6
’’دلبر اڃان ٽريزي ۾ بڪ جمع ڪونه ڪرائي ڇا؟‘‘
چيم،’’ پٽيوالو اندر آفيس ۾ ڇڏي ئي ڪونه ٿو، جيڏي مھل پڇ چوي ٿو صاحب ميٽنگ ۾ مصروف آ....‘‘
ڪاوڙ ۾ چھرو لال ٿي ويس. ’’ڪيڏا نه حرامي آھن، حرامين سان دنيا ڀري پئي آ، ھڪ مزدور پورھيت سڄو ڏينھن پورھيو ٿو ڪري، مصروف آھي سمجهه ۾ اچي ٿو! ڪو ھاري نٽھڻ اُس ۾ ھر ٿو کيڙي، مصروف آھي، اھو به سمجهه ۾ اچي ٿو! ھڪ غريب ريڙھي تي اُڀي پيرين بيٺي ڀاڄي ٿو وڪڻي، مصروف آھي، سمجهه ۾ اچي ٿو!
ھي ڪنڃر سڄو ڏينھن آفيس اندر ايئرڪنڊيشن روم ۾ ويٺا آھن، ڪم ئي اهو آھي فائيلون چيڪ ڪرڻ، ڪنڃرن کي ٻيو ڪھڙو ڪم آھي، مصروف به اِھي ئي ڪنڃر گھڻا آھن، لعنت ھجي سوئرن تي!‘‘
ڪامريڊ مسلسل ڳالھائيندو رھيو. مون کي ڇڪي بائيڪ تي ويھاريائين.
’’ويهه ھلون ٿا، ڏسان ڪنڃر ڪھڙي ڪم سان مصروف آھي، اڄ جي انھي گنجي آفيسر کي جوتا نه ھيم ته چئجان ٿُڪ اٿئي...‘‘
مان دل ۾ دھرجي ويس. خُدا کان پناھ گھري ٽپ ڏئي گاڏي تي چڙهي ويٺم، ڪامريڊ اڃان بائيڪ کي ٽرن ڏئي موڙيو مس ته، اوڏي مھل سھراب پنھنجي بائيڪ تي اچي پھتو. ڀر ۾ بائيڪ کي بريڪ ڏئي، ڪامريڊ سان مخاطب ٿيو.
’’ حيدر! پاڻ وارو سنگتي گلڻ يارن سان گڏ خميسي واري ھوٽل تي ويٺو اٿئي، پلاند پراڻا ناھن ٿيندا، ھلڻ جي ڪر، ڪنڃر اٿي نه وڃي، باقي سنگتي به سنڀريا ويٺا آهن...‘‘
ڪامريڊ وَر مان پسٽل ڪڍي چيڪ ڪيو، ٻيهر پسٽل وَر ۾ ھڻي ڇڏيو، بائيڪ اسٽراٽ ڪئي.
سھراب بائيڪ کي تڪڙو ٽرن ڏنو، ھاڻ منھنجو ھانءُ ٿي ڏڪيو. ٻئي بائيڪون ٻرڙاٽ ڪري ڊوڙڻ لڳيون ھيون، مونکي لھڻ جي مھلت ئي نه ملي، ھلندڙ گاڏي تان ٽپ ڏئي لھي پوان ھا، پر خوف ٿيم سڄو رھڙجي ڦٽجي پوندس، مون ڪيريئر ۾ صفا سُڪ ھٿ وجھي ڇڏيا. ور وڪڙ کائينديون بائيڪون زوزٽ ڪنديون رھيون، تيز رفتار بائيڪن کي ڪاٺين جي مڏي وٽ اچي بريڪون لڳيون، اتان چار ٻيا به سنگتي ڏنڊن باٺن سان گڏجي پيا، تيز رفتار گاڏيون هڪ رُخ تي ڊوڙڻ لڳيون ھيون، بائيڪن جي ٻرڙاٽ سان گڏ منھنجي دل تي به دُھل ٿي وڳا
اُھا خبر اٿم ته سھراب ۽ ڪامريڊ جي گلڻ وارن سان پراڻي دشمني آھي. ڪجهه مھينا اول گلڻ وارن ڪامريڊ ۽ سھراب جا ڏنڊن باٺن سان مٿا ڦاڙيا ھا. ذري گھٽ ٻنهين کي مرڻيگ ڪري ڇڏيو ھو، ايمرجنسي وارڊ اندر ٻنھين جي مٿن ۾ ڇهه ڇهه، ست ست ٽاڪا لڳا ھا.
اُھو سياسي جھيڙو ھو، پر نفرتون، گھڻو اڳي جون آهن.
نفرتون ھميشھ محبت مان جنم وٺنديون آهن ۽ ھنن جي نفرت جو ڪارڻ به، ھڪ محبت ھئي ۽ اُھا محبت ھئي سسئي جي محبت!
سسئي ڪامريڊ جي پھرين محبت ھئي، تڏھن ڪامريڊ سسئي جي پاڙي گھٽي جا ڏينھن ۾ ڏھ ڏھ پيو چڪر ڪٽيندو ھو.
مون کي ڪوٺيو موالي ڀلي
منھنجو مئه خانو ھن جي ڳلي
عشق مون وارو اوڏانھن ھلي
پڪ ڪري ڪو نشو ٿو اچي
سسئي سان ڪامريڊ جو عشق تڏھن شروع ٿيو ھو، جڏھن پھريون دفعو ڪامريڊ سسئي کي ساھيڙين سان گڏ ڪاليج ويندي ڏٺو ھو.
ڪونجن جي ڪِر ڪِر وانگي ھلڪڙي پر ڪا مٺڙي گفتار ھئي، ڪنھن ڳالهه تان سسئي جو ٽھڪ ٻُريو ھو، ھوائن ۾ سنگيت سُر ڇيڙي ڇڏيا ھا، چپڙن تي لرزش اھڙي ھئي ڄڻ عاشقن کي سڏي چمڻ لاءِ پيا دعوت ڏيندا ھجن!
سسئي جي اھڙين ادائن ڪامريڊ جو من موھي وڌو ھو.
ڪاليج وڃڻ جي ٽائيم ۽ موڪل جي ٽائيم ڪامريڊ سسئي جي اڳيان پويان پيو چڪر ڪٽيندو ھو.
ھڪ دفعو موڪل جي ٽائيم ڪامريڊ يڪو سسئي جي ڪڍ لڳو ھو، سسئي ڪتاب ڪڇ ۾ ڪيو ڪنڌ جھڪايو اڳيان اڳيان تکي تکي ٿي ھلي.
ڪامريڊ اڳ وٺي گڏ گڏ ھلندي سسئي کي چيو، ’’سسئي! يقين ڪر مون اڄ سوڌو ڪنھن به ڇوڪري ڏي نگاھ کڻي ڏٺو ناھي پر الاءِ ڇو جڏھن کان توکي ڏٺو آهي، توکان سواءِ سري نه ٿي، دل تي ڪو وس ناھي، ڏاڍو بي وس ٿي پيو آهيان، الاءِ ڇو ايڏي وڻڻ لڳي آهين جو توکان سواءِ باقي ڪجهه نه ٿو وڻي، منھنجو اعتبار ڪر مان توسان بي پناھ محبت ڪرڻ لڳو آهيان.
مون وٽ لفظ ڪونھن، مان شاعر ته ناھيان جو توکي پنھنجي محبت جو احساس ڏياري سگهان....
بس توکان ايترو پڇڻو آهي مون سان محبت ڪرين ٿي يا نه!؟‘‘
سسئي ڪنھن به ڳالهه جو ڪامريڊ کي جواب نه ڏنو، بس تکي تکي ھلندي رھي.
ڪامريڊ يڪو ڪڍ ڪڍ ٿي آيو، ايندڙ ويندڙ راھگير تعجب ۾ ٿي تڪيو.
سسئي تکي تکي ھلڻ لڳي هئي، ھڪ موڙ کان پاڙي جي گھٽي ۾ مڙي ڪامريڊ ڪنھن جي به پرواھ ڪئي بغير سسئي جي ڪڍ ڪڍ ھلندو آيو.
’’سسئي مونکي جواب ڏي جي تون انڪار ٿي ڪرين ته واعدو وري ڪڏھن به تنھنجي ڪڍ نه لڳندس.‘‘
ھاڻ سسئي اچي گھر جي چائنٺ کي پڳي ھئي، گھر جو در ٺڙاڪ سان بند ڪري اندر ھلي وئي.
ڪا ساعت ڪامريڊ در سامھون بيٺو رھيو، ڪجهه دير کان پوءِ واپس موٽيو.
ٻئي ڏينھن به معمول مطابق ڪامريڊ موڪل ٽائيم سسئي جي ڪڍ لڳو.سسئي تکو تکو ھلندي رھي.
ڪامريڊ وک وک گڏ ھلندي چيو، ’’سسئي مان ڇڇورو ناھيان، ائين ڇڇورن وانگي تنھنجو پيڇو ڪرڻ سٺو به نه ٿو لڳي، اجائي تنھنجي بدنامي ڪرڻ نه ٿو چاھيان، پر منھنجو يقين ڪر مان توسان بي پناھ محبت ڪرڻ لڳو آهيان.
مان توتي ڪا زور زبردستي نه ٿو ڪيان، مان تنھنجي رضامندي ڄاڻڻ ٿو چاھيان، سسئي مونکي جواب ڏي
سسئي تکي تکي ھلندي ارد گرد جي ماحول تي نظر وڌي.
واٽوھڙن شڪي نگاھ سان ٿي تڪيو، سسئي اڃان به وک تيز کنئي.
ڪامريڊ وڌي سسئي جو اڳ جھلي بيٺو، ھاڻ راھگير دڪاندار اوڙي پاڙي وارا ٻنھين کي گھورڻ لڳا ھا، سسئي چوڏس ھلڪڙي نظر ڦيري، ڪاوڙ جي دٻيل لھجي ۾ چيو،
’’تو جھڙن لُچ لوفرن جي ڪري ئي اسان نياڻيون گھر کان ٻاھر نه ٿيون نڪري سگهون، سڀ ڪو نياڻين کي شڪ جي نگاھ سان ڏسندو آھي، مائٽن جي انھي خوف کان ڪا نياڻي گھر کان ٻاھر نه ٿي نڪري سگھي، تعليم پرائي نه ٿي سگھي، انھي نياڻي جي تعليم جي تباھي جو ڪارڻ به تو جھڙا آوارا لُچ لوفر ڇوڪرا ھوندا آھن، پليز منھنجي پچر ڇڏ!‘‘
سسئي ڪامريڊ جو اڳ ڪڍي ٻه قدم اڳتي وڌي
ڪامريڊ ھڪ نظر ارد گرد جي ماحول تي ڪئي. سڀني عجيب نظرن سان ٿي گھوريو. ڪامريڊ ڪنھن جي به پرواھ ڪئي بغير تکيون تکيون ٻرانگون کڻي ٻيھرسسئي سان گڏيو.
وري مخاطب ٿيو،’’ سسئي اسان جو معاشرو آھي ئي تماشائي، مونکي ھن تماشائي معاشري جي ٽڪو به پرواھ ڪانھي!
مونکي غرض آھي ته بس توسان، جي تون چاھين ته تنھنجن. مائٽن کي به منٿون آزيون ڪري مڃائي وٺندم
تنھنجي رڳو رضامندي ڄاڻڻ ٿو چاھيان، پر جي تون انڪار ٿي ڪرين ته، سچ ڄاڻ مان جيئي ڪونه سگھندم، پليز منھنجي پيار کي سمجهه، پليز سسئي پليز...!‘‘
سسئي اڃان به تکي تکي ھلڻ لڳي، ھڪ گهٽي کان مڙي گھر جي در ڏي وڌي، پٺ تي لوڻو ورائي ڏسڻ کان بنا ئي گھر جو در ٺڙاڪ سان بند ڪري اندر ھلي وئي.
ڪامريڊ ڪي پل در وٽ بيٺو رھيو، مڙڻ جي ڪئي ته، سامھون گلڻ ڪامريڊ کي ڏسي، ساٿين سان تکو تکو ھلندو اچي ڪامريڊ جي سامھون ٿي بيٺو.
ڌمڪي جي انداز ۾ ڳالھايو، ’’حيدر! جي تون ڪامريڊ آھين ته، اسان به ڪامريڊ لڏي سان واسطو رکون ٿا، اسان جي پاڙي ۾ اچي آوارگردي ڪرڻ ڇڏي ڏي، انھيءَ ۾ تنھنجي ڀلائي آهي!‘‘
ڪامريڊ بنا ڊپ ڊاھ جي چيو، ’’گلڻ! تنھنجي سوچ ڪيتري نه محدود آھي، سڄي سنڌ منھنجو گھر آھي!‘‘
’’پر حيدر! ھيءُ تنھنجو گهر ناھي. اسان جو پاڙو آ ۽ آئنده اسان جي پاڙي ۾ اچڻ جي ڀل نه ڪجان! باقي انجام جو ذميوار پاڻ ھوندين.‘‘
گلڻ ڌمڪي ڏئي ساٿين سوڌو اڳتي وڌي ويو.
ٻئي ڏينھن گلڻ سسئي کي نياپو ڪري گھر گھرائي ورتو ھو. سسئي کان ڪامريڊ جو پيرائتو قصو پڇو. سسئي سڄو قصو جئين جو تئين ڪري ٻڌايو.
سسئي اڳئي گلڻ سان پيار جو پيچ پائي ويٺي ھئي، اھو اتفاق ائين ٿيو ھو، گلڻ جي ڀيڻ جي شادي ھئي، پاڙيسري هجڻ جي ناتي گلڻ جي ڀيڻ ويجھي ساھيڙي ھئي، گھر ۾ خوشي جو ماحول ھو، پاڙي جي ڇوڪرين ڳيچ سھرا ٿي ڳايا، گلڻ جي گھڙي گھڙي گھر اندر اچ وڃ لڳي پئي ھئي، سسئي پنھنجي ساھيڙي يعني ڪنوار جي ويجھو رھي، انھي ڪري ٻنھين جو ھڪ ٻئي کي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو، ٻنھين جون نظرون ٽڪرايون حُجت وڌي. اهاني بھاني ميل ملاقات ٿي ويجھڙائي وڌي ۽ نيٺ پيار ٿي ويو.
انھي کان پوءِ مسلسل گلڻ جي گھر سسئي جي اچ وڃ شروع ٿي، ڪي قول قرار ڪي وچن واعدا ٿيا.
بنا خوف، بنا ڊپ ڊاھ، بنا پرواھ جي ڪامريڊ وري به موڪل ٽائيم تي سسئي جي ڪڍ ڪڍ ھلندو آيو. سسئي کي چيو، ’’سسئي سچ پڇين ته توکان سواءِ ھي وجود بي معنائتو ٿو لڳي، ائين ٿو ڀايان ڄڻ توکان سواءِ اڌورو ھجان، تون ڄڻ منھنجي پوري ڪائنات ھجين، جي تون ناھين ته ڪجهه به ناھي!‘‘
’’سسئي! تون منھنجي زندگي آھين، منھنجو وجود آھين، جي تون منھنجي زندگي ۾ ناھين ته پوءِ مان خوامخواه آھيان ھن دنيان ۾!
پليز! مون سان ڳالھاءِ! سسئي تنھنجي خاموشي کان وڏي ٻئي ڪا منھنجي لاءِ سزا ڪونھي. سسئي پليز منھنجو اعتبار ڪر، سسئي پليز مونکي جواب ڏي سسئي پليز...!‘‘
ڪامريڊ سسئي جي ڪڍ ڪڍ هلندو سسئي جي اچي پاڙي ۾ نڪتو ھو، پر سسئي سڄي واٽ ڪامريڊ جي ڪنھن به ڳالهه جي ڪا ورندي ڪا نه ڏني. بس ڪنڌ جھڪايو تکي تکي ھلندي رھي. ڪامريڊ اڳ وٺي دڳ جھلي بيھي رھيو، ’’سسئي مونکي تنھنجو جواب گھرجي ھا يا نه بس!‘‘
ھاڻ اوڙي پاڙي وارن جي نگاھ ھنن طرف ھئي، سڀني عجيب نظرن سان ٿي تڪيو.
سسئي ھڪ نظر اوسي پاسي جي ماڻھن تي وڌي ڪاوڙ جي دٻيل لھجي ۾ چيو، ’’ته پوءِ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ حيدر! مان گلڻ سان پيار ڪيان ٿي، ھو منھنجو پھريون ۽ آخري پيار آھي. توسان ڪڏھن پيار ڪيو آھي نه ڪنديس!‘‘
۽ پوءِ ھي تڪڙو تڪڙو اڳتي وڌي وئي.
ان مھل ڪامريڊ جا پير ڌرتي مٿان ائين کپي ويا ڄڻ صدين جو ڪو ويران کنڊر ھجي، جنهن جي بنياد جا کنگهر ڇڻي ڇڻي ڀور ٿي پيا ھجن، ڪا گھڙي ڪامريڊ بي ساھتو بيٺو رھيو، آھستا آھستا قدم کڻي پوئتي موٽڻ لڳو ھو.
انھي ڳالهه جي کڙڪ گلڻ کي پئي ته، سسئي جي عشق ۾ ڪامريڊ وري پاڙي ۾ آيو آھي. گلڻ دوستن سوڌو ھٿيارن سان پھتو. سڀئي پري کان ھڪلون ڏيندا ڪامريڊ مٿان پسٽل ۽ ريوالورن جا سڌا فائر ڪندا اڳتي ٿي وڌيا.
ڪامريڊ به وَر مان پسٽل ڪڍي جوابي فائرنگ ڪئي، سسئي اڃان گھر واري گھٽي ۾ ھئي. ھن مٿان ھراس چڙھي ويو. ڊوڙندي ڊوڙندي گھر ۾ داخل ٿي وئي، دل ۾ اڃان به ڪامريڊ لاءِ نفرت وڌي وئي ھيس.
سڄي پاڙي ۾ افراتفري ڦھلجي وئي ھئي.
فائرنگ جو سلسلو اڃان به جاري ھو، ھنن ڪامريڊ کي چئوطرف کان گھيري ورتو ھو. ڪامريڊ ڪُتر واري واڙي ۾ ڪُتر واري مشين جي آڙ ڏئي فائرنگ ڪري رھيو ھو، اوچتو ھڪ گولي ڪامريڊ کي ٽنگ ۾ لڳي. ڪامريڊ پٺ تي تري کوڙي آھليو، ٻيھر پسٽل ۾ گوليون چيڪ ڪيون، پسٽل لوڊ ڪري ورتو، ھڪ ٻه فائر ڇڏيو.
پريان کان به، گولين جي ٽڪ ٽڪ جا آواز جاري ھا.
ويجھي ٿاڻي تان پوليس موبائل الرٽ ٿي، موبائل سائرن وڄائيندي پاڙي طرف وڌڻ لڳي. اوچتو سھراب پھتو، گلڻ ۽ ان جي ساٿين تي سڌا فائر ڪندو ڪامريڊ طرف ٿي وڌيو. سھراب جي پھچڻ سان گلڻ ۽ گلڻ جا ساٿي فائرنگ ڪندا آھستي آھستي پٺ تي ھٽڻ لڳا. سھراب ڪامريڊ جي ڀر ۾ ويھي ڪامريڊ کي سھارو ڏنو، آڙ وٺي ڪجهه فائر ڪيا، گلڻ وارا ھاڻ پٺ تي موٽي چڪا ھئا.
سھراب ڪاوڙ جي دٻيل لھجي ۾ چيو، ’’دل ٿي چوي حيدر ھڪڙي گولي مان به ٺوڪيانءِ ٽنگ ۾، تو جھڙي دوستن کان ماڻهو ائين ڀلو آ، مونکي خبر به ٻين کان پئي آھي ته، ڪو تون عشق بشق جي چڪر ۾ ڦاٿو آھين...
اڇو منھن ڪرين ھا پر گھٽ ۾ گھٽ مون کي ان ڳالهه جي خبر ته ھجي ھا.
اڄ وڃي خبر پئي آ، اھا به، ٻين کان ته، گلڻ جي پاڙي ۾ حيدر ۽ گلڻ وارن جو جھيڙو ٿي پيو آھي.
فائرنگ جاري آ باقي ڪا خبر ڪانھي، تڏھن تڪڙو اچي پھتس، جي مونکي اڃان به ٿوڙي دير ٿي وڃي ھا ته، يار تنھنجا ڪم لاھي ڇڏن ھا، اھا بھادري نه چئبي بيوقوفي چئبي!‘‘
ڪامريڊ سور کان چنگھندي چيو، ’’سھراب! تنھنجو ليڪچر ختم ٿيو ھجي ته، کسڪڻ جي ڪيون، فائرنگ جو آواز بند ٿي ويو آھي اجھو يار موبائل ڪاھي پھتا.‘‘
سھراب ڪامريڊ کي سھارو ڏئي اڳتي وڌڻ لڳو ته، سامھون پوليس موبائل اچي پھتي. ڪامريڊ چيو ’’سھراب تون کسڪڻ جي ڪر مان يارن جي مھماني کائي اچان.‘‘
’’ائين ڪئين حيدر! توکي ڇڏي نه ٿو سگھان‘‘
’’سھراب! ھيرو گري ڇڏ، ھي مھل بحث جي ناھي، مان ڀڄڻ جھڙو آھيان ڪونه، اجايو مفت ۾ ٻئي سڙنداسين، ڀلو انھي ۾ آھي ته، ھڪ جي جان آجي ھجي، تنھنجي جاءِ تي مان ھجان ھا ته، يارن کي سڏ ڪري چوان ھا تڪڙ ڪانھي مزي سان اچو يار ھٿيڪو آ، ۽ پوءِ بنا پُڇي پنھنجا پير ڊاھيان ھان‘‘
ٻنھين کان ھلڪو ٽھڪ نڪري ويو.
’’ته پوءِ مان پنھنجا پير ڊاھيان ٿو، چڱو يارو ياري....‘‘
’’يارو ياري ڀاڄوڪڙ ....!‘‘ ڪامريڊ مذاق ۾ سھراب کي ٽوڪي ورتو.
سھراب ڪُتر واري مشين کان ديوار ٽپي ٻئي رستي کان نڪري ويو.
پوليس اچي ڪامريڊ کي گرفتار ڪري ورتو، مھينو ڏيڍ ريمانڊ تي رکيو، آڏي اُبتي پڇا ڳاڇا ڪئي سخت تشدد ڪيو، مھيني ڏيڍ ۾ ڪامريڊ جي ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي.
مختلف ڪيسن ۾ جج چالان ڪري ڊگھي سزا ٻڌائي ڪامريڊ کي سينٽرل جيل حوالي ڪري ڇڏيو ھو.
تڏھن سھراب پڪو پهه ڪري ڇڏيو ھو ته، حيدر جو پلاند ضرور وٺڻو آھي.
ڪجهه دوستن کي چئي ڇڏيو، ’’گلڻ وارا يار جڏھن به ھٿيڪا نظر اچن ته اطلاع ڪجو.‘‘
ھڪ ڏينھن امين شُش سھڪندو سھراب وٽ پھتو، سھراب دوستن سان گڏ ڪاٺين جي مڏي وٽ ھوٽل تي چانهه پئي پيتي.
سھراب سمجھي ويو ته امين شُش ضرور ڪا خبر آندي ھوندي، چرئي جا ڪم ئي شُش چرئين وارا آھن، تڏھن سڀ دوست سڏينس شُش!
امين شُش ٻڌايو، ’سھراب! جاچ لھي آيو آھيان، گلڻ وارا استاد بشير جي سيلون تي ھٿيڪا ويٺا آھن، اٿڻ جي ڪيو موقعو ڀلو آ‘‘
سھراب پڇيو، ’’ڪيتري دير کان ويٺا آھن، متان اٿي ويا ھجن!؟‘‘
’’نه نه ... ‘‘ امين شُش چيو، ’’گلڻ ڏاڙھي جي سنوارت پيو ڪرائي، سمجھين ٿو استاد بشير سولو ھٿ ڪڍندس، استاد بشير جي ڪرسي تي ويھڻ کان پوءِ ماڻهو کي جنم ٽيپ لڳي ويندي آھي، تڏھن ته مان استاد بشير کان عيد عيد تي وار ٺھرائيندو آھيان.‘‘
پنھنجي ڳالهه تي پاڻ ئي ٽھڪ ڏئي کلي پيو
سھراب پڇيو، ’’گھڻا ڄڻا آھن؟‘‘
’’ٽي چار... بس تياري وٺو، مون پڪو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي!‘‘
سھراب سمجھي ويو امين شُش آھي ته چوتيو پر ڪڏھن به ڳالهه غلط ڪانه ڪئي اٿس، پر کٽڪو ٿي پيس ته چوتئي الاءِ ڪھڙو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي.
ھي سڀ تڪڙا اٿيا ۽ مڏي تان ڏنڊا باٺا ميڙي ورتا، سڀ تڪڙا تڪڙا استاد بشير جي سيلون طرف وڌڻ لڳا.
گلڻ ڪرسي تي ويٺي اڃان استاد بشير کان ڏاڙھي جي سنوارت ٿي ڪرائي.... پري کان سڄو ڊُوھ ھڪلون ڏيندو ڏنڊن باٺن سان دڪان اندر گھڙي پيو.
سھراب وارا جئين دڪان اندر داخل ٿيا ته، امين شُش دير نه ڪئي ڳاڙھن مرچن جي ڀريل ٿيلھي دڪان اندر اُڇلي، ڇت واري پکي جي ھوا تي ڳاڙھا مرچ سڄي دڪان ۾ ڦھلجي ويا، ھوا جي زور تي مرچن ٻاھر طرف موٽ کاڌي، سمورا مرچ ھنن جي منھن منجهه پيا، سڄي دڪان ۾ کئوڪار مچي وئي.
سھراب دير نه ڪئي ڪرسي تي ويٺل گلڻ کي انڌ ۾ ڏنڊو وھائي ڪڍيو، گلڻ ڪرسي تان جھڪيو ڏنڊو سامھون شيشي ۾ لڳو، شيشو سڄو چڪنا چور ٿي ويو.
باقي دوستن گلڻ جي ھمراھن تي ڏنڊن باٺن جي ريهه لاھي ڏني.
دڪان اندر سٽ سٽان شروع ٿي وئي، ڪو ڏنڊو ڪنھن کي لڳو، ته ڪو ڏنڊو ڪنھن کي لڳو.
سھراب وارن ھڻي سڀني يارن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا، سڀني اتي پئي دانھون رڙيون ڪيون سھراب وارا ھنن کي لتون ٺوڪرون ھڻي دڪان کان ٻاھر نڪتا، سڀني جي اکين مان ڳوڙھا ٿي ٽميا ۽ نڇن مٿان نڇون ٿي ڏنيون.
سھراب نڇ ڏيندي ڪاوڙ مان امين شُش کان پڇيو، ’’اڙي چوتيا اهو ڪھڙو ڪم ڪئي! ؟‘‘
امين شُش وڏو ٽھڪ ڏنو. ’’سوچيم ڀلي انڌا ٿين ته، سولو ڪري ڪٽيونَ‘‘
سھراب ڀونڊو گھروڙي منھن وارو ڏنس، ’’لک جي لعنت اٿئي، جي ھُنن جي ھٿن ۾ ڏنڊا باٺا ھجن ھا ته، گهڻو اسان ڪٽجون ھا‘‘
۽ پوءِ سڀ اکيون مھٽيندا اتان روانا ٿي ويا.
ڪافي ماڻهو رونشي تي اچي گڏ ٿيا، ماڻھن سڀني زخمين کي گھلي سھلي ھڪ گڏھ گاڏي ۾ وڌو، گاڏو ھڪلي سڪلي سڀني کي سول اسپتال ايمرجنسي وارڊ ۾ پھچايو.