڪلائمڪس ۾ ڪيتري معصوميت ۽ سادگي آهي.
”مان هنن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي هيٺ هنن کي مارڻ لاءِ جيئن ئي لٿس ته منهنجي ڪڪي ٽنگن ۾ چنبڙندي چيو:
”بابا نه، ڪاوڙ نه ڪيو اسان ته راند پئي ڪئي.“
”پاڪنِ جو مقامُ“ جيتوڻيڪ هي روائتي ٿيم واري ڪهاڻي آهي. پيرن، سيدن ۽ حويلين ڪافي گهڻو لکجي چڪو آهي. ان جو ردعمل به آيو آهي. هن ۾ ڊاڪٽر عابد مظهر آرٽسٽڪ ٽچ ۽ خوبصورت ڊائيلاگن سان ڪهاڻيءَ کي انفراديت ڏني. ان ۾ دلچسپي پيدا ڪئي آهي.
عام طور تي اسان جي سنڌي سماج ۾ شاديءَ کان عورت جي ذات مڙس جي ذات سان بدلبي آهي. پر بدقسمتيءَ سان سيدن جي غير سيدن مان شادي کان پوءِ ان جو خاندان عورت کي دلي طور قبول ناهي ڪندو هو. هو سيد بڻجي ناهي سگهندي. ان جي اولاد کي ڌاري ماءُ جي مهڻن مان گذرڻو پوندو آهي. ڌاري ماءُ هجڻ ڪري، مريد ان کان دعا ڦيڻو، ڍاڳو سڳو گهٽ ڪرائيندا آهن. ڪهاڻيءَ جو ليکڪ پاڻ به سيد آهي. جنهن پنهنجي مشاهدي جي بنياد ڪهاڻي لکي آهي.
ڪهاڻي ”پاڪن جي مقام“ ۾ جڏهن سائين وڏي مرحوم جي امتڻ زال وفات ڪري وڃي ٿي. پوري ڳوٺ، حاويليءَ جي نوڪرن چاڪرن ۽ امتڻ مان پٽَ جون اکيون آليون آهن، سواءِ سيدن جي.
اچو ته ڪهاڻي کي گڏجي پڙهون.
”هي مقام ڳوٺ جو قديم وڏو مقام آهي. پهريائين سيدن جون قبرون آهن ۽ پٺيان سيد چواڻي ڪُتِ خلق جون قبرون آهن.“
اوچتو سيدن منجهان هڪ ڪراڙو سيد منهن ۾ سونڊ پائي سڌو مقام ڏانهن لوھَ ڪئي. ڇتي ڪتي جيان پري کان ئي ڏاڙهيندي چيو
”ذليلو شرم ناهيوَ جو هڪ امتي مائي لاءِ وڏن سيدن ۽ آرياڻين جي ڀرسان قبر ٿا کوٽيو“
سائين ڪير به آهي. توهان جي ڀاڄائي آهي. سائين وڏي پنهنجي شوق مان شادي ڪئي هئي.
”ڪارو منهن ڪيو هئائين، انهي ڪري ته هاڻي ڪو سيدن جي عزت ڪونه ٿو ڪري، هڻي اسان جي ذات جو خانوخراب ڪري ڇڏيو آهيس. انهيءَ کي پورينداسين ته سڀني سيدن جون جيڪي ڪنيون ذاتيون زالون بڻجيو ويٺيون آهن. تن کي به هتي پورڻو پوندو. ائين سيدن جي مقام ۽ امتين جي مقام ڪهڙو فرق رهندو؟ “
ڪهاڻي جو ڪلائمڪس
سيد چوڻ نه مڃندي ڏسي هٿ کڻي پٽيندي چيائين :
”ڀيڻان پاڪن جي مقام سان هٿ چراند ٿا ڪيو پر ڏسجو آرياڻين جي بد دعا سان توهان جا ٻئي هٿ ٽڪرا ٿيندا، نه به ٿيا سڀاڻي ايم. پي. اي کي چئي توهان کي جيل جو در ضرور ڏيکاريندس.
”گم ٿيل محبتون“ هڪ سٺي ڪهاڻي آهي. ادب نه صرف تفريح مهيا ڪندو آهي. پر معاشري جي عڪاسي پڻ ڪندو آهي. ادب قومن جي تاريخ هوندو آهي. ڊاڪٽر عابد مظهر پنهنجي ڌرتيءَ تي، پنهنجي ماڻهن جي بي وسي ۽ بي حسيءَ جي ڪهاڻي پيش ڪئي آهي. ڌاريو، جنھن کي ڌرتيءَ واسين، پنهنجو هم مذهب سمجهي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. پنهنجا اجھا حوالي ڪيا. بي مثال مهمان نوازي ڪئي. اڄ انهن ڌارين اصل رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڌرتيءَ جي وارثن جو روز قتلام ٿي رهيو آهي. انساني رت وهي رهيو آهي. شهر ويران ٿي ويا آهن. جڏهن رينجرس شهر جو امن امان سنڀاليو. ڪجھه امن ٿيو.
پنهنجي گهر کان بي گهر بڻيل شخص جي تڙپ ڏسڻ وٽان آهي. هن کي پنهنجي گهر پڄڻ جي ڪيتري جلدي آهي. رستا ۽ گهٽيون هن جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿيون.
جن ماڻهن سان هن زندگيءَ جو وڏو حصو گذاريو هو. انهن جي ڏک سک ۾ ڪم آيو هو. اهي هن کي خون خوار نظرن سان ڏسن ٿا. هن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا. اوپرائپ جو احساس ڏيارين ٿا.
ڪهاڻي ”سون سريکا هٿڙا“ به موضوع حوالي سان سٺي ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي ايم. آر. ڊي تحريڪ جي پس منظر لکي ويئي آهي. جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ آمريت خلاف وڏي جدوجهد هئي. جيتوڻيڪ اها خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگهي. پر پاڪستان جي تاريخ تي پنهنجا وڏا اثر ضرور ڇڏيا. ماڻهن جهموريت لاءِ جيل ڪاٽيا، ڪوڙا کاڌا، جانيون ڏنيون لٽيو ۽ ماريو ويو. جنهن جي رد عمل ۾ گهڻو مزاحمتي ادب تخليق ٿيو. جيڪو تاريخ جي رڪارڊ تي موجود آهي جنهن جا معاشري تي مثبت ۽ منفي اثر پيا.
سون سريکا هٿڙا ۾ آمريت جي خاتمي کانپوءِ جهموريت آئي. جهموريت سان ماڻهن کي وڏيون اميدون سلهاڙيل هيون. جهموريت ايندي ته سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي ويندو. عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ملندو. گڊ گورنس جا بنياد پوندا.
پر بدقسمتيءَ سان ائين نه ٿيو. جهموريت اچڻ کان پوءِ نوان ٽرينڊ جُڙيا. جيڪي قبول ڪرڻ جهڙا نه هئا. جيڪي سٺي حڪمراني جي برعڪس بڻيا.
ھي ڪهاڻي به هڪ اهڙي خود دار، ذهين ۽ اهل نوجوان جي ڪهاڻي آهي. جيڪو ڊگريون کنيو روزگار لاءِ ڀٽڪندو وتي ٿو. جنھن آفيس ۾ وڃي ٿو، اهليت جي برعڪس هن کان جيل جو سرٽيفڪيٽ گهرن ٿا. هو ٿڪجي مايوس واپس گهر جي فٽ پاٿ تي ويهي رهي ٿو.
”ڀاڻس جو آواز.... مفت جون مانيون کائي سڄي پيو آهين. صاحب ڪجھه روزگار لاءِ به هٿ پير هڻين ٿو يا نه؟
هن وڏي ڀاءُ کي کلندي چيو هو، هڻان ٿو پر هو ڊگرين سان گڏ ڦٽڪن کائڻ ۽ جيل جو سرٽيفڪيٽَ گهرن ٿا، جي مون وٽ ڪونهن.“
ڪهاڻي ”دعا جي چمي“ هڪ تمثيلي انداز ۾ رچيل بهترين ڪهاڻي آهي. اهڙي شخص جي ڪهاڻي جنهن جي عبادتن ۽ رياضتن جي پويان به هَوَس لڪل آهي. جيڪي پيريءَ ۾ به نه مري.
ھي بنا راءِ جي ڪهاڻي آهي. پڙھندڙ، پاڻ پنهنجي راءِ جوڙين. ڪهاڻي جون سٽون ڳالهائڻ ٿيو.
”اڄ تون بخشجي وئين، تنهنجي اڄ کان ڊيوٽي بهشوت جي خاص گيٽ تي آهي. خاص طور تون هن گيٽ مان داخل ٿيندڙ ابهم ڪنيائن ۽ خوبصورت عورتن جي تلاشي وٺي خاص دعا جي چمي سان کين اندر ڇڏيندين... سفيد ريش ملڪ اڻ لکي مرڪ مرڪي ڪنڌ هيٺ ڪري چيو: "باڇاهن جا باڇاھ اڄ تون منهنجي جواني واپس ورائي ڇڏي، منهنجي ٻوڙپڻ، ڏڪندڙ هٿن، سنڌن جي سور جو علاج پراڻي جُڳ جي حڪيمن به اهيو ئي ٻڌايو هو ته تنهنجو علاج ابهم ڪنيائين، اپسرائن ۽ سهڻين ڇوڪرين جي چمڻ آهي. هو ڏڪندي ڏڪندي باڇاهن جي باڇاھ کي سجدي ڏيڻ لاءِ جيئڻ ئي جهڪيو ته هن کي پاڻ ۾ جوانيءَ جي دل فريب سگھه محسوس ٿي.“
ٻئي هنڌ :
”هي ڏاڍي سختي سان سر کان وٺي پيرن تائين وري پيرن کان وٺي سر تائين. چپن ڇاتين وٽ وڃي انهن بمن کي خاص نرم ڇهاءَ سان چيڪ ڪندو هو، هو انهن کي جيئن ئي ڇهندو هو ته دوشيزه، ابهم ڪنيائن، اپسرائن کان سسراٽيون نڪري وينديون هيون. پر بهشت ۾ وڃڻ جي تاحيات خوشيءَ ۾ وري جوان ٿيندڙ بزرگ جي کهرن شيطاني هٿن جا ڇهاءَ برداشت ڪري وٺنديون هيون“
ڊاڪٽر عابد مظهر جي ڪتاب محبت ۽ مايا مان ڪجھه ٽڪرا پڙهندڙ جي دلچسپيءَ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا.
صفحو.................. 30
”تون مون سان ملڻ کان اڳ ڇا ڪندو هئين ۽ منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڇا ڪندو آهين؟“
هن وراڻيو هيس ”تو کان اڳ ۾ ڳولا جاري هئي ۽ هاڻي به جاري آهي. اڳ ڪتاب پڙهندو هيس، سڪون جي ڳولا ۾ نمازون پڙهندو هيس. هاڻ انهن سڀني کي ڇڏي تنهنجي چهري جي عبادت ڪندو آهيان. تنهنجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي اڌ وهيءَ واري عمر ۽ تنهنجي مکڙيءَ مان گل ٿيڻ واري عمر تي سوچيندو آهيان.“
صفحو.............. 35
”هو عجيب قسم جو انسان هو. نشن ۾ هوندي به نماز پڙهندو هو، پاسي ۾ مڌ جي بوتل، مصلو ۽ تسبيح پئي هوندي هئي. ٻانگ اچڻ سان نماز پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويندو هو.“
صفحو................. 86
”ها اسان ٻئي پوڙها ٿي ويا آهيو. پر خبر اٿئي اسين جوانيءَ ۾ پاڻ کي پوڙهو ڇو محسوس ڪري رهيا آهيون.؟“
وراڻيءَ ۾ هن کيس چيو، ”ها هڪ ٻئي کي نه سمجهي سگهڻ ڪري ڪيترائي مسئلا ڪٺا ٿي ويا آهن. شايد اهو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو.“
صفحو.................... 93
امان ڏاڍي ڏک واري انداز ۾ چيو ”چاچا ڪڏهن به سڳن پيئرن جيان سوچون نه رکندا آهن. پنجن سالن جو عرصو تنهنجي زال ۽ مون سان سانحو ٿي گذريا آهن. هينئر هن جي پيٽ ۾ چاچهين جو.... “
صفحو............ 115
”جيون گھارڻ لاءِ پيار ئي سڀ ڪجھه ناهي.“
صفحو........... 126
”جڏهن کان تون ڪراچيءَ ۾ مهاڻي جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهين. تڏهن کان لکڻ پڙهڻ کان آڱوٺو ڪڍي ويٺو آهين.“
مون ڊاڪٽر عابد مظهر جون سڀ ڪھاڻيون پڙهيون آهن. جيڪي ھن جيان معصوم آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ معاشري تي اڻ ليکي ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ طنز جاءِ بجاءِ ملي ٿي. احتجاج ملي ٿو.
مون هتي جيئن محسوس ڪيو لکيو آهي. مان ڪو عالم، اديب يا نقاد ناهيان. منهنجو اڀياس حتمي به ڪونهي. ائين ناهي ته ڊاڪٽر عابد مظهر تنقيد کان آجو يا مٿانهون آهي.
مون ڪوشش ڪري ڪهاڻين جا سگهارا پاسا کنيا آهن.
ھتي مان نامياري محقق، نقاد ڊاڪٽر شير مهراڻي جي لفظن دهرايان ٿو، جيڪي هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ چيا آهن.
"ڊاڪٽر عابد مظهر جديد ڪهاڻيءَ جو وڏو نالو آهي"

عابد ماڻهو مکڻ آهي

عابد ماڻهو مکڻ آهي
- امر اقبال

سائين عابد مظھر سان منھنجي ملاقات 90 واري ڏھاڪي جي شروعات ۾ ٿي ھئي. ان وقت پاڻ ٽين ائجر ھياسون. ملاقات ڪٿي ٿي ھئي؟ اھو مون کي ياد ناھي. ھا، ساڻس ميل ملاقات ٻن جاين تي ٿيندي ھئي. ھڪ رمپا پلازا ۾ ھر خميس جي شام جو ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾، ۽ ٻيو ڪڏھن ڪڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾، جتي پاڻ ان وقت ليڪچرار هيو، ۽ منھنجو ناول نگار دوست دوست پرويز ابڙو، سنڌي شعبي ۾ پڙھي رھيو ھيو. مان ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ سان ڀت ڀت ۾، اين. اي. ڊي يونيورسٽيءَ جي سول ڊپارٽمينٽ ۾ پڙھي رھيو ھيس ۽ اتي ئي ايم بي (ڪيو ون ھاسٽل) ۾ رھندو ھيس. ٻنهي يونيورسٽين جي وچ واري ديوار ۾ ھڪ وڏو گرکو ھوندو ھيو، جتان شاگرد هيڏانهن هوڏانهن ايندا ويندا ھيا. سو، ڪڏهن پرويز پاڻ، يا پنهنجي دوستن سميت اسان ڏي ايندو هيو، ڪڏھن اسين وڃي وٽس نڪرندا ھئاسون.
انھن ڏھاڙن ۾ عابد مظھر صاحب اڃان ٻي شادي ڪونه ڪئي ھئي ۽ يونيورسٽي روڊ تي واقع ”اسلامڪ آرڪيڊ“ جي ھڪ فليٽ ۾ ڇڙو رھندو ھو. منهنجو وٽس انهيءَ فليٽ تي به ھڪ ٻه دفعا وڃڻ ٿيو. سندس فليٽ جا دروازا، سندس دل وانگر، سندس اديب دوستن لاءِ ھميشه کليل ھوندا ھئا.(انھيءَ حوالي سان ھڪ لطيفو/ٽوٽڪو به پنھنجي ادبي حلقن ۾ مشھور ٿيو، ان جو ذڪر ڪنهن ٻي جاءِ تي.) اڳتي ھلي سائين عابد مظهر جڏھن ٻي شادي ڪئي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ئي ايمپلائيز ڪالونيءَ ۾ ھڪ ننڍڙي خوبصورت فليٽ ۾ سگهرو رھڻ لڳو. انھيءَ فليٽ ۾ ھڪ سال ڪونڊن واري نياز جي سڏ تي، مان ۽ پرويز ابڙو به وڃي نڪتا ھياسون. حلوو، پوريون، کيرڻي ۽ مٺيون مانيون اڄ به ياد آھن. سائين عابد مريضِ محبت ته ھيو ئي، اڳتي ھلي ڊاڪٽر به ٿي ويو.
انھيءَ دؤر ۾ (سال ياد نه اٿم) سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”وڇوڙي جو آٽو گراف“ شايع ٿيو ھو. مون کي به گفٽ ڪيو ھيائين، ۽ مون وري ڪتاب تي ھڪ تفصيلي مضمون لکي، کيس گفٽ ڪيو ھو. اھو مضمون الائي ڪاڏي گم ٿي ويو؟ مون وٽ ڪاپي به نه ھئي..( ”گم ٿيل محبتون“ سندس ڪھاڻين جو ڪتاب آھي، جيڪو شاعريءَ جي ڪتاب کان آڳاٽو ڇپيو ھو.)
اھي ئي سال ھيا، سکر ۾ مرحوم بشيرمنگيءَ سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر پاران، نازسنائيءَ، عابد مظھر ۽ ممتاز بخاريءَ سان رهاڻ رچائي ھئي (شايد ”ڪينجهر ايوارڊ“ ملڻ جي حوالي سان) انھيءَ تقريب ۾ به مون سائين عابد جي حوالي سان مختصر مضمون پڙھيو ھيو.
پر افسوس جو اھو مضمون به ھيڏي هوڏي ٿي ويو ۽ منهنجي ھيل تائين ڇپيل ڪنهن به ڪتاب ۾ شامل ٿي نه سگهيو.
سائين عابد مظھر سڄي عمر پيار ورھايو آھي. دوست سندس سچائيءَ ۽ خلوص کي سندس سادگي سمجهي کيس رنجائيندا ۽ ايذائيندا به رھيا آھن، پر ھن ملنگ ماڻھوءَ ڪڏهن به ڪنھن سان ٻاڙو ڪونه ٻوليو. سائين ايازگل جي سٽ ”جو شخص پيار، رڳو پيار ٿو ڪرڻ ڄاڻي“ سچ پچ ته مون کي عابد مظھر صاحب جي شخصيت تي به صفا فٽ نظر ايندي آھي. رمپا پلازا ۾ دوستن سان سندس رسڻ ۽ پرچڻ، مان ڪيئن ٿو وساري سگهان؟ ڇا تہ ڏينهن ھوندا ھئا اھي. اڄ به عابد صاحب سنڌي ادبي سنگت سان ساٿ ۾ سلھاڙيو پيو اچي. ھو ڪراچيءَ ۾ سنڌي اديبن جي گڏجڻ ۽ گڏجي ويھڻ جا بھانا ڳوليندو رھندو آھي.
ڪجھ عرصو اڳ عابد صاحب جو خيرپور ڪنهن ذاتي ڪم سان اچڻ ٿيو، مون سان رابطي ۾ ھيو. مون ريڊيو خيرپور تي پنهنجي پروگرام ”ادبي سنگت“ ۾ ساڻس تفصيلي گفتگو رڪارڊ ڪرائي، پوپٽ پبلشنگ ھائوس جي آفيس ۾ اديب دوستن سان سندس ڪچھري رکرائي، پاڻ پنهنجو ڪھاڻين جو نئون ڪتاب ”محبت ۽ مايا “ گفٽ ڪيائين. ائين اھي سڀ گهڙيون يادگار بڻجي ويون. ھن نئين ڪھاڻي ڪتاب ۾ ھن بنھه مختصر ڪھاڻيون لکڻ جو تجربو ڪيو آھي. ٿورو عرصو اڳ پي ٽي وي ڪراچي مرڪز تي ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جي ڊائريڪشن ۾، هفتيوار ادبي پروگرام ”ادب سنسار“ جي سيٽ تي ساڻس تفصيلي ڳالھه ٻولھه ٿي، جنهن ۾ ھن دل کولي، جهانگارا، باجارا، کان وٺي سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ تائين جي ڳالھين ۽ يادن کي ساريو.
عابد مظھر صاحب جو مانوارو والد صاحب سيد مظھر سيوهاڻي پنهنجي وقت جو ناميارو شاعر ھيو. سندس ڊاڪٽر عطا محمد ”حاميءَ“ سان به محبت ۽ دوستيءَ جو رستو ۽ رشتو ھيو. حامي صاحب پنهنجي ھڪ شعر ۾ سندس نالو کڻي کيس ياد ڪيو آھي. مون انھيءَ شعر واري ڳالھه جڏھن عابد صاحب کي ٻڌائي ھئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ھيو. ھونئن به ھو ٻارن وانگر خوش ٿيندو آھي ۽ ٻارن وانگر رنج ٿيندو آھي. پاڻ ستر کي اچي لڳڻ وارو هوندو، پر من ۾ ستن سالن جو ٻار اڃان به ويٺو اٿس. علم، ادب، شاعري سائين عابد مظھر کي ورثي ۾ مليا آھن.. ھو انهيءَ ورثي جو امين رھيو آھي. رب سائين کيس صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري. اسان کي انتظار آھي، سندس لکيل آتم ڪٿا جو، جنهن جو اعلان ھو آڳاٽو ڪري چڪو آھي. ڀؤ اھو به آھي ته اھا ڪٿا اسان جي ادبي سماج کان ھضم به ٿي سگهندي الائي نه ...

سانوڻ جون هي بارشون، سائين عابد مظهر جون ڪهاڻيون ۽ مان

سانوڻ جون هي بارشون، سائين عابد مظهر جون ڪهاڻيون ۽ مان
- انور ڪاڪا

ٻاهر بارش هاڻي مڪمل ٿمجي چڪي آهي! مون به سائين عابد مظهر جي ڪهاڻي ڪتاب جي آخري ڪهاڻي ”ڪهاڻيڪار “ پڙهي بس ڪئي آهي. ڪهاڻي نه ، اصل ڪهاڻيڪار جي ڪائنات کي پڙهي بس ڪيو آهي. جنهن ۾ ڪهاڻيڪار ڪهاڻي طرف موٽي اچڻ جو پنهنجي ڊائريءَ سان واعدو ڪيو آهي!
ڊائريءَ سان الائي پنهنجي محبوبه سان .... پنهنجي محبوبه سان الائي پنهنجي ڳوٺ جي مٽيءَ سان ! تڏهن ته ان حرفن مٿان پنهنجا چپ رکي ڇڏي ٿو.۽ واقعي ڪهاڻيڪار پنهنجو واعدو پورو ڪيو. محبت ۽ مايا جي صورت ۾!
بيحد خوبصورت ٽائيٽل وارو ڪتاب منهنجي هٿن ۾ آهي.... نگاهن کي بلڪل فريز ڪري ڇڏيندڙ، ساھ کي پڻ! ويجهڙائي ۾ اهڙو ٽائيٽل مون کي ٻيو نظر ناهي آيو . جنهن کي ڏسڻ کان پوءِ جند ڇڏائي سگهجي، ڀت ۾ نهار ....ٽائيٽل جا ٻه چهرا سامهون، هڪ محبت جو ٻيو مايا جو.۽ مون جهڙو جڳاڙي پڙهيل ، نظرن جي فرق کي به سمجهي نه سگهندڙ ، فيصلو نه ٿو ڪري سگهي ته مايا ڪهڙي آهي؟ محبت ڇا آهي ؟ مايا ڇا آهي ؟.
اسان جيڪي ٽڪرا ٽڪرا ڏسون ٿا ، اسان جيڪي ٽڪرا ٽڪرا جيئون ٿا، اسان جيڪي ٽڪرا ٽڪرا روئون ٿا.... ۽ ٽڪرا ٽڪرا ساهه کڻون ٿا. اهي اهڙي گهري ۽ ڪن لاءِ شايد متان آسان هجي اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ ، پر مون پارا وچ تي رهجي ويندا آهن. منظر ۽ اک جي وچ واري فاصلي تي .... پنهنجي دل ۾!
مينهن وري وسڻ شروع ٿيو آهي ، اک اک وسي رهي آهي. ڪهاڻي ڪهاڻي وسي رهي آهي، سانجهيءَ جي اذان پئي اچي ، اها وسي رهي آهي. مون کي لڳندو آهي ، سڀ ڪجهه مري ويندو آهي اذان ناهي مرندي! مان دريءَ جي ٻئي پاران اذان جي تصوير ڏسڻ ٿو چاهيان، ... مون کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو، مون کي ساڳئي ئي تصوير نظر اچي ٿي !
مون کي گناھ جو احساس ٿئي ٿو ! مون کي اها تصوير نظر اچڻ گهرجي، مون ٻيهر سامهون دريءَ جي ٻئي پار ڀت تي غور ڪيو آهي، مون کي ڏک ٿئي ٿو ته اصل ۾ مان ڪچيءَ مٽيءَ واري ڀت ڏسڻ ٿو چاهيان سو به فورٿ فلور تي !
مان هاڻي سانجهيءَ جي نماز پڙهي پوءِ لکندس....
تڪڙ ۾ نماز پڙهڻ آيو آهيان، اڄ ڪرونا کان بچڻ واريون دعائون به ڪون پڙهين.... بس ائين هرو ڀرو ڪندا .... اسان ڪيترا نه ڪم هرو ڀرو نه ڪندا آهيون ۽ ڪيترائي نه غير اهن ڪم هرو ڀرو ڪندا آهيون!
مون ڀت تي تصوير ڏسڻ جي ڳالھه پئي ڪئي. ٻاهر هاڻ اونداهي ڇانجي چڪي آهي. مون کي ڪجهه نظر نه ٿو اچي ، پر نه ... غور ڪيو اٿم ته مان مڪمل طور محبت ۽ مايا وارو ٽائيٽل ڏسي رهيو آهيان .
منهنجي نگاھ ان تي ڄمي وڃي ٿي. پر مون کي لکڻو آهي ، پنهنجي واعدي مطابق ... پر مون کي ڇا لکڻو آهي؟ مون ته هيستائين ڪجهه ناهي سوچيو؟
حالانڪ مون سڀ ڪهاڻيون پڙهيون آهن، اُهي ڪهاڻيون آکيرا آهن، اُهي ڪهاڻيون باجارن جو گهٽيون آهن . اُهي ڪهاڻيون... ڪراچي آهن. اُهي ڪهاڻيو وطن آهن. ۽ جيڪي به ڪهاڻيون وطن واريون هونديون آهن، جيڪي به ڪهاڻيون اکين واريون هونديون آهن. اُهي ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون هونديون آهن.
اُهي ڪڏهن به مرنديون ناهن ، اهي ڪڏهن به وسرنديون ناهن، انهن کي اکيون ڳائينديون آهن، انهن کي نظم ڳائيندا آهن..
سائين عابد قران ! مون توهان جون ڪهاڻيون پڙهيون ، ڇو جو مون کي باجارا جي گهٽين ۾ ڏسڻو هو، ڏسڻو نه پر انهن ۾ رلڻو هو ، ۽ ڪنهن دڪاندار کان اوڌر تي ڪا کائڻ جي شيءِ وٺڻي هئي. ان شرط تي ته مان وڏو ٿيندس ۽ جڏهن کوڙ سارا مون وٽ پيسا ٿيندا، تڏهن مان توکي موٽائڻ ايندس ! ۽ اُهو به ڏسڻو هو ته اتي جي گهٽين ۾ ڪا پنهجائپ آهي، انهن گهٽين کي اکيون آهن، اهي گهٽيون لڪ لڪوٽي راند ڪنديون آهن .
۽ انهن اکين کي دل آهي !اهي روئنديون آهن يا کلنديون آهن!
مون کي اس واري ڏهاڪي واري حيدرآباد ڏسڻي هئي. مون جهن سنڌ يونيورسٽي به ناهي گهمي ، ان پنهنجي پراڻي دؤر کي ڏسڻو هو.
مون کي ڪراچي ڏسڻي هئي، نوي واري ڏهاڪي واري،( سن ٻه هزار ۾ آئون پاڻ اچي چڪو هئس !) مون کي ڏسڻو هو ته توهان جا ڪردار ڇا ٿا سوچين؟
۽ سائين! ٻيو ڇا ڏسڻو هو ؟ باقي مان سڀاڻي لکندس.... هينئر مون کي بک به لڳي آهي، هرو ڀرو ....هينئر مون کي معدي ۾ سور آهي، اهو به هرو ڀرو.... هينئر مون کي مٿي ۾ به سور آهي . اهو به هرو ڀرو !
متان مان سڀاڻي به نه لکان! سچ ! ته مان اڃان ٽائيٽل ، تصوير ۽ عنوان ” مايا ۽ موھ “ تي سوچڻ ٿو چاهيان! مان هڪ ڏينهن ٽائيٽل ۾ ۾ گذارڻ ٿو چاهيان ! مان ان ۾ هڪ ڏينهن روئڻ ٿو چاهيان ... اهو به هرو ڀرو ....
۽ مان توهان تي لکڻ ٿو چاهيان ، اهو به هرو ڀرو ... ڇو جو توهان جو ڪهاڻيون هرو ڀرو جو نه آهن !
توهان جون ڪهاڻيون بارشون آهن، سڀاڻي بارش جي پيشنگوئي آهي. پر وسي نه ٿي...توهان جي ڪهڙي به ڪهاڻي پڙهبي ، اها وسندي ! اها ٻوڙيندي .... اها ڇٽ جي ٽمائيندي باجارا جي ... اها ڇت ٽمائيندي پڙهندڙ جي پيشانيءَ جي.
اها سڀني کي معدي جي بيماريءَ ۾ مبتلا ڪندي ! سائين! ڇا توهان کي معدي جي بيماري آهي؟ اهڙي ڪرب مان ڪيئن ڪهاڻيون لکيون اٿوَ ! پاڻ تي ئي تير ڇو وسايا اٿوَ !
ماڻهو جيڪي ماڻهوءَ جا پٽ آهن ، انهن جون ڪهاڻيون لکيون اٿوَ ! سائين معدي جي تڪليف تي ڪهاڻي ڇو نه ٿا لکو ؟ سائين ! سمهي نه سگهندڙ اکين جون ڪهاڻيون لکڻ کان پوءِ ، ڪٿي هوندا آهيو ؟
دوستن ۾ .... ڪٿي آهن دوست ..... ڀلا توهان کي پڪ آهي ته توهان جا دوست، توهان سان محبت ڪندا آهن ؟ انهن کي ڀلا معدي ۾ سور ٿيندو آهي !
سائين ... مٺا !
مون کي ڪهاڻيون لکڻ سيکاريو نه ! مون ڪهاڻيءَ سان جيڪي ڪلور ڪيا آهن، اهي هاڻي وڃي خبر پئي آهي، توهان جون ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ.... ڪهاڻيون اهي هونديون آهن، جن جي گهٽين ۾ هر عام خاص کي گذرڻ جي اجازت هوندي آهي .... جنهن ۾ ٻي ڪهاڻي کي گهر ٺاهڻ جي اجازت هوندي آهي.
ڪهاڻي جي ڪلهي تي باقي مان سڀاڻي پنهنجو ڪنڌ رکي کيس ڪجهه ڪن ۾ چوندس...
هينئر مون کي هرو ڀرو يو ٽيوب تي ” طارق مهتا ڪا الٽا چشما“ ڊرامو ڏسڻو آهي. سائين! مون کي معدي ۾ سور آهي مان نه ٿو چاهيان ته ، مان ائين لکان ته توهان جي ڪتاب کي معدي ۾ به سور آهي. توهان جي هر ڪهاڻي کي معدي ۾ سور آهي. سائين ! پاڙي مان لڏي نه وڃين ها ته مان توهان کان پڇڻ اچان ها ته، توهان کي اهي ڳوڙھن جهڙيون ڪهاڻيون لکندي معدي ۾ سور ٿيو هو ؟
سائين ! ڀلا ... توهان هتان لڏي ڇو ويا ! حالانڪ هتي هوندي ڪڏهن ڪڏهن ئي ملندا هئاسون ، پر مون لاءِ اهو احساس به ڪافي آهي ته مان سنڌ جي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار جي پاسي ۾ رهندو آهيان. جنهن کي معدي ۾ سور به نه ٿيندو آهي. جنهن جي ڪهاڻين جي ۾ خودڪشي ءَ کي معدي ۾ سور آهي !
زندگي کي نه !
سر! سڀاڻي به ڪنهن ڏٺي آهي ؟ متان سڀاڻي مان نه هجان ، متان سڀاڻي کي به معدي ۾ سور هجي ۽ اها بيماري اڀري.... مان ڪجهه توهان جي ڪهاڻين جي باري ۾ راءِ ڏيندو وڃان ...
اها هي آهي ته سائين ! توهان جون ڪهاڻيون توهان جي دل جهڙيون آهن ، توهان جون ڪهاڻيون سيوهڻ جهڙيون آهن ، جنهن جي دل ۾ سوڙھه نه آهي !

منهنجو سائين...

منهنجو سائين...

- امتياز دانش

اها اڄ کان ويھه سال اڳ جي ڳالھه آهي جڏهن اسان جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ڏوڪريءَ جي ننڍڙي ڳوٺ سيهڙ وليج ۾ نوشهري کان هڪ پيرسن ۽ رٽائرڊ استاد سائين حبيب الله ڪهي ايندو هو ته اسان جي ڳوٺ جا ڳڀرو ۽ ٻيا مٿس ڳاهٽ ويندا هئا. سندس اڳيان ۽ پٺيان نوجوانن جي هڪ فوج هوندي هئي، ان وقت اها ڳالھه مون کي سمجھه نه ايندي هئي. ته آخر ڇا ماجرا آهي جو سائينءَ سان نوجوانن جو ڊنبلو آهي. پنهنجي وڏڙن کان معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته اهي سڀ سائينءَ جا شاگرد آهن. سائين پنهنجي دؤر جو هڪ مثالي استاد هو سندس شاگردن سان پيار، شفقت ۽ ٻاجھه ڀريو رويو هوندو هو، رٽائرمينٽ بعد به سائينءَ کانئن ڀيرو نه ڀڳو آهي. محبت ۽ شفقت وارو سلسلو اڃا برقرار آهي. ان ڪري هو ادب ۽ احترام منجهان ساڻس پاڇي وا نگر گڏ هلن ٿا. اهو ڏسي ۽ ٻڌي تجسس ٿيندو هو ته ڪاش! اسان کي اهڙو شفيق استاد ملي، پر پوءِ زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو به موڙ آيو ۽ هڪ اهڙو ئي مهربان استاد مليو.
هونئن به پرائمري کان ميٽرڪ تائين سائين علي محمد سيهڙ کان ويندي سائين امير علي سيهڙ ۽ سائين عبداللطيف ڪهيري کان ويندي سائين نثار سرگاڻي تائين بهترين استاد مليا، پر حبيب الله ھيسباڻي وانگر جنهن استاد پنهنجي قربت جو قيدي ڪيو اُهو آهي سائين ڊاڪٽر عابد مظهر.
سائين عابد مظهر سان هٿ جوڙيءَ وارو رستو پراڻو هو اهو تڏهن کان جڏهن سائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جو سيڪريٽري هو، پر ڪراچي يونيوسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ ساڻس وڌيڪ ويجھڙائي ٿي. بلڪه مون پاڻ ڪٿي داخلا ورتي هئي، اها ته سائين عابد مظهر ورتي هئي. فارم ڀرڻ کان جمع ڪرڻ تائين سڄو خفو سائينءَ پاڻ ڪيو هو، مان ته رڳو داخلا ھال ۾ وڃي ٽيسٽ لاءِ ويٺو هئس.
سائينءَ سان منهنجا يونيورٽيءَ ۾ ڪجھه سال ئي گذريا پر ائين لڳندو آهي ، ڄڻ ساڻس گڏ منهنجو هر جنم گذريو آهي. هو حساس طبيعت جو مالڪ آهي، سندس شاگردن سان رويو يونيورسٽيءَ ۾ نهايت ٻاجھه ڀريو هوندو هو هو کين هرقدم تي اتساهيندو هو، پڙهڻ کان ويندي لکڻ تائين کين حوصلو ڏيندو هو، سائين جي آفيس ته هوندي ئي شاگردن جي بلي هئي. نه ڪنهن کي جهل نه ڪنهن کي پل....!
سائينءَ جو پنهنجي شاگردن سان رشتو رڳو يونيورسٽيءَ تائين قائم نه رهيو آهي، پر يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ به هو پنهنجي شاگردن جي پڙهائي کان ويندي روزگار تائين هر وقت فڪرمند رهندو آهي. سچ ته مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا استاد تمام گهٽ ڏٺا آهن، جن کي هر وقت پنهنجي شاگردن جو اونو هجي. ڀلا هن اڙانگي دؤر ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري ۽ جنم ڏڻ ياد ياد رکي. پر سائين عابد مظهر کي پنهنجي سڀني شاگردن جو جنم ڏڻ ياد هوندو آهي، ۽ هو ان ڏينهن تي فون ڪري کين واڌايون ڏيندو آهي.
عابد مظهر جو والد صاحب مظهر سيوهاڻي سنڌ جو عوامي شاعر هو، هن پنهنجي پٽ جو نالو مظهر رکيو آهي. سائين عابد مظهر شروع کان ئي تدريسي عمل سان سلهاڙيل رهيو آهي. هن ڪيترن ئي سالن ڪراچي يونيورٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيو اتان رٽائرڊ ٿيو بعد ۾ صوفي يونيورسٽيءَ ڀٽ شاھ ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سائين تدريس سان گڏ ادبي خدمتون به سر انجام ڏئي رهيو آهي. جتي جتي سنڌي ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي اتي سائينءَ جي سڃاڻپ هڪ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ محقق طور آهي.
سائين عابد مظهر صاف دل جو مالڪ آهي ، نه ڪنهن سان وير، نه حسد هر ڪنهن سان پيار، پنهنجي هڪ الڳ واث هٿ جوڙي واري واٽ، پيار سندس فطرت ۽ مزاج ۾ شامل آهي. هو سڀني کي پيار ڏئي ٿو. ۽ موٽ ۾ به کيس اهڙو ئي پيار ملي ٿو. اڄ جي دؤر ۾ ڪنهن کي موٽ ۾ پيار ملي ته ٻيو کيس ڇا کپي.؟
پيار ڏيڻ ۽ وٺڻ جي معاملي ۾ سائين هڪ بي انتها خوشنصيب شخص آهي. سائين عابد مظهر شاعري هجي ، ڪهاڻيون هجن، يا وري مضمون هجن، هو هر لکڻيءَ ۾ پيار جي ڳالھه ڪري ٿو. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي چواڻي وانگر ته ”عابد مظهر جي لکڻين ۾ ان فڪر جو واضع اشارو آهي ته سک ۽ شانتي ڏانهن جيڪو رستو وڃي ٿو، اهو پيار آهي.“
مان علمي حوالي سان پنهنجي زندگيءَ جو جائزو وٺان ٿو ته اها مون کي اڄ کان ڏھ سال اڳ بي رنگ نظر اچي ٿي. ان ۾ ڪير جي رنگ ڀرڻ وارو آهي ته اهو شخص آهي”سائين عابد مظهر“، اڄ جيڪڏهن مان استاد جهڙي اعليٰ ۽ عزت ڀريئي منصب تي آهيان ته اهو صرف ئي صرف سائين عابد مظهر جي صحبت، محبت جي ڪري ئي آهيان، جيڪڏهن سائين عابد مظهر منهنجي آڱر پڪڙي روشنيءَ واري دڳ تي نه وٺي هلي ها، ته شايد مان اونداهين ۾ ڀٽڪندو رهان ها...!!

هڪ صوفي ۽ انسان دوست

هڪ صوفي ۽ انسان دوست

- ڊاڪٽر آمنه سومرو

هڪ استاد، هڪ شاعر، هڪ ڪهاڻيڪار، هڪ محقق، هڪ صوفي منش انسان، جنهن سان ملندي اوهان کي هميشه احترام ، عزت ۽ پيار ملندو . ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو هڪ قابل استاد، قابل فهم شخصيت، جنهن پنهنجي پوري زندگي علمي ، ادبي قافلي ۾ هلي پنهنجي شخصيت سڃاڻپ انتهائي مختلف انداز ۾ بيهاري.
ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي هوُ شاگردن لاءِ استاد کان وڌيڪ هڪ شفيق ۽ انسان دوست شخصيت جو پاڇو هو. .... ڇاڪاڻ جو هوُ پنهنجي شخصيت ۾ سڀني شاگردن لاءِ انتهائي ٻاجهارو ۽ گڻائتو هو. هن ڪڏهن به نه پنهنجي شاگردن سان استادي وارو شخصي روپ نه رکيو سندس سمورا شاگرد هن کي پنهنجو ڀرجهلو ، هڏ ڏوکي ۽ همدرد سمجهندا آهن. هو پنهنجي شخصيت ۾ هڪ سنجيده اديب ۽ ادب پرور آهي. جنهن هميشه علمي ، ادبي ۽ سماجي دنيا ۾ پاڻ پتوڙيو آهي. ۽ پنهنجي پيشي سان سلهاڙيل ادبي ڪم، جنهن جي مخلص طرح سان ريسرچ شامل آهي. تنهن ۾ پنهنجي ڪيترن ئي شاگردن جي منزل جا سونها بڻيا آهن.
هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت م ڊاڪٽر عابد مظهر سينيئر ٽهي ۽ نئين ٽهي جي زاوين کي مسلسل پنهنجي لکڻين کي پيش ڪري رهيو آهي. جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ پڻ سندس نانءُ وڏي حيثيت وارو آهي. هن پنهنجي ڪهاڻي ۾ جتي تنقيد سان گڏو گڏ سماجي مامرن جو حل پڻ ڏسيل آهي. پاڻ بهترين ڪهاڻيڪار هجڻ سان گڏ وگڏ هڪ بهترين شاعر ۽ محقق پڻ آهي.
پاڻ پنهنجي ئي ڪتابن جي ڪهاڻين جي باري ۾ لکي ٿو ته ”مون انساني تاريخ جي هن جديد دؤر جو جڏهن به مطالعو ڪيو آهي. ته مون کان سوشل سائنس کان وٺي محبت، تصوف جو ن ڪهاڻيون سرجيون آهن.“ عابد مظهر ڪهاڻين جي مکيه ڪردار ۾ پنهنجو پاڻ کي ئي قصور وار سمجهي ٿو ۽ ماڻهن جون ملامتون سهي ٿو . عابد مظهر پنهنجي وجود جي ڳولا ۾ باجارن کان نڪري روشنين جي شهر پهتو ، پنهنجي محنت جدوجهد ،جستجو ۽ پنهنجي نهٺائي واري ڪردار سان ، پنهنجي سچائيءَ سان سنڌي ادب ، توڙي سياسي ، سماجي حلقن ۽ خاص طور پنهنجي پڙهندڙن شاگردن واري حلقي ۾ هڪ ڪميٽيڊ شخص ٿي اڀري ٿو.۽ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿئي ٿو. ۽ هڪ سچيتي ساٿ وند استاد جي رويي ۾ هو ڪيترن ئي شاگردن سونهون رهندي سڀن کي هڪ نظر سان ڏسي ٿو.
شاگرد کي پنهنجي منزل تائين اڪارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. سندن زندگي ۽ لکڻيون رومانوي هجڻ سان گڏ تصوف جي فلسفي سان ٽمٽار آهن . جن ۾ هو پنهنجي داخلي ، خارجي ڪيفيتن جو ڀرپور اظهار رکي ٿو. انهيءَ سان گڏو گڏ سماج جي نا انصافين ۽ اڻ برابرين جو ذڪر به ڪندو رهي ٿو. سندس سموري ادبي پورهئي ۾ نفسيات جو اظهار پڻ ججهو ملي ٿو.انسان جي پوي زندگي ڪهڙين وارتائن مان گذري ٿي . پوءِ هڪ ماڻهو يا انسان ڪهڙي طرح نفسياتي محرومين جو شڪار بڻجي ٿو ۽ پنهنجي لاءِ احساسن جي کوٽ محسوس ٿو ڪري، سو سندن لکڻين ۾ نمايا آهي.
اسان جي سونهاري سنڌ جي مٺڙي ٻولي هميشه پنهنجي سونهن ۾ جرڪندي ، علم ادب جي ڪيمياگري دنيا کي آڇيندي رهي آهي. ۽ تا قيامت آڇيندي رهندي. ڊاڪٽر عابد مظهر هميشه جستجو ۾ رهندو آيو آهي . شاھ سائين جي هن شعر وانگي:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداھ پير نه لهين پرينءَ جو.
(شاهه)

دوستن جو پيارو

دوستن جو پيارو

- عبدالفتاح ڪاڪيپوٽو

عابد مظهر سڄي ڳوٺ ۾ اسان جي دوستن جو بلڪل پيارو آهي ۽ عابد به پنهنجي ڳوٺ جي مٽيءَ توڙي ماڻهن سان بيحد پيار ڪندڙ ڳوٺ ۽ ڳوٺاين لاءِ گهڻو جذبو رکي ٿو.
هن جو وڏڙن خصوصن بابا سائين مظھر سيوهاڻي سان محبت جو جذبو اڄ به برقرار آهي الله ڪندو هميشه رهندو. عابد سائين مون کان عمر ۾ اٺ ڏھ سال وڏي هئڻ ڪري اسان جي ويجهڙائپ گهٽ رهي هونئن ته سائين مظهر جي حويليءَ ۽ اسان جي گهر جي وچ ۾ فقط ڇهن ستن فوٽن جي گهٽي آهي ۽ سائين مظهر سان منهجي گهڻي ويجهڙائپ رهي صبح شام ميل ملاقات پاڻ سنڌ ۾ نالي وارن شاعرن ۾ اول صف جا شاعر رهيا. ان ڪري منهنجو ساڻن استاد، شاگرد ۽ پاڙيسري هئڻ ناتي ۽ پنهنجي ڪلام جي اصلاح لاءِ سائين مظهر سان قريبي واسطو رهيو ۽ پاڻ به مونکي قدر جي نگاھ سان ڏسندا هئا.
عابد سائين ان دوران دادو ۾ پڙهندا هئا جتان ڄامشوري ويا سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت ڪيائون ته علم به پرايائون عابد سائين عيد براد يا موڪلن جي ڏينهن ۾ ڳوٺ باجارا ايندا هئا ته ڳوٺ ۾ اسان دوستن جو وڏو ٽولو سيد عطا حسين شاھ بودلي جي دڪان تي گڏ ٿيندو هو. جن ۾ علي شير اوٺو، طارق باجاري ،سليم باجاري ،الطاف شاھ ،مختيار شاھ، فخرو شاھ، ارشاد شاھ، افتخار شاھ، رشيد ترڪ، رفيق ترڪ ،رضن مغل ،انور مغل، ديدار اوٺو، انور شاھ، قمر ترڪ، عابد ۽ مان مطلب ته سڄي ڳوٺ جو چڱو تعداد روزاني دڪان تي گڏ ٿيندا هئاسين .
وڏي مذاق مشڪري هوندي هئي سائين عطا حسين شاھ سڀن کي دڙڪا دهمان به ڪندو هئو ته وري مذاق ۾ نشانو به پاڻ ٿيندو هو سندس جي ڪير ٽنگ مان ڇڪيندو هو ته ٻي ٽنگ مٿي ڪيري ايلاز ڪندو هو ته هن کي ڇڪيو ڪير نه ڇڪيندو هئس ﷲ ۽ علي جا قسم وجهندو هئو هن کي ڊپ هوندو هئو ته متان (ڇن) نه پئجي وڃي. ٻي عادت هوندي هئس ته مونڊ ٿيندو هئس ته وکر ڏيندو هئو نه ته جواب ڏيندو هو ڪونهي...، ڀلي سامهون پيو ھجيس باقي وڏيري رجب کي جواب ڪو نه ڏئي سگهندو هئو. ائين ئي عابد به اسان جي ڪچهريءَ جو بودلو ۽ سادگي پرست انسان هو هڪ دفعي رضن ڏسي ڇيڻو هنيس ته به گهڙي کن جي ڪاوڙ کان پوءِ اهڙو جو اهڙو. عابد سائين شيعا عالم پئي ٿيڻ چاهيو، پڙ تي تقرير ڪيائين غلطي ۾ هن کان نڪري ويو ( شايد) ته امام سائين ڪافرن کي شهيد ڪندو ويو. پوءِ سائين عطا حسين شاھ مان، ڄڻ لوھ ڦاٿو ،بجا به ڏنئيس چيائينس ڪافرن کي شهيد ڪندو ويو. ڪافي ڏينهن تائين اها مذاق هلندي رهي، پوءِ عابد سائين پيو کلندو هو عالم ته ڪونه ٿيو، پر ڪراچي لڏي ويو اتي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ ڊاڪٽر ٿيو .
مون کي ياد آهي ته آهي ته سندس ڀاءُ جي شاديءَ ۾ ساڻس سان مذاق ڪندي ٽوپي لهي پيس، شادي هئي ڪافي خلق هئي مگر پاڻ کلندي مٿي ۾ پائي ڇڏيائين. مان جڏهن پيٽرول پمپ تي ملازمت ڪندو هئس ته ٻين دوستن وانگي هميشه عابد سائين ڦيرو پيو ڏيندو هو. رات جا ٻه هجن ته به لڙندڙ هو، هڪڙي دفعي رات جو دير سان آيو مان ننڊ ۾ هئس ، ڪلين شيو ٿي آيو اچتو ڇرڪ ڀري چيو مانس ته ڇا ٿيو اٿئي اويلي ٽائيم تي آيو آهين . بحرحال ننڍپڻ جون يادون کوڙ آهن ڪراچي ۾ هڪ دفعي فليٽ تي ويو هئوسانس. جڏهن پير مظھرالحق اسان جو تعليم جو منسٽر هئو ان سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنسون ڪندي سائين عابد سان ملاقاتون ٿينديون هيون .
سائين عابد ڳوٺ ۽ دوستن جو جيترو پيارو آهي ان کان ڪيئي گنا سنڌ ساڻس پيار ٿي ڪري پاڻ حيدرآباد ڄامشوري رهيا ته ادب دوستن جا ميڙا متل هوندا هئا وڏو انگ دوستن جي سٿ جو هئس. اڄ جڏهن پاڻ ڪراچي ۾ آهن تڏهن به بيشمار ادب دوست اڄ به هن ٻوسٽ جي ماحول ۾ ادبي ڪچهريون، ڪتاب، مشاعرو، رهاڻيون جاري رکيو ٿا اچن عابد مظهر پنهنجي بابا جي ڏنل ورثي شاعري سان وڏو چاھ رکيو ٿو اچي، الله پاڪ کيس سلامت رکي صلاحيتن واري شخصيت آهي.

سنڌي ادب جو حساس تخليقڪار

سنڌي ادب جو حساس تخليقڪار

- طارق عزيز شيخ

ادبي کيتر ۾ ڪي ڪي اھڙيون شخصيتون ھونديون آھن جيڪي نثر نويسيءَ توڙي شاعريءَ کي ڪاميابي سان گڏ کڻي ھلنديون آھن. سائين عابد مظهر به اھڙن ئي تخليقڪارن مان ھڪ آھي، جنهن ۾ ٻنھي شعبن جي صلاحيت آهي. سائين عابد مظهر کي آئون تڏهن کان سڃاڻان جڏهن اڃا اٺين يا نائين درجي ۾ پڙھندو ھئس. سندن اسان جي گھر سان نھايت عزت احترام وارو تعلق رهيو آهي. جڏهن نوي واري ڏهاڪي جي پچاڙڪن سالن ۾ مون ڪھاڻي لکڻ شروع ڪئي ته اھا سائين عابد مظهر کي پڙھائي، رھنمائي وٺندو ھئس. منھنجون ڪچيون ڦڪيون ڪھاڻيون ۽ انھن جون ڪمزوريون سائين عابد جي نظر مان گذرڻ بعد لڳندو ھو، ڪھاڻي ڇاڻيءَ مان ڇڻي صاف ٿي وئي آهي.
1990ع ۾ مون ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتي. تڏھن وري سائين عابد مظهر منھنجو يونيورسٽي جي استاد واري روپ ۾ مليو. سائين عابد جو پڙھائڻ ۽ سمجھائڻ وارو انداز سدائين نرم ۽ دوستاڻو رھيو. آئون ۽ ڪمال ڄامڙو سائين عابد مظهر جي ڪمري ۾ بي تڪلف بڻجي سائين جي ٽيبل ۽ شيلف تي رکيل ڪتاب پڻ کڻي وٺندا ھئاسين. يونيورسٽيء وارا ڏاڍا يادگار ڏينھن ھئا. سائين عابد مظهر سان قربت ٻين سمورن يونيورسٽي جي استادن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ رھندي ھئي، تنھن ڪري سائين کي اسان تنگ به ڪندا ھئاسين. پاڻ تمام حساس طبيعت جو مالڪ آهي، ان ڪري ٿورو به ٽينشن ملڻ تي تمام پريشان ٿي ويندو هو. يونيورسٽيء جي اندروني معاملن سائين عابد ڏاڍو پريشان ڪيو ويو ھو. ڪيئي ڀيرا ڪنھن معصوم ٻار جيان کيس، سوچن ۾ گم، لڙڪن ڀريل اکين وارو به ڏٺم.
سائين عابد مظهر جنھن زماني ۾ رسالن ۽ اخبارن ۾ تسلسل سان لکندو هو تڏهن ساڻس گڏ، نصير مرزا، اياز گل، ادل سومرو، نياز پنھور، ڪوثر ٻرڙو، محمود مغل، زوار نقوي، طارق عالم ابڙو، مختيار ملڪ ۽ اخلاق انصاري جو ھمعصر نظر آيا. سائين عابد مظهر جي ھر صنف ۾ طبع آزمائي ڪيل آهي پر گھڻو ڪري ان جو موضوع رومانوي رھيو آھي. وچوڙي جا ورلاپ، يادون، ملاقاتون، محبت جون ڳالهيون، رسڻ، پرچڻ جا سڀ احساس ان ۾ شامل رھيا.
سائين عابد مختلف وقتن تي ھفتيوار ڪالمن ۽ مضمونن جو سلسلو پڻ سنڌي اخبارن ۾ ھلائيندو رهيو. ھن جي مضمون نويسي ۾ علمي ادبي موضوع بحث بڻيل رھيا. سياست توڙي سماجيات جي موضوعن تي پڻ ڪيئي مضمون لکيائين.
ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ سان پڻ سائين عابد مظهر جو ڊگھي عرصي کان واسطو رھندو آيو آھي. 1985ع ۾ ڪراچي اسٽيشن جي نامياري پروڊيوسر نثار ميمڻ صاحب ”سورج شاخون ڪڍيون“ جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ھو جنھن ۾ سائين عابد پنھنجو لکيل اسڪرپٽ پڙھندو ھو. تڏھن پروگرام جو معاوضو 28 رپيا ملندو ھئس. ان کان ادبي پروگرام ”رسالو“ ۾ به شامل رھيو. اڄ تائين سندن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ سان اھو ڳانڍاپو قائم آهي.
سائين عابد مظهر جو پسنديده موضوع تصوف رھيو آھي. ان حوالي سان ھن پي ايڇ ڊي جو مقالو پڻ لکيو. اڪثر سندن مضمونن جو پڻ اھوئي موضوع رھيو. يونيورسٽي ۾ به ان حوالي سان ھميشه ڀرپور نموني ليڪچر ڏيندو رھيو آھي. تصوف بابت سندن تمام ڳوڙھو مطالعو آھي، اڪثر آئون به تصوف جي موضوع تي لکڻ ۾ جڏهن به منجھندو آھيان ته سائين عابد مظهر کان سمجھندو رھيو آھيان.
سائين عابد مظهر سنڌي ادبي سنگت ۾ به تمام سرگرم رهيو. پاڻ ڪراچيءَ، ڄامشوري ۽ سيوھڻ جي شاخن جو بنيادي ميمبر رهيو. ھميشه نوان ميمبر سندن تعلق جي ڪري بڻيا. گلشن حديد ۽ گلشن معمار ۾ به سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌائين ۽ ان جي آبياري ڪيائين. اھڙي ريت ڪيترائي نوجوان علم، ادب ۽ شاعريءَ جي صنفن ۾ نوان تيار ٿي اڳتي آيا.
پنھنجي حساس طبيعت وارو سائين عابد مظهر، ڪھاڻي، شاعري يا ڪو تاثر لکي پر ھر ھنڌ سندن تحرير ۾ ھڪڙو ئي احساس، انداز ۽ جذبو ڏسڻ ۾ ايندو. ھو اڄ ريٽائرمنٽ کان پوءِ به جڏھن به ڪا شيءِ لکندو آهي، مون کي پڙھڻ دوران ساڳيو نوي جي ڏهاڪي وارو زمانو ياد اچي ويندو آهي. سندس سوچ ھن کي پڌرو ڪيو آهي، ڄڻ سندس اندر ۾ ڪو معصوم ٻار ويٺل آهي جيڪو ڪنھن جي ناراض ٿيڻ تي تيستائين اداس رھي ٿو، جيستائين کيس پرچائي نه وٺي. ھن کي دوستن يارن ۾ رٺل ماڻهو رئاڙي وجھندا آھن. پاڻ جھڙو مٺو ۽ محبتي انسان آھي، اھڙا اڄ جي تيز رفتار دؤر ۾ ماڻھو ڪڏھن ڪڏھن ٽڪرائجن ٿا، نه ته صبح کان شام پنھنجي روٽين ۾ زندگي گذارين ٿا. ٻين کي وڌ کان وڌ عزت نوازڻ وارو سائين عابد مظهر، مولا عليءَ عه جي ان قول مثل آهي ته: ”جنھن وٽ جيڪو ھوندو سو ٻئي کي ڏيندو“يعني جيڪو عزتدار ھوندو سو ٻئي کي به عزت نوازيندو.سندس ڇپيل ڪتابن کان سواءِ اڻ ڇپيل ڪتاب هي آهي
* شاھ جي صوفياڻي شاعري جو جديد شاعري تي اثر
* شاھ لطيف جي شاعريء جا رخ

سائين عابد مظهر ۽ منهنجيون ڪهاڻيون

سائين عابد مظهر ۽ منهنجيون ڪهاڻيون

- انور ڪاڪا

پياري سائين ڊاڪٽر مظهر جي ڪهاڻي ”خالي هٿ“ تي پوسٽ شيئر ٿيل ڏسي، ساڳي طرح ٽهڪ ڏيئي کِلي پيو آهيان... جيئن ڪالھه صبح يارهين ڌاري فون ڪري ٻڌايائين ته ”سائين... نيٺ توتي لکيو اٿم، تون ڪونه مڃيندي... شايد.... ها ... نه... .!؟
۽ مان کِل َ۾ ٻڏي ويس.
پاڻ به کل ۾ ٻڏي ويو.... ”نه ... نه سچ سائين لکيو اٿم ... يقين ڪر.“ (سائين ! مون کي سائين چوندو آهي ته ڏاڍي لڄ ايندي آهي.)
منهنجي کل رڪجي نه .... اصل سڀ منظر ذهن ۽ من ۾ مرڪي پيا .( تڏهن ته مان بي اختيار ٿي مرڪي پيس.)
اڙي بابا ! لکيو اٿم . يقين ڪريو . ريڊيو تي به پڙهي آيو آهيان.... ٻڌ ڀلا ... پڙهي ٻڌايئين !؟ پر منهنجي کل ڪا رڪجي ڇا ؟ ها ها ها.....
اصل ۾ مان پاڻ به ناهيان چاهيندو ته سائين مون تي لکي !
مون کي سٺو لڳندو آهي کيس ملندي ئي چوڻ .... ۽ سائين واتان هر دفعي مزيدار بهانا ٻڌڻ ....
مون کي مرڪڻ لاءِ هونئن به بهانن جي ڳولا هوندي آهي!
مان ۽ سائين ڪيترائي سال ساڳئي ئي اپارٽمينٽ ۾ ئي رهيا آهيون اصل ۾ مان پنهنجي پهرئين ڪتاب کان وٺي مان سائين کي چوندو آيو آهيان ، سائين ! توهان کي منهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب تي لکڻو آهي!
”ها ... سائين ضرور لکندس تون منهنجو پسنديده ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهين.“ تنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار منهنجي من به رهندا آهن.
مون کي سورهن آنا پڪ هوندي هئي ۽ آهي ته سائينءَ اصل ڪجهه نه پڙهيو هوندو ، سو مزي خاطر مان به پڇندو آهيانس ، سائن ڀلا ڪهڙي ڪهاڻي ؟ ڪهڙو ڪردار ؟ هاڻ سائين پڙهي ته جواب ڏي جواب ڏي ته ... اچي ڦاسندو.
پوءِ جان ڇڏائڻ لاءِ چوندو تنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار ڏاڍا احساتي آهن ! سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ آهن، سماج جو درد سيني ۾ اٿن ؟ تبديليءَ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن ٿا. اداس آهن، پر هارائين نه ٿا، زمين اندر رستا ڳولي اڪيلا سفر ڪن ٿا.پر وڙهندا رهن ٿا. پڪ هوندي به پڇندو مانس: سائين ڪهڙين ڪهاڻين جا ڪهڙا ڪردار ايڏا بهادر آهن!هاڻ سائين اچي سوڙهو ٿيندو ، پڙهي هجيس ، ڪا ڪهاڻي ته جواب ڏي ....پوءِ چوندو سڀ ڪردار...
مون ٽهڪ ۾ ٻڏل ڏسي سمجهي ويندو، ۽ ما به سمجهي ويندو آهيان . پوءِ وري واعدو ڪندو ته ايندڙ آچر تائين لکي تو کي پڄائي به ويندس.
” ٺيڪ سائين....“
آچر به تڪڙو اچي ڪڙڪندو ....مان به سائين جي منهن ۾، ”ها... سائين ...لکي ورتوَ!“
هاڻ سائين مرڪ کي روڪيندي چوندو: سائين....پاڻي ٻه ٽي ڏينهن ڪونه هليو آهي، ان پريشاني ۾ چاهيندي به لکي ناهيان سگهيو. بس اڄ پاڻي هليو آهي. سڀاڻي شام جو.... گيٽ تي حسن کي ڏئي ويندس...با با ! واهه جون ڪهاڻيون اٿئي ....
” سائين ڪهڙيون ڪهڙيون ...“
وري چوندو ؛ بابا مان لکندس ... پوءِ پڙهي وٺجان .
۽ پوءِ سائين جي چهري تي مرڪ!
منهنجي چهري تي شرارتي مرڪ !
ٻئي ڏينهن شام به خير سان اچي ويندي ... مان چوندس رب ڪري سائين هيٺ ملي.... ۽ پڪ هوندي اٿم سائينءَ به دعا گهري هوندي ، خدا ! ڪري انور نه ملي..... پر مان سڌو منهن ۾ .....
ڏسندي ئي پاڻ ئي کلي، ۽ ٻڏو چوندو : يار !صبح ڏاڍو لکڻ جو موڊ هو ، پر محمدي جامع مسجد ڀريان ( اسان جي گذر گاھ ) ويٺل فقرياڻي خيرات لاءِ اهڙو ڇتو ڪيو ، جو سڄو موڊ خراب ٿي ويو . پاڻ ئي ڏس ڪهڙو نه ٿيون نڀاڳيون خيرات لاءِ حشر ڪن.... پر يار .... تنهنجيون ڪهاڻيون ڏاڍيون احساساتي آهن، مون نوجوانن ۾ توجهڙو ڪهاڻيڪار ڪونه ٿو سجهي، تنهنجي هڪڙي ڪهاڻي ته شاهڪار آهي.
” سائين ڪهڙي ڪهاڻي...“
اڙي بابا هوءَ .... ڪهاڻي ناهي . احساسن واري، شروعات ڪمال جي، ڪلائمڪس ته ان ڪهاڻي کي نئون رخ ارپيو آهي.
مان وري کل ۾ ٻڏي ويندس ... ته چوندو؛ ڏاڍو ڏنگو آهين.... اهڙي بيان تي ويتر مزو ايندو، چوندس سائين ... هاڻي کڻي سچ ٻڌايو، منهنجون هيستائين گهڻيون ڪهاڻيون پڙهيون اٿوَ!
ٻڏي ويندو کل ۾ ؛ چوندو تنهنجون ۽ سائين عبيد جون ڪهاڻيون مون کي اصل سمجهه ۾ ڪونه اچن ، نه وڻن.تنهنجي ڪهاڻين ۾ رڳو پِٽڪو، ننڍڙي ننڍڙي ڳالهه تي روڄ راڙو ... پير عبيد جي ڪهاڻين ۾ پيو رل، مجال آ جو ڪو ڇيڙو ملي... پر آهيو ٻئي ڳوٺائي وڏا ڪهاڻيڪار ...
تاڙو ملائي چوندو.... وري ٻئي ٽهڪن ۾ . پڪ هوندي اٿم ، سائين هڪ به ڪهاڻي نه پڙهي آهي، ... ۽ ائين ئي آهيون اسان ٻئي وڏا ڪهاڻيڪار ، سائين عابد مظهر لاءِ ...( پر سائين عبيد وٽ واقعي ڪرافٽ آهي ، ڪو شڪ ناهي ته، هن جي قلم ۾ وسعت آهي، هن پنهنجي ڪهاڻيءَ ذريعي ڇاپ ڇڏي آهي، اها سائين عابد جي نه ، منهنجي راءِ آهي...)
اڄ جڏهن واقعي به سائين هڪ ڪهاڻي پڙهي ، سچ به پنهنجي راءِ شيئر ڪئي آهي يا ريڊيو تي پڙهي آيو آهي . پر مان واقعي به کلي رهيو آهيان ته توهان واقعي منهنجي اٺن سالن ۾ نيٺ هڪ ڪهاڻي پڙهي ورتي..... هاها ها.... جيئو سائين