ناول

ڪامريڊ

ھي ناول ”ڪامريڊ“، سنڌي ناولن ۾ الڳ موضوع جو ناول آهي، جيڪو ڏهاڪا اڳي موجود ’ڪامريڊَ ڪلچر‘ جي چڱائين/ اُڻائين تي ادبي رنگ ۾ لکيل آهي. هڪ حقيقي ڪامريڊ جي زندگي ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ هڪڙي ڪامريڊ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهو سڀ مثبت انداز ۾ هن ناول ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ذلفي زنئور هن ناول ۾ هڪڙي ڪامريڊ جي زندگيءَ کي مختلف معاشرتي پھلوئن سان جوڙي پيش ڪيو آھي. ناول ۾ ڪامريڊ جا جيل ڪٽڻ کان ويندي آخر ۾ ڪامريڊ جو تشدد ڪيل لاش ملڻ سان گڏ ڪامريڊ جي زندگي سان جُڙيل سڀني پاسن کي ليکڪ سگهڙائپ سان پيش ڪيو آھي.

Title Cover of book ڪامريڊ

4

ڪامريڊ جي پوري فيملي کان چڱي طرح واقف آھيان، ھڪ ننڍڙي پلاٽ ۾ سڄي فيملي گڏ رھي ٿي.
ڪامريڊ چوندو آ، ’’ماڻهو ٻاھر جو تتل گھر اچي، گھر جو تتل ڪاڏي وڃي، اسان جو گھر ناھي ڄڻ اجتمائي قبر آ، جنھن ۾ سڀ ھڪ ٻئي جي مٿان سلھاڙيا پيا آھيون.‘‘
پوڙھي پيءُ وليداد کان علاوه ٽوٽل پنج ڀائر آھن، وڏو ڀاءُ حاڪم سِرن جي بٺي تي ڪم ڪري، سڄو ڏينهن ٻرندڙ آوي ۾ جلي، تڏهن گهر جي چُلهه ٻرندي آهي. ڀاءُ کي ٽي پُٽ ۽ ھڪ نياڻي آھي، ٻه پُٽ اڪو، سجو منھنجا ڪلاس فيلو آھن، باقي ٽيون نمبر اڃان ننڍو آھي، ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙھندو آھي.
اڪو، سجو نه پاڻ پڙھيا نه مونکي پڙھڻ ڏنائون.
ٽئي ھڪ ئي درجي ۾ ھڪ ئي ڪلاس ۾ ھڪ ئي بينچ تي ويھون. اھا بينچ ڪلاس جي پٺين ڌر کان آخري لائين ۾ رکيل آھي، ڪلاس ۾ سڄو ڏينھن ڪم شرارتون ڪرڻ آھي، فيئر بڪ تي ھر روز استادن جا پادر ڍئو تي کائون، عربي سبجيڪٽ ۾ اسان جھڙا ڍڳا، عربي وارو مُلان اسان کي دل تي ڪٽي، اسان سان ڄڻ ذاتي دشمني ھجيس
مُلان اڪو کان سبق پڇيو، ’’ھاذا ھي بقرة معني؟‘‘
اڪو چوي، ’’سائين! معنا ھي ھڪ وڏو ٻڪر آھي...!‘‘
مُلان دسي مار ڏئيس ته پڻھين جو وڏو ٻڪر آ. پر مان ۽ سجو انھي بقرة واري سٽ کي به ڪونه سمجھي سگھياسين.
پوءِ مُلان ٽنھين کي ائين ڪٽيندو ھو، جئين اُٺ پتڻ تي ڪٽجي، ڪُٽي ڪُٽي جڏھن ھٿ ڪڍندو ھو سور کان چنگھدا وڃي بينچ تي ويھندا ھاسين.
اڪو نڪ جو ايڏو پڪو، جو بينچ تي ويھندي ڪنڌ ھيٺ ڪري اُوڏي مھل دٻيل ٽھڪ ڏئي کلي پوي. سياري ۾ ھٿن تي ڏونٽيون لڳڻ ڪري منھنجو ته ھانءُ ٻڏي ويندو ھو، پر مجال جي ھنن کي مار اثر ڪري.
اڪو چيو، ’’دلبر اسان کي عربي سکڻي ئي ڪونھي، مار پويس ڪُٽي ڪُٽي تنبورو ڪري ڇڏيو اٿس، نڀاڳي جو ڄڻ پلاند رھيل ھجي ڪھڙو اسان کي عرب ٿيڻو آ ‘‘
سجو چيو، ’’ھاڻ جي سوئر جي پيرڊ ۾ ويھي وياسين ته پوءِ اسان پنھنجي پيءُ جا پٽُ ئي ناھيون!‘‘
پوءِ جڏھن به عربي پيرڊ جي گھنٽي وڄندي ھئي ھي ٻئي پٺين در کان ٻاھر نڪري ديوار ٽپي ڀڄي ويندا ھا.
ڪلاس جا ڇوڪرا پيا دانھون ڪندا ھا، سائين ڇورا ڀڳا ٿا وڃن، پر اڪو، سجو ائين ديوار ٽپي گم ٿي ويندا ھا، جئين ھوا جو واچوڙو.
تڏھن ھر روز ھڪ نه ٻئي ڏينھن ھڙتالون پيون ھلنديون ھيون، روز ڪامريڊ پھرين ٻئين پيرڊ ۾ نعرا ھڻندا اسڪول ۾ داخل ٿيندا ھا ۽ پوري اسڪول کي موڪل ڪرائي ڇڏيندا ھا.
ھڙتال تي اڪو، سجو ايڏا خوش ٿيندا ھئا ڄڻ سندن گهر ڳئون ويامي پئي ھجين.
ھڪ دفعي مُلان عربي جو پيرڊ پئي ورتو. اسان کي پادر پڪا سجھا پئي، بس اسان جو سبق ٻڌائڻ جو وارو آيو. مُلان اڪو کي چيو ’اُٿي سبق پڙھي ٻڌاءِ‘‘
اڪو عربي جو ڪتاب کڻي اٿي پڙھڻ لاءِ اڃان بيٺو مس ته اسڪول جي ٻاھران نعرن جو آواز آيو، ’’انقلاب زندھ آباد، انقلاب زندھ آباد‘‘
اسڪول ۾ سڀني ڇوڪرن ۾ افراتفري ڦھلجي وئي. سڀئي چوڻ لڳا ’’سائين جلوس اچي ويو... ‘‘ سڀئي پنھنجا پنھنجا ٿيلھا سنڀالڻ لڳاسين
اڪو ۽ سجو خوشي ۾ اٿي اوڏي مھل بينچ تي زور زور سان ڌڪ ھڻي وڏي آواز نعرا ھنيا.’’ انقلاب زندھ آباد، انقلاب زندھ آباد‘‘
جلوس اڃان به اسڪول جي ديوار کان ٻاھر ھو.
مُلان ڏند ڪرٽي اسان ڏي ڏٺو، ڇوڪرن کي چيو ’’ويھو ويھو جلوس ڪونه ٿو اچي.‘‘
سڀ ڇوڪرا خاموش بينچن تي ويھي رھيا.
اڪو سجو ۽ مان وائڙن وانگي ھيڏي ھوڏي تڪڻ لڳاسين، جاچ لھڻ لڳاسين ته اڃان جلوس اندر داخل ڇو ڪونه ٿيو آھي، اسان حيران ۽ پريشان ھئاسين ته، خبر پئي جلوس ننڍن ٻارن جو ھو، پوليس ڊوڙائي ناڪام بڻائي ڇڏيو
اڪو، سجو ۽ منھنجو منھن لھي ويو، خوف ٿي پيو ته ھاڻ عربي وارو مُلان پڪي موت ڏيندو.
مُلان ڪاوڙ ۾ ھٿ جي آڱرين سان سڏيو
’’اچو ٻچا! اچو، اچو توھان کي انقلاب مان ٿو سيکاريان.‘‘
اسان ٽئي ڄڻا بينچ تان اُٿي ھوريان ھوريان ھيسيل حالت ۾ اڳتي وڌڻ لڳاسين.
مُلان ٻيھر ڏند ڪرٽي چوڻ لڳو، ’’ھلندا اچو ٻچا! تڪڙا تڪڙا اچو.‘‘
اسان جئين ڀر ۾ پڳاسين، مُلان دير نه ڪئي، اول اڪو جي ڄُنڊن ۾ ھٿ وجھي ڀر واري بينچ تي وڃي دسيس. پوءِ مُڪن ٺونشن جي وارو وار لاھي ڏنس. پڻھين جو انقلاب!
اڪو جا پئي رانڀاٽ پيا، اڪو مان ھٿ ڪڍي سجو جي وارن ۾ ھٿ وڌائين، سجو کي وڃي پٽ تي دسيو، لتن مُڪن جي وارو وار لاھي ڏنس، مان پئي ڪنبيس ته مُلان صفا اُڦٽ ماري وجھندو، منھنجو وارو آيو، مُلان اھو ڪُٽڪو ڏنو، سڀ انقلاب وسري ويا.

وڏي ڀاءُ حاڪم جي گھر جي ڀرسان ٻيون نمبر ڀاءُ برڪت علي جو گهر آھي. برڪت علي کي چار نوجوان نياڻيون ۽ ھڪ پٽ آھي، پاڻ استاد شوڪت وٽ پن جي ٻيڙيون ٻڌڻ جو ڪم ڪري. صبح سوير ڪم تي ويندو آھي ۽ شام ڌاري گھر موٽي ٿو اچي.
اُلھندي پاسي کان ٽيون نمبر ڀاءُ مُحسن جو آھي، جيڪو ھاڻ ٻار ٻچڙا وٺي سڄي جھنجھٽ مان جان ڇڏائي لڏي وڃي بدين ويٺو آھي.
هاڻ انھي خالي گھر ۾ ڪامريڊ رھي.
چوٿين نمبر ڀاءُ جمعو جو گھر ڏاکڻي پاسي آخر ۾ ھڪ ڪنڊ کان ٺھيل آھي، انھي گھر ۾ رڳو جمعو ۽ سندس گھر واري رھن.
جمعو پريس ۾ پرنٽنگ جو ڪم ڪري ۽ ڪامريڊ جو پيالي ڀائي به آھي. ڪڏھن ڪڏھن منجھند يا شام گڏجي ڀنگ ڀٽاري به گھوٽي وٺن.
ڪامريڊ ڀائرن کي خرچ ڏيندو ناھي ته، ڪنھن کان وٺندو به ناھي.
ڳوٺ جي ھر مسڪين غريب جو احساس رکي، ھر ڪو ماڻهو ڪو نه ڪو ڪم چوندو آھي، پوءِ اھو ڪم اسپتال جو ھجي يا ڪنھن آفيس وغيره جو، پر ھر ڳوٺائي غريب مسڪين جو ڪم ائين ئي ڪري، جئين منھنجي ڪم سان لڳو آھي!