ناول

ڪامريڊ

ھي ناول ”ڪامريڊ“، سنڌي ناولن ۾ الڳ موضوع جو ناول آهي، جيڪو ڏهاڪا اڳي موجود ’ڪامريڊَ ڪلچر‘ جي چڱائين/ اُڻائين تي ادبي رنگ ۾ لکيل آهي. هڪ حقيقي ڪامريڊ جي زندگي ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ هڪڙي ڪامريڊ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهو سڀ مثبت انداز ۾ هن ناول ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ذلفي زنئور هن ناول ۾ هڪڙي ڪامريڊ جي زندگيءَ کي مختلف معاشرتي پھلوئن سان جوڙي پيش ڪيو آھي. ناول ۾ ڪامريڊ جا جيل ڪٽڻ کان ويندي آخر ۾ ڪامريڊ جو تشدد ڪيل لاش ملڻ سان گڏ ڪامريڊ جي زندگي سان جُڙيل سڀني پاسن کي ليکڪ سگهڙائپ سان پيش ڪيو آھي.

Title Cover of book ڪامريڊ

2

ان ڏينھن به اسپتال جا ڌڪا ٿاٻا کائي تقريبن سوا يارھين بجي اسپتال جي مين گيٽ کان اڃان ٻاھر نڪتس پئي ته اچانڪ ڪامريڊ حيدر جي منھن چڙھي ويس، ڀر ۾ اچي کٽارا بائيڪ کي بريڪ ڏنائين.
’’اڙي دلبر! خير ته آھي وتين ٿو اسپتال جا ڌڪا ٿاٻا کائيندو!‘‘
فلحال ته ششدر ٿي ويس، چيم ’’خير آ، اديءَ جي گھر واري جو اسپتال مان سروس بڪ وٺڻو آھي.ھلي ھلي پيرن جي جُتي گسي وئي آ.ڪلارڪ روز بھانو بڻايو ويٺو آ‘‘
ٻانھن ۾ ھٿ وجھي ڇڪي بائيڪ تي ويھاريائين.
’’ويهه، ڏسون ته ڪلارڪ ڪئين نه ٿو سروس بڪ ڏئي.‘‘
چيم، ’’ڪامريڊ ھن مھل ڪلارڪ آفيس ۾ ڪونھي تڏھن سوير موٽيو پيو وڃان، نه ته روز آسرن ۾ ويھاري ويھاري سج لاھيو ڇڏي.‘‘
چوڻ لڳو ’’ٺيڪ آ ته پوءِ ڪلارڪ کي سڀاڻي ڏسنداسين، ھن مھل ڳوٺ ويندين يا اتي آھين؟‘‘
چيم ’’ٻيو مونکي ڪھڙو ڪم، ڳوٺ ويندس.‘‘
’’ٺيڪ آ بس ٿوڙو ڪاليج ۾ ڪم آ، اھو نبيري پوءِ ڳوٺ گڏيا ٿا ھلون.‘‘
ڪامريڊ بائيڪ اسٽراٽ ڪئي، مون پٺيان ٻئي ھٿ ڪيريئر ۾ قابو وڌا. دل ۾ سوچيم. خُدا خير ڪري وري ڪو ڪاليجي ڪامريڊ کي ڦڏو نه سجھيو ھجي
اسين سڀ ڇوڪرا ڪامريڊ کان ائين لِڪون جئين گلول کان ڪانءُ.
ھڪ ته ڪامريڊ گھڻ ڳالھائو آھي ۽ ٻيو ڦشريون ڦڏا وڙ اٿس.
مان اڳئي ڊڄڻو ماڻهو، اُھا ڳالهه مونکان اڄ به وسري ناھي، ڪنھن ڳالهه تان اڪو، سجو ۽ مان ڪلاس جي ڇوڪرن سان وڙھي پيا ھاسين، ھو گھڻا ھا چار پنج ۽ اسان ٽي ڄڻا.
اسان کي ڏاڍو ماريو ڪٽيو ھونَ، جئين اٺ پتڻ تي ڪٽبو آ.
منھنجي اک جي ھيٺان ٺونشو لڳڻ ڪري ڪارو داغ پئجي ويو ھو، اک سُڄي ڳاڙھي لال ٿي پئي ھئي. اڪو، سجو جا به منھن سُڄائي ڇڏيا هئائين.
ٻنھين جي ناسن مان رت ٿي وڙھو، اُھا دانھن اچي ڪامريڊ کي ڏني ھئي سين
ٻئي ڏينھن ڪامريڊ پنھنجي دوست سھراب سان گڏ اسان ٽنھين کي وٺي ھليو ھو.
اسان گڏ گڏ انھن ڇوڪرن جي ڳولا ڪندا رھياسين، ان ڏينھن اسڪول ۾ ڇوڪرن جا پيپر ٿي ھليا، اسڪول جي ٻاھران ڪاپي ڪرائيندڙ ڇوڪرن جي رش لڳي پئي ھئي، اسان سڀني ۾ انھن ڇوڪرن کي تاڙيندا تاڙيندا وڃي، انھن ڇوڪرن مٿان بيٺاسين.
پوءِ ته ڪامريڊ نه ڪئي ھم، نه ڪئي تم، ھٿ ۾ لوھي گزي ھيس انھن ڇوڪرن کي گزيون مٿي واريون ھڻي مٿا ڏاري وڌائين.
ڇوڪرا سڄا رتو رت ٿي ويا، اڪو، سجو به گھٽايو ڪونه اوڏي مھل شينھن ٿي پيا ھا، لتون مُڪون ٺونشن جي وارو وار لاھي ڏنن
ڪيڏي مھل سھراب ڪامريڊ کي خبردار ڪيو ’’حيدر کسڪڻ جي ڪر، يار لٺين باٺن سان پوري ڊاٽسن ڀري پڳا اٿئي!‘‘
سڀئي تڪڙا تڪڙا کسڪي لال ھندي مقام جي ميدان تي پڳاسين، يارن جو سڄو ڊُوھ ھڪلون ڏيندو پويان پيو.
’’بيھو ڀيڻ جا... ماءُ جا... جوءِ جا....‘‘
سڄو ڊنب لٺين باٺن سان پويان، اسان اڳيان پئي ڊوڙياسين،
ان مھل منهنجون ٽنگون رڦڻ لڳيون ھون، ڄڻ ٽنگن ۾ ست ئي نه ھجي، ڀانيم اڄ موت پڪو آ
ڀڄندي وقت سھراب ريوالور جا ٻه ٽي فائر به ڇڏيا، جئين دشمن ۾ ڏھڪاءُ ھجي، اسان لال ھندي ميدان ٽپي مقام ۾ گھڙياسين. مقام جي قبرن کان ٽيڙيون ميڙيون واٽون ڏئي ھڪ گھر جي ڪچي ديوار ٽپي گھر ۾ گھڙي پياسين.
پويان ھو به مقام اندر گھڙي آيا ھا، پر اسان ان گھر مان ٽپي وري ٻئي گھر ۾ گھڙياسين، انھي گھر جي در کان ٻاھر نڪري سنھيون سوڙھيون گھٽيون ڏئي اچي وڏي واھ جي ڪڙ تي چڙھياسين
ڪا گھڙي واھ تي بيٺل انب جي ڇانو ۾ ويھي دم پٽيوسين
ڪامريڊ چوڻ لڳو، ’’ھاڻ توھان اتان ڳوٺ وڃو مان سھراب واپس شھر وينداسين.‘‘
مان ۽ منھنجا مائٽ اڪو، سجو ڊڄندا لڪندا ڇپندا اچي ڳوٺ پھتاسين. مون دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ته ھاڻ ٻه ٽي مھينا شھر نه ويندس.
شام ڪامريڊ ٻڌايو ته وري يار رُخ چڙھيا ھا، پر ڪجهه ڪڇو ڪونه، رڳو دوڏا ڦوٽاري ڏسندا رھيا.
مان سمجھي ويس ته ڪامريڊ ڦڏو ڪري وري دشمن جي سامھون سينو تاڻي نه ھلي ته مزو نه اچيس.
ڪامريڊ جي سڄي عمر ڦڏن ڦشرين ۾ گذري آھي،پوءِ اُھي سياسي سرگرميون ھجن يا ذاتي جھيڙا.
ڪا ذات ناھي جنھن سان ڪامريڊ ڦٽائي نه ھجي، چار مھينا ٻاھر ھوندو آھي ته، باقي عمر جيل ٿاڻن ۾ گذري اٿس!
مان اڃان سوچن ۾ گم ھيس ته، ڪامريڊ ھڪ مانڊلي اڳيان بائيڪ کي بريڪ ڏئي سگريٽ وٺڻ لاءِ لٿو، ماچيس وٺي سگريٽ اتي دُکايو.
اڃان سگريٽ دُکايائين مس ته، مانڊلي جي ڀر ۾ ويٺل ھڪ پيرسن مُوچي ڪامريڊ کي پاڻ وٽ سڏي ورتو.
ڪامريڊ وڌي پيرسن مُوچي جي ڀر ۾ اُوڪڙو ٿي ويٺو
’’جي چاچا! حڪم ڪيو؟’’
ان مھل پيرسن مُوچي ڪا ٽُٽل جُتي ٿي ٽاڪي، ڦاٽل ۽ ميرڙي قميس جا ڪالر به کٿل ھيس، نڪ تي عينڪ چڙھيل ھئي، جنھن جي ساڄي اک واري پاسي جو شيشو ٽُٽل ھو، جُتي ٽاڪڻ مھل ھٿ ڪمبيا پئي، چھري تي دردن پيڙائڻ جا ھزارين داستان، ھزارين فسانا ھا
ھن چيو، ’’پُٽ! چڱو ٿيو تون ملي وئين، مونکي ڪجهه سُجھي ڪونه پيو ته، ڪنھن کي چوان منھنجو ته حال ڏسين ٿو ڪمائڻ جھڙو ناھيان، ھاڻ ته نظر به چٽي ڪانه ٿي پوي جو جُتي ٽاڪي سگھان، تڏھن ڪو جُتي ٽاڪڻ لاءِ به نه ٿو ڏئي.‘‘
پيرسن مُوچي هڪ ڊگهو ٿڌو ساھ ڀريو
’’نياڻيون گھر ۾ ويٺيون آھن، گھر جون ھزارين ضرورتون آھن پر ھاڻ ته کائڻ لاءِ به ڪجهه ڪونھي گھر ۾ ٺلھا ٺڪر ٿا ٺڙڪن...
مير صاحب وٽ امداد جوسامان آيو آھي. ٻه ٽي پنڌ ڪيا آھن پر اُوطاق جي در تان ئي واٺا ڌڪا ٿيلھا ڏيو موٽايو ڇڏين. پاڙي ۾ انھن کي امداد جو سامان ڏنو اٿس جيڪي اڳي ئي آسودا آهن ۽ اھا ڪنھن کي خبر ناھي ته پاڙي وارن جي رنن سان مير صاحب جا واسطا ناھن!
خير، پٽ! ڪوشش ڪري مير صاحب کان امداد جو ڪجهه سامان وٺي ڏي...‘‘
ڪامريڊ پيرسن مُوچي جي ڪلھي تي ٺپڪي ڏني.
’’چاچا دلجاءِ رک مان ڪوشش ڪري توکي ڪٿان نه ڪٿان ڪجهه سيڌو سامان وٺرائي ٿو ڏيان، باقي اِنھي سوئر ۾ آسرو ٿو ڪرين، سوئر مري پوي ته شھر جا رول ڪتا گڏ ڪري مٿان مُٽائجنس، اھڙي سوئر ۾ آسرو ڪرڻ، ٻَٻُرن کان ٻير گھرڻ برابر ٿيندو!‘‘
ڪامريڊ پنھنجا کيسا ڦلورڻ لڳو، ڪجهه ڪاغذ پنن سان گڏ ٽي چار سئو جا ٻه ٽي نُوٽ ٻاھر نڪري آيا.
ڪامريڊ ھڙئي نُوٽ پيرسن مُوچي جي مُٺ ۾ ڀڪوڙي ڇڏيا، ’’چاچا! فلحال تون ڪجهه سيڌو سامان وٺ باقي مان ڪوشش ڪيان ٿو...
ٺيڪ آ چاچا !‘‘ ڪامريڊ اٿيو اچي بائيڪ اسٽراٽ ڪئي
پويان منھنجن ڪنن تي آواز پيو، ’’پٽ! ﷲ آباد ڪندئي‘‘
مون پٺيان ڪيريئر ۾ قابو ھٿ وڌا. سوچڻ لڳس، اڄ سڄو ڏينھن ويو خُدا ڪري ڪامريڊ مھل سان ڳوٺ پھچائي
بائيڪ سنھڙين سوڙھين گھٽين ۾ ٻرڙاٽ ڪري ڊوڙڻ لڳي ھئي. ھڪ سوڙھي گھٽي ۾ بريڪ ڏئي ڪامريڊ لٿو. ھڪ ڪواٽر جو در کڙڪايو. ٿوڙي دير ۾ اندران گُڊو ٻالو نڪتو. وڏو ڀاڪر پائي مليس.
’’اچ ڪامريڊ! دير ڪري ڇڏئي‘‘
’’ھا ڪجهه ڪم ھو، پيالو تيار آ يا؟‘‘
’’بس دير ناھي گھوٽي ٿا وٺون.‘‘
ڪامريڊ اڳتي وڌيو، مان به پويان پويان ھلندو اچي ھنن سان گڏ پلٿي کوڙي پٽ تي ويھي رھيس.
ٻئي ڪونڊو گھوٽڻ ۾ شروع ٿي ويا.
گُڊو ٻالي کي چڱي طرح سڃاڻان، سڄي شھر جا گٽر ناليون صاف ڪري.
ھنن ڪونڊو گھوٽي تيار ڪيو، مون کي مٿاڇري صلاح ڪئي پر ڪامريڊ کي خبر آھي ته مان ڀنگ پيئندو ناھيان.
ھڪ دفعي ڪامريڊ اڌ گلاس پياريو ھو. منھنجي پيرن ھيٺان آسمان ۽ سر تي زمين ھئي، انھي ڏينهن کان توبهه ڪئي ھئم.
ڀنگ ڀٽاري گھوٽي ڇاڻي تيار ڪئي، گلاس ڀري گُڊو ڪامريڊ ڏي وڌايو رسمي چيو، ’’اچي!‘‘
’’ڀلي ڪري اچي!‘‘ ڪامريڊ چيو
’’جيون علي دي ٻچي، جيڪي ڏينھن قيامت تائين سچي، ‘‘گُڊو
’’ملان ھڪ نه بچي،‘‘ ڪامريد
’’جي ٻچي،‘‘ گُڊو
’’ٿڪ لعنت جي ڪم اچي،‘‘ گڏيل وراڻي
’’ڏوئي حيدر..... ‘‘
ڪامريڊ منھن تي گلاس چاڙھي سڄو گلاس ڏوتي ويو، مٿان گُڊو گلاس ڏوتيو، گلاس مٿان گلاس ڏوتيا، نيٺ ڪونڊو خالي ٿيو.
ڪامريڊ گُڊو کان موڪلائي ٻاھر نڪتو.
بائيڪ ٻرڙاٽ ڪرڻ لڳي ھئي، پٺيان ڪيريئر ۾ ھٿ قابو ڪري ڇڏيا ھيم، رستي ۾ ڪامريڊ کان پڇيم
’’ گُڊو ٻالي سان گڏ هڪ گلاس ۾ پيتو اٿئي؟‘‘
’’ڇو؟‘‘ تعجب مان پڇيائين!؟
چيم، ’’ھو ٻالو آ.... گٽرن ۾ ھٿ ھڻندو آھي.‘‘
’’تون جو پٺيان ھٿ ھڻندو آھين!‘‘ ٽوڪي ورتائين.
چيم ’’پوءِ مان ھٿ ڌوئي ڇڏيندو آهيان!‘‘
’’ته پوءِ ھو به هٿ ڌوئي ڇڏيندو آهي!‘‘
ڏاڍو لڄي ٿيس، ڪامريڊ سان بحث ڪير ڪري، مان خاموش ٿي ويس.
وڌيڪ چوڻ لڳو ’’هڪ ٻار ماءُ جي ھنجهه ۾ گند ڪندو آھي، ماءُ ان ٻار جو گند صاف ڪندي آھي، وڌيڪ مھذب ڪير ٿيو ٻار يا ماءُ!؟
ھي معاشرو گند ٿو ڪري، ھو اُھو گند صاف ٿو ڪري ته، پوءِ معاشرو وڌيڪ مھذب ڪئين ٿيو، پاڻي ۽ اَن جيڪو ھي ٿو کائي اُھو ئي تون ٿو کائين، فطرت ڪھڙي شئي کان ھڪ انسان کي ٻئي انسان کان جدا ڪيو آھي! ته پوءِ ذات پات اُوچ نيچ جو فرق ڇو!؟‘‘
ڪامريڊ جو ليڪچر شروع ٿي ويو، دل ۾ سوچيم ڦاسي ويس، اجايو پڇيم جواب ڪھڙو ڏيان ھا، بس ھُون ھُون پئي ڪيم.

ھاڻ ذري گهٽ سوا ھڪ اچي ٿيو ھو، اسان ڪاليج جي مين گيٽ کان اندر داخل ٿيڻ لڳاسين، ان مھل اِڪڙ ٻِڪڙ ڇوڪرا مين گيٽ کان ٻاھر ٿي نڪتا، ۽ ڪجهه ڇوڪرا پارڪ ۽ ڪلاس روم کان ٻاھر ٿي آيا، ڪامريڊ مين ھال اڳيان اچي بائيڪ کي بريڪ ڏني، بائيڪ بيھاري تڪڙو تڪڙو ننڍڙا ننڍڙا ڏاڪا چڙھي مين ھال ۾ داخل ٿيو، مان به پويان تڪڙو تڪڙو ھلندو آيس.
مين ھال باقي بلاڪن جو مرڪز ھو. اوڀر طرف ساڄي کاٻي پاسي ڪلاس رومن جي قطار ھئي، اولهه طرف پرنسيپل جي آفيس ۽ ڪلارڪن جون آفيسون.
ڪامريڊ پرنسيپل جي آفيس طرف وڌيو، آفيس جو در بند ھو، ٻه قدم اڳتي وڌي ڪلارڪ جي آفيس ۾ گھڙيو، ڪلارڪ ڪامريڊ کي ڏسي پريشان ٿي ويو.
ڪامريڊ پڇيو ’’پرنسيپل جي آفيس بند آ!؟‘‘
ڪلارڪ گھٻراھٽ ۾ جواب ڏنو، ’’ڊرائنگ ھال ۾ پرنسيپل صاحب جي ٽيچرن سان ميٽنگ پئي ھلي، سڀ اتي آهن.‘‘
ڪامريڊ تڪڙو ٻاھر نڪتو تکيون تکيون وکون کڻڻ لڳو، مان به پويان پويان ذري گھٽ ڀڄندو رھيو ھوس، جئين بدڪ جو ٻچڙو بدڪ جي پويان ڊوڙندو آھي.
ڪامريڊ جئين ڊرائنگ ھال ۾ داخل ٿيو، گھري خاموشي ڇانئجي وئي، سڀ ششدر ۽ وائڙا ٿي ويا.
ڪامريڊ سڌو وڃي پرنسيپل صاحب جي ڳٿڙ ۾ ھٿ وڌا، سڀ ڇڏ ڇڏان ڪرائڻ لڳا.
ڪامريڊ ڇڪي وَر مان پسٽل ڪڍيو،
’’پري ھٽو ڪو ويجھو نه اچي.‘‘ سڀ خوف کان ھٽي پوئتي ٿي بيٺا.
مسئلو ته الاءِ ڇا ھو، ڪامريڊ گارين جي ڌُم لاھي ڏني، خوف ورائي ويم. مان وائڙن وانگي وٿيرڪو وات پٽي سڀ ڪجهه ڏسندو رھيس.
’’ذلالپ جي به حد ٿيندي آ، اگر سڀاڻي تائين منھنجن ڇوڪرن جي ايڊميشن نه ٿي ته سڀني جي رن رولي ڇڏيندس.‘‘
ڪامريڊ صفا گرم لڳو پيو ھو.
وچ ۾ مولوي خادم ڳالھايو،
’’ڪامريڊ! تنھنجي ٻولي ادب اخلاق جي دائري کان ٻاھر آھي، ھت سڀ مھذب استاد آھن، ڪجهه مھذب ٻولي جو استعمال ڪر اسان ڪو چور لوفر يا ڌنار ناھيون!‘‘
مولوي خادم ڄڻ ککر ۾ کڙھو ھڻي ڪڍيو ھو.
’’اڇا!‘‘ ڪامريڊ وڌيڪ جذباتي ٿي ويو.
’’ھاڻ توسان مھذب ٻولي ڳالھايان، دُن تي اچي ڏاڙھي پئي اٿئي، پنهنجين نياڻين جي ھوندي به رنڊي بازي ٿو ڪرين، رک قرآن مٿي تي چئو ڪوڙ آ...‘‘
مولوي خادم شرم کان ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
’’يا ھُن سوئر سائين سليمان سان مھذب ٻولي ڳالھايان، جيڪو سڄو ڏينھن وتي ٿو لونڊي بازي ڪندو ، وٺي اچان لونڊا مٿان شاھد بيھاريانس. يا ڪنڃر ڪريم سان مھذب ٻولي ڳالھايان جنھن جو ڪم ئي آھي دلالي ڪرڻ...‘‘
وچ ۾ پرنسيپل ڳالهايو،
’’ڪامريڊ! اھا ڪردار ڪشي آ‘‘
ڪامريڊ ڦورن پرنسيپل سان مخاطب ٿيو، ’’ڪردار ڪشي بدڪردار جي ٿيندي آ، مھذب ھوندو آ ماڻھو پنھنجي ڪردار سان، توھان جو ڪردار ڇا آھي!
ڪو رنڊي باز آهي، ڪو لونڊي باز، ڪو پاڻ لونڊو ته ڪو ڀڙوو!
ڪنھن سان مھذب ٻولي ڳالھايان، اجايو توھان ھن پيشي کي اچي بدنام ڪيو آھي، استاد جي پيشي تي توھان جھڙا گار آهن!!‘‘
پرنسيپل ڪاوڙ جي دٻيل لھجي ۾ چيو، ’’مطلب ڪامريڊ تنھنجي نظر ۾ سڀ خراب آھن، ڪو چڱو ڪونھي!؟‘‘
’’آھيو ئي سڀ مھا ڪنڃر، مھا سوئر، مھا دلا ڪنھن کي چڱو چوان! ‘‘
ڪامريڊ جي بلڊ پريشر جو پارو ھاءِ ڊگري تي وڃي پھتو ھو.
سائين نياز اڳتي وڌي اچي ڪامريڊ جي کاڏي تي ھٿ رکيو، ’’ڪامريڊ منھنجي ڏاڙھي ڏي ڏس.تنھنجو مسئلو حل ٿي ويندو، ھن مھل ضروري ميٽنگ پئي ھلي، تون ھل واعدو سڀاڻي تائين تو وارو ڪم ٿيل ھوندو.‘‘
سائين نياز ڪامريڊ کي ٻئي ھٿ ٻڌا، ڪامريڊ سائين نياز جا هٿ پڪڙيا.
’’سائين توھان محترم آهيو، توھان جي عزت ڪندو آهيان، ھن مھل مان ھلان ٿو پر جي سڀاڻي تائين مسئلو حل نه ٿيو ته پوءِ توھان وچ ۾ نه اچجو!‘‘