شاعري

اڌورا اڌما

حسين سرور خوبصورت احساسن ۽ جذبن جو شاعر ھيو جيڪو جوانيءَ ۾ ئي اسان کان وڇڙي ويو. اسان جڏهن هن جي شاعري پڙهون ٿا تہ هوُ اسان جي اکين ۾ زندهه آهي. سندس شاعري پڙهندي محسوس ٿيندو تہ هي انھن نوجوان شاعرن مان آهي جن ڪڏهن بہ سياسي جدوجھد ۾ هلندي، سنڌ جي سونھن ورونھن ۽ آزادي لاءِ خواب ڏسندي عام نعرن جو سھارو نہ ورتو. حسين سرور پنھنجي شاعريءَ ۾ سماجي حقيقت نگاري ۾ رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 8
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اڌورا اڌما

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران حسين سرور جي شاعريءَ جو مجموعو ”اڌورا اڌما“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون جنھن جي سھيڙ حبيب سنائي ۽ آخوند عباس ڪئي آھي،
حسين سرور خوبصورت احساسن ۽ جذبن جو شاعر ھيو جيڪو جوانيءَ ۾ ئي اسان کان وڇڙي ويو. اسان جڏهن هن جي شاعري پڙهون ٿا تہ هوُ اسان جي اکين ۾ زندهه آهي. سندس شاعري پڙهندي محسوس ٿيندو تہ هي انھن نوجوان شاعرن مان آهي جن ڪڏهن بہ سياسي جدوجھد ۾ هلندي، سنڌ جي سونھن ورونھن ۽ آزادي لاءِ خواب ڏسندي عام نعرن جو سھارو نہ ورتو. حسين سرور پنھنجي شاعريءَ ۾ سماجي حقيقت نگاري ۾ رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ پبلشنگ اداري ڪونھي ڇپايو. ٿورائتا آھيون حبيب سنائيءَ جا جنھن ھن مواد کي ڪتابي شڪل ڏئي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ارپنا

حسين سرور جي شريڪ حيات

۽ سندس ٻارڙن

آدرش ۽ سنڌيا جي نالي

شاعر جي فيسبوڪ پوسٽ ٻہ ڪونڊيون

ھي ٺڪر جون ٻه ڪونڊيون جيڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان مون کي آڪاش ۾ اڏرندڙ آزاد پکين سان الاءِ ته ڪهڙي رشتي ۾ ڳنڍيون ويٺيون آھن، هڪ ۾ سادو پاڻي ۽ ٻيءَ ۾ فقط ماني ڀوري.

جڏھن ٻئي ڪونڊيون صبح ويل پنهنجي گهر جي ديوار تي رکندو آھيان ته گهر جو اڳنڌ پکين جي مختلف ٻولين سان گونجي اٿندو آ.

ڪنهن نبيءَ جيان پکين جي ٻولي سمجهڻ جهڙي ڪا دعوى ته نٿو ڪريان پر ايتري پڪ اٿم ته هاڻي هنن پکين لاءِ آئون اوپرو ناهيان رهيو، منهنجي گهر جي اڳنڌ کي هي پکي هاڻ پاڻ لاءِ محفوظ سمجهڻ لڳا آھن.

گرميءَ جي موسم آ سو اوهان سڄڻن کي به اهوئي عرض ڪندس ته اوهان جتي به وسو ٿا پنهنجي آس پاس ۾ هنن پکين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پاڻي جو بندو بست ڪندا رهو ته جيئن اوهان جي گهرن جا اڳنڌ به پکين جي مٺڙين ٻولين سان گونجندا رهن.

حسين سرور - ھڪ تعارف

حسين سرور (جنم 26 سيپٽمبر، 1978، 8 جنوري 2021)
ھڪ تعارف

26 سيپٽمبر 2021 تي صبح سمي فيس بوڪ ياد ڏياريو تہ اڄ پياري حسين سرور جو جنم ڏينھن آھي. اھو اطلاع پڙھي ڪري پھرئين تہ من اداس ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ ھو 8 جنوري 2021 تي ڀرپور جواني ۾ ئي اسان کان طبعي طور وڇڙي ويو ھو. پر وري مون کي جويو صاحب جا پير حسام الدين راشدي جي حوالي سان لکيل لفظ ياد آيا تہ اھا اداسي گھٽجي ويئي. جويو صاحب لکيو آھي تہ ”آئون ائين ٿو ڀانيان تہ جيسين ساڻن ٿيل اھي ڳالھيون ۽ ڪچھريون مون کي ياد آھن ۽ منھنجو حافطو مون ساڻ آھي، تيسين ذاتي طور، حسام الدين مون لاءِ جيئرو آھي. ۽ ائين منھنجا ٻيا بہ ڪيئي دوست ۽ بزرگ، جيڪي منھنجي سانڀر ۾ گذاري ويا آھن،  ۽ پڻ اھي بيشمار اڻ ڏٺل، اڻ واقف انسان، جن سان آئون سندن ڪتابن ۽ ڪمن ذريعي واقف آھيان، اھي بہ مون لاءِ اھڙا ئي جيئرا آھن. ائين جيسين ڪن جي ياد جيئري آھي، تيسين جيئرن لاءِ اھي جيئرا ئي رھن ٿا.“ 

باوجود انھي جي تہ ھاڻي ھو پنھنجي ٽائيم لائين تي ڪا پوسٽ نہ پڙھي سگھندو، پوءِ بہ يادگيري واري نوٽيفڪيش تي ڪلڪ ڪري ھن جي ٽائيم لائين تي وڃي لکيم تہ ”پيارا ھينئر تنھنجو بسيروعالم ارواح  ۾ آھي، پر فيسبوڪ ياد ڏياريو تہ اڄ اوھانجو جنم ڏينھن آھي. مون پڇا ڪرائي ھئي تہ اوھان جي شاعري ڪٿي آھي تہ جيئن ان کي ڪمپوز ڪرائي ڪنھن ويب سائيٽ تي رکجي، پر خبر پيئي تہ اوھان پنھنجي شاعري کي ڪنھن مخصوص بياض ۾ لکيو ئي ڪونہ ھو. اللہ پاڪ اوھان جي مغفرت فرمائي.“

اصل ۾ سندس تڏي تي سندس ويجهي عزيز کان جڏھن مون حسين جي شاعري جي بياض يا رجسٽر وغيرھ جي پڇا ڪئي ھئي تہ ھن مون کي ائين ٻڌايو ھو ۽ مون ھن تي اعتبار ڪيو ھو. بھرحال منھنجي انھي تازي پوسٽ تي پياري جان خاصخيلي رايو ڏيندي لکيو تہ ”سائين ھن جي خاندان ۽ دوستن سان ملي ڪري سندس شاعري جي ڳولا جي امڪان کي ڏسو.“ ٿوري دير کان پوءِ آخوند محمد عباس، جيڪو حسين سرور جي ڪافي ويجهو رھيو ھو، تنھن لکيو تہ ”حسين جي شاعري ھٿيڪي آھي. ان معاملي ۾ ويھڪ ڪبي بابا.“ ائين منھنجي پوسٽ جي نتيجي ۾ جان صاحب مون کي اتساھيو ۽ ٻئي پاسي آخوند عباس خوش خبري ٻڌائي.

ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ وري آخوند عباس فون تي ٻڌايو تہ آخري وقت ۾ حسين سرور کيس گھر گھرائي شاعريءَ جو اڌو گابرو مسودو ۽ درخواست ڏني ھئي ۽ چيو ھو تہ فلاڻي ماڻھو کي پھچاءِ. منھنجي گذارش تي آخوند صاحب ان مذڪورہ صاحب سان رابطو ڪيو، پر اھو ان وقت حيدرآباد ويل ھو، ۽ چيائين تہ ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ واپس اچي پنھنجي گھر ۾ اھي ڪاغذ ڳوليندو. بھرحال اھي ڪاڳر ان صاحب وٽان اڄ ڏينھن تائين نہ مليا. 

پر آخوند صاحب حسين سرور جي پارٽنر اسٽيمپ وينڊر شھباز رنگ صاحب کان پڇا ڪئي تنھن کيس ٻڌايو تہ سندس آفيس ۾ ھڪ ڊائري ۾ ھن جي شاعري لکيل آھي. آخوند صاحب جي ڪوشش سان اھا ڊائري ھٿ ڪئي ويئي. مون فوري طور ان کي فيض علي مڱريو جي حوالي ڪيو، جنھن ھڪ اڌ ڏينھن ۾ اھو مواد ڪمپوز ڪري ڏنو. ان مواد ۾ ھن جا 17 کن غزل، 40 کن چوسٽا ۽ 20 کن دوھا يا ٻہ سٽا ھئا. 

ان کان پوءِ مون سندس ٽائيم لائين تي رکيل شاعري کي ڪاپي ڪري ھڪ فائيل جوڙڻ شروع ڪيو. چند ڏينھن کان آخوند صاحب ٻڌايو تہ ھن جو رابطو حسين سرور جي مائٽ آڪاش ميمڻ سان ٿيو آھي، جنھن کيس ٻڌايو آھي تہ حسين سرور وٽس روز شام جو اچي ڪافي مواد ڪمپوز ڪرايو ھو. نہ صرف مواد پر، ان ڪتاب جو نالو طيءِ ڪري ڇڏيو ھو ۽ ساڳئي وقت ٽائيٽل لاءِ تصوير بہ ڳولي رکي ھئي. آخوند جڏھن اھو مواد وارو فائيل مون کي ڏنو تہ مون کيس فيض وارو مواد توڙي فيس بڪ وارو مواد ڏنو. ھن ھفتي کان پوءِ مون کي ھڪ فائيل ۾ مواد اسم وار ورھاست ڪري مون کي ايميل ڪيو. 

ان فائيل جي جانچ ڪندي ڏٺو ويو تہ جيڪو مواد فيس بڪ تان ڪاپي ڪيو ويو، ان مان ڪافي اڳ ۾ ئي آڪاش واري مواد يا ڊائري واري مواد ۾ موجود ھو. بھرحال اطمنيان جوڳي ڳالھ اھا آھي تہ ھاڻي حسين سرور جو ڪافي مواد حاصل ٿي ويو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ مون ۽ آخوند عباس سھيڙيو آھي، جنھن کي پيش ڪندي سرھائي ٿي رھي آھي. 

ھن ڪتاب ۾ حسين جا سو کن غزل شامل آھن، جن مان پنج کن طرحي غزل آھن. آخوند عباس صاحب جي چواڻي تہ حسين محترم ناز لطيفي پاران ھر سال عيد جي ٻئي يا ٽئين ڏينھن تي منعقد ٿيندڙ طرحي مشاعري جو ريگولر شاعر ھو. ياد رھي تہ ان مشاعري ۾ سوز ھالائي، آخوند زخمي ھالائي توڙي امداد حسيني صاحب بہ رونق افروز ٿيندا رھيا آھن. ھالا ۽ ڀر پاسي ۾ طرحي مشاعرن جي روايت 90 جي ڏھاڪي تائين سرگرم رھي، پر ھاڻي رڳو ناز لطيفي صاحب سال ۾ ھڪ ٻہ ڀيرا مشاعرا ڪرائي ٿو.

ھن ڪتاب ۾ غزلن کان علاوھ، ڏھاڪو کن نظم يا نثري نظم آھن، ان کان علاوھ ڪافي تعداد ۾ چوسٽا ۽ ٻہ سٽا يا دوھا آھن. ڪتاب لاءِ سندس شاعري کي پڙھندي مون کي ڪافي لطف آيو ۽ سندس ڪافي شعر منفرد لڳا. تنھنڪري ان حساب سان آئون سمجھان ٿو تہ حسين سرور جي شاعري ڪا ڀرتي واري شاعري نہ آھي. پڪ تہ سندس ھي ڪتاب فاضل پڙھندڙن کي پسند ايندو. 


1 نومبر، 2021

محمد حبيب سنائي

حسين سرور جي شاعري، مختصر تاثر

حسين سرور جي شاعري، مختصر تاثر
جان خاصخيلي

توڙي جو مون فيس بوڪ تي حسين سرور جي ٿوري شاعري پڙهي هئي پر هن سان ڪا روبرو ملاقات ۽ ساڻس مڪمل تعارف نه ٿي سگهيو هو. منهنجي خواهش هئي ته هالا جي هن شاعر سان ملاقات ضرور ٿيندي ۽ اسان هن کان زباني سندس شاعري ٻڌنداسين ۽ سندس انداز کي ڏسنداسين ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سماج جي ڪهڙن داستانن تي گلڪاري ڪئي آهي. هالا شهر جي جنڊي، ڪاشي ۽ اجرڪ جي ڦلڙين سميت دستڪاري واري ڪم کي هن ڪيئن ڏٺو ۽ ان ۾ هن پنهنجي لفظن جا رنگ ڀريا آهن. پر اها خواهش پوري نه ٿي سگهي. 

گذريل سال سندس وئي پڄاڻا دوستن هن شاعر جو مختصر تعارف ڪرايو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي دوست حبيب سنائي مونکي سندس پاران سهيڙيل هن جي شاعريءَ جو ڪتاب موڪليو ته آئون هن جي خوبصورت شاعري ۾ جماليات، محبت، سماج ۽ مصوري واري تصور کي محسوس ڪري سگهان. مونکي لڳو ته هن جي شاعري به ائين آهي جيئن جهنگ ۾ مينهن مُند کان پوءِ پاڻمرادو ڦٽل گل ڦل هوندا آهن جيڪي هر ماڻهوءَ کي ڏاڍو وڻندا آهن. ڪجهه غزلن ۽ نظمن ۾ لڳو ته اهي اهڙا مٽيءَ جا رانديڪا آهن جن تي شاعر کي اڃا محنت ڪرڻي هئي.  

هن وٽ به خيال آهن جيڪي جماليات، منظرڪشي، ماحوليات ۽ مصوري واري تصوير جوڙين ٿا.

” تو ڪڏھن پکين جا ٽھڪ ٻڌا آهن  
يا وڻن جي اڪيلائي 
محسوس ڪئي اٿئي؟ 
۽ ڪڏھن 
بارش ۾ ڪچن گهرن جا لڙڪ 
ڏٺا اٿئي؟

بارش ۾ ڪچن گهرن جي لڙڪن کي محسوس ڪرڻ به ڄڻ ته هڪڙي مصوري آهي جنهن کي هن سيکڙاٽ مصور پنهنجي ليکي رنگ ڀريا آهن جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.


هن جو هڪڙو ٻيو خيال آهي


”ڪنهن کي ويٺو ساري ڪوئي،

نيَر پيو ٿو هاري ڪوئي.

سپنن جون ڪي ٻيڙيون ٺاهي،

نيڻن ۾ پيو تاري ڪوئي.“

هن جي پرورش به شايد اهڙي ماحول ۾ ٿي هئي جتي ٻارن جون اڪثر خواهشون غربت جي بار ۾ دٻجي رهجي وينديون آهن ۽ هو وڏي ٿيڻ واري پنڌ تي هوندو آهي. ان ڪري هن کي به اهڙا موقعا نه مليا جو هوُ ايترو مشاهدو ڪري پنهنجي شاعري ۾ رنگ ڀري سگهي ها. هن پنهنجي چوڌاري نهاريو ته رڳو کيس اڪيلائي ۽ غربت ۾ عشق کي ماڻڻ واري منزل ڏسڻ ۾ آئي، محبوب جي چنچلتا، چوماسي جي برسات ۾ غريب جي جهڳي ٽمڻ جا منظر ۽ ڪيترا سوال نظر آيا. 

”محبت جنس آ تو لئه، 
بڻيل تون پيار جو تاجر. 
اياڻو عشق هو منھنجو، 
۽ تنهنجي سونهن آ شاطر“.

محبت کي مارڪيٽ ۾ نيلام ٿيندڙ جنس چوڻ کيس جُڳائي ٿو. هي پنهنجي زندگي جي ان موڙ تي هو جيڪو انساني رشتن ۽ شين کي ائين ئي ڏسي سگهي ٿو.  ان ئي تناظر ۾ هي پنهنجي ٻئي غزل ۾ اظهار ڪندي چوي ٿو؛ 

”اسان آهيون هٿين خالي، 
مهانگو تون وکر آهين . 
گلن جهڙو سڄو آهين، 
رڳي دل جو پٿر آهين“.

اهڙا ڪيترا غزل آهن جن کي پڙهندي لڳو ته هن جي پنهنجي پاڻ سان گفتگو آهي جنهن ۾ هن جي محبت، ڏک ۽ اداسيون محسوس ڪري سگهجن ٿيون. 

”منھنجي ننڊ، 
سپنن جا ڪچا ٻار، 
ڪيرائيندي ٿي رهي، 
۽ آئون انهن کي، 
دفنائيندو ٿو رهان“

جيڪڏهن اسان سندس شاعري ۾ موجوده سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن، فطرت جي مشاهدي ۽ مصوري کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هن وٽ به پنهنجا خيال رانديڪا آهن، ڪي ڪوجها ته ڪي موچارا، جيڪي هن زندگي جي فرصت ۾ ٺاهيا هئا. 

شاعر جي تنھائي 
لفظن جا ٻار ڄڻيندي آ، 
ڪي ڪوجھا، 
ته ڪي موچارا 
ڪي ڪجھ وقت الِء جيئرا رھندا آھن، 
ته ڪن کي موت ئي ناھي ايندو.

اها الڳ ڳالهه آهي ته هن کي اڃا سندس پنهنجي هنرمندن جي بستي هالا شهر جي ڀرسان درياءَ جي وهڪرن ۽ ترندڙ ٻيڙين وارن منظرن کي پنهنجي شاعري ۾ وڌيڪ سمائڻو هو. سياست جا پنڌ ۽ پيچرا ڪڇڻا هئا. اڃا هن کي موکي جومڌُ پنهنجي شاعري ۾ اوتڻو هو. اڃا هن کي دنيا جي مصوري جي شاهڪارن، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز کي سمجهڻو هو جن جي شاعري پڙهندي لڳندو آهي ته هنن عظيم شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ مصوري جا شاهڪار جوڙيا آهن. 

شاعر پنهنجي تخليقن ۾ مستقبل جون جهلڪون نقش ڪندا آهن ۽ تاريخ نويس ان جي بنياد تي ان دور جي حالتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اسان هن وقت صرف تصور ڪري سگهون ٿا ته اسان جو هي نوجوان شاعر به ان موڙ تي هو جتي کيس پنهنجي اندر مان نڪري فطرت جا رنگ ڀرڻا هئا. 

سندس تعارف موجب حسين سرور 26 سيپٽمبر 1978 تي هالا نوان شهر ۾ ڄائو ۽ 8 جنوري 2021 تي سندس زندگيءَ جو اڌ ٽڙيل گُل ڪومائجي ڇڻي پيو. يقيني طور تي اها عمر سندس اڏامڻ ۽ پختگي ڏانهن سفر واري هئي جتان هن جي هڪڙي ٻي شروعات ٿيڻي هئي جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ها ته هُن جي تخليقي اڏام ڪيتري آهي. هوُ ڪيترو مٿي وڃي سگهيو ٿي. 

ڪيترائي شاعر پنهنجي اوائلي زندگيءَ ۾ بلڪل ڦوهه جواني ۾ هن دنيا مان هليا ويا پر اهي سڀ پنهنجي شاعريءَ ۾ زندهه آهن. گهڻو ڪري انهن جي شاعري به عشقيا هئي. ان عمر جي شاعرن لاءِ مشهور آهي ته کين عشق جي بيماري لڳل هوندي آهي. 

هن وقت سندس ٽڙ پکڙ شاعري جو ڪتاب به اسان جي هٿن ۾ آهي ۽ اسان جڏهن هن جي شاعري پڙهون ٿا ته هوُ اسان جي اکين ۾ زندهه آهي. مونکي سندس شاعري پڙهندي محسوس ٿيو ته هي انهن نوجوان شاعرن مان آهي جن ڪڏهن به سياسي جدوجهد ۾ هلندي، سنڌ جي سونهن ورونهن ۽ آزادي لاءِ خواب ڏسندي عام نعرن جو سهارو نه ورتو ۽ صرف پاڻ سان گفتگو ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته هن جڏهن شاعريءَ ۾ اڏامڻ چاهيو ته سياسي جدوجهد جا اڪثر مورچا ۽ اهڃاڻ يا ته بلڪل مٽجي چڪا هئا يا تڏا ويڙهه جاري هئي ۽ پوئتي رڳو ڌنڌليون ڪهاڻيون رهجي ويون. بلڪل پراڻين تصويرن وانگر انهن جا اصل رنگ اڏامي ويا هئا. 

ان رهجي ويل اهڃاڻن ۾ ائين ٿو لڳي ڄڻ ته سنڌ جي هاڻوڪي شاعري ۾ ان فرق جي سنهي لڪير به مٽجي وئي آهي جيڪا درٻاري ۽ آزاد خيالي کي واضح ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته سماجي حالتون ۽ پيداواري طريقا به تبديل ٿي ويا آهن جن انساني روايتي زندگيءَ تي وڏا اثر ڇڏيا آهن.  

حسين سرور پنهنجي شاعري ۾ سماجي حقيقت نگاري ۾ رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪڙو سادو خيال آهي، فطري حسناڪين کان خالي پر هن جو پنهنجو رانديڪو آهي. دل ئي دل ۾ احتجاج آهي. 

”او سنڌي تنهنجي حال مٿان، 
مان روئان يا حيران ٿيان. 
تو پاڻيَء جي هڪ واري تان، 
آ پنهنجو سنڌي ڀاُء ڪُٺو“

هن تيز رفتار مواصلات واري دور ۾ غربت ۽ معاشي مسئلن کيس اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. کيس مهلت نه ملي ته هوُ انهن مسئلن مان آجو ٿي نڪري ها جتي هن جا همعصر شاعر پهچڻ جي جستجو ڪري رهيا آهن. ان ڪري هن جي شاعري پڙهندي لڳو ته هوُ سياسي جدوجهد واري ميدان بدران پنهنجي اندر جي دريءَ مان دنيا کي ڏسي رهيو هو. 

بهرحال، اسان جو هي دوست شاعر به انهن پکين جي وڳر ۾ شامل هو جيڪي شاعراڻي افق تي معمول جي اڏام تي هئا پر اوچتو هن جا پر سندس ساٿ نه ڏئي سگهيا ۽ هي پنهنجي تخليقي اڏام واري رستي تان ٿڙي هوائن ۾ وکري ويو. آئون سندس ئي لفظن ۾ کيس ياد ڪريان ٿو: 

”ڪنارن تي بيٺا رهيا سون اسان ۽، 
تصور اسان جو پرينءَ ڀر هليو ويو. 
جڏهن شهر جانا مٽيو ذوق پنهنجو، 
ٻه ٽي لڙڪ هاري سُخنور هليو ويو“.

غزل

---

اسان پيا جِني سان ڪريون محبتون،

اسان پيا جِني سان ڪريون محبتون،
اسان ڏي نه تِن جون وريون محبتون.

سدا سونهن جي ديوتائن اڳيان،
ڏيئا ٿي اسان جون ٻريون محبتون.

زماني ته آهن ڌڪاريون گهڻيون،
اسان جون نه ليڪن ٽريون محبتون.

سياڻپ نه سمجهي سگهيون سونهن جي،
اسان جون به آهن چريون محبتون.

جڏهن ڪنهن به مُرڪي اسان کي تڪيو،
اسان جي اکين ۾ تريون محبتون.

محبت کان خالي زماني ۾ ڇو..؟
اسان ۾ ئي قدرت ڀريون محبتون.
*

منهنجو ڪو ديوانو ناهي،

منهنجو ڪو ديوانو ناهي،
جُڙيل ڪو افسانو ناهي.

پاڻ هلان مان ٺاهي جوڙي،
اهڙو ڪو به بهانو ناهي.

هُن جي نيڻن مان جو پيتم،
ياد رهيو مئخانو ناهي.

درد سگهين تون منهنجو ماپي،
تو ڏي سو پئمانو ناهي.

خالي گهر ۾ تنها آهيان،
ڇا هي ڪو ويرانو ناهي؟

سُک وراڻيو ويندي مون کي،
تو سان ڪو يارانو ناهي.

گھاءُ به آخر ڀرجي ويندو،
گولي آ ڪو طعنو ناهي.
*

ڌڪاريئي دل منجهان آخر،

ڌڪاريئي دل منجهان آخر،
هُيس ڪعبي ۾ ڄڻ ڪافر.

اياڻو عشق هو منھنجو،
۽ تنهنجي سونهن آ شاطر.

محبت جنس آ تو لئه،
بڻيل تون پيار جو تاجر.

ڇڏيو مون لوڪ تو خاطر،
ڇڏيو تو لوڪ جي خاطر.

جمالا مون ته چاهيا پر،
بڻايئي درد جو ذاڪر.

ڏياريان ياد ڇا توکي،
وسارڻ جو به تون ماهر.

شهر بد ذوق ۾ سرور
سڏائي ڇا ڪندين شاعر؟
*

اسان کان بي خبر آهين،

اسان کان بي خبر آهين،
اسان کي ياد پر آهين.

حياتي آ وڌي ويندي،
جڏهن ايندو نظر آهين.

اسان آهيون هٿين خالي،
مهانگو تون وکر آهين.

گلن جهڙو سڄو آهين،
رڳي دل جو پٿر آهين.

لکان تو لاءِ ٿو ليڪن
ڪٿي پڙهندو اکر آهين؟
*

لنگهين جي ڀر مان نشا ٿي ويندا،

لنگهين جي ڀر مان نشا ٿي ويندا،
چپن تان گفتا خطا ٿي ويندا.

نظر جي سيڙپ ڪئي مون آهي،
ڏسين جي تون ڀي نفعا ٿي ويندا.

خموش جيون چڱو ٿي ويندو،
جي ٽهڪ تنهنجا عطا ٿي ويندا.

ڪيا سين قابو خيال جن تي،
ردي جي زينت پنا ٿي ويندا.

محبتن جو هٽيو جي پاڇو،
اشعار منهنجا ڇسا ٿي ويندا.
*

محبتون ڪندو رهيس،

محبتون ڪندو رهيس،
حماقتون ڪندو رهيس.

امير چاهه ۾ هُيس،
سخاوتون ڪندو رهيس.

اگهامجي وڃان ڪٿي،
عطاعتون ڪندو رهيس.

خطا به ڪا نه هئي مگر،
وضاحتون ڪندو رهيس.

ڪتاب درد ساڻ هو،
تلاوتون ڪندو رهيس.

اڪيلي پڻ سان دوستو،
رفاقتون ڪندو رهيس.

خزانا ياد جا هيم،
حفاظتون ڪندو رهيس.
*

دنياداري زور اسان کان،

دنياداري زور اسان کان،
اڄ جي ياري زور اسان کان.

گُمنائيءَ سان ياراڻو آ،
ناماچاري زور اسان کان.

طوفانن کي ڪهڙو روڪيون؟
مُٺ ۾ واري زور اسان کان.

اُڀ جا تارا ڳالهه پري جي،
هڪڙي ناري زور اسان کان.

ڪک پن ڪانا پنهنجا جهوپا،
مُند ملهاري زور اسان کان.

تير ۽ ڀالا ڪجهه ڀي ناهن،
اک جي آري زور اسان کان.

سرور ڪهڙا نانءُ ڳڻايون؟
دنيا ساري زور اسان کان.
* 

سمئه کي قيد ڪر ڪڏهن،

سمئه کي قيد ڪر ڪڏهن،
اکين ۾ سمنڊ ڀر ڪڏهن.

نظر ۾ شهر ٿو وسئي،
اندر جو جانچ بر ڪڏهن.

ڀتين جيان نه گهار تون،
وشالُ بڻج در ڪڏهن.

وجود هي ڳرو ڇڏي،
هوا ۾ جوڙ گهر ڪڏهن.

وٺي کان پوءِ ٿو اچين،
سُڪي ۾ آءُ ٿر ڪڏهن.

بُکن ۾ پاهه جسم سان،
خدا هلاءِ هر ڪڏهن.

سدائين سخت ٿو رهين،
نرم به ٿي ۽ ور ڪڏهن.

وهن ٿا چاهه وهڪرا،
حسين تون به تر ڪڏهن.
*

چپن تي مرڪ ڀي آهي اکين ۾ ڀي نمي آهي،

چپن تي مرڪ ڀي آهي اکين ۾ ڀي نمي آهي،
بل آخر درد ۾ ڳولهي اسان ورتي خوشي آهي.

اسان هون سونهن تان واريا، سان لئه پيار آ پوڄا،
محبت دين ٿا سمجهون، سڃاڻپ عاشقي آهي.

اسان جي دل گداگر آ، اوهان ڏي سونهن جي دولت،
ڏيو ڪي ديد جا سڪا اکين جهولي جهلي آهي.

رڙن ڀاڪر پيا منهنجا ڇُهڻ لئه اڱريون آيتون،
چپن کي ڀي سڪائيندي پرين تنهنجي چُمي آهي.

گهڙي پل ئي سهي ليڪن ملي مون کي ته ڄاتو مون،
محبت زندگي آهي محبت زندگي آهي.

ڪٿائون بهشت جون واعظ بکايل پيٽ ڇا ڄاڻي،
بکئي ماني جي ڀورن ۾ سندي جنت پسي آهي.

اکين تي بار هو جيڪو ٿيو اڄ نيٺ سو هلڪو،
سڀن سپنن ڪئي گڏجي اچانڪ خودڪشي آهي.

ڪوي گمنام آهيان مان، نه ڪوئي ميت آ منهنجو
کلي گڏ شاعري مون سان رني گڏ شاعري آهي.
*

ذهن ۾ شعوري ڏيئن کي جلايو،

ذهن ۾ شعوري ڏيئن کي جلايو،
انڌيرن کي هاڻي اندر مان ڀڄايو.

ڪتابن کي خالي نه گهر ۾ سجايو،
پڙهو پاڻ ڀي، ۽ ٻين کي پڙهايو.

ثقافت سڃاڻپ آ قومن جي سائين،
سڃاڻپ نه هر هر وڳن جان مٽايو.

لتاڙي ويون چنڊُ ڀي غير قومون،
اوهان پيا مئن جي دڙي کي پڏايو.

عمل جي به دنيا ۾ داخل ٿيو ڪو،
ٺلها يار نعرا نه هاڻي لڳايو.

سڄي سنڌ پاڇو پرين جو ته آهي.
قبيلن جا جهيڙا خدارا گهٽايو.
*

کڻي پاڻ سان ڄڻ ڊسمبر هليو ويو،

کڻي پاڻ سان ڄڻ ڊسمبر هليو ويو،
ڏيئي جون مون کي ستمگر هليو ويو.

عبادت ڪرڻ جو جڏهن شوق جاڳيو،
چريو من اسان جو سڄڻ در هليو ويو.

ڪنارن تي بيٺا رهيا سون اسان ۽،
تصور اسان جو پرئين ڀر هليو ويو.

دلين کي ڳنڍڻ لئه سڀ ڪجهه لٽائي،
ڀڳل دل کڻي اڄ تونگر هليو ويو.

پڪا گهر پراوا تڪيندي تڪيندي،
اسان جي هٿن مان ڪچو گهر هليو ويو.

جڏهن شهر جانا مٽيو ذوق پنهنجو،
ٻه ٽي لڙڪ هاري سخنور هليو ويو.
*

زماني هٿان مان سٽيل ٿو رهان،

زماني هٿان مان سٽيل ٿو رهان،
زماني کان تڏهن ڪٽيل ٿو رهان.

ڇٽي لوڻ ڪيڏو وتن يار ٿا،
پتو ڀي اٿن مان وڍيل ٿو رهان.

تحرڪ نه ماڻي حياتي سگهي،
رديءَ جي پنن جان سٿيل ٿو رهان.

نڪو حال منهنجو نڪو آئيندو،
ويل وقت سان بس ڳنڍيل ٿو رهان.

اندر جو نه واقف رهيو ڪو هتي،
بظاهر سڀن جو رٽيل ٿو رهان.

مزارن تي آهيان رکيل ڪو ڏيئو،
تڏهن ڏينهن جو ڀي ٻريل ٿو رهان.

خوشيءَ ۾ ته ناهن لکيا شعر هي،
عذابن ۾ اڪثر رچيل ٿو رهان.
*

جڏهن به اسان آ پسي آرسي،

جڏهن به اسان آ پسي آرسي،
اسان کي لڳي آ ڇسي آرسي.

زمان جي آڏو ڪئي سون اگر،
زماني هٿن مان کسي آرسي.

ٽڪيو عڪس منهنجو مٿس ڪو نه ڪو،
پرينءَ جي به دل آ لسي آرسي.

سُٺن کي هميشه وڻي آ مگر،
ڪَسن کي لڳي ٿي ڪسي آرسي.

اکين ۾ ڏسڻ جي نه طاقت رهي،
اسان تائين جڏهن رسي آرسي.
*

عاشقيءَ ڇا ڏنو؟

عاشقيءَ ڇا ڏنو؟
دلبريءَ ڇا ڏنو؟

چاهه مون کان وٺي
ڇوڪريءَ ڇا ڏنو؟

شڪ پيدا ٿيو،
دوستيءَ ڇا ڏنو؟

بس ڌڪارن سوا،
سادگيءَ ڇا ڏنو؟

خون پي ٿو چوي،
مئڪشي ڇا ڏنو؟

ڪم نظر سوچيو،
آرسيءَ ڇا ڏنو؟

زندگي ٿي پڇي،
زندگيءَ ڇا ڏنو؟

گهر ڪچي ٽوڪيم،
شاعريءَ ڇا ڏنو؟
*

پرين جي ياد جا پنچي اڱڻ دل تي لٿا آهن،

پرين جي ياد جا پنچي اڱڻ دل تي لٿا آهن،
اڏائڻ سان نٿا اڏرن اڏامڻ کان ڳرا آهن.

شفاءِ جهڙا سڄڻ سائين اوهان کان پو حياتيءَ ۾،
انڌيون راتيون ويون بڻجي سمورا ڏڻ جڏا آهن.

اسان جو من به آهي ڄڻ پيل ويران پٽن وانگي،
اچي لڏڙين جيان سورن جتي لاٿا لڏا آهن.

بظاهر عيد جو ڏڻ آ، پيو مرڪي ملي هر ڪو،
اندر سڀ جو پراڻو آ نوان خالي وڳا آهن.

سمئه جي ڀي مسيحا کان ورڻ مشڪل وڃن ٿيندا،
اهي جتي ڳاها اگهورن جا بنهه گهرا گهڻا آهن.؟

اسان کي پيار ۾ حاصل سڄي جاگير ۾ شامل،
ٻٽي خطڙا ڀڳل چوڙيون زنگيل ٿورا ڇلا آهن.

انڌن ماڻهن جي رستي ۾ کپايون آرسيون ويٺا،
تڏهن هر سمت کان سرور رڳو پٿر لڳا آهن.
*

هنن صدمن کي روڪي ڪو،

هنن صدمن کي روڪي ڪو،
سندم اُڌمن کي روڪي ڪو.

رکن ٽانڊا ٿا نيڻن ۾،
چرين سپنن کي روڪي ڪو.

ڪٿي ماضي نه پئي جاڳي،
مڌر نغمن کي روڪي ڪو.

ٽٽڻ کان روز چاهت ۾،
ڪچن قسمن کي روڪي ڪو.

سڙن ٿا ساهه ڀي هاڻي،
گرم جسمن کي روڪي ڪو.

مسين آيو پرين آهي،
اڙي لمحن کي روڪي ڪو.

وزن بحرن جي ڪوٽن سان،
پيو جذبن کي روڪي ڪو.
*

توکي چنتا تنهنجي گهر جي،

توکي چنتا تنهنجي گهر جي،
مون کي ڳڻتي ساري تر جي.

گوڙاڻوءَ تي ليکڪ وڪبا،
حيرت ۾ آ واري ٿر جي.

سپنا ڪهڙا سالم هوندس،
ڌيءَ لڳي ٿي پنهنجي ور جي.

منهنجو هيرو هاري آهي
عظمت ڄاڻان جنهن جي هر جي.

ڏي وٺ جي آ، هن جي دنيا،
چاهت ڪهڙي سوداگر جي.

اُڀ جا تارا ڪير گهري ٿو،
مون کي ڳولها پنهنجي در جي.
*

ڊوڙي ڊوڙي در تي آئي،

ڊوڙي ڊوڙي در تي آئي،
ليڪي دل ڪاڳر تي آئي.

ڪاڳر اڇلي مون ڏي ڀڻڪي،
دل آ تو جوڪر تي آئي.

پاڻي ڀي ٿيو پاڻي آهي،
ڇوري جو شاور تي آئي.

پئسن تي ئي پيار مليو آ،
محبوبا آرڊر تي آئي.

پنهنجن تي ڀي بار ٿيو آ،
پيري ڇا سرور تي آئي.
*

ڌيان ۾ آ ڌڪار تنهنجي،

ڌيان ۾ آ ڌڪار تنهنجي،
چپن تي ليڪن پچار تنهنجي.

گلن به تو کي مڃيو آ مرشد،
مريد آهي بهار تنهنجي.

چميءَ سان مون کي ڪيئي جو قرضي،
نٿي لهي سا اڌار تنهنجي.

حيات خرچي ڇڏي مون توتي،
تڏهن به مون ڏي ميار تنهنجي.

تڏهن به لھجن ۾ خار سانڍيل،
گلن ۾ نبري ڄمار تنهنجي.

پڌر ۾ اڇليل ”حسين“ آهي،
خلا ۾ جاري اڏار تنهنجي.
*

نظر انداز ٿيو آهيان،

نظر انداز ٿيو آهيان،
۽ بي انداز ٿيو آهيان.

پروڙي ڪونه ٿو ڪوئي،
لڳو ڄڻ راز ٿيو آهيان.

ڇُهن ڪي آڱريون مون کي،
وڄڻ لئه ساز ٿيو آهيان.

ٻُڌين ڇو ڪونه ٿي سانئڻ؟
چِٽو آواز ٿيو آهيان.

اچيِ پرچائي ڪو شايد،
تڏهن ناراض ٿيو آهيان.
*



صدين جي دردن ۾ ورتل اسان جي زندگي آهي،

صدين جي دردن ۾ ورتل اسان جي زندگي آهي،
نه مرڪون ڀوڳ ۽ چرچا نه ڪائي ڀي خوشي آهي.

نه چاهت جي ڪا چانڊوڪي اسان جي ڀاڳ ۾ آئي،
انڌيرا ئي رهيا حاوِي رُٺي ڄڻ روشني آهي.

ڪنواري جسم جي خوشبوءِ نه ساهن ۾ سمائي سين،
اکين اوتِي نه سندرتا ڪٿا دل جي ڇَسِي آهي.

نه ڪو پازيب جو ڇَمڪو نه چُوڙين جو ئي ڪو سرگم،
ڊِگھي ٿي ماٺ جي موسم سُڃي دل جي گهِٽي آهي.

ڏِٺاسين خواب جيڪي ڀي رهيا سي خواب ئي آخر،
اسان سان ساڀيائن ڀي ڪئي ڪيڏي ٺَڳي آهي.

نه ماڻِيوسين پرين ڪوئي نه ڪنهن جا ئي پرين ٿياسين،
اڙي او عشق آڏو تو ٿيو سرور لڄِي آهي.
*

جڏهن زلفون سنواري ٿي،

جڏهن زلفون سنواري ٿي،
رڳُن ۾ باهه ٻاري ٿي.

ونڊي ٿِي غير سان مرڪون،
ڦَٽَن تي لوڻ هاري ٿي.

بَچيا گولين منجهان جيڪي،
مِٺي مُرڪي سي ماري ٿي.

چَپَن تي مُرڪَ آڻي ٿي،
اکين سان پَر ڌِڪاري ٿي.

اِئين چاهي پئي مون کي،
لڳو ڄَڻُ رَسم پاري ٿي.
*

اسان خواب جوٽي نگاهُن جي هَرَ ۾،

اسان خواب جوٽي نگاهُن جي هَرَ ۾،
پيا دَردُ کيڙيون حقيقت جي تَرَ ۾.

ڏسِي نيڻ آلا پيو عشق مرڪِي،
چيائين ته آيو مَسين آهين وَرَ ۾.

اسان جو به جيئڻ ائين آ جَھان ۾،
پيو ٻاٻِيھو ڄَڻُ جِيئي پِياسي ٿَرَ ۾.

ڏسو رول بادل جيان ٿي ويا هُون،
لڀون ئي نٿا هاڻ پنهنجي ئي گھَرَ ۾.

اسان جي اکين ۾ سدا عَڪسَ جن جا،
ٽِڪياسين نه پل ڀي تِني جي نظر ۾.
*


رات چَوَن ٿا ڏياري هُئي،

رات چَوَن ٿا ڏياري هُئي،
جَرڪِي ڌرتي سارِي هُئي.

نِينگَرُ هر ڪو مُرڪيو پئي ۽
مَهِڪِي هر ڪا نارِي هُئي.

ائين لڳو ٿي ڌرتيءَ تي ڄڻ،
چنڊ چانڊوڪي هاري هُئي.

کير ۾ وَنهِتَلَ رات لڳِي ٿي،
رات جا پهرين ڪاري هُئي.

ننڍڙي ڏيئي پاڻ کي ٻاري،
ڪيڏي اُوندههِ ٽاري هُئي.

هِندُو مسلم هڪ ٿي ويٺا،
رات ته ڪيڏي پياري هُئي.
*

ڇڏيو تڪرار جا قصا،

ڇڏيو تڪرار جا قصا،
ونڊيو ڪي پيار جا قصا.

ڏِهاڙو پيار جو آهي،
هُجن دلدار جا قصا.

پَچارُون غَير جُون ڇا لئه؟
ٻڌايو يار جا قصا.

گُلَن جُون ڳالهڙيون اوريو،
ڇَڏي ڏيو خارَ جا قصا.

اَچو ڳالهين جي ٽيبل تي،
وساريو وار جا قصا.

اندر پنهنجو به جانچي ڪو،
رڳو سنسار جا قصا؟

بُکايل پيٽُ ڇا ڄاڻي،
لب و رخسار جا قصا.

اُتَم مهراڻ کان ناهن،
ڀلاري پار جا قصا.

رهن دنيا ۾ ٿا آخر،
ڀلي ڪردار جا قصا.

ڏِٺوسين پيار مان ڪنهن کي،
جُڙيا اخبار جا قصا.

پرينءَ جِي سوڀ جي خاطر،
بڻياسين هارَ جا قصا

لِکين ٿو شعر جي سرور،
لڳا بيڪار جا قصا.
*


وِساريل باب ٿي جانا،

وِساريل باب ٿي جانا،
وَياسين خواب ٿي جانا.

سَمَئِه جي شوخ نيڻن مان،
ڪِرياسين آبُ ٿي جانا.

رکين ٿي خار لهجي ۾،
ڪڏهن گلاب ٿي جانا.

اندر ۾ اوتيان توکي،
لڳين شراب ٿي جانا.

ڇڏيو جي تو ته جيون پو،
ويو عذاب ٿي جانا.

ملين جي تون ته جيئنداسين،
صفا نواب ٿي جانا.
*

اوهان کان ڌار آ جيون،

اوهان کان ڌار آ جيون،
سڄو بيڪار آ جيون.

ويو ٿي سمجهه کان ٻاهِر،
وڏو آزار آ جيون.

پيو ٿو پاڻ سان اُلجهان،
بڻيو تڪرار آ جيون.

ڪري پنهنجو نٿو ڪوئي،
نِڌڻڪو ٻار آ جيون.

نه چاهيندي به گهاريان پيو،
صفا لاچار آ جيون.

غريبي حال ۾ سرور،
لڳو اڄ گار آ جيون.
*

منهنجو آ دلدار انوکو،

منهنجو آ دلدار انوکو،
جنهن سان آهي پيار انوکو،

دنيا جا هِن کوڙ خفا پَرَ،
چاهت جو آزار انوکو.

تِيرَ تَرارُون ڪجهه ڀي ناهن،
نيڻن جو آ وار انوکو.

مئخاني ۾ واعظ آيو،
ظاهر ٿيو تڪرار انوکو.

آئون اڪيلو ڪيئن سنڀاليان؟
يادن جو هي بار انوکو.

شعر ته هر ڪو لکندو آ پَرَ،
سرور جو اظهار انوکو.
*

پنهنجا جڏهن اَنگَ مِلي پِيا،

پنهنجا جڏهن اَنگَ مِلي پِيا،
ساهَن کي ڄڻُ چَنگَ مِلي پِيا.

سارَ به تنهنجي هوليءَ جهڙي،
سوچن کي ڀي رنگَ ملي پيا.

نيڻن ۾ ڪي نانگَ رکين ٿي،
ڏيههَ سڄي کي ڏنگَ ملي پيا.

توسان جڏهن جيونُ واڳيُم،
جيئڻ جا ڪي ڍنگَ ملي پيا.

رولاڪيءَ کي ٿاڪُ مليو آ،
وارن جا جو ونگَ ملي پيا.

سرور هاڻي ڀٽڪڻ ڇا جو؟
منزل جا هِنِ دنگَ ملي پيا.
*

ٽوپي اجرڪ پٽڪي وارا جاڳيا آهن،

ٽوپي اجرڪ پٽڪي وارا جاڳيا آهن،
ڌرتيءَ تي ڄڻ چنڊ ستارا جاڳيا آهن.

بارش کان پو ٿر جي هاريءَ هرُ سنڀاريو،
واريءَ ۾ ڀي ٻنيون ٻارا جاڳيا آهن.

قِبلو پنهنجو هاڻ صحيح ڪر پيرَ وڏيرا،
هيمون هوشوءَ روپلي پارا جاڳيا آهن.

هاڻ نه سنڌي، سنڌيءَ جو ڪو ويري بڻبو،
وستيءَ واهڻ نينهن جا نعرا جاڳيا آهن.

شاههُ ڀٽائي واڌايون ٿو توکي ڏي اڄ،
سنڌڙي تنهنجا مارُو سارا جاڳيا آهن.

هاڻي نه ايندي تبديلي ٻيو ڪڏهن ايندي؟
پيٽ بُکيا هي ٻار اُڃارا جاڳيا آهن.
*

جِيوَن مُٺِ ۾ واري آهي،

جِيوَن مُٺِ ۾ واري آهي،
جيئڻ ليڪن جاري آهي.

گُلڙن پُٺيان ڊوڙي ڊوڙي
ڪنڊَن سان ٿي ياري آهي.

اُلجهي ڪيڏا نيڻ ويا هِن،
تو جا سينڌ سنواري آهي.

سائي جوڀن رات آ مون لئه،
رات جا توسان گھاري آهي.

توکي چاهي، پاڻيءَ ۾ ڄڻ!
ڪاغذ ٻيڙي تاري آهي.

توبه ته اوبر پاڻي سمجھي،
منهنجي چاهت هاري آهي
.
ٽارَي ٽارَي هيڻُو بڻيسُ،
تنهنجي سار سگھاري آهي.

واپس مون ڏي ڪانه وَري آ،
تو جا ننڊ اُڏارِي آهي.

توکان پوءِ تنهائِن ئي،
منهنجي ڪئي پوءِ واري آهي.

پيار جو پنڇو ڀٽڪي پِيو ٿو،
هر دِل ٽُٽَل ٽاري آهي.

تبديلي ڇا آڻيندو سو،
نَسُلي جو واپاري آهي.

ڀوتارن جي دنيا ۾ ڄڻ،
سرور قرضي هارِي آهي.
*






چَپن تي چپَن کي رکڻ ڏي اَسان کي،

چَپن تي چپَن کي رکڻ ڏي اَسان کي،
چپَن چاشَ ٿوري چَکَڻُ ڏي اَسان کي.

ڪنواري بدن جي آ خوشبو ئي پنهنجي،
پرين واسَ ٿورو وٺَڻُ ڏي اسان کي.

عبادت ڪرڻ جو وري شوق جاڳيو،
مِٺي پيرَ پنهنجا چُمَڻُ ڏي اسان کي.

شهر ۾ ته تنهنجي رهون پيا ٿا جانا،
ڪڏهن دل ۾ پنهنجي رهڻ ڏي اسان کي.

سدائين ته توکي ٿو پرچايان سانئڻ!
مگر اڄ ته ٿورو رُسَڻُ ڏي اسان کي.

حقيقت ۾ ته توکي نه ماڻي سگھياسين،
بچيا خواب آهن ڏسڻ ڏي اسان کي.

ونڊيون حال ڪهڙو؟ ڪندي دادُ ڪهڙو؟
سکِي دل ئي دل ۾ جلَڻُ ڏي اسان کي.

چَپَن سان ڪُڇَڻ تي جي بندش وجهين ٿي،
غزل گيتَ وايون لکڻ ڏي اسان کي.

زمانا سِڪايو تو مرڪڻ کان هر هر،
سندي حال تي اڄ کلڻ ڏي اسان کي.
*


او چنڊ جي چڪوري،

او چنڊ جي چڪوري،
او ڀاڳ جي صدوري.

نيڻن سان کاٽ هڻندي،
تو دل ڪئي آ چوري.

ڀئونرا ٿا پڇن تنهنجو،
رابيل جهڙي ڇوري.

پيرن کي چمان تنهنجي،
مون لاءِ تون سڳوري.
.
دل چيز آهي ڪهڙي،
مون جان تو تان گهوري.
.
سمجهين نٿي تون چاهت،
ڪيڏي آن دل جي ڀوري.

سرور جو نانءُ لکجان،
دل تنهنجي آ جي ڪوري.
*

اسان جي نيڻن ۾ خواب ڪيئي،

اسان جي نيڻن ۾ خواب ڪيئي،
مچائي ويٺا عذاب ڪيئي.

ذهين ڪيڏو صنم آ منهنجو،
سوال هڪڙو جواب ڪيئي.

هتي ته ڀئونرا ضرور ايندا،
ٽڙيل جو آهن گلاب ڪيئي.

سگھي نه چهرو پڙهي اسان جو،
پڙهي ٿي جيڪا ڪتاب ڪيئي.

سمئه جو اونهو سمونڊ آهي،
ٻڏي ويا جنهن ۾ شباب ڪيئي.

گناهه هاڻي ڪرڻ ڏيو ڪو،
ڪمايا آهن ثواب ڪيئي.
*

اسان جي دل تي نيڻن سان ٿيو اهڙو ته وار آهي،

اسان جي دل تي نيڻن سان ٿيو اهڙو ته وار آهي،
رهي ٿي جاڳ نيڻن ۾ ويو کسجي قرار آهي.

رڳي مون تي ته ناهن ٿيون نهارون يار جون حاوي،
صنم جي شوخ نيڻن جو هتي هر ڪو شڪار آهي.

پرين جي چاهه جا ڏانوڻ ذهن دل کي پيل آهن،
رهيو پنهنجي ئي جيون تي نه ڪو ئي اختيار آهي.

سڏي ڀر ۾ وهاري هُو اها ئي آس آهي پر،
لڳي ٿو ڀاڳ ۾ پنهنجي نه ٻانهن جو ڪو هار آهي.

شڪايت ڇو ڪريون ڪنهنجي، سڄو آ ڏوهه نيڻن جو،
اڙيا هِن جاءِ اهڙيءَ تي وفا جو جِت ڏُڪار آهي.

محبت جو قدر جنهن کي ٽڪي جو ڀي نه آ سرور،
هٺيلي يار اهڙي تي نه پنهنجي ڪا ميار آهي.
*.

جڏهن ڀي شام ٿيندي آ، صنم جي سار ايندي آ،

جڏهن ڀي شام ٿيندي آ، صنم جي سار ايندي آ،
گلابن سان ڪٺي جيڪا کڻي ڪي خار ايندي آ.

ملهاري مُندَ جو چرچو هُلي آ ڳوٺ ۾ ويندو،
جڏهن سانئڻ ڪري آجا سڳين کان وار ايندي آ.

چپن تي ماٺ جي موسم اکين ۾ چاهه جي چُرُ پُرُ،
سمائي پاڻ ۾ ڪيڏا سکي اسرار ايندي آ.

هٺيلي چالَ سانئڻ جي مٿان سهڪار جوڀن جو،
نهارن سان ڪري گهايل سوين ڪنڌار ايندي آ.

گھڻو ٿيو وقت جو منهنجي مٺي ٻانهن ۾ آئي هئي،
اڃان ڀي پاڻ مان هُن جي مون کي مهڪار ايندي آ.

هجي بازي ڀلي ڪهڙي، ڪسو پَر ڀاڳُ آهي جو،
اسان جي ئي ته حصي ۾ هميشه هار ايندي آ.
*

سارَ جا پنڇي ڀٽڪن پيا ٿا،

سارَ جا پنڇي ڀٽڪن پيا ٿا،
ناهي ڪو آکيرو تن جو.

يادون ڀي ڪي جوڳين جهڙيون،
ٿاڪُ نه ڪوئي ديرو تن جو.

تو ها ارپيا پيار جا لمحا،
ڪونه لڌو اڄ پيرو تن جو.

خواب ٿيا جي مِٽِيءَ ڀيڙا،
پاندُ ويو ٿي ميرو تن جو.

دردن جي ٿي دل آ مون سان،
روز وڌي پيو گهيرو تن جو.
*



دغا جي شهر ۾ وفائون ٿيون ڀٽڪن،

دغا جي شهر ۾ وفائون ٿيون ڀٽڪن،
مسافر ته هليا ويا صدائون ٿيون ڀٽڪن.

جڏهن کان جھليو عشق جو پاند آهي،
اڳيان منهنجي هر پل سزائون ٿيون ڀٽڪن.

اسان بند نيڻن کي آخر ڪريون ڪيئن،
جوانيءَ جي اُڀَ تي ادائون ٿيون ڀٽڪن.

ويا دلبريءَ جا زمانا به نبري،
صنم جي گھٽيءَ ۾ جفائون ٿيون ڀٽڪن.

ٻُڌائڻ، ٻُڌَڻ جي هتي ريت ناهي،
دلين جي ئي اندر ڪٿائون ٿيون ڀٽڪن.

جتي ڀي ڏيئي جي وڌي جوت آهي،
اُتي ئي ته سرور هوائون ٿيون ڀٽڪن.
*


ڏور ٿيندو ٿو وڃين ڇو دلربا، آهي ته خير؟

ڏور ٿيندو ٿو وڃين ڇو دلربا، آهي ته خير؟
بي سبب پيو ٿو وڌائين فاصلا، آهي ته خير؟

روز پيو ايندو هئين ۽ پيار ڀي ڏيندو هئين،
بند ٿيندا ٿا وڃن سي سلسلا، آهي ته خير؟

ناز نخرا ڀي سهان تنهجا پيو مان هر گهڙي،
پوءِ ڀي آهين خفا او دادلا، آهي ته خير؟

پيار جا هي معاملا هِن پاڻ ٻن جي درميان،
پيو ڪرائين لوڪَ کان هي فيصلا، آهي ته خير؟

ساههُ ٿَمُ توسان سلهاڙيل ڄاڻ ٿئي پر پوءِ ڀي،
يار ڏاڍا ڏينهن لاتئي ڇو ڀلا، آهي ته خير؟

ساٿ هي سارا ڀُلائي پل گھڙيءَ ۾ جانِ من،
غير سان پيو ٿو وڌائين واسطا، آهي ته خير؟

پاڻ ئي ٽوڙي وئين تون نينهن جو ناتو پرين،
اڄُ وريو آهين اڱڻ او بي وفا، آهي ته خير؟

پيار جي پرچار ڀي ٿو تون ڪرين هر هر پرين،
پيار جا ٽوڙين پيو خود قائدا، آهي ته خير؟
*

دل ۾ ڄمائي ديرو ويٺي غميءَ جي موسم،

دل ۾ ڄمائي ديرو ويٺي غميءَ جي موسم،
ڪو خواب ٿي لڳي ڄڻ هاڻي خوشيءَ جي موسم.

مُرڪن بجاءِ اڪثر آليون اکيون رهن ٿيون،
آئي نه راس مون کي ير عاشقيءَ جي موسم.

هر ڏينهن ڀي ته قيدي گھر ۾ بڻيل رهي ٿو،
۽ رات جو رهي ٿي آوارگيءَ جي موسم.

منهنجو ته هوش سارو دلبر کڻي هليو ويو،
جيون ۾ ڪاهي آئي ديوانگيءَ جي موسم.

سانوڻ جي ساعتن ۾ منظر ڀِنا سمورا،
دل ۾ اڃا به جاري آ تشنگيءَ جي موسم.

جنهن کي ڏسڻ جي لاءِ چَرِيَن جيان ڊُڪان ٿو،
اُن جي اکين ۾ هر پل آ بي رخيءَ جي موسم.

جوڀن تي ايڏو بانوَر جاني نه تو جڳاءِ،
مهمان آهي تو وٽ هي دلڪشيءَ جي موسم.

رستن گهٽين گھرن تي آ وحشتن جو واسو،
وئي ديس مان لڏي ڄڻ آ دلبريءَ جي موسم.

ڌاريا مِلِنِ جا مالڪَ بڻجي ويا هتي پر،
پنهنجن جي گھر ۾ قائم آ مفلسيءَ جي موسم.

هڙ معدني وسيلن هوندي به ديس ۾ ڇو؟
بيروزگاري بک ۽ آ بيوسيءَ جي موسم.
*

ڇو وڏيري رئيس ۽ ڀوتار جون ڳالهيون ڪريون،

ڇو وڏيري رئيس ۽ ڀوتار جون ڳالهيون ڪريون،
ڇو نه ڪنهن مسڪين ۽ لاچار جون ڳالهيون ڪريون.

وقت جي سرڪار جي ساراهه کان آهي ڀلو،
هيمون هوشوءَ روپلي ڪنڌار جون ڳالهيون ڪريون.

زلفَ ڪارا نيڻ ناسي ڳِلَ ڳاڙها ڀي چڱا پَرَ،
پاڻ سوريءَ قيد ۽ ٿا دار جون ڳالهيون ڪريون.

جن اسان جي عزتن سان خوب هو کلواڙ ڪِيو،
حيف آ تن ساڻ پيا سهڪار جون ڳالهيون ڪريون !

تون ته پنهنجي ذات تائين ٿي وئين محدود پَرَ،
پاڻ ٿا واڪي وڏي سنسار جون ڳالهيون ڪريون.

محبتن جي نانءُ تي جو ٿي پيو تخليق آ،
آ ته ڪچري تي پيل ان ٻار جون ڳالهيون ڪريون.

تون ڀلي ساراهه پيو پرفيوم پئرس جا پرين،
پاڻ مِٽِيءَ جي پيا مهڪار جون ڳالهيون ڪريون،

ٿي نڌڻڪو پيو مري هر دور ۾ جيڪو هتي،
ڪو ڏَسي ڪنهن ساڻ اُنَ فنڪار جون ڳالهيون ڪريون.

چنڊَ تي دنيا وڃين آهي پُڳي پر دوستو،
پاڻ پيا بس يار جي ديدار جون ڳالهيون ڪريون؟

ڪو ٻُڌيئي ڪونه پيو دل ساڻ سرور جي ڪٿا،
ڄڻُ اسان پيا بس ائين بيڪار جون ڳالهيون ڪريون.
*

جاڳ ٿي پئي ڪَٺن ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟

جاڳ ٿي پئي ڪَٺن ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟
خواب ٿيا بي ڪفن ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟

بي وَڙَن سان وڃي نيڻ منهنجا اڙيا،
ڀورا ڀورا ٿيو مَنُ ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟

دِل ته سُندَر آ پر دل ڏسي ڪير ٿو؟
هرڪو جانچي ٿو تَنُ ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟

ڀئونر ڀٽڪن پيا در بدر بربلون،
ڪنهن ته ڀيليو چمن ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟

لائون جنهن سان لڌَئي پيءُ جيڏو هئس،
اُڃَ ۾ ٿس بدن ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟

گند جي ڍيرَ تي ٻار مرندو ڏسي،
روئي ڀُڻڪيو گَگَنُ ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟

روڊ رستا گھٽيون وحشتون وحشتون،
سوچ ۾ آ ذهن ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟
*

ڪنهن کي ويٺو ساري ڪوئي،

ڪنهن کي ويٺو ساري ڪوئي،
نيرَ پيو ٿو هاري ڪوئي.

سَپنن جون ڪي ٻيڙيون ٺاهي،
نيڻن ۾ پيو تاري ڪوئي.

پٿر دل وارن جي خاطر،
پاڻ کي ويٺو ڳاري ڪوئي.

هوڏي ماڻهن اڳيان ويهي،
جذبن کي پيو ماري ڪوئي.

خالي گھر ۾ تنها گھاري،
ڏونگر پيو ڄڻ ڏاري ڪوئي.

سُورن جو هيراڪ ويو ٿي،
خوشين کي پيو ٽاري ڪوئي.

دل جون ڳالهيون چنڊ سان اوري،
دل کي ٿو ڄڻ ٺاري ڪوئي.

نيٺ ته ايندو موٽي سرور،
آس ڏيئا پيو ٻاري ڪوئي.
*

چاهه نه ڪڏهن آڻي ٿي،

چاهه نه ڪڏهن آڻي ٿي،
گھاءَ ڏيڻ ئي ڄاڻي ٿي.

مُرڪ نه ڪڏهن آڇي ٿي،
اکڙيون ئي بس تاڻي ٿي.

پاڻُ نه ڪڏهن ايندي آهي،
پنهنجي ياد اُماڻي ٿي.

پيار ڪرڻ ڀي ڪينَ ٿي ڄاڻي،
پيار کي جا واکاڻي ٿي.

منهنجو چينُ ڦُرائي سانئڻ،
چينُ ڪو شايد ماڻي ٿي.

پيار گھڙيون وٺُ ماڻي سرور،
جيون لاٽَ اُجهاڻي ٿي.
*

وري نيڻ ڪنهن سان ملائي مان ويٺسُ،

وري نيڻ ڪنهن سان ملائي مان ويٺسُ،
وري آس ڪوڙي لڳائي مان ويٺسُ.

وري ڪنهن جي نيڻن جي جادوگريءَ ۾،
اچي پاڻ يارو ڦُرائي مان ويٺسُ.

وري نيڻ موڙي حقيقت کان پَل ۾،
منجھنِ خواب ڪيئي سجائي مان ويٺسُ.

وري مانُ ڪنهن جو وڌائڻ جي خاطر،
سڄو پنهجو رتِبو ڀُلائي مان ويٺسُ.

وري پيار خاطر وري چاهه خاطر،
نوان درد ڪيئي پرائي مان ويٺسُ.
*


پَسِي پهريون دفعو توکي، چڙهيا جيڪي هُيا سانئڻ،

پَسِي پهريون دفعو توکي، چڙهيا جيڪي هُيا سانئڻ،
اڃان ڀي منهنجي نيڻن ۾ اُهي ساڳيا خمار آهن.

آهي منزل به ساڳي ۽ اَهيون ٻئي آشنا پو ڀي ،
ڇني رستا ڪيا ڇالئه، مِٺي مون کان تو ڌار آهن.

وڇوڙا پيار ۾ ايڏا، پرين واجب نه تو آهن،
سِگھو وَرُ ماٺِ جا پيالا، ويا ٿي يار تار آهن.

سِلو هي پيار ۾ تنهنجي، مليو مون کي آ جانِ من،
چريو سمجھي پٺيان منهنجي، پيل پاڙي جا ٻار آهن.

سُڻِي دل جي ڪٿا يارو، کِليو هڪڙو ته ناهي ڪو،
تمنائن جي وستيءَ ۾ تماشائي هزار آهن.

ڇڏڻ هاڻي سِگھو گھُرجي، حَسينن جي ته وستيءَ کي،
ويا مَٽِجي محبت جا هتي سرور معيار آهن.
*

جڏهن مَچَ يادن جا يارو مچن ٿا،

جڏهن مَچَ يادن جا يارو مچن ٿا،
قدم مئڪدي ڏي کڄي پو وڃن ٿا.

رڳي مان نه ويندو اَهيان مئڪدي ڏي،
سڀئي سونهن ماريا اُتي ئي اچن ٿا.

ويل وقت جون ڄڻ هڙون ڪي کُلَن ٿيون،
جڏهن دور مئه جا سوايا هلن ٿا.

ڪٿا دل جي هر ڪو ٻڌائي جڏهن ٿو،
تڏهن راز ڪيئي پراڻا کُلن ٿا.

ڪري ياد چالون حَسينن جون يارو،
ڪي ڳوڙها ٿا ڳاڙِن ته ڪيئي کِلن ٿا.

ائين دل کي هلڪو ڪري مئڪدي ۾،
سڀئي باکَ ويلي گھرن ڏي ورن ٿا.
*

ورهايل محبتون تنهنجون،

ورهايل محبتون تنهنجون،
گھڻن سان صحبتون تنهنجون.

مُنجھائي يار ٿيون مارِنِ،
عجب هي عادتون تنهنجون.

بڻيون آڪاش جو تارو،
اسان لئه چاهتون تنهنجون.

خزانه ڪونه ٿا گھرجن،
کپن ڪي ساعتون تنهنجون.

اڙي او سونهن جي ديوِي،
ڪِٿي هِن نعمتون تنهنجون؟

ونڊي وڃ پيار پو جاني
اکين تي تهمتون تنهنجون.
*

سونهن جي دِيوِيءَ مٿان سينگار ٿيندو ٿو وڃي،

سونهن جي دِيوِيءَ مٿان سينگار ٿيندو ٿو وڃي،
وار هڪڙي جي مٿان ٻيو وار ٿيندو ٿو وڃي.

سونهن جا دنيا سڄيءَ ۾ روپ هِن ڪيڏا مگر،
هي انوکو دوستو ديدار ٿيندو ٿو وڃي.

قربَ جي ڪاني پيل ڪا يار جي نيڻن ۾ آ،
هو ته تڪيندو ٿو وڃي ۽ پيار ٿيندو ٿو وڃي.

ڇا اها ئي پيار جي جادوگري آ دوستو،
رُوح جو ڇڙواڳ هو لاچار ٿيندو ٿو وڃي.

دل جڏهن کان يار جي مصروف ٿي آ پيار ۾،
فعل ٻيو مون لاءِ بس بيڪار ٿيندو ٿو وڃي.

گل جيان ٽڙندو وتي کلندو وتي جو لوڪ سان،
منهنجي لاءِ ڇو الائي خار ٿيندو ٿو وڃي.

جاڳ کي پاسي رکو پر خواب ۾ ڀي دوستو،
ڇو الائي ڏور مون کان يار ٿيندو ٿو وڃي.

راضپي راڻل جي لاءِ پيو ڪريان ڪوشش گھڻي،
موٽ ۾ پر ساڳيو انڪار ٿيندو ٿو وڃي.

ڪجھ ڏيڻ ۽ ڪجھ وٺڻ جي ڳالهه ٿو هر هر ڪري،
پيار ڀي دلدار لئه واپار ٿيندو ٿو وڃي.

يار کان ٿي ڏور سرور زندگيءَ جو هر پهر،
دار ڏي ويندڙ ڪوئي ورهوار ٿيندو ٿو وڃي.
*

ڇيڙ نه تون تڪرار جون ڳالهيون،

ڇيڙ نه تون تڪرار جون ڳالهيون،
ساجن ڪر ڪي پيار جون ڳالهيون
.
مون سان ڪر تون پنهنجون ڳالهيون،
پاسي ڪر سنسار جون ڳالهيون.

دنيا داري ٿيندي پئي تون،
دل جي ڪر واپار جون ڳالهيون.

گلڙن جهڙا ماڻهو تو وٽ،
ڪاٿئون آيون خار جون ڳالهيون.

هر ڪو چاهي عيش پيو ماڻڻ،
ڪو به نه ڄاڻي دار جون ڳالهيون.

سڀ کي ڪيڏيون وڻنديون آهن،
پنهنجي پنهنجي يار جون ڳالهيون.

تون ڪيئن سمجهين محلن وارا؟
پيٽ بکايل ٻار جون ڳالهيون.

پنهنجي پير تي پاڻ ڪيو مون،
اوريان ڪيئن تنهن وار جون ڳالهيون.

ڪير ٻُڌي ٿو دل سان سرور
دل جي هتِ بيمار جون ڳالهيون.
*







ڏُکي زندگي آ،

ڏُکي زندگي آ،
رُٺي هر خوشي آ.

حُسن هوڏ ماڻي،
لُڇي عاشقي آ.

گليمر دنيا ۾
مُٺي سادگي آ.

کٽو زر ته پلَ ۾،
ٽُٽِي دوستي آ.

پُڄاڻا پرينءَ جي،
وڌي بي وسي آ.

بنا يار سرور،
ڇسي شاعري آ.
*

تنهنجون پياريون اکيون،

تنهنجون پياريون اکيون،
سونهن واريون اکيون.

گھُورَ گھايل ڪيو،
ڄڻ ڪٽاريون اکيون.

جام توکان گھريم،
تو ڏيکاريون اکيون.

تنهنجي جلوَنِ مٺا،
منهنجون کاريون اکيون.

مان به سُندَر لڳان،
ڏي اڌاريون اکيون.

”تون اچين ٿو“ ٻُڌي،
مون اُجاريون اکيون.

تنهنجي قدمن ۾ رکي،
مون ته ٺاريون اکيون.

شل سلامت رهن،
تنهنجون ڪاريون اکيون.
*

ملي جا اوهان کي شبابن جي دنيا،

ملي جا اوهان کي شبابن جي دنيا،
جڙي ڄڻ اسان لئه عذابن جي دنيا.

ٻين سان کلي پيا ملو ۽ هلو پر،
اسان لئه رکو ٿا حجابن جي دنيا!

ملو ڀلِ نه سائين حقيقي دنيا ۾،
اسان لئه ته ڪافي آ خوابن جي دنيا.

جڏهن کان چڙهيو آ نشو نينهن جو،
لڳي بي اثر ٿي شرابن جي دنيا.

اُهي ساٿ سارا سلامت نه رهندا،
جُڙي ٿي جِنين ۾ حسابن جي دنيا.

وسي نيٽ ڪيفي ويا هر گھٽيءَ ۾،
ٿي ويران آهي ڪتابن جي دنيا.

گذارِن ٿا جيڪي رڍن جان حياتي،
ڪندي ڇا تنين کي رَبابن جي دنيا.
*

اچانڪ ڪا ناري ٿري ياد آئي،

اچانڪ ڪا ناري ٿري ياد آئي،
وساريم گھڻو پر وري ياد آئي.

ذهن دل معطر ويا ٿي اسان جا،
سڳنڌ جي سمنڊ مان تري ياد آئي.

نهارڻ سان مرڪي کسي دل کڻي وئي،
صنم جي سا جادوگري ياد آئي.

لياڪا ٿي پاتا سکيءَ جنهن مان هر هر،
سان چئونري جي ننڍڙي دَري ياد آئي.

گھڙيون جي گذاريم مِٺيءَ سان ڀِٽُن تي،
گھڙين تن جي اڄ دلبري ياد آئي
.
وڇوڙي جو سرور سبب ڳولهيم جي،
چريئي چنڊ جي مخبري ياد آئي.
*

جيون ڪنهن سان پيار جو نالو،

جيون ڪنهن سان پيار جو نالو،
جيون سُرهِي سار جو نالو.

سامهونءَ وارو پنهنجو آ جي،
جيت به آ پو هارَ جو نالو.

پرديسيءَ سان پيار ٿئي جي،
پيار به آ سو دارَ جو نالو.

دل آ ڇِرڪَ ڀريندي جڏهن،
ڪير کڻي ٿو يار جو نالو.

سمجھائڻ سان ڪانه ٿي سمجهي،
دل آ ضدي ٻار جو نالو.

عشق تون چرچو ڀانءِ نه سائين،
عشق اٿئي ايثار جو نالو.

سرور کي بس پيار ٿو گھرجي،
پيار ته آ سنسار جو نالو.
*

تنهنجي هر هڪ ادا،

تنهنجي هر هڪ ادا،
طلسِمِي آ مِٺا،

تنهنجي آمد سبب،
مهڪي ساري فضا.

رُوپُ تنهنجو ڏسي،
ياد آيو خدا.

نيڻ تنهنجا صنم،
ڄڻ ڪي ڀالا تِکا.

وئي ملهاري لڳي،
زلفَ ڇوڙيئي وڏا.

جي نه گولين مُئا،
سي تو مُرڪِي ڪُٺا.

تو ڏٺو پيار مان،
ٿَڪَ سارا لٿا.

تون سراپا حُسُن،
آئون عاشق صفا.

آءُ جوڙيون ٻئي،
قُربَ جي ڪا ڪٿا.
*

عذاب گھر آ اسان جو جِيون،

عذاب گھر آ اسان جو جِيون،
نسورو ٿر آ اسان جو جِيون.

نهاري هر ڪو ڦٽو ڪري ويو،
ڪَسو وکَر آ اسان جو جِيون.

نه جنهن جي معنيٰ ڪٿي لڀي ٿي،
اهو اکر اسان جو جيون.

سگھياسين ڪنهن جي نه اُڃَ اجهائي،
ڪسارو جِيون آ اسان جو جِيون.

ڇڏي خدا کي ٿا ماڻهو پوڄيون،
سڄو ڪفر آ اسان جو جِيون.

اسان جو هوندي اسان جو ناهي،
عجيب تر آ اسان جو جِيون.

فنا ٿي پَل ۾ وجود ويندو،
مثل ڪڪر آ اسان جو جيون.
*

اداس ڏينهڙا اداس راتيون،

اداس ڏينهڙا اداس راتيون،
وهن ٿيون دل تي غمن جون ڪاتيون.

نه خط نياپو نه ڪو اسان لئه،
درن مان پائي ٿو ڪوئي جھاتيون.

اڪيلي پڻ ڀي ڪيو آ پاڳل،
ڪريون پيا ٿا ڀِتن سان باتيون.

ملڻ پري پر فقط صنم کي،
ڏسڻ لئه آهن اکيون هي آتيون.

نه ايندو ڪوئي تڏهن به سرور،
امُيدون آهن اندر ۾ تاتيون.
*

خوشين جو يارو ڏڪار آهي،

خوشين جو يارو ڏڪار آهي،
غمن جو هر ڪو شڪار آهي.

سرءُ جي موسم اندر ۾ سڀ جي،
نه ڪنهن جي من ۾ بهار آهي.

اسان جا سپنا حَسين ليڪِن،
حقيقتن کي بخار آهي.

سُڪي پيو ٿو اسان جو سنڌو،
چناب ليڪن چِڪار آهي.

جو پنهنجي تَر جي گھري بقا ٿو،
چون ٿا سو ئي غدار آهي.

۽ سنڌ کي جو لُٽي رهيو آ،
بُلند ان جو وقار آهي.
*

آس ڪا نراس ٿي،

آس ڪا نراس ٿي،
هر گھڙي اداس ٿي.

ساهه ۾ لٿو نه ڪو،
موتئي جو واسُ ٿي.

روز ٿو ته جوڙيان،
زندگي نه راس ٿي.

چنڊُ هو رُسي ويو،
ساهِڙي اماس ٿي.

درد آ نِماءَ ۾،
تون رڳو شناس ٿي.
*

ڪويل کان مٺو تنهنجو آواز ٿو لڳي،

ڪويل کان مٺو تنهنجو آواز ٿو لڳي،
ٽهڪن ۾ سندُءِ شامل ڪو ساز ٿو لڳي.

جنهن ڏي ٿو نهارين سو بڻجيو وڃي پهڻ،
نيڻن ۾ لڪيل تنهنجي ڪو راز ٿو لڳي.

دل کي ته ڇُهڻ وارا ملندا هزار پَرَ،
تنهنجو ته ڪو انوکو انداز ٿو لڳي.

جنهن ويلَ ٿو وارين تون وائي ڪا وڃڻ جي،
ڄڻ روح سندم ٿيندي پرواز ٿو لڳي.

ٿي سال ويا آهن تنهنجي ته ساٿ کي،
سرور کي مگر اڄ ڀي آغاز ٿو لڳي.
*

عجب زندگيءَ کي رنگن ۾ ڏٺو مون،

عجب زندگيءَ کي رنگن ۾ ڏٺو مون،
ڏکيو ڪو ۽ ڪوئي سکن ۾ ڏٺو مون.

چتيون ڪن جا چولا هميشه رهيا ۽،
نَوَن روز ڪِن کي وڳن ۾ ڏٺو مون.

ڪو مالڪ ملين جو ڪو عهدي وڏي تي،
ڪو روزيءَ لئه دردر ڌِڪن ۾ ڏٺو مون.

ڪو بنگلن ۾ ڄميو ۽ بنگلن ۾ پليو،
ڪو جيون ڪٽيندي ڪکن ۾ ڏٺو مون.

بُکئي پيٽ راتيون رهيو جاڳندو ڪو،
ڪو ڍاوَل ننڊن جي مزن ۾ ڏٺو مون.

جو ڳالهيون ڪري ٿو سنڌوءَ جي حقن جون،
اهو دشمنن جي صفن ۾ ڏٺو مون.

هي سسٽم سماجي به مٽجي وڃي شل،
اهو خواب آهي اکين ۾ ڏٺو مون.
*

ڳنڍي نينهن ناتو ڇنڻ ڪونه آيو،

ڳنڍي نينهن ناتو ڇنڻ ڪونه آيو،
اسان کي اوهان کان رُسَڻ ڪونه آيو.

اسان ڏي هُيو جو ڏنوسين اوهان کي،
ڪڏهن پَر اوهان کان وٺڻ ڪونه آيو.

اوهان در هميشه جهڪايو آ سِرَ کي،
ڪڏهن ڀلجي در ٻئي جهڪڻ ڪونه آيو.

غلامي آ نيڻن قبولي اوهان جي،
اوهان کي ڇڏي ٻيو ڏسڻ ڪونه آيو.

اوهان ناهيو جنهن ۾ اسان ساڻ شامل،
سو نيڻن کي سپنُو لڀڻ ڪونه آيو.

اوهان تي ئي سرور لکيو آ غزل هي،
ڪريون ڇا ٻين تي لکڻ ڪونه آيو.
*

هٿن مان تون هٿڙا ڇڏائي هليو وئين،

هٿن مان تون هٿڙا ڇڏائي هليو وئين،
اسان کي ته راڻل رُلائي هليو وئين.

اسان نانءُ تنهنجي ڪيو آ هي جِيون،
مگر غيرَ جو تون سڏائي هليو وئين.

اسان سان ڪيا تو وچن جي وفا جا،
سمورا سي جاني ڀُلائي هليو وئين.

سبب ڇا هيو تو ڪيا ڇو ڪِنارا،
بِنا تون اسان کي ٻُڌائي هليو وئين.

هُئي آس توکي جا پائڻ جي سرور،
مٽيءَ ۾ ته اُنَ کي مِلائي هليو وئين.
*


حَسينن جي چنچل ادائن آ ماريو،

حَسينن جي چنچل ادائن آ ماريو،
مِثل تيرَ قاتل نگاهن آ ماريو.

کِلي جو ملي ٿو سو پنهنجو ٿي سمجهي،
چَريءَ دل جي اهڙين خطائن آ ماريو.

ستارن جو مولا ڪري ٿو نه ليکا،
زماني جي ليڪِن خدائن آ ماريو.

پياري زهر ۽ چَوَن ٿا جيئڻ لئه،
عجب دلبرن جي سزائن آ ماريو.

ڏجي ڏوه ڪهڙو ٿا سهڻن کي سوچيون،
اسان کي ته پنهنجين وفائن آ ماريو.
*

نيٺ ته توکان وِسري ويندس،

نيٺ ته توکان وِسري ويندس،
تنهنجي دل تان اُتري ويندس.

تنهنجي دل جي ڀَربي مون مان،
سوچ مان تنهنجي نڪري ويندس.

ٿاڪهُ نه تو وٽ منهنجو رهندو،
پنڇي ٿي پو اُڏري ويندس.

نازڪ آهي منهنجي ڪايا،
هٿ ڪڍيئي جي وکري ويندس.

زهر حياتي جيڪر ڀائين،
تو لئه بڻجي مصري ويندس.

سرور ڀٽڪيل آهيان ليڪن،
تون جي چاهين سُڌري ويندس.
*

مورَ جيان پئي ٽِلي ڇوڪِري ڳوٺ جي،

مورَ جيان پئي ٽِلي ڇوڪِري ڳوٺ جي،
پنهنجي منهن ٿي کِلي ڇوڪِري ڳوٺ جي.

دل ۾ جِيڪي اٿس ڳالهڙيون مِيت جون،
پئي هوا سان سَلي ڇوڪِري ڳوٺ جي.

وقت جي لام ۾ آس جي پينگههَ کي،
بس ٻڌيو پئي جھُلي ڇوڪِري ڳوٺ جي.

ڏور هوندي به ٿي پنهنجي دلدار سان،
منجهه خوابن مِلي ڇوڪِري ڳوٺ جي.

لوڪَ ساري کان ٿي بي خبر پِيار جي،
راهه تي پئي هَلي ڇوڪِري ڳوٺ جي.
*

ٿئي ها ڀلو جي هُو مون کي ملي ها،

ٿئي ها ڀلو جي هُو مون کي ملي ها،
سفر زندگيءَ جي ۾ گڏجي هَلي ها.

اَجهو هن جي آمد سان مهڪي پئي ها،
مثل مورَ منهنجي اڱڻ تي ٽِلي ها.

جا گذري بنا هن ٻڌايان ها هن کي،
اندر پنهنجو هو ڀي ته مون سان سَلي ها.

نڀائي ها ناتو هُو هر حال ۾ پيو،
روئي ها هُو گڏجي ۽ گڏجي کِلي ها
.
ذهن دل ۾ هُن جي فقط مان هُجان ها،
زماني ٻئي کان سندي دِل پَلي ها.

هُجي ها نصيبن ۾ منهنجي اگر هُو،
نه اکڙيون پُسَن ها نه ئي دل جَلي ها.
*

راهه ۾ تنهنجي رُلندا آهيون،

راهه ۾ تنهنجي رُلندا آهيون،
توکي ڏِسي پو ٽِلندا آهيون.

دِل ۾ دردن ديرا هوندي،
مُرڪي توسان ملندا آهيون.

راحت ارپي توکي راڻَل ،
پاڻ پيا بس جلندا آهيون.

پيار جِي بڻجِي تنهنجي اور،
هيرَ ڪا ٿڌڙي گھُلندا آهيون.

ائين سدا پيو هلبو توسان،
اڄڪلهه جيئن هلندا آهيون.
*

مون کي لڳا جي پيارا ماڻهو،

مون کي لڳا جي پيارا ماڻهو،
مَن جا ها سي ڪارا ماڻهو.

مون پئي سمجهيو منهنجا آهن،
غير هُيا پر سارا ماڻهو.

پئسو ئي ٿو گھرجي سڀ کي،
ڪونه کپن دل وارا ماڻهو.

تِن ئي آلا نيڻ ڪيا اڄ،
نيڻن جا جي تارا ماڻهو.

سُور سليون به ته ڪنهن سان سرور،
سڀ جا سڀ ڏکارا ماڻهو.
*

طرحي غزل

طرحي غزل

تو مٿان ئي ته يار مرڻو آ،
ھا ائين ئي ته هاڻ جيئڻو آ.

ذھن منهنجي ۾ ٿو رهين هر پل،
ذھن تنھنجي ۾ هاڻ رهڻو آ.

سوچي لفظن جو وار ڪر سائين،
لفظ واپس ڪڏهن نه ورڻو آ.

حد دخلي وجود ٿي ويو آ.
ٿو لڳي اڄ سڀاڻ ڊھڻو آ.

ٿو لڳان ديپ ڪو مزارن جو،
مونکي شب روز ئي ته ٻرڻو آ.

عشق ڪاون سندو ته رستو آ،
شرط پيرين اگھاڙي هلڻو آ.

پنهنجي ڌرتيءَ مٿان به ويڳاڻو،
ڏينھن اهڙو به ھاڻ ڏسڻو آ.
*

مان پنھنجو پاڻ پيو ڳولھيان،

مان پنھنجو پاڻ پيو ڳولھيان،
سندو اھڃاڻ پيو ڳولھيان.

لڀان ئي ڪونه ٿو آئون،
گھڻو دل ساڻ پيو ڳولھيان.

ڇنڊي سڀني خوشيون ورتيون،
مان تن جو ڇاڻ پيو ڳولھيان.

کٽولو واڻجي دل جو،
وفا جو واڻ پيو ڳولھيان.

وڃايم ٻارپڻ جاتي،
اهو ئي ڀاڻ پيو ڳولھيان.

سمنڊ پائي پيو مون کي،
مٺو مھراڻ پيو ڳولھيان.
*

طرحي غزل

طرحي غزل

سونهن جا ظاهر جتي ڪعبا ٿيا،
عشق جا هر هر اتي سجدا ٿيا.

مرڪ هڪڙي ڇا ڏنئي او ڇوڪري،
لال ساري لوڪ جا چهرا ٿيا .

چاهه تنهنجي جون پناهون جي کسيون،
مهربان پو درد جا پاڇا ٿيا.

لوڪ شاطر هو الاءِ مان چريو؟
روز مونسان ايترا دوکا ٿيا.

مون ڪيو تحرير پنهنجو درد هو،
لوڪ لئه تخليق بس نغما ٿيا.

حال سرور جو نه ڪو ڄاڻي پيو،
شهر وارا ڪيترا سادا ٿيا...!
*

مَتارن کان پري آهيون،

مَتارن کان پري آهيون،
خُمارن کان پري آهيون.

پڌَر تي پنڌُ آ پنهنجو،
ستارن کان پري آهيون.

چُميءَ جو موهه ڇا ڄاڻون،
پيارن کان پري آهيون.

حياتي آ ڀڳل ٻيڙي،
ڪنارن کان پري آهيون.

رهون ٿا هيڪلا اڪثر،
سهارن کان پري آهيون.

لڳون ٿا کوههَ جا ڏيڏر،
نظارن کان پري آهيون.

ٻُڌايون حال ڇا سرور،
سُڌارڻ کان پري آهيون.
*

ماٺِ ٿي ماري وجهي ڪو گنگنايو دوستو،

ماٺِ ٿي ماري وجهي ڪو گنگنايو دوستو،
دردَ ڀي جهومي اُٿن سو گيت ڳايو دوستو.

نير هارڻ سان ڪڏهن ڪي مسئلا ٿيندا نه حل،
غم گهٽائڻ لاءِ ٿورو مسڪرايو دوستو.

دانَ ۾ جيڪي ملن سي چاهتون ناهنِ سڄڻ،
سينَ دردر چاهه جي ڇو ٿا لڳايو دوستو.

چند مرڪن جي پٺيان ٿا دل اچو ڏيئي ڪٿي،
ملهه دل جو ايترو ڇو ٿا گهٽايو دوستو.

عشق آهي ولولو ڪو عشق آهي جستجو،
عشق جي ناهي ته آهي سڀ اجايو دوستو.

رنج پالي دل اندر ۽ گڏ هلڻ کان آ ڀلو،
ٽهڪَ ڏيئي دوستن کان موڪلايو دوستو.
*

احساس آ،

احساس آ،
هُو خاص آ.

مان خاڪ هو،
الماس آ.

رابيل جو،
هُو واس آ.

هر هر ٽُٽو،
وشواس آ.

مَن درد جو،
اتهاس آ.

جيون سڄو،
بڪواس آ.
*

جيون مُٺ ۾ واري آهي،

جيون مُٺ ۾ واري آهي،
جيئڻ ليڪن جاري آهي.

گُلڙن پٺيان ڊوڙي ڊوڙي،
ڪنڊن سان ٿي ياري آهي.

اُلجهي ڪيڏا نيڻ ويا هن،
تو جا سينڌ سنواري آهي.

سائي جوڀن رات آ مون لئه،
رات جا توسان گهاري آهي.

توکي چاهي پاڻيءَ ۾ ڄڻ،
ڪاغذ ٻيڙي تاري آهي.

تو به ته اوبر پاڻي سمجهي،
چاهت منهنجي هاري آهي.

ٽاري ٽاري هيڻو بڻيُس،
تنهنجي سار سگهاري آهي.

واپس مون ڏي ڪانه وري آ،
تو جا ننڊ اُڏاري آهي.

پيار جو پنڇي ڀٽڪي پيو ٿو،
هر دل ٽٽل ٽاري آهي.

ڀوتارن جي دنيا ۾ ڄڻ،
سرور قرضي هاري آهي.
*

نوان درد پل پل سهي ٿو چريو،

نوان درد پل پل سهي ٿو چريو،
مگر ٽهڪ ڏيندو رهي ٿو چريو.

ڌِڪارُن جي بارش مٿس ڇا پئي،
ڪچي گهر جيان ڏِس ڊهي ٿو چريو.

عجب ساڻُ هر ڪو تڪي کيس ٿو،
لڳو ڄڻ ته اُڀ مان لهي ٿو چريو.

ايامن پُڄاڻا ڏُٺئين آرسي،
سندس عڪس کان ڀي ٽهي ٿو چريو.

مُسلسل اڪيلو اڪيلو رهي،
سياڻو به آخر ٺهي ٿو چريو.
*

هتي اظهار ٿيو پوڙهو،

هتي اظهار ٿيو پوڙهو،
هُتي انڪار ٿيو پوڙهو.

جوانيءَ کان اڳيئي آ،
اسان جو پيار ٿيو پوڙهو.

گُلن جو مختصر جوڀَن،
مگر نه خار ٿيو پوڙهو.

لَڌو حل ڪو نهَ ڪو سائين،
وڃِي تڪرار ٿيو پوڙهو.

ٿياسين پاڻُ پوڙها پر،
نه دل جو ٻارُ ٿيو پوڙهو.

تڏهن مڃتا مِلي هُن کي،
جڏهن فنڪار ٿيو پوڙهو.

ڇَسائي شعر ۾ ڇلڪي،
خيالِ يار ٿيو پوڙهو!
*

هِنن صدمن کي روڪي ڪو،

هِنن صدمن کي روڪي ڪو،
سندم اُڌمن کي روڪي ڪو.

رَکَن ٽانڊا ٿا نيڻن ۾،
چرين سپنن کي روڪي ڪو.

ڪٿي ماضي نه پئي جاڳي،
مَڌر نغمن کي روڪي ڪو.

ٽُٽَڻ کان روز چاهت ۾،
ڪَچن قَسَمن کي روڪي ڪو.

سڙن ٿا ساههَ ڀي هاڻي،
گرم جسمن کي روڪي ڪو.

مَسين آيو پرين آهي،
اڙي لمحن کي روڪي ڪو.

وزن بحرن جي ڪوٽَن سان،
پيو جذبن کي روڪي ڪو.
*

پيدا ٿيو وري،

پيدا ٿيو وري،
احساس ڪمتري.

عاقل جهان ۾،
ڦاٿي آ دل چري.

مون کي ڇڏي ويو،
جنهن جي به دل ڀري.

هو پيار پيرسن،
آخر ويو مري.

دل درد ۾ ٻُڏي،
پو ڪا نه ڪا تري.

موُڙي حيات جي،
بس ياد جي ڀري.

سرور جي زندگي،
در در گداگري.
*

پنهنجو ناهي ڪو گهر سائين،

پنهنجو ناهي ڪو گهر سائين،
ڀٽڪيو آهيان در در سائين.

دنيا ميلو تنهن ۾ آئون،
تنها تنها اڪثر سائين.

چوٽن پٺيان چوٽ لڳي آ،
ڄڻ ڪو آهيان پٿر سائين.

تو کي سجدو يار ڪيو مون،
تو ئي ڪوٺيو ڪافي سائين.

نيٺ ته ايندين بارش بڻجي،
آسي دل جو آڳر سائين.
*

ورهايل محبتون تنهنجون،

ورهايل محبتون تنهنجون،
گھڻن سان صحبتون تنهنجون.

مُنجهائي يار ٿيون مارن،
عجب هي عادتون تنهنجون.

بڻيون آڪاش جو تارو،
اسان لئه چاهتون تنهنجون.

خزانا ڪونه ٿا گهرجن،
کپن ڪي ساعتون تنهنجون.

اڙي او سونهن جي ديوي،
ڪٿي هن نعمتون تنهنجون.

ونڊي وڃ پيار پوءِ جاني،
اکين تي تهمتون تنهنجون.
*

آس ڪا نرِاس ٿي،

آس ڪا نرِاس ٿي،
هر گهڙي اداس ٿي.

ساهه ۾ لٿو نه ڪو،
موتئي جو واس ٿي.

روز ٿو ته جوڙيان،
زندگيءَ نه راس ٿي.

چنڊ هو رُسي ويو.
ساهڙي اماس ٿي.

درد آ نماءُ ۾،
تون رُڳو شُناس ٿي.
*

اسان سهڪار جا عادي،

اسان سهڪار جا عادي،
اوهان تڪرار جا عادي.

لڪايو ڇو پيا چهرو،
اسان ديدار جا عادي.

نه گهرجي جام ڪو سائين،
اسان تو يار جا عادي.

نٿا ويڙهاند ڄاڻون ڪا،
اسان بس پيار جا عادي.

اوهان جي سوڀ جا خاطر،
بڻياسون هار جا عادي.

ڇسي آ شاعري ليڪن،
اسان اظهار جا عادي.
*

پنهنجا جڏهن انگ ملي پيا،

پنهنجا جڏهن انگ ملي پيا،
ساهن کي ڄڻ چنگ ملي پيا.

سار به تنهنجي هوليءَ جهڙي،
سوچن کي ڀي رنگ ملي پيا.

نيڻن ۾ ڪي نانگ رکين ٿي،
ڏيهه سڄي کي ڏنگ ملي پيا.

توسان جڏهن جيون واڳيم،
جيئڻ جا ڪي ڍنگ ملي پيا.

رولاڪيءَ کي ٿاڪ مليو آ،
وارن جا جو ونگ ملي پيا.

سرور هاڻي ڀٽڪڻ ڇا جو،
منزل جا هن دنگ ملي پيا.
*

نظر انداز ٿيو آهيان،

نظر انداز ٿيو آهيان،
۽ بي انداز ٿيو آهيان.

پرُوڙي ڪونه ٿو ڪوئي،
لڳو ڄڻ راز ٿيو آهيان!

ڇُهن ڪي انڱريون مونکي،
وڄڻ لئه ساز ٿيو آهيان.

ٻڌين ڇو ڪو نه ٿي سانئڻ؟
چِٽو آواز ٿيو آهيان.

اچي پرچائي ڪو شايد،
تڏهن ناراض ٿيو آهيان.
*

سر مست رهي دل،

سر مست رهي دل،
بي ضبط رهي دل.

تنهنجي ئي تاتِ ۾،
هر وقت رهي دل.

محبت نه ڏني تو،
ڪم بخت رهي دل.

تنهنجي به اسان لئه،
ڇو سخت رهي دل؟

دردن جي ديس ۾،
بي انت رهي دل.

تو کان پو لوڪ سان،
بي ربطه رهي دل.
*

لنگهي وئي ڄمار ڪا،

لنگهي وئي ڄمار ڪا،
لڌي نه تو سنڀار ڪا.

سڏي سڏي ٿڪي پيس،
ٻڌي نه تو پڪار ڪا.

ڏيڻ ته ٽهڪ چاهيم،
ڪري اکين مان لار ڪا.

ڪٽي سون زندگي ائين،
ڀڳل پرن اڏار ڪا.

سُڪل پنن جو ڍير مان،
ڪندي به ڇا بهار ڪا؟

حسين لاءِ لوڪ ۾،
نه منتظر نهار ڪا.
*

منهنجو آ دلدار انوکو،

منهنجو آ دلدار انوکو،
جنهن سان آهي پيار انوکو.

دنيا جا هِن کوڙ خفا پر،
چاهت جو آزار انوکو.

تير ترارون ڪجهه ڀي ناهن،
نيڻن جو آ وار انوکو.

مئخاني ۾ واعظ آيو،
ظاهر ٿيو تڪرار انوکو.

آئون اڪيلو ڪيئن سنڀاليان؟
يادن جو هي بار انوکو.

شعر ته هر ڪو لکندو آ پر،
سرور جو اظهار انوکو.
*

حجابي حسن آ تنهنجو،

حجابي حسن آ تنهنجو،
اسان جو عشق اوطاقي.

اڃايل زندگي منهنجي،
اچو بڻجي ڪڏهن ساقي.

زميني ويڄ بي معنيٰ
اسان جو درد آفاقي.

اسان جي عمر ساديءَ سان،
ڪري پيو وقت چالاڪي.

ملي جي تون وڃين هيڪر،
اسان کي ڇا کپي باقي.
*

کلي پيو جناب ڄڻ،

کلي پيو جناب ڄڻ،
ٽڙي پيو جناب ڄڻ.

نهار سان خمار ٿيا،
اکيون سندس شراب ڄڻ.

چمڻ لاءِ دل چوي پئي،
هو پاڪ آ ڪتاب ڄڻ.

۽ چال جو به شان ڏس،
اچي پيو نواب ڄڻ.

ڏنائين ٽهڪ اوچتو،
ڇڙي پيو رباب ڄڻ.

ڪتاب ڪائنات ۾،
هو سونهن جو آ باب ڄڻ.

غزل لکي پرينءَ مٿان،
کٽيو اٿم ثواب ڄڻ.
*

صدين جي درد ۾ ورتل اسانجي زندگي آهي،

صدين جي درد ۾ ورتل اسانجي زندگي آهي،
نه مرڪون ڀوڳ ۽ چرچا نه ڪائي به خوشي آهي.

نه چاهت جي ڪا چانڊوڪي اسان جي ڀاڳ ۾ آئي،
انڌيرا ئي رهيا حاوي رٺي ڄڻ روشني آهي.

ڪنواري جسم جي خوشبوءَ نه ساهن ۾ سمائي سين،
اکين اوتي نه سندرتا ڪٿا دل جي ڇسي آهي.

نڪا پازيب جي ڇم ڇم نه چوڙين جوئي ڪو سرگم،
ڊگهي ٿي ماٺ جي موسم سنجي دل جي گهٽي آهي.

ڏٺا سين خواب جيڪي به رهيا خواب آخر،
اسان سان ساڀيائن به ڪئي ڪيڏي ٺڳي آهي.

نه ماڻيوسين پرين ڪوئي نه ڪنهن جا ئي پرين ٿياسين،
اڙي او عشق آڏو تو ٿيو سرور لڄي آهي.
*

محبتن جي اثر ۾ آھيون،

محبتن جي اثر ۾ آھيون،
زماني ڀر جي نظر ۾ آھيون.

اسان جو ھاڻي ڌڻي ٿئي ڪو،
ازل کان اُڇليل پڌر ۾ آھيون.

لڀون به آخر ڪٿان ته سائين؟
وڃايان پنھنجي ئي گھر ۾ آھيون.

اچڻ جو چوندو جڏھن به آھين،
ٽنگيندا نيڻن کي در ۾ آھيون.

ھلي به ساري ڪٺي ٿي دُنيا،
تڏھن به تنھا اندر ۾ آھيون.

ملي نه منزل اسان کي ڪائي،
صدين کان سرور سفر ۾ آھيون

نظم

---

او سنڌي تنهنجي حال مٿان،

او سنڌي تنهنجي حال مٿان،
مان روئان يا حيران ٿيان.
تو پاڻيءَ جي هڪ واري تان،
آ پنهنجو سنڌي ڀاءُ ڪُٺو.
هڪ سنڌياڻي بيواهه ڪيئي،
۽ پوڙهي پيءُ جي چيلهه ڀَڳئي.
۽ جيجل ماءُ جو نور کسيئي،
بس پاڻيءَ جي هڪ واري تان،
او مورک ايڏو ڪِيسُ ڪيئي!
۽ ڦڙتيءَ سان ان حرڪت کي،
تو مڙسيءَ جو آ نانءُ ڏنو.
پر هيڏانهن تنهنجي سنڌوءَ کي،
ڏِس غيرن آهي بند ڪيو،
سا ڄاڻ آ توکي پوري پر،
تو هيٺ آ پنهنجو ڪنڌ ڪيو.
اڄ پوڙهو ساڳيو چيلهه ڀڳل،
سا سنڌياڻي بيواهه بڻيل،
۽ نور وڃايل سا جيجل،
ٿا توکان هڪڙي ڳالهه پُڇَن،
هُو پاڻيءَ جو هڪُ وارو هو،
هي سنڌو درياءُ سارو آ،
پوءِ ڪاڏي تنهنجي عزت وئي؟
۽ ڪاڏي تنهنجي غيرت وئي؟
ڏس ڪاڏي تنهنجي ڦڙتي وئي؟
اڄ ڪاڏي تنهنجي مڙسي وئي؟
*

سوچيو هُيم،

سوچيو هُيم،
جدائيءَ جو هي جاري سفر،
ڪٿي ته ٿيندو ختم،
ڪٿي ته منهنجا صنم،
محبت جا ميلا ٿيندا،
اُداس زندگيءَ جا،
سُرها ڪي ويلا ٿيندا،
چوڏِسائن ۾ رونقون اينديون،
خوشين جون ڪي بارشون ٿينديون،
مگر منهنجي پياري،
سندم سوچ ساري،
رونگ ٿيندي ٿو ڏسان،
قسمت جو پاڻ سان،
ڀوڳ ٿيندي ٿو ڏِسان.
توکي پائڻ لاءِ،
ڪيل ڪوششون سڀ،
ناڪام ٿينديون وڃن،
تو تائين پهچڻ واريون،
راهون سڀ،
جامِ ٿينديون وڃن،
افسوس اي منهنجا مَنَ،
ڪيل ماضيءَ ۾ توسان وچن،
نه پاري سگھيس مان،
ريتن ۽ رسمن جا اونچا ڪوٽَ،
نه ڳاري سگهيس مان.
*

تون ڪهڙو قومي ليڊر آهين؟

تون ڪهڙو قومي ليڊر آهين؟
تون ڪهڙو سنڌي ليڊر آهين؟
هي ويرِين جون ناپاڪ نگاهون،
ديسَ تي پنهنجي ڪَن پيون ڪاهون،
هي ماروئڙن جون آهون دانهون،
ڄاڻي ٿي اڻ ڄاڻ تِنين کان،
ننڊَ پَڪيءَ ۾ ستل آهين،
ها غيرن وٽ تون کتل آهين،
تو سنڌين جا احساس ۽ جذبا،
ڪيش ڪرائي ايجنسين وٽ،
بس پنهنجو گھر ئي ڀريو آ،
اڙي تون ته وڏو ڪو چيٽر آهين،
تون ڪهڙو قومي ليڊر آهين؟
هُت پنجَ ئي درياء کائين اوٿل،
هِت هڪڙو سنڌو پو به سُڪل؟
هي ڪوئلي کاڻون، گئس ذخيرا،
۽ تيل جا ڀريل کوههَ سمورا،
جي سنڌ امڙ جي ڇاتيءَ ۾ هِن،
پرَ اِبنِ سنڌ جي هٿ ۾ ناهن،
بس غيرَ پيا ٿا تن مان کائن،
۽ پنهنجا بيوس پيا واجهائن،
هي دانهين به ته ڪنهن در دانهين؟
جي ٿا تنهنجي در دانهين،
سکڻا کين دِلاسا ڏين ٿو،
شينهن جيان گجگوڙ ڪري ڪا،
جوشيلي تقرير ڪرين ٿو،
ڇاتيءَ تي ٻئي هٿ هڻي ۽،
هيڏانهن هوڏانهن ٻانهون لوڏي،
همت جو ناٽڪ تون ڪرين ٿو،
پر سچ اهو آ حق اهو آ،
اڄ ڀي غيرن اڳيان تون گدڙ آهين،
تون ڪهڙو قومي ليڊر آهين؟
هي سادا سودا سنڌي ماڻهو،
جي ٿي ويا تنهنجي ڪردار کان ڄاڻو،
ته به ڪينَ ڪي توکي چوندا ڪجهه،
پر ياد اها تون ڳالهه ڪري ڇڏ،
سي ئي اچانڪ ماري ڇڏيندئي،
جن جي اڄ ڪلهه انڊر آهين،
تون ڪهڙو قومي ليڊر آهين؟
*

هر روز ٿو وڪامي

هر روز ٿو وڪامي
تنهنجو ته جسم ڇوري،
مالڪ مگر نه هن جو
اڄ تائين ٿي سگهيو ڪو.

اکڙين منجهان ٿو تنھنجي
جو جام ڇلڪي اڪثر،
پيئندڙ به ڪيترا پر
قطرو نه پي سگهيو ڪو.

اُهڃاڻ زندگيءَ جا،
تو ۾ ڏسان ٿو سارا،
تنهنجي سهاري ليڪن
پل ڀي نه جي سگهيو ڪو.

هي سرد جسم تنهنجو
هر ڪو پيو لتاڙي،
پر روح ۾ نه تنهنجي
اندر لهي سگهيو ڪو.
*

منھنجي ننڊ،

منھنجي ننڊ،
سپنن جا ڪچا ٻار،
ڪيرائيندي ٿي رهي،
۽ آئون انهن کي،
دفنائيندو ٿو رهان
*

خاموشيءَ کي ختم ڪجي،

خاموشيءَ کي ختم ڪجي،
ٽھڪ نه سهي،
سڏڪا ئي سهي.
*

ڪالھ آئون

ڪالھ آئون
پاڻ تي ڏاڍو کليو هوس،
ائين لڳو ڄڻ،
ڪنھن پاڳل سان مليو هوس،
ها ڪالھ مون
پراڻي پيتيءَ مان،
هن جا خط ڪڍي پڙھيا هيا.
*

شاعر جي تنھائي

شاعر جي تنھائي
لفظن جا ٻار ڄڻيندي آ،
ڪي ڪوجھا،
ته ڪي موچارا
ڪي ڪجھ وقت لاءِ جيئرا رھندا آھن،
ته ڪن کي موت ئي ناھي ايندو.
*

تو ڪڏھن

تو ڪڏھن
پکين جا ٽھڪ ٻُڌا آھن ؟
يا وڻن جي اڪيلائي
محسوس ڪئي اٿئي؟
۽ ڪڏھن
بارش ۾
ڪچن گهرن جا لڙڪ
ڏٺا اٿئي؟
اگر نه
ته پوءِ
تون شاعر ناهين !!!!
*

مزدور

مزدور

اڄ
شھر جي ڪجھ
اميرن پاران
منھنجو ڏينھن
ملھايو ويو،
مون
ويٽر طور شرڪت ڪئي!!!!
*

اڪثر ماڻھو هڪ جيون ۾

اڪثر ماڻھو هڪ جيون ۾
انيڪ محبتون ڪندا آھن،
۽ ڀرپور ڪندا آھن،
پر آئون ته تنهنجي ڪجھ مرڪن
۽ هڪ اڌ نهار تي مشتمل محبت سان
اڃا تائين ڳنڍيو پيو آھيان.
*

تخليقڪار

تخليقڪار

تون وڏو تخليقڪار،
انسان پر پتڪڙو،
تنهنجي حساسيت محدود،
تنهنجي تخليقن تائين.
عملي طور تون پٿر آھين
تنهنجن دوستن جي نظر
تنهنجن ڊگهن هٿن تائين،
جيڪي توکي پوزيون ڏيئي
پڌر کان خلا ۾ کڻي ويا آُھن
جتي تون بنھ هلڪو ٿي ويو آھين.
توکي ڪرسي ۽ عهدي لاء وڙھندو ڏسي
کل ٿي اچي
اڄ تون تخليقڪار نه پر
تخريبڪار پيو لڳين
ايندڙ وقت توکي ڪهڙي خاني ۾ رکندو؟
تون ان کان بي خبر آھين.
*

ڪِرِيل روپ

ڪِرِيل روپ

حالتن جي
حرامپائيءَ سبب،
دوستي ياري
سرسنگيت ۽ شاعريءَ کان پري
ڇسو جيون گهاريان پيو.
ڳڻتي اٿم ته بس پيٽ گذر جي،
سوچيان ٿو فقط گهر ڀاتين لئہ.
حياتيءَ جو هي ڪِريل روپ
مٽبو به الائي نه!
چئبو آ جنهن کي جيئڻ،
سو جيئندس به الائي نه!!!

پيار ڪٿا

پيار ڪٿا

مون جڏھن به
پنهنجي پيار ڪٿا تي
سوچيو آ،
مون کي پنهنجي
پيار ڪٿا ۾
لفظ ”پيار“
اضافي لڳو آ.
*

روز

روز
ڪچري جي ڍِڳن تان
ڪجھ خواب لڀندو آھيان
۽ روز
ڪچري جي ڍڳن تي
پنهنجا خواب
اڇلي ڇڏيندو آھيان
* 

نئين ڪويِتا

نئين ڪويِتا

مون ساهميءَ جي هڪ پُڙ ۾
پنهنجي جدوجهد
پنهنجا اصول
پنهنجو ضمير رکيو،
ساهميءَ جي ٻئي پُڙ ۾ ھنن
پنجين اسڪيل واري سرڪاري ملازمت
جي آرڊر ڪاپي رکي ڇڏي
آرڊر ڪاپيءَ وارو پُڙ ڳرو ٿي هيٺ ڪريو
منهنجي جدوجهد، اصولن ۽ ضمير وارو پُڙ
ڦاهي کاڌل سرد وجود جيان مٿي هوا ۾ لڏندو رهيو.
*

نظم

نظم

سياڻا چوَن ٿا
مون کي
شاعر سڏرائڻ جو
ڪو حق ناهي
ڇو جو
آئون پنهنجا احساس
عروض جي ساهميءَ ۾
تورڻ نٿو ڄاڻان...!
*

اسان

اسان
هٿين خالي ماڻهو ته
محبتن جي مجموعي مان،
ڪجهه محبتون چورائي
پنهنجي نانءُ به نه ڪري سگهياسين.
محبتن جا
سمورا حق ۽ واسطا،
پئسي وارن ماڻهن وٽ ئي محفوظ رهيا.
*

مائيڪرو نظم

مائيڪرو نظم

منهنجو مَنڙو
پينو ٻار
سونهن اوهان
جي ڄڻ ڪو
سڪو..!
*

مائيڪرو نظم

مائيڪرو نظم

اسان محدود
تو تائين،
مگر
سڀني جو
تون سائين..!
*

آزاد نظم

آزاد نظم

مان خواب ڪو
تنهنجي نيڻن جو
تو نيڻ پٽيا
مان اڏري ويس
مان رنگ ڪچو
اُن پوتيءَ جو
جا ڌوتي تو
۽ وکري ويس.
*

آزاد خيال

آزاد خيال

او وڏا شاعر
مون تنھنجي ھر خيال تي
بيھي واھ واھ ڪئي آ
تون پر وٺي اُن جو فائدو
منھنجي ھر سوچ کي
نظر انداز ڪري
اڳيان نڪري ٿو وڃين.
*

تنھنجي جوڀن جي

تنھنجي جوڀن جي
تار درياءَ ۾
منھنجون اکيون
ڪري پيون آھن
ھن ڌرياھ ۾
لاٿ ايندي ئي
آئون موٽي ايندس
پنھنجون اکيون لڀڻ.
*

وضاحتن جي

وضاحتن جي
ور چڙھيل
محبتون
ننڍي ڄمار ۾ ئي
مري وينديون آھن.
*

اظھار سان

اظھار سان
محبتن کي
معنيٰ ملندي آھي
لڪ ۾ ته
ڏوھ ڪيا ويندا آھن.
* 

مون ۾ ۽ تو ۾

مون ۾ ۽ تو ۾
بس اهو آ فرق
تون اڻ ملهو آهين
۽ آئون
بي ملهو آهيان
*

فيس بوڪ

فيس بوڪ
اها بازار آ جنهن ۾
منهنجي احساسن جو اگھ
ھميشه ڪِريل ئي رهندو آ.
*

نثري احساس

نثري احساس

پوري سال کانپوءِ ظاھرٿي
روايت موجب مون لاءِ ھڪ جملو
"جنم ڏينھن جو واڌايون"
انباڪس ۾ اڇلائي
غائب ٿي وئين
۽ آئون ھميشه جيان
پوري سال لاءِ انباڪس تائين
محدود ٿي ويس.
*

چئوسٽا

---

دل لڳي ٿي ڪرين،

دل لڳي ٿي ڪرين،
تون ٺڳي ٿي ڪرين،
عاشقن لاءِ دل،
چؤدڳي ٿي ڪرين.
*

جڏهن ڀي اوهان سان مِليا نيڻ آهن،

جڏهن ڀي اوهان سان مِليا نيڻ آهن،
خوشيءَ ۾ اسان جا کِليا نيڻ آهن،
پَسي ٿَن ڪا نيڻن اوهان جي ۾ چاهت،
يا شايد اسان جا ڀُليا نيڻ آهن.
*

اکين ۾ رهو ٿا اکين جو قسم آ،

اکين ۾ رهو ٿا اکين جو قسم آ،
اوهان کي ته چاهِڻ پرين پنهنجو ڪم آ.
اسان جي ته چاهت جو جاني سفر بس،
اوهان کان شروع ۽ اوهان تي ختم آ.
*

جڏهن کان اوهان کان ڇِنا يار آهيون،

جڏهن کان اوهان کان ڇِنا يار آهيون،
قسم ساڻ ڏاڍا رُنا يار آهيون.
کڻي سونهن جِيوَن مان ساري هليو وئين،
ٿِيا ڏِسُ ته ڪيڏا ڪِنا يار آهيون.
*

*

جِيون تنهنجي نانءُ ڪيو مون،

جِيون تنهنجي نانءُ ڪيو مون،
تن من تنهنجي نانءُ ڪيو مون.
منهنجي جهولَ آ خالي سائين،
سڀ ڌن تنهنجي نانءُ ڪيو مون.
*

وسارڻ جي چاهين وِساري سگهين ٿي،

وسارڻ جي چاهين وِساري سگهين ٿي،
مٺي پنهنجي دل مان ڌڪاري سگهين ٿي.
اسان جي نه بندش لڳل آهي توتي،
وڻئي جنهن سان گڏ تون گُذاري سگهين ٿي.
*

درد ڏيڻ آ جنهن جي فطرت،

درد ڏيڻ آ جنهن جي فطرت،
سو ڇا ڄاڻي پيار جي حُرمت.
سندر چهرو دل آ پٿر،
واهه ڙي مولا تنهنجي قدرت.
*

چپڙن تي جو چَپ رکيائين،

چپڙن تي جو چَپ رکيائين،
ساهن سان ٿي ساههُ ڪڍيائين.
بُتَ سان جڏهن بُتُ ويڙهيائين،
منهنجو ٿي هر انگُ ڏنگيائين.
*

حواسن تي حاوِي اسان جي رهين ٿي،

حواسن تي حاوِي اسان جي رهين ٿي،
گھڙي پل به دل تان نه سانئڻ لهين ٿي.
ڏُکن جي حوالي اسان کي ڪري تون،
الائي ته ڪنهن جون ونگارون وهين ٿي.
*

اسان کان ڏور گهاريندين؟

اسان کان ڏور گهاريندين؟
لڳي ٿو تون ته ماريندين.
پري مون کي ڪرين ٿو پر،
صنم تون پاڻ ساريندين.
*

کيس چئجو ته پنهنجي دل کي بازار نه سمجهي،

کيس چئجو ته پنهنجي دل کي بازار نه سمجهي،
هر شخص کي ته پنهنجو خريدار نه سمجهي.
هي پيار آهي پيار کي بس پيار رهڻ ڏي،
هِن پيار کي چئجوس ته واپار نه سمجهي.
*

چند مرڪُن پٺيان درد خاشو مليو،

چند مرڪُن پٺيان درد خاشو مليو،
سونهن جيئندي رهي عشق لاشو مليو.
منهنجي حالت ڏسي هر ڪو کلندو رهيو،
لوڪهَ کي دِيدَ لئه ڄڻ تماشو مليو.
*

اڪيلو فرد جاڳي پيو،

اڪيلو فرد جاڳي پيو،
منجهس ڪو درد جاڳي پيو.
بهارُن جو سڃاڻو هو،
سو چهرو زرد جاڳي پيو.
*

مڃون ٿا اوهان کي وڻون ڪونه ٿا،

مڃون ٿا اوهان کي وڻون ڪونه ٿا،
مگر دل اوهان تان کڻون ڪونه ٿا.
اوهان کي ئي چاهڻ اسان وس آ پيارا،
وڏي هامَ ڪائي هَڻون ڪونه ٿا.
*

مُرڪ تنهنجي سلامت رهي او پرين،

مُرڪ تنهنجي سلامت رهي او پرين،
نيڻ منهنجا ڀِنا جي ته ڇا ٿي پيو.
آ ڏکايو اسان کي زماني گھڻو،
گهاءَ تو ڀي ڏنا جي ته ڇا ٿي پيو.
*

ڪريون ڀي ته ڪهڙو اسان بحث جانا،

ڪريون ڀي ته ڪهڙو اسان بحث جانا،
وڇوڙي جا ڳولهيا سوين تو بهانا.
دعا آ اسان جي جتي ڀي گذارين،
خوشين چاهتن جا تون ماڻين خزانا.
*

پيار جي لائق هر ڪو ناتو،

پيار جي لائق هر ڪو ناتو،
بند هجي شل نفرت کاتو.
بيزاريءَ جي باهه ٺري پئي،
روح هجي هڪه ٻئي لئه آتو.
*

اوهان کان ڌار ٿي سائين،

اوهان کان ڌار ٿي سائين،
رُناسين ٻار ٿي سائين.
گُلن جهڙو هيو جِيوَن،
ويو اڄ خار ٿي سائين.
*

اڙي جِدت جا ڳولهائو اسان جو پيار سادو آ،

اڙي جِدت جا ڳولهائو اسان جو پيار سادو آ،
بناوٽ ڪونه ٿا ڄاڻون ڪيو اظهار سادو آ.
مڃون ٿا تنهنجي دنيا ۾ اسان لئه جاءِ ناهي ڪا،
ڪري پر هوڏ بيٺو آ، هي دِل جو ٻار سادو آ.
*

پرت پچارون مون ڏي پاڇِي،

پرت پچارون مون ڏي پاڇِي،
سُندر سارون مون ڏي پاڇِي.
توکان پو اي دلبر جاني،
نيڻ ملهارون مون ڏي پاڇِي.
*

جن لئه آهن پاڳل اکيون،

جن لئه آهن پاڳل اکيون،
اکڙين کان سي اوجهل اکيون.
روز پيون ٿيون برسن سائين،
ڄڻ ڪي آهن بادل اکيون.

*

ٽُٽُا جو رابطا سائين،

ٽُٽُا جو رابطا سائين،
ٿِيا پو حادثا سائين.
جُڙي وِيا درد سان ڪيڏا،
گھڙيءَ ۾ واسطا سائين.
*

نيڻن سان مون واڳيا نيڻ،

نيڻن سان مون واڳيا نيڻ،
ڪونه رهيا پو ساڳيا نيڻ.
عڪس نه ڪو ئي پنهنجو پاتم،
مون جو تنهنجا جهاڳيا نيڻ.
*

تو آ جيڪا پالي دِل،

تو آ جيڪا پالي دِل،
احساسن کان خالي دِل.
مِيرُ ڪيو مون پنهنجو مَنُ،
تون به ته ڪر ڪا بالي دِل.
*

نماڻا نينهن جاڳي پِيا،

نماڻا نينهن جاڳي پِيا،
اکين ۾ مينهن جاڳي پيا.
لنگهياسين ڄامشوري مان،
پُراڻا ڏينهن جاڳِي پيا.
*

هُل هُلائڻ آيو آهيان،

هُل هُلائڻ آيو آهيان،
حال ٻڌائڻ آيو آهيان.
ڪير خريدي سستا ڏيندسُ،
خواب کپائڻ آيو آهيان.
*

آ خواب اکين جي ڏوليءَ ۾،

آ خواب اکين جي ڏوليءَ ۾،
تون ساڻ هُجين هِنَ هوليءَ ۾.
هي پيار سمورو توکي ڏيان،
آ جيڪو دِل جي جهوليءَ ۾.
*

تنهنجيون ڳالهيون منهنجي واتِ،

تنهنجيون ڳالهيون منهنجي واتِ،
هر پل آهي تنهنجي تاتِ.
تو بن جِيون بي معني،
تنهنجي ڪارڻ آئون حياتِ.
*

جڏهن ڀي ڏسون ٿا نقابن ۾ آهين،

جڏهن ڀي ڏسون ٿا نقابن ۾ آهين،
لڳي ٿو صدين کان حجابن ۾ آهين.
کنيا هِن جڏهن ڀي اکين تنهنجا پِيرا،
اسان کي مليو تون گلابن ۾ آهين.
*

ان کان پهرين مٽي بڻجان

ان کان پهرين مٽي بڻجان
ڳالهه سچي ۽ چٽي بڻجان
مون مان گذرين هر هر سائين
تنهنجي گهر جي گهٽي بڻجان.
*

ڊسمبر سرد کي ڀوڳيم،

ڊسمبر سرد کي ڀوڳيم،
رڳوئي درد کي ڀوڳيم.
سڄڻ جي روپ ۾ اڪثر،
هٺيلي فرد کي ڀوڳيم.
*

نيڻ منهنجا هُجن، پير تنهنجا هُجن،

نيڻ منهنجا هُجن، پير تنهنجا هُجن،
ڳوٺ منهنجو هجي، سير تنهنجا هجن.
وقت کان جي ملي پاڻ کي ڪو ثمر،
ٽوههَ آئون کڻان، ٻير تنهنجا هجن.
*

يار ٿورو ڪجان،

يار ٿورو ڪجان،
ياد ٿورو ڪجان.
راهه ۾ جي مُلون،
پاڻ ڀورو ڪجان.
*

گرم ساهن جون سرگوشيون.

گرم ساهن جون سرگوشيون.
بدن ۾ بدن جون روپوشيون،
ڪٿي ٿيون يار ڪي وسرن،
بنا پيئڻ جي مدهوشيون.
*

محبتون واري ۾ ناهن،

محبتون واري ۾ ناهن،
پنهنجي ستاري ۾ ناهن،
چاهتون پنهنجون دوست،
ڪنهن به شماري ۾ ناهن.
*

اسان کي روز آ مرڻو.

اسان کي روز آ مرڻو.
جيئڻ جو ڏنڊ آ ڀرڻو.
حياتي مختصر ليڪن،
صدين جو پنڌ آ ڪرڻو.
*

اسان جو جوڙ اوجاڳا

اسان جو جوڙ اوجاڳا
نڀائڻ توڙ اوجاڳا
اکين جي ماٺ کي چيري
پيا ڪن گوڙ اوجاڳا.
*

گمنام ٿا رهون

گمنام ٿا رهون
پر عام ٿا رهون
ڪوئي نٿو وٺي
بي دام ٿا رهون.
*

هلي آ جياپي جي رازن کي سمجهون،

هلي آ جياپي جي رازن کي سمجهون،
کڻي درد جهرڪي جو، بازن کي سمجهون،
ڀلي ڪر سرن کي گناهن ۾ شامل،
اول آ هوائن جي سازن کي سمجهون.
*

هڪ جام پيئڻ سان،

هڪ جام پيئڻ سان،
ڪجهه ٽهڪ ڏيڻ سان،
مون درد ڀڄايا،
دوکي ۾ جيئڻ سان.
*

منهنجي دل جون ڀتيون

منهنجي دل جون ڀتيون
درد سان تو لتيون
ڇو نه دلبر اڏيئي؟
چاهت جون ڇتيون!
*

بي ڪيف هوائون

بي ڪيف هوائون
پر شور صدائون
پنهنجي ئي شهر ۾
اڄ اوپرو آئون.
*

اوهان جو عڪس نيڻن ۾

اوهان جو عڪس نيڻن ۾
خوشيءَ جو رقص نيڻن ۾
اوهان بن ڪونه ٿو ٺهڪي
ٻيو ڪو شخص نيڻن ۾.
*

ٽانڊا ٽانڊا منهنجو تن من

ٽانڊا ٽانڊا منهنجو تن من
بارش جهڙو تنهنجو جوڀن
برسي پئين جي مون تي هيڪر
سوکو گهاريان سارو جيون
*

انتظاري ختم

انتظاري ختم
آهه زاري ختم
چَپَ چپڙن مٿان
منهن ماري ختم.
*

چالبازي ڪري

چالبازي ڪري
جعلساز ڪري
هاءِ لادين کي
وئين نمازي ڪري.
*

ڀتا خوري تنهنجي عادت،

ڀتا خوري تنهنجي عادت،
چوري زوري تنهنجي عادت.
ڀاشڻ ٿو ڏين تهذيبن جا،
وسڪي ڇوري تنهنجي عادت.
*

تنهنجي صورت وسرندي وڃي

تنهنجي صورت وسرندي وڃي
مون مان چاهت نڪرندي وڃي
بي ست جيون جي هر ساعت
ڪک پن ٿي بس وکرندي وڃي
*

اعتبار ڪرڻ جهڙي هُئي،

اعتبار ڪرڻ جهڙي هُئي،
هوءَ پيار ڪرڻ جهڙي هئي،
بي سمجهه مگر چوندا رهيا،
سنگسار ڪرڻ جهڙي هئي.
*

اڌوري گهُور ارپي وئي،

اڌوري گهُور ارپي وئي،
اسان کي سور ارپي وئي،
تڪيائين پل گهڙي ليڪن،
صدين جا پور ارپي وئي.
*

ساٿ تنهنجو هيو يار ماکيءَ جيان

ساٿ تنهنجو هيو يار ماکيءَ جيان
تو سوا زندگي ڄڻ ڪساري هجي
آئون مزدور پوڙهو لڳان ٿو پرين،
پيار دردن سندي ڄڻ تغاري هجي.
*

روز کڄي ٿو منهنجو پيارو،

روز کڄي ٿو منهنجو پيارو،
لاش ملي ٿو چچريل سارو،
ماٺ رهيس جي هاڻ به آئون،
آخر ايندو منهنجو وارو.
*

سرد راتيون وريون

سرد راتيون وريون
ڄڻ ته ڪاتيون وريون
آئون جن ۾ لڪان،
سي نه ڇاتيون وريون.
*

آدم جي آبادي گهرجي

آدم جي آبادي گهرجي
سوچن جي آزادي گهرجي
پاڻ به آهيون ڀورا سرور
دنيا ڀي ڪا سادگي گهرجي
*

ڪلراٺي ڄڻ ڌرتي آهيان

ڪلراٺي ڄڻ ڌرتي آهيان
مون کي کيڙي ڪجهه به نه ورندئي
وکرڻ منهنجي فطرت آهي
مون کي ميڙي ڪجهه به نه ورندئي.
*

دڙڪن جهڙيون مرڪون تنهنجون

دڙڪن جهڙيون مرڪون تنهنجون
ٻاڙا تنهنجا ٻول ويا ٿي
پيار مري ويو تو ۾ آهي
چرچا تنهنجا قول ويا ٿي.
*

يادگيري سڄڻ

يادگيري سڄڻ
آ اسيري سڄڻ
ٻارپڻ کان وٺي
قيد پيري سڄڻ.
*

اظهار ڪري ڄڻ ڦاٿاسين

اظهار ڪري ڄڻ ڦاٿاسين
دل ٻار ڪري ڄڻ ڦاٿاسين
گذري ته گهڻي آ نفرت ۾
ڪجهه پيار ڪري ڄڻ ڦاٿاسين
*

اڌوري گهور ارپي وئي

اڌوري گهور ارپي وئي
اسان کي سور ارپي وئي
تڪائين پل گهڙي ليڪن
صدين جا پور ارپي وئي.
*

پوپٽ جهڙو روح رکين ٿي

پوپٽ جهڙو روح رکين ٿي
هر ڪنهن گل جو واس وٺين ٿي
ٻارن وانگي توڏي ڊوڙان
تون پر ڪيڏو ڏور ڀڄين ٿي.
*

پاڻ ٿياسين پوڙها سانئڻ

پاڻ ٿياسين پوڙها سانئڻ
چاهه ته پوڙھو ٿيڻو ناهي
جهور ٿيا هي انگڙا ليڪن
ساهه ته پوڙهو ٿيو ناهي.
*

اوھان جي اکين ۾ ٺڪاڻو ملي پئي

اوھان جي اکين ۾ ٺڪاڻو ملي پئي
اسان کي جيئڻ جو بھانو ملي پئي
ملي ساٿ جيڪر اوهان جو گھڙي پل
اسان کي به سارو زمانو ملي پئي..!!
*

مون ۾ رھجي ويندڙ ماڻھو

مون ۾ رھجي ويندڙ ماڻھو
مون مان پنھنجو پاڻ کڻي وڃ
پنھنجي هڪ هڪ سار سھيڙي
پنھنجو هر اھڃاڻ کڻي وڃ
*

ملين ڀي ڪونه ٿو ڪاٿي

ملين ڀي ڪونه ٿو ڪاٿي
ذخيرو ٿي وئين شايد !!
هٿين خالي اسان آھيون
تون هيرو ٿي وئين شايد !!
*

گھڙي پل خواب ٿا جھاڳيون

گھڙي پل خواب ٿا جھاڳيون
حقيقت ڏي به ورڻو آ
ڇڙي ٿو سونھن جو سرگم
اسان جو عشق نچڻو آ.
*

اسان جو سور سڃاڻو

اسان جو سور سڃاڻو
آھيون مجبور سڃاڻو
اوهان کي ووٽ ڏنو آ
اڙي حضور سڃاڻو..!!
*

کسي اسان جو چين ۽ ٻين کي راحتون ڏنئي

کسي اسان جو چين ۽ ٻين کي راحتون ڏنئي
سڀن جي لاء ڀاڳوند اسان لئه بددعا نه ٿيءُ
اسان جي موھ کي ڏسي اسان جون نوڙتون ڏسي
اسان جي عاجزي ڏسي خدا کي مڃ خدا نه ٿيءُ.
*

ساٿ تنهنجو هيو يار ماکيءَ جيان

ساٿ تنهنجو هيو يار ماکيءَ جيان
تو سوا زندگي ڄڻ ڪساري هجي
آئون مزدور پوڙهو لڳان ٿو پرين
پيار دردن سندي ڄڻ تغاري هجي
*

ڇو ذھن تان نٿي لهين؟

ڇو ذھن تان نٿي لهين؟
ڇو سوچ ۾ پئي رهين؟
اڏاوتون پئي ڪرين!!!
ڇومون منجهان نٿي ڊھين؟
*

آدم جي آبادي گهرجي

آدم جي آبادي گهرجي
سوچن جي آزادي گهرجي
پاڻ بہ آھيون ڀورا سرور
دنيا ڀي ڪا سادي گهرجي
*

حسينن جي ته هر ڪوئي رهي ٿو ساٿ ۾ شامل

حسينن جي ته هر ڪوئي رهي ٿو ساٿ ۾ شامل
اڪيلا ئي رهيا اڪثر اسان جهڙا ڪسا ماڻھو
نمايان ڀي ڪيون سين پر نظر ۾ ڪينَ سي آيون
اسان جون چاهتون ننڍڙيون اوهان آھيو وڏا ماڻھو
*

جو آ تنهنجو خدا سوئي منهنجو خدا

جو آ تنهنجو خدا سوئي منهنجو خدا
دين منهنجو مگر آھي توکان جدا
دين جي نانء تي تون ڪٽين ٿو ڳلا
منهنجو مذھب اٿئي ماڻھپي تان فدا
*

ٿو سنڌ ڪُٽائين زرداري

ٿو سنڌ ڪُٽائين زرداري
آ حيرت پو ڀي هر واري
هن سنڌ سڄيءَ مان ٿيندي آ
ڇو تنهنجي ٽولي سوڀاري؟
*

پوپٽ جهڙو روح رکين ٿي

پوپٽ جهڙو روح رکين ٿي
هر ڪنهن گل جو واس وٺين ٿي
ٻارن وانگي توڏي ڊوڙان
تون پر ڪيڏو ڏور ڀڄين ٿي
*

تنهنجي صورت وسرندي وڃي

تنهنجي صورت وسرندي وڃي
مون مان چاهت نڪرندي وڃي
بي ست جيون جي هر ساعت
ڪک پن ٿي بس وکرندي وڃي
*

رولاڪ رهياسين

رولاڪ رهياسين
بي ٿاڪ رهياسين
دنياءِ مقدس ۾
نا پاڪ رهياسين
*

ٽانڊا ٽانڊا منهنجو تن من،

ٽانڊا ٽانڊا منهنجو تن من،
بارش جهڙو تنهنجو جوڀن.
برسي پئين جي مونتي هيڪر،
سوکو گهاريان سارو جيون.
*

پيار ۾ دوکا ملندا رھندا

پيار ۾ دوکا ملندا رھندا
درد انوکا ملندا رھندا
جيسين دل ۾ ڌڙڪو آھي
دل کي جوکا ملندا رھندا
*

ائين نفرت جي پاڻي سان

ائين نفرت جي پاڻي سان
ڇڏيو تو جلد ۾ ڌوئي
اسان جو پيار به تنھجي
چنئ تي مير وانگي آ.
*

چپن جي ويجهڙو ڪري چپن کي ڇو پري ڪيئي؟

چپن جي ويجهڙو ڪري چپن کي ڇو پري ڪيئي؟
رُلي وئي جا راھ ۾ تون ان چُميءَ جي ڳالھ ڪر،
ڪري جو تنهنجي سونهن کي امر ويو آ لوڪ ۾
ڪڏهن تہ تون بہ ڇوڪري ڪا ان ڪويءَ جي ڳالھ ڪر.
*

اکين ۾ پاڻُ لاهڻ ڏيو

اکين ۾ پاڻُ لاهڻ ڏيو
اسان کي ڪجھ تہ چاهڻ ڏيو
اوهان جي دل جي کيتيءَ ۾
اسان کي قرب ڪاهڻ ڏيو
*

سمجهوتن تي پيار ملي ٿو

سمجهوتن تي پيار ملي ٿو
پيڪيجن تي پيار ملي ٿو
جيسين آمهون سامهون ٿيجي
ميسيجن تي پيار ملي ٿو
*

ذھن جي جهول ۾ اُڇليل اوهانجي سار جا سڪا

ذھن جي جهول ۾ اُڇليل اوهانجي سار جا سڪا
سنڀاليون دلربا ڪيسين اڌوري پيار جا سڪا
اوهان بن حال ٿيو ڪهڙو اوهان کي ڇا ڏسيون سائين
لڳو ڄڻ راھ ۾ آھن وڃايا ٻار جا سڪا.
*

مفلس جو آ پيار به مُفلس،

مفلس جو آ پيار به مُفلس،
لهجو ۽ اظهار به مفلس.
مُفلس کي هِت پيار ملي ڪيئن،
مُفلس جو ڏاتار به مُفلس.
*

پل کن توسان رَليا نيڻ،

پل کن توسان رَليا نيڻ،
جيون ڀر پو جليا نيڻ.
لوڪ ته ساري منهنڙو موريو،
تو به سڄڻ اڄ پليا نيڻ.
*

جيون توسان ونڊ ڪيو مون،

جيون توسان ونڊ ڪيو مون،
هر پل پنهنجو کنڊ ڪيو مون.
توکي ويجهو آڻي سمجهيم،
ڄڻ ڪو ويجهو چنڊ ڪيو مون.
*

اوهان سان گُذاريل گهڙيون ياد آهن،

اوهان سان گُذاريل گهڙيون ياد آهن،
مُٺيون ياد آهن ڪڙيون ياد آهن.
ڪري جن سان پنهنجو ڌِڪاري ڇڏيئي،
نگاهون اُهي بي وڙيون ياد آهن.
*

ڪِٿي هاڻ ماضي وساري اچان ٿو،

ڪِٿي هاڻ ماضي وساري اچان ٿو،
۽ احساسَ سارا اُڏاري اچان ٿو،
مَلي چينُ شايد پوَي دوستو ڪو،
مُحبت کي ترسو ته ماري اچان ٿو.
*

پنهنجو ڀي ڪو جوڙ ٺَهي پئي،

پنهنجو ڀي ڪو جوڙ ٺَهي پئي،
تنهائنِ جو ٿَڪُ لهي پئي.
سالن کان پيو خالي آهي،
دل جي گهر ۾ ڪو ته رهي پئي.
*

مالڪ تون، مان نوڪر وانگي،

مالڪ تون، مان نوڪر وانگي،
پٿر مان، تون ٺوڪر وانگي.
تو کي مُرڪون ارپڻ خاطر،
جيون گهاريم جوڪر وانگي.
*

سَرَءُ جون ساعتون آهن،

سَرَءُ جون ساعتون آهن،
مخالف حالتون آهن،
کپي بس ڌِيانُ ٿو تنهنجو،
نِڌڻڪيون چاهتون آهن.
*

ڪي پَلَ مون سان ساڻُ هَلي تون،

ڪي پَلَ مون سان ساڻُ هَلي تون،
منهنجو سوکو پنڌ ڪري وڃ.
وَکريل آهيان ٽُڪرن ۾ مان،
ميڙي هڪڙي هنڌ ڪري وڃ.
*

اُتم جا ساهه کان ڌرتي،

اُتم جا ساهه کان ڌرتي،
اوهانکي هاڻ سا پرتي.
اسان آ زندگي ڏيئي،
اوهان لئه زندگي ورتي.
*

اوهان جي اچڻ تي

اوهان جي اچڻ تي
لڳا بند سائين،
اسان جي اکين جا
ڀڳا بند سائين.
*

ڇا جون عيدون ڇا جا ميلا؟

ڇا جون عيدون ڇا جا ميلا؟
پاڻ ته آهيون يار اڪيلا،
عيدون تن جون چئبيون سائين
يار سان ڪٽبا جن جا ويلا.
*

نهارڻ سان مون کي ڏنگي آ وئي،

نهارڻ سان مون کي ڏنگي آ وئي،
ڇسي زندگيءَ کي رنگي آ وئي.
کُپن ئي نٿا پير ڌرتيءَ مٿان،
خلائن ۾ سانئِڻ ٽنگي آ وئي.
*

اوهان کان سوا هي ٻُسي شام آهي،

اوهان کان سوا هي ٻُسي شام آهي،
اسان کان وئي ڄڻ رُسي شام آهي،
اڪيلي ۾ نيڻن وسايا پئي ڳوڙها،
اسان سان ڪٺي اڄ پُسي شام آهي.
*

جن لاءِ آهن پاڳل اکيون،

جن لاءِ آهن پاڳل اکيون،
اکڙين کان سي اوجهل اکيون.
روز پيون ٿيون برسن سائين،
ڄڻ ڪي آهن بادل اکيون.
*

وڌائي فاصلا ويئي،

وڌائي فاصلا ويئي،
منجهائي معاملا ويئي،
اسان جي زندگي سانئڻ،
بڻائي ڪربلا ويئي.
*

آ خواب اکين جي ڏوليءَ ۾،

آ خواب اکين جي ڏوليءَ ۾،
تون ساڻ هُجين هن ھوليءَ ۾،
هي پيار سمورو توکي ڏيان
آ جيڪو دل جي جهوليءَ ۾.
*

ٽُٽا جو رابطا سائين،

ٽُٽا جو رابطا سائين،
ٿيا پو حادثا سائين،
جُڙي ويا درد سان ڪيڏا،
گھڙي ۾ واسطا سائين
*

پرت پچارون مون ڏي پاڇِي،

پرت پچارون مون ڏي پاڇِي،
سُندر سارون مون ڏي پاڇي.
تو کان پو اي دلبر جاني،
نيڻ ملهارون مون ڏي پاڇي.
*

درد جي دوا کپي،

درد جي دوا کپي،
تورڙي وفا کپي.
عارضي صحيح مگر،
يار جي رضا کپي.
*

عذاب گهر آ اسانجو جيون،

عذاب گهر آ اسانجو جيون،
نِسورو ٿر آ اسانجو جيون.
نِهاري هر ڪو ڦِٽو ڪري ويو،
ڪسو وکر آ اسانجو جيون.
*

چيز بَزاري پيار آ تو لئه،

چيز بَزاري پيار آ تو لئه،
مُٺ ۾ واري پيار آ تو لئه.
ڏور وئين ٿي دل ڀرجڻ تي،
وقت گُذاري پيار آ تو لئه.
*

پير اگهاڙا ڦاٽل ڪپڙا چهري منجهه غبار،

پير اگهاڙا ڦاٽل ڪپڙا چهري منجهه غبار،
عيد ڏهاڙي بازار وچ ۾ ڀٽڪيو پئي ڪو ٻار،
هٿڙن سان پئي ڪستو ٺاهي سڀ جي آڏو رکيائين،
دڙڪا چڙٻون کوڙ مليس پر ڪو نه مليس ڪو پيار..!
*

مرضي آ تنهنجي سائين

مرضي آ تنهنجي سائين
چاهين نٿو جي مونکي
ضد ڀي ڪريان ته ڇالاءِ
لهڻان ته نٿو توکي....؟
*

نيڻن سان مون واڳيا نيڻ،

نيڻن سان مون واڳيا نيڻ،
ڪو نه رهيا پو ساڳيا نيڻ،
عڪس نه ڪوئي پنهنجو پاتم،
مون جو تنهنجا جهاڳيا نيڻ.
*

وحشتن کان سڄڻ

وحشتن کان سڄڻ
آجپو ٿو گُھران
ٻار ڌرتي سندو
بيڊپو ٿو گُھران.
*

ڌماڪي جو جاري اثر ذھن تي

ڌماڪي جو جاري اثر ذھن تي
ڪريو ڄڻ آ ڀاري پٿر ذھن تي
هوا ٿي ويون سڀ حرامين جون چالون
اسان جون اُهي ئي پڙن ۾ ڌمالون
*

ڪنھن جا ڪنھن جا

ڪنھن جا ڪنھن جا
سور سنڀاليون
اکيون ساري
جڳ جون آليون
*

مون ننڊ وڇائي رستن تي،

مون ننڊ وڇائي رستن تي،
سو خواب لتاڙي دنيا وئي.
تعبير به ٿيندي آھي ڪا،
سا ڄاڻ نه مون کي ڪڏھن پئي.
*

فرق ته ڪنھن تي پوڻو ناھي

فرق ته ڪنھن تي پوڻو ناھي
ڇو پوءِ سھڻا پاڻ کي ڊاھيون
دنيا اھڙي ٿيڻي ناھي
جھڙي سرور پاڻ ٿا چاھيون.
*

روز ٿو ماريان

روز ٿو ماريان
حسرت پنھنجي
روز تو جنميا،
ماڻان آھن.
*

ھلي آ جياپي جي رازن کي سمجهون

ھلي آ جياپي جي رازن کي سمجهون
کڻي درد جھڙڪي جو بازن کي سمجھون
ڀلي ڪر سُرن کي گناھن ۾ شامل
اول آ ھوائن جي سازن کي سمجھون.
*

اسان تي چاھي گلاب دنيا

اسان تي چاھي گلاب دنيا
وڃي پئي ٿيندي عذاب دُنيا
غريب آھي اسان جي چاھت
نه ٿي قبولي نواب دُنيا
*

ٽہ سٽا

---

هيل به سارو سال

هيل به سارو سال
جيون منهنجي ۾
ڀريو نه تنهنجو خال.
*

مون کي به ڪو سمجهائي،

مون کي به ڪو سمجهائي،
ڇو سرد هوا آخر،
ٿي چاھ کي گرمائي...؟
*

مون ڏي ناهي گل

مون ڏي ناهي گل
حاضر تنهنجي لاءِ
ڳوڙهن وارا ڳل
*

جهڙالو پهر

جهڙالو پهر
پرين تو بنا
لڳي ٿو زهر.

ٻه سٽا

---

حصو پھريون

حصو پھريون
گلابن کان سِڪايل مان ڏيئو روشن نه مون تي ڪو،
سڃاڻپ جي مان ڳولها ۾ بنا ڪَتبي قبر آهيان.
*
منهنجي مُک تي رنگ ڏسي،
هن جي مُک جو رنگ لٿو.
*
رنگن جو تون حامي آھين،
شاھ سچل ڄڻ سامي آھين.
*
اوهانجي سار ۾ جيئندا آھيون،
رڳي تڪرار ۾ جيئندا آھيون.
*
محبت هئي يا هيا ڪي چڻا؟
ڏيڻ لاءِ ھوڪا ڏناسين گهڻا.
*
بي حس ٿيندا پاڻ وڃون،
شعر لکون به ته ڪيئن لکون.
*
ايترا عظيم اسين ناهيون جو تون اسان کي ٿڏيندين،
۽ اسان توکي اکين تي ويهارينداسين.
*
اسان کي انوکي سزا آ ملي،
وڏي عمر جي اڄ دعا آ ملي.
*
ڀلي چاڙھ ڦاهي اسان کي او قاضي،
نٿو ڊيم گهرجي اسان ناهيون راضي.
*
رزق مون کي ملي ريت ڪهڙيءَ پيو،
پڇ نه مون کا اهيو پڇ نه مون کان اهيو.
*
لعنتن کان اڳيان ڀي سفر ڪو ڪريو،
عمل سنڌ لئه پر اثر ڪو ڪريو.
*
شاهي سپنن کان ٿي آجي،
ننڊ به پنهنجي عام رواجي.
*
تنهنجي جيون جي هر ڪا گهڙي بخملي،
مون کي ھلواڻ جهڙي حياتي ملي.
*
ڏيئا نيڻ ٿيندا وڌي جوت ويندي،
ڏياري اگر جي سڄڻ ساڻ ٿيندي.
*
پنهنجن لئه ٿيا گونگا ٻوڙا،
ڌارين خاطر گهوڙا گهوڙا.
*

حياتي ايتري گهرجي،
وطن خاطر رڳي مرجي.
*
ڌرتيءَ تي هي تارا ميرا،
منظر جن سان سارا ميرا.
*
ڪهاڻيون لکي خود ڪهاڻي بڻياسين،
اسان مرڪ جي ڄڻ پڄاڻي بڻياسين.
*
ڏوھ منهنجو ڏسيو
ساھَ ڇوٿا کسيو؟
*
وقت توتي ڪري ڇو نٿو ڪو اثر؟
سونهن ويتر گهڻي دل به ساڳي پٿر !
*
تنهنجو ماضي بڻجڻ ويل،
وڻ ٿو ڀاسان پن ڇڻ ويل.
*
توبن جيون گذري ويندو،
ها پر جيئڻ وسري ويندو.
*
ڊسمبر هجي يا هجي جنوري،
اسان ڏي ته ساڳي آ سورن ڀري.
*
انبڙين جهڙي تنهنجي ذات،
سوچڻ سان ٿيو پاڻي وات.
*
اسان تي هلي ٿي زماني جي مرضي،
اسان پو به آهيون زماني جا قرضي.
*
بارش جهڙي ناري ڪيڏانهن؟
مون ۾ ٿر آ هليا هيڏانهن.
*
مختلف سوچيان ٿو،
ها تڏهن ڀوڳيان ٿو.
*
اوهان جي سار ۾ جيئندا آهيون،
رڳي تڪرار ۾ جيئندا آهيون.
*
سفر ريل وانگي حياتي سڄي،
جواني آ رستي ۾ ٽيشڻ ننڍي.
*
تو بن جيون گذري ويندو،
ها پر جيئڻ وسري ويندو
*

ڪالهه رستن تي جيڪي فسادي هيا،
ڏک آهي اهي سڀ نمازي هيا.
*
ڪنهن جا ڪنهن جا سور سنڀاليون،
اکڙيون ساري جڳ جون آليون.
*
ورهايان درد پيو يا
اچي ڪو وٺڻ وارو
*
بارشن کي ڏسي ياد آئي وري
بارشن وانگيان بي چئي ڇوڪري
*
سُفيد چادر جهان سارو،
وجود منهنجو نشان ڪارو.
*
وهاڻن کي ڀاڪر پائي
پاڻ ڇڏيو آ اڄ پرچائي.
*
نئين سال جي ٿا ڪريون آجيان،
آءُ مرڪون کڻي ٽهڪ توکي ڏيان.
*
ٻُڌائي ڇير يادن جي،
مچائي ٿو وڇوڙو ڀي.
*
ٻين سان ڪريون ڇو شڪايت هن جي،
جيئڻ ئي اسان جو حماقت هتي.
*
ٿورو ٿورو روز مرون ٿا
گمناميءَ ڏي پاڻ ورون ٿا
*
تو مان ئي ٿو چارج ٿيان،
تو ۾ ئي ٿو خارج ٿيان.
*
سُر ساز سونهن جو ساهه مون ۾ اچي ويو
تقويٰ ۽ عشق هو ليڪن نچي ويو.
*
دور اسان جو سونو ايندو،
آس انهيءَ ۾ وار ٿيا چاندي.
*
چئن چپن تان آئي ڦري،
سلفي آخر وئي ٺري.
*
رنگن سان ڀي وير اٿئي،
سوچن ۾ ڪو مير اٿئي.
*

تنهنجي بت جي رنگن سان
پنهنجي بُت کي رڱيان مان.
*
نه ديوار ڪائي نه در ڪو اسان جو
اهي روڊ رستا پرين گهر اسان جو.
*
اوهان جي مُرڪ بامقصد،
اسان جا لڙڪ بي معنيٰ.
*
رنگن جي جا ٻولي سمجهيم،
جيون سارو هولي سمجهيم.
*
اچي ڪو يارُ سمجهائي،
ڪبو ڪيئن پيارُ سمجهائي.
*
ڌِڪارن جا وارث بڻياسين اسان،
ڪڏھن ڪونَه ڪنهن کي وڻياسين اسان.
*
جيون جي لڙڪ آھي چپ چاپ اگهڻ گهرجي،
جيون جي مرڪ آھي هر ڪنھن سان ونڊڻ گهرجي.
*
دھل وانگي وڄي دل به سيني اندر.
تون جو سامھون پرين مونکي آئين نظر
*
پھر جي اکين کان پري ٿا رهو،
لڳي ٿو صدين کان پري ٿا رهو.
*
جوڪر جھڙو جيون ماڻيان
مرڪون سڀني مکڙن آڻيان.
*
اسان کي ته ڪوئي پُڇي ئي نٿو،
اسان لاءِ ڪوئي لُڇي ئي نٿو.
*
ڪنهن جا ڪنهن جا سور سنڀاليون،
اکڙيون ساري جڳ جون آليون!!!
*
محبتن جي نانءَ تي جو ٿي پيو تخليق آ،
آ ته ڪچري تي پيل ان ٻار جون ڳالهيون ڪريون.
*
پٽ پرايا ڌوئي ڌوئي،
ٻالڪ پڻ ٿيو ميرو آھي.
*
انسان اگر چاھي انسان بچي ويندو،
احساس، محبت جو سامان بچي ويندو.
*

توکي جيون ڪٿا لئه ٿي هيرو کتو،
مون ته گھاريو آ جوڪر جي ڪردار جان
*
اوهان کي ڏسڻ سان گهٽيو درد آھي،
اوهان جي ڏسڻ سان ختم مرض ٿيندو
*
جڏھن کان لڏائي ڇڏئين پاڻ مان،
اسان کي ٻيو گھر مليئي نٿو.
*
ضرورت زماني جي مٽجي وئي،
ڦِران ٿو مان ساڳيون وفائون کڻي.
*
واسطن جي وال تي پوسٽ ڪئي تو بي رخي،
منهنجي دوستن ڏسي، لائيڪ آ لکن ۾ ڪيو.
*
تنهنجي ڳل جا موهيِڙا موهِنِ ٿا من منهنجو،
ڇا ٿو وڃي تنهنجو، جي تڪيان ٿو مان تو کي.
*
بسترو ٿو ونڊي لوڪ مون سان مگر،
درد منهنجو ونڊي سو نه آيو نظر.
*
اوهان جي مُرڪ با مقصد،
اسان جا لُڙڪ بي معنىٰ.
*
وڃايو يار ھا تو ۾
لڀي ڏي پاڻ مان مون کي.
*
بي حس ٿيندا پاڻ وڃون
شعر لکون ته ڪيئن لکون؟
*
اوھان جي سار ۾ جيئندا آھيون،
رڳي تڪرار ۾ جيئندا آھيون.
*
تنهائين جو راڄ آ مون ڏي،
يادن جو اڄ ڪاڄ آ مون ڏي.
*

حصو ٻيون

حصو ٻيون
منھنجي مُک تي رنگ ڏسي
ھن جي مک جو رنگ لٿو.
*
تنھنجي بُتَ جي رنگن سان
پنھنجي بُتَ کي رنگيان مان.
*
اوھان کي ڏسڻ سان گھٽيو درد آھي
اوھان جي ڏسڻ سان ختم مرض ٿيندو
*
ضرورت زماني جي مٽجي وئي
ڦران ٿو مان ساڳيون وفائون کڻي.
*
اڪيلو گذارڻ ھُنر آھي جيڪر
ته اُستاد پنھنجو سڄڻ کي ٿو سمجھان.
*
جڏھن کان لڏائي ڇڏيئي پاڻ مان
اسان کي ٻيو گھر ملي ئي نھ ٿو.
*
رم جھم رم جھم بادل برسيا
نيڻ اوھان جي لاءِ ڪيڏا ترسيا.
*
پتو مان ٿاڪ پنھنجي جو چري تو کي ڏيان ڪھڙو
جڏھن کان در ڇڏيم تنھنجو تڏھن کان در بدر آھيان.
*
تنھائين کي ڀاڪر پائي،
پاڻ ڇڏيو آ اڄ پرچائي.
*
رھي پئون درد کان اوجھل،
ڪٿان آڻيون سو ڳولھي پل؟
*
پنھنجي دل آ اڪ جي ماکي،
ھر ڪنھن جهٽ ۾ روڙي لاٿي.
*
مڃون ٿا اوهان کي وڻون ڪونه ٿا
مگر دل اوهان تان کڻون ڪونه ٿا.
*