11
جڏھن ماڻهو بي حس سُوارٿي بڻجي پوندو آھي ته ان کي ٻئي جي ڏک درد تڪليفن سان ڪو غرض ناھي ھوندو، ان جي دل ۾ احساس ۽ جذبات مري ويندا آھن، پوءِ ڀلي اڳلي سان رت جو رشتو ئي ڇو نه ھجي!‘‘
ڀيڻ مٿان ظلم، ڏاڍ ، جبر جي سڄي وارتا ٻڌڻ کان پوءِ مراد دنيا جا دستور ٽوڙي پنھنجو ضد انا ڇڏي ٻئي ڏينھن ڀيڻ سان ملڻ لاءِ ڀيڻ جي گھر وڃي نڪتو ھو.
ھي ڪنھن اجنبي وانگي ڀيڻ جي گھر جو در کڙڪائي ڪنڌ جھڪائي بيھي رھيو.
اوچتو در کليو، صدين پڄاڻا ڀيڻ ڪا ڀڳل ٽٽل ديوتا جي مورتي ڏٺي ھئي، ھن ڀاءُ جي ٻانھن جھلي ورتي. ڇڪي اندر سڏ ڪيو،
’’ادا اچ او منھنجا ڀاءُ اچ نه!
عرصي کان مون توهان لاءِ نيڻ وڇائي رکيا آھن شال خُدا وڏي ڄمار ڏيئي اچ منھنجا ڀاءُ اچ.‘‘
مراد ڪنڌ جھڪايو آھسته آھسته قدم قدم ھلندو رھيو. ڀيڻ جو ھٿ اڃان ڀاءُ جي ٻانھن ۾ جڪڙيل ھو .
ننڍڙي اُم رباب کي چيو، ’’ڏس امان ڪير آيو آھي، تنھنجو ماما آيو آھي!‘‘
مراد نوڙي اُم رباب کي ھنجهه ۾ کڻي ورتو، پنھنجو ڪنڌ جھڪايو بيٺو رھيو، اندر منجهه ھزارين رنج ڏوراپا ھا پر ھي خاموش رھيو.
سسئي سڏڪندي رھي، ڀاءُ کي ٻڌايو ته، ’گلڻ جو پيار دوکو ھو، مونکان وڏي خطا ٿي ھئي، شادي کي ڪجهه مھينا گذريا ھا ته مسلسل مارڻ ڪٽڻ لڳو ھو، ذري ذري ڳالهه تي شڪ ڪرڻ لڳو ھو. روز روز طعنا ڏيندو ھو ته فلاڻي فلاڻي سان تنھنجو ڪارو منھن ٿيل آهي، اھڙي چڱي ھجين ھا ته، گھران ڀڄي ڪنھن غير سان شادي ڪانه ڪرين ھا ۽ اڄ تائين ماريندو ڪٽيندو ظلم ڪندو آيو آهي!
اِھا دانھن ڏيان ھا ته ڪنھن کي ڏيان ھا، جنھن کي ڏيان ھا تن کي ته مان پاڻ پنھنجن ھٿن سان ماري آئي ھيس!‘‘
۽ پوءِ اُوڇنگارون ڏئي يڪو زار قطار رئندي ڀاءُ جي پيرن تي ڪري پئي، سر تان چادر کسڪي وئيس.
بي ڌيانيءَ ۾ مراد ڀيڻ جي سر تي ھٿ رکيو. پيرن ھيٺان زمين کسڪي ويس، ڀيڻ جي مٿي تي نظر پيس ته ڀيڻ جي مٿي جا وار ڪوڙيل ھا. غور سان چتائي ڀيڻ جي چھري کي ڏٺو، منھن تي تشدد جا ڪارا ڪارا داڳ ھا.
مراد مٿان قيامت گذري چڪي، ھن حيرت ۾ چيو،
’’ادي! مان توکان اھو نه ٿو پڇان ته ھن توکي ماريو ڇو، مان توکان اهو ٿو پڇان ته آخر ھن تنھنجي تذليل ڇو ڪئي!؟!؟‘‘
مراد چپن تي گلڻ جو نالو وٺڻ به گوارا نه ڪيو.
ڀيڻ سڏڪي پئي.
’’ادا! شڪي ماڻهوءَ کي شڪ لاءِ جواز گھرجي بس! سئوٽُ گھر آيو سئوٽَ جي ته بي عزتي ڪئي پر پوءِ مون مٿان ظلم جبر جا وڌيڪ پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا، بس ھر ظلم سھندي پئي اچان!‘‘
مراد ڀيڻ جي ٻانھن پڪڙي ورتي.
’’ادي! ھن مھل جو ھِن مھل مون سان ھل.ُ ھاڻ وڌيڪ توکي ھن جھنم جي باھ ۾ پڄرڻ ڪونه ڏيندس. ھل مون سان ننڍڙيءَ کي به ساڻ ڪر. باقي گھر مان ڪجهه به کڻڻ جي ضرورت ڪونھي!‘‘
مراد ڀيڻ کي ڇڪي اڳتي ڪيو. ڀيڻ ڀاءُ جو ھٿ ڇڏائي ورتو.
’’نه ادا! مون کي منھنجي حال تي ڇڏي ڏيو، مون پنھنجي تقدير پاڻ لکي آھي!‘‘
’’نه ادي نه! تنھنجي چھري ۽ جسم تي تشدد جا نشان ڏسي اھو سوچي چپ ڪري وڃان ھا ته، تو پنھنجي تقدير پاڻ لکي آھي پر هڪ ڀيڻ جي تذليل دنيا جو ڪو به ڀاءُ برداشت نه ڪندو!
بس ھل مون سان، ھن مھل جو ھن مھل ھل ھاڻ گھڻو ٿيو....!‘‘
سسئي لاچاري ڏيکاري ’’نه ادا! مون کي منھنجي حال تي ڇڏي ڏيو وڌيڪ جنجھٽ ۾ نه پئو، مان سڃاڻان گلڻ کي، ھُو مڙڻ وارو ڪونھي! اجايو توھان کي منھنجي ڪري وڌيڪ ذليل خوار ٿيڻو پوندو!‘‘
’’نه، گھڻو ٿيو ادي!‘‘
مراد ڀيڻ جي ٻيھر ٻانھن جھلي ورتي ڇڪي اڳتي ڪيو.
’’ھل مون سان، جيڪو ٿيو، مان پاڻ منھن ڏيندس، توکي اھڙي حال ۾ ھاڻ ھر گز نه ٿو ڇڏي سگھان.‘‘
سسئي اڃان به ھيسيل حالت ۾ ھلڻ کان انڪار ڪيو. مراد ڀيڻ کي وٺي ڀر ۾ پيل کٽ تي ويھاريو ۽ وڌيڪ پيار سان سمجھائڻ لڳو،.
’’ادي! تون اول ته ايڏي ھيڻي ڪمزور نه ھئين... جڏھن گھر ڇڏئي تڏھن به، نه ڪيٻايئه نه پڇتايئه، ھاڻ تنھنجي بھادري ڪاڏي وئي!؟ ياد اٿئي ننڍڙي ھوندين جڏھن پاڙي ۾ وھان شادين ۾ مرداڻا ڪپڙا پائي پنھنجي ھم عمر سھيلي سان ٽيبلو ڪندي ھئينءَ، ڪھڙو ڊائلاگ چوندي ھئينءَ. ’’مان مرد آھيان پنھنجي پٽڪي کي وَر ڏئي وڏي شان سان ٿو ھلان.‘‘ تون عورت آھين. تڏھن ايڏي ھيڻي ۽ ڪمزور آھين.
مرد جي دھشت ئي پنھنجي آ... وڃ تڪڙو منھنجي لاءِ ماني ڳڀو ڪري وٺ، بک زور جي لڳي آ، ۽ پوءِ ٽنگ ٽنگ تي چاڙھي کٽ تي ويھي رھندي ھئينءَ.
مان ۽ بابا گھڻو کلندا ھاسين، بابا چوندو ھو سسئي منھنجي ڌي نه، سسئي منھنجو پُٽ آھي، وڏي حوصلي واري ھئينءَ ۽ ھاڻ ايڏو پاڻ کي ھيڻو ۽ ڪمزو سمجهڻ لڳي آھين... ڇو!؟
ھل مون سان ھاڻ توکي پاڻ سان ٿيل ظلم ۽ ڏاڍ جي جنگ وڙھڻي آھي! ڇا سمجھئي!؟ ‘‘
وڏي عرصي کان پوءِ سسئي کي ڪو ڏڍ ڪو اتساھ مليو ھو، جي ادا سسئي کي وڌيڪ حوصلو ملي ويو، ھيڻي ۽ ڪمزور ماڻهو لاءِ اتساھ به هماليا جبل جيڏا حوصلا بلند ڪري ٿو ڇڏي، ڀاءُ جي اتساھ وڏو ڏڍ ڏئي ڇڏيو ھو، ھاڻ ھن پنھنجا ارادا وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيا ھا.
۽ پوءِ مراد ڀيڻ کي چادر اوڙهي اوڏي مھل وٺي اچي گھر پھتو ھو.