ناول

ڪامريڊ

ھي ناول ”ڪامريڊ“، سنڌي ناولن ۾ الڳ موضوع جو ناول آهي، جيڪو ڏهاڪا اڳي موجود ’ڪامريڊَ ڪلچر‘ جي چڱائين/ اُڻائين تي ادبي رنگ ۾ لکيل آهي. هڪ حقيقي ڪامريڊ جي زندگي ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ هڪڙي ڪامريڊ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهو سڀ مثبت انداز ۾ هن ناول ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ذلفي زنئور هن ناول ۾ هڪڙي ڪامريڊ جي زندگيءَ کي مختلف معاشرتي پھلوئن سان جوڙي پيش ڪيو آھي. ناول ۾ ڪامريڊ جا جيل ڪٽڻ کان ويندي آخر ۾ ڪامريڊ جو تشدد ڪيل لاش ملڻ سان گڏ ڪامريڊ جي زندگي سان جُڙيل سڀني پاسن کي ليکڪ سگهڙائپ سان پيش ڪيو آھي.

Title Cover of book ڪامريڊ

10

ٻئي ڏينھن منصور سئوٽ سسئي جي گھر وڃي نڪتو.
در کڙڪايو اندارن سسئي نڪتي. سئوٽ منصور تي نظر پئيس امڪاني خوشي سان گڏ چھري تي پريشاني جا آثار چٽا ٿي پيس.
منصور ھڪ نظر غور سان سسئي کي ڏٺو ھيڻي ۽ ڪمزور لڳس چھري جو رنگ ڦٽي چڪو ھو.
منصور پڇو، ’’سئوٽ! خوش ته آھين نه!؟‘‘
ھڪ دم سسئي جو چھرو اٻاڻڪو ٿي ويو،
’’نه سئوٽ! توکي نه اچڻ کپندو ھو.‘‘
’’پر ڇو!؟ منصور تجسس مان پڇيو
’’۽ ايڏي اٻاڻڪي ڇو آھين، پنھنجا ڇا حال ڪري ڇڏيا اٿئي، ڀلا اندر اچڻ جي صلاح ڪندين يا……‘‘
اندارن پنج سالن جي ننڍڙي دانھيندي امان امان ڪندي اچي سسئي کي چنبڙي.
منصور نوڙي ننڍڙي کي ھنجهه ۾ کڻي ورتو. ٻه قدم اڳتي وڌيو.
’’ماشا الله بلڪل سئوٽ تنھنجي مھانڊي آھي، نالو ڇا رکيو اٿئيس!؟‘‘
سسئي گھٻراھٽ ۾ چيو، ’’اُم رباب‘‘
’’نالو ته پيارو آھي.‘‘
منصور ننڍڙي اُم رباب جي ڳل کي چمي ورتو. ٻه قدم اڃان اڳتي وڌيو ته، سسئي ڦري اڳيان ٿي بيٺي.
’’سئوٽ! توکي نه اچڻ کپندو ھو.‘‘
منصور وڌيڪ حيراني مان پڇيو،
’’ پر ڇو سئوٽ! ڇا مان غير آھيان!؟‘‘
’’ڳالهه اھا ناھي سئوٽ! گلڻ جي اچڻ جو ٽائيم آھي! ھن کي مان سڃاڻان وڏو شڪي مزاج آھي، ٻيو ته ادا بابا ۽ توھان سان ھن جي لڳي ڪونه گھر ۾ توھان کي ڏسي ورتائين ته وڏو ممڙ مچائيندو، منھنجي ته شامت ايندي پر خوف آھي توھان جي نه بي عزتي ڪري وجھي!
سئوٽ! مان توکي ھٿ ٿي ٻڌان مھرباني ڪري ھن مھل جو ھن مھل تون ھليو وڃ انھي کان اول جو گلڻ پھچي ۽ ڪو گھر ۾ ٻيتال ڪري سئوٽ مھرباني ڪري تون ھليو وڃ مونکي منھنجي حال تي ڇڏي ڏيو!
ڪنھن کي به ضرورت ناھي، منھنجي پرواھ ڪرڻ جي،
مان جھڙي حال ۾ به آھيان بس خوش آھيان...‘‘
سسئي اڃان منصور کي سمجھائي رھي هئي ته، اوڏي مھل گلڻ گھر ۾ داخل ٿيو. جئين منصور تي نظر پيس، تپي سڄو باھ ٿي ويو. تکو تکو ھلندو اچي سسئي جي وارن ۾ ھٿ وڌو ۽ ھڪ ٻه ٿڦڙ سسئي کي وھائي ڪڍيائين،
’’منھنجي غير موجودگيءَ ۾ ڪنھن به ايري غيري کي گھرائي وٺندينءَ ، ان سان رنگ رليون ملهائيندينءَ... بي حياءِ بي شرم....!‘‘
گلڻ اڃان وڌيڪ سسئي کي مارڻ جي ڪئي ته، منصور گلڻ جي ٻانھن جھلي ورتي.
’’ دماغ خراب ٿيو اٿئي ڇا! مان ڪو ايرو غيرو ناھيان، بس گھڻو ٿيو!‘‘
گلڻ سٽ ڏئي پنھنجي ٻانھن ڇڏائي ورتي ڪاوڙ جي حالت ۾ منصور کي چيو، ’’تون ٿيندو ڪير آھين اسان زال مڙس جي وچ ۾ اچڻ وارو، ۽ توکي ڪنھن اجازت ڏني گھر ۾ اچڻ جي!؟‘‘
’’مان پنھنجي سئوٽِ سان ملڻ آيو آھيان! پنھنجي سئوٽِ سان ملڻ لاءِ مونکي ڪنھن جي اجازت جي ضرورت ڪونھي. سسئي منھنجي سئوٽِ آ!‘‘
منصور گلڻ کي ڪرڙي اک ڏيکاري.
’’منھنجي گھر ۾ بيھي مون تي اکيون ٿو ڦوٽارين، مان چوان ٿو نڪر منھنجي گھر مان...!‘‘
گلڻ منصور کي ڌڪا ٿاٻا ڏيڻ لڳو
ٻنھين ۾ تلخ ڪلامي ۽ گرما گرمي شروع ٿي، ھڪ ٻئي تي ھاٿا پائي ڪئي. ڌڪ ھنيا. وچ ۾ سسئي ڇڏ ڇڏائڻ لاءِ ٻنھي جي وچ ۾ ٿيلھا، ڌڪا کائڻ لڳي.
نيٺ منصور گھر کان ٻاھر نڪرڻ لڳو.
’’وڃان ٿو پر ھڪ ڳالهه ٻڌ مان توکي رڳو آوارا ۽ ڇڇورو سمجھندو ھيم پر تون انتھائي واحيات قسم جو انسان به آھين، ھي جي تنھنجو گھر نه ھجي ھا ته، ائين پنھنجي بي عزتي برداشت نه ڪيان ھا ۽ توکي تنھنجي اوقات ياد ڏياريان ھا.‘‘
گلڻ اڃان به وڌيڪ منصور کي ڌڪا ٿاٻا ڏيڻ لڳو.
’’ نڪر... مان چوان ٿو نڪر.... منھنجي گھر مان تکو ٿيءُ!‘‘
منصور گھر کان ٻاھر نڪتو، پٺيان گلڻ سسئي کي گھر ۾ گھڻي مار ڪٽ ڪئي، انتھا کان وڌ تشدد ڪيو. ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ اچي سسئي جي تذليل ڪري سندس پوري سونھن سبيتا وڃائي ڇڏي ھئي.