ناول

ڪامريڊ

ھي ناول ”ڪامريڊ“، سنڌي ناولن ۾ الڳ موضوع جو ناول آهي، جيڪو ڏهاڪا اڳي موجود ’ڪامريڊَ ڪلچر‘ جي چڱائين/ اُڻائين تي ادبي رنگ ۾ لکيل آهي. هڪ حقيقي ڪامريڊ جي زندگي ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ هڪڙي ڪامريڊ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهو سڀ مثبت انداز ۾ هن ناول ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ذلفي زنئور هن ناول ۾ هڪڙي ڪامريڊ جي زندگيءَ کي مختلف معاشرتي پھلوئن سان جوڙي پيش ڪيو آھي. ناول ۾ ڪامريڊ جا جيل ڪٽڻ کان ويندي آخر ۾ ڪامريڊ جو تشدد ڪيل لاش ملڻ سان گڏ ڪامريڊ جي زندگي سان جُڙيل سڀني پاسن کي ليکڪ سگهڙائپ سان پيش ڪيو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 7
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪامريڊ

حق ۽ واسطا محفوظ

BOOK NO: (314)

ڪتاب جو نالو: ڪامريڊ
موضوع : ناول
ليکڪ: ذلفي زنئور
پهريون ڇاپو: آگسٽ 2021ع
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن، قنبر
ڪنول پبليڪيشن/ پرنٽر & بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
Cell: 0333-7523132

قيمت: 250 روپيه

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

Kamred
) Novel (
By: zulfi zounr
Edition: 1st August 2021
Published by: Kanwal Publication, Kambar


ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ،
ڪنول پبليڪيشن& بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
ڀٽائي بڪ اسٽور، حيدرآباد - ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد –
رومي ڪتاب گهر، گدو چونڪ حيدرآباد -دانيال ڪتاب گهر، قاسم آباد. حيدرآباد
نئون نياپو ڪتاب گهر، سچل ڳوٺ ڪراچي.
- مرڪ پبليڪيشن هائوس، ڪراچي - ڪاٺيواڙ بڪ شاپ، اردو بزار ڪراچي
سنڌيڪا بڪ شاپ، لاڙڪاڻو - رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو. المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ - سليمان برادرس، نواب شاه - مدني بڪ اسٽور، دادو سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر- سارنگ ڪتاب گهر، سکر ٿرڪتاب گهر، مٺي- خالد بجير، عمر ڪوٽ- سنڌ بڪ اسٽور پڪا چانگ

ارپنا

انھن ارڏن ڌرتي ڌڻين جي نانءُ، جن وطن جي آزادي جا خواب ڏٺا.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ذلفي زنئور جو لکيل ناول ”ڪامريڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھي ناول ”ڪامريڊ“، سنڌي ناولن ۾ الڳ موضوع جو ناول آهي، جيڪو ڏهاڪا اڳي موجود ’ڪامريڊَ ڪلچر‘ جي چڱائين/ اُڻائين تي ادبي رنگ ۾ لکيل آهي. هڪ حقيقي ڪامريڊ جي زندگي ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ هڪڙي ڪامريڊ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهو سڀ مثبت انداز ۾ هن ناول ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ذلفي زنئور هن ناول ۾ هڪڙي ڪامريڊ جي زندگيءَ کي مختلف معاشرتي پھلوئن سان جوڙي پيش ڪيو آھي. ناول ۾ ڪامريڊ جا جيل ڪٽڻ کان ويندي آخر ۾ ڪامريڊ جو تشدد ڪيل لاش ملڻ سان گڏ ڪامريڊ جي زندگي سان جُڙيل سڀني پاسن کي ليکڪ سگهڙائپ سان پيش ڪيو آھي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ذلفي زنئور ۽ ڪنول پبليڪيشن جي سرواڻ سعيد سومري جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

1

ڳچ عرصو اول جي ڳالهه آھي جڏھن صفا نپٽ واندو ھوندو ھوس، سڀ ڪم ڪار الله سائين معاف ڪري ڇڏيا ھا.
بس ھڪڙو ئي ڪم ھوندو ھو، وڏي ادي جي گھر واري جو سول اسپتال مان سروس بڪ وٺڻ
جئين باقي زندگي اديءَ ۽ ٻارڙن جو پينشن تي گذر سفر ٿي سگھي.
مسلسل ڇھن ستن مھينن کان پيو اسپتال جا ڌڪا ٿاٻا کائيندو ھوس، روز ڪلارڪ ھڪ نه ٻيو بھانو ڪري موٽايو ڇڏي، بھاني جو ڪارڻ رشوت ھئي جيڪا سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪلارڪ مون کان کوڙ دفعا گھر به ڪري چڪو ھو، لڳ ڀڳ ڏھ ٻارھن ھزار
تڏھن اديءَ وٽ ايترا پيسا ڪونه ھا ۽ مان سدائين کيسا خالي مير موالي لڳو وتندوھوس.
وڏي اديءَ جي گھر واري کي وفات ڪئي ٽي سال گذري چڪا ھا، گھر وارو سول اسپتال ۾ ڊسپينسر ھو، وڏو مذاقي ماڻهو ھو، سڄو اسٽاف ھن جي مذاحيه مزاج کان گھڻو متاثر ھو.
ھڪ رات اڌ رات ڪو ايمرجنسي ڪيس آيو ھو، وڏو ڊاڪٽر وارڊ جي ڪنڊ ۾ اسٽريڪچر تي ستو پيو ھو، انھن پڇيو ’’ايمرجنسي ڪيس آ ، ڊاڪٽر ڪٿي آھي؟‘‘ سڀ ڊسپينسر پريشان ٿي ويا ته ھن مھل ڊاڪٽر کي ڪير اٿاري ۽ ھنن کي منھن ڪئين ڏجي، ھڪڙي ڊسپينسر چيو، ’’اسان موجود آھيون باقي ڊاڪٽر ته ڪونھي، ڊاڪٽر ته موڪل تي آ.‘‘
انھن مان ھڪڙي ڊاڪٽر کي سڃاڻي ورتو. چيائين، ’’ھو جو ستو پيو آھي،‘‘ تنھن تي ھن ڦورن چيو ’’ابا! اھو ھمراھ سرون وجھندو آ، غريب ٿڪجي پيو آ، تڏھن سمھي پيو آ.‘‘
باقين کان ڦڪو ٽھڪ نڪري ويو. جلدي چيائين ’’ادا! توھان گھٻرايو نه ڊاڪٽر آھي اٿاريانس ٿو‘‘ ۽ پوءِ ڊاڪٽر کي وڃي اٿاريائين
پاڻ ھاءِ بلڊ پريشر جو مريض ھو. ھڪ دفعو اديءَ سان ڪچھري ڪندي کيس کي چوندي ٻڌو ھوم، ’’سڪينا! ڏسجان ھڪ ڏينھن منھنجي دماغ جي نس ٽٽي پوندي ۽ مان اچانڪ مري ويندس.‘‘
اديءَ چيو ھو، ’’خير گھرُ. ڇو ٿو اھڙيون ڳالھيون ڪرين ھڪ خُدا ۽ ٻيو توکان سواءِ اسان جو ڪير آھي...‘‘
۽ ٿيو به ائين، ھڪ ڏينھن اچانڪ دماغ جي نس ٽٽي پئي ھئس، غسل مھل به نڪ مان رت پئي وڙھو. ملان گھڙي گھڙي نڪ ۾ تازي ڪپهه پئي وڌي، دفنائڻ مھل به ڪفن رت سان رڱيل ھو.
پوئتي ٻه نياڻيون ڇڏيائين.
انھي صدمي ۾ وڏو ڀاءُ حسن به ڪجهه وقت کان پوءِ وفات ڪري ويو ھو
سور مڙوئي سور، پر سورن مٿان پُور، لھندا ڪئين نه لطيف چوي
ڀاءُ جي پُورن الاءِ ڪھڙا اندر ۾ اچي وڍ وڌس، سڄي سڄي رات ڀاءُ کي پڪاري پيو زار قطار روئندو ھو.گھر جي ھڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين پيو ھلندو ھو، ڪا پھر ننڊ نه ايندي ھئي
ھڪ ڏينھن اچانڪ رت جون اُلٽيون ڪرڻ لڳو. وات مان جگر جا ٽڪڙا ٻيرا ٻيرا ٿي ٿي نڪتا
آخري لمحي به ادا ادا ڪندو رھيو…..
مُنڪر ۽ نڪير کي جڏھن ڏٺائين
اڳيان اٿي ان کي پنھون پڇيائين
ادا اتائين ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو.
(شاھ)

اديءَ ٻڌايو ھو، گھر واري جي وفات کان مھينو ڏيڍ اول ٻنھين ڀائرن ۾ ڪنھن ڳالهه تان اڻبڻت ٿي پئي ھئي، ٻئي ڀائر پاڻ ۾ ڪونه ڳالھائيندا ھا، اچانڪ ڀاءُ جي موت جو صدمو اندر سڄو ڪپي ڪوري ڇڏيو ھو
کيس جي وڏي ڀاءُ جي وفات کان پوءِ ادي ستت پنھنجو گھر ڇڏي اسان سان گڏ اچي رھي ھئي.
تڏھن کان روز سول اسپتال جا ڌڪا ٿاٻا کائڻ لڳو ھوس، دير تائين اسپتال جا ڌڪا ٿاٻا کائي جڏھن بک ورائيندي ھئي ته مائٽ مختيار وٽ سبزي منڊي ھليو ويندو ھوس.
مختيار سيٺ مٺل وٽ منڊي ۾ منشي آھي، سيٺ مٺل سبزي منڊي جو صدر آھي.
مختيار وٽ وڃي ڪا گھڙي دم پٽيندو ھوس، ماني جو ٽائيم ھوندو ھو ته، گڏ ماني گرھ به کائي وٺندو ھوس يا وري مختيار چانهه چڪو پياري وٺندو ھو ۽ سج لٿي جو ٻئي ڳوٺ گڏيا ويندا ھئاسين.
منڊي ۾ صبح جي ٽائيم واڪ لڳي، سڄي منڊي دلالن جي واڪ سان پئي گونجندي ھئي.منجھند ڌاري سڀ واپاري پنھنجن پنھنجن دڪانن اندر ھليا ويندا ھا ۽ شام جو سڀ واپاري چوڌري دلال جي دڪان اڳيان سرن جي وڏي دڪي تي ويھي واپار جو ڳالھيون ڪندا ھا يا گار گند ڪچا چرچا
چوڌري دلال جھڙو ڪارو ڪٺ، ڇاھين مھون، سڄو بي ڊولو صفا ڪنھن کي نه وڻي، سڀ واپاري سڏينس دلا!
پر چوڌري به سڀني سان ڪتي واري ڪري،
’’اڙي دلو مان آھيان يا ڀڙوا توھان آھيو،
توھان مان ڪھڙا غيرتي آھن، جن جي رنن جا مون اڳٺ ناھن ڇوڙيا، ڪو ھڪڙو چوي اسان جي ذات جي توسان ڪا رن کريل ناھي!
وڃي پڇو پنھنجن رنن کان ته منھنجي اڳٺ کي ڳنڍيون گھڻيون ڏنل ھونديون آهن
نڪ پتو ڪونه اٿو باقي سڀ ڪجهه اٿوَ! ‘‘
۽ پوءِ وڏو ٽھڪ ڏئي کلي پوندو ھو. سڀ ڪو پيو ڦڪو مٺو ٿيندو ھو
چوڌري سڀني جي منھن تي پيو تئو مليندو ھو
ان ڳالهه کان ڪو به انڪاري نه ھو ته چوڌري رنڊي باز ناھي!
چوڌري وٽ گھڻن شريفن جي شرافت جا راز لڪل ھا، الاءِ ڪيتريون عورتون سبزي منڊي دڪان تي ملڻ اينديون ھيون، الاءِ ڪھڙين ڪھڙين ذاتين جون، پر چوڌري گار سڀني کي قوم جي ڏيندو ھو.
چوڌري اڪثر منجھند ڌاري شھر واري اوطاق تي وڃي آرامي ٿيندو ھو.
سڀني جو چوڻ ھو، اُھو ٽائيم رنون نوٽن تي سمھاري عياشي ڪرڻ جو ھوندو آھي،
شامڙي ڌاري ڳوٺ ويندي ھڪ دفعو مختيار کان پڇيو ھوم، ’’چوڌري کي ڪو چوڻ وارو ڪونھي، سڀني کي ذات ۽ قوم جي گار ٿو ڏئي.‘‘
چوڻ لڳو ’’چوڌري جا وزيرن منسٽرن آءِ جي، ڊي آءِ جي، وڏن وڏن آفيسرن سان واسطا آھن، ڪير چوندو، ڪنھن جي مجال!
تڏھن ته ڀونڪي ٿو، حُجت ڪندا ته حُجت ڪندو‘‘
چيم ’’بي شرمي جي حد آ، اھيا حُجت آ !! ‘‘
وڌيڪ پڇيم، ’’مختيار چوڌري جو نه منھن نه مھانڊو، ڏيڏر سان ايتريون رنون ٺھنس ڪئين ٿيون!؟‘‘
’’سڀ پيسي جو ڪمال آ،‘‘ تڪڙو جواب ڏنائين
’’ھاڻ ته تر جي منسٽر جي رن اچي کري اٿس، صفا مَست ٿي پئي اٿس، ڏاڍو مال ٿي لٽائيس! منسٽر ھتي رھي ڪونه بنگلي کي گھر بڻايو ويٺو آ ڀاڳ وارن جا گابا ئي ڍڪا!‘‘
چيم، ’’امير ماڻھن جا اميراڻا شوق، وڃي ڍنڍ جي تري ۾ پون پنھنجو ڇا! ‘‘

2

ان ڏينھن به اسپتال جا ڌڪا ٿاٻا کائي تقريبن سوا يارھين بجي اسپتال جي مين گيٽ کان اڃان ٻاھر نڪتس پئي ته اچانڪ ڪامريڊ حيدر جي منھن چڙھي ويس، ڀر ۾ اچي کٽارا بائيڪ کي بريڪ ڏنائين.
’’اڙي دلبر! خير ته آھي وتين ٿو اسپتال جا ڌڪا ٿاٻا کائيندو!‘‘
فلحال ته ششدر ٿي ويس، چيم ’’خير آ، اديءَ جي گھر واري جو اسپتال مان سروس بڪ وٺڻو آھي.ھلي ھلي پيرن جي جُتي گسي وئي آ.ڪلارڪ روز بھانو بڻايو ويٺو آ‘‘
ٻانھن ۾ ھٿ وجھي ڇڪي بائيڪ تي ويھاريائين.
’’ويهه، ڏسون ته ڪلارڪ ڪئين نه ٿو سروس بڪ ڏئي.‘‘
چيم، ’’ڪامريڊ ھن مھل ڪلارڪ آفيس ۾ ڪونھي تڏھن سوير موٽيو پيو وڃان، نه ته روز آسرن ۾ ويھاري ويھاري سج لاھيو ڇڏي.‘‘
چوڻ لڳو ’’ٺيڪ آ ته پوءِ ڪلارڪ کي سڀاڻي ڏسنداسين، ھن مھل ڳوٺ ويندين يا اتي آھين؟‘‘
چيم ’’ٻيو مونکي ڪھڙو ڪم، ڳوٺ ويندس.‘‘
’’ٺيڪ آ بس ٿوڙو ڪاليج ۾ ڪم آ، اھو نبيري پوءِ ڳوٺ گڏيا ٿا ھلون.‘‘
ڪامريڊ بائيڪ اسٽراٽ ڪئي، مون پٺيان ٻئي ھٿ ڪيريئر ۾ قابو وڌا. دل ۾ سوچيم. خُدا خير ڪري وري ڪو ڪاليجي ڪامريڊ کي ڦڏو نه سجھيو ھجي
اسين سڀ ڇوڪرا ڪامريڊ کان ائين لِڪون جئين گلول کان ڪانءُ.
ھڪ ته ڪامريڊ گھڻ ڳالھائو آھي ۽ ٻيو ڦشريون ڦڏا وڙ اٿس.
مان اڳئي ڊڄڻو ماڻهو، اُھا ڳالهه مونکان اڄ به وسري ناھي، ڪنھن ڳالهه تان اڪو، سجو ۽ مان ڪلاس جي ڇوڪرن سان وڙھي پيا ھاسين، ھو گھڻا ھا چار پنج ۽ اسان ٽي ڄڻا.
اسان کي ڏاڍو ماريو ڪٽيو ھونَ، جئين اٺ پتڻ تي ڪٽبو آ.
منھنجي اک جي ھيٺان ٺونشو لڳڻ ڪري ڪارو داغ پئجي ويو ھو، اک سُڄي ڳاڙھي لال ٿي پئي ھئي. اڪو، سجو جا به منھن سُڄائي ڇڏيا هئائين.
ٻنھين جي ناسن مان رت ٿي وڙھو، اُھا دانھن اچي ڪامريڊ کي ڏني ھئي سين
ٻئي ڏينھن ڪامريڊ پنھنجي دوست سھراب سان گڏ اسان ٽنھين کي وٺي ھليو ھو.
اسان گڏ گڏ انھن ڇوڪرن جي ڳولا ڪندا رھياسين، ان ڏينھن اسڪول ۾ ڇوڪرن جا پيپر ٿي ھليا، اسڪول جي ٻاھران ڪاپي ڪرائيندڙ ڇوڪرن جي رش لڳي پئي ھئي، اسان سڀني ۾ انھن ڇوڪرن کي تاڙيندا تاڙيندا وڃي، انھن ڇوڪرن مٿان بيٺاسين.
پوءِ ته ڪامريڊ نه ڪئي ھم، نه ڪئي تم، ھٿ ۾ لوھي گزي ھيس انھن ڇوڪرن کي گزيون مٿي واريون ھڻي مٿا ڏاري وڌائين.
ڇوڪرا سڄا رتو رت ٿي ويا، اڪو، سجو به گھٽايو ڪونه اوڏي مھل شينھن ٿي پيا ھا، لتون مُڪون ٺونشن جي وارو وار لاھي ڏنن
ڪيڏي مھل سھراب ڪامريڊ کي خبردار ڪيو ’’حيدر کسڪڻ جي ڪر، يار لٺين باٺن سان پوري ڊاٽسن ڀري پڳا اٿئي!‘‘
سڀئي تڪڙا تڪڙا کسڪي لال ھندي مقام جي ميدان تي پڳاسين، يارن جو سڄو ڊُوھ ھڪلون ڏيندو پويان پيو.
’’بيھو ڀيڻ جا... ماءُ جا... جوءِ جا....‘‘
سڄو ڊنب لٺين باٺن سان پويان، اسان اڳيان پئي ڊوڙياسين،
ان مھل منهنجون ٽنگون رڦڻ لڳيون ھون، ڄڻ ٽنگن ۾ ست ئي نه ھجي، ڀانيم اڄ موت پڪو آ
ڀڄندي وقت سھراب ريوالور جا ٻه ٽي فائر به ڇڏيا، جئين دشمن ۾ ڏھڪاءُ ھجي، اسان لال ھندي ميدان ٽپي مقام ۾ گھڙياسين. مقام جي قبرن کان ٽيڙيون ميڙيون واٽون ڏئي ھڪ گھر جي ڪچي ديوار ٽپي گھر ۾ گھڙي پياسين.
پويان ھو به مقام اندر گھڙي آيا ھا، پر اسان ان گھر مان ٽپي وري ٻئي گھر ۾ گھڙياسين، انھي گھر جي در کان ٻاھر نڪري سنھيون سوڙھيون گھٽيون ڏئي اچي وڏي واھ جي ڪڙ تي چڙھياسين
ڪا گھڙي واھ تي بيٺل انب جي ڇانو ۾ ويھي دم پٽيوسين
ڪامريڊ چوڻ لڳو، ’’ھاڻ توھان اتان ڳوٺ وڃو مان سھراب واپس شھر وينداسين.‘‘
مان ۽ منھنجا مائٽ اڪو، سجو ڊڄندا لڪندا ڇپندا اچي ڳوٺ پھتاسين. مون دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ته ھاڻ ٻه ٽي مھينا شھر نه ويندس.
شام ڪامريڊ ٻڌايو ته وري يار رُخ چڙھيا ھا، پر ڪجهه ڪڇو ڪونه، رڳو دوڏا ڦوٽاري ڏسندا رھيا.
مان سمجھي ويس ته ڪامريڊ ڦڏو ڪري وري دشمن جي سامھون سينو تاڻي نه ھلي ته مزو نه اچيس.
ڪامريڊ جي سڄي عمر ڦڏن ڦشرين ۾ گذري آھي،پوءِ اُھي سياسي سرگرميون ھجن يا ذاتي جھيڙا.
ڪا ذات ناھي جنھن سان ڪامريڊ ڦٽائي نه ھجي، چار مھينا ٻاھر ھوندو آھي ته، باقي عمر جيل ٿاڻن ۾ گذري اٿس!
مان اڃان سوچن ۾ گم ھيس ته، ڪامريڊ ھڪ مانڊلي اڳيان بائيڪ کي بريڪ ڏئي سگريٽ وٺڻ لاءِ لٿو، ماچيس وٺي سگريٽ اتي دُکايو.
اڃان سگريٽ دُکايائين مس ته، مانڊلي جي ڀر ۾ ويٺل ھڪ پيرسن مُوچي ڪامريڊ کي پاڻ وٽ سڏي ورتو.
ڪامريڊ وڌي پيرسن مُوچي جي ڀر ۾ اُوڪڙو ٿي ويٺو
’’جي چاچا! حڪم ڪيو؟’’
ان مھل پيرسن مُوچي ڪا ٽُٽل جُتي ٿي ٽاڪي، ڦاٽل ۽ ميرڙي قميس جا ڪالر به کٿل ھيس، نڪ تي عينڪ چڙھيل ھئي، جنھن جي ساڄي اک واري پاسي جو شيشو ٽُٽل ھو، جُتي ٽاڪڻ مھل ھٿ ڪمبيا پئي، چھري تي دردن پيڙائڻ جا ھزارين داستان، ھزارين فسانا ھا
ھن چيو، ’’پُٽ! چڱو ٿيو تون ملي وئين، مونکي ڪجهه سُجھي ڪونه پيو ته، ڪنھن کي چوان منھنجو ته حال ڏسين ٿو ڪمائڻ جھڙو ناھيان، ھاڻ ته نظر به چٽي ڪانه ٿي پوي جو جُتي ٽاڪي سگھان، تڏھن ڪو جُتي ٽاڪڻ لاءِ به نه ٿو ڏئي.‘‘
پيرسن مُوچي هڪ ڊگهو ٿڌو ساھ ڀريو
’’نياڻيون گھر ۾ ويٺيون آھن، گھر جون ھزارين ضرورتون آھن پر ھاڻ ته کائڻ لاءِ به ڪجهه ڪونھي گھر ۾ ٺلھا ٺڪر ٿا ٺڙڪن...
مير صاحب وٽ امداد جوسامان آيو آھي. ٻه ٽي پنڌ ڪيا آھن پر اُوطاق جي در تان ئي واٺا ڌڪا ٿيلھا ڏيو موٽايو ڇڏين. پاڙي ۾ انھن کي امداد جو سامان ڏنو اٿس جيڪي اڳي ئي آسودا آهن ۽ اھا ڪنھن کي خبر ناھي ته پاڙي وارن جي رنن سان مير صاحب جا واسطا ناھن!
خير، پٽ! ڪوشش ڪري مير صاحب کان امداد جو ڪجهه سامان وٺي ڏي...‘‘
ڪامريڊ پيرسن مُوچي جي ڪلھي تي ٺپڪي ڏني.
’’چاچا دلجاءِ رک مان ڪوشش ڪري توکي ڪٿان نه ڪٿان ڪجهه سيڌو سامان وٺرائي ٿو ڏيان، باقي اِنھي سوئر ۾ آسرو ٿو ڪرين، سوئر مري پوي ته شھر جا رول ڪتا گڏ ڪري مٿان مُٽائجنس، اھڙي سوئر ۾ آسرو ڪرڻ، ٻَٻُرن کان ٻير گھرڻ برابر ٿيندو!‘‘
ڪامريڊ پنھنجا کيسا ڦلورڻ لڳو، ڪجهه ڪاغذ پنن سان گڏ ٽي چار سئو جا ٻه ٽي نُوٽ ٻاھر نڪري آيا.
ڪامريڊ ھڙئي نُوٽ پيرسن مُوچي جي مُٺ ۾ ڀڪوڙي ڇڏيا، ’’چاچا! فلحال تون ڪجهه سيڌو سامان وٺ باقي مان ڪوشش ڪيان ٿو...
ٺيڪ آ چاچا !‘‘ ڪامريڊ اٿيو اچي بائيڪ اسٽراٽ ڪئي
پويان منھنجن ڪنن تي آواز پيو، ’’پٽ! ﷲ آباد ڪندئي‘‘
مون پٺيان ڪيريئر ۾ قابو ھٿ وڌا. سوچڻ لڳس، اڄ سڄو ڏينھن ويو خُدا ڪري ڪامريڊ مھل سان ڳوٺ پھچائي
بائيڪ سنھڙين سوڙھين گھٽين ۾ ٻرڙاٽ ڪري ڊوڙڻ لڳي ھئي. ھڪ سوڙھي گھٽي ۾ بريڪ ڏئي ڪامريڊ لٿو. ھڪ ڪواٽر جو در کڙڪايو. ٿوڙي دير ۾ اندران گُڊو ٻالو نڪتو. وڏو ڀاڪر پائي مليس.
’’اچ ڪامريڊ! دير ڪري ڇڏئي‘‘
’’ھا ڪجهه ڪم ھو، پيالو تيار آ يا؟‘‘
’’بس دير ناھي گھوٽي ٿا وٺون.‘‘
ڪامريڊ اڳتي وڌيو، مان به پويان پويان ھلندو اچي ھنن سان گڏ پلٿي کوڙي پٽ تي ويھي رھيس.
ٻئي ڪونڊو گھوٽڻ ۾ شروع ٿي ويا.
گُڊو ٻالي کي چڱي طرح سڃاڻان، سڄي شھر جا گٽر ناليون صاف ڪري.
ھنن ڪونڊو گھوٽي تيار ڪيو، مون کي مٿاڇري صلاح ڪئي پر ڪامريڊ کي خبر آھي ته مان ڀنگ پيئندو ناھيان.
ھڪ دفعي ڪامريڊ اڌ گلاس پياريو ھو. منھنجي پيرن ھيٺان آسمان ۽ سر تي زمين ھئي، انھي ڏينهن کان توبهه ڪئي ھئم.
ڀنگ ڀٽاري گھوٽي ڇاڻي تيار ڪئي، گلاس ڀري گُڊو ڪامريڊ ڏي وڌايو رسمي چيو، ’’اچي!‘‘
’’ڀلي ڪري اچي!‘‘ ڪامريڊ چيو
’’جيون علي دي ٻچي، جيڪي ڏينھن قيامت تائين سچي، ‘‘گُڊو
’’ملان ھڪ نه بچي،‘‘ ڪامريد
’’جي ٻچي،‘‘ گُڊو
’’ٿڪ لعنت جي ڪم اچي،‘‘ گڏيل وراڻي
’’ڏوئي حيدر..... ‘‘
ڪامريڊ منھن تي گلاس چاڙھي سڄو گلاس ڏوتي ويو، مٿان گُڊو گلاس ڏوتيو، گلاس مٿان گلاس ڏوتيا، نيٺ ڪونڊو خالي ٿيو.
ڪامريڊ گُڊو کان موڪلائي ٻاھر نڪتو.
بائيڪ ٻرڙاٽ ڪرڻ لڳي ھئي، پٺيان ڪيريئر ۾ ھٿ قابو ڪري ڇڏيا ھيم، رستي ۾ ڪامريڊ کان پڇيم
’’ گُڊو ٻالي سان گڏ هڪ گلاس ۾ پيتو اٿئي؟‘‘
’’ڇو؟‘‘ تعجب مان پڇيائين!؟
چيم، ’’ھو ٻالو آ.... گٽرن ۾ ھٿ ھڻندو آھي.‘‘
’’تون جو پٺيان ھٿ ھڻندو آھين!‘‘ ٽوڪي ورتائين.
چيم ’’پوءِ مان ھٿ ڌوئي ڇڏيندو آهيان!‘‘
’’ته پوءِ ھو به هٿ ڌوئي ڇڏيندو آهي!‘‘
ڏاڍو لڄي ٿيس، ڪامريڊ سان بحث ڪير ڪري، مان خاموش ٿي ويس.
وڌيڪ چوڻ لڳو ’’هڪ ٻار ماءُ جي ھنجهه ۾ گند ڪندو آھي، ماءُ ان ٻار جو گند صاف ڪندي آھي، وڌيڪ مھذب ڪير ٿيو ٻار يا ماءُ!؟
ھي معاشرو گند ٿو ڪري، ھو اُھو گند صاف ٿو ڪري ته، پوءِ معاشرو وڌيڪ مھذب ڪئين ٿيو، پاڻي ۽ اَن جيڪو ھي ٿو کائي اُھو ئي تون ٿو کائين، فطرت ڪھڙي شئي کان ھڪ انسان کي ٻئي انسان کان جدا ڪيو آھي! ته پوءِ ذات پات اُوچ نيچ جو فرق ڇو!؟‘‘
ڪامريڊ جو ليڪچر شروع ٿي ويو، دل ۾ سوچيم ڦاسي ويس، اجايو پڇيم جواب ڪھڙو ڏيان ھا، بس ھُون ھُون پئي ڪيم.

ھاڻ ذري گهٽ سوا ھڪ اچي ٿيو ھو، اسان ڪاليج جي مين گيٽ کان اندر داخل ٿيڻ لڳاسين، ان مھل اِڪڙ ٻِڪڙ ڇوڪرا مين گيٽ کان ٻاھر ٿي نڪتا، ۽ ڪجهه ڇوڪرا پارڪ ۽ ڪلاس روم کان ٻاھر ٿي آيا، ڪامريڊ مين ھال اڳيان اچي بائيڪ کي بريڪ ڏني، بائيڪ بيھاري تڪڙو تڪڙو ننڍڙا ننڍڙا ڏاڪا چڙھي مين ھال ۾ داخل ٿيو، مان به پويان تڪڙو تڪڙو ھلندو آيس.
مين ھال باقي بلاڪن جو مرڪز ھو. اوڀر طرف ساڄي کاٻي پاسي ڪلاس رومن جي قطار ھئي، اولهه طرف پرنسيپل جي آفيس ۽ ڪلارڪن جون آفيسون.
ڪامريڊ پرنسيپل جي آفيس طرف وڌيو، آفيس جو در بند ھو، ٻه قدم اڳتي وڌي ڪلارڪ جي آفيس ۾ گھڙيو، ڪلارڪ ڪامريڊ کي ڏسي پريشان ٿي ويو.
ڪامريڊ پڇيو ’’پرنسيپل جي آفيس بند آ!؟‘‘
ڪلارڪ گھٻراھٽ ۾ جواب ڏنو، ’’ڊرائنگ ھال ۾ پرنسيپل صاحب جي ٽيچرن سان ميٽنگ پئي ھلي، سڀ اتي آهن.‘‘
ڪامريڊ تڪڙو ٻاھر نڪتو تکيون تکيون وکون کڻڻ لڳو، مان به پويان پويان ذري گھٽ ڀڄندو رھيو ھوس، جئين بدڪ جو ٻچڙو بدڪ جي پويان ڊوڙندو آھي.
ڪامريڊ جئين ڊرائنگ ھال ۾ داخل ٿيو، گھري خاموشي ڇانئجي وئي، سڀ ششدر ۽ وائڙا ٿي ويا.
ڪامريڊ سڌو وڃي پرنسيپل صاحب جي ڳٿڙ ۾ ھٿ وڌا، سڀ ڇڏ ڇڏان ڪرائڻ لڳا.
ڪامريڊ ڇڪي وَر مان پسٽل ڪڍيو،
’’پري ھٽو ڪو ويجھو نه اچي.‘‘ سڀ خوف کان ھٽي پوئتي ٿي بيٺا.
مسئلو ته الاءِ ڇا ھو، ڪامريڊ گارين جي ڌُم لاھي ڏني، خوف ورائي ويم. مان وائڙن وانگي وٿيرڪو وات پٽي سڀ ڪجهه ڏسندو رھيس.
’’ذلالپ جي به حد ٿيندي آ، اگر سڀاڻي تائين منھنجن ڇوڪرن جي ايڊميشن نه ٿي ته سڀني جي رن رولي ڇڏيندس.‘‘
ڪامريڊ صفا گرم لڳو پيو ھو.
وچ ۾ مولوي خادم ڳالھايو،
’’ڪامريڊ! تنھنجي ٻولي ادب اخلاق جي دائري کان ٻاھر آھي، ھت سڀ مھذب استاد آھن، ڪجهه مھذب ٻولي جو استعمال ڪر اسان ڪو چور لوفر يا ڌنار ناھيون!‘‘
مولوي خادم ڄڻ ککر ۾ کڙھو ھڻي ڪڍيو ھو.
’’اڇا!‘‘ ڪامريڊ وڌيڪ جذباتي ٿي ويو.
’’ھاڻ توسان مھذب ٻولي ڳالھايان، دُن تي اچي ڏاڙھي پئي اٿئي، پنهنجين نياڻين جي ھوندي به رنڊي بازي ٿو ڪرين، رک قرآن مٿي تي چئو ڪوڙ آ...‘‘
مولوي خادم شرم کان ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
’’يا ھُن سوئر سائين سليمان سان مھذب ٻولي ڳالھايان، جيڪو سڄو ڏينھن وتي ٿو لونڊي بازي ڪندو ، وٺي اچان لونڊا مٿان شاھد بيھاريانس. يا ڪنڃر ڪريم سان مھذب ٻولي ڳالھايان جنھن جو ڪم ئي آھي دلالي ڪرڻ...‘‘
وچ ۾ پرنسيپل ڳالهايو،
’’ڪامريڊ! اھا ڪردار ڪشي آ‘‘
ڪامريڊ ڦورن پرنسيپل سان مخاطب ٿيو، ’’ڪردار ڪشي بدڪردار جي ٿيندي آ، مھذب ھوندو آ ماڻھو پنھنجي ڪردار سان، توھان جو ڪردار ڇا آھي!
ڪو رنڊي باز آهي، ڪو لونڊي باز، ڪو پاڻ لونڊو ته ڪو ڀڙوو!
ڪنھن سان مھذب ٻولي ڳالھايان، اجايو توھان ھن پيشي کي اچي بدنام ڪيو آھي، استاد جي پيشي تي توھان جھڙا گار آهن!!‘‘
پرنسيپل ڪاوڙ جي دٻيل لھجي ۾ چيو، ’’مطلب ڪامريڊ تنھنجي نظر ۾ سڀ خراب آھن، ڪو چڱو ڪونھي!؟‘‘
’’آھيو ئي سڀ مھا ڪنڃر، مھا سوئر، مھا دلا ڪنھن کي چڱو چوان! ‘‘
ڪامريڊ جي بلڊ پريشر جو پارو ھاءِ ڊگري تي وڃي پھتو ھو.
سائين نياز اڳتي وڌي اچي ڪامريڊ جي کاڏي تي ھٿ رکيو، ’’ڪامريڊ منھنجي ڏاڙھي ڏي ڏس.تنھنجو مسئلو حل ٿي ويندو، ھن مھل ضروري ميٽنگ پئي ھلي، تون ھل واعدو سڀاڻي تائين تو وارو ڪم ٿيل ھوندو.‘‘
سائين نياز ڪامريڊ کي ٻئي ھٿ ٻڌا، ڪامريڊ سائين نياز جا هٿ پڪڙيا.
’’سائين توھان محترم آهيو، توھان جي عزت ڪندو آهيان، ھن مھل مان ھلان ٿو پر جي سڀاڻي تائين مسئلو حل نه ٿيو ته پوءِ توھان وچ ۾ نه اچجو!‘‘

3

ڪامريڊ تکو تکو ٻاھر طرف نڪتو، دل ۾ شڪر ڪيم ڦشري ٽري. ڪامريڊ بائيڪ اسٽراٽ ڪئي ٻئي هٿ ڪيريئر ۾ وجھي قابو ٿي ويٺس، اڃان اسان مين گيٽ وٽ پھتاسين ته سھراب اچي ڦھڪو ڪيو.
’’حيدر! يڪو تنھنجي تلاش ۾ ھيس، سٺو ٿيو ھٿ اچي وئين، هل ضروري ڪم آهي.‘‘
ڪامريڊ مون ڏي ڏٺو، ’’مائٽ کي ڳوٺ ڇڏي اچان پوءِ موٽان ٿو.‘‘
سھراب مونکان پڇو، ’’تڪڙ ته ڪونھي نه؟‘‘
ڇا چوان ھا، چيم نه!

اسان کي سھراب وٺي پنھنجي اوطاق تي پھتو. سھراب گھران ماني ٽڪي کڻي آيو، ماني کائي ڪجهه ٻل ڪيم مٿان ھڪ ٻه گلاس پاڻي جا ڏوگھيم.
سھراب ڪامريڊ سان حال احوال ڪرڻ لڳو.
’’ حيدر! مير صاحب نياپو ڪيو آھي، چوڻ آھي ته ٽائيم ڪڍي ٻئي مونکان ٿي وڃو، توکان پڇڻو اهو آهي ته سوئر جو اسان ۾ ڪھڙو ڪم ڦاٿو ھوندو! ؟‘‘
ڪامريڊ مذاق ڪئي، ’’پاڻ کي سنڱ ڏيندو!‘‘
’’ھوندو ڪو حرامي جو ڪم ڦاٿل، ھلنداسين ته خبر پوندي.‘‘
’’توکان اِھو ته پڇڻو آ حرامي جو اسان ۾ ڪھڙو ڪم ڦاٿو آ، گلڻ ۽ ٻيا واٺا کٽا اٿس ڇا، پوءِ به ڪجهه اندازو؟‘‘
’’اندازو ڪھڙو... سڌي ڳالهه آ مير صاحب کي ڪنھن کي ٿُڪ بُجو ڪرائڻو ھجي ھا يا ڪنھن کي لٺ ٻاٺو ھڻائڻو هجي ھا، ڪنھن کي ڌمڪائڻ يا ڪنھن پلاٽ زمين جو قبضو ڪرائڻو ھجيس ھا ته گلڻ کي چوي ھا، ڪم ڪو ڳرو اٿس تڏھن اسان کي ٿو گهرائي.‘‘
’’پوءِ ڇا صلاح اٿئي ھلونس يا نه!؟‘‘ سھراب پڇيو.
’’ھلنداسين ڪم ڪرڻ جھڙو ھوندو ته ھا ڪنداسين، نه ته جواب ڏئي اينداسين.‘‘
مان وات پٽيو ويٺي ٻنھي جون ڳالھيون ٻڌيون.
ٻيو ڀلا مونکي ڪھڙو ڪم ھو، بس انتظار ھو ته سج لھي ته وڃي ڳوٺ ڀيڙو ٿيان، سج لھڻ جو انتظار ائين ڪرڻ لڳس، ڄڻ قيامت جا ڏينھن ڳڻڻا ھا.
نيٺ شامڙي جو پھر ٿيو. سھراب گھران جڳ ڀنگ جو ڀري کڻي آيو.
جڳ مٿان ڦڙا ڦڙا پاڻي جا ٿي چمڪيا سمجھم جڳ فرج مان ڪڍي آيو آهي. ڀري گلاس ڪامريڊ کي ڏنائين، ڪامريڊ سڄو گلاس ڏوگھي ويو.ٻيو گلاس پاڻ پيتائين گلاس مٿان گلاس، جڳ خالي ٿيو ته ڪامريڊ اٿي سھراب کان موڪلايو.
ھاڻ شام جا ذري گھٽ اچي پنج ٿيا ھا
سوڙھين سنھڙين گھٽين کان بائيڪ ٻرڙاٽ ڪندي اچي مين روڊ تي چڙھي، آسرو ٿيم ته ھاڻ ڳوٺ پھچي ويس.
رستي ۾ ڪامريڊ کان پڇيم، ’’ڪاليج وارو مسئلو ڇا ھو؟‘‘
چوڻ لڳو، ’’پرنسيپل حرامي ڀيڻسان منھنجي ڇوڪرن جا فارم رد ڪري ڇڏيا ھا ۽ پنھنجي من پسند ڇوڪرن جي ايڊميشن ڪري ڇڏي! مطلب ھُنن جو ڀلي سڄو سال ھليو وڃي.
جي منھنجن ڇوڪرن جي ايڊميشن نه ڪيائين ته سڀاڻي ڏسجان سڀ لولا لنگڙا ھوندا.‘‘
سوچڻ لڳم، وڌيڪ ڪامريڊ سان گڏ رھيس ته پادر پڪا کائيندس.
بائيڪ ٽُٽل ڦُٽل رستي تي ڊوڙي پئي، پاڻ کي مھا ڏاھو سمجھندي اجايو سوال ڇيڙيم،
’’ڪامريڊن جو مقصد ڪھڙو آ! ؟‘‘
’’غلامي کان آزادي....‘‘ ڦورن جواب ڏنائين.
بائيڪ کڏن کُٻن ۾ ٿيڙ کائڻ لڳي، بيلنس آئوٽ ٿيو ته، سري اڳتي سولو ٿي ويٺس
چيم، ’’اسين آزاد ناھيون!؟‘‘
منھنجو سوال احمڪاڻو لڳس،
’’دلبر غلامي ٻن قسمن جي ٿيندي آ، ھڪ ذھني غلامي ٻيو جسماني! اسان اڃان ذھني غلام آھيون.
اوائلي دور ۾ غلام کي ڏنڊن ٻيڙين ۾ قيد ڪيو ويندو ھو، اھو غلام آزادي چاھيندو ھو، پر اڄ جو غلام ان غلام کان به وڌ بدتر حالت ۾ آھي اسين آزاد غلام آھيون ۽ الميو اهو آھي ته اسان کي پنھنجي غلامي جو احساس پڇتاءُ به ڪونھي!‘‘
ھاڻ ڳوٺ نظرن جي آڏو ھو.
چيم، ’’ڪامريڊ ائين ته پوءِ اسين سڀ غلام آھيون!‘‘
چيائين، ’’بروبر پر ھن سسٽم کان بغاوت ڪري اسان ڪامريڊن گھٽ ۾ گھٽ ذھني غلامي جو ڳچي مان توق ته لاٿو آھي!‘‘
ھاڻ بائيڪ اچي ڳوٺ جي گھٽي کان لڙي ھئي. ڪامريڊ اچي گھر واري مسجد اڳيان لاٿو.
چوڻ لڳو ، ’’سڀاڻي ٽائيم سان تيار ٿجان، سروس بڪ وٺڻو آ‘‘
چيم ’’جي!‘‘
اڃان مان ٿوڙو اڳتي وڌيس ته، اوڏي مھل مَنو منڊو ٺلھا برتن کڻي مسجد مان ٻاھر ٿي نڪتو.
ڪامريڊ سڏي پڇيس، ’’ماني ڪاڏي کڻي ويو ھئين!؟‘‘
مَنو منڊو خوش اسلوبي سان چيو ’’واٽ الهه جي مولوي سڳوري کي کارائي اٿم.‘‘
ڪامريڊ ڪاوڙ ۾ چيس، ’’انھيءَ کان ڀلو ھو، ڪنھن ڪُتي کي کارائي ڇڏين ھا، وڌيڪ ثواب ملي ھا.!‘‘
مَنو منڊو کسڪيو.
مان به ٿڪل قدمن سان گھر طرف وڌيس.

4

ڪامريڊ جي پوري فيملي کان چڱي طرح واقف آھيان، ھڪ ننڍڙي پلاٽ ۾ سڄي فيملي گڏ رھي ٿي.
ڪامريڊ چوندو آ، ’’ماڻهو ٻاھر جو تتل گھر اچي، گھر جو تتل ڪاڏي وڃي، اسان جو گھر ناھي ڄڻ اجتمائي قبر آ، جنھن ۾ سڀ ھڪ ٻئي جي مٿان سلھاڙيا پيا آھيون.‘‘
پوڙھي پيءُ وليداد کان علاوه ٽوٽل پنج ڀائر آھن، وڏو ڀاءُ حاڪم سِرن جي بٺي تي ڪم ڪري، سڄو ڏينهن ٻرندڙ آوي ۾ جلي، تڏهن گهر جي چُلهه ٻرندي آهي. ڀاءُ کي ٽي پُٽ ۽ ھڪ نياڻي آھي، ٻه پُٽ اڪو، سجو منھنجا ڪلاس فيلو آھن، باقي ٽيون نمبر اڃان ننڍو آھي، ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙھندو آھي.
اڪو، سجو نه پاڻ پڙھيا نه مونکي پڙھڻ ڏنائون.
ٽئي ھڪ ئي درجي ۾ ھڪ ئي ڪلاس ۾ ھڪ ئي بينچ تي ويھون. اھا بينچ ڪلاس جي پٺين ڌر کان آخري لائين ۾ رکيل آھي، ڪلاس ۾ سڄو ڏينھن ڪم شرارتون ڪرڻ آھي، فيئر بڪ تي ھر روز استادن جا پادر ڍئو تي کائون، عربي سبجيڪٽ ۾ اسان جھڙا ڍڳا، عربي وارو مُلان اسان کي دل تي ڪٽي، اسان سان ڄڻ ذاتي دشمني ھجيس
مُلان اڪو کان سبق پڇيو، ’’ھاذا ھي بقرة معني؟‘‘
اڪو چوي، ’’سائين! معنا ھي ھڪ وڏو ٻڪر آھي...!‘‘
مُلان دسي مار ڏئيس ته پڻھين جو وڏو ٻڪر آ. پر مان ۽ سجو انھي بقرة واري سٽ کي به ڪونه سمجھي سگھياسين.
پوءِ مُلان ٽنھين کي ائين ڪٽيندو ھو، جئين اُٺ پتڻ تي ڪٽجي، ڪُٽي ڪُٽي جڏھن ھٿ ڪڍندو ھو سور کان چنگھدا وڃي بينچ تي ويھندا ھاسين.
اڪو نڪ جو ايڏو پڪو، جو بينچ تي ويھندي ڪنڌ ھيٺ ڪري اُوڏي مھل دٻيل ٽھڪ ڏئي کلي پوي. سياري ۾ ھٿن تي ڏونٽيون لڳڻ ڪري منھنجو ته ھانءُ ٻڏي ويندو ھو، پر مجال جي ھنن کي مار اثر ڪري.
اڪو چيو، ’’دلبر اسان کي عربي سکڻي ئي ڪونھي، مار پويس ڪُٽي ڪُٽي تنبورو ڪري ڇڏيو اٿس، نڀاڳي جو ڄڻ پلاند رھيل ھجي ڪھڙو اسان کي عرب ٿيڻو آ ‘‘
سجو چيو، ’’ھاڻ جي سوئر جي پيرڊ ۾ ويھي وياسين ته پوءِ اسان پنھنجي پيءُ جا پٽُ ئي ناھيون!‘‘
پوءِ جڏھن به عربي پيرڊ جي گھنٽي وڄندي ھئي ھي ٻئي پٺين در کان ٻاھر نڪري ديوار ٽپي ڀڄي ويندا ھا.
ڪلاس جا ڇوڪرا پيا دانھون ڪندا ھا، سائين ڇورا ڀڳا ٿا وڃن، پر اڪو، سجو ائين ديوار ٽپي گم ٿي ويندا ھا، جئين ھوا جو واچوڙو.
تڏھن ھر روز ھڪ نه ٻئي ڏينھن ھڙتالون پيون ھلنديون ھيون، روز ڪامريڊ پھرين ٻئين پيرڊ ۾ نعرا ھڻندا اسڪول ۾ داخل ٿيندا ھا ۽ پوري اسڪول کي موڪل ڪرائي ڇڏيندا ھا.
ھڙتال تي اڪو، سجو ايڏا خوش ٿيندا ھئا ڄڻ سندن گهر ڳئون ويامي پئي ھجين.
ھڪ دفعي مُلان عربي جو پيرڊ پئي ورتو. اسان کي پادر پڪا سجھا پئي، بس اسان جو سبق ٻڌائڻ جو وارو آيو. مُلان اڪو کي چيو ’اُٿي سبق پڙھي ٻڌاءِ‘‘
اڪو عربي جو ڪتاب کڻي اٿي پڙھڻ لاءِ اڃان بيٺو مس ته اسڪول جي ٻاھران نعرن جو آواز آيو، ’’انقلاب زندھ آباد، انقلاب زندھ آباد‘‘
اسڪول ۾ سڀني ڇوڪرن ۾ افراتفري ڦھلجي وئي. سڀئي چوڻ لڳا ’’سائين جلوس اچي ويو... ‘‘ سڀئي پنھنجا پنھنجا ٿيلھا سنڀالڻ لڳاسين
اڪو ۽ سجو خوشي ۾ اٿي اوڏي مھل بينچ تي زور زور سان ڌڪ ھڻي وڏي آواز نعرا ھنيا.’’ انقلاب زندھ آباد، انقلاب زندھ آباد‘‘
جلوس اڃان به اسڪول جي ديوار کان ٻاھر ھو.
مُلان ڏند ڪرٽي اسان ڏي ڏٺو، ڇوڪرن کي چيو ’’ويھو ويھو جلوس ڪونه ٿو اچي.‘‘
سڀ ڇوڪرا خاموش بينچن تي ويھي رھيا.
اڪو سجو ۽ مان وائڙن وانگي ھيڏي ھوڏي تڪڻ لڳاسين، جاچ لھڻ لڳاسين ته اڃان جلوس اندر داخل ڇو ڪونه ٿيو آھي، اسان حيران ۽ پريشان ھئاسين ته، خبر پئي جلوس ننڍن ٻارن جو ھو، پوليس ڊوڙائي ناڪام بڻائي ڇڏيو
اڪو، سجو ۽ منھنجو منھن لھي ويو، خوف ٿي پيو ته ھاڻ عربي وارو مُلان پڪي موت ڏيندو.
مُلان ڪاوڙ ۾ ھٿ جي آڱرين سان سڏيو
’’اچو ٻچا! اچو، اچو توھان کي انقلاب مان ٿو سيکاريان.‘‘
اسان ٽئي ڄڻا بينچ تان اُٿي ھوريان ھوريان ھيسيل حالت ۾ اڳتي وڌڻ لڳاسين.
مُلان ٻيھر ڏند ڪرٽي چوڻ لڳو، ’’ھلندا اچو ٻچا! تڪڙا تڪڙا اچو.‘‘
اسان جئين ڀر ۾ پڳاسين، مُلان دير نه ڪئي، اول اڪو جي ڄُنڊن ۾ ھٿ وجھي ڀر واري بينچ تي وڃي دسيس. پوءِ مُڪن ٺونشن جي وارو وار لاھي ڏنس. پڻھين جو انقلاب!
اڪو جا پئي رانڀاٽ پيا، اڪو مان ھٿ ڪڍي سجو جي وارن ۾ ھٿ وڌائين، سجو کي وڃي پٽ تي دسيو، لتن مُڪن جي وارو وار لاھي ڏنس، مان پئي ڪنبيس ته مُلان صفا اُڦٽ ماري وجھندو، منھنجو وارو آيو، مُلان اھو ڪُٽڪو ڏنو، سڀ انقلاب وسري ويا.

وڏي ڀاءُ حاڪم جي گھر جي ڀرسان ٻيون نمبر ڀاءُ برڪت علي جو گهر آھي. برڪت علي کي چار نوجوان نياڻيون ۽ ھڪ پٽ آھي، پاڻ استاد شوڪت وٽ پن جي ٻيڙيون ٻڌڻ جو ڪم ڪري. صبح سوير ڪم تي ويندو آھي ۽ شام ڌاري گھر موٽي ٿو اچي.
اُلھندي پاسي کان ٽيون نمبر ڀاءُ مُحسن جو آھي، جيڪو ھاڻ ٻار ٻچڙا وٺي سڄي جھنجھٽ مان جان ڇڏائي لڏي وڃي بدين ويٺو آھي.
هاڻ انھي خالي گھر ۾ ڪامريڊ رھي.
چوٿين نمبر ڀاءُ جمعو جو گھر ڏاکڻي پاسي آخر ۾ ھڪ ڪنڊ کان ٺھيل آھي، انھي گھر ۾ رڳو جمعو ۽ سندس گھر واري رھن.
جمعو پريس ۾ پرنٽنگ جو ڪم ڪري ۽ ڪامريڊ جو پيالي ڀائي به آھي. ڪڏھن ڪڏھن منجھند يا شام گڏجي ڀنگ ڀٽاري به گھوٽي وٺن.
ڪامريڊ ڀائرن کي خرچ ڏيندو ناھي ته، ڪنھن کان وٺندو به ناھي.
ڳوٺ جي ھر مسڪين غريب جو احساس رکي، ھر ڪو ماڻهو ڪو نه ڪو ڪم چوندو آھي، پوءِ اھو ڪم اسپتال جو ھجي يا ڪنھن آفيس وغيره جو، پر ھر ڳوٺائي غريب مسڪين جو ڪم ائين ئي ڪري، جئين منھنجي ڪم سان لڳو آھي!

5

ٻئي صبح سڀ پير سوري اچي گھر واري مسجد اڳيان بيٺو ھوس. سامھون گھٽي کان مولي منٺار ۽ مولوي مولڻ ٿي آيا. مون تي نظر پين ته وڌي اڳتي آيا، سلام ورائي اليڪ سليڪ شروع ڪئي ۽ دستور مطابق دين جي تبليغ ڪرڻ لڳا.
مولوي مولڻ اٻوجهه آهي ڳوٺ جي گھٽين ۾ به وتندو آھي ثناءِ پڙھندو
آنکهون ڪا تارا نام محمد
دل ڪا اجالا نام محمد

مٺو پيارو سھڻو نالو آقا جو
مٺو پيارو سھڻو نالو مدني جو

مصطفا جانِ رحمت پي لاکھون سلام
شمعي بزمي ھدايت پي لاکھون سلام

يا
نور والا آيا ھئي نور ليڪي آيا ھئي
ساري عالم مين ي ديکھو ڪيسا نور ڇايا ھي
اصلات وسلام عليڪ يا رسول الله
اصلات وسلام عليڪ يا حبيب الله

بس پنھنجي ڌُن، پنھنجي رِمز ۾ مگن ھوندو آھي پر مولوي منٺار ڪٽر ملو آھي، موقعي جي مناسبت سان ڳالھائيندو آهي. سڄي سال جي ڪاوڙ ماڻھن مان عيد گاهه جي خطبي ۾ ڪڍندو آھي.
مولوي منٺار مون تي زور ڀرڻ لڳو ته، ’’پڪ سڀاڻي نماز پڙھڻ ايندين!‘‘
مون پئي ڪنڌ ڌوڻيو. اوڏي مھل ڪامريڊ بائيڪ کي اچي بريڪ ھنئي.
سڌو مولوي منٺار سان مخاطب ٿيو،
’’ڇو اچي ڇتا ٿيا آھيو، شل نه ڪو غريب اٻوجهه وجهه چڙھيو جان نه ڇڏجوس... ڀلا ڏيو خبر ماڻھن کي نمازي بڻائڻ جو توھان کي ٽارگيٽ مليل آ ڇا!؟ سڃاڻان توھان کي به ۽ توھان جي گاريل مرشد کي به!
وڏو دين جو اچي اُونو لڳو اٿوَ، ڪڏھن ڪنھن غريب کان پڇوَ ته پريشان ته ناھين، ڪا ضرورت ته ڪانه اٿئي، گھر ۾ ڪجهه کائڻ لاءِ اٿئي يا نه!
انسان آهيو ته انسان کان انسان وارا سوال ڪيو. ماڻھن لاءِ خُدا نه بڻجو، خُدا جا ڪم خُدا تي ڇڏي ڏيو.‘‘
مولوي مولڻ ڪن ڪٽا ڪيا. ڏيڍي نظر سان مولوي منٺار کي تڪيو.
مولوي منٺار استغفرالله چئي کسڪ صورت پڙھي، مولوي مولڻ تکو تکو پويان لڳو.
ھي کسڪيا ته ڪامريڊ به بائيڪ کي اسٽراٽ ڪيو.
رستي ۾ ڪامريڊ کان پڇيم، ’’ڪامريڊ مولوي سڳورا وري به عبادت جي ڳالهه پيا ڪن!‘‘
منھنجي ڳالهه پوري ٻڌڻ کان اول چيائين، ’’دلبر ماڻهو عبادت ڪري ٿو پنھنجي خوف جي، نڪي خُدا جي!
خوف فطري عمل آ. خوف ماڻهو ۾ به ھجي ٿو ته پکي پکڻ جانورن ۾ به، ڇو ته ماڻهو سمجهه سان گڏ شعور به رکي ٿو انھي ڪري مختلف قومن مختلف خُدا ٺاھي ڇڏيا آھن.‘‘
پڇيم، ’’ سمجهه ۽ شعور ۾ فرق ڪھڙو آ!؟‘‘
چوڻ لڳو، ’’دلبر تون به ذري گھٽ اديبن وارا سوال ڪرڻ لڳو آھين، چڱو ٻڌ. مثال طور ھڪ باز ڪنھن ڪڪڙ جي ٻچن تي جھڙپ ٿو ھڻي رد عمل ۾ ڪڪڙ ڦورن باز سان وڙھي ٿي پوي... اھا آھي سمجهه !
پر ڪنھن امڪاني حملي کان اول ان جي پلاننگ جوڙڻ، اُهو آھي شعور، انھي ڪري ان جانور يا پکي کي سمجهه ته آھي پر شعور ڪونھي!‘‘
چيم، ’’ڪامريڊ! ائين ته پوءِ تون خُدا کي به مڃين ٿو الاءِ نه!؟‘‘
چوڻ لڳو ، ’’اھڙي خُدا کي مان نه ٿو مڃان جيڪو صرف اميرن جو خُدا آهي ۽ غريب کي ليکي ئي نه ٿو ۽ اھڙن وڏن پيٽن جو خُدا اُھو آھي جيڪو فقط ھنن جا بڀ ٿو ڀري. غريبن جو خدا هيڻو ۽ ڪمزور آهي. اميرن جو خدا طاقت ور آهي .‘‘
چيم، ’’ڪامريڊ! تون ته ناستڪ آهين!‘‘
چيائين، ’’ ناستڪ جو به خُدا آهي!
چيم ’’پر تون ته ڪنھن مذهب کي به ڪونه ٿو مڃين.‘‘
مرڪي پيو چيائين، ’’ڇا خبر، خُدا اُھو ھجي، جيڪو ڪنھن به مذهب سان تعلق نه رکندو ھجي!‘‘
چيم، ’’مذهب انسانيت جو درس ٿو ڏئي.‘‘
چيائين، ’’هاڻ مذهب شر پسند ۽ شيطانن وٽ وڃي بچيو آهي!‘‘
چيم، ’’ڪامريڊ! توسان بحث ڪرڻ فضول آ... مھلاتو ھل ته اسپتال مان سروس بڪ وٺون.‘‘

بائيڪ ٻرڙاٽ ڪري ھلڻ لڳي ھئي. مونکي به الاءِ ڪھڙي ڪاريھر ڏنگيو جو ٻن ڏينھن کان ڪامريڊ سان گڏيو ٿو وتان.
ڪامريڊ بائيڪ موڙي ڌو ڪئي ڪاليج اندر. سوچڻ لڳس، ’’اڄ جي ڪامريڊ جو مسئلو حل نه ٿيو ته پوءِ خُدا ڪري خير!‘‘
ڪامريڊ بائيڪ کي بريڪ هڻي تکا تکا قدم کڻي سڌو پرنسيپل جي آفيس ۾ داخل ٿيو.
پرنسيپل اڳيئي ڪامريڊ کي چيو، ’’ڪامريڊ! تنهنجي ڇوڪرن جي ايڊميشن ڪري ڇڏي آھي.‘‘
ڪامريڊ ڪجهه چوڻ کان بغير تکو تکو ٻاھر نڪتو. ڊوڙي وڃي مان به بائيڪ تي ويٺس. بائيڪ اسٽراٽ ٿي، دل ۾ سوچيم ، ’’اهو آھي پادر کي پاور!‘‘
بائيڪ اسٽراٽ ٿي ڪيريئر ۾ ٻئي هٿ سُڪ ڪري ڇڏيم. ڪامريڊ جي يخي پئي هلي. سڌو رستو پار ڪري اچي سوڙھيون سنگھوڙيون گھٽيون ورتيونسين.
پڇيم’’ ڪامريڊ ڀلا ڪڏھن سڌن رستن سان ڪونه ھلين!‘‘
مُرڪي پيو، ’’سڌي رستي سان ’يار‘ مليا ته وڏي گھر وٺي ھلندا، ھلندين!؟‘‘
چيم ، ’’پوءِ ڪامريڊ اڃان سوڙھيون گھٽيون ڳول.‘‘
بائيڪ وَر وڪڙ کائيندي ڊوڙندي رھي، هڪ گھٽي ۾ ڪامريڊ چاچا ڪريم جي دڪان اڳيان بائيڪ کي بريڪ ڏني. کيسي مان سيڌي سامان جي لکيل چٺ ڪڍي چاچا ڪريم کي ڏني ۽ پوري سامان جو حساب ڪرائي ورتو.
چاچا ڪريم سموري سيڌي جو حساب ٻڌايو. ڪامريڊ چاچا ڪريم کي اوڏي مھل پورا پيسا ڪڍي ڏنا.
چاچا ڪريم کي چيو، ’’چاچا سامان چاچا سومر مُوچي کي ڏجان.‘‘

بائيڪ اسٽراٽ ٿي، سوڙھيون سنگهوڙيون گھٽيون.
بائيڪ کي بريڪ گُڊو ٻالي جي ڪوارٽر اڳيان لڳي.ڪامريڊ ڪوارٽر ۾ داخل ٿيو، وڏا ڀاڪر پيا. ڀنگ ڀٽاري گھوٽجڻ لڳي.
سوچڻ لڳس، ’’ڇھن ستن مھينن ۾ به ايترو ذليل ڪونه ٿيو ھوس، جيترو ڪامريڊ سان گڏ ٻن ڏينھن ۾ ٿيو آھيان.‘‘
گُڊو فرمائش ڪيس ته ڪامريڊ ڪپڙا ڪڏھن ٿو وٺي ڏين ۽ چمپل به ڇڄي پئي آھي.
’’ڪڃر! ڪپڙا وٺنداسين. سينڊل به پيرن جي ماپ ڏئي وٺجان پر فلحال ٻه ٽي ڏينهن صبر ڪر. سڃائي اچي پاسو ورتو آھي.‘‘
گُڊو جو چھرو ٻھڪي پيو ھو، ’’چڱو صبر ٿو ڪيان!‘‘

ڳالھين ڳالھين ۾ ڀنگ ڀٽاري به گهوٽجي وئي.
ساڳيو ورلاپ ’اچي ڀلي ڪري اچي.‘
گلاس ڀريا، گلاس خالي ٿيا.
ذري گھٽ سوا ٻارھن اچي ٿيا ھا، دل ۾ سوچيم اڄ به ڪم ڪونه ٿيو
ڪامريڊ اٿي گُڊو ٻالي کان موڪلايو، بائيڪ اسٽراٽ ٿي ٻئي هٿ ڪيريئر ۾ پٺيان قابو وڌم، ڇو جو ٽُٽل ڦٽل رستن تي بائيڪ ھلندي گھٽ آھي، ست قلي بال وانگيان ٺٻ گھڻا کائيندي آھي.
گھٽي گھٽي ۾ گٽرن جا وات پٽيا پيا آھن، اوچتو ڪريس بائيڪ تان ۽ وڃي ڪنھن گٽر ۾ پيس ته، ٻئي پاڙي جي گٽر مان وڃي ٻاھر نڪرندس.
بائيڪ جا اھي ئي ٻرڙاٽ. سڌو اچي چاچا سومر موچي اڳيان بائيڪ کي بريڪ لڳي. ڪامريڊ چيس ’’چاچا، چاچا ڪريم کي تنھنجو سامان لکرائي ڇڏيو اٿم، پيسا مليل اٿس جيڏي مھل وڃي سامان کڻجانس.‘‘
چاچا سومر ڪامريڊ کي دعائن جا ڊوھ ڏئي ڇڏيا.
بائيڪ اڳتي وڌڻ لڳي. ساڳيا ٻرڙاٽ. ھاڻ لڳ ڀڳ ساڍا ٻارنھن پئي ٿيا، اسپتال جي مين گيٽ کان اندر داخل ٿياسين.
ڪامريڊ بائيڪ کي بيھاري لاڪ ھنيو.تڪڙو تڪڙو اڳتي وڌڻ لڳو، پويان پويان مان بغليون ھڻندو ٿي ھليس.
ڪامريڊ وارڊن مان ٿيندو سڌو مين ھال ۾ پھتو، جتان ھڪ سائيڊ کان ٻاھر طرف رستو ھو، جتي پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن جي لينڍ/ قطار آھي.ٻيو رستو ايمرجنسي وارڊ ۽ نڪ ڪن اکين جا وارڊ آھن. کاٻي پاسي کان سول سرجن جو روم ۽ ڪلارڪ جي آفيس آهي.
ڪامريڊ ڪلارڪ جي آفيس طرف وڌيو.
سامھون وارڊن واري گلي کان سول سرجن ڊاڪٽر ۽ ڪجهه ڊسپينسر پنھنجي يونيفارم ۾ ٿي آيا.
جئين ڪامريڊ تي نظر پين ته سڀ ھيسجي ويا، ڪجهه ڪجهه ڍرا ٿيا. ڪامريڊ تکو تکو ھلندو وڃي سڀني جي سامھون بيٺو.
سڀ وائڙا ۽ ششدر ٿي ويا.
ڪامريڊ پڇو، ’’ڪاڏي ڌڻ ڪري نڪتا آهيو!؟
گينڊڙي ڊاڪٽر ڦورن جواب ڏنو، ’’صاحب وزٽ تي نڪتو آھي!‘‘
ڪامريڊ گينڊڙي ڊاڪٽر جي ڪرائي ۾ ھٿ وڌو. گينڊڙو ڊاڪٽر گھٻرائجي ويو. ڪامريڊ گينڊڙي ڊاڪٽر جي ڪرائي مروڙي واچ ڏيکاري.
’’ٽائيم ڇا ٿيو آ!؟‘‘ ڪامريڊ پڇيو.
ٽائيم ڏسي گينڊڙي ڊاڪٽر چيو ’’ٻارنھن لڳي اٺٽيهه منٽ‘‘
ڪامريڊ گينڊڙي ڊاڪٽر جي ڪرائي مان هٿ ڪڍيو.
سول سرجن سان مخاطب ٿيو، ’’وزٽ جو ٽائيم سوا اٺ کان نو بجي تائين جو آهي، هي ڪھڙو ٽائيم آهي وزٽ جو!؟‘‘
سول سرجن ڪنفيوز ٿي ويو ڪجهه ڪونه ڳالھايو.
ڪامريڊ باقي ڊاڪٽرن کي ڇنڊ پٽي، ’’توھان ائين ڪيو ، ڪلھن ۾ بندوقون ھڻي سول سرجن صاحب سان وزٽ تي نڪرو، جئين ٻين کي به خبر پوي ته صاحب گارڊن سان گڏ وزٽ تي نڪتل آهي.‘‘
ڪامريڊ سڀني کي اکيون ڏيکاريون، ’’موٽو! سڀ ڪو پنھنجي پنھنجي وارڊ ۾ هلي، هلو تکا ٿيو‘‘
سڀئي پنھنجي پنھنجي وارڊ ڏي کسڪڻ لڳا.

ڪامريڊ ڪلارڪ جي آفيس طرف وڌڻ لڳو، ٻه قدم اڳتي وڌياسين ته ڳوٺائي غلام علي ھٿ ۾ دوائن جي پرچي کنيو ٿي آيو.
ويجھو پھتو ته، ڪامريڊ پڇيس ’’غلام ڪھڙي پرچي ھٿ ۾ کنئي اٿئي!؟‘‘
غلام علي ڪامريڊ کي ڏٺو ڄڻ اُميد جاڳي پيس ته مالڪي ٿيندي، چوڻ لڳو. ’’ڪامريڊ گھر واري بيمار ٿي پئي آھي، ٻن ٽن ڏينهن کان يڪو اسپتال ۾ آھيان، ڀڄي ڀڄي مس داخلا ڪرائي اٿم، سڄي ڏينھن ۾ ڪمپائونڊر ھڪڙي سئي ھڻي ويندو آھي، اول جيڪو ٻُڪ گورين جو ڏنو اٿن اھي گوريون کٽن ڪونه ٿيون، باقي دوا جي پرچي ھٿ ۾ آهي پر سرڪاري اسٽور روم تي دوا ملي ڪونه ٿي، ٻاھرين اسٽورن تي دوا جا چار پنج سئو ٿا چون.‘‘
ڪامريڊ پرچي وٺي اسٽور روم طرف ھلڻ لڳو، پھرين ھڪڙو ھيس ھاڻ ٿياسين ٻه. دل ۾ چيم، مار پوي غلام علي کي ھن جي ضرورت ھئي، مائي ڄڻ مُئي پئي وڃيس، ھلي ٻڌي ھي به پٽڪا، آھي چچ غريب پر اوڏي مھل غلام علي جو گڏجڻ ائين چڙ ڏياريندڙ لڳو ھو، جئين ٻارڙا اُٺن جون قطارون ڏسي اُوٺارين کي چيڙائيندا آهن، اُٺ ته ماما گوگڙو، چڙ ته چچڙ پٽنئي
غلام علي جو بي وقتائتو گڏجڻ مونکي به، چڙ ته چچڙ پٽنئي وانگي چيڙائڻ جھڙو لڳو ھو.
غلام علي ڪامريڊ سان گڏ تکو تکو ھلندي، مونکان پڇيو ’’دلبر تون خير سان اسپتال آيو آهين!؟‘‘
’’نه اسپتال ۾ جيڪو مونکي ٽاڪرو آ، توکي به ڪونھي.‘‘ ڪاوڙ جي دٻيل لھجي ۾ چيم.
نماڻائي مان مون ڏي ڏٺائين، چپ ٿي ويو. وکون ڪجهه تيز وڌايونسين، ڪامريڊ تکو تکو ٿي ھليو.
تکو تکو ھلندين پڇيائين ’’ڪامريڊ گڏ آ ڪم ٿي ويندو!؟‘‘
چيم، ’’ھئو ھل توکي بوسڪي جو پٽڪو ٿو ٻڌرائي!!‘‘
اسٽور روم جي کڙڪي کان ماڻھن جي قطار لڳي پئي ھئي، سڀني جي هٿن ۾ دوائن جون پرچيون ھيون، پر اسٽور روم مان ڪنھن کي به دوا پوري ملي ڪونهي.
ڪامريڊ ھڪ ٻن کي پاسي تي ڪري اسٽور ڪيپر کي پرچي ڏني، اسٽور ڪيپر پرچي تي غور ڪري ڪامريڊ کي چيو. ’’ڪامريڊ! اھا دوا ٻاھران اسٽورن تي ملندي اسان وٽ ناھي.‘‘
ڪامريڊ ڪاوڙ ۾ چيس ’’پوءِ اسٽور ڇا جي لاءِ کولي رکيو اٿوَ،غريب دوا ٻاھران وڃي وٺن ته پوءِ اسٽور کي تالو ڇو نه ٿا ھڻو، بند ڪر اسٽور.‘‘
ڪامريڊ ڪاوڙ ۾ پير جوسينڊل لاھي اُڇلي کڙڪي مان اسٽور ڪيپر کي ھنيو، سينڊل کڙڪي کان اندر وڃي پيو، ماڻھن ڪامريڊ کي وڃي ڀاڪر وڌو. ڇڏ ڇڏائڻ ڪرڻ لڳا، ڌمچر وڌي ويو.
مان ۽ غلام علي ششدر ٿي وياسين، غلام علي مون ڏي تڪڻ لڳو، چيم ’’ترس ڪامريڊ جوڻهين لاءِ بيڊ به وٺي ڏيندو، اي سي روم ۾ جوڻھين ايڊمڊ ھوندي پوءِ اونھارو گذاري سياري ۾ مائي وٺي گھر موٽي اچجان، آئي کان دائي تڪڙي...!!‘‘
غلام علي چُچن اکين سان مونکي تڪڻ لڳو.
ڪامريڊ سڀني کي چيو، ’’ھٿ ڪڍو، ڪھانس ڪونه ٿو، منھنجو اندرسينڊل آهي، رڳوسينڊل وٺي ڏيو.‘‘
اسٽور ڪيپر ڦورن ٻاھرسينڊل اڇليو، ڪامريڊ پير ۾سينڊل وجھي غلام علي کي چيو.
’’پرچي ڪھڙي ڊاڪٽر لکي ڏني اٿئي!؟‘‘
غلام علي ھيڪر مون ڏي ڏٺو پوءِ چيو ، ’’ھل ڏيکاريان ٿو!‘‘
ڪامريڊ اڳيان ٿيو، اسان ٻئي پويان پويان پئي ھلياسين. ھلندي غلام علي موڏي ٽيٽ نظر ڪئي. چيم’’ ترس پٽ! اڃان شروعات آ، ٻئي دفعي پوڙھي مري به پوندئي، اسپتال وٺي ڪونه ايندينس.‘‘
تکا تکا ھلندا آياسين غلام علي ڪامريڊ کي ٻڌايو انھي وارڊ ۾ ٺوڙھو ڊاڪٽر ويٺو آهي.
ڪامريڊ اندر گھڙيو اسان به ڌو ڪئي اندر.
ٺوڙھي ڊاڪٽر کي ڏسي ڪامريڊ پرچي سڌي ڪري پڇيس ’’تو لکي آھي!؟‘‘
عينڪ مان پرچي کي ڏسي ٺوڙھي ڊاڪٽر چيو، ’’ھا‘‘
ڪامريڊ پڇيس، ’’اھا دوا توھان جي اسٽور ۾ آھي!؟‘‘
ٺوڙھو ڊاڪٽر پريشان ٿي ويو ’’نه! دوا پرائيويٽ اسٽورن تي ملندي.‘‘
ڪامريڊ جي بلڊپريشر جو پارو ٻيھر وڌي ويو.
’’ جڏھن توھان جي اسٽور ۾ دوا ڪونھي ته پوءِ اھڙي دوا لکئي ڇو!؟‘‘
’’اسٽور ۾ دوا ڪونھي، وارڊن ۾ پکا ڪونه ٿا ھلن، بيڊ بسترا اھي ئي ساڳيا ڌپ ڪري ويا آهن، مريض پاڻ ته چڱو ڀلو ڪونه ٿو ٿئي، اُلٽو جيڪي چار ملڻ اچن اھي به بيمار، مريض ڊسچارج ٿئي ته هتان ھزار بيماريون اڃان به کنيو وڃي...
وارڊن جي ڀتين جا چاپڙ لٿا پيا آھن، اسپتال ۾ گھڙ ته ڍونڍ جي ڌپ کنيو وڃي، لکن ڪروڙن جي بجيٽ ملي ٿي، سڀ ھڙپ ڪري ٿا وڃو، حرام جون ويٺا پگھارون کائو.....
غريب کي جيڪا دوا لکي ڏني اٿئي، اُھا دوا ڪٿان به ڪري گهرائي ڏينس، جي ھن کي دوا نه ملي ته، سڀاڻي توسان گھٽ نه ڪندس...‘‘
ڪامريڊ غلام علي کي چيو، ’’گنجي کي چئي ڇڏيو آهي دوا نه ملئي ته، سڀاڻي مونکي ٻڌائجان.‘‘
ڪامريڊ ٻاھر نڪتو،ڪنڌ ورائي غلام علي ڏي ڏٺم ڄڻ ڪورٽ ۾ ٽيپ جي سزا لڳي وئي ھجيس.گنجي ڊاڪٽر به ڪاوڙ ۾ غلام علي ڏي پئي ڏٺو، وس پڄيس ھا ته غلام علي کي اتي گھٽو ڏئي ماري وجھيس ھا.
مان تکو تکو ڪامريڊ جي پويان لڳس.
ڪامريڊ وڏيون وڏيون ٻرانگهون کڻندو سڌوڪلارڪ جي آفيس ۾ گهڙيو، جئين ڪامريڊ تي نظر پئي، ڪلارڪ پريشان ٿي ويو.
ڪامريڊ ٻه لفظ ڳالھايا.’’ سروس بڪ ڪٿي آھي؟‘‘
ڪلارڪ ھڪ نظر مون تي وڌي گھٻراھٽ ۾ چيو، ’’ڪامريڊ سروس بڪ فائيلن ۾ گم ٿي ويو آهي ڳولي ٿو وٺان.... ويهه.‘‘
ڪلارڪ فائيلون ڦٿورڻ لڳو، ھڪ ٻه الماڙي ڦٿوڙي سروس بڪ ڪڍي اچي ڪامريڊ کي ھٿ ۾ ڏنائين.
چوڻ لڳو ’’سروس بڪ ٽريزري ۾ جمع ڪرائڻو پوندو، اُھي پينشن تيار ڪندا.‘‘
ڪامريڊ چيو، ’’اُھو به ڪري وٺنداسين.‘‘
ڪامريڊ سروس بڪ منھنجي هٿ ۾ ڏنو، مون سروس بڪ بغل ۾ ھنيو. ڪامريڊ تکو تکو ٻاھر نڪتو، سروس بڪ ملڻ جي خوشي ۾ ذري گھٽ ڪامريڊ سان گڏ گڏ پئي ھليس. اڄ ڄڻ مون خيبر جو قلعو فتح ڪري ورتو ھجي.
تکو تکو هلندي ڪامريڊ جي منھن ۾ تڪي پڇيم ’’ڪامريڊ هلي ھلي منھنجي ته جُتي گسي وئي ھئي، جھٽ ۾ تو سروس بڪ وٺي ورتو؟‘‘
ڪامريڊ چيو، ’’دلبر دنيا ٻن قسمن جي ٻولي سمجھندي اٿئي... ھڪ پيسي جي، ٻيو پادر جي!‘‘
دل ۾ سوچيم ڪاش مان به، ڪامريڊ ھجان ھان!

ڪامريڊ بائيڪ ڪڍي مين گيٽ تي اچي مونکي ڇڏيو. اوڏي مھل سھراب به اچي پھتو چوڻ لڳو، ’’حيدر! مائٽ کي ڇڏ ڳوٺ وڃي ھل ضروري ڪم آھي!‘‘
ڪامريڊ مونکي چيو، ’’دلبر سڀاڻي سروس بڪ کڻي ٽريزري آفيس وڃجان ڪو مسئلو ٿئي ته ٻڌائجان.‘‘
چيم ’’ٺيڪ آ‘‘ مون ڳوٺ جو رُخ ڪيو، ھي به ٻئي روانا ٿيا.

6

ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ ڪامريڊ مليو ھو. منھنجي بغل ۾ سروس بڪ ڏسي پڇيو،
’’دلبر اڃان ٽريزي ۾ بڪ جمع ڪونه ڪرائي ڇا؟‘‘
چيم،’’ پٽيوالو اندر آفيس ۾ ڇڏي ئي ڪونه ٿو، جيڏي مھل پڇ چوي ٿو صاحب ميٽنگ ۾ مصروف آ....‘‘
ڪاوڙ ۾ چھرو لال ٿي ويس. ’’ڪيڏا نه حرامي آھن، حرامين سان دنيا ڀري پئي آ، ھڪ مزدور پورھيت سڄو ڏينھن پورھيو ٿو ڪري، مصروف آھي سمجهه ۾ اچي ٿو! ڪو ھاري نٽھڻ اُس ۾ ھر ٿو کيڙي، مصروف آھي، اھو به سمجهه ۾ اچي ٿو! ھڪ غريب ريڙھي تي اُڀي پيرين بيٺي ڀاڄي ٿو وڪڻي، مصروف آھي، سمجهه ۾ اچي ٿو!
ھي ڪنڃر سڄو ڏينھن آفيس اندر ايئرڪنڊيشن روم ۾ ويٺا آھن، ڪم ئي اهو آھي فائيلون چيڪ ڪرڻ، ڪنڃرن کي ٻيو ڪھڙو ڪم آھي، مصروف به اِھي ئي ڪنڃر گھڻا آھن، لعنت ھجي سوئرن تي!‘‘
ڪامريڊ مسلسل ڳالھائيندو رھيو. مون کي ڇڪي بائيڪ تي ويھاريائين.
’’ويهه ھلون ٿا، ڏسان ڪنڃر ڪھڙي ڪم سان مصروف آھي، اڄ جي انھي گنجي آفيسر کي جوتا نه ھيم ته چئجان ٿُڪ اٿئي...‘‘
مان دل ۾ دھرجي ويس. خُدا کان پناھ گھري ٽپ ڏئي گاڏي تي چڙهي ويٺم، ڪامريڊ اڃان بائيڪ کي ٽرن ڏئي موڙيو مس ته، اوڏي مھل سھراب پنھنجي بائيڪ تي اچي پھتو. ڀر ۾ بائيڪ کي بريڪ ڏئي، ڪامريڊ سان مخاطب ٿيو.
’’ حيدر! پاڻ وارو سنگتي گلڻ يارن سان گڏ خميسي واري ھوٽل تي ويٺو اٿئي، پلاند پراڻا ناھن ٿيندا، ھلڻ جي ڪر، ڪنڃر اٿي نه وڃي، باقي سنگتي به سنڀريا ويٺا آهن...‘‘
ڪامريڊ وَر مان پسٽل ڪڍي چيڪ ڪيو، ٻيهر پسٽل وَر ۾ ھڻي ڇڏيو، بائيڪ اسٽراٽ ڪئي.
سھراب بائيڪ کي تڪڙو ٽرن ڏنو، ھاڻ منھنجو ھانءُ ٿي ڏڪيو. ٻئي بائيڪون ٻرڙاٽ ڪري ڊوڙڻ لڳيون ھيون، مونکي لھڻ جي مھلت ئي نه ملي، ھلندڙ گاڏي تان ٽپ ڏئي لھي پوان ھا، پر خوف ٿيم سڄو رھڙجي ڦٽجي پوندس، مون ڪيريئر ۾ صفا سُڪ ھٿ وجھي ڇڏيا. ور وڪڙ کائينديون بائيڪون زوزٽ ڪنديون رھيون، تيز رفتار بائيڪن کي ڪاٺين جي مڏي وٽ اچي بريڪون لڳيون، اتان چار ٻيا به سنگتي ڏنڊن باٺن سان گڏجي پيا، تيز رفتار گاڏيون هڪ رُخ تي ڊوڙڻ لڳيون ھيون، بائيڪن جي ٻرڙاٽ سان گڏ منھنجي دل تي به دُھل ٿي وڳا

اُھا خبر اٿم ته سھراب ۽ ڪامريڊ جي گلڻ وارن سان پراڻي دشمني آھي. ڪجهه مھينا اول گلڻ وارن ڪامريڊ ۽ سھراب جا ڏنڊن باٺن سان مٿا ڦاڙيا ھا. ذري گھٽ ٻنهين کي مرڻيگ ڪري ڇڏيو ھو، ايمرجنسي وارڊ اندر ٻنھين جي مٿن ۾ ڇهه ڇهه، ست ست ٽاڪا لڳا ھا.
اُھو سياسي جھيڙو ھو، پر نفرتون، گھڻو اڳي جون آهن.
نفرتون ھميشھ محبت مان جنم وٺنديون آهن ۽ ھنن جي نفرت جو ڪارڻ به، ھڪ محبت ھئي ۽ اُھا محبت ھئي سسئي جي محبت!

سسئي ڪامريڊ جي پھرين محبت ھئي، تڏھن ڪامريڊ سسئي جي پاڙي گھٽي جا ڏينھن ۾ ڏھ ڏھ پيو چڪر ڪٽيندو ھو.
مون کي ڪوٺيو موالي ڀلي
منھنجو مئه خانو ھن جي ڳلي
عشق مون وارو اوڏانھن ھلي
پڪ ڪري ڪو نشو ٿو اچي
سسئي سان ڪامريڊ جو عشق تڏھن شروع ٿيو ھو، جڏھن پھريون دفعو ڪامريڊ سسئي کي ساھيڙين سان گڏ ڪاليج ويندي ڏٺو ھو.
ڪونجن جي ڪِر ڪِر وانگي ھلڪڙي پر ڪا مٺڙي گفتار ھئي، ڪنھن ڳالهه تان سسئي جو ٽھڪ ٻُريو ھو، ھوائن ۾ سنگيت سُر ڇيڙي ڇڏيا ھا، چپڙن تي لرزش اھڙي ھئي ڄڻ عاشقن کي سڏي چمڻ لاءِ پيا دعوت ڏيندا ھجن!
سسئي جي اھڙين ادائن ڪامريڊ جو من موھي وڌو ھو.
ڪاليج وڃڻ جي ٽائيم ۽ موڪل جي ٽائيم ڪامريڊ سسئي جي اڳيان پويان پيو چڪر ڪٽيندو ھو.
ھڪ دفعو موڪل جي ٽائيم ڪامريڊ يڪو سسئي جي ڪڍ لڳو ھو، سسئي ڪتاب ڪڇ ۾ ڪيو ڪنڌ جھڪايو اڳيان اڳيان تکي تکي ٿي ھلي.
ڪامريڊ اڳ وٺي گڏ گڏ ھلندي سسئي کي چيو، ’’سسئي! يقين ڪر مون اڄ سوڌو ڪنھن به ڇوڪري ڏي نگاھ کڻي ڏٺو ناھي پر الاءِ ڇو جڏھن کان توکي ڏٺو آهي، توکان سواءِ سري نه ٿي، دل تي ڪو وس ناھي، ڏاڍو بي وس ٿي پيو آهيان، الاءِ ڇو ايڏي وڻڻ لڳي آهين جو توکان سواءِ باقي ڪجهه نه ٿو وڻي، منھنجو اعتبار ڪر مان توسان بي پناھ محبت ڪرڻ لڳو آهيان.
مون وٽ لفظ ڪونھن، مان شاعر ته ناھيان جو توکي پنھنجي محبت جو احساس ڏياري سگهان....
بس توکان ايترو پڇڻو آهي مون سان محبت ڪرين ٿي يا نه!؟‘‘
سسئي ڪنھن به ڳالهه جو ڪامريڊ کي جواب نه ڏنو، بس تکي تکي ھلندي رھي.
ڪامريڊ يڪو ڪڍ ڪڍ ٿي آيو، ايندڙ ويندڙ راھگير تعجب ۾ ٿي تڪيو.
سسئي تکي تکي ھلڻ لڳي هئي، ھڪ موڙ کان پاڙي جي گھٽي ۾ مڙي ڪامريڊ ڪنھن جي به پرواھ ڪئي بغير سسئي جي ڪڍ ڪڍ ھلندو آيو.
’’سسئي مونکي جواب ڏي جي تون انڪار ٿي ڪرين ته واعدو وري ڪڏھن به تنھنجي ڪڍ نه لڳندس.‘‘
ھاڻ سسئي اچي گھر جي چائنٺ کي پڳي ھئي، گھر جو در ٺڙاڪ سان بند ڪري اندر ھلي وئي.
ڪا ساعت ڪامريڊ در سامھون بيٺو رھيو، ڪجهه دير کان پوءِ واپس موٽيو.

ٻئي ڏينھن به معمول مطابق ڪامريڊ موڪل ٽائيم سسئي جي ڪڍ لڳو.سسئي تکو تکو ھلندي رھي.
ڪامريڊ وک وک گڏ ھلندي چيو، ’’سسئي مان ڇڇورو ناھيان، ائين ڇڇورن وانگي تنھنجو پيڇو ڪرڻ سٺو به نه ٿو لڳي، اجائي تنھنجي بدنامي ڪرڻ نه ٿو چاھيان، پر منھنجو يقين ڪر مان توسان بي پناھ محبت ڪرڻ لڳو آهيان.
مان توتي ڪا زور زبردستي نه ٿو ڪيان، مان تنھنجي رضامندي ڄاڻڻ ٿو چاھيان، سسئي مونکي جواب ڏي
سسئي تکي تکي ھلندي ارد گرد جي ماحول تي نظر وڌي.
واٽوھڙن شڪي نگاھ سان ٿي تڪيو، سسئي اڃان به وک تيز کنئي.
ڪامريڊ وڌي سسئي جو اڳ جھلي بيٺو، ھاڻ راھگير دڪاندار اوڙي پاڙي وارا ٻنھين کي گھورڻ لڳا ھا، سسئي چوڏس ھلڪڙي نظر ڦيري، ڪاوڙ جي دٻيل لھجي ۾ چيو،
’’تو جھڙن لُچ لوفرن جي ڪري ئي اسان نياڻيون گھر کان ٻاھر نه ٿيون نڪري سگهون، سڀ ڪو نياڻين کي شڪ جي نگاھ سان ڏسندو آھي، مائٽن جي انھي خوف کان ڪا نياڻي گھر کان ٻاھر نه ٿي نڪري سگھي، تعليم پرائي نه ٿي سگھي، انھي نياڻي جي تعليم جي تباھي جو ڪارڻ به تو جھڙا آوارا لُچ لوفر ڇوڪرا ھوندا آھن، پليز منھنجي پچر ڇڏ!‘‘
سسئي ڪامريڊ جو اڳ ڪڍي ٻه قدم اڳتي وڌي
ڪامريڊ ھڪ نظر ارد گرد جي ماحول تي ڪئي. سڀني عجيب نظرن سان ٿي گھوريو. ڪامريڊ ڪنھن جي به پرواھ ڪئي بغير تکيون تکيون ٻرانگون کڻي ٻيھرسسئي سان گڏيو.
وري مخاطب ٿيو،’’ سسئي اسان جو معاشرو آھي ئي تماشائي، مونکي ھن تماشائي معاشري جي ٽڪو به پرواھ ڪانھي!
مونکي غرض آھي ته بس توسان، جي تون چاھين ته تنھنجن. مائٽن کي به منٿون آزيون ڪري مڃائي وٺندم
تنھنجي رڳو رضامندي ڄاڻڻ ٿو چاھيان، پر جي تون انڪار ٿي ڪرين ته، سچ ڄاڻ مان جيئي ڪونه سگھندم، پليز منھنجي پيار کي سمجهه، پليز سسئي پليز...!‘‘
سسئي اڃان به تکي تکي ھلڻ لڳي، ھڪ گهٽي کان مڙي گھر جي در ڏي وڌي، پٺ تي لوڻو ورائي ڏسڻ کان بنا ئي گھر جو در ٺڙاڪ سان بند ڪري اندر ھلي وئي.
ڪامريڊ ڪي پل در وٽ بيٺو رھيو، مڙڻ جي ڪئي ته، سامھون گلڻ ڪامريڊ کي ڏسي، ساٿين سان تکو تکو ھلندو اچي ڪامريڊ جي سامھون ٿي بيٺو.
ڌمڪي جي انداز ۾ ڳالھايو، ’’حيدر! جي تون ڪامريڊ آھين ته، اسان به ڪامريڊ لڏي سان واسطو رکون ٿا، اسان جي پاڙي ۾ اچي آوارگردي ڪرڻ ڇڏي ڏي، انھيءَ ۾ تنھنجي ڀلائي آهي!‘‘
ڪامريڊ بنا ڊپ ڊاھ جي چيو، ’’گلڻ! تنھنجي سوچ ڪيتري نه محدود آھي، سڄي سنڌ منھنجو گھر آھي!‘‘
’’پر حيدر! ھيءُ تنھنجو گهر ناھي. اسان جو پاڙو آ ۽ آئنده اسان جي پاڙي ۾ اچڻ جي ڀل نه ڪجان! باقي انجام جو ذميوار پاڻ ھوندين.‘‘
گلڻ ڌمڪي ڏئي ساٿين سوڌو اڳتي وڌي ويو.

ٻئي ڏينھن گلڻ سسئي کي نياپو ڪري گھر گھرائي ورتو ھو. سسئي کان ڪامريڊ جو پيرائتو قصو پڇو. سسئي سڄو قصو جئين جو تئين ڪري ٻڌايو.
سسئي اڳئي گلڻ سان پيار جو پيچ پائي ويٺي ھئي، اھو اتفاق ائين ٿيو ھو، گلڻ جي ڀيڻ جي شادي ھئي، پاڙيسري هجڻ جي ناتي گلڻ جي ڀيڻ ويجھي ساھيڙي ھئي، گھر ۾ خوشي جو ماحول ھو، پاڙي جي ڇوڪرين ڳيچ سھرا ٿي ڳايا، گلڻ جي گھڙي گھڙي گھر اندر اچ وڃ لڳي پئي ھئي، سسئي پنھنجي ساھيڙي يعني ڪنوار جي ويجھو رھي، انھي ڪري ٻنھين جو ھڪ ٻئي کي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو، ٻنھين جون نظرون ٽڪرايون حُجت وڌي. اهاني بھاني ميل ملاقات ٿي ويجھڙائي وڌي ۽ نيٺ پيار ٿي ويو.
انھي کان پوءِ مسلسل گلڻ جي گھر سسئي جي اچ وڃ شروع ٿي، ڪي قول قرار ڪي وچن واعدا ٿيا.


بنا خوف، بنا ڊپ ڊاھ، بنا پرواھ جي ڪامريڊ وري به موڪل ٽائيم تي سسئي جي ڪڍ ڪڍ ھلندو آيو. سسئي کي چيو، ’’سسئي سچ پڇين ته توکان سواءِ ھي وجود بي معنائتو ٿو لڳي، ائين ٿو ڀايان ڄڻ توکان سواءِ اڌورو ھجان، تون ڄڻ منھنجي پوري ڪائنات ھجين، جي تون ناھين ته ڪجهه به ناھي!‘‘
’’سسئي! تون منھنجي زندگي آھين، منھنجو وجود آھين، جي تون منھنجي زندگي ۾ ناھين ته پوءِ مان خوامخواه آھيان ھن دنيان ۾!
پليز! مون سان ڳالھاءِ! سسئي تنھنجي خاموشي کان وڏي ٻئي ڪا منھنجي لاءِ سزا ڪونھي. سسئي پليز منھنجو اعتبار ڪر، سسئي پليز مونکي جواب ڏي سسئي پليز...!‘‘
ڪامريڊ سسئي جي ڪڍ ڪڍ هلندو سسئي جي اچي پاڙي ۾ نڪتو ھو، پر سسئي سڄي واٽ ڪامريڊ جي ڪنھن به ڳالهه جي ڪا ورندي ڪا نه ڏني. بس ڪنڌ جھڪايو تکي تکي ھلندي رھي. ڪامريڊ اڳ وٺي دڳ جھلي بيھي رھيو، ’’سسئي مونکي تنھنجو جواب گھرجي ھا يا نه بس!‘‘
ھاڻ اوڙي پاڙي وارن جي نگاھ ھنن طرف ھئي، سڀني عجيب نظرن سان ٿي تڪيو.
سسئي ھڪ نظر اوسي پاسي جي ماڻھن تي وڌي ڪاوڙ جي دٻيل لھجي ۾ چيو، ’’ته پوءِ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ حيدر! مان گلڻ سان پيار ڪيان ٿي، ھو منھنجو پھريون ۽ آخري پيار آھي. توسان ڪڏھن پيار ڪيو آھي نه ڪنديس!‘‘
۽ پوءِ ھي تڪڙو تڪڙو اڳتي وڌي وئي.
ان مھل ڪامريڊ جا پير ڌرتي مٿان ائين کپي ويا ڄڻ صدين جو ڪو ويران کنڊر ھجي، جنهن جي بنياد جا کنگهر ڇڻي ڇڻي ڀور ٿي پيا ھجن، ڪا گھڙي ڪامريڊ بي ساھتو بيٺو رھيو، آھستا آھستا قدم کڻي پوئتي موٽڻ لڳو ھو.
انھي ڳالهه جي کڙڪ گلڻ کي پئي ته، سسئي جي عشق ۾ ڪامريڊ وري پاڙي ۾ آيو آھي. گلڻ دوستن سوڌو ھٿيارن سان پھتو. سڀئي پري کان ھڪلون ڏيندا ڪامريڊ مٿان پسٽل ۽ ريوالورن جا سڌا فائر ڪندا اڳتي ٿي وڌيا.
ڪامريڊ به وَر مان پسٽل ڪڍي جوابي فائرنگ ڪئي، سسئي اڃان گھر واري گھٽي ۾ ھئي. ھن مٿان ھراس چڙھي ويو. ڊوڙندي ڊوڙندي گھر ۾ داخل ٿي وئي، دل ۾ اڃان به ڪامريڊ لاءِ نفرت وڌي وئي ھيس.
سڄي پاڙي ۾ افراتفري ڦھلجي وئي ھئي.
فائرنگ جو سلسلو اڃان به جاري ھو، ھنن ڪامريڊ کي چئوطرف کان گھيري ورتو ھو. ڪامريڊ ڪُتر واري واڙي ۾ ڪُتر واري مشين جي آڙ ڏئي فائرنگ ڪري رھيو ھو، اوچتو ھڪ گولي ڪامريڊ کي ٽنگ ۾ لڳي. ڪامريڊ پٺ تي تري کوڙي آھليو، ٻيھر پسٽل ۾ گوليون چيڪ ڪيون، پسٽل لوڊ ڪري ورتو، ھڪ ٻه فائر ڇڏيو.
پريان کان به، گولين جي ٽڪ ٽڪ جا آواز جاري ھا.
ويجھي ٿاڻي تان پوليس موبائل الرٽ ٿي، موبائل سائرن وڄائيندي پاڙي طرف وڌڻ لڳي. اوچتو سھراب پھتو، گلڻ ۽ ان جي ساٿين تي سڌا فائر ڪندو ڪامريڊ طرف ٿي وڌيو. سھراب جي پھچڻ سان گلڻ ۽ گلڻ جا ساٿي فائرنگ ڪندا آھستي آھستي پٺ تي ھٽڻ لڳا. سھراب ڪامريڊ جي ڀر ۾ ويھي ڪامريڊ کي سھارو ڏنو، آڙ وٺي ڪجهه فائر ڪيا، گلڻ وارا ھاڻ پٺ تي موٽي چڪا ھئا.
سھراب ڪاوڙ جي دٻيل لھجي ۾ چيو، ’’دل ٿي چوي حيدر ھڪڙي گولي مان به ٺوڪيانءِ ٽنگ ۾، تو جھڙي دوستن کان ماڻهو ائين ڀلو آ، مونکي خبر به ٻين کان پئي آھي ته، ڪو تون عشق بشق جي چڪر ۾ ڦاٿو آھين...
اڇو منھن ڪرين ھا پر گھٽ ۾ گھٽ مون کي ان ڳالهه جي خبر ته ھجي ھا.
اڄ وڃي خبر پئي آ، اھا به، ٻين کان ته، گلڻ جي پاڙي ۾ حيدر ۽ گلڻ وارن جو جھيڙو ٿي پيو آھي.
فائرنگ جاري آ باقي ڪا خبر ڪانھي، تڏھن تڪڙو اچي پھتس، جي مونکي اڃان به ٿوڙي دير ٿي وڃي ھا ته، يار تنھنجا ڪم لاھي ڇڏن ھا، اھا بھادري نه چئبي بيوقوفي چئبي!‘‘
ڪامريڊ سور کان چنگھندي چيو، ’’سھراب! تنھنجو ليڪچر ختم ٿيو ھجي ته، کسڪڻ جي ڪيون، فائرنگ جو آواز بند ٿي ويو آھي اجھو يار موبائل ڪاھي پھتا.‘‘
سھراب ڪامريڊ کي سھارو ڏئي اڳتي وڌڻ لڳو ته، سامھون پوليس موبائل اچي پھتي. ڪامريڊ چيو ’’سھراب تون کسڪڻ جي ڪر مان يارن جي مھماني کائي اچان.‘‘
’’ائين ڪئين حيدر! توکي ڇڏي نه ٿو سگھان‘‘
’’سھراب! ھيرو گري ڇڏ، ھي مھل بحث جي ناھي، مان ڀڄڻ جھڙو آھيان ڪونه، اجايو مفت ۾ ٻئي سڙنداسين، ڀلو انھي ۾ آھي ته، ھڪ جي جان آجي ھجي، تنھنجي جاءِ تي مان ھجان ھا ته، يارن کي سڏ ڪري چوان ھا تڪڙ ڪانھي مزي سان اچو يار ھٿيڪو آ، ۽ پوءِ بنا پُڇي پنھنجا پير ڊاھيان ھان‘‘
ٻنھين کان ھلڪو ٽھڪ نڪري ويو.
’’ته پوءِ مان پنھنجا پير ڊاھيان ٿو، چڱو يارو ياري....‘‘
’’يارو ياري ڀاڄوڪڙ ....!‘‘ ڪامريڊ مذاق ۾ سھراب کي ٽوڪي ورتو.
سھراب ڪُتر واري مشين کان ديوار ٽپي ٻئي رستي کان نڪري ويو.
پوليس اچي ڪامريڊ کي گرفتار ڪري ورتو، مھينو ڏيڍ ريمانڊ تي رکيو، آڏي اُبتي پڇا ڳاڇا ڪئي سخت تشدد ڪيو، مھيني ڏيڍ ۾ ڪامريڊ جي ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي.
مختلف ڪيسن ۾ جج چالان ڪري ڊگھي سزا ٻڌائي ڪامريڊ کي سينٽرل جيل حوالي ڪري ڇڏيو ھو.

تڏھن سھراب پڪو پهه ڪري ڇڏيو ھو ته، حيدر جو پلاند ضرور وٺڻو آھي.
ڪجهه دوستن کي چئي ڇڏيو، ’’گلڻ وارا يار جڏھن به ھٿيڪا نظر اچن ته اطلاع ڪجو.‘‘
ھڪ ڏينھن امين شُش سھڪندو سھراب وٽ پھتو، سھراب دوستن سان گڏ ڪاٺين جي مڏي وٽ ھوٽل تي چانهه پئي پيتي.
سھراب سمجھي ويو ته امين شُش ضرور ڪا خبر آندي ھوندي، چرئي جا ڪم ئي شُش چرئين وارا آھن، تڏھن سڀ دوست سڏينس شُش!
امين شُش ٻڌايو، ’سھراب! جاچ لھي آيو آھيان، گلڻ وارا استاد بشير جي سيلون تي ھٿيڪا ويٺا آھن، اٿڻ جي ڪيو موقعو ڀلو آ‘‘
سھراب پڇيو، ’’ڪيتري دير کان ويٺا آھن، متان اٿي ويا ھجن!؟‘‘
’’نه نه ... ‘‘ امين شُش چيو، ’’گلڻ ڏاڙھي جي سنوارت پيو ڪرائي، سمجھين ٿو استاد بشير سولو ھٿ ڪڍندس، استاد بشير جي ڪرسي تي ويھڻ کان پوءِ ماڻهو کي جنم ٽيپ لڳي ويندي آھي، تڏھن ته مان استاد بشير کان عيد عيد تي وار ٺھرائيندو آھيان.‘‘
پنھنجي ڳالهه تي پاڻ ئي ٽھڪ ڏئي کلي پيو
سھراب پڇيو، ’’گھڻا ڄڻا آھن؟‘‘
’’ٽي چار... بس تياري وٺو، مون پڪو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي!‘‘
سھراب سمجھي ويو امين شُش آھي ته چوتيو پر ڪڏھن به ڳالهه غلط ڪانه ڪئي اٿس، پر کٽڪو ٿي پيس ته چوتئي الاءِ ڪھڙو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي.
ھي سڀ تڪڙا اٿيا ۽ مڏي تان ڏنڊا باٺا ميڙي ورتا، سڀ تڪڙا تڪڙا استاد بشير جي سيلون طرف وڌڻ لڳا.
گلڻ ڪرسي تي ويٺي اڃان استاد بشير کان ڏاڙھي جي سنوارت ٿي ڪرائي.... پري کان سڄو ڊُوھ ھڪلون ڏيندو ڏنڊن باٺن سان دڪان اندر گھڙي پيو.
سھراب وارا جئين دڪان اندر داخل ٿيا ته، امين شُش دير نه ڪئي ڳاڙھن مرچن جي ڀريل ٿيلھي دڪان اندر اُڇلي، ڇت واري پکي جي ھوا تي ڳاڙھا مرچ سڄي دڪان ۾ ڦھلجي ويا، ھوا جي زور تي مرچن ٻاھر طرف موٽ کاڌي، سمورا مرچ ھنن جي منھن منجهه پيا، سڄي دڪان ۾ کئوڪار مچي وئي.
سھراب دير نه ڪئي ڪرسي تي ويٺل گلڻ کي انڌ ۾ ڏنڊو وھائي ڪڍيو، گلڻ ڪرسي تان جھڪيو ڏنڊو سامھون شيشي ۾ لڳو، شيشو سڄو چڪنا چور ٿي ويو.
باقي دوستن گلڻ جي ھمراھن تي ڏنڊن باٺن جي ريهه لاھي ڏني.
دڪان اندر سٽ سٽان شروع ٿي وئي، ڪو ڏنڊو ڪنھن کي لڳو، ته ڪو ڏنڊو ڪنھن کي لڳو.
سھراب وارن ھڻي سڀني يارن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا، سڀني اتي پئي دانھون رڙيون ڪيون سھراب وارا ھنن کي لتون ٺوڪرون ھڻي دڪان کان ٻاھر نڪتا، سڀني جي اکين مان ڳوڙھا ٿي ٽميا ۽ نڇن مٿان نڇون ٿي ڏنيون.
سھراب نڇ ڏيندي ڪاوڙ مان امين شُش کان پڇيو، ’’اڙي چوتيا اهو ڪھڙو ڪم ڪئي! ؟‘‘
امين شُش وڏو ٽھڪ ڏنو. ’’سوچيم ڀلي انڌا ٿين ته، سولو ڪري ڪٽيونَ‘‘
سھراب ڀونڊو گھروڙي منھن وارو ڏنس، ’’لک جي لعنت اٿئي، جي ھُنن جي ھٿن ۾ ڏنڊا باٺا ھجن ھا ته، گهڻو اسان ڪٽجون ھا‘‘
۽ پوءِ سڀ اکيون مھٽيندا اتان روانا ٿي ويا.
ڪافي ماڻهو رونشي تي اچي گڏ ٿيا، ماڻھن سڀني زخمين کي گھلي سھلي ھڪ گڏھ گاڏي ۾ وڌو، گاڏو ھڪلي سڪلي سڀني کي سول اسپتال ايمرجنسي وارڊ ۾ پھچايو.

7

اتفاق سان ٻئي ڏينھن سھراب امين شُش ۽ ڪجهه دوستن سان گڏ ڪنھن ڪم سانگي سول اسپتال پھتو.
وارڊن مان گذرندي اچانڪ ھن جي نظر ايمرجنسي وارڊ ۾ پئي، جتي گلڻ ۽ گلڻ جا ساٿي ملم پٽين سان بيڊن تي ليٽيا پيا ھا.
ھي دوستن سان وڌي وارڊ اندر داخل ٿيڻ لڳو، ان مھل ھڪ ڊاڪٽر تازي جھيڙي ۾ آيل ھڪ ھٽي ڪٽي نوجوان جي مٿي کي ٽاڪا ھڻڻ لاءِ ان سان نشي جي انجيڪشن ھڻڻ جو ضد ٿي ڪيو، پر ان نوجوان ڊاڪٽر کي نشي جي انجيڪشن ھڻڻ کان منع ٿي ڪئي، ڊاڪٽر تي زور ڀرڻ لڳو ته ’ٽاڪا ائين ھڻ، ھن مھل جو ھن مھل مونکي پلاند وٺڻ لاءِ وڃڻو آھي.‘
سھراب وارڊ اندر گھڙيو ته رستي کان ڊاڪٽر بيٺل ھو.
سھراب چيو، ’’ڊاڪٽر صاحب ٻه ٽي منٽن لاءِ ٿوڙو وٿيرڪو ٿي، يارن ۾ ٿورڙو ضروري ڪم آ...‘‘
ڊاڪٽر چيو، ’’ڪامريڊ! پيشنٽ کي ٽاڪا پيو ھڻان‘‘
سھراب ھٿ جي اشاري سان چيس ’’ھا ھا... فلحال پاسي تي ٿيءَ، ٽاڪا پوءِ ھڻجانس...‘‘
ڊاڪٽر ِسرڪي ٿورڙو پوئتي ٿي بيٺو.
ھمراھ اکيون لال ڪري سھراب ڏي ڏٺو، ڌمڪي جي لھجي ۾ چيو، ’’ڏسين ڪونه ٿو مٿي ۾ ڪھاڙين جا ٻرگهه لڳا پيا آھن، ٽاڪا ٿو ھڻايان.‘‘ ڊاڪٽر کي ڌمڪي ڏئي چيو، ’جلدي ٽاڪا ھڻ.‘
سھراب وَر مان پسٽل ڪڍي سڌو ڪيس، ھڻي گوليون ٽنگون کِرکنيون ڪري ڇڏيائين. ’’پلاند ڪئين وٺڻ ويندين!؟‘‘
ھمراھ ششدر ٿي ويو.
سھراب اڳتي وڌيو، پٺيان دوست به اڳتي سري آيا.
گلڻ وارا ٿورڙا پريشان ٿي ويا.
سھراب وڌي گلڻ جي بيڊ ڀرسان ٿي بيٺو، ’’گلڻ! پريشان نه ٿي مان توھان کي مارڻ ڪونه آيو آھيان! ايترو ويل به ناھيان جو مئلن کي ماريان، نظر پئي سوچيم خير خيريت پڇي وٺان، ھون به ھڪ مسلمان ڀاءُ جو ٻئي مسلمان ڀاءُ کان خير خيريت پڇڻ فرض آ.‘‘
گلڻ چيو، ’’سھراب! وارو ڦيرو آ، پلاند پراڻا ناھن ٿيندا، وقت آيو ته خبر پوندي.‘‘
سھراب پٺ تي ڊاڪٽر ڏي لوڻو ورايو، ڊاڪٽر اڃان ساڳي جاءِ تي خاموش بيٺو رھيو.
ڊاڪٽر کي چيائين، ’’ھمراھ کي ٽاڪا ھڻ . مڙس مري نه پوي!‘‘
همراهه پريشان ٿي ويو ته هيءَ مصيبت ڪھڙي آھي!
ٻيھر گلڻ سان مخاطب ٿيو، ’’گلڻ! شڪر ڪر اڃان ھڏ ڪُڏ سلامت اٿئي، نه ته اھڙي ڌمڪي ڏيڻ جھڙو به ڪونه ھجين ھا‘‘
وچ ۾ امين شُش ڳالھايو، ’’ڳوھ کي کڻي کُٽي، ڳولي شڪارين جا گھر، ھاڻ صفا صحي جگهه تي اچي پھتا آھيو!‘‘ وڏو ٽھڪ ڏئي کلي پيو.
گلڻ ڪاوڙ ۾ وراڻيو، ’’شُوشر دعا ڪر اسان جي وجهه نه چڙھين، اُھو حشر ڪنداسونءِ، باندر واريون چيخون ڪندين‘‘
ٻيھر سھراب سان مخاطب ٿيو، وقت ٻڌائيندو ته توھان جو دشمن ڪير آ.سھراب جي چپن تي مُرڪ تري آئي.
’’ ڀاڙي دوست کان دلير دشمن ڀلو‘‘
’’گڊ لڪ‘‘
سھراب کسڪيو ته سڀ دوست ٻاھر نڪتا.
ڪجهه ڏينھن ۾ ئي گلڻ ۽ گلڻ جا ساٿي ملم پٽيون ڪرائي ٺيڪ ٺاڪ ٿي اسپتال مان ٻاھر روانا ٿيا.

جلد ئي جمال جو وڏو ڀاءُ ساوڻ پنھنجي پٽ منصور جي مڱڻي جي رسم لاءِ گھر آيو ھو. اھو رشتو ننڍي لاڪون ئي ٻنھين ڀائرن طئه ڪري ڇڏيو ھو. ھاڻ رسمي مڱڻي ۽ وھانءُ ڪرڻ باقي ھو.
منصور کي سسئي گھڻي پسند ھئي، مڱڻي جو اسرار منصور پاڻ پيءُ سان ڪيو ھو. ساوڻ ڀاءُ جمال ۽ مراد کان سسئي جي رشتي جي گھر ڪئي، جنھن تي جمال ۽ مراد راضي خوشي سان رشتو قبولي ورتو.
جمال ڀاءُ ساوڻ کان فقط ھڪ سال جي مھلت گھري ته سسئي جو آخري سال پڙھائي جو ھلي پيو، پورو ڪري وٺي پوءِ ڄڃ وٺي پنھنجي سسئي کي پرڻائي وٺي وڃجو.
ساوڻ اٿي ڀاءُ جمال کي ڀاڪر پاتو ۽ مبارڪي جي مٺائي ڏئي ٻئي واپس خوشي خوشي روانا ٿيا.
ٻنھين جي واپسي کان پوءِ سسئي پيءُ سان اسرار ڪيو ته، ’’بابا مان انھي رشتي تي راضي ناھيان!‘‘
سسئي جي اھڙي ڳالهه تي جمال حيران نه ٿيو بلڪ سمجھاڻي ڏني، ’’ڌي! منصور ۾ ڪھڙي خرابي آ، لکيل پڙھيل آھي، شريف آ، پنھنجو رت آ، وڏي ڳالهه ھو توکي پسند به ڪري ٿو ته پوءِ توکي اعتراض ڇا تي آ؟‘‘
’’ڳالهه اعتراض جي ناھي بابا پر مان ڪنھن ٻئي سان پيار ٿي ڪيان‘‘
’’ڪنھن ٻئي سان، پر ڪنھن سان!؟‘‘ جمال پڇيو.
’’بابا! گلڻ سان....‘‘
مراد وچ ۾ ڳالھايو، ’’واھ ادي واھ .... حيرت آ توتي! اھڙي بدماش سان پيار ٿي ڪرين، جيڪو ھڪ نمبر جو آوارا گنڊو آھي، گنڊا گردي ئي پيشو آھي، جھيڙا جھٽا ڦڏا ڦشريون اھڙن لاءِ روز جو ڪم آ، اھڙي آوارا سان پيار ڪرڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪھاڙي ھڻڻ جي برابر ٿيندو.
تنھنجي شادي ٿيندي ته، فقط سئوٽ منصور سان بس!‘‘
پيءُ کي چيو، ’’بابا! ادي کي چڱي طرح سمجھائي ڇڏ ته، پيار شيار جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏئي، نه پاڻ کي آڙاھ ۾ اُڇلي نه اسان کي ڪنھن آزار ۾ وجھي.‘‘
مراد ڀيڻ کي سمجھاڻي ڏئي تکو تکو گھر کان ٻاھر نڪري ويو.
جمال ڌيءَ کي وڌيڪ نصيحت ڪرڻ لڳو، ’’ڌيءَ! ڀاڻھين صحي ٿو چوي، گلڻ بدماش ۽ آوارا آھي، ھن توکي ورغلايو آھي، ھو توسان ڪڏھن به پيار نه ٿو ڪري سگھي.
منصور تنھنجو سوٽ آھي، توکي پسند به ڪري ٿو، وڏي ڳالهه ادا وڏي سان مان تنھنجي رشتي جي زبان ڪري ويٺو آھيان.
اھڙيون ڳالھيون ھڪ ڌي کي پنھنجي ماءُ سمجھائيندي آھي.
ڪاش ڪي تنھنجي ماءُ جيئري ھجي ھا ته، توکي چڱي طرح سمجھائي ھا، اسان پڙھيل لکيل گھر جا ڀاتي آھيون تڏھن توکي سمجھايون ٿا، نه ته زور زبردستي به ڪري سگهون ٿا.‘‘
سسئي ضد ڪيو.
’’بابا! مان شادي ڪنديس ته صرف گلڻ سان نه ته سڄي عمر گھر ۾ ڪنواري ويٺي رھنديس بس!‘‘
سسئي جي اھڙي ڳالهه تي جمال تلخ ڪلامي ۾ چيو،
’’ڌيءَ! دل مان خودڪشي ڪرڻ جو خيال ڪڍي ڇڏ، انھي ۾ ئي تنھنجي ڀلائي آھي! منصور نه رڳو تنھنجو سئوٽ آ پر شريف ۽ سلجھل ڇوڪرو آھي.‘‘ جمال جي زبان مان بي اختيار لفظ نڪتا، ’’ائين سمجهه ھو تنھنجي ٻئي جنم جو پنھون آ، پنھنجي پنھون کي سڃاڻ متان پوءِ وڻن ۾ وتين واڪا ڪندي....!‘‘

8

پر سسئي ته فقط گلڻ سان وھانءَ جا خواب پئي ڏٺا ها.
چوندا آهن ته عشق انڌو ٿيندو آھي، ھڪ ڏينھن ڪاليج جي موڪل کان پوءِ سسئي گھر ڪونه موٽي ھئي. گلڻ جي اُڪسائڻ سان گلڻ سان گڏ ڀڄي نڪتي ھئي.
ڪجهه ڏينھن دربدر ٿيڻ کان پوءِ گلڻ سسئي کي وٺي مير صاحب وٽ وڃي پناھ ورتي ھئي، مراد پھرين ڏينھن ئي ٿاڻي تي پنھنجي ڀيڻ جي اغوا جي ايف آءِ آر گلڻ مٿان درج ڪرائي ڇڏي ھئي، مسلسل ٿاڻي جا چڪر ڪٽڻ باوجود جڏھن ڪو نتيجو ڪونه نڪتو ته، مراد پنھنجي پيءُ جمال کي وٺي پريس اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ اخبار ۾ ڀيڻ جي اغوا جو اشتھار ڏياري ڇڏيو ۽ ڀيڻ جي واپسي تائين بک ھڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اهو اشو عام ٿي ويو. ھر ٻئي اخبار ۾ ڪالم مضمون ڇپجڻ لڳا، قانون جي اداري مٿان ان ڳالهه جو دٻاءُ وڌڻ لڳو.
نيٺ ڊي ايس پي مير صاحب جي بنگلي تي وڃي نڪتو ھو.
ڊي ايس پي مير صاحب تي زور ڀريو ته اڳ معاملو ڪجهه ٻيو ھو، ھاڻ ڳالهه پريس ميڊيا تي وڃي پھتي آھي.مٿان کان مون تي زور وڌي ويو آھي، مھرباني ڪري ننگ واپس ڪيو.‘‘
مير صاحب ڊگھي سوچ کان پوءِ ڳالھايو، ’’ڊي ايس پي صاحب فلحال توھان ڪجهه ڏينھن معاملي کي سنڀاليو، مان ڪو نه ڪو حل ڪڍي ٿو وٺان!‘‘
ڊي ايس پي صاحب مير صاحب تي اعتماد ڏيکاريندي وڌيڪ چيو، ’’ٺيڪ آ مير صاحب! ھن مھل مان ھلان ٿو، پر ياد رھي معاملو گھڻو ڳنڀير ٿي چڪو آھي، جلد ڪو حل ڪڍي وٺو نه ته ٻئي صورت ۾ مجبورن مونکي ڪو ايڪشن کڻڻو پوندو.‘‘
’’توھان دلجاءِ رکو ، جلد انھي مسئلي جو ڪو نه ڪو حل ڪڍي ٿو وٺان.‘‘ مير صاحب ڊي ايس پي کي تسلي ڏني
’’ته پوءِ مير صاحب! جيترو جلد ٿي سگھيوَ انھي جنجھٽ مان پنھنجي ۽ منھنجي جان ڇڏايو، ‘‘
۽ پوءِ ڊي ايس پي بنگلي مان اٿي ھليو ويو
ڦورن مير صاحب گلڻ کي گھرائي ورتو، گلڻ پڇيو ’’مير صاحب! حڪم ڪيو!‘‘
مير صاحب گلڻ کي ھدايت ڪئي. گلڻ معاملو پريس تائين پھتو آھي، ڇوري جو ڀاءُ ۽ پيءُ ڇوري جي واپسي جي گھر ٿا ڪن، ميڊيا کي رڳو بھانو ملي، پوءِ ان ڳالهه کي اشو بڻائي ڇڏيندا آھن، مسئلي جو حل اهو ئي آھي ته، ڇوري سان ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏ، مٿي جو سور ئي نه رھندو.
’’مير صاحب! جئين توھان چئو.‘‘
’’پر ڇوري راضي ته آھي نه!؟‘‘
’’بلڪل راضي آھي.‘‘
’’ڪورٽ ۾ گواھي ڦرائي ته ڪانه ويندي!؟‘‘
’’نه مير صاحب! ھوءَ راضي آ.‘‘
’’ته چڱو مان وڪيل سان ڳالھايان ٿو، تون وري به پڪ ڪري يقين ڏياري ڇڏينس.‘‘
’’ان جي ضرورت نه پوندي.‘‘ گلڻ مير صاحب کي خاطري ڪرائي
’’گڊ! ‘‘
ڪجهه ڏينھن ۾ ڪورٽ جو فيصلو گھرايو ويو. فيصلي ۾ مراد جمال موجود رھيا.ٻنھين ڄڻن کي ھڪ آس اُميد باقي ھئي ته متان سسئي پنھنجو فيصلو مٽائي ڇڏي.
جج ڪٽھڙي ۾ سسئي کي شاھدي لاءِ گھرايو.
وڪيل سسئي کان پڇو، ’’تون ڪنھن خوف ھراس يا دٻاءُ ۾ ته ناھين، جيڪو چوڻو ھجي بنا خوف جي چئو.‘‘
سسئي ڪٽھڙي ۾ ھلي آئي، ھڪ نظر ڀاءُ مراد کي ڏٺو ۽ پي جمال ڏي نھاريو.
ٻنھي جي چھرن تي شڪست ۽ شرمساري جا چٽا آثار نظر آيس، نظر ڦيرائي گلڻ ڏي ڏٺو، گلڻ اکڙين جي اشاري سان سسئي کي اتساھ ڏنو.
سسئي شاھدي ڏيندي چيو، ’’جج صاحب! مان عاقل بالغ آھيان مونکي نه ڪنھن ڀڄايو آهي نه ڪنھن اُڪسايو آهي. مان پنھنجي راز خوشي سان گلڻ سان شادي ڪرڻ ٿي چاھيان.‘‘
جج سسئي جي رضامندي جو بيان ٻڌي ڪورٽ ميرج ڪرائڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو.
فيصلي اچڻ کان پوءِ مراد ۽ جمال پنھنجا ڪنڌ جھڪائي ڇڏيا هئا.
ھڪ ڀاءُ لاءِ ڀيڻ ۽ پيءُ لاءِ ڌيءَ ڄڻ ان مھل ئي مري چڪي ھئي.
ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڪورٽ جي ٻاھران گلڻ سان گڏ گلڻ جي مائٽن ۽ باقي دوستن کٽڻ جي خوشيءَ ۾ ھوڪرون ۽ ڪوڪارون ڪري ڊانسون ۽ جھمريون پاتيون ھيون.
مراد ۽ جمال شرم کان ڪنڌ جھڪائي انھي ناچ جھمرين جي وچان نڪري گھر روانا ٿيا ھا.
۽ پوءِ ڪو وقت مراد ۽ جمال سسئي جو وري منھن نه ڏٺو ھو.

جيل سپريٽنڊنٽ تڏھن ٽارچر سيل ۾ ڪامريڊ تي سخت تشدد ڪيو ھو، پر ايڏي تشدد جي باوجود ڪامريڊ ڪا به سچي ڪانه ڪئي ھئي.
جيل سپريٽنڊنٽ ڪامريڊ کي چيو ھو، ’’اجايو بي موت ماريو ويندين!‘‘
ڪامريڊ مرڻينگ حالت ۾ به وراڻيو ھو ’’صاحب! گھڻا ماڻهو بيڪار موت مري ويندا آھن، بيڪار موت مرڻ کان ماڻهو مقصد واري موت مري! مري ته نيٺ وڃڻو آھي، پر فنا جي موت مرڻ کان ماڻهو امر ٿي مري وڃي.‘‘
جيل سپريٽنڊنٽ سخت تشدد ڪري ڪامريڊ کي بند خُولي ۾ واڙي ڇڏيو ھو.ڪامريڊ بند خُولي ۾ قيد آھي.

گھڻي وقت کان پوءِ پنو پين کڻي سھراب ڏي خط لکي ٿو
’’سھراب! ھونئن ته، جيل ٿاڻا اسان ڪامريڊن لاءِ گھر جھڙا آھن. انھي ڪري تون جيل جي قائدي قانون کان چڱي طرح واقف آھين، نڪي توکي مان جيل جا قصا ٿو ٻڌايان، نڪي توکي فرمائشي چٺي ٿو لکان.
بند خُولي ۾ پھريون دفعو ھڪ مونجهه ٿي پئي آھي، اُھا مونجهه سليان ته ڪنھن سان سليان.
بند خُولي جي ديوارن سان، يا ڳڙکي مان نظر ايندڙ چنڊ ستارن سان، تڏھن پين پنو کڻي توکي چٺ لکڻ ويٺو آھيان.
منھنجي ڀر واري خُولي ۾ ڪو قيدي آھي، جيڪو ڦاسي جا ڏينھن پيو ڳڻي، رکي رکي اڌ رات جو وڏي واڪي، ڀٽائي سرڪار جا بيت ٿو جھونگاري، آواز ۾ اھڙو ته، درد سمايل آھي جيڪو جيءُ کي ڌوڏي ٿو وجھي.
ڳوليان ڳوليان مَ لھان، شال مَ ملان ھوت
من اندر جي لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي
ڪيڏو نه درد آھي ھن جي آواز ۾، ائين ٿو ڀانئجي ڄڻ جنم جنم کان پرين کي ڳوليندو ھجي، پر ھن جو پرين، ھن کي ڪنھن به جنم ۾ لڌو ناھي!
شايد ھن جو پرين ھن کان رُٺل آھي.
ماڻهو ڪيڏو نه بيوس لاچار آھي، ۽ درد آھن جيڪي کٽڻا ناھن!
مس مس سسئي کي وسارڻ جي ڪندو آھيان ته، وري واڪا ڪري ڪري ٻيو شعر پڙھندو آھي

ڳُلھي ڳُلھي واءُ، ويس انگڙا ڍڪجي
کڻي پئي پساھ، پسڻ ڪارڻ پرين جي

ائين ٿو ڀائنجي ڄڻ محبوب بنا آخري سڏڪيون ڀريندو ھجي.
اُھو محبوب کيس کان ڪوھين ڏور آھي ۽ پاڻ قيد تنھا بند خُولي ۾ واڙيو پيو ھجي، جتي لُڇڻ لوڇڻ ۽ پڄرڻ کان سواءِ ڪجهه به ناھي! اول مون ڪڏھن عشق، پيار، محبت ۾ صوفي ازم واري فلسفي کي سمجھو ئي ڪونه ھو. شاھ صاحب، سچل، سامي، واري صوفي ازم فلسفي کي!!
پر جڏھن اھو قيدي سنڌ ڌرتي جي ڪنھن صوفي جا بيت ورلاپي ٿو ته، کن پل ۾ برپٽ صحرائن ۾ پاڻ کي ڀٽڪندو محسوس ڪيان ٿو!
ائين ٿو ڀانيان ڄڻ سالن جو اُڃارو پياسو ھجان، منھنجي چپڙن تي پياس ڏارون وجھي ڇڏيون ھجن، اُن ٺوٺ سُڪل ڌرتي وانگي، جنھن مٿان ڪڏھن ڪي بادل گذري ويا ھجن، پر ھڪ بوند به، برسائي نه ھجي
عشق ايڏو اڙانگو ڇو آھي، عشق ۾ ھڪ پل جي به راحت نه ٿي ھجي!
من اندر جا لوچ ملڻ سان ماٺي ٿئي، سا لوچ ڪيڏو نه تڙپائي ٿي ۽ ماڻهو ڇا ڪري جيڪو بند تنھا خُولي ۾ سالن کان واڙيو پيو ھجي، ڪيڏي نه تنھائي آ.بس پرين کان سواءِ ڪٿي راحت ڪونھي!
مون ھن جي شعرن ۾ پئي پنھنجو پاڻ کي ڳوليو آھي، ڀوڳيو آھي!!
اڃان من جي مانڌاڻ ماٺي ڪانه ٿي ٿئي، وري ساڳيو ورلاپ ڪنن ۾ پڙاڏو ٿي گونجي ٿو.

ڪنھن جنھن نينھن ننڌاھ، مون واجھائيندين نه وَر
جيڪي مُئي ڪنداھ، سو جانب جيئري ڪريو.

اڃان به ورلاپ ٿو گونجي

متان ٿئين ملور، ڪئين اڳھائو آھيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏُور، حد ٻنھين جي ھِيڪڙي.

بس ظاھري جسم جدا ھوندا آھن، ڏسڻ ۾ ته ڏاڍا ڏُور ايندا آھن، پر ساھ پساھ جي ڏَور، ھيڪڙي ھجي ٿي.
پر ھتي بند خُولي ۾ ماڻهو جو ڄڻ ساھ پيو ٻوساٽجي. تنھائي جو احساس عشق کان پوءِ ٿيڻ لڳو آھي. تقدير جون ڏورون سڀ ھُن جي جُنبش ۾ آھن، ڪيڏو نه بي پرواھ آھي!
پر جي ھو پالڻھار آ، رحمان آ، رحيم آ ته پوءِ ھيڏا ھاڃا ڇو!!
شايد پيڙائڻ ۾ ھو پاڻ کي ريجھائي ٿو، شايد پاڻ به ازل کان ڪنھن کان جدا آھي! ھو اڪيلو آ، الاءِ جي تنھا! ماڻهو کي پيڙائون ڏئي پنھنجي تنھائي، پنھنجي اڪيلائي جي وندر ڳولي ورتي اٿس!
ماڻهو جيڏو تڙپي ٿو، جيڏو ناڪام ٿو رھي، ھو وڌيڪ مطعمن ٿو رھي!
شايد اهو ئي عشق جو راز آ
ڀر واري خُولي مان اڃان به، ڀٽائي جي بيتن جو ورلاپ ٿو اچي.

ڪي ويجھا ئي ڏُور، ته ڪي ڏُور به اوڏا سپرين
ڪي چڙھن نه چِت تي، ڪي وسرن نه مُور
جئين مينھن ڪنڍي پُور، تئين دوست وراڪو دل جو.

سڀ سور لکي نه ٿا سگھجن، ٻڌائي نه ٿا سگھجن، سمجھائي نه ٿا سگھجن، صرف محسوس ڪري سگھجن ٿا ته پوءِ ھي قلم پين ڇا جي لاءِ!‘‘
هي سوچي ٿو ۽ ڪاغذ کي ھٿ ۾ مروڙي ڦاڙي ڦٽو ٿو ڪري، خُولي جي ديوار سان ٽيڪ ڏئي سُڏڪي ٿو پوي.
ھن کي سسئي ويتر گھڻي ياد پوي ٿي.....!

9

ڊگهي عرصي جي ناراضگي کان پوءِ نيٺ منصور پيءُ ساوڻ کي راضي ڪري چاچا جمال جي گھر وٺي آيو ھو.
جمال ڀاءُ ساوڻ کي گھر ايندي ڏسي خوش ته ٿيو پر شرمساري اڃان باقي ھئي، ڀاءُ سان ڀاڪر پائي مليو ۽ پنھنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
ساوڻ ڀاءُ کي آٿٿ ڏني، ’’نه ادا اول مان به انھي خيال جو ھيس، تڏھن ته ايڏيون وڇوٽيون وڌيون، پر منصور جي سمجھائڻ کان پوءِ نيٺ مونکي ڳالهه سمجهه آئي ته، ھي نفرتون اجايون آھن. ٻارن جي خطائن تي وڏن کي ناراض ٿيڻ نه گھرجي بلڪ انھن کي معاف ڪرڻ گھرجي.
اھا ئي پنھنجي تھذيب آھي، ھاڻ توھان به سڀ ناراضگيون وساري پنھنجي نياڻي کي معاف ڪيو ۽ ھڪ دفعو ھلي وڃي کيس کان حال احوال وٺي اچو، ڪھڙي خبر نياڻي ڪھڙي حال ۾ ھجي، اهو مناسب ناھي ته توھان ھن سان سڀ رشتا ٽوڙي بلڪل ئي وساري ڇڏيوس.‘‘
ھڪ دفعو ٻيھر ساوڻ پنھنجي ڀاءُ جمال جا ڪلھا ٺپيا
جمال ڀاءُ ساوڻ کي پاٻوھ جي نظر سان تڪيو، ھلندو اچي نم جي ڇانو ۾ کٽن تي ويھاريو، ’’نه ادا! اھا ته توھان جي فراخ دلي آھي جو توھان اھڙيون ڳالھيون ٿا ڪيو، جيڪا نياڻي عزت آبرو جا سڀ ليڪا لتاڙي پنھنجو گھر ڇڏئي اُھا پنھنجي ماءُ پيءُ لاءِ تڏھن ئي مري ويندي آھي، ھو اسان لاءِ مري چڪي آھي! ‘‘
وچ ۾ منصور ڳالھايو، ’’ڇو چاچا ھوءَ عورت آھي انھيءَ ڪري، ھن کي پنھنجي زندگي جو ڪو فيصلي ڪرڻ جو حق ڪونھي.
جڏھن ڪو ڪنھن سان گڏ مري ڪونه ٿو ته پوءِ ان کي ٻئي جي زندگي جا فيصلا ڪرڻ جو ڪھڙو حق آھي! اعتراض ته مونکي ھجڻ گھرجي، ماڻهو آڱريون ته مون تي ٿا کڻن، پر ھن معاشري جي پرواھ ڪنداسين ته، پنھنجا رت جا رشتا وڃائي ويھنداسين!‘‘
مراد کسڪي منصور جي ڀر ۾ ٿي ويٺو.
’’سئوٽ! تون ته آھين آزاد خيال، پر اسان جو معاشرو ائين نه ٿو سوچي، جئين تون ٿو سوچين، ڀلا جي سوچي به، اسان جي عزت موٽي ايندي، ھر گز نه! وڌيڪ بحث ڪرڻ ئي فضول آ.
اديءَ پنھنجو دڳ پاڻ چونڊيو آھي، انھي ڪري مري جيئي اسان مٿان ڪو فرق نه ٿو پوي! ‘‘
’’شاباش سئوٽ! ڪيڏو نه ڪٺور دل جو آھين، ست سال ٿوڙو عرصو ڪونھي، ايڏي عرصي ۾ دشمن به سڀ رنج وساري معاف ڪري ڇڏيندو آھي، ھوءَ ته وري به توھان جو رت آھي، خطا ڪنھن کان ناھي ٿي، ھاڻ ضد ڇڏيو ھڪ دفعو وڃي ملي اچوس.‘‘
جمال ڪنڌ ڌوڻيو، ’’نه پُٽ! اسان ھن لاءِ ھوءَ اسان لاءِ مري چڪي آھي بس!
اجايو زور ڀري وڌيڪ شرمسار نه ڪر، مس وڃي زماني ۾ منھن کڻڻ جھڙا ٿيا آھيون، وري در تي وڃي بي عزتو ٿي موٽڻ جو ڪو ارادو ڪونھي! ‘‘
’’چاچا! ٺيڪ آ توھان معاشري جي پرواھ ڪيو، ھاڻ جي سئوٽ مري به وڃي ته منھن ڏسڻ نه وڃجوس.
بابا کي انھي ڪري وٺي آيم ته، ھاڻ گھڻو ٿيو، ھڪ دفعو ھلي وڃي حال پڇي اچوس پر جي توھان ضد تي اٽڪيل آھيو ته پوءِ مان پاڻ ويندس ۽ توھان تي ميار به نه ڏيندس.‘‘
۽ پوءِ منصور اٿي سگھو گھر کان ٻاھر نڪتو.

10

ٻئي ڏينھن منصور سئوٽ سسئي جي گھر وڃي نڪتو.
در کڙڪايو اندارن سسئي نڪتي. سئوٽ منصور تي نظر پئيس امڪاني خوشي سان گڏ چھري تي پريشاني جا آثار چٽا ٿي پيس.
منصور ھڪ نظر غور سان سسئي کي ڏٺو ھيڻي ۽ ڪمزور لڳس چھري جو رنگ ڦٽي چڪو ھو.
منصور پڇو، ’’سئوٽ! خوش ته آھين نه!؟‘‘
ھڪ دم سسئي جو چھرو اٻاڻڪو ٿي ويو،
’’نه سئوٽ! توکي نه اچڻ کپندو ھو.‘‘
’’پر ڇو!؟ منصور تجسس مان پڇيو
’’۽ ايڏي اٻاڻڪي ڇو آھين، پنھنجا ڇا حال ڪري ڇڏيا اٿئي، ڀلا اندر اچڻ جي صلاح ڪندين يا……‘‘
اندارن پنج سالن جي ننڍڙي دانھيندي امان امان ڪندي اچي سسئي کي چنبڙي.
منصور نوڙي ننڍڙي کي ھنجهه ۾ کڻي ورتو. ٻه قدم اڳتي وڌيو.
’’ماشا الله بلڪل سئوٽ تنھنجي مھانڊي آھي، نالو ڇا رکيو اٿئيس!؟‘‘
سسئي گھٻراھٽ ۾ چيو، ’’اُم رباب‘‘
’’نالو ته پيارو آھي.‘‘
منصور ننڍڙي اُم رباب جي ڳل کي چمي ورتو. ٻه قدم اڃان اڳتي وڌيو ته، سسئي ڦري اڳيان ٿي بيٺي.
’’سئوٽ! توکي نه اچڻ کپندو ھو.‘‘
منصور وڌيڪ حيراني مان پڇيو،
’’ پر ڇو سئوٽ! ڇا مان غير آھيان!؟‘‘
’’ڳالهه اھا ناھي سئوٽ! گلڻ جي اچڻ جو ٽائيم آھي! ھن کي مان سڃاڻان وڏو شڪي مزاج آھي، ٻيو ته ادا بابا ۽ توھان سان ھن جي لڳي ڪونه گھر ۾ توھان کي ڏسي ورتائين ته وڏو ممڙ مچائيندو، منھنجي ته شامت ايندي پر خوف آھي توھان جي نه بي عزتي ڪري وجھي!
سئوٽ! مان توکي ھٿ ٿي ٻڌان مھرباني ڪري ھن مھل جو ھن مھل تون ھليو وڃ انھي کان اول جو گلڻ پھچي ۽ ڪو گھر ۾ ٻيتال ڪري سئوٽ مھرباني ڪري تون ھليو وڃ مونکي منھنجي حال تي ڇڏي ڏيو!
ڪنھن کي به ضرورت ناھي، منھنجي پرواھ ڪرڻ جي،
مان جھڙي حال ۾ به آھيان بس خوش آھيان...‘‘
سسئي اڃان منصور کي سمجھائي رھي هئي ته، اوڏي مھل گلڻ گھر ۾ داخل ٿيو. جئين منصور تي نظر پيس، تپي سڄو باھ ٿي ويو. تکو تکو ھلندو اچي سسئي جي وارن ۾ ھٿ وڌو ۽ ھڪ ٻه ٿڦڙ سسئي کي وھائي ڪڍيائين،
’’منھنجي غير موجودگيءَ ۾ ڪنھن به ايري غيري کي گھرائي وٺندينءَ ، ان سان رنگ رليون ملهائيندينءَ... بي حياءِ بي شرم....!‘‘
گلڻ اڃان وڌيڪ سسئي کي مارڻ جي ڪئي ته، منصور گلڻ جي ٻانھن جھلي ورتي.
’’ دماغ خراب ٿيو اٿئي ڇا! مان ڪو ايرو غيرو ناھيان، بس گھڻو ٿيو!‘‘
گلڻ سٽ ڏئي پنھنجي ٻانھن ڇڏائي ورتي ڪاوڙ جي حالت ۾ منصور کي چيو، ’’تون ٿيندو ڪير آھين اسان زال مڙس جي وچ ۾ اچڻ وارو، ۽ توکي ڪنھن اجازت ڏني گھر ۾ اچڻ جي!؟‘‘
’’مان پنھنجي سئوٽِ سان ملڻ آيو آھيان! پنھنجي سئوٽِ سان ملڻ لاءِ مونکي ڪنھن جي اجازت جي ضرورت ڪونھي. سسئي منھنجي سئوٽِ آ!‘‘
منصور گلڻ کي ڪرڙي اک ڏيکاري.
’’منھنجي گھر ۾ بيھي مون تي اکيون ٿو ڦوٽارين، مان چوان ٿو نڪر منھنجي گھر مان...!‘‘
گلڻ منصور کي ڌڪا ٿاٻا ڏيڻ لڳو
ٻنھين ۾ تلخ ڪلامي ۽ گرما گرمي شروع ٿي، ھڪ ٻئي تي ھاٿا پائي ڪئي. ڌڪ ھنيا. وچ ۾ سسئي ڇڏ ڇڏائڻ لاءِ ٻنھي جي وچ ۾ ٿيلھا، ڌڪا کائڻ لڳي.
نيٺ منصور گھر کان ٻاھر نڪرڻ لڳو.
’’وڃان ٿو پر ھڪ ڳالهه ٻڌ مان توکي رڳو آوارا ۽ ڇڇورو سمجھندو ھيم پر تون انتھائي واحيات قسم جو انسان به آھين، ھي جي تنھنجو گھر نه ھجي ھا ته، ائين پنھنجي بي عزتي برداشت نه ڪيان ھا ۽ توکي تنھنجي اوقات ياد ڏياريان ھا.‘‘
گلڻ اڃان به وڌيڪ منصور کي ڌڪا ٿاٻا ڏيڻ لڳو.
’’ نڪر... مان چوان ٿو نڪر.... منھنجي گھر مان تکو ٿيءُ!‘‘
منصور گھر کان ٻاھر نڪتو، پٺيان گلڻ سسئي کي گھر ۾ گھڻي مار ڪٽ ڪئي، انتھا کان وڌ تشدد ڪيو. ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ اچي سسئي جي تذليل ڪري سندس پوري سونھن سبيتا وڃائي ڇڏي ھئي.

11

منصور موٽيو الف کان ي تائين سڄي وارتا اچي مراد کي ٻڌائي، وڌيڪ چيو، ’’سئوٽ! توھان جي مرضي سئوٽِ مري جيئي، وڃونس نه وڃونس توھان تي ميار ڪونھي!
جڏھن ماڻهو بي حس سُوارٿي بڻجي پوندو آھي ته ان کي ٻئي جي ڏک درد تڪليفن سان ڪو غرض ناھي ھوندو، ان جي دل ۾ احساس ۽ جذبات مري ويندا آھن، پوءِ ڀلي اڳلي سان رت جو رشتو ئي ڇو نه ھجي!‘‘
ڀيڻ مٿان ظلم، ڏاڍ ، جبر جي سڄي وارتا ٻڌڻ کان پوءِ مراد دنيا جا دستور ٽوڙي پنھنجو ضد انا ڇڏي ٻئي ڏينھن ڀيڻ سان ملڻ لاءِ ڀيڻ جي گھر وڃي نڪتو ھو.
ھي ڪنھن اجنبي وانگي ڀيڻ جي گھر جو در کڙڪائي ڪنڌ جھڪائي بيھي رھيو.
اوچتو در کليو، صدين پڄاڻا ڀيڻ ڪا ڀڳل ٽٽل ديوتا جي مورتي ڏٺي ھئي، ھن ڀاءُ جي ٻانھن جھلي ورتي. ڇڪي اندر سڏ ڪيو،
’’ادا اچ او منھنجا ڀاءُ اچ نه!
عرصي کان مون توهان لاءِ نيڻ وڇائي رکيا آھن شال خُدا وڏي ڄمار ڏيئي اچ منھنجا ڀاءُ اچ.‘‘
مراد ڪنڌ جھڪايو آھسته آھسته قدم قدم ھلندو رھيو. ڀيڻ جو ھٿ اڃان ڀاءُ جي ٻانھن ۾ جڪڙيل ھو .
ننڍڙي اُم رباب کي چيو، ’’ڏس امان ڪير آيو آھي، تنھنجو ماما آيو آھي!‘‘
مراد نوڙي اُم رباب کي ھنجهه ۾ کڻي ورتو، پنھنجو ڪنڌ جھڪايو بيٺو رھيو، اندر منجهه ھزارين رنج ڏوراپا ھا پر ھي خاموش رھيو.
سسئي سڏڪندي رھي، ڀاءُ کي ٻڌايو ته، ’گلڻ جو پيار دوکو ھو، مونکان وڏي خطا ٿي ھئي، شادي کي ڪجهه مھينا گذريا ھا ته مسلسل مارڻ ڪٽڻ لڳو ھو، ذري ذري ڳالهه تي شڪ ڪرڻ لڳو ھو. روز روز طعنا ڏيندو ھو ته فلاڻي فلاڻي سان تنھنجو ڪارو منھن ٿيل آهي، اھڙي چڱي ھجين ھا ته، گھران ڀڄي ڪنھن غير سان شادي ڪانه ڪرين ھا ۽ اڄ تائين ماريندو ڪٽيندو ظلم ڪندو آيو آهي!
اِھا دانھن ڏيان ھا ته ڪنھن کي ڏيان ھا، جنھن کي ڏيان ھا تن کي ته مان پاڻ پنھنجن ھٿن سان ماري آئي ھيس!‘‘
۽ پوءِ اُوڇنگارون ڏئي يڪو زار قطار رئندي ڀاءُ جي پيرن تي ڪري پئي، سر تان چادر کسڪي وئيس.
بي ڌيانيءَ ۾ مراد ڀيڻ جي سر تي ھٿ رکيو. پيرن ھيٺان زمين کسڪي ويس، ڀيڻ جي مٿي تي نظر پيس ته ڀيڻ جي مٿي جا وار ڪوڙيل ھا. غور سان چتائي ڀيڻ جي چھري کي ڏٺو، منھن تي تشدد جا ڪارا ڪارا داڳ ھا.
مراد مٿان قيامت گذري چڪي، ھن حيرت ۾ چيو،
’’ادي! مان توکان اھو نه ٿو پڇان ته ھن توکي ماريو ڇو، مان توکان اهو ٿو پڇان ته آخر ھن تنھنجي تذليل ڇو ڪئي!؟!؟‘‘
مراد چپن تي گلڻ جو نالو وٺڻ به گوارا نه ڪيو.
ڀيڻ سڏڪي پئي.
’’ادا! شڪي ماڻهوءَ کي شڪ لاءِ جواز گھرجي بس! سئوٽُ گھر آيو سئوٽَ جي ته بي عزتي ڪئي پر پوءِ مون مٿان ظلم جبر جا وڌيڪ پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا، بس ھر ظلم سھندي پئي اچان!‘‘
مراد ڀيڻ جي ٻانھن پڪڙي ورتي.
’’ادي! ھن مھل جو ھِن مھل مون سان ھل.ُ ھاڻ وڌيڪ توکي ھن جھنم جي باھ ۾ پڄرڻ ڪونه ڏيندس. ھل مون سان ننڍڙيءَ کي به ساڻ ڪر. باقي گھر مان ڪجهه به کڻڻ جي ضرورت ڪونھي!‘‘
مراد ڀيڻ کي ڇڪي اڳتي ڪيو. ڀيڻ ڀاءُ جو ھٿ ڇڏائي ورتو.
’’نه ادا! مون کي منھنجي حال تي ڇڏي ڏيو، مون پنھنجي تقدير پاڻ لکي آھي!‘‘
’’نه ادي نه! تنھنجي چھري ۽ جسم تي تشدد جا نشان ڏسي اھو سوچي چپ ڪري وڃان ھا ته، تو پنھنجي تقدير پاڻ لکي آھي پر هڪ ڀيڻ جي تذليل دنيا جو ڪو به ڀاءُ برداشت نه ڪندو!
بس ھل مون سان، ھن مھل جو ھن مھل ھل ھاڻ گھڻو ٿيو....!‘‘
سسئي لاچاري ڏيکاري ’’نه ادا! مون کي منھنجي حال تي ڇڏي ڏيو وڌيڪ جنجھٽ ۾ نه پئو، مان سڃاڻان گلڻ کي، ھُو مڙڻ وارو ڪونھي! اجايو توھان کي منھنجي ڪري وڌيڪ ذليل خوار ٿيڻو پوندو!‘‘
’’نه، گھڻو ٿيو ادي!‘‘
مراد ڀيڻ جي ٻيھر ٻانھن جھلي ورتي ڇڪي اڳتي ڪيو.
’’ھل مون سان، جيڪو ٿيو، مان پاڻ منھن ڏيندس، توکي اھڙي حال ۾ ھاڻ ھر گز نه ٿو ڇڏي سگھان.‘‘
سسئي اڃان به ھيسيل حالت ۾ ھلڻ کان انڪار ڪيو. مراد ڀيڻ کي وٺي ڀر ۾ پيل کٽ تي ويھاريو ۽ وڌيڪ پيار سان سمجھائڻ لڳو،.
’’ادي! تون اول ته ايڏي ھيڻي ڪمزور نه ھئين... جڏھن گھر ڇڏئي تڏھن به، نه ڪيٻايئه نه پڇتايئه، ھاڻ تنھنجي بھادري ڪاڏي وئي!؟ ياد اٿئي ننڍڙي ھوندين جڏھن پاڙي ۾ وھان شادين ۾ مرداڻا ڪپڙا پائي پنھنجي ھم عمر سھيلي سان ٽيبلو ڪندي ھئينءَ، ڪھڙو ڊائلاگ چوندي ھئينءَ. ’’مان مرد آھيان پنھنجي پٽڪي کي وَر ڏئي وڏي شان سان ٿو ھلان.‘‘ تون عورت آھين. تڏھن ايڏي ھيڻي ۽ ڪمزور آھين.
مرد جي دھشت ئي پنھنجي آ... وڃ تڪڙو منھنجي لاءِ ماني ڳڀو ڪري وٺ، بک زور جي لڳي آ، ۽ پوءِ ٽنگ ٽنگ تي چاڙھي کٽ تي ويھي رھندي ھئينءَ.
مان ۽ بابا گھڻو کلندا ھاسين، بابا چوندو ھو سسئي منھنجي ڌي نه، سسئي منھنجو پُٽ آھي، وڏي حوصلي واري ھئينءَ ۽ ھاڻ ايڏو پاڻ کي ھيڻو ۽ ڪمزو سمجهڻ لڳي آھين... ڇو!؟
ھل مون سان ھاڻ توکي پاڻ سان ٿيل ظلم ۽ ڏاڍ جي جنگ وڙھڻي آھي! ڇا سمجھئي!؟ ‘‘
وڏي عرصي کان پوءِ سسئي کي ڪو ڏڍ ڪو اتساھ مليو ھو، جي ادا سسئي کي وڌيڪ حوصلو ملي ويو، ھيڻي ۽ ڪمزور ماڻهو لاءِ اتساھ به هماليا جبل جيڏا حوصلا بلند ڪري ٿو ڇڏي، ڀاءُ جي اتساھ وڏو ڏڍ ڏئي ڇڏيو ھو، ھاڻ ھن پنھنجا ارادا وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيا ھا.
۽ پوءِ مراد ڀيڻ کي چادر اوڙهي اوڏي مھل وٺي اچي گھر پھتو ھو.

12

پٺيان گلڻ گھر پھتو ته سسئي ۽ اُم رباب کي گھر ۾ موجود نه ڏسي سڄو تپي باھ ٿي ويو. اوڏي مھل جو اوڏي مھل گھران نڪتو ۽ سڌو مراد جي گھر ھليو آيو.
ھي بنا اجازت گھر ۾ گھڙي پيو، ڪنھن سان به اليڪ سليڪ ڪرڻ جي بجاءِ سڌو وڃي سسئي جي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو.
’’ڪنھن جي اجازت سان ھلي آئي آھين، اُٿ ھل مون سان ھن مھل جو ھن مھل ھل اُٿ! ‘‘
گلڻ سسئي جي ٻانھن پڪڙي ڇڪڻ جي ڪئي، سسئي سٽ ڏئي پنھنجي ٻانھن ڇڏائي ورتي.
’’ڇو ھلان توسان، منھنجو توسان ڪو به رشتو ڪونھي، پنھنجو رشتو ختم سمجهه، بس گھڻو ٿيو، موٽي وڃ، وساري ڇڏ مونکي، وڌيڪ تنھنجو ظلم جبر برداشت نه ڪبو! ‘‘
سسئي جي اھڙي جواب ۽ جرئت تي گلڻ وائڙو ٿي ويو.
’’ اڇا ھاڻ تو ۾ ايڏي جرئت پيدا ٿي پئي آھي جو ھلڻ کان انڪار ٿي ڪرين ۽ مونکي ٺڪرائين ٿي، ڏسان تون ڪئين نه ٿي ھلين.‘‘
گلڻ سسئي جي ٻانھن پڪڙي زبردستي ڇڪي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ڀر واري ڪمري ۾ جئين جمال جي ڪنن تي ھل ھنگامي جو آواز پيو ھي اٿي تڪڙو تڪڙو وڌي اچي، گلڻ جو اڳ جھلي بيٺو. گلڻ سان مخاطب ٿيو
’’منھنجي نياڻي جو ھٿ ڇڏ، ھاڻ توسان منھنجي نياڻي جو ڪوبه رشتو ڪونھي، جئين گھر ۾ گھڙيو آھين تئين گھر مان نڪري وڃ، ٽر مان چوان ٿو ٽر، تون انسان جي رُوپ ۾ شيطان آھين شيطان! جي مراد پھچي ويو ته ھو توکي گھران ڌڪا ٿاٻا ڏئي ٻاھر ڪڍندو، ڀلو انھي ۾ اٿئي ته شرافت سان ھليو وڃ.‘‘
اڃان جمال گلڻ سان ڳالھائي رھيو ھو ته مراد گھر ۾ داخل ٿيو، جئين گلڻ تي نظر پيس تکو تکو اچي گلڻ جي سامھون ٿي بيٺو.
’’تون ڪنھن جي اجازت سان گھر ۾ گھڙيو آھين!؟نڪر مان چوان ٿو نڪر...‘‘
مراد گلڻ کي ڌڪا ٿاٻا ڏيڻ لڳو.
گلڻ ھوڏ تان نه لٿو ضد ڪري بيھي رھيو.
’’سسئي کي وٺي پوءِ گھران نڪرندس.‘‘
مراد سڌي ڌمڪي ڏنس ته ھاڻ ان جو فيصلو عدالت ۾ ٿيندو، توکي جيڪو ڪرڻو آھي وڃي ڪر. توکي موڪل آ.
مراد ڌڪا ٿاٻا ڏئي گلڻ کي گھر جي در کان ٻاھر ڪڍيو.
ٻنھي ۾ تلخ ڪلامي شروع ٿي تون تون، مان مان، تان ٻنھي ھڪ ٻئي کي ڌڪ وھائي ڪڍيا.
ايڏي ھل ھنگامي تي سڄو پاڙو اچي گڏ ٿيو، سڀني ڇڏ ڇڏان ڪرائي
گلڻ ويندي ويندي مراد کي ڌمڪي ڏني ته، انھي جو انجام برو ٿيندو، باقي سسئي کي واپس ضرور وٺي ويندس.

13

جلد مراد گلڻ مٿان ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو. ڪجهه ڏينھن کان پوءِ ڪورٽ ۾ فيصلي جي ٻڌڻي شروع ٿي.
سسئي ڪٽھڙي ۾ اچي بيان ڏنو ته جناب اعليٰ ! مون پنھنجي مڙس گلڻ سان ست سال گذاريا آھن. انھن ستن سالن ۾ ھڪ ڏينھن به اھڙو ناھي گذريو، جنھن ڏينھن گلڻ مون مٿان ظلم جبر مارڪٽ نه ڪئي ھجي، ھن ئي عدالت ۾ مون گلڻ سان ڪورٽ ميريج ڪئي ھئي، ھن ئي عدالت ۾ مان گلڻ کان طلاق ٿي وٺان. مونکي پنھنجي مڙس گلڻ کان طلاق ٿي گھرجي.
طلاق طلاق طلاق
گلڻ آبجيڪشن ولاريو، ڳالھائڻ جي ڪئي، پر جج صاحب گلڻ کي ڳالھائڻ کان روڪي ڇڏيو.
’’جي مائي سسئي کي اجازت آ پنھنجو بيان جاري رکي‘
سسئي وڌيڪ چيو، ’جناب اعليٰ ! گلڻ انسان جي روپ ۾ شيطان آھي، پوري زندگي مون تي ظلم جبر ڪندو آيو آھي ھاڻ مان اھڙي وحشي صفت انسان سان پنھنجي زندگي جو ھڪ پل به نه ٿي گذارڻ چاھيان. مونکي طلاق گھرجي مان عدالت کان انصاف جي گُھر ٿي ڪيان
گلڻ رکي رکي عدالت ۾ صفائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر جج صاحب گلڻ جي ھر موقف کي رد ڪري ٿي ڇڏيو
جج صاحب سسئي جو حلفيا بيان ٻڌي طلاق نامي تي گلڻ کان صحيح جي گُھر ڪئي، گلڻ وٽ طلاق ڏيڻ کان سواءِ باقي ڪو آپشن نه بچيو ھو، ھي اٿي ھڪ نظر سسئي کي غور سان ڏٺو اندر منجهه ڪروڌ ۽ ڪاوڙ جو مچ ٻري پيو ھو، ٻئي نظر مراد جمال ڏانھن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان تڪيو، طلاق نامي تي صحي ڪري واپس بينچ تي وڃي ويٺو.
جج صاحب فيصلو ڏنو ته، ’جئين ته ھي طلاق مائي سسئي پنھنجي مرضي سان ورتي آھي، انھي ڪري ڪورٽ ان کي پنھنجي طلاق جو پورو حق ڏئي ٿي.
جڏھن ھڪ مرد عورت کي طلاق ڏئي سگھي ٿو ته، جبر ستم جي حالت ۾ عورت به طلاق وٺڻ جو پورو پورو حق رکي ٿي، رجسٽر ۾ درج ٿيل طلاق نامي تي زال ۽ مڙس جي صحي ٿيڻ سان ٻنھي ۾ طلاق واقعي ٿي چڪي. ھاڻ ٻئي ڄڻا پنھنجي زندگي جدا جيئڻ جو پورو حق رکن ٿا، باقي سوال ٿو رھي ته ننڍڙي معصوم اُم رباب، اھا پيءُ سان گڏ رھندي يا ماءُ سان، جڏھن ته ھو معصوم ٻار آھي غلط صحيح جو فيصلو نه ٿي ڪري سگھي، انھي ڳالهه جو فيصلو ٿيڻ باقي آھي.‘‘
جج جي انھي سوال تي مراد اٿي ڳالھايو.
’’جناب اعليٰ !گلڻ جانور صفت انسان آھي، جنھن پنھنجي گھر واري سان ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي ھجي، اھو پنھنجي نياڻي جي ڪھڙي پرورش ڪندو. اُم رباب جي پرورش جو ذمو مان ٿو کڻان، ھن کي پڙھائڻ لکائڻ وڏو ڪرڻ منھنجي ذمي، مان ڪورٽ سڳوري کي التجا ٿو ڪيان ته ھڪ معصوم نياڻي جي زندگيءَ جو صحيح فيصلو ڪري ان کي پنھنجي اصل وارثن جي حوالي ڪيو وڃي.‘‘
جج صاحب مراد جي ڳالهه تي غور ڪندي اهو فيصلو ڏنو ته ڪورٽ سڳوري تمام پھلوء تي غور ويچار ڪرڻ کان پوءِ اهو فيصلو ٿي ڏئي ته، اُم رباب پنھنجي ماءُ سان گڏ رھندي.
فيصلي جي پڄاڻي ٿي. سڀ واپس وريا.

پنھنجي شڪست تي گلڻ کي ان رات ننڊ نه آئي، سڄي رات بدلي جي باھ ۾ پڄرندو رھيو، ھن کان پنھنجي شڪست برداشت نه ٿي، ڪاوڙ ڪروڌ ۾ سڄي رات گھر جي ھڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ھلندو رھيو. ھن جي سر تي خون سوار ٿي چڪو ھو، وھشت ۽ دھشت ۾ دوڏا ڳاڙھا لال ٿي چڪا ھا، نرڙ پگھر ۾ شل ٿي چڪو ھو. نرڙ تان پگھر اگھي ڪمري ۾ اچي فرج مان ٿڌي پاڻي جو جڳ ڪڍي ورتو، اڌ جڳ پاڻي جو ھڪ ساھي ۾ ڏوگھي ويو.
اندر منجهه اڃان به نفرت ڪروڌ جو آڙاھ ٿي ٻريو.
نيٺ گھر ۾ رکيل صندوق جو خانو کوليو. ريوالور ڪڍي چيڪ ڪيو، ريوالور ۾ گوليون ڀري ورتيون.
ھڪ نظر گھڙيال تي وڌي رات سوا ٽي پئي ٿيا. ريوالور وَر ۾ ھڻي گھر کان ٻاھر نڪتو. پاڙي جي سوڙھين گھٽين مان ٿيندو آھستي آھستي اڳتي وڌندو رھيو، گھٽي ۾ ھلڪڙي ھلڪڙي بلبن جي روشني ٿي ٻري، پاڙي جي گھٽين ۾ ڪجهه رول ڪتا ٿي گھميا، ھي ھلندو اچي مراد جي در وٽ بيھي ٿو رھي. ھڪ دفعو وَر مان ريوالور ڪڍي گوليون چيڪ ٿو ڪري، ٻيھر ريوالور وَر ۾ ھڻي ٿو ڇڏي، ديوار ٽپي اندر داخل ٿو ٿئي. ھڪ نظر آڳنڌ ۾ پيل کٽن تي ٿو وجھي، وڌي اچي مراد جي کٽ مٿان ٿو بيھي، مراد مٿان ريوالور تاڻي سڌا ٻه ٽي فائر ٿو ڪري، گوليون مراد جو سينو پروڻ ڪري ٿيون ڇڏين، سڄي کٽ رت سان رنڱجي ٿي وڃي، رت ٽيپا ٽيپا ڪري ھيٺ پٽ تي ڪرڻ لڳي ٿو.
فائرنگ جي آواز تي جمال ۽ سسئي جاڳي ٿا پون، سسئي کي گلڻ جو چھرو چٽو ٿو نظر اچي، گلڻ جي اکين ۾ نفرت جو لائو ٿي ٻريو
سسئي دانھون ڪندي ڀاءُ جي لاش کي چنبڙي ٿي پوي، منھن مٿو پٽڻ ٿي لڳي.
جمال پٽ مراد جي کٽ آڏو گوڏا ڀر ڪري ٿو پوي، وڏي واقعي دانھون ڪري روئي ٿو پوي، گلڻ کي پٽون پاراتا ٿو ڏئي
گلڻ چپ چاپ جمال ۽ سسئي کي گھورينديو پٺ تي ھٽندو ديوار ٽپي فرار ٿي ٿو وڃي.
ڀاءُ جو لت پت لاش ڏسي سسئي جي دل ۾ گلڻ لاءِ نفرت جو آڙاھ ٻري ٿو پوي.

۽ پوءِ گلڻ يڪو ٻه ٽي سال فرار ٿي ٿو وڃي.
ڊگهي عرصي کان پوءِ مير صاحب کان چئو چوان ڪرائي وڏو سورس ھلرائي ڪورٽ مان ٻاھريان ئي پنھنجي ضمانت ڪرائي واپس موٽي ٿو.

14

يارھن سالن جي سزا ڪاٽي ڪامريڊ موٽيو ھو، وقت سان گڏ گھڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو ھو.
اُھو وقت ياد ناھي رھندو، جڏھن ماڻهو ڪجهه حاصل ڪري وٺندو آھي، پر اُھو وقت ڪڏھن ناھي وسرندو جڏھن ماڻهو گھڻو ڪجهه وڃائي ويھندو آھي ۽ اُھو وقت وري موٽي ڪڏھن ناھي ايندو.
سانجھڙي ڌاري اتفاق سان ان گھٽي مان گذر ٿيو ھو، جتي ھي پنھنجو اڌورو عشق ڇڏي آيو ھو.
گھٽي ۾ ميرانجھڙي بلبن جي روشني ٿي ٻري، اوچتو ھڪ در جي اُوٽ کان ڪامريڊ جي ڪنن تي عورتاڻي آواز جو پڙلاءِ گونجيو.
’’حيدر.....!‘‘
عرصي کان پوءِ من جي مندر ۾ ڄڻ ڪو طوفان آيو ھو. من جي مندر جا سارا گُھنڊ وڄي پيا ھا. ڪامريڊ لوڻو ورائي ڏٺو، ڪا عورت در جي اُوٽ بيٺل ھئي، ڪامريڊ سڃاڻي ڪونه سگهيو. عورت ٻيھر سڏ ڪيو.
’’حيدر.....!‘‘
ڪو سڏ ھو ڄڻ سرحد جي ھُن پار کان ٿي آيو.
ڪامريڊ وڌي اڳتي آيو.
’’جيءُ!‘‘
در جي اُوٽ کان چنڊ گرھڻ وانگي ڪو ھوريان ھوريان چھرو چٽو ٿيو.
کن پل ۾ صدين جا درد ھوبھو سامھون ٿي بيٺا ھا، ھڪ لمحي ۾ اُھو کنڊر جنھن جي بنياد جا کنگهر ڇڻي ڇڻي ڀور ٿي پيا ھجن، ڌڙام سان ڊھي سڄو ڍير ٿي پيو ھو.
در جي اُوٽ بيٺل اُھا عورت ڪا ٻئي نه، محبوبه سسئي ھئي.
دکدائڪ لھجي ۾ سسئي چيو،
’’حيدر! مونکي معاف ڪري ڇڏجان، مون تنھنجي پيار کي ڪونه سڃاتو، ڪيڏي نه اڀاڳڻ آھيان! ڪاش ڪا ٻئي نادان ڇوڪري، مون وانگي پنھنجو پيار سڃاڻي سگھي ڪاش!
مون توکي ڏاڍو اھنج پھچايو، بس مونکي معاف ڪري ڇڏجان، حيدر مونکي معاف ڪري ڇڏجان!‘‘
۽ پوءِ سڏڪا ڀري زاروقطار روئي پئي.
ڪا ساھي ڪامريڊ ڪنڌ جُھڪايو بيٺو رھيو.
دير سان ڳالھايو، ھن جي آواز ۾ صدين جو درد سمايل ھو،.
’’سسئي! مان پنھنجي تقدير سان سدائين جھيڙيندو آيو آھيان، تقدير منھنجي حال تي وڏا وڏا ٽھڪ ڏنا آھن، مون پنھنجي تقدير تي ماتم ڪيو آھي، سچ پڇين ته مان ناڪام شخص آھيان.
ايڏو ته، بدبخت آھيان، جي دنيا جو آخري مرد به ھجان ھا، تڏھن به مون سان ڪا پيار نه ڪري ھا!‘‘
سسئي جي اکين ۾ لُڙڪ تري آيا، ھن ڳالھائڻ جي ڪئي پر ھن جي گلي ۾ ئي سمورا لفظ گُھٽجي ويا.
۽ پوءِ ڪامريڊ ڪنڌ جھڪائي چُپ چاپ اڳتي وڌي ويو
ڀڳل نيڻن سان يڪو سسئي ڪامريڊ کي ويندو ڏسندي رھي.
ھن کي پيءُ جمال جا چيل اُھي لفظ ياد آيا، ’’پنھنجو پنھون سڃاڻ متان وڻن ۾ وتين واڪا ڪندي‘‘
ھن ڄاڻي ورتو ته، ھن جنم ۾ ھن جي پنھون ڪامريڊ جو جنم ورتو ھو
هڪ دفعو ٻيهر ڀنل نيڻ کڻي نهاريو، ڪامريڊ گھڻو ڏور وڃي چڪو هو.


اوچتو گاڏين کي زوردار بريڪون لڳيون، ٽائرن ھيٺان چرڙاٽ نڪري ويا. جھٽ ۾ سڀ بائيڪن تان لانگون ورائي لھي پيا. سٽ ڏئي ڪامريڊ وَرَ مان پسٽل ڪڍيو، سھراب به ريوالور لوڊ ڪري ورتو، ٻئي اڳتي فائرنگ ڪندا تيزي سان وڌڻ لڳا باقي يار به ڏنڊن باٺن سان ھڪلون ڏيندا اڳتي وڌندا رھيا.
سامھون ھوٽل تان به فائرنگ جو سلسلوشروع ٿي ويو، مان وڃي ھڪ مانڊلي جي ڀر ۾ لِڪُيس. ٻنھي طرفن کان گولين جا ڌوڙيا ھا، منھنجا وائيسر بتال ٿي ويا، اوچتو ھڪ گولي منھنجي ڪن کان زرڙاٽ ڪري گذري، گولي مانڊلي جي ٽين واري چادر ۾ لڳي، چادر وڄي وئي، مانڊلي ڇڏي ڀر واري ڀت جي آڙ ۾ وڃي لڪيس، ڪنن تي تاڙيون چڙھي ويون، ڪنن ۾ زوزٽ شروع ٿي ويو، ٻئي ڪن وڄڻ لڳا ھا.
باقي ٻڌڻ ۾ ڪجهه نه ٿي آيو، الاءِ ڪھڙي ڪاني ڪرامتي پير جي ڪرامت سان مري بچيو ھوس، اُوڏي مھل سڀ پير سوريم، دل ۾ ھڙني پيرن جا پَڙ باسيم، سامھون نظر ڪيم، سڄي ھوٽل ۾ ھراس ڦھلجي ويو، ھوٽل تي ويٺل ماڻهو ڀڄ ڊوڙ ۾ لڳي ويا، گلڻ جا يار بينچن ۽ ڪرسين ھيٺان لڪڻ لڳا، ھنن ڏنڊن باٺن جي ريهه لاھي ڏني، ڏنڊن جي زيپٽ ۾ خبر ڪانه ٿي پئي ته، ڪير ڪنھن جي پاسي. شڪر ڪيم ته، وچ ۾ مان ڪونه ھيس، ڀت جي اُوٽ کان لِڪي لِڪي پئي جھاتي پاتم.
گلڻ ڀڄي وڃي گئريج واري دڪان کان ڊامبر ۽ گريس جي ڏٻن پٺيان لڪيو.
ڪامريڊ، گلڻ مٿان سڌا فائر ڪندو اڳتي وڌندو رھيو، گلڻ گريس جي ڊٻن مان ٻاھر نڪتو، تڙ تڪڙ ۾ وڃي گريس جي ڊم ۾ ڪريو. گلڻ سڄو گريس ۾ ٿي ڳڙيو، ٿيڙ ٿاٻا کائي اٿي ڊڪڻ لڳو. ڪامريڊ پٺيان ڊوڙ پاتس گلڻ ٿاٻو کائي ڪريو، ڪامريڊ وڌي مٿان چڙھي آيس، پسٽل مٿان تاڻي ورتو، گلڻ ٺوٺين ڀر پٽ تي سنئون گسڪندو رھيو، ٻئي ھٿ جوڙي منٿون ايلازون ڪرڻ لڳو.
ڪامريڊ جان کان ڪونه ماريس، ٻنھي ٽنگن ۾ چار پنج سڌيون گوليون وھائي ڪڍيس.
سھراب وارن باقي يارن جا ھڻي مٿا ڏاري وڌا ھا، جيڪي اتي ئي پٽ تي پئي ڦٿڪيا ۽ ڪوڪارون دانھون ٿي ڪيون.
ڪامريڊ موٽيو ته مان به ڀت جي اُوٽ کان ھوريان ھوريان ٻاھر نڪري آيس.
ڪامريڊ سھراب سان ڳالھائڻ لڳو.
’’ڪنڃر کي کٽ ڀيڙو ڪري ڇڏيو آھي، باقي عمر ڀلي پنندي گذاري...‘‘
ٻئي پاڻ ۾ ڳالھائڻ لڳا، ٻنھي پاڻ ۾ الاءِ ڇا ٿي ڳالھايو، مون فقط ٻنھين جا چپ چُرندي محسوس ٿي ڪيا، ٻڌڻ ۾ ڪجهه نه ٿي آيو، منھنجي ڪنن ۾ اڃان به، گگھو ٿي وڳو، ڪنن تي تاڙيون چڙھي ويون، آڱر سان پئي ڪن کٽوڙيم. سڀ گڏ ٿيا بائيڪون اسٽراٽ ٿيون، ٽپ ڏئي ڪامريڊ سان بائيڪ تي چڙھي ويٺم، ڪيريئر ۾ صفا ھٿ سُڪ ڪري ڇڏيم سڀ بائيڪون ٻرڙاٽ ڪري موٽڻ لڳيون هيون.

15

انھي جھيڙي کان پوءِ ستت ڪامريڊ ۽ سھراب مير صاحب جي بنگلي تي وڃي نڪتا ھا.
مير صاحب کي خاص نوڪر ٻڌايو.
’’مير صاحب! ٻاھر سھراب ۽ حيدر آيا آھن. وٺي اچان؟‘‘
مير صاحب ڪنڌ ڌوڻيو. ’’ها!‘‘
نوڪر تڪڙو تڪڙو ٻاھر ھليو ويو، واپسي ۾ سھراب ۽ ڪامريڊ کي وٺي بنگلي ۾ داخل ٿيو.
مير صاحب اٿي بيٺو، ’’اچو ڪامريڊ اچو!‘‘ ويھڻ جو اشارو ڏنو
سھراب ۽ حيدر سامھون بيڊ تي وڃي ويٺا. مير صاحب ڪرسي تي ويھندي سگريٽ دکايو .
’’ڇا کائيندو .... ڇا پينئدو!؟‘‘ مير صاحب پڇيو.
ڪامريڊ ڦورن جواب ڏنو، ’’مير صاحب کائڻ پيئڻ لاءِ تو وٽ تنھنجا واٺا ئي کوڙ آھن، ڪم جي ڳالهه ڪيو.‘‘
مير صاحب کي ڪامريڊ جو جواب ٽوھ جھڙو لڳو، ڪامريڊ جي حيثيت کان جواب ڳرو ھو، يڪدم ڪاوڙ جو ڍُڪ ڀري ورتو.
’’تڏھن مون وارن ھمراھن کي لولو لنگڙو ڪري، ھڻي ھُنن جا مٿا ڏاري وڌا اٿوَ!‘‘
وچ ۾ سھراب ڳالھايو،
’’مير صاحب! اسان جا مٿا ڦاٽندا ته، تو وارن ھمراھن جا مٿا اسٽيل جا ٺھيل ناھن جو ڪونه ڦاٽندا اصل مُدي تي اچو!‘‘
سھراب جي جواب مير صاحب کي لاجواب ڪري ڇڏيو.
ھڪ ساھي کان پوءِ مير صاحب چيو، ’’پڪ توھان کي خبر ھوندي ته، چوڌري اسان جي ذات ۽ قوم تي ٿو ڀونڪي!‘‘
’’ڪُتي کي ڀونڪڻ کان ڪنھن روڪيو آھي، ڪرڻو ڇا آھي ڳالهه ڪيو .‘‘ سھراب ڦورن چئي ورتو.
مير صاحب جذباتي لھجي ۾ چيو،’’ حرامي کي ماري وجھو!‘‘
’’پر اسان ڇو ماريونس!؟‘‘ سھراب پڇيو
اھڙي سوال تي مير صاحب طنزيا جملو چيو، ’’چوندا آھن جي گھر جا ڪتا ڀاڙي ٿي پون ته، گدڙ به اوڻايون ڪندو آھي.‘‘
سھراب جي چپن تي ھلڪڙي مُرڪ تري آئي.
’’مير صاحب ھڪ ڏينھن ھوئنن ئي حرامي کي اسان ماري وجھنداسين، پر فلحال ڇڏيونس ٿا، ڀل ڪجهه شريفن جي شرافت تان پردا کڄن!‘‘
اھڙي جواب تي مير صاحب جي جسم تي ڪويليون چڙھي ويون، ڪاوڙ جي دٻيل لھجي ۾ چيو،
’’جن کي ذات تي غيرت نه اچي ان کي زال تي غيرت ڪھڙي ايندي!‘‘
ڪامريڊ تُز جواب ڏنو،’’ ته پوءِ مير صاحب پنھنجون رنون سنڀاليو، اجايو اسان ڪامريڊن تي ميار نه ڏيو!
مير صاحب جي پيرن ھيٺان ھاڻ ڌرتي تپي ٽامو ٿي پئي ھئي، پير تپي سڄا ٽانڊا ٿي پيا ھا، ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ چيو، ’’
ڳالهه ڪيو، توھان ڇا ٿا چاھيو!؟‘‘
’’انھي ڪم جا پورا ڏھ لک وٺنداسين.‘‘ سھراب چيو
’’مونکي منظور آ.‘‘ مير صاحب بنا سوچي چيو، ’’توھان کي رقم شام تائين ملي ويندي پر ڪم احتياط سان ڪرڻو اٿوَ‘‘
ڪامريڊ اٿي بيٺو، ’’نه مير صاحب حرامي کي سري عام سڌيون گوليون ھڻنداسين.‘‘
مير صاحب ڳالھائڻ جي ڪئي پر..... ڪامريڊ مير صاحب جي ڳالهه وچ ۾ ڪٽي، وڌيڪ وضاحت ڪئي.
’’ مير صاحب توھان گھٻرايو نه، انھي سوئر جي رت جا ڇنڊا توھان جي دامن تي ڪونه پوندا.‘‘
مير صاحب اطمينان ڏيکاريو، ’’انھي ڪري ته توھان کي ڪم سونپيو آھي!‘‘
ھي ٻئي تڪڙا تڪڙا ٻاھر نڪتا.
سھراب پڇيو، ’’حيدر! حراميءَ کي ڪڏھن قوم تي غيرت آئي آھي!؟‘‘
ڪامريڊ وراڻيو، ’’پنھنجي رَن کري اٿس چوڌري سان، تڏھن بي غيرت کي غيرت آئي آ!! ‘‘

16

ڪجهه ڏينهن ۾ پوري پلاننگ جوڙي ڪامريڊ ۽ سھراب پڪي ارادي سان ھٿيار کڻي شامڙي ڌاري سبزي منڊي وڃي نڪتا ھا.
ان مھل چوڌري دلال جي دڪي تي معمول مطابق سڀ واپاري ويٺل ھا چوڌري چڱو مُڙس لڳو سڀني جي وچ ۾ پلٿي کوڙيو ويٺو ھو، چوڌري اُھا ئي سڀني جي منھن تي دانگي ٿي ملي، ڪامريڊ تکو تکو ھلندو سڌو اچي دڪي تي چڙھيو، سڀني جي وچ ۾ چوڌري دلال کي لت ھڻي ڪڍي، چوڌري ٻه بولاٽيون کائي دڪي کان ھيٺ وڃي ڪريو، جئين باقي ويٺلن ۾ ھراس ڦھليو. ڪجهه حرڪت ۾ آيا ته، سھراب سڀني مٿان پسٽل سڌو ڪيو.
’’وچ ۾ ڪير نه اچي.‘‘
سڀ خوف کان ھٽي پوئتي ٿي بيٺا، ڪامريڊ وڌي وڃي چوڌري جي سيني تي لت رکي ريوالور سڌو تاڻي ورتو.
’’پڙھ ڪلمو!‘‘ سڀني ۾ خوف ھراس ڦھلجي ويو. ڪامريڊ چوڌري جي سيني ۾ سڌيون چار پنج گوليون لاھي ڇڏيون.
چوڌري جو لت پت لاش سڀني جي سامھون ڦٿڪڻ لڳو ھو.
جيڪو جتي ھو انھي اتان پئي تماشو ڏٺو. سھراب ڌمڪي ڏني ته ’’ڪو به سوئر جي ڀر ۾ نه ايندو، جيسيتائين دم نه ٿو ڏئي‘‘
ھي ٻئي پوئتي ھٽندا تڪڙا تڪڙا ٻاھر نڪتا، چوڌري جو لاش اڃان تڙپيو ڦٿڪيو ٿي، مٿان سڄو هجوم اچي گڏ ٿيو ھو.
چوڌري جي موت جي خبر سڄي شھر ۾ باھ جيان پکڙجي وئي ھئي، ڪجهه دير کان پوءِ پوليس موبائل پھتي، چوڌري جو لاش کڻي موبائل ۾ وڌو، ڪجهه شواھد ۽ ڪجهه شاھديون ورتيون، ٻئي ڏينھن پوليس سھراب ۽ ڪامريڊ جي گھرن تي ڇاپا ھنيا.
ڪامريڊ جي پوڙھي پيءُ کي گھران کنڀي کنيو ۽ وڏي ڀاءُ حاڪم کي سِرن جي بٺي تان ڪم ڪندي گرفتار ڪيو ھو.
پر سھراب ۽ ڪامريڊ ٻئي روپوش ٿي چڪا ھا.
ايس ايس پي مختلف ڪيسن جي ايف آء آر درج ڪري ، ڪامريڊ ۽ سھراب کي اشتھاري ڏوھاري ڄاڻائي شوٽ آئوٽ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. ھر شھر جي مقامي ٿاڻي تي ايف آء آر جي ڪاپي موڪلي ڇڏي، ٻنھي خلاف اشتھاري ڏوھاري جا بينر شھر شھر لڳي چڪا ھا، پوري پوليس فورس شھر شھر جي ناڪابندي شروع ڪري ڇڏي، مختلف جڳھن تي ڇاپن جو سلسلو جاري رکيو، ھر شھر وستي واھڻ پوليس رڻ ٻاري ڏنو ھو.

17

ڪامريڊ ۽ سھراب وڏي اسر جو لوڪل ٽرين پڪڙي شھر ڇڏي روانا ٿي چڪا ھا، ٽرين تيزي سان اُتر کان وِسل ڏيندي اڳتي وڌڻ لڳي ھئي.
ڊگھي سفر کان پوءِ ڪامريڊ دري کان ٻاھر جو منظر ٿو پَسي، ٽرين جبل جي لَڪن کان ٿيَ گذري، پريان ڏُور سج نئين صبح جو آغاز ٿي ڪيو.ڪو پکين جو ولر ماڳ کان ٿي اُڏاڻو، پرتي رڍن جو ڌڻ ڪچي دڳ تان ڌوڙ اُڏائيندو اڳتي ٿي وڌيو. ڪي ناريون ولر ڪيو گاھ پٺي لاءِ ٿي ويون، گھڻو پرتي ڪو پوڙهو هاري ڏاندن جو ھر ٿي ڪاھيو.
ڪامريڊ ھڪ نظر سھراب تي وڌي بلڪل سامھون واري سيٽ تي سھراب اڃان ننڊ جي خمار ۾ ھو.
ھي سوچي ٿو، ’’بس ايترو ئي سڪون ھجي ٿو اسان ڪامريڊن جي زندگي ۾! ‘‘
ڪامريڊ ٻيھر دري کان ٻاھر جھاتي ٿو پائي، وڻ ٽڻ ٻوٽا الوداع الوداع ڪندا نمي سلام ڪندا پُٺ تي ٿي موٽيا، پريان ڏور ڪچيون ڪکائون جھوپڙيون ٿي نظر آيون، ائين ڀانيائين ڄڻ ڏور ڏورڪٿي ھن جي محبوبا ھن جو اوسيئڙو ڪندي ھجي، ھو ھن کي پڪاري ٿي، ھن جون واٽون واجھائي ٿي .
ھن کي محبوبه سسئي ياد ٿي پوي.کيسي مان سگريٽ ڪڍي سگريٽ دکائي ٿو.ھڪ وڏو ڪش ٿو ھڻي، دونھون لاٽون ڪري دري کان ٻاھر وکري گم ٿي ٿو وڃي، ھن کي ڪنھن ڏاھي جو قول ياد ٿو پوي، ’’ڪامريڊن جون محبوبائون ناھن ھونديون، ھو سگريٽ جي ڪڪوريل دونھين سان عشق ڪندا آھن!‘‘
سگريٽ جو ٻيو ڪش ھڻي وات مان دونھون ڇڏي ٿو، دونھون لاٽون ڪري وکري ٿو وڃي.
ھڪ نظر ٻيھر سھراب ڏي ڏسي ٿو، ھو اڃان به ننڊ جي آغوش ۾ آھي، ھي پنھنجي ناڪام محبت تي سوچي ٿو:
’’عشق ۾ حاصلات ڪٿي آ، عشق ۾ ته فراق ئي فراق آ
محبت ۾ لذتون عاشقن جي تقدير ۾ ئي ناھن لکيل ھونديون، محبت جون لذتون انھن جي نصيب ۾ ھونديون آھن، جيڪي خواھشن جي تابع ھوندا آھن. جيڪي زندگيءَ جو مقصد کڻي ٿا اچن، انھن جون خواھشون حسرتن جي گهاڻي ۾ سدائين پيڙجنديون رھنديون آھن.
ھن ڌرتي تي پيار محبت ھميشه قائم رھي، انھي ڪري ئي ته، عاشقن پنھنجي جانن جا نذرانا ڏنا آھن ته پوءِ محبت ۾ حاصلات جي خواھش ڇو! ‘‘
ھڪ نظر وري سھراب کي ڏسي ٿو، سھراب اکيون مھٽي ڪامريڊ کي ڏسي ٿو. اٿي در وٽ بوگي کي ٽيڪ ڏئي ٻاھر جو منظر پَسي ٿو، ڪا گھڙي بيٺو رھي ٿو، ٽرين تيزي سان اڳتي وڌندي ٿي رھي، واپس اچي پنھنجي جاء تي ويھي ٿو رھي.
ڪامريڊ گھري سوچ ۾ ٻڏي ٿو وڃي، وڌيڪ سوچي ٿو:
’’ڪنھن جي ھجڻ يا نه ھجڻ سان ڪنھن کي ڪو فرق ڪونه ٿو پوي، ھر ماڻهو صرف پنھنجي ذات سان تعلق رکي ٿو، جئين انسان اڪيلو آيو آ، تئين ئي انسان کي اڪيلو واپس وڃڻو آ، پوءِ ھي پيار محبت محَض تماشو ئي ته آھي!
يا وري ھُن (خدا) ماڻهو جو وجود جوڙي ان کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو آھي
ماڻهو پنھنجي اڌ وجود جي ڳولا ۾ عمر ڀر ڀٽڪندو رھي ٿو، انھي پنھنجي اڌ وجود کي پسڻ تائين ماڻهو اڻپورو رھي ٿو.
ھن ڄاڻي ورتو مجازي عشق، حقيقي عشق جي معرفت آھي!
غريب مسڪين اٻوجهه بيوس لاچارن سان پيار ڪرڻ ئي خدا سان پيار ڪرڻ آھي، انھن جي درد تڪليفن کي پنھنجو درد تڪليفون سمجھڻ ئي حقيقي عشق آھي.
زندگي ۾ آھن رڳو ڏک ۽ ڏوجھرا، دردن ۽ پيڙائڻ جو نانء آ زندگي، نجات فقط موت ۾ آ ! ‘‘
ڪامريڊ اڃان خيالن ۾ گم ئي ھوندو آھي ته، ٽرين اچي ڄامشورو اسٽيشن تي بريڪ ٿي ھڻي.
انھي ڪمپارٽمينٽ ۾ ڪي ڪاليج جون ٻه ڇوڪريون تڪڙيون چڙھي ٿيون پون، ھنن جي ھٿن ۾ بيگ ٿيلھن سان گڏ ڪافي ڪجهه ٻيو به سامان به ھجي ٿو، ڪمپارٽمينٽ ۾ ڪا به سيٽ خالي نظر نه ٿي اچين ته ھي ٻئي ڄڻيون سامھون واري ٻئي ڪمپارٽمينٽ ۾ وڃي سيٽ تي ويھي ٿيون رھن.
شايد ھنن کي يونيورسٽيءَ کان ڇٽي جو پيرڊ مليل ھو، جيڪي واپس گھرن ڏانھن ٿي موٽيون. ڪامريڊ ھڪ نظر انھن ڇوڪرين تي وجھي ٿو، ڪنڌ جھڪائي ٿو ڇڏي.
پٺيان تڪڙا ٻه ٽي پٺاڻ ڇوڪرا چڙھي ٿا پون، ھڪ نظر ڪمپارٽمينٽ ۾ ويٺل ماڻھن تي وجھي اڳتي وڌي سامھون انھن ڇوڪرين واري ڪمپارٽمينٽ ۾ ھليا ٿا وڃن .
ٽرين اسٽيشن تي اسٽاپ ڪيو ته سھراب سيٽ تان اُٿي ھيٺ لھي ٿو وڃي، ٿڌي پاڻي جي ٽانڪي مان ھٿ منھن ڌوئي ٻُڪ پاڻي جو پيئي ٿو وٺي، ڪجهه دير ۾ ٽرين ھلڻ لڳي ٿي ته سھراب تڪڙو ھلندو اچي ٽرين ۾ چڙھي ٿو پوي، واپس پنھنجي جاءِ تي وڃي ويھي ٿو رھي.
ٽرين وِسل ڏيندي ھوريان ھوريان اڳتي وڌڻ لڳي ٿي، کن پل لاءِ ڪامريڊ ماضي جي پاتال ۾ ھڪ دفعو ٻيھر ٻڏي ٿو وڃي.

ھن جيون جي چئو واٽي تي، ڪي يار مليا ھا قرب منجھان
وقت جو اھڙو واءُ لڳو، ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو
ھڪ ٻيڙي ھئي سا ٻڏندي رھي، تاڪ ان جا ترندا ويا
ھڪ ولر ھو سو وڇڙي ويو، ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو

ڪو ياد ڪندين ئي وسري ويو، ڪو وسري وسري ياد رھيو
ڪو پيار ڏيندين ئي وسري ويو، ڪو درد ڏيندي ڀي ياد رھيو
بس ياد اچي ماضي ويو، وقت ھو ڪو گذري ويو

ڪامريڊ جي اکڙين مان ٻه لُڙڪ ٽمي جھولي ۾ جذب ٿي ٿا وڃن، ٻنھي اکڙين مٿان آڱريون ڦيري ٿو ڇڏي.

ٽرين تيزي سان منزل طئه ڪندي اڳتي وڌندي ٿي رھي.
ڪامريڊ اڃان ماضي جي پاتال ۾ گوتا پئي کاڌا. سھراب اٿي اچي ڪامريڊ جي ڪلھي تي ھٿ رکيو، کن پل ۾ ڪامريڊ ماضي کان مستقبل جي سفر تان موٽي آيو، ھن چتائي سھراب کي ڏٺو، سھراب اطمينان سان اکيون ڇنڀيون.
اوچتو سامھون واري ڪمپارٽمينٽ ۾ ڇوڪرين جو ھُل ھنگامو وڌيو.
پٺاڻ ڇوڪرا انھن ڇوڪرين سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ لڳا ھا، انھن ڇوڪرين پٺاڻ ڇوڪرن جي بدتميزي تي ڇڙٻون ٿي ڏنيون، پر پٺاڻ ڇوڪرا انھن ڇوڪرين سان وڌيڪ بدتميزي ڪرڻ تي لھي آيا، ھنن ڇوڪرين جي ٻانھن ۾ وڃي ھٿ وڌا، وڌيڪ زور زبردستي ڪرڻ لڳا.
سھراب تکو ڇوڪرين واري ڪمپارٽمينٽ ۾ ھليو آيو.
پٺاڻ ڇوڪرن کي ڇڪي پوئتي ڪيو،
’’ڇا تي بدتميزي ٿا ڪيو؟‘‘
ھڪ پٺاڻ سھراب کي ڌڪو ڏنو، ’’پيچهي ھٽ!‘‘
سھراب دير نه ڪئي گريبان ۾ ھٿ وجھي يڪو ڌوڪيندو وڃي بينچ تي دسيس، ٽي چار ٺونشا منھن وارا وھائي ڪڍيس.
ٻيا ٻه پٺاڻ ڇوڪرا تڪڙا اڳتي وڌي پٺيان سھراب جي ڪالر ۾ ھٿ وجھي ڌڪ ھڻڻ لڳا.
ڇوڪريون خوف کان ھٽي پوئتي ٿي بيٺيون، ڪجهه مسافر چپ چاپ سمورو تماشو ڏسڻ لڳا.
ڪامريڊ ڊوڙندو پويان پھتو، انھن ٻنھين پٺاڻ ڇوڪرن کي ڪالرن ۾ ھٿ وجھي ڇڪي پوئتي سٽيو، ٻئي پٺاڻ پٺتي وڃي ڪريا، ڪامريڊ سٽ ڏئي وَر مان پسٽل ڪڍي ٻنھين مٿان تاڻي ورتو.
’’سوئر! اسان جي ڌرتيءَ تي اسان جي لڄن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندئو!‘‘
ڪامريڊ ٻنھي پٺاڻن کي ٻه ٽي مٿي وارا بٽ وھائي ڪڍيا.
ٻنھي جي مٿن مان رت سيمو ڪري لوندڙين کان ٽمڻ لڳو ھو، ٻئي ڄڻا مٿي کي ھٿ ڏئي دانھون ڪرڻ لڳا،
’’يارا ھمين مت مارو! غلطي ھو گئي معاف ڪر دو!‘‘
ڪامريڊ کي منٿون ايلازون ڪرڻ لڳا، پنھنجا ھٿ جوڙڻ لڳا.
سھراب ان پٺاڻ کي منھن وارا ٺونشا ھڻي سڄو منھن رتو رت ڪري ڇڏيو ھو. ٻنھي ڄڻن پٺاڻن جي بري حالت ڪري ڇڏي ھئي، ڪامريڊ ڪپڙا ڇنڊي پسٽل وَر ۾ ھڻي ڇڏيو، سھراب اٿيو انھي پٺاڻ ڏي تڪيندو پٺ تي ھٽندو اچي ڪامريڊ جي ڪلھي تي پنھنجي ٻانھن ڦيري ڇڏي، ٻئي ساڳي ڪمپارٽمينٽ ڏي موٽڻ لڳا ھا.
ٻنھي ھڪ نظر ڇوڪرين ڏي ڏٺو، ڇوڪريون خاموش ٽرين جي ڊٻي کي ٽيڪ ڏيو ٻنھي کي ڏسنديون رھيون، ٻنھي ڇوڪرين جي اکڙين ۾ عجيب قسم جي چمڪ تري آئي ھئي.
ھاڻ ٽرين ذري گھٽ ڪوٽڙي اسٽيشن کي اچي ويجھو پھتي ھئي، جئين ٽرين جي رفتار گھٽ ٿي ته، ڪامريڊ سھراب هلندي ٽرين مان ڦٽ پاٿ تي لھي ويا، ٽرين اچي اسٽيشن تي بريڪ ڏني.
ھي ٻئي تڪڙا تڪڙا فٽ پاٿ تي ماڻھن جي ڀيڙ کي چيريندا اڳتي وڌي نڪتا، فٽ پاٿ تان لھي ور وڪڙ رستا ڏئي ريلوي ڦاٽڪ تي چڙھيا، اتان ھڪ لوڪل سوزوڪي ۾ ويٺا، سوزوڪي اچي حيدرآباد سينٽرل جيل اڳيان لاٿو، اتان رڪشو پڪڙي بدين اسٽاپ تي اچي رسيا، بدين اسٽاپ تان بس پڪڙي لاڙ پار جو رُخ ڪيو

18

ٻئي فرار ٿي اچي لاڙ پار پھتا، ڪجهه ڏينھن لاءِ ڪامريڊ پنھنجي سئوٽ نور محمد وٽ وڃي رھيو ھو. سئوٽ کان بائيڪ وٺي سڄي تر جا پئي چڪر ڪٽيا، ويجھڙ ۾ ناگي شاھ جو ميلو به شروع ٿي چڪو ھو
چنڊ جي چانڊاڻ جي ھلڪڙي ھلڪڙي چانڊوڪي ٿي ڇڻي، چئوطرف ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جي فصل مان ھوا سرڙاٽ پئي ڪيا پرتي تنبو ۾ سُر ٿي وکريا، ڪامريڊ ۽ سھراب به ڪھي ميلي ۾ ھليا آيا.
ميلي ۾ تر جي ماڻھن کان علاوه پري پري کان آيلن جي وڏي ڀيڙ اچي گڏ ٿي ھئي. ميلي ۾ ھر رنگ رچيل ھو، ناچڻين جي پيرن جي ڇمڪار ھئي، مختلف شھرن کان ڪھي آيل فنڪارن جي ڪلامن جون جھونگارون روح کي ٿي راحت بخشي، ڪا ناچڻي اسٽيج تي پيرن جي پئي پائل ڇنڪائي، ھر دل ان مور جھڙي ناچڻي جي ناچ تي موھجي پئي ھئي، نوٽن جي ورکا ھئي، نوٽ زخمي ڪبوترن وانگي بلاٽيون کائي ٿي ناچڻي جي پيرن ۾ ڪريا، سازندن پئي ساز ڇيڙا، پري پري تائين سازن جو مُڌر آواز ٿي گونجيو، ناچڻي سڄي ماحول کي مست بڻائي ڇڏيو ھو، سڀ مئي پيتل مُڌ ۾ جھوميا نچيا پئي، پر ناچڻي جي ناچ جو مزو تڏھن خراب ٿي ٿيو، جڏھن تر جي وڏيري جو پٽ شراب ۾ ڌت ٿي ناچڻي کي گھڙي گھڙي تنگ ٿي ڪيو. انھي جي حرڪتن مان ئي ڪامريڊ ڄاڻي ورتو ھو ته، ڪنھن بگڙيل رئيس جو پٽ آھي.
وڏيري جي پٽ نشي جي ڌت حالت ۾ ناچڻي مٿان نوٽ ٿي اُڇليا، ناچڻي سان غلط ڪلامي پئي ڪئي، ان تي سندس واٺا وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي کلڻ ٿي لڳا. بگڙيل رئيس وڌيڪ آپي مان ٿي نڪتو. ڇڇڪارن سان پئي ناچڻي کي کيڪاريو. ڪيڏي ڪيڏي مھل ناچڻي بيزار ٿي اسٽيج ڇڏي اندر ھال ۾ ھلي ٿي وئي. ماڻھن ۾ بي چيني ٿي وڌي ۽ ويتر محفل جو مزو خراب ٿي ٿيو. وري پنڊال ۾ شور وڌڻ تي، ناچڻي واپس اسٽيج تي ٿي آئي ۽ پنھنجو ناچ نچڻ ٿي لڳي.
ماحول وري سازگار بڻجي ٿي ويو، پر رئيس جو بگڙيل پُٽ نشي جي ڌُت حالت ۾ ٿيڙ ٿاٻا کائي اسٽيج تي چڙھي ويو. ناچڻي سان بدتميزي ڪرڻ لڳو. نشي جي حالت ۾ ناچڻي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، ھن جا ڳل چمڻ لڳو. ناچڻي خوف کان سٽ ڏئي پاڻ ڇڏائي ورتو. ٻه قدم پوئتي ھٽي بيٺي وڏيري جو پٽ اڳتي وڌي وري ناچڻي کي ڀاڪر وجھڻ جي ڪوشش ڪئي. سڄي محفل ۾ وڏيري جي پٽ ناچڻي جو تماشو بڻائي ڇڏيو ھو ، وڏيري جي ٽرڙي پٽ جي اھڙي حرڪت تي ڪامريڊ مٿي اسٽيج تي چڙھي آيو. سڌو وڏيري جي پٽ جو وڃي گريبان پڪتو. ڌمڪي ڏني.
’’ لهه ھيٺ پنھنجي جاءِ تي ھلي ويهه، ناچڻي تنھنجي پيءُ ڏاڏي جي جاگير ڪونھي، من مستي وڃي پنھنجي اوطاق تي ڏيکار، نچڻ ھن جو پيشو آھي.. اهو ئي روزي روٽي جو وسيلو آ، انھي جو اھو مطلب ٿوڙئي آ ته، تون ھن سان بدتميزي ڪرين، شرافت سان لهه ھيٺ خچر!‘‘
سڀ اچرج ۾ پئجي ويا. وڏيري جو پٽ سٽ ڏئي پنھنجو گريبان ڇڏايو.
ھيٺ ويٺل واٺن کي ھڪل ڪئي ته، ’’اڙي وٺوس ڏيکاريوس ڏينھن جا تارا‘‘
ڪامريڊ دير نه ڪئي زوردار مٿي وارو پسٽل جو بٽ واھائي ڪڍيس.
وڏيري جو پٽ گگ ڳاڙي اسٽيج تي ڪري پيو. مٿي مان رت لاٽون ڪري وھڻ لڳو.
ڪامريڊ واٺن سان مخاطب ٿيو، ’’اڙي کڻي وڃو پنھنجي پيءُ کي!‘‘
رئيس جا واٺا جوش ۾ اڳتي وڌڻ لڳا. ڦورن سھراب چيتي وانگي ڇلانگ ھڻي اسٽيج تي چڙھي پيو. ٻه ٽي ريوالور جا فائر ڪيا.
’’ڪو به ويجھو نه ايندو ، جيڪو ويجھو ايندو، گولي ھڻي اڦٽ ماري وجھندو مانس.‘‘
سڀ خوف کان پوئتي ھٽي بيٺا، باقي ماڻھن ۾ خوف ڦھلجي ويو.
ڪامريڊ ۽ سھراب ماڻھن جي ڀيڙ کي چيري چپ چاپ ٻاھر نڪري ويا.


ٻئي صبح وڏي رئيس حد جي ايس ايڇ او کي اطلاع ڏنو ته ڪي مشڪوڪ ڦورو لٽيرا ميلي ۾ ھن جي پٽ سان وڙھيا آھن رات ميلي ۾ وڃي جاچ لھو ته اُھي مشڪوڪ ڪير آھن ڦورو آھن، ڌاڙيل آھن ، دهشتگرد آهن، ڪير آھن!
ٻئي رات ايس ايڇ او ميلي ۾ ٻه ٽي پوليس موبائلون موڪليون، جئين پوليس گشت تي پھتي، پوليس موبائل ڏسي ڪامريڊ کي کڙڪ پئجي وئي. سھراب کي آگاھ ڪيو.
’’ سھراب نڪرڻ جي ڪر پوليس تاڙ ۾ آھي.‘‘
ٻنھي منھن تي رومال جون ٻٽون چاڙھي ڇڏيون. بائيڪ ڪاھي ميلي مان ٻاھر نڪتا، پوليس کي بائيڪ تي سوار مشڪوڪ ماڻهو لڳا، پوليس موبائل پٺيان لڳي سائرن ڏنو ۽ ٻنھي کي بيھڻ جو اشارو ڪيو.
رستي جي ٻنھي پاسن کان ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جي فصل مان ھوا سرڙاٽ ڪري ٿي گذري، مٿي چنڊ تان چانڊوڪي ٿي ڇڻي، سھراب ويتر بائيڪ کي تيز رفتار ڊوڙائڻ لڳو، پوليس فائرنگ شروع ڪئي، ڪجهه وٿي جي فاصلي تان ڪامريڊ پٺ تي فائر ڪندو رھيو، بائيڪ رستي تي اڃان به تيز تيز ڊوڙڻ لڳي ھئي.
اچانڪ سامھون ھڪ ٻئي پوليس موبائل ظاھر ٿي، موبائل لائٽون ڏنيون پري کان لائٽون ٻنھي جي چھرن تي پوڻ لڳيون.
ڪامريڊ چيو، ’’سھراب! گاڏي کي ڪچي تي موڙ، سامھون پوليس جي گاڏي آھي.‘‘
سھراب ڦورن بائيڪ کي وچين ڪچي دڳ طرف موڙيو.
اڳيان ۽ پٺيان لڳل ٻئي موبائلون ڪچي دڳ جي ٻنھين پاسن کان مڙيون، ھڪ موبائل کاٻي پاسي کان ۽ ٻئي موبائل ساڄي پاسي کان، تيز رفتاربائيڪ ڪچي دڳ تي ڊوڙڻ لڳي ھئي. مٿي آسمان تي چنڊ ٿي چمڪيو، روڊ جي ٻنھي پاسن کان ايڪڙن تي ڪمند جي فصلن ۾ ھوا سرڙاٽ ٿي ڪيا، اچانڪ ٻنھي رخن کان پوليس ھنن کي گھيري ورتو. تيز رفتار گاڏي کي سھراب سلپ ڏئي رستي تي ڪيرائي ڇڏيو. ٻئي ليٿڙيون کائيندا ڪريا، تڪڙو اٿي کڙا ٿيا، پريان کان پوليس فائرنگ ڪندي اڳتي ٿي وڌي، ھي ٻئي اُٿي تڪڙا ڪمند جي فصل اندر لھي ويا. پوليس ڪمند جي پوري فصل کي گھيري ورتو.
حد جي ٿاڻي تي اطلاع مليو، ڦورن باقي موبائلون زوزٽ ڪري جاءِ واردات تي پھتيون، ھاڻ چئو طرف ڪمند جي فصل کي گھيرو ھو، سرچ آپريشن جھڙو ماحول جڙي چڪو ھو، ڪمند جي چئو گرد موبائلون گشت ڪرڻ لڳيون ھيون، ھر طرف کان سرچ لائٽون ٿي ٻريون.
ڪامريڊ سھراب ڪمند کي چيريندا اڳتي وڌندا ٿي ويا، ٻئي ذري گھٽ فصل جي وچ ۾ اچي پھتا ھا، ڪمند جي وچ فصل ۾ ويھي ڪا گھڙي ڪامريڊ سوچ ويچار ڪرڻ لڳو
سھراب مذاق ڪندين ڪامريڊ کي چيو،’’حيدر! جي اچانڪ ڪٿان ڪو سوئر نڪري پيو ته!؟‘‘
ڪامريڊ سيريس لھجي ۾ وراڻيو، ’’سھراب ھي مذاق جو وقت ڪونھي ، پر جي ڪٿا سوئر نڪري به پيو ته، انھي سوئر کي پڄي پونداسين، ٻاھر جيڪي سوئر پيا ڦرن فلحال انھن کي منھن ڏيڻ جي سوچ. چئوطرف گھيرو تنگ ٿي چڪو آھي، سوچ ته ھتان نڪرڻو ڪئين آھي، سج اڀرڻ کان اول جي ھتان نه نڪري سگھياسين ته، پڪ ڄاڻ يا پڪڙيا وينداسين، يا ته ماريا وينداسين.‘‘
سھراب ڳمڀيرتا مان پڇيو ته ’’پوءِ ڇا ڪرڻ گھرجي، ٻاھر نڪرڻ جو ڪو حل آھي!؟ ‘‘
ڪامريڊ وراڻيو، ’’حل آھي پر آھي مشڪل!‘‘
’’پاڻ ڪڏھن آسان حل ڳوليو آھي، سدائين مشڪل حلن مان ئي ته گذريا آھيون. حل ڇا آھي ڳالهه ڪر حيدر!‘‘
’’سھراب! ھن مھل پاڻ مڪمل پوليس جي گھيري ۾ آھيون، چئو طرف پوليس جو گشت آھي، ھر رستي تي سرچ لائٽون ٻري رھيون آھن، اھڙي حالات ۾ ھتان نڪرڻ ڏاڍو مشڪل آھي، پر ھڪ شرط تي، پاڻ ٻنھي مان ڪو به ھڪ ڄڻو نڪري سگھي ٿو.
ھتان ٻاھر نڪرڻ جا ٻه رستا آھن، ھڪ رستو اتر کان سم نالي تي چڙھي ٿو، سم نالي کان ھيٺ ديوين ڪنڊين کبڙين ۽ لئين جو جھنگ آھي، ٻنھين مان ڪو ھڪڙو سم نالي تي پھچي ويو ته، انھي جھنگ ۾ لھي سج اڀرڻ کان اول پڪي دڳ تي وڃي چڙھندو، اتان بس يا وين پڪڙي شھر روانو ٿيندو، شھر پھچڻ کان پوءِ ڪو خطرو ڪونھي، جان بچائي اتان ڪنھن ٻئي شھر نڪري سگھجي ٿو.
۽ ٻيو رستو ڏکڻ کان آھي، ساڳي سم نالي کان ڪچو دڳ وڃي پڪي کي لڳي ٿو.
ھاڻ ٻڌ، مان ھتان جي گھٽ گھيڙن کان گھڻو واقف آھيان، انھي ڪري اول مان نڪران ٿو، مونکي سم نالي تائين پھچڻ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ لڳي سگھي ٿو، تيستائين صبر ڪجان، جلد بازي نه ڪجان، پر جي امڪاني فائرنگ جو آواز ٻڌين ته، انھي موقعي جو فائدو وٺي تون ڏکڻ کان نڪري وڃجان ٺيڪ آ...
’’نه حيدر! آخري ساھ تائين به تنھنجو ساٿ نه ڇڏبو، مرڻو آھي ته گڏ مرنداسين پر...‘‘
سھراب اڃان ڳالهه پوري ڪانه ڪئي ته، ڪامريڊ وچ ۾ جواب ڏنو، ’’سھراب! پر ٻر کي ڇڏ. گھڻو جذباتي نه ٿي، ھي وقت دوستي ۾ درياء دلي ڏيکارڻ جو ناھي، عقلمندي انھي ۾ آھي ته، ٻنھي مان ڪنھن ھڪ جي جان سلامت رھي، ورنا ٻئي بي موت ماريا وينداسين!‘‘
’’وڌيڪ بحث ڪرڻ فضول ٿيندو، ھاڻ مان نڪرڻ جي ڪيان ٿو، تون به ڏکڻ طرف آھسته آھسته وڌي وڃ، پر ياد رھي سج اڀرڻ کان اول پڪي تي پڄڻو آھي.‘‘
’’چڱو يارو ياري ساٿ سلامت! ‘‘
’’يارو ياري ساٿ سلامت.‘’ سھراب ڪامريڊ کي ڀاڪر پاتو.
ڪامريڊ ڪمند جي فصل کي چيريندو آھسته آھسته اڳتي وڌڻ لڳو، اڳتي ھلندو لڪندو ڇپندو اچي سم نالي تي چڙھيو، سم نالي کان ھيٺ کبڙين، ديوين، ڪنڊين، لئين جي لامن ۾ لھڻ لڳو ته، ڪامريڊ جي ڪنن تي فائرنگ جو آواز پيو، ڪامريڊ دل ۾ خير گھريو، ھن کي ڪُکي ويو ته، سھراب جلد بازي ڪري ويٺو آھي.
ڏُور نظر ڪئي پرتي گھڻو پرتي ٻرندڙ سرچ لائٽون نظر آيس.
گولين جو آواز ھيڪاندو وڌي چڪو ھو، ھڪ رُخ تي سڀ موبائلون مڙي چڪيون ھيون، سھراب کي چوطرف پوليس گھيري ورتو ھو، پوليس سھراب مٿان رائفلون تاڻي ورتيون ھيون.
پوليس سھراب کي گرفتار ڪري ورتو ھو.

19

ڪجهه ڏينھن پوليس سھراب کي ريمانڊ تي رکيو، مار ڪٽ تشدد ڪري سخت پڇاڻو ڪيو، ھفتي ڏيڍ اندر عدالت ۾ پيش ڪيو، جج صاحب قتل جي الزام ۾ سھراب کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، باقي مختلف ڦر ڌاڙن جا ڪئين ڪيس ٺوڪي، چالان ڪري سينٽرل جيل حوالي ڪري ڇڏيو ھو.
پر ڪامريڊ اڃان به لاپتا ھو، پوليس ڪامريڊ پٺيان رڻ ٻاري ڏنو ھو.

گھڻي عرصي کان پوءِ اوچتو ڪنھن چئوواٽي تي گولين سان پروڻ ٿيل ڪامريڊ جو لت پت لاش مليو ھو.
پوءِ جيترا وات اوتريون ڳالھيون ھيون. ڪن جو چوڻ ھو خفيا ادارن ماريو اٿس، ڪن جو چوڻ ھو ذاتي دشمني ۾ ماريو ويو آهي.
ڪامريڊ جي موت تي ھر اک آلي ھئي، پر جنازي مھل ڪامريڊ جي لاش مٿان سڀ کان گهڻو گُڊو ٻالو رنو ھو.