ھي ناول ”ڪامريڊ“، سنڌي ناولن ۾ الڳ موضوع جو ناول آهي، جيڪو ڏهاڪا اڳي موجود ’ڪامريڊَ ڪلچر‘ جي چڱائين/ اُڻائين تي ادبي رنگ ۾ لکيل آهي. هڪ حقيقي ڪامريڊ جي زندگي ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ هڪڙي ڪامريڊ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهو سڀ مثبت انداز ۾ هن ناول ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ذلفي زنئور هن ناول ۾ هڪڙي ڪامريڊ جي زندگيءَ کي مختلف معاشرتي پھلوئن سان جوڙي پيش ڪيو آھي. ناول ۾ ڪامريڊ جا جيل ڪٽڻ کان ويندي آخر ۾ ڪامريڊ جو تشدد ڪيل لاش ملڻ سان گڏ ڪامريڊ جي زندگي سان جُڙيل سڀني پاسن کي ليکڪ سگهڙائپ سان پيش ڪيو آھي.
ناول
ڪامريڊ
- 0/5.0
- 7
- 3
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ذلفي زنئور جو لکيل ناول ”ڪامريڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو.ھي ناول ”ڪامريڊ“، سنڌي ناولن ۾ الڳ موضوع جو ناول آهي، جيڪو ڏهاڪا اڳي موجود ’ڪامريڊَ ڪلچر‘ جي چڱائين/ اُڻائين تي ادبي رنگ ۾ لکيل آهي. هڪ حقيقي ڪامريڊ جي زندگي ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ هڪڙي ڪامريڊ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهو سڀ مثبت انداز ۾ هن ناول ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ذلفي زنئور هن ناول ۾ هڪڙي ڪامريڊ جي زندگيءَ کي مختلف معاشرتي پھلوئن سان جوڙي پيش ڪيو آھي. ناول ۾ ڪامريڊ جا جيل ڪٽڻ کان ويندي آخر ۾ ڪامريڊ جو تشدد ڪيل لاش ملڻ سان گڏ ڪامريڊ جي زندگي سان جُڙيل سڀني پاسن کي ليکڪ سگهڙائپ سان پيش ڪيو آھي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ذلفي زنئور ۽ ڪنول پبليڪيشن جي سرواڻ سعيد سومري جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف ذلفي زنئور
- ڇپيو ويو 2021
- ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 19/Jun/2023
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 3 ڀيرا