18
چنڊ جي چانڊاڻ جي ھلڪڙي ھلڪڙي چانڊوڪي ٿي ڇڻي، چئوطرف ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جي فصل مان ھوا سرڙاٽ پئي ڪيا پرتي تنبو ۾ سُر ٿي وکريا، ڪامريڊ ۽ سھراب به ڪھي ميلي ۾ ھليا آيا.
ميلي ۾ تر جي ماڻھن کان علاوه پري پري کان آيلن جي وڏي ڀيڙ اچي گڏ ٿي ھئي. ميلي ۾ ھر رنگ رچيل ھو، ناچڻين جي پيرن جي ڇمڪار ھئي، مختلف شھرن کان ڪھي آيل فنڪارن جي ڪلامن جون جھونگارون روح کي ٿي راحت بخشي، ڪا ناچڻي اسٽيج تي پيرن جي پئي پائل ڇنڪائي، ھر دل ان مور جھڙي ناچڻي جي ناچ تي موھجي پئي ھئي، نوٽن جي ورکا ھئي، نوٽ زخمي ڪبوترن وانگي بلاٽيون کائي ٿي ناچڻي جي پيرن ۾ ڪريا، سازندن پئي ساز ڇيڙا، پري پري تائين سازن جو مُڌر آواز ٿي گونجيو، ناچڻي سڄي ماحول کي مست بڻائي ڇڏيو ھو، سڀ مئي پيتل مُڌ ۾ جھوميا نچيا پئي، پر ناچڻي جي ناچ جو مزو تڏھن خراب ٿي ٿيو، جڏھن تر جي وڏيري جو پٽ شراب ۾ ڌت ٿي ناچڻي کي گھڙي گھڙي تنگ ٿي ڪيو. انھي جي حرڪتن مان ئي ڪامريڊ ڄاڻي ورتو ھو ته، ڪنھن بگڙيل رئيس جو پٽ آھي.
وڏيري جي پٽ نشي جي ڌت حالت ۾ ناچڻي مٿان نوٽ ٿي اُڇليا، ناچڻي سان غلط ڪلامي پئي ڪئي، ان تي سندس واٺا وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي کلڻ ٿي لڳا. بگڙيل رئيس وڌيڪ آپي مان ٿي نڪتو. ڇڇڪارن سان پئي ناچڻي کي کيڪاريو. ڪيڏي ڪيڏي مھل ناچڻي بيزار ٿي اسٽيج ڇڏي اندر ھال ۾ ھلي ٿي وئي. ماڻھن ۾ بي چيني ٿي وڌي ۽ ويتر محفل جو مزو خراب ٿي ٿيو. وري پنڊال ۾ شور وڌڻ تي، ناچڻي واپس اسٽيج تي ٿي آئي ۽ پنھنجو ناچ نچڻ ٿي لڳي.
ماحول وري سازگار بڻجي ٿي ويو، پر رئيس جو بگڙيل پُٽ نشي جي ڌُت حالت ۾ ٿيڙ ٿاٻا کائي اسٽيج تي چڙھي ويو. ناچڻي سان بدتميزي ڪرڻ لڳو. نشي جي حالت ۾ ناچڻي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، ھن جا ڳل چمڻ لڳو. ناچڻي خوف کان سٽ ڏئي پاڻ ڇڏائي ورتو. ٻه قدم پوئتي ھٽي بيٺي وڏيري جو پٽ اڳتي وڌي وري ناچڻي کي ڀاڪر وجھڻ جي ڪوشش ڪئي. سڄي محفل ۾ وڏيري جي پٽ ناچڻي جو تماشو بڻائي ڇڏيو ھو ، وڏيري جي ٽرڙي پٽ جي اھڙي حرڪت تي ڪامريڊ مٿي اسٽيج تي چڙھي آيو. سڌو وڏيري جي پٽ جو وڃي گريبان پڪتو. ڌمڪي ڏني.
’’ لهه ھيٺ پنھنجي جاءِ تي ھلي ويهه، ناچڻي تنھنجي پيءُ ڏاڏي جي جاگير ڪونھي، من مستي وڃي پنھنجي اوطاق تي ڏيکار، نچڻ ھن جو پيشو آھي.. اهو ئي روزي روٽي جو وسيلو آ، انھي جو اھو مطلب ٿوڙئي آ ته، تون ھن سان بدتميزي ڪرين، شرافت سان لهه ھيٺ خچر!‘‘
سڀ اچرج ۾ پئجي ويا. وڏيري جو پٽ سٽ ڏئي پنھنجو گريبان ڇڏايو.
ھيٺ ويٺل واٺن کي ھڪل ڪئي ته، ’’اڙي وٺوس ڏيکاريوس ڏينھن جا تارا‘‘
ڪامريڊ دير نه ڪئي زوردار مٿي وارو پسٽل جو بٽ واھائي ڪڍيس.
وڏيري جو پٽ گگ ڳاڙي اسٽيج تي ڪري پيو. مٿي مان رت لاٽون ڪري وھڻ لڳو.
ڪامريڊ واٺن سان مخاطب ٿيو، ’’اڙي کڻي وڃو پنھنجي پيءُ کي!‘‘
رئيس جا واٺا جوش ۾ اڳتي وڌڻ لڳا. ڦورن سھراب چيتي وانگي ڇلانگ ھڻي اسٽيج تي چڙھي پيو. ٻه ٽي ريوالور جا فائر ڪيا.
’’ڪو به ويجھو نه ايندو ، جيڪو ويجھو ايندو، گولي ھڻي اڦٽ ماري وجھندو مانس.‘‘
سڀ خوف کان پوئتي ھٽي بيٺا، باقي ماڻھن ۾ خوف ڦھلجي ويو.
ڪامريڊ ۽ سھراب ماڻھن جي ڀيڙ کي چيري چپ چاپ ٻاھر نڪري ويا.
ٻئي صبح وڏي رئيس حد جي ايس ايڇ او کي اطلاع ڏنو ته ڪي مشڪوڪ ڦورو لٽيرا ميلي ۾ ھن جي پٽ سان وڙھيا آھن رات ميلي ۾ وڃي جاچ لھو ته اُھي مشڪوڪ ڪير آھن ڦورو آھن، ڌاڙيل آھن ، دهشتگرد آهن، ڪير آھن!
ٻئي رات ايس ايڇ او ميلي ۾ ٻه ٽي پوليس موبائلون موڪليون، جئين پوليس گشت تي پھتي، پوليس موبائل ڏسي ڪامريڊ کي کڙڪ پئجي وئي. سھراب کي آگاھ ڪيو.
’’ سھراب نڪرڻ جي ڪر پوليس تاڙ ۾ آھي.‘‘
ٻنھي منھن تي رومال جون ٻٽون چاڙھي ڇڏيون. بائيڪ ڪاھي ميلي مان ٻاھر نڪتا، پوليس کي بائيڪ تي سوار مشڪوڪ ماڻهو لڳا، پوليس موبائل پٺيان لڳي سائرن ڏنو ۽ ٻنھي کي بيھڻ جو اشارو ڪيو.
رستي جي ٻنھي پاسن کان ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جي فصل مان ھوا سرڙاٽ ڪري ٿي گذري، مٿي چنڊ تان چانڊوڪي ٿي ڇڻي، سھراب ويتر بائيڪ کي تيز رفتار ڊوڙائڻ لڳو، پوليس فائرنگ شروع ڪئي، ڪجهه وٿي جي فاصلي تان ڪامريڊ پٺ تي فائر ڪندو رھيو، بائيڪ رستي تي اڃان به تيز تيز ڊوڙڻ لڳي ھئي.
اچانڪ سامھون ھڪ ٻئي پوليس موبائل ظاھر ٿي، موبائل لائٽون ڏنيون پري کان لائٽون ٻنھي جي چھرن تي پوڻ لڳيون.
ڪامريڊ چيو، ’’سھراب! گاڏي کي ڪچي تي موڙ، سامھون پوليس جي گاڏي آھي.‘‘
سھراب ڦورن بائيڪ کي وچين ڪچي دڳ طرف موڙيو.
اڳيان ۽ پٺيان لڳل ٻئي موبائلون ڪچي دڳ جي ٻنھين پاسن کان مڙيون، ھڪ موبائل کاٻي پاسي کان ۽ ٻئي موبائل ساڄي پاسي کان، تيز رفتاربائيڪ ڪچي دڳ تي ڊوڙڻ لڳي ھئي. مٿي آسمان تي چنڊ ٿي چمڪيو، روڊ جي ٻنھي پاسن کان ايڪڙن تي ڪمند جي فصلن ۾ ھوا سرڙاٽ ٿي ڪيا، اچانڪ ٻنھي رخن کان پوليس ھنن کي گھيري ورتو. تيز رفتار گاڏي کي سھراب سلپ ڏئي رستي تي ڪيرائي ڇڏيو. ٻئي ليٿڙيون کائيندا ڪريا، تڪڙو اٿي کڙا ٿيا، پريان کان پوليس فائرنگ ڪندي اڳتي ٿي وڌي، ھي ٻئي اُٿي تڪڙا ڪمند جي فصل اندر لھي ويا. پوليس ڪمند جي پوري فصل کي گھيري ورتو.
حد جي ٿاڻي تي اطلاع مليو، ڦورن باقي موبائلون زوزٽ ڪري جاءِ واردات تي پھتيون، ھاڻ چئو طرف ڪمند جي فصل کي گھيرو ھو، سرچ آپريشن جھڙو ماحول جڙي چڪو ھو، ڪمند جي چئو گرد موبائلون گشت ڪرڻ لڳيون ھيون، ھر طرف کان سرچ لائٽون ٿي ٻريون.
ڪامريڊ سھراب ڪمند کي چيريندا اڳتي وڌندا ٿي ويا، ٻئي ذري گھٽ فصل جي وچ ۾ اچي پھتا ھا، ڪمند جي وچ فصل ۾ ويھي ڪا گھڙي ڪامريڊ سوچ ويچار ڪرڻ لڳو
سھراب مذاق ڪندين ڪامريڊ کي چيو،’’حيدر! جي اچانڪ ڪٿان ڪو سوئر نڪري پيو ته!؟‘‘
ڪامريڊ سيريس لھجي ۾ وراڻيو، ’’سھراب ھي مذاق جو وقت ڪونھي ، پر جي ڪٿا سوئر نڪري به پيو ته، انھي سوئر کي پڄي پونداسين، ٻاھر جيڪي سوئر پيا ڦرن فلحال انھن کي منھن ڏيڻ جي سوچ. چئوطرف گھيرو تنگ ٿي چڪو آھي، سوچ ته ھتان نڪرڻو ڪئين آھي، سج اڀرڻ کان اول جي ھتان نه نڪري سگھياسين ته، پڪ ڄاڻ يا پڪڙيا وينداسين، يا ته ماريا وينداسين.‘‘
سھراب ڳمڀيرتا مان پڇيو ته ’’پوءِ ڇا ڪرڻ گھرجي، ٻاھر نڪرڻ جو ڪو حل آھي!؟ ‘‘
ڪامريڊ وراڻيو، ’’حل آھي پر آھي مشڪل!‘‘
’’پاڻ ڪڏھن آسان حل ڳوليو آھي، سدائين مشڪل حلن مان ئي ته گذريا آھيون. حل ڇا آھي ڳالهه ڪر حيدر!‘‘
’’سھراب! ھن مھل پاڻ مڪمل پوليس جي گھيري ۾ آھيون، چئو طرف پوليس جو گشت آھي، ھر رستي تي سرچ لائٽون ٻري رھيون آھن، اھڙي حالات ۾ ھتان نڪرڻ ڏاڍو مشڪل آھي، پر ھڪ شرط تي، پاڻ ٻنھي مان ڪو به ھڪ ڄڻو نڪري سگھي ٿو.
ھتان ٻاھر نڪرڻ جا ٻه رستا آھن، ھڪ رستو اتر کان سم نالي تي چڙھي ٿو، سم نالي کان ھيٺ ديوين ڪنڊين کبڙين ۽ لئين جو جھنگ آھي، ٻنھين مان ڪو ھڪڙو سم نالي تي پھچي ويو ته، انھي جھنگ ۾ لھي سج اڀرڻ کان اول پڪي دڳ تي وڃي چڙھندو، اتان بس يا وين پڪڙي شھر روانو ٿيندو، شھر پھچڻ کان پوءِ ڪو خطرو ڪونھي، جان بچائي اتان ڪنھن ٻئي شھر نڪري سگھجي ٿو.
۽ ٻيو رستو ڏکڻ کان آھي، ساڳي سم نالي کان ڪچو دڳ وڃي پڪي کي لڳي ٿو.
ھاڻ ٻڌ، مان ھتان جي گھٽ گھيڙن کان گھڻو واقف آھيان، انھي ڪري اول مان نڪران ٿو، مونکي سم نالي تائين پھچڻ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ لڳي سگھي ٿو، تيستائين صبر ڪجان، جلد بازي نه ڪجان، پر جي امڪاني فائرنگ جو آواز ٻڌين ته، انھي موقعي جو فائدو وٺي تون ڏکڻ کان نڪري وڃجان ٺيڪ آ...
’’نه حيدر! آخري ساھ تائين به تنھنجو ساٿ نه ڇڏبو، مرڻو آھي ته گڏ مرنداسين پر...‘‘
سھراب اڃان ڳالهه پوري ڪانه ڪئي ته، ڪامريڊ وچ ۾ جواب ڏنو، ’’سھراب! پر ٻر کي ڇڏ. گھڻو جذباتي نه ٿي، ھي وقت دوستي ۾ درياء دلي ڏيکارڻ جو ناھي، عقلمندي انھي ۾ آھي ته، ٻنھي مان ڪنھن ھڪ جي جان سلامت رھي، ورنا ٻئي بي موت ماريا وينداسين!‘‘
’’وڌيڪ بحث ڪرڻ فضول ٿيندو، ھاڻ مان نڪرڻ جي ڪيان ٿو، تون به ڏکڻ طرف آھسته آھسته وڌي وڃ، پر ياد رھي سج اڀرڻ کان اول پڪي تي پڄڻو آھي.‘‘
’’چڱو يارو ياري ساٿ سلامت! ‘‘
’’يارو ياري ساٿ سلامت.‘’ سھراب ڪامريڊ کي ڀاڪر پاتو.
ڪامريڊ ڪمند جي فصل کي چيريندو آھسته آھسته اڳتي وڌڻ لڳو، اڳتي ھلندو لڪندو ڇپندو اچي سم نالي تي چڙھيو، سم نالي کان ھيٺ کبڙين، ديوين، ڪنڊين، لئين جي لامن ۾ لھڻ لڳو ته، ڪامريڊ جي ڪنن تي فائرنگ جو آواز پيو، ڪامريڊ دل ۾ خير گھريو، ھن کي ڪُکي ويو ته، سھراب جلد بازي ڪري ويٺو آھي.
ڏُور نظر ڪئي پرتي گھڻو پرتي ٻرندڙ سرچ لائٽون نظر آيس.
گولين جو آواز ھيڪاندو وڌي چڪو ھو، ھڪ رُخ تي سڀ موبائلون مڙي چڪيون ھيون، سھراب کي چوطرف پوليس گھيري ورتو ھو، پوليس سھراب مٿان رائفلون تاڻي ورتيون ھيون.
پوليس سھراب کي گرفتار ڪري ورتو ھو.