شاعري

دک جي نہ پڄاڻي آ

اياز گُل جي شاعريءَ جي ھن مجموعي ۾ 1973ع کان 1986ع تائين جي شاعري شامل آھن جنھن ۾ غزل، وايون، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، ترائيل، ھائيڪا، رينگا، ٽسٽا، بيت، دوھا، سوايون شامل آھن. اياز گلَ ھر صنف تي دلفريب شاعري تخليق ڪئي آھي. سندس غزلن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي محاورن جو سھڻو، سبيتو ۽ وقتائتو استعمال، سندس شاعريءَ کي نہ فقط نواڻ ٿو ڏئي، پر ان کي وڌيڪ اثرائتو ٿو بڻائي.

  • 4.5/5.0
  • 60
  • 29
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book دک جي نہ پڄاڻي آ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر اياز گُل جي شاعريءَ جو مجموعو ”دُک جي نہ پُڄاڻي آ“  اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 
اياز گُل جي شاعريءَ جي ھن مجموعي ۾ 1973ع کان 1986ع تائين جي شاعري شامل آھن جنھن ۾ غزل، وايون، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، ترائيل، ھائيڪا، رينگا، ٽسٽا، بيت، دوھا، سوايون شامل آھن. اياز گلَ ھر صنف تي دلفريب شاعري تخليق ڪئي آھي. سندس غزلن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي محاورن جو سھڻو، سبيتو ۽ وقتائتو استعمال، سندس شاعريءَ کي نہ فقط نواڻ ٿو ڏئي، پر ان کي وڌيڪ اثرائتو ٿو بڻائي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1997ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2004ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

دُک جي نه پُڄاڻي آ

دُک جي نه پُڄاڻي آ
هر شخص ڪهاڻي آ

”هزارن بي معنيٰ ۽ نِرواڻ کان وانجهيلَ شعرن کان بهتر آهي، اُهو هڪ شعر، جنهن جي ٻُڌڻ سان سُڪون حاصل ٿئي.“
”ڌمَ پدَ“
گوتم ٻُڌ

ارپنا

پنهنجي وِڇڙي ويل سُڃاڻپَ
بابا ۽ امڙِ
رجب علي دَل
حاڪم زادي

پنهنجي پيارَ
مستور

۽ پنهنجي سڀ کان خوبصورت تخليقَ
پرينءَ

جي نالي ڪريان ٿو.

پبلشر پاران

اداري پاران اياز گل جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو ”دُک جي نه پُڄاڻي آ“ ڇپائيندي اسان سنڌي ادب ۾ هڪ نئين روايت ڏانهن وک وڌائي آهي. هن کان اڳ اداري طرفان نثر ۾ سنڌ جي ناميارن ليکڪن جي لکڻين کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪري چڪا آهيون. جيئن، ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ ۽ علي بابا جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتابُ ”منهنجون ڪهاڻيون“ وغيره.
پر نظم جي حوالي سان اداري جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي موجوده دور جي نامياري شاعر ”اياز گل“ جي مڪمل شاعري شامل آهي ۽ ائين اداري جو هيءُ ڪتاب پنهنجي انفرادي حيثيت سان اوهان پڙهندڙ اڳيان پڌرو آهي.

مهاڳ

سجُ سُڀاڻي جا ڪري

(اياز گل جي شاعريءَ جو اڀياس)

پاڻ کان پوءِ ايندڙ ٽهيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس ڏاڍو دلچسپ آهي. اهو ائين ٿو لڳي، ڄڻ حالَ، مستقبل جو اڀياس ڪري- شاعري، ثقافت جي هر شعبي وانگر وهندڙ ڌارا آهي، سدا بدلجندڙ، نت نوان رنگ روپ آڻيندڙ- هر ايندڙ دؤر، اڳئين دؤر جون ڪجهه روايتون ڇنڊي ڇاڻي ڇڏيندو آهي، ۽ ڪجهه نين روايتن ۽ لاڙن جو بنياد وجهندو آهي، جيڪي وقت جي وهڪري سان گڏ هلي سگهن.
جيئن ته اياز گل، اسان کان پوءِ واريءَ ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن مان آهي، ان ڪري سندس شاعريءَ جو اڀياس تهائين دلچسپ آهي.
اياز گل 1973ع کان لاڳيتو لکندو ٿو اچي. سندس پهريون مجموعو ”سوچون سُرها گل“، تاج جويي جي مجموعي سان گڏ، ٻٽي ڪتاب جي صورت ۾ 1978ع ۾ پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ هُن جا ٻيا مجموعا ”گل ۽ تارا“ 1979ع، ”پيلا گل پلاندَ ۾“ 1980ع، ”ڏينهن ڏِٺي جا سپنا“ 1983ع ۽ ”تو بِن ڪهڙا ڇانورا“ 1992ع ۾ ڇپيا. انهيءَ 15 سالن جي عرصي ۾، اياز گل جي سرواڻيءَ ۾، سنڌي شاعري ڪافي اڳتي وڌي آئي آهي.
هونءَ ته سنڌي شاعري اآساسي ۽ ڪلاسيڪي دؤر کان وٺي ريڙهيون پائيندي رهي آهي. صدين کان پوءِ ان ۾ معمولي تبديليون ظاهر ٿينديون آهن، پر گذريل صديءَ ۾، سنڌي شاعريءَ ٻه ننڍا ۽ هِن صديءَ ۾ ٻه وڏا ڇالَ ڏنا آهن. ننڍا ڇالَ آهن، سچل سرمست ۽ خليفي گل محمد جي شاعري، جنهن سنڌي شاعريءَ جي، غزل ۽ فارسي وزن سان سڃاڻپ ڪرائي ۽ ٻه وڏا حالَ آهن، مرزا قليچ بيگ جي شاعري، جنهن نظم، ۽ مغربي لاڙن کي سنڌيءَ ۾ آندو، ۽ ٻيو شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ هري دلگير جي شاعري، جنهن سنڌي ڪلاسيڪي ورثي ۾ جديد مغربي ادبي ڌارائن کي ملائي سنڌي شاعريءَکي بين الاقوامي سٿَ ۾ آڻي بيهاريو. (ان جو بنياد برابر بيوس وڌو،پر سندس شاعريءَ رڳو رهنمائيءَ جو ڪم ڪيو)- اياز گل، پنهنجي شاعريءَ جي شروعاتي دؤر ۾، هر نوجوان شاعرَ وانگر، پنهنجي چوڌاري قائم ٿيل ادبي ماحول کان متاثر ٿيو، اڳتي هلي، هُن سنڌي آساسي، ڪَلاسيڪي، توڙي وچين دؤر واريءَ شاعريءَ جو اونهو اڀياس ڪيو ۽ نيٺ هُو پنهنجي انوکي ۽ ذاتي اسلوب قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪو هر لائق شاعر لاءِ ضروري هوندو آهي؛ پر تڏهن به هُو سدائين سنڌي شاعريءَ جو گنڀير شاگرد رهيو آهي.
اياز گل، هونءَ ته هر رائج صنف، غزل، وائي، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، هائيڪو وغيره ۾ لکيو آهي، پر هُن نارايڻ شيام وانگر غزل سان لنوَ لاتي آهي. غزل سان لنوَ لائڻ سان گڏ، نارايڻ شيام وانگر هن ٻين صنفن ۾ به ڪاميابيءَ سان لکيو آهي- ائين چئجي، ته اياز گل، نارايڻ شيام جو اُسريل ۽ اڳتي وڌيل روپ آهي، ته غلط نه ٿيندو.
اياز گل انهن شاعرن ۾ سڀن کان اڳرو آهي، جنهن ’پنهنجي دؤر‘ جي شاعري ڪئي آهي. هونءَ ته هر دؤر جا شاعرَ پنهنجي دؤر جا شاعر هوندا آهن، پر جيئن مون مٿي لکيو آهي، ته سنڌي شاعريءَ ۾ تبديليءَ جي رفتار اڳي سُست هئي، ۽ هاڻي ڪجهه تيز ٿي آهي. اياز گل وٽ اچي، سنڌي شاعري اڳتي قدم وڌائيندي ٿي اچي. اسان واريءَ ٽهيءَ کان اڳتي هُن وٽ اهڙا خيالَ، اهڙا منظر ۽ اهڙا جذبا ملن ٿا. جيڪي اڳ ۾ شاعريءَ، خاص ڪري غزل ۾ نه هئا. هيٺيان شعر ان جي ثابتي آهن:

چنڊُ نه آهي، ڇاهي؟ تارا جاڳن ٿا
بلب گهٽين جا، رستا سارا جاڳن ٿا
*
هڪڙو سپنو رهجي ويئڙو
نيڻن ۾ سرطانَ جيان آ
*
سانئڻ! تُنهنجو هرڪو وعدو
سرڪاري اعلانَ جيان آ
*
مُنهنجي نظرَ هلي وئي آهي تُنهنجي گاڏي سان
پليٽ فارم تي بيٺو آهيان انڌن وانگي مان
*
هِن ڳليءَ کان هُن ڳليءَ ڏي ذَري ذَري ڀٽڪان ٿو
وقت جي تيز هوائُن ۾ اخبار جي ٽُڪري جيان
*
پڙهي ڪري اُڇلايو ويو هان
ڪالهوڪين اخبارن وانگي

دنيا ڀي بيزار ڪيو آ
ٽي ويءَ جي اشتهارن وانگي

ڌيان طلبَ سان ڀريو پيو هان
سنڌيءَ جي اخبارن وانگي
*
ٽائرن جا گهرا لِيڪا، تيز رڙ!!
روڊ تي چِٿجي وئي آ زندگي
*
اوهان جي دَرَ تي ائين بيٺا رهياسي
گهِٽيءَ جي نانوَ جو ڄڻ بورڊ هاسي
*
ڊِسڪو جي دؤر ۾ اسان جو ڄڻ
عارفاڻو ڪلام آ جيون
*
هُو شخص، ڪيڏي نه بدبو هيس خيالن ۾
سڄو وَڳو ئي هيو جنهن جو سينٽ سان مهڪيل
*
ماڻهو ماڻهو آهي ڄڻ هيڊَ جي دريا ۾ ٻُڏل
دردُ، ٽي بيءَ جيان جسمن سان وِچڙيو ٿو وڃي
*
مُنهنجي اندر ۾ بغاوت آهي
ٽينءَ دنيا جو مان نقشو آهيان
*
ماڻهو موت جي ننڊ سُتل ۽
تاريخُن جا صفحا جاڳن
*
نقشي ۾ تبديليون اينديون
ذهنن ۾ ٿا ويڇا جاڳن
*
خطُ لکيئه پوءِ فون ڪيئه اڄ پاڻ هلي آئينءَ
وسريل ماڻهو ڪيئن الائجي توکي ياد پيو
*
جيون جي آکاڻيءَ ۾ دُکَ
فُل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن
*
اُڀ ۽ ڌرتي مليا افق وٽ
ماريو- ڪارو ڪاري آهي
*
گُڏ ڪڍيل تصوير وئي آ،
منهنجي سامهون ڦاڙي وو!

بم نه توکان اَنُ گُهريو آ
ٻالڪَ انگ اگهاڙي وو!
*
اڄڪلهه پنهنجو جيون ائين، جيئن
ٻين وڳي کان پوءِ ڪئمپس
*
ڪيڏا نه اداڪار وڃون پاڻ پيا ٿيندا
دل ۾ ته رُناسي پئي، ٻاهر ٿي کِلياسي
*
مالڪ بدران ڳالهائي ٿو
آخر سچو نوڪر آهي
*
هُو جو هيکل ڳيرو آهي
تنهن جي پويان لشڪر آهي
*
ايئرڪنڊيشن ۾ هيٺين طبقي جون
جي ڪجن، ڳالهيون اجايون هن
*
ويجها هوندي به ڄڻ دُور ئي آهيون
ريل جي بند جيان، ٻن ڪنارن جيان
*
آدم جو اولاد ته آهيان
سيد ڪوءِ ضروري آهي؟
*
ڦوڪَ سان ڳهيلا ڪي
بلب کي وسائن ٿا

مٿي ڏنل شعرن ۾ اياز گل پنهنجي دؤر جا، ۽ پنهنجا ئي ڏٺَل وائٺلَ عڪسَ، توڙي ٽاڻا ڏنا آهن. اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ واريءَ شاعريءَ ۾ اهي نه ملندا- نه وري اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ وارن شاعرن لاءِ اهو ممڪن هئو، ته هو اُنهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻين، يا انهن جو تصور ئي ڪن. اياز جي شاعريءَ جو اڀياس ان لحاظ کان به دلچسپ آهي، جو اهو وقت سان گڏ سوچ جي لاڙن، ۽ ان جي اظهار جي تبديليءَ جو چٽو ثبوت پيش ڪري ٿو، ۽ شاعريءَ جي اوسر جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي ٿو.
”سرطان“، ”وعدو- سرڪاري اعلان“، ”پليٽ فارم ۽ گاڏي“، ”وقت جي هوائن ۾ اخبار جو ٽڪرو“، ”ڪالهوڪي اخبار“، ”ٽائرن جا گهرا ليڪا“، ”گهٽيءَ جي نانوَ جو بورڊ“، ”ٽي بيءَ جيان وچڙندڙ“، ”ٽينءَ دنيا جو نقشو،، ”خط لکي فون ڪرڻ“، ”فل اسٽاپ ۽ ڪاما“، ”ڪارو ڪاري“، ”اداڪار ٿيڻ“، ”سچو نوڪر“، ”ائيرڪنڊيشن ۾ هيٺين طبقي جون ڳالهيون“، ”ريل جي بند جيان“، ”ڦوڪ سان بلب کي وسائڻ“- اهي سڀ موضوعَ، اسان جي سماج ۾ ڪافي وقت کان آيل آهن، پر انهن کي عڪس، محاوري، يا تشبيهه طور شاعريءَ ۾ استعمال ڪرڻ، يا انهن جي باري ۾ خبردار (Concious) ٿيڻ اياز جو ئي ڪم آهي. ’رائنر ميريا رلڪي‘، جرمنيءَ جي اهم شاعَر هڪ نوجوان شاعر کي خط ۾ لکيو هيو: ”تون تيستائين شعر نه لکُ، جيستائين توکي چوڻ لاءِ ”پنهنجو ڪُجهه“ نه هجي.“ اسان جي اياز گل کي چوڻ لاءِ نه رڳو ”پنهنجو ڪُجهه“ آهي، پر ”پنهنجو گهڻو ڪُجهه“ آهي. اهو گهڻو ڪجهه، جيڪو هن کان اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ نه ملندو. اهو ”گهڻو ڪُجهه“ رڳو اياز گل وٽ ئي آهي، ۽ اياز وٽ ئي آهي.
رومان، هر ٻوليءَ جي شاعريءَ جو مرغوب موضوع آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ته اهو تهائين وڌيڪ مرغوب آهي، پر رومان جي عام هجڻ ڪري، اُن ۾ جذبن، ٽاڻن، ماڳن، توڙي تشبيهن ۽ استعارن جو ايڏو ته ورجاءُ آهي، جو شاعريءَ جي شائقن کي نون تجربن لاءِ شاعريءَ جي دفترن کي ڦولهڻو پوندو آهي.
عشق جو جذبو ته ساڳيو آهي، ۽ ساڳيو ئي رهندو، ازل کان ابد تائين. هر دور ۾ عشق ڪيو ويندو آهي. اُن ۾ ڪڏهن ناڪامي ٿيندي آهي، ته ڪڏهن ڪاميابي، پر انهن رومانوي پلڪن (لمحن) کي لفطن ۾ پيٽڻ، هر دؤر جي شاعر جو اهم ڪم رهيو آهي. اهو عاشقاڻو جذبو، اها محبت جي دؤر جي سرگذشت، هر شاعر پنهنجي پنهنجي نموني ۾ بيان ڪئي آهي. هر ٻوليءَ، هر ملڪ ۽ هر دؤر جي شاعر، عشق جي واردات جو بيان پنهنجي پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ آهر ڪيو آهي. اياز گل وٽ رومان جو پنهنجو نمونو Style آهي. هِن موضوعَ تي به هُن وٽ ”گهڻو ڪجهه پنهنجو“ آهي. اهو نه هُن کان اڳ آيل ٽهين جي شاعريءَ ۾ آهي، ۽ نه شايد هن کان پوءِ ايندڙ ٽهين جي شاعريءَ ۾ هوندو (جي انهن کي اڳتي وڌي وڃڻ جو ساهس هوندو).
شاعريءَ جو موضوع ڇا به هجي. ان جو ماحول ڪهڙو به هجي، پر سٺي شاعر لاءِ ضروري آهي، ته جڏهن هو ڪوبه شعر لکي، ته اهو سندس ”ذاتي شعر“ هجي، ۽ مجموعي طور تي سندس شاعري ”ذاتي شاعري“ هجي.

تُنهنجا نيڻ چُمڻ ٿو چاهيان
ٽِيهن ئي سِيپارن وانگي

مان هُن کي ٿوريءَ جهٽ ۾ بيزار ڪري وجهندو آهيان
هيءَ حياتي توسان ئي، پر بور نه ٿيندي آهي
*
تُنهنجي مُک تي مُرڪ جا پوپٽ ڏسي
مِنٽ ۾ پرچي وئي آ زندگي
*
اهو ساري اکيون ڀرجي اچن ٿيون
اسان ڏاڍو ڪڏهن کِلندا هياسي
*
ملين، نه ترسين، ڳالهائين نه!
توڏي کوڙ ميارون آهن
*
ڪنهن سان ڪنهن سان ملبو هاڻي
در تي دردَ قطارون آهن
*
گُل! هُن جو گڏجڻ آهي ٿيو
گونگي لئه لفظن جي ڳولا
*
مِٺي!، ملي جي نه آهين، تون ٻن مهينن کان
نه ڪو ڪتاب ٿو پڙهيو ٿئي، نه لکجي غزل
*
وڻي وڃن ٿا چهرا ڪي دڳَ ويندي ڀي
هر جذبي کي سگهبو ناهي نانءُ ڏئي
*
ڪڏهن ڪڏهن ڪو دک رئاريندو ناهي
ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن ڀوڳَ تي پئبو آ روئي
*
ڇا روئڻ جو سبب ٻڌايانءِ دوست!
اک ۾ ڪکُ ڪو پيو هوندو
*
هر فساني جو ٿئي دؤر ٿو پر
پيارَ هر دؤر ۾ نيارو هوندو
*
واتَ سان ’ننهن‘ ۽ اکين سان ’هائو‘
ڪيڏو وڻندڙ هي نظارو هوندو
*
تُنهنجو پيار به ٿيو اسان لئه
ڏينهن ڏٺي جي خوابن وانگي
*
مون کي درياههَ جيان پائي وئي آ
هڪ نظرَ اهڙو ته گهائي وئي آ
*
منهنجي جيونَ ۾ پيار پنهنجو هُو
کيرَ ۾ کنڊُ جان ملائن ٿا
*
رات اوهان جي يادِ اسان جي ذهن ۾ ايئن آئي
ڪُونڀٽ کي جيئن بيٺو ٿوهر ڀاڪر منجهه ڀري

ڀيڄَ ڀنيءَ جو، ساهه جي وائي، مُوهن جو آواز
ايئن لڳو پئي ڳايو ويٺي، ٿرَ جي ذري ذري
*
گوري رنگ رنگيلي آهي
ڄڻ چڻگائي تيلي آهي
*
مُلهه جذبن جي عبادتَ جو نه ڪو
هرڪو رسمن جي خُدائن ۾ گُم
*
لُڙڪ ته گهر جا ڀاتي آهن
ٽهڪ ته ٻاهر جا ماڻهو
*
تون بادل ۽ يارَ اسان
جهڙوڪر ٿر جا ماڻهو
*
ڪو جي مقصد نه ٿي ته پوءِ جيونَ!
ڄڻ ڇڳل ڪنهن جُتيءَ جيان آهين
*
شاعرَ هٿن ۾ ڪورو
ڪاڳرَ اداس هوندو
*
البم کولي تنهنجو چهرو
ساري رات نهاريو آهي

مٿي ڏنل شعرَ، اياز گل جا ’ذاتي شعر‘ آهن. ان ڪري، جو انهن ۾ اهڙن جذبن، اهڙن احساسن، اهڙن ٽاڻن ۽ اهڙن ماڳن جي اُپٽار آهي، جيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ ڳولڻ سان به نه لڀندا، ائين لڳي ٿو، ته مٿي ڏنل شعرن مان هڪ هڪ شعر، اياز گل محسوس ڪيو آهي. ’ٽيهن سيپارن وانگر نيڻ چمڻ‘، ’مُکَ تي مُرڪ جا پوپٽ ڏسي مِنٽ ۾ پرچڻ‘، ’وڇوڙي جي حالت ۾ نه ڪتاب پڙهيو وڃڻ، نه غزل لکيو وڃڻ‘، يا اياز گل جي مشاهدي ۾ آيلُ ’ٿَرَ جي ڪُونڀٽ جي تشبيهَه ۽ موهن ڀڳت جي ٿَرَ ۾ ڳائڻ جو منظر‘- گوريءَ جي چڻنگائي تيليءَ سان تشبيهه، -’آلبم کولي سڄي رات تصوير ڏي نهارڻ‘ – اهي سڀ وارداتون آهن، جن مان اياز گل گذريو آهي، ۽ اسان کي اهڙا انوکا ۽ بي مثال شعر ڏنا آهن.
مٿي مون اياز گل جو هڪ شعر ڏنو آهي:

هر فساني جو ٿئي دؤر ٿو پر
پيار هر دؤر ۾ نيارو هوندو

پيارُ، برابر هڪ آفاقي جذبو آهي، جيڪو زمان ۽ مڪان سان نه ٿو بدلجي. اهو قديم کان قدم، ۽ جديد کان جديد زماني، توڙي اوڀر کان اولهه، ۽ اُتر کان ڏکڻ تائين ساڳيو آهي. جيستائين پيار جي بنيادي جذبي جو تعلق آهي، ته اها ڳالهه صحيح آهي، پر جي ويچار ڪبو، ته پيار جي انهيءَ آفاقي جذبي جي اظهارَ جا طريقا زمان ۽ مڪان آهر بدلبا ٿا رهن. سنڌ ۾ ان جو اظهار، اڄُ کان هڪ صدي اڳ جيئن ٿيندو هئو، تيئن اڄ نه ٿو ٿئي. ساڳيءَ ريت اڄوڪي دؤر ۾ اهوئي پيارُ، جيئن اسان وٽ آهي، تيئن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ناهي. آفريقا ۽ عرب ملڪن ۾ ته تهائين وڌيڪ بدليل آهي، ڇو ته پيار تي هر دؤر ۾، سماجي حالتن جا اولڙا پوندا رهندا آهن.
لوڪ گيتن جي رومانوي شاعريءَ، ڪاسيڪي (شاهه، سچل، ساميءَ) جي رومانوي شاعريءَ، ۽ اڄ جي رومانوي شاعريءَ ۾، پيار جي جذبي جي اظهار ۾ فرق آهي. اهو فرق نه رڳو سنڌي شاعريءَ ۾ آهي، پرهر اڳتي وڌندڙ قومَ جي رومانوي شاعريءَ ۾ نظر ايندو. اهڙيءَ طرح، اسان شاعريءَ ۾ رومانوي اظهار جي اڀياس ذريعي اهو ڄاڻي سگهون ٿا، ته ان قوم ۾ ڪيترو جلدي سماجي تبديليون آيون، ۽ اها ڪيترو اڳي وڌي.
اياز گل، بنيادي طرح رومانوي شاعر آهي. هن جو رومان، نجو رومان نه، پر انقلابي رومان آهي. (انقلابي معنيَ تبديل ٿيندڙ)- اياز گل جي غزلن ۾ جيڪو رومانوي اظهار آهي، اهو بيوس، هري دلگير، نارايڻ شيام ۽ شيخ اياز وارو نه آهي، پر اُهو کانئن مختلف، ۽ اڳتي وڌيل آهي. اڳتي وڌيل انڪري، جو جنهن دؤر ۾ اياز گل موجود آهي، جنهن ماحول ۾ هو ساههُ کڻي ٿو، اهو نه فقط بيوس، دلگير، شيام ۽ شيخ اياز جي ماحول کان مختلف آهي، پر ان کان ڪافي اڳتي نڪري آيو آهي، ۽ اياز گل، ان ماحول جي اُپٽار ان کي محسوس ڪري ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ اياز گل جا هيٺيان شعر پڙهو:

مون کي آئي ته کِلائڻ لئه هئي
پنهنجي پوتِي به پسائي وئي آ
*
هڪ بُرو بس اسان جو گهر آهي
تُنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي!
*
تنهنجي يادُن سواءِ ذهن پرين!
ڪرفيوءَ ۾ بزار وانگي آ
*
ٿوري ڪاوڙ ڪرڻ جي عادت ٿَس
ڇوڪري هونءَ ته ڏاڍي پياري آ
*
ميرا ڪپڙا رهن ٿا شيو وڌيل
ساري دنيا کان ٿا رهون ڪٽيل
*
مُنهنجي جيون جيان آهن اڄڪلهه
منهنجي ڪمري جون هُڙ شيون وکريل
*
ڪيڏيون چئن چَپن جي وچ ۾
دوريءَ جون ديوارون پيارا!
*
خطُ لکيئه، پوءِ فون ڪيئه، اڄ پاڻَ هلي آئينءَ
وسريل ماڻهو ڪيئن الائجي توکي ياد پيو
*
تُنهنجو پيارُ، ڪتابَ، هي ڪمرو
پنهنجي دنيا ڄاڻون پيارا!
*
ڪيڏيون مصنوعيتون زندگيءَ ۾ هيون
هَڙَ مُرڪون ڦِڪيون، ٽهڪ ڀي کوکلا
*
جڳُ ٻُندو ته ڏيندو ڪين ملڻ
ايترو زور سان ته، نانءُ نه کڻ!
*
ڪيترو پُر خلوص آهين تون!
شهر ۾ ياد ٿو اچي واهڻُ
*
او پرين! زندگيءَ جو هر هڪ پل
تُنهنجي شاديءَ جو ڪارڊ آهي ڄڻ
*
گڏ ڪڍيل تصوير وئي آ
منهنجي سامهون ڦاڙي وو!
*
تَڪو ساٿُ مون سان ڏئي ٿي سگهين
نه ئي ساڻُ ٻئي سان سهي ٿي سگهين
*
صفحي صفحي تي تُنهنجو نانءُ ڏِسان
جي کڻان پڙهڻ لئه ڪتابُ ڪوئي
*
هُو به اُن جو ئي ٿي ويندو
جنهن وٽ بنگلا، ڪاريون آهن
*
روزُ ئي ٻُڌڻيون پونديون آهن
تُنهنجي گهر وارن جون ڳالهيون

مٿين شعرن پڙهڻ سان ايئن لڳندو، ته ڄڻ شاعر، سنڌ ۾ ۽ ويهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ موجود آهي. هُن جي شاعريءَ جو اڀياس ڪرڻ سان ئي خبر پئجي ويندي، ته ان وقت سنڌ ۾، سماجي حالتون ڇا هونديون.
’يادُن کان سواءِ ذهن ڪرفيوءَ جي بزار‘، ۽ ’تُنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي‘. اهي لفط اڄوڪو عاشق ئي چئي سگهي ٿو. روايتي عاشق کي معشوق آڏو ايتري همت ڪٿي؟ يا ”ڪاوڙ ڪرڻ جي عادت واري پياري ڇوڪري“ به اڄوڪي محبوبا آهي. روايتي محبوبا ڪاوڙ ڪرڻ ته ڇا، ڳالهائڻ کان به ونئَن ويندي هئي. اڄوڪو عاشق ئي آهي جو”ميرا ڪپڙا ۽ شيوَ وڌيل“ اٿس. روايتي عاشق ”رنگ زردو، آه سردو، چشم تر“ تي اڪتفا ڪندو هئو. ساڳيءَ طرح ”محبوبا جي شاديءَ جو ڪارڊ“ به هن دؤر جو ئي ڪارنامو آهي، جيڪو عاشق کي هر هڪ پل ۾ اذيت ڏيڻ جو سامان آهي. اڄ جي ئي بيباڪ محبوبه آهي، جيڪا عاشق سان گڏ ڪڍيل تصوير ڦاڙي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ٿي ڇڏي. اها اهڙي ساڙيلي به آهي، ڇو ته جي عاشق جو ساٿُ ڏئي نه ٿي سگهي، ته وري ان سان گڏ، ٻِيءَ محبوبا کي به برداشت نه ٿي ڪري.
مٿي ڏنل مثالن مان ايئن ٿولڳي، ته اياز نه رُڳو رومانوي شاعر آهي، پر اياز اڄوڪي دؤر جو رومانوي شاعر آهي، ۽ هُن جي رومانوي شاعري، اڳتي وڌندڙ رومانوي شاعري آهي. اها سندس دؤر جي رومانوي شاعري آهي. اها مطالعي جي آڌار تي ڪيل شاعري نه آهي، پر ڏٺل وائٺل منظرن، ڄاتل سڃاتل ڪردارن ۽ ٽاڻن، ۽ ذاتي طور محسوس ڪيل احساسن جي شاعري آهي. اهڙي شاعريءَ ئي اعليٰ شاعري هوندي آهي، جيڪا دل مان ائين ڦُٽي نڪرندي آهي، جيئن اوڀر جي اُفق مان صبح جي سج جا پهريان ڪِرڻا ڦٽي نڪرندا آهن.
هر سُٺي شاعر لاءِ، پنهنجي ڪلاسيڪي ۽ روايتي قدرن جو نه فقط اڀياس ضروري آهي، پر انهن ۾ اونهي ٽٻي هڻي، ان تي مڪمل عبور حاصل ڪرڻ به لازمي آهي. انهيءَ اونهي اڀياس کان سواءِ هُو پنهنجي ٻوليءَ جي شاعريءَ جي مٿاڇري تي ئي رهندو ۽ ان ۾ ڪو رچاءُ پيدا نه ڪري سگهندو. پر ڳالهه اتي پوري نه ٿي ٿئي- ڪلاسيڪي روايتن تي ئي شاعري ختم نه ٿيڻ گُهرجي، پر انهن کان اڳتي به وڌڻ گهرجي – ڇو ته جي شاعري ڪلاسيڪي روايتن تائين ئي محدود رهجي ويئي، ته اڳتي وڌي نه سگهندي. ان ڪري سُٺي شاعرَ لاءِ لازمي آهي، ته هُن کي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن جو اونهو اڀياس هجي، پر ان اڀياس جي سهاري هو پنهنجي شاعريءَ کي اڳتي وٺي وڃي پنهنجي دؤر تائين آڻي.
جديد شاعري، جي ڪلاسيڪي روايتن کان وانجهي آهي، ته اُها بي پاڙي آهي. هوا ۾ لٽڪيل – ان ڪري ڪلاسيڪ جي پاڙن مان جِدت جا پَن، گل ۽ ميوا ڦٽندا رهندا، ته انهن کي سٺو بنياد ۽ سٺي خورش ملندي.
اياز گل به، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن جي نه فقط ڄاڻ رکي ٿو، پر هن انهن روايتن جو اونهو اڀياس پڻ ڪيو آهي، هن ان تي اڪتفا نه ڪئي آهي. هُن انهن ڪلاسيڪي روايتن کي اڳتي آڻي، پنهنجي دؤر تائين پهچايو آهي:

مُنهنجي نِوڙت سان پيار ٿي ويو ٿَس
آءٌ نوري ۽ ڄام آ جيونُ
*
پوءِ به پڪ آ، گناهَه ئي لڻندس
توڙي هيڏا ثوابَ پوکيا هِن
*
رتُ انسانَ جو ته پي ٿا وڃون
مُکِ پيل چانهه ٿا هاريون جاني!
*
ڪنهن آگمَ جي آسري آهيون
پاڻ ڏتڙيل لڳون پيا ٿَرَ جا
*
مُنهنجي خاموش زندگيءَ ۾ اچُ
ڇڄَ ڳالهين جا ڪي ڀري سائين!
*
تُنهنجي ذڪر بنا هن پيارا!
ساريون ئي ڳالهيون بوگس
*
مُرڪبو ڀي ڪڏهن
واندڪائيءَ مهلَ
*
تُنهنجي پيرن ۾ هئي لڳل ميندي
منهنجي گهر جا ته ها کُليل رستا
*
تُنهنجي نيڻن کان معتبر ناهن
ڪنهن مقدس ڪتابَ جا صفحا
*
دل ۾ روئيندو هوندو
هُو جو مُرڪي ٿو وڇڙي
*
مُنهن ڦيري گذري ويندو
هاڻي ڪاٿي گڏبو جي
*
هٿَ ملائڻ کان ڀي ڇرڪن
مُنهنجو هٿ ڄڻ ٿوهر آهي
*
اداس توکي ڪرڻ ڪين ٿو گهران بس مان
ائين ته مسئلا آهن، نه ڪي لڪائڻ جا
*
جذبا ماريا ويا سجدي ۾
يارو! ڪو ڪيڏارو ڳايو
*
ڪُجهه مهينا ۽ سالَ وچ ۾ هِڻ
ڪنهن جي هٿڙن کان ڳل ڇُهڻ تائين
*
سِبجي سگهجڻ ناممڪن آ
دل آ، ڦاٽل چولو ناهي
*
ويجها هوندي به ڄڻ دُور ئي آهيون
ريلَ جي بند جيان، ٻن ڪنارن جيان
*
تُنهنجو ئي نانءُ سدا ياد رهي
شل نوان نانوَ اُچاريا نه ٿين
*
آءٌ مجبور، مسئلا توکي
قولَ ڪنهن کان به ته پاريا نه ٿين
*
ڏاڍا ڀاڳن وارا دوست!
تُنهنجا پاڙي وارا دوست!
*
ڏُک ڏيئي ويندا رهندا هِن
ڪيرُ ڪندو وڻجارا دوستَ
*
ڪيئن سُک سمهجي پاڻَ تي تاڻي
يادِ ڦاٽل رِلهيءَ جيان آ هاڻي
*
ڇا جي ڪپڙا سادا آهن
دل جو شهر کٿوري آهي
*
ڊپُ ٿو ٿئي هاڻي
هٿُ جي ملائن ٿا
*
چئبس ته: آ مجبوري
چوندي ته: بهانو آ
*
ڪَپَ تي بيٺلَ ماڳ نه پهتا
لُڙهندي سهڻيءَ منزلَ ماڻي

مٿي ڏنل شعرن کي پڙهڻ سان محسوس ٿو ٿئي ته، اياز گل کي ڪلاسيڪِي شاعريءَ، توڙي سنڌي ثقافتي قدرن جي ڀلي ڀَت ڄاڻ آهي، پر انهن ڪلاسيڪي اهڃاڻن کي هُو جديد انداز ۾ پيش ٿو ڪري. ’نِوڙت سان پيارُ ٿيڻ سان نوريءَ جو تعلق’، ’مَکِ پيل چانهِه هارڻ ۽ انسان جو رتُ پي وڃڻ‘، ’ٿَر جي ڏتڙيل جو آگم جي آسري هئڻ‘، ’ڇَڃ ڳالهين جا ڀرڻ’، ’پيرن ۾ ميندي لڳل هوندي گهر جا رستا کليل هئڻ‘، ’هٿ جو ٿوهر هجڻ‘، ’سجدي ۾ جذبن جي مارجي وڃڻ تي ڪيڏارو ڳائڻ‘، ’ڦاٽل رِلهيءَ جي ياد سان تشبيهَه‘، ’دل جي شهرَ جو کٿوري هجڻ’، ’ڪپ تي بيٺلن جو ماڳ نه پُهچڻ’، ۽ ’سهڻيءَ جو لڙهندي منزل ماڻڻ’ – اهي سڀ محاورا، اصطلاح، تسبيهون، تلميحون، ماڳَ، ٽاڻا ۽ عڪس، آهن ته ڪلاسيڪي شاعريءَ مان، ۽ سنڌ جي ثقافتي قدرن مان آندل، پر انهن کي هڪ نئين انداز ۾، هلندڙ دؤر سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي. اياز گل، اهڙيءَ طرح سنڌ جي شاندار ماضيءَ مان چمڪندڙ مستقبل جوڙيو آهي. ايئن ٿو لڳي، ته سنڌي شاعري هڪ هنڌ بيٺل نه آهي، پر اها هر دم هلندڙ، اڳتي وڌندڙ آهي. اها ساڪت ۽ جامد نه آهي، پر همه وقت متحرڪ ۽ روان دوان آهي. اها بيٺل پاڻي نه آهي، پر وهندڙ ڌارا آهي. پر انهيءَ وهندڙ ڌارا کي به اياز گل صحيح ڏسيءَ (Direction) ڏي وهايو آهي. اهو بحث اڳتي ڪبو.
شاعر جي آڏو ٻولي هڪ ڪچي مال (Raw Material) وانگر هوندي آهي. ڪن نقادن ٻوليءَ کي ڪنئرو مال (Plastic Material) چيو آهي، جنهن کي شاعرُ پنهنجي فن ۽ ڪاريگريءَ سان پنهنجي مرضيءَ موجب موڙي ٿو سگهي. ايليٽ چيو آهي ”ته ڪنهن به لفظ شعر ۾ ممنوع نه آهي“، جي شاعر کي اُن جي ڪتب آڻڻ جو فن آهي – عام شاعر، پنهنجي شعرن ۾، پنهنجي دؤر جي شاعريءَ ۾ ڪتب ايندڙ لفظ ئي ٿا آڻين، ڪي ٿورا شاعر آهن، جن ۾ اهڙن نون لفظن ڪتب آڻڻ جو ساهس آهي، جيڪي کانئن اڳ ۾، شاعريءَ ۾ رائج نه هئا. اهو نواڻ جي طرف هڪ همت وارو قدم آهي، جيڪو هر شاعر کڻي نه ٿو سگهي، ڇو ته اهو جوکو آهي. اياز گل، اهڙا ڪئي جوکا کنيا آهن:

سنجها کان ئي ڌُوڙ ڌُُڌڙ کان آجا ٿي
چانڊوڪيءَ جي چاهَه ۾ چارا جاڳن ٿا

’ڌُوڙ‘ لفظ ته اڳ ۾ ئي رائج آهي، پر ’ڌُوڙ ڌُڌڙ‘ گڏ آڻڻ سان نئون ماحول ۽ لفظي رِدم ٿو پيدا ٿئي.

اک- پُڇڙ ۾ ڦاٿل ڳوڙهو
درَ تي ڄڻ دربان جيان آ

”اک پُڇڙ“ جو لفظ نئون آهي، تشبيهه به نئين آهي، پر ان جي جاءِ تي جي اياز ’اک تُنري ۾‘ لکي ها، ته وڌيڪ سهڻو لڳي ها.
اونهاري جي موسم جي باري ۾، اياز گل جا هيءُ ٻه شعر پڙهو:

شخص هُو نرالو آ
جونِ ۾ جهڙالو آ

۽

دل جي ٽاڪَ منجهند ۾ تُنهنجا
ڪڪرن وانگر ڇايا نيڻ

جُهڙالي جي مُند جو ذڪر ته، سنڌي شاعريءَ ۾ عام آهي، پر ”جون جُڙالو“ ۽ ”دل جي ٽاڪ منجهند“ شاعريءَ لاءِ نئين ٻولي آهي.
هيٺين ٻن شعرن ۾ ٻوليءَ جو لطف ماڻيو:

لُڙڪ ته کوڙ وهيا، وهندا رهيا
صرف مُرڪي نه سگهياسي تون مان
*
ڪيئن هڪ ٻئي کي سهارو ڏيون ها
هڪ ئي وقت ڪِرياسي تون مان

”لُڙڪن جو وهڻ ۽ وهندو رهڻ“ ۽ ”هڪ ئي وقت ٻنهي جي ڪِرڻ“ انوکي اظهار جو نرالو نمونو آهي، ته نئون عڪس پڻ.

هر هر کيٽو، هر هر کيٽو
ڪيڏي ڏاتِ هٺيلي آهي

”ڏاتِ جو هٺيلي ٻار جان کيٽو ڪرڻ“، ٻوليءَ ۾ نون لفظن جي نئين استعمال جو سهڻو مثال آهي:

دل سان پنهنجي ڀيڻي ناهي
توبهن توبهن زاري آهي

’ڀيڻي نه هجڻ‘ ۽’توبهن توبهن زاري‘ اهي ٻئي محاورا سنڌي ٻوليءَ ۾ ته پراڻا آهن، پر شاعريءَ لاءِ نوان – ساڳيءَ طرح:

دل جون ڳالهيون به ڪين ٿو سمجهين
ڪهڙي آخر ڪا فارسي آهي؟

’فارسي هجڻ‘ جو محاورو به پُراڻو آهي، پر شاعريءَ ۾ اُن جو استعمال نت نئون پيو لڳي:

هڪڙي پينگهي ۾ جهُوليا هُون
غمُ به منهنجو ئي سَنُ آهي

مٿئين شعر ۾ ’سن هجڻ‘ جو محاورو به ساڳيءَ ريت شاعريءَ لاءِ نئون آهي، پر اياز گل ان جو فنڪاراڻو استعمال ڪيو آهي.

تُنهنجي هڪ وينگس واهڻَ!
دل کي وجهي ويئي ڏانوڻ

’ڏانوڻَ وجهڻ‘ جو محاورو به پُراڻو آهي، پر شاعريءَ ۾ ’واهڻ جي وينگس‘ جو دل کي ڏانوڻ وجهڻ ڪيڏو نه سهڻو ٿو لڳي.
ٻيا ڪجهه شعر پڙهو:

هُن ڏي ڇا هُن جي گهر ڏي ئي ڪڏهن
حُڪم ناهي نهارجي سائين!
*
مُرڪون، ٽهڪَ، ڪچهريون، سنگت
ڪُوڙا سڀ سهارا دوست!

اياز گلَ جي غزلن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي محاورن جو سهڻو، سبيتو ۽ وقتائتو استعمال، سندس شاعريءَ کي نه فقط نواڻ ٿو ڏئي، پر ان کي وڌيڪ اثرائتي ٿو بڻائي.
لفظي ترنم، شاعريءَ جي موسيقي، رِدم- اهي سڀئي ٻوليءَ جي سبيتي استعمال لاءِ ڪم ايندا آهن. انهن ۾، شاعريءَ ۾ سُرن جي گونجَ، ۽ نرت جو تال هوندا آهن. موسيقيت ايڏي وڌيل نه هجي، جو شاعريءَ جي فڪر کي ڍڪي ڇڏي، يا ان جي مٿان طاري ٿي وڃي ۽ نه ايتري هلڪي جو اُها محسوس ئي نه ٿئي. سُٺا ۽ ڪامياب شاعر، شاعريءَ جي موسيقيت ۽ فڪر ۾ توازن قائم رکندا آهن، جيئن شعر نه بي چَسو رهي، ۽ نه ئي اڻڀو – اياز گل پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙو توازن برقرار رکيو آهي. هونءَ ته سندس سڄي شاعريءَ جي پس منظرَ ۾ موسيقيءَ جي مڌر لهرَ روان دوان آهي، پر سندس هيٺيان شعر ان ڳالهه کي وڌيڪ چِٽو ڪن ٿا، ته هُن کي رِدم جو ڪيڏو نه اونهو احساس آهي.

هلبو هاڻي لَڏي لَڏي
بي قُربن کي ڇڏي ڇڏي

پيارَ جو جتڙي پاڇو ملندو
جُهوپو ڇڏبو اڏي اڏي
*
تُنهنجون يادون، نه تون
جاني ڙي! ڪيئن جيئون

جي نه مُرڪي سگهون
آءُ! روئي پئون

پاڻ لئه آهي بس
تُنهنجو مُرڪڻ خوشيون

گُهنڊ پائي ملون
تنهن کان وڇڙي وڃون

سوچَ، لڙڪَ، وحشتون
عشقَ جون علامتون

تو جِها ته ٿيون اول
پوءِ ڪنداسي حُجتون
*
گِهنڊ ٿا دل جا گِرجا جا وڄندا رهن
يادِ پيارا اچن، گيت رچندا رهن

قُرب قائم ته قائم رهن دوستيون
قرب جيئن جيئن ٽُٽي، هانوَ ڇِڄندا رهن

ڳوٺ جي رات جي گُهگهه پوئين پهر
ڪيترا ماڻهو لڪندا ٿا ملندا رهن

”هلبو هاڻي لڏي لڏي“ ان سڄي غزل ۾ ٻٽو قافيو موسيقيءَ جي مڌر لهر ٿو پيدا ڪري. ’تنهنجون يادون نه تون‘ جو بحر برابر مترنم آهي، ”فاعلن فاعلن“ پر ان مترنم بحر ۾ اهڙا مڌر موسيقيءَ سان ڀريل شعرَ تخليق ڪرڻ هر شاعر جو ڪم ناهي ۽ موسيقي به اهڙي، جيڪا شعر ۾ آيل خيالَ سان هم آهنگ هجي.

سوچَ، لڙڪ، وحشتون
عشق جون علامتون

اهو غزل به مترنم آهي، پر گِهنڊ ٿا دل جا گِرجا جا وڄندا رهن- وارو غزل، لفظي رِدم جو بهترين مثال آهي. هتي شاعر لفظن جو بازيگر نه، پر لفطن جو ڪاريگر ٿو لڳي. ايئن ٿو لڳي ته هُن هڪ هڪ لفظ، ڪنهن ماهر سنگتراش جيان محنت ڪري، گهڙي، ڇلي ۽ پالش ڪري ڪتب آندو آهي.
اياز گل جي شاعريءَ ۾، طنز به آهي، پر اها طنز، اجائي ٽوڪ بازي نه آهي، پر اُن جي پٺيان ڪونه ڪو مقصد ضرور آهي. طنز، شاعريءَ جو تمام نازڪ شعبو آهي، ڇو ته ان ۾ شاعر کي نه فقط اخلاق جي دائري ۾ رهڻو ٿو پوي، پر ٻولي به اهڙي ڪم آڻڻي ٿي پوي، جيڪا اڻ وڻندڙ نه هجي ۽ تنهن هوندي به پنهنجو مقصد حل ڪري وڃي.
اياز گل جي شاعريءَ ۾، خاص ڪري غزلن ۾، طنزيه شعر ڪٿي ڪٿي موجود آهن، پر انهن شعرن ۾ فني لحاط کان ڀرپور تغزل سمايل آهي، ۽ اهي شعر طنزيه هوندي به، غزل جون سڀ فني ۽ فڪري ضرورتون پوريون ڪن ٿا. اچو ته اياز گل جا ڪي طنزيه شعر پڙهون:

سانئڻ! تنهنجو هر هڪ وعدو
سرڪاري اعلانَ جيان آ
*
پيٽَ پُکئي لئه هڪڙي ماني
سرڳ جيان، ڀڳوان جيان آ
*
ڪيترو پئي لڳين منفرد، مختلف
تون به واکاڻَ ۾ يارَ ڦاسي وئين!
*
پنهنجيءَ قسمت ۾ تون ڀي ڇو
ناهين يار!، ثوابن وانگي
*
هڪ بُرو بس اسان جو گهر آهي
تُنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي
*
تنهنجي هر ڳالهِه لارَ ماکيءَ جي
منهنجو هر لفط ڄڻ زهر آهي
*
مون ته جڳَ جي سِتم جو ذڪر ڪيو
تُنهنجي ڇو نِرڙ تي پگهر آهي؟
*
ڪُوڙ بازارين ۾ ماڻهن جو
اگُهه ڪيڏو ڪِري پيو آهي
*
ديسُ به وڪڻي ايندا آهن
اهڙا ڀي واپاري ماڻهو
*
ڪهڙو سچُ چئي سگهنداسي
پاڻَ ته هُون سرڪاري ماڻهو!
*
ٻاهران ڪيڏو ته ڍڪيل آ ماڻهو
اندران ڪيڏو نه اگهاڙو آهي
*
ڪُوڙ ڪيان مان توسان ۽
تون ڀي، مون کي دوکو ڏي
*
فُٽ پاٿِ تي تخليقون هِن
سامهون خالق جي گهر آهي
*
مالڪَ بدران ڳالهائي ٿو
آخر سچو نوڪر آهي
*
هاڻي ڏاڍي وحشت ٿئي ٿي
ايئن نه تڪڙا رنگَ مٽايو
*
عجب اسان جي وستي آهي
چورُ، ساڌ جو ڳولي پيرو
*
انڌن آڏو روئڻ جاني! آهي اکين جو زيانُ
چَپَ اسان جا سِبي چون ٿا، ڪوئي گيت ٻڌاءِ!
*
ايئرڪنڊيشن ۾ هيٺئين طبقي جون
جي ڪجن، ڳالهيون اجايون هِن
*
ڪَل بُکن جي ڪهڙي اُن کي
جنهن جو پنهنجو پيٽ ڀريل
*
آدمَ جو اولاد ته آهيان
سيد ڪوءِ ضرور آهي؟
*
ڏوڪڙَ بدلي ڏات وِڪيائون
هئه اڻڄاڻن ڇا ئي ڇاڻي

مٿين شعرن ۾ ’واعدي جو سرڪاري اعلان هجڻ‘، ’سرڪاري ماڻهو‘، ’ڪوڙَ بزارن ۾ اگهه ڪرڻ‘، ’ٻاهران ڍڪيل ۽ اندران اگهاڙو هجڻ’، ’فٽ پاٿ تي تخليقون ۽ سامهون خالق جو گهر.‘، ’چور، ساڌَ جو ڳولي پيرو‘، ۽ ’ايئرڪنڊيشن ۾ هيٺيئن طبقي جون ڳالهيون’، اهي اياز جي چوڌاري موجود سماج جا عڪس آهن، جيڪي سنڌي غزل لاءِ نوان ۽ انوکا موضوع به آهن، ته هلڪيءَ، پر مِٺيءَ طنز سان ڀريل پڻ- مٿين شعرن ۾، اياز گل طنز جي نشتر ته هلائي آهي، پر اهڙي سڀاويڪ طريقي سان جو ڪوبه لفظ بُرو نه ٿو لڳي- ڪوبه جملو ناشائستو ڪونهي. طنزيه شاعريءَ جو اهوئي فن آهي.
هر شاعر جي شاعريءَ جي اڀياس کان پوءِ، ان جو مجموعي تاثر ڪهڙو ٿو ملي، اهو ئي هڪ اصول آهي، جنهن ذريعي شاعر جي مُلهه جو ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو. دنيا جا سڀئي وڏا شاعر، ان ’مجموعي تاثر‘ جي ئي ڪري وڏائي ٿا ماڻن، اهو مجموعي تاثر هاڪاري آهي يا ناڪاري – انسانيت جي لاءِ قبول ڪرڻ جهڙو، ان جي اڳواڻي ڪرڻ جهڙو آهي يا نه؟ اهو هڪ نُڪتي تي مرڪوز (Focus) ٿئي ٿو، يا ٽِڙيل پکڙيل، اوڦٽو، خود متضادي (Self Contradictory) خيالن يا نظرين سان ڀريل آهي. اهو اجائي لفاظي، بي مقصد لفاظي ردم، قافيه پيمائي، اڳينءَ شاعريءَ جي ورجاءَ، يا پاڻ ڏيکارڻ، پاڻ وڌائڻ جي جذبن سان ڀريل آهي؛ يا هڪ اعليٰ مقصد، انسان دوستي، اظهار جي ايمانداري، جذبن جي معصوميت، اصليت ۽ شدت، نِت نَون رنگن ۽ رُوپن سان سنواريل آهي. وڏا شاعر نه فقط لفظن جا وينجهار هوندا آهن، پر فڪر جا اڳواڻ پڻ- اياز گل جي شاعريءَ جي اڀياس مان لڳي ٿو، ته هن جو فڪر، چاهي اهو ڪهڙيءَ به صنف ۾ هجي، انهن اعليٰ قدرن ڏي مرڪوز ٿي رهيو آهي، ۽ ان ۾ مرڪزيت ۽ فڪر جي ايڪائيءَ جا جهلڪا ملن ٿا.
هيٺين شعرن ۾، سندن وطن ۽ دوستيءَ جي جذبن جو سُهڻو اظهار آهي:

مُنهنجي ڌرتيءَ وارا اڄ ڀي
سانجهيءَ ويلَ سويرا ڳولن
*
سنڌڙي سروج آهي جنهن کي
سوَ سوَ گهور انڌيرا ڳولن
*
آءٌ چاهيان ٿو سي چُمڻ جيڪي
سنڌُ جي سڪ جا حوالا نيڻَ
*
ڪالهه هڪڙو ئي هٿ کڄيل هو اڄُ
هڪ، ٻه، سؤ، هزارَ ٿيندا وڃن
*
سنڌ جو ڪرين ٿو سَودو!
تنهن کان ته خودڪشي ڪر

ٿورو تون جاڳُ ۽ پوءِ
جيئڻ جي خاطري ڪرِ

۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي شعر اياز گل جي غزلن ۾ ملندا، جن ۾ هن لاکيڻي شاعر جي، پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ ۽ اُن جي مسڪين ماڻهن سان اٿاهه پيارَ جو اظهار آهي، نه فقط پيار جو اظهار آهي، پر هن دؤر جي حالتن جي عڪاسيءَ سان گڏ موجوده مسئلن جي حل لاءِ پڻ واٽون ڏسيل آهن:

ماڻهو موتَ جي ننڊَ سُتل
تاريخن جا صفحا جاڳن
*
هٿن پيرن هوندي ماڻهو
ڀاڳن تي ڇو ڀاڙي- وو!
*
ڪا نئين ريت نه وجهجو هاڻي
ڏاڍا ريتن مان اڙيل آهيون دوستَ!

پنهنجي وطن پرست فڪر کي، ۽ شاعر جي وطن ڏانهن ذميواريءَ کي اياز گل ڪيڏيءَ نه سبيتائيءَ سان هيٺين ٻن سٽن ۾ سمايو آهي:

اهڙي اوندهِه جو ديسَ- رستو گُم
سجُ ٿي پئه ڪَوي! انهيءَ ٽاڻي

ته انهي ٽاڻي، جڏهن مايوسيءَ ۾ مونجهارن جي ٻاٽ اوندهه، رستو گم ڪري ڇڏيو آهي، ته اياز گل پنهنجي فرض کي محسوس ڪري، سجَ جيان روشني ڪئي آهي.
انگريزيءَ جي چوڻي آهي ته، "Charity begins from home" (خيرات گهر کان شروع ٿيندي آهي) برابر هيءَ چڱائي گهر کان ئي شروع ڪرڻ گُهرجي، پر چڱائي اتي ختم نه ٿيڻ گهرجي. اُها اڳتي وڌڻ گهرجي. پنهنجي ديس جي مٽيءَ ۽ اُن جي ماڻهن سان محبت، ”ايءُ پڻ چڱو ڪم“، پر شاهه لطيف وارو ”او ڪو ٻيو فهم“ به کپي، ”جنهن سان پسجي پرينءَ کي.“ انهيءَ ٻئي فهم لاءِ به شاهه لطيف پاڻ ئي چيو آهي ته:

سائينمِ! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار
دوستَ مٺا دلدار!، عالم سڀ آباد ڪرين.

وڏي شاعر جو ڪم، وطن پرستيءَ تائين محدود نه ٿو رهي، پر اهو اڳتي وڌي، پکڙي، سڄي عالم جي آباديءَ لاءِ جاکوڙ ٿو ڪري، ڇو ته وطن پرستي ۽ قوم پرستي، جي محدود آهي، ته شاؤنزم (Chauvenism) آهي، جيستائين اُها ’عالم جي آباديءَ‘ جي ڳالهه نه ٿي ڪري.
اسان جو اياز گل به ان ’وطن‘ جي ’وحدت‘ ۾ ’عالم‘ جي ’ڪثرت‘ کي سمايو ڇڏي. هُن لاءِ انسان دوستي ۽ انسان پرستي به ايڏي ئي اهم آهي، جيڏي وطن دوستي ۽ وطن پرستي. سندس شاعري مقامي هوندي به عالمي آهي. هِن لاکيڻي شاعرَ نه فقط ’سنڌ جي سُڪار‘ لاءِ پنهنجو قلم وقف ڪيو آهي، پر ’عالم جي آباديءَ‘ جو به اوترو ئي اونو اٿس. اچو ته سندس هيٺيان شعر پڙهون:

جن جي چهري تي جنگ جي ڪارنهن
تن جي هَٿ ۾ امن جا جهنڊا هِن!
*
رات ڪاري اڃا کُٽي ناهي
تو ڇو ڏياٽيون اڳي اُجهايون هِن؟
*
دانهن بڻائيندين ڪڏهن تون گَهر گَهر جي
مولا سائين! ماٺِ اسان جي اندر جي
*
جيئڻ ٿي سيکاري سائين!
راهَه ۾ کاڌل هر ٺوڪَر

هر شيءِ هيڻي ماڻهوءَ آڏو
موتُ اڃا ڀي ڏاڍو پر
*
گولين جا آواز فضا ۾
اُجڙيا ڪي آکيرا هوندا
*
بَم نه توکان، اَنُ گهريو آ
ٻالڪَ انگ اگهاڙي وو!
*
جنهن کي لڳندي سو انسانُ
ديسُ، نه مذهب گوليءَ جو
*
مُلهه جذبن جي عبادت جو نه ڪو
هر ڪو رسمن جي خُدائن ۾ گُم
*
ڪُوڙ، جنهن کي سڃاڻون تون ۽ مان
شالَ تنهن کي وڃي شهر ڄاڻي

مٿيان شعر رڳو مثال طور آندا ويا آهن، پر اياز گل وٽ اهڙا ڪي ئي شعر آهن، جيڪي عالم جي آبادي، ۽ عالمي امن جي لاءِ لکيل آهن، انگ اگهاڙو ٻالڪ، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڃا به موجود آهي، جيڪو ’اَنُ‘ ٿو گهري، ته ان کي ’گولي‘ ٿي لڳي ۽ اها گولي جنهن کي لڳي ٿي، سو انسان آهي. انهيءَ گوليءَ جو نه ڪو ديس آهي، نه مذهب- ماڻهو ’رسمن جي خدائن ۾ گُم‘ آهن. هو ’جذبن جي عبادت‘ کي نٿا ليکن. اهو ’ڪُوڙ‘ جنهن کي ’تون ۽ مان‘ سڃاڻون ٿا، ’شالَ تنهن کي شهر ڄاڻي وڃي‘ ته حالتون بدلجي وڃن.
اياز گلَ وٽ جيترو فني رچاءُ غزل ۾ آهي، اوترو ئي هن جي واين ۾ به آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته اياز جي واين جو تعداد، سندس غزلن جيترو نه آهي، پر فني معيار ڪٿي ڪٿي ته، غزلن جي معيار کان به اڳتي وڌيو وڃي.
وائي نجُ سنڌي صنف آهي، جيڪا ڪلاسيڪي دؤر کان هليو اچي. اسان جي جديد دؤر جي شاعرن ان ۾ نئين جان وڌي ۽ نوان رنگ ڀريا آهن. ان کي دقيانوسي صنف مان تبديل ڪري اڳتي وڌائي، جديد دؤر جي اُڌمن جي اظهار لائق بنايو. اياز گل جي غزل وانگر وائيءَ ۾ پڻ، جڳهه جڳهه تي اهڙا جهلڪا آهن، جن مان اسان جي پنهنجي دؤر جي زندگي- ليئا پائي رهي آهي:

شهرن ۾ گُم ڇوڪرا!
ڪَسيون، ٻَنيون هَرَ
توکي ڳولن ٿا!
*
چمڪن پيا هٿيار ۽
قلمَ، ڪتابن تي،
دَز چڙهي وئي آهي!
*
هر گوليءَ ۾ ڳولي ٿي
پنهنجو گُم ٿيل نانءُ،
ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!
*
اونداهي ڪمري جو مان،
آهيان روشن دانُ!
ماري موتَ نه سگهندين!

گُلَ مُرجهايا پوءِ ڀي،
چمڪي ٿو گلدانُ،
ماري موتَ نه سگهندين!

مٿي ڏنل واين جي سٽن جي اڀياس مان لڳندو، ته ايازگل هن پراڻيءَ صنف کي نئين دؤر تائين آندو آهي. ڪابه صنف دقيانوسي يا جديد ناهي- ڪابه صنف پراڻي يا نئين ناهي. ڪابه صنف ڏيهي يا پرڏيهي ناهي، رڳو شاعر جي ڏانوَ ۽ سبيتائيءَ جي ڇهاوَ سان هر دقيانوسي صنف جديد، هر پرڏيهي صنف ڏيهي ٿي سگهي ٿي.
وائيءَ جو پنهنجو فن آهي. اها دادو ديال کان ٿيندي، اڄوڪي دؤر تائين آئي آهي. اها غنائي صنف آهي. ان ۾ نه رڳو لفظي غنائيت آهي، پر معنوي غنائيت پڻ- لفظن جي لاهه چاڙهه (زيرو بم) ۽ اُچارن جي ترنم سان گڏ ان جي وراڻي اهم آهي. اها هر سٽ کان پوءِ ورهائجي ٿي، ۽ انهي ورجاءَ ذريعي هوءَ هر سٽ ۾ آيل خيال کي هَٿي ٿي ڏئي، Re- inforce ڪري ٿي. ان ڪري، وائيءَ جي سٺي شاعر لاءِ ضروري آهي ته هُو وراڻيءَ کي رڳو رسمي طور نه آڻي. ايئن نه آڻي ڄڻ مجبوري هجي. قافيي کي پُوري ڪرڻ لاءِ، يا گهاڙيٽي جي مجبوريءَ سببان، سُٺو ۽ سمجهُو شاعر وائيءَ جي وراڻيءَ کي هڪ ضرورت ٿو بڻائي ڇڏي. اهڙيءَ طرح جو اها وراڻي جي نه اچي، ته اُن کان اڳ ايندڙ سٽ اڻپوري ۽ اڌوري لڳي. شاعريءَ ۾ اهڙي فنائتي پختگي فقط اهو ئي شاعر آڻي سگهندو، جنهن ان صنف جي استادن، (ڪلاسيڪي توڙي جديد) جو محنت ۽ محبت سان اڀياس ڪيو هوندو. اياز گل اهڙن تمام ٿورن شاعرن مان آهي، جن وائيءَ جي گهاڙيٽي کي پنهنجي عروج تي پهچايو آهي؛ سندس هيٺيون وايون پڙهو:

اندرَ ۾ هي آدمي
مندر ۾ ڀڳوانُ
ڪيڏو تنها ٿي ويو!

سوچي سوچي پاڻَ تي
پاڻَ ئي ٿئي حيرانُ
ڪيڏو تنها ٿي ويو!

ڪوڙُ پُڄي ويو ماڳ تي
رستي ۾ ايمانُ
ڪيڏو تنها ٿي ويو!

هن سڄيءَ وائيءَ مان، هر بند کان پوءِ جي وراڻي ”ڪيڏو تنها ٿي ويو“ ڪڍي ڇڏيو ۽ ان کي پڙهو، ته هرڪو بند اڻپورو لڳندو. اهو آهي ’وراڻيءَ کي کَپائڻ‘. جيڪو وائيءَ جي صنف ۾ ضروري آهي.
اهڙي ئي هڪ ٻي وائي هن طرح آهي:

تو تائين پُهتا
منهنجي نيڻن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!

تُنهنجو نانءُ لِکي ڏٺم
منهنجي هٿن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!

ساڀيائُن جي ديسَ ۾
ساڻن سپنن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!

تون جو آئين شهر ۾
سڀني رستن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!

مٿينءَ وائيءَ مان، هر بند کان پوءِ جي وراڻي ”سارا ٿَڪَ لهي ويا“ ڪڍي ڇڏيو، ته پوءِ ايئن لڳندو، ته ڄڻ خيال اڻپورو رهجي ويو. اهو ئي آهي وائيءَ جو فن، انهيءَ کان سواءِ هٿن جا ٿَڪَ لهڻ، سپنن جا ٿَڪَ لهڻ، ۽ رستن جا ٿَڪَ لهڻ، اهو اهڙو اظهار آهي، جيڪو اياز گل کان اڳ شاعريءَ ۾ اڻ ڇُهيل آهي. ڪنوارو آهي.
هڪ وائيءَ جون هيٺيون سٽون پڙهو:

ننڊون ئي ويندا کَسي
سپنن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

پِٿون پيرَ ويا ٿي
رستن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

توڙي تيز ترارَ جئن
لفظن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

چنڊُ گُهرن ٿا راند لئه
ٻارن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

مٿين سٽن ۾ ماحول ڪلاسيڪي شاعريءَ جهڙو آهي، پر ان کي پيش نئين انداز ۾ ڪيو ويو آهي. ’پِٿون پير ٿيڻ‘ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو محاورو آهي، پر ’رستن کي ڇاهي؟، ڀوڳيون يار اسان ٿا“ سسئيءَ کان اڳتي جي ڳالهه آهي. ساڳيءَ ريت ’تيز ترارَ جيان لفظَ‘ ۽ ’ٻارن جو راند لاءِ چنڊُ گهرڻ‘ به پُراڻا خيال آهن، پر انهن کي نئين نموني پيش ڪيو ويو آهي:

چمڪن پيا هٿيارَ ۽
قلم ڪتابن تي
دَزَ چڙهي وئي آهي!
*
هر گوليءَ ۾ ڳولي ٿي
پنهنجو گمُ ٿيل نانءُ
ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!
*
هيڏيءَ تِکيءَ اُس ۾
ڪَچن رنگن سان
ڇا لئه تون نِڪتين پرين؟!
*
عشقُ اسان جو آرسي
پٿر لوڪ سڄو!

جڏهن ڀي مان سچ سان
آهي لِڇَ ڳنڍي
پٿر لوڪ سڄو!
*
ڇوريءَ ڇڳل ڇَڄُ
ڪڻا ڪونهن ڪڻڪ جا.

مٿي ڏنل سٽون، اياز گل جي فنڪاراڻي جينيس هئڻ جا سُٺا مثال آهن. هن دور جي الميي، علم تي ظلم جي قبضي کي، وائيءَ جي هڪ بند ۾ ڏنل فنائتي عڪس سان ظاهر ڪري، هڪ پُختي شاعر هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي. جتي ڪتابن تي دَزَ چڙهي وئي هجي، ۽ هٿيارَ چمڪندا هجن. اهو منظر ۽ پس منظر جو تضاد (Contrast) هِن عڪس کي تَهائين وڌيڪ چِٽو ٿو ڪري. ساڳيءَ طرح اڄوڪيءَ دهشتگرديءَ جو منظر، جتي ’گوليءَ ۾ پنهنجو گم ٿيل نانءُ ڳولڻ‘ به هڪ جذبي سان ڀريل عڪس آهي. ’تکيءَ اُس ۾ ڪچَن رنگن سان نڪرڻ‘، ’ڇوريءَ جو ڇڳل ڇَڄُ‘ ۽ ’ڪَڻڪَ جا ڪڻا نه هجن‘ به عڪس آهن، انهن عڪسن ذريعي اياز گل، وائيءَ جهڙي ڪلاسيڪي ۽ دقيانوسي صنف کي، جديد هائيڪو رنگ ڏنو آهي. ايئن ٿو لڳي، ته اهي عڪس ڪي هائيڪو آهن، جيڪي هُن ماترائن ۽ قافيي جي بيهڪ جي روايتي گهاڙيٽي کان هٽي، وائيءَ ۾ آندا آهن. اهي تجربا ثابت ڪن ٿا، ته ڪوبه گهاڙيٽو دقيانوسي ناهي. رُڳو شاعر کي ان کي ڪتب آڻڻ جو فن هجي ۽ ايئن ٿو لڳي، ته اياز وٽ اهڙو فن آهي.
ڪتاب جي ترتيب ۾ هائيڪا پوئتي آيل آهن، پر مان انهن جو بيان اڳ ۾ آڻيندس، ڇو ته اها صنف وائيءَ سان گهڻي مشابهت ٿي رکي، ۽ اياز گل جي واين تي ڪيل تبصري ۾ ان جو ذڪر اچي چڪو آهي. هائيڪو جپاني صنف آهي، پر اها سنڌيءَ ۾ ايترو ته کُپي وئي آهي جو، اڄڪلهه ڌاري ئي نه ٿي لڳي. ان صنف کي سولو سمجهي جيترو ان کي لويو ويو آهي، شايد اهڙو ڪنهن ٻيءَ صنف کي نه- اياز گل انهن ڳاڻ ڳڻين سنڌي شاعرن مان آهي، جن هِن صنف جون نه فقط فني ضرورتون پوريون ڪيون آهن، پر ان کي سنڌ جي ماحول، روايتن ۽ ثقافت جو ويسُ پڻ ڍڪايو آهي.
هيٺيان هائيڪا پڙهو ۽ ڏِسو ته انهن ۾ ڪيڏو نه سنڌُ رنگ سمايل آهي:

جوڀَن ياد پيو
ٻُڍڙيءَ کان سُئيءَ ۾
ڌاڳو نه ٿي پيو

نلڪي تي ميڙا
واري تي وِهنجن پيا
ٻارَ ڏئي گيڙا

پنهنجون مهينو پِيٽُ
لِڪي لِڪي لوڪَ کان
ڇوري کائي ميٽُ

لِڪي ملڻ جي هيرَ
ٻه پاڇا ٻنيءَ ۾
ٻنهي اُگهاڙا پيرَ

کيسي ڪتريل
ٻه ڳانا ڳچيءَ ۾
ميلي مان موٽيل

سومهڻيءَ جو گُهٽَ
جَهٽ پلڪ لئه واءُ جو جهوٽو
۽ پوءِ ساڳي ٻُٽَ

مٿين هائيڪن ۾ فني ضرورت مطابق عڪس آهن. عڪس آهن سنڌ جي روزانيءَ زندگيءَ جا، ساڳيءَ طرح ’وٿن‘ کي زمان ۽ ’مڪان‘ ۾ متعين ڪيل آهي. ’ڇا؟‘، ’ڪڏهن؟‘ ۽ ’ڪٿي‘ جا سوال پُڇي، هر هائيڪو مان اهي عنصر ڄاڻي سگهجن ٿا. ڪن هائيڪن ۾(نلڪي وارو، سومهڻيءَ جي گهٽ وارو) موسم جو ذڪر به آهي. ڪن هائيڪن ۾ ’ٿي رهيو هجڻ‘، جيڪا هائيڪو جي فني ضرورت آهي، اهو به موجود آهي. جيئن ’ڌاڳو نه ٿو پيو‘، ’ڇوري کائي ميٽُ‘، ’ميلي مان موٽيل‘ ۽ ’سومهڻيءَ جو گهٽ ۽ واءُ جو جُهوٽو‘ مجموعي طور مٿيان هائيڪا سنڌي هائيڪا آهن، جيڪي سنڌي ماحول جي اُپٽار ڪن ٿا.
اياز گل جا هائيڪا، سندس شاعريءَ جي سڀني صنفن وانگر، ڪنهن نه ڪنهن فڪر ۽ مقصد وارا پڻ آهن. هيٺيان هائيڪو پڙهو:

وارو ڙي وارو!
ڪُوڪون ڪَچي وارن جون
بَند ۾ پيو گهارو

ماني اڄ مکيلَ
پَسي پورهيت جي پُٽ جا
چمڪيا هيڊا ڳلَ

بَمن ڌماڪا
ڌڻي ڏِج پناهَه تون!
ماڻهن جا واڪا

ڏَهن رُپين جي موٽَ
پيٽ بُکيءَ پينو ڇوريءَ جا
چار گهڙيءَ لئه گهوٽَ

مٿيان هائيڪا، سنڌُ جي اڄوڪي ماحول جي دردناڪ تصوير پيش ڪن ٿا، ڪٿي بَند جو ڀڄڻ ۽ ماڻهن جي پريشاني، ڪٿي پورهيت جي پُٽ جا هيڊا ڳل مکڻ جي ماني ڏسي چمڪن ٿا، جيڪو چِٽو عڪس آهي. ڪٿي بَمن جي ڌماڪن تي ماڻهن جا واڪا آهن. ڪٿي پينو ڇوڪريءَ جي پرماريت آهي. هنن هائيڪن کي پڙهي ايئن ٿو لڳي، ته اياز گل نه فقط دردناڪ تصويرون ٿو ڪڍي، پر انهن ڪردارن سان اَٿاهه همدردي به اٿس. اياز هڪ سٺو فوٽو گرافر به آهي ۽ اُن انهيءَ فوٽوگرافيءَ جي فن جو پنهنجي شاعريءَ، خاص ڪري هائيڪن ۾ پورو استعمال ڪيو آهي.
اياز گل جا ڪجهه ٻيا هائيڪو، جيڪي نجُ هائيڪو آهن، ۽ ڪنهن به جپاني استاد هائيڪو چوندڙ جي هائيڪن سان ڪُلهو هڻي سگهن ٿا.

ماءُ پيءُ سُتل ها
ٽاڪَ منجهند جو ٻارڙا
ليوڊو پئي کيڏيا

آفيس مان ايندو
ٿَڪجي پئي هوندينءَ تون!“
چُمي ڏئي چوندو

پُراڻو مندر
ڪرشن جي مورتيءَ تي
ويٺل ڪبوتر

ماءُ ڏِنس دڙڪا
چِٻَ ڪڍيا ٿي ٻارڙي
ڀريندي سُڏڪا

ڇَتِ جيڏي ڇوري
رَڙ ڪيائين زور سان
ڏِسندي ئي ڪرڙي

مٿان سُڪل وڻُ
هيٺان آءٌ اڪيلو، سامهون
رڍُن جو هڪ ڌڻُ

جوئار جي اوٽَ
سيسراٽيون سرٻاٽ!
ڪانن ۾ ڦڙڦوٽَ

مٿيان هائيڪو، عڪسن جي لحاظ کان تمام مٿاهان آهن، سنڌيءَ ۾ تمام ٿورن شاعرن اهڙا عڪس پيش ڪيا آهن. اياز گل بهترين هائيڪو لکندڙ شاعرن مان هڪ آهي.
هائيڪن کان پوءِ ٽيڙو آهن، جن ۾ آهن ته ٽي سٽون، پر ماترائن جي ترتيب هائيڪو واري نه آهي. ٽيڙوءَ ۾ ٽنهي سٽن ۾ هڪجيتريون ماترائون يا عروضي رُڪن آهن، البت قافيي جي ترتيب هائيڪو واري آهي. هن صنف ۾ به اياز گل ڪاميابيءَ سان لکيو آهي:

نفرت جنهن جي ٻولي آهي
مُنهنجي هَٿَ ۾ گل سندس لئه
هُن جي گَنِ ۾ گولي آهي

موتَ جي ڪيڏي ڀرتي آهي
پنهجي پاڇي کان ڇِرڪان ٿو
ڇا هي منهنجي ڌرتي آهي؟

هائيڪن کان پوءِ اياز گل جا گيت اچن ٿا. جيئن مون اڳي لکيو آهي، ته اياز گل هڪ غَنائي شاعر آهي، ۽ گيتُ هڪ نجُ غَنائي صنف آهي، جيڪا شروع کان موسيقيءَ سان ڳوڙهو ڳانڍاپو رکندي آئي آهي. اياز گل نه فقط ڳائجي سگهڻ لائق گيت لکيا آهن، پر انهن ۾ آيل لفظن جي ردم، ۽ ٽي ايس ايليٽ واري، شاعريءَ جي موسيقي پڻ ڀري اٿئين، جن جو واسطو لفظن جي مترنم اُچارن ۽ وراڻين جي موزون ۽ وڻندڙ سٽن سان آهي.
سندس گيتُ ’توبِن ڪهڙا ڇانورا‘ سلاست ۽ غنائيت جو سهڻو سنگم آهي:

مُنهنجي ڇانوَ ڇپرُ تون آهين
مان درياهُه، ڪپر تون آهين
او سانورا اوبانورا!
توبِن ڪهڙا ڇانورا!

يا هي ٻيو گيت:

ڇَڏِ ڇَڏي ڇيڳُ نه ڪر او ڇوري!
ڇڏ ڇڏ ڇيڳُ نه ڪر!
ٽُٽڻي ناهي رُسي وڃڻ تي
پيارَ جي پُختي ڏوري
ڇڏ ڇڏ ڇيڳُ نه ڪر!

هن گيت جي وراڻي ”ڇ“ جي تجنيس ۽ ”ڏ“ جي Consonance سان ڪيڏي نه رِدم واري ٿي پئي آهي:
هيءُ گيت پڙهو:

واڪا واڪا
وِڄُ وراڪا
منهنجا گيت الا!
سُر سنگيت الا!

هن گيتَ ۾ به نغمگي آهي، پر اها ٻئي مزاج جي آهي، اها رومانوي نرم نازڪ ناهي، پر موضوع آهر سخت آهي. واڪا واڪا ۽ وڄُ وراڪا، سٽ کي سخت بنائي ٿا ڇڏين.
ان جي برعڪس، هڪ گيتَ جون هيٺيون سِٽون پڙهو:

جيءَ ۾ جِهيڻا سازَ ڇڙيا هِن
خوشبو خوشبو گُل ٽِڙيا هِن
مَن مَن مُند ملهائي
ياد آ تنهنجي آئي
رات ٿئي ٿي چنڊُ چڙهي ٿو
گهرا گهرا گهاوَ گهڙي ٿو
يادُن ننڊ ڦٽائي
ياد آ تنهنجي آئي

نرم لهجو، نرم ۽ مڌر موسيقي، هلڪي ۽ موضوع سان ٺهندڙ- ج، جهه، گهه ۽ گ جي هلڪن اُچارن هن گيت کي سانتيڪي مڌرتا جو رنگ ڏنو آهي.
بيت، سنڌي شاعريءَ جي مقامي ۽ ڪلاسيڪي صنف آهي، جنهن کي ڪجهه عرصو پوئتي رکيو ويو هيو، پر جديد دؤر ۾ ان جي اهميت کي ٻيهر محسوس ڪيو ويو، ۽ ان کي جديد دؤر جي فڪري اظهار جي لائق بنايو ويو. اياز گل توڙي تورا بيت لکيا آهن، پر انهن ۾ به هُن پنهنجي ذاتي شاعراڻين روايتن ۽ اسلوب کي برقرار رکيو آهي.
هيٺين بيتن ۾، جيتوڻيڪ موضوع ماريل آهي، پر تڏهن به اياز گل ان ۾ پنهنجي ذاتي اظهار سان نواڻ پيدا ڪئي آهي:

تو دَرِ ڪيئن اچڻ جي، هينئڙي وجهان هيرَ،
مُنهنجا ميرا پيرَ، اڱڻ تُنهنجو اُجرو،

ندوريءَ سان نينهنَ، لائي لڏي وئين هليو،
توريءَ ڏنگن روح کي، ڏينڀوءَ وانگي ڏينهنَ،

ملڻ سندا مينهنَ وَسئي ڪي ئي ورهيه ٿيا.
اکين ۾ سپنا ائين ٿَرَ ۾ جيئن ٿوهَر،
تن مان ڪوئي پَر، ساڀيا ماڻي نه سگهي.

هيٺئين بيت ۾ هائيڪو- رنگ عڪس آهي:

کِلي جڏهن کيچِلي، ڳلن چُگهَه پون،
چِتَ کي چريو ڪنِ، ڳلن ڳُجهيون ڳالهيون.

ميرن پيرن سان اجري اڱڻَ ۾ اچڻ، ڏينهنِ جو ڏينڀَن وانگر ڏنگڻ، ٿوهرن جهڙا سپنا، ۽کِلڻ سان ڳلن ۾چُگهه پوڻ، رومانوي شاعريءَ ۾ نئين اظهار جا مثال آهن. هنن بيتن ۾ تجنيس حرفي Consonance ۽ Assonance جو ردم پڻ ملي ٿو.
اياز گل، بيتن ۾ پنهنجي دؤر کي چِٽڻ جي پڻ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي:

مُرڪي وڌيا موتَ ڏي، گهوٽن کاڌا گهاوَ،
ڏاڍن جا ڏهڪاوَ، لٿا ڄاڻ ته ڏيهَه مان.

اڳتي وڌو، ڪُوڙَ جا، اِجهي ڪريا ڪوٽَ،
ماڳ پُڄي پوءِ موٽَ، مهڻو کڻجو ڪينڪي.

دوهو، هندي صنف آهي، پر سنڌيءَ ۾ رچي ويل آهي. اياز گل، دوهي جي صنف ۾ پڻ ڪاميابيءَ سان لکيو آهي. هن دوهي جي صنف ۾ روايتي ٻوليءَ ۽ ماحول کي پنهنجي دؤر کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو آهي:

حيرتَ ۽ افسوس مان ويٺي، سوچيو پئي ڀڳوانَ
مون کي واهَه جو روليو آهي، دنيا ۾ انسانَ

موتُ لڳو پئي هرڪو منظر، رُڃَ حياتي ڀاسي
تنهنجو پيار وٺي آيو آ، ٻيهر جيون پاسي

خالي کوکي جهڙا ماڻهو، بند سڀن جي دل جا دَرَ
ميڪ اپ جي تهَه هيٺان چهرا، ڊٺل شهر جا کنڊَر

هن صنف مان به اياز گل جو ذاتي اسلوب جهلڪا پيو ڏئي:

ديپُ ته ڪوئي ناهيان مان، پر آهيان مان ٽانڊاڻو
تيز هوائُن ۾ ڀي جيڪو، ڪڏهين ڪين اجهاڻو

هن دوهي ۾ نه فقط فڪر جي نواڻ آهي، پر اياز جي ٽهيءَ جي خود اعتمادي ۽ اڳتي وڌڻ جو ساهس پڻ سمايل آهي.
جيئن مسلسل غزل ٿيندو آهي، تيئن مسلسل دوها پڻ ٿيندا آهن، جن کي ’ڇند ۾ مثنوي‘ به چئي سگهجي ٿو. ان ۾ قافيو به هر ٻن سٽن جو ساڳيو هوندو آهي، پر موضوع هڪ- يعني دوهي جي گهاڙيٽي ۾ نظم- اهڙو ئي هڪ نظم اياز گل جو آهي:

سالَ برابر لڳندي آهي، توبِن هڪ گهڙي
ڪيئن گذاري سگهبا جاني! ڏهه ڏهاڙا هي

ٽن ڏينهن کان مليو نه آهين، آهي مَن اُداس
چوڏهينءَ چنڊ امبر تي آ، ڀانيان پوءِ به اماس

ساڀيائُن کي ساري ساري، ڏرا ڏئي ويا نيڻَ
ڪلهه به سپنا سيڻَ اکين جا، اڄ به سپنا سيڻَ

شيو وڌائي ڪپڙا ڦاڙي، بَنَ ڏي نڪري وڃجي
دل چاهي ٿي اڄڪلهه پنهنجي پاڻ کان وِسري وڃجي

هي مسلسل دوها آهن، جن ۾ مرڪزي خيال شروعَ کان آخر تائين ساڳيو آهي، هيءُ ’دوهي ۾ نظم‘ آهي. هن ۾ ’ڏرا ڏيئي ويا نيڻَ‘ جو روايتي محاورو به آهي ته، ’شيو وڌائڻ‘ وارو جديد محاورو پڻ ۽ آخري سٽ ۾ ’پنهنجو پاڻ کان وسري وڃجي‘ فني، فڪري ۽ جذباتي اظهار جي چوٽ آهي.
اياز گل ڪجهه ترائيل به لکيا آهن. هن صنف ۾ هن ايترو رچاءُ پيدا نه ڪيو آهي. جيترو غزل، گيت ۽ وائيءَ ۾، پر تڏهن به هن جو هيٺيون ترائيل انوکو آهي ۽ ان ۾ هڪ اميد ڀريو جذبو آهي:

هي ڊٺل شهر ڏِسي، هانءُ نه هاريو يارو!
ڇو ته ٿو جڳُ نئون ڀي ڪوئي جوڙي سگهجي
جوشَ ۽ اڌ مُئي جذبي کي جياريو يارو!
هي ڊٺل شهر ڏسي، هانءُ نه هاريو يارو!
ذهن جي قيد مان، سوچن کي اُڏاريو يارو!
ماٺِ روئي يا ٽهڪ ڏئي ڀي ٿي ٽوڙي سگهجي
هي ڊٺل شهر ڏسي، هانءُ نه هاريو يارو!
ڇو ته ٿو جڳُ نئون ڀي ڪوئي جوڙي سگهجي

اياز گل جي آزاد ۽ نثري نظمن ۾ ڀانت جو مزاج ملندو. ايئن لڳي ٿو، ته اياز گل ان صنف ۾ اڃا تجربا ڪري رهيو آهي، ڇو ته ان صنف ۾ هن ٻين صنفن وانگر هڪ ڪَرو اسلوب اختيار نه ڪيو آهي. هن نظم ’ناشڪري‘ مختصر آهي، پر ان ۾ مختصر ڪهاڻيءَ وارو Climax آهي:

پرين!
مُنهنجي ننڍڙي گهرَ ۾
خدا جو ڏنو سڀڪجهه آهي
سواءِ تنهنجي!

ساڳيءَ طرح هيٺئن نظم ۾ به ڪلائيمڪس آهي:

ٻالپڻ کان ٿا
اهو ٻُڌندا اچون
ڪوئي جي ياد ڪري ٿو،
ته ٿئي ٿي هڏڪي
پر اهو ڪُوڙ، صفا ڪوڙ
لڳي ٿو هاڻي
ايئن هجي ها ته پوءِ
تُنهنجي هِڏڪي
بند ئي ڪين ٿئي ها
سانئڻ!

سندس نظم ’سائينمِ سدائين ڪرين‘ به دل ڇُهندڙ آهي. ’دل جي ديس مان جلاوطن يادون‘ آزاد نظم گهٽ، مونو لاگ ۽ ادب لطيف وڌيڪ ٿو لڳي. ساڳيءَ ريت ’سپنو ۽ ساڀيا‘ هڪ ننڍڙي، ڪلائيمڪس واري ڪهاڻي ٿي لڳي. نظم ’لاڳاپو‘ ۾ پڻ ساڳيو ڪهاڻيءَ ۽ ڪلائيمڪس وارو تاثر آهي.
ڪن نظمن ۾ اياز گل ڪمال جو اظهار ڪيو آهي، ۽ انهن ۾ نه فقط نغمگي ڀري اٿائين، پر اُهي تاثر ۾ به ڀرپور آهن، جيئن ’وڇوڙي جو پهريون نظم‘ جون هيٺيون سٽون:

ٽيپ تان ڪوبه خوبصورت گيتُ
صرف هڪ شور ٿو لڳي هاڻي
دردِ کي عمر ٿي آ ساماڻي
پاڻ کي پاڻ اوپرو ٿو لڳي
ٽهڪ تي روڄَ جو گُمان ٿو ٿئي
ڄڻ ڏسڻ ۾ ڀڳل لڳان ٿو مان
آئيني کي مُئل لڳان ٿو مان
تون وئي آن ته ايئن ڀاسي ٿو
تون وئي آن ته ايئن ڀاسي ٿو

نظم ’اداس پل جو هڪ وعدو‘ جون هيٺيون سٽون نه فقط جديد رومانوي اظهار جو سهڻو نمونو آهن، پر انهن ۾ آزاد نظم جي اها نغمگي به موجود آهي، جيڪا هن صنف جو لازمي جزو آهي:

نه تُنهنجو خيال، نه جذبن جي ڪائي ڪِتڪائي
نه جاڳ ۽ نه وري ڪا اکين ۾ لالائي
جي ذڪر آيو ڪٿي تُنهنجو ڪنهن به محفل ۾
ته اهڙو ڏيکُ ِڏبو ڄڻ نه ڪا شناسائي

نظم ’آخري رستو‘ جي هيٺين سٽن ۾ ردم جي رِم جِهم ڏسو:

سارو جيوَن ته داوَ تي آهي
هر ٽهڪُ، لڙَڪ جي آ نانءِ ٿي ويو
درد- درياهه آهي اُٿلي پيو
سارا رستا وڃائي آيا سي
سارا ٻيڙا جلائي آيا سي
آڳ آهي اڳيان پٺيان پاڻي
۽ هاڻي
جيتَ ملندي ته ڀلا چئبا ڀاڳ

هنن سٽن ۾ قافيي جو استعمال ۽ خاص ڪري ٻن اڻپورين سٽن ۾ قافيو ’پاڻي‘ ۽ ’هاڻي‘ ۽ ’هاڻي‘ تي سٽ جو ختم ٿيڻ آزاد نظم جي فنائتي استعمال جو نمونو آهي- ڇو ته ’۽ هاڻي‘ تي ردم ختم ٿو ٿئي، ڄڻ اهو فل اسٽاپ آهي، ۽ ان کان پوءِ اڳتي ’جيت ملندي...‘ وارو بند شروع ٿو ٿئي.
نظم ’خوشي‘ جون هيٺيون سٽون پڙهون:

ڪنهن چيو هو ته:
”هوءَ هتان لنگهندي“
۽ انهيءَ موڙ تي مان
ڪيترا سال ائين بيٺو رهيس
جو سڄو انتظار بڻجي ويس
ٻئي اکيون ديپَ هُن جي راهن جا
۽ خيالن جون سڀ مندون هُن جون

اهي سٽون لفظي ردم ۽ معنوي ردم جو چٽو مثال آهن.
اياز گل جو بهترين آزاد نظم آهي: ’ڊهندڙ ماڻهو‘

صدين کان وڄي پيو ساڳيو سازُ

سازُ بيڪار بي سُرو آواز
زندگي آهي ڏاندَ گاڏيءَ جيان
۽ ڏکن جو مٿانس بارُ سٿيل
پاڻَ بيمار ڏُٻري ڏاند جيان-
نَڪَ ۾ بيوسيءَ جي نَٿَ پيل
زندگانيءَ جي ڏاندَ گاڏيءَ ۾
ڄائي ڄم کان ئي ڍُڪايل آهيون اسين
ڪنهن اڻ ڄاتي ماڳَ طرف
دردَ جي ڊاٻَ ۾
گِهلبا، ڪِرندا ۽ ڊهندا
هلندا هلون
۽ گهلجڻ سان پيو ٿو پيدا ٿئي
سازُ بيڪار، بي سُرو آواز!

مٿين نظم ۾ ڏنل ڏاندَ گاڏيءَ جي تمثيل، ۽ ان جي بي سُري آواز تي زور، ۽ آخري سٽن ۾ ”گهِلبا، ڪِرندا ۽ ڊهندا“، جو ردم ۽ چُرندڙ عڪس سان ردم جو لاڳاپو، هن آزاد نظم کي مثالي آزاد نظم بنائن ٿا.
هاڻي ٻئي پاسي اچون ٿا- اياز گل اڃا وزن بحر جون ڪجهه غلطيون ڪري ٿو:

بي قُربن جي دنيا ۾ او قُرب ورهائڻ وارا!
هرڪو تنهنجي هيرن جهڙن جذبن کي ٺُڪرائيندو

هن شعر جي پهرين سٽ، وزن توڙي ماترائن ۾ کُٽل آهي.

رات ڪاريءَ ۾ هِن
تنهنجون يادون مشعل

ٻيءَ سٽ ۾ مشعل جو ”ع“ ڪيرائي، مشلَ ڪري پڙهجي ٿو، تڏهن، وزن پورو ٿو ٿئي.

لُڙڪَ ها، گيت ها، گلاب هئا
صرف پاڳل اکين جا خواب هئا
*
مان تُنهنجي شهر جي جنت مان پوءِ به تڙجي ويس
گهڻائي کاتي ۾ توڙي سندم ثواب هئا

هن غزل جون پهريون ٻه سٽون فاعلاتن مفاعلن فعلن تي آهن، ته باقي فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن ۽ آخري ڏنل سِٽَ مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن تي.

لفظَ ڳوليندا رهيا سي ٻيئي
راتِ چُپ چاپ ئي لنگهي ويئي

پهرين سٽ فاعلاتن فعلاتن فعلن تي آهي ته، ٻي سٽ فاعلاتن مفاعلن فعلن.

مٿي مون ڪجهه مثال ڏنا آهن. اهڙيون غلطيون اياز گل، جهڙي قد و قامت، شهرت ۽ هر دلعزيزيءَ واري شاعر تي ٺهن نه ٿيون. اياز گل جي اهڙا شعر دوست ڪري يا ڪڍي ڇڏي ته سندس ڪتاب بي عيب ٿي پوندو.
هن اڀياس لکجڻ دوران اياز گل جا تازا لکيل غزل مليا، جيڪي هِن اڀياس ۾ شامل ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جيئن ته اياز گل جي غزلن جي خوبين تي، هن ئي مضمون جي شروع ۾ تفصيلي اُپٽار ڪيل آهي، ان ڪري، هنن نون غزلن مان فقط ڪي چونڊ شعر ڏيندس، جن مان اياز گل جي شاعريءَ جون اڳ بيان ڪيل خوبيون جَر جَر جرڪي رهيون آهن:

سياڻو ٿيءُ ڇو خون ڪرڻ ٿو چاهين تون!
مون کان پنهنجي يادِ کسڻ ٿو چاهين تون!

ساڀيائون ڀي اهم ٿين ٿيون جيونَ ۾
ڇو آخر پوءِ خواب ٿيڻ ٿو چاهين تون!
*
بدن جا عيبَ سمورا انهيءَ ۾ ڍڪجي ويا
هي پيارُ اهڙو ته پهراڻ ٿي ويو آهي

اکيون رڳو نه، هُو وڇڙيو ته پنهنجي شعرن جو
اکر اکر ئي ته آلاڻ ٿي ويو آهي

ملڻ مان، لهجي مان، ڪيڏو لڳي پرائو ٿو
ائين ته ڪونه هو، جيئن هاڻ ٿي ويو آهي؟
*
چَپڙن لفظَ چيا جي ناهن
شايد ڪي اقرارَ گُهرن ٿا

ڌرتيءَ کي دوزخ ٺاهيندا
هُو جيڪي هٿيارَ گهرن ٿا
*
ڪنهن ٻالڪ جي اندر وانگي
ماڻهو آ هُو مندر وانگي

سانئڻ!، اڄڪلهه ڇو ٿي وئي آن
جُون ۾ ٻَرندڙ سکر وانگي

آءٌ سدائين تو سان رهندس
منظر سان پس- منظر وانگي

نَڪو ملي ٿي، نه ئي نيڻ ٿي پڙهڻ ڄاڻي
هوءَ ڇوڪري به رڳو سُور ٿي ڏيڻ ڄاڻي

انهيءَ کي ڪهڙي خبرَ، لفظَ ڪيئن مارن ٿا؟
جا ڳالهِه ڳالهِه ۾ بس طنزَ ٿي ڪرڻ ڄاڻي
*
ڇرڪُ ڀري ائين اندرَ جاڳي پوندا هِن
هوءَ جي مُرڪي منظرَ جاڳي پوندا هِن

جڏهِن به ٿڪجڻ لڳندي آهي تنهائي
لفظَ، قلم ۽ ڪاڳرَ جاڳي پوندا هنِ

هونءَ ته پنهنجو پاڻَ ۾ پُورا هوندا هِن
ديسُ ڏکيو ٿي، شاعرَ جاڳي پوندا هِن
*
هُن کان پڇجانءِ: ”گڏ هلي سگهندينءَ!“
هڪڙو ننڍڙو سوالَ ڪم ايندءِ!
*
دل روئي پر مُرڪَ چَپن تي رکڻي آ
دُشمن تي دهمانُ، ضروري آ پيارا!

دردَ، دلاسا، اُلڪا، آسون سانڍڻ لئه
دل جهڙو گلدان، ضروري آ پيارا!
*
توکي رڳو جو ڪورو ڪاڳر لڳي پيو
مون کي صفا ٿو پنهنجو اندر لڳي پيو

سجَ وانگي مان انهي ۾ لهان ۽ ٻُڏي وڃان
تُنهنجو وجود مون کي ساگر لڳي پيو
*
دردَ جي ديس ڏانهن وٺي ٿا وڃن
سُور آهي هي سارَ جا رستا

مون کي جيڪي مليو، اکين تي دوستَ
توکي پرتا، بهارَ جا رستا

هُو طوفان ڪو سامونڊيءَ، مان
آهيان ڪيٽي بندر وانگي

ڪڏهن ڪڏهن جيونُ لڳندو آ
يارَ! ڳچيءَ ۾ سنگهر وانگي
*
پيارا ماڻهو!، ماٺ نه آهيون
ڳوڙهو ڳوڙهو ڳالهائي ٿو

مون ڏي ئي موٽي اچڻو ٿئي
گهرَ جو رستو ڳالهائي ٿو
*
پاڻ کي پاڻ اجنبي ٿو لڳان
تو بنا اهڙا حال ٿي ويا هِن

اسان جي شاعر اياز گلَ، جي غزلن مان مٿي ڏنل شعر ٻُڌائين ٿا ته، هُن غزل جي صنف ۾ ڪيڏي نه ڪماليت حاصل ڪئي آهي، جيڪا جديد سنڌي شاعريءَ ۾ رُڳو نارايڻ شيام کي ئي حاصل ٿي سگهي آهي.
مجموعي طور اياز گل، پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ مٿانهون ته آهي، پر سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ هُو، سدائين چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪندو رهندو. سندس غزل، وايون، گيتَ ۽ هائيڪا سنڌي شاعريءَ جو فخر لائق ورثو رهندا.


تنوير عباسي
سرمد جو گهر
خيرپور ميرس
3- جنوري 1996ع

غزل

---

غزل

اياز گل هي شاعريءَ کي هڪ انوکي خوشبوءِ آهي، جا نِمُ جي ٻُر ۾ ٿيندي آهي ۽ ان کي هڪ الڳ رنگُ آهي، جو پڪل پيرُن ۾ ٿيندو آهي.

ــــ شيخ اياز

ڪنهن ٻالڪَ جي اندرَ وانگي

ڪنهن ٻالڪَ جي اندرَ وانگي
ماڻهو آ هُو مندرَ وانگي

پيارُ اسانجو شيشي وانگر
ماڻهو ماڻهو پٿرَ وانگي

سانئڻ!، اڄڪلهه ڇوٿي وئي آن
جُون ۾ ٻرندڙَ سکرَ وانگي

نيڻَ ڪري ويو گهايل گهايل
خوابُ هيو ڪو خنجرَ وانگي

آءٌ سدائين توسان رهندُس
منظرَ سان، پَس منظرَ وانگي

هُو طوفان ڪو سامونڊي، مان
آهيان ڪيٽي بندرَ وانگي

ڪڏهن ڪڏهن جيونُ لڳندو آ
يارَ! ڳِچيءَ ۾ سنگهرَ وانگي

سياڻو ٿيءُ، ڇو خُون ڪرڻ ٿو چاهين تون!

سياڻو ٿيءُ، ڇو خُون ڪرڻ ٿو چاهين تون!
مون کان پنهنجي يادِ کسڻ ٿو چاهين تون!

جيونَ! هڪڙو پيارُ نئون آڇي مون کي
شايد مون سان ڀوڳُ ڪرڻ ٿو چاهين تون!

لهجو تُنهنجو روزُ وڃي خنجرُ ٿيندو
چئين ٿو، مُنهنجا گهاوَ ڀرڻ ٿو چاهين تون!

رستا ڇا، مان شهرُ ڇڏن لئه راضي هان
ڇا لئه هي الزام کڻڻ ٿو چاهين تون!

سوچ کڻي تُنهنجي دنيا آ، مان ناهيان!
تنهن کان ڇو ائين دُور رهڻ ٿو چاهين تون!

ساڀيائون ڀي اهم ٿين ٿيون جيوَن ۾
ڇو آخر پوءِ خواب ٿيڻ ٿو چاهين تون!

هُوءَ وينگسِ ڪنهن سمنڊَ جيان آهي پيارا!
ناوَ بِنا جو پارِ ڪرڻ ٿو چاهين تون!

جو مُنهنجي حصّي ۾ اچڻو ئي ناهي
ڇو اهڙو اعزاز ٿيڻ ٿو چاهين تون!

وقتَ! قدُر ڪر ديوانن جو، ائين نه ڪر:
پنهنجو ٿي ۽ پيرَ ڪڍڻ ٿو چاهين تون!

بَسنتِ رُت ۾ به، پِيلاڻ ٿي ويو آهي

بَسنتِ رُت ۾ به، پِيلاڻ ٿي ويو آهي
هُو شخص عشقَ جو اُهڃاڻ ٿي ويو آهي

جڏهن به توسان مليو آهيان، ائين لڳو آهي
سڄو وجودُ ئي سُرهاڻ ٿي ويو آهي

بَدن جا عيبَ سمورا انهيءَ ۾ ڍَڪجي ويا
هي پيارُ اهڙو ته پَهراڻ ٿي ويو آهي

سمورو ڳوٺُ ٿو پنهنجيءَ ته سونهَن سان ٻوڙي
هُو ڄڻ آگسٽ ۾ مِهراڻ ٿي ويو آهي

اکيون رڳو نه، هُو وِڇڙيو ته پنهنجي شعرنِ جو
اکر اکر ئي ته آلاڻ ٿي ويو آهي

ملڻَ مان، لَهجي مان، ڪيڏو لڳي پرائو ٿو
ائين ته ڪونه هو، جيئن هاڻ ٿي ويو آهي!

ڪي ٿورا ڏينهن اڳي، مان سندس حياتي هوس
جو مُنهنجي نانوَ کان اڻڄاڻ ٿي ويو آهي

يادگيريون سنڀال، ڪم ايندءِ!

يادگيريون سنڀال، ڪم ايندءِ!
ڪنهن وِڇوڙي جي سال، ڪم ايندءِ!

راهَه اوندهِه، اڳيان حياتيءَ جي
پيارُ ڏِيئي مثال، ڪم ايندءِ!

هُن کان پُڇجانءِ: ”گڏ هلي سگهندينءَ!“
هڪڙو ننڍڙو سوال، ڪم ايندءِ!

تو وِساري ڇڏيو، چڱو ئي ڪيئه
ڪهڙو برباد حال، ڪم ايندءِ؟!

ماڻِ لمحا مِلڻ جا، پر دل ۾
ڪي جُدايون به پال، ڪم ايندءِ!

مان نه هوندُس جڏهن، تڏهن ڏِسجانءِ
جڳَ! مُنهنجو مثال، ڪم ايندءِ!

کيس چنبڙي پئين ته ڇا ملندءِ!
ڇڏِ ماضي ته حال، ڪم ايندءِ!

ڇرڪُ ڀري ائين اندرَ جاڳي پوندا هِن

ڇرڪُ ڀري ائين اندرَ جاڳي پوندا هِن
هوءَ جي مُرڪي منظرَ جاڳي پوندا هِن

ياد ائين، جيئن هوريان هوريان گهِنڊَ وڄن
ذهنَ ۾ ڄڻ ڪي مندَر جاڳي پوندا هِن

جڏهن ٿَڪجڻ لڳندي آهي تنهائي
لفظ، قلمُ ۽ ڪاڳَر جاڳي پوندا هِن

سولائيءَ سان وِڇڙي سگهبو آهي، پر
نيڻن ۾ ڪي ساگَر جاڳي پوندا هِن

جذبا سَرد ٿيڻ لڳندا آهن جڏهين
رِشتن ۾ ڪي خنجرَ جاڳي پوندا هِن

جڏهن به گڏبو آهين، توکي ڏِسندي ئي
اندرَ ۾ ڪي اوڳرَ جاڳي پوندا هِن

هونئن ته پنهنجو پاڻَ ۾ پُورا هوندا هِن
ديسُ ڏکيو ٿي، شاعرَ جاڳي پوندا هِن

نَڪو ملي ٿي، نه ئي نيڻَ ٿي پڙهڻ ڄاڻي

نَڪو ملي ٿي، نه ئي نيڻَ ٿي پڙهڻ ڄاڻي
هُو ڇوڪري به رڳو، سُور ٿي ڏيڻ ڄاڻي

انهيءَ کي ڪهڙي خبرَ، لفظ ڪيئن مارِن ٿا!
جا ڳالهِه ڳالهِه ۾ بس، طنزَ ٿي ڪرڻ ڄاڻي

عمل، نه سوچَ، نه ڪوششِ، تباهه ٿي ويندو
هُو روئڻو، جو ٿڌا ساهَه ٿو ڀرڻ ڄاڻي

سمورا سڱ ڇِني وئينءَ ته خير آ سانئڻ!
هي دل ٿي آسَ جا لاشا سدا کڻڻ ڄاڻي

حياتي کيس ٺڳيندي الائي ڪيڏو اڃا؟
جو شخصُ پيار رُڳو پيارُ ٿو ڪرڻ ڄاڻي

اسان جا خوابَ ورائي ڏئي ته کيس مَڃون!
جو پنهنجي پَرِ ۾ کڻي معجزا هلڻ ڄاڻي!

کٽڻَ جي ڳالهِه اُنهي لاءِ آهه به معنيٰ
سدائين هارَ مان جو حوصلو وٺڻ ڄاڻي

ايازُ ڪيئن پري پاڻَ کان ڪري سگهندؤ؟
اوهان جي دل ۾ ٿو احساسَ جيان رهڻ ڄاڻي

سڀنِ سان مُرڪي ملي ٿي، ملي وَڻڻ ڄاڻي
هُو ڇوڪري به رڳو تِيرَ ٿي هڻڻ ڄاڻي

گهڙي گهڙي گولِي ٿي ڀاسي

گهڙي گهڙي گولِي ٿي ڀاسي
ويرِين جي ٽولِي ٿي ڀاسي

ٿو بِن هيءَ حياتي، ڦاٽَل
اوڏڻِ جي چوِلي ٿي ڀاسي

توسان چارِ گهڙيون ڇا گهاريم!
هر پاسي هولِي ٿي ڀاسي

هوءَ ڪڏهن پنهنجي ۽ ڪڏهين
ڌاري ڪا ٻولِي ٿي، ڀاسي

گهارِ حياتي، پوءِ پُڇندو سانءِ!
توکي جي سوِلي ٿي ڀاسي

سارو زور وِڃائي ويهندي
ڇوري جا ڇولِي ٿي ڀاسي

هيءُ سڄو سنسار، جيئرو آ پرين!

هيءُ سڄو سنسار، جيئرو آ پرين!
جيسيتائين پيار، جيئرو آ پرين!

توسان گڏجڻ لاءِ ٿو کيٽو ڪري
مَنَ ۾ هڪ ٻار، جيئرو آ پرين!

پنڊ- پَهڻ رهندا سدا جذبا اگر
وچ ۾ انڪار، جيئرو آ پرين!

ذهنَ ۾ تُنهنجو تصور ايئن رهي
مُئلَ جو حقدار، جيئرو آ پرين!

زندگيءَ جي جيت آ، هر حالَ ۾
جيسين ڪو فنڪار، جيئرو آ پرين!

گهرَ کان آفيس، گهر، آفيس، گهر
سو ته ڄڻ لاچار، جيئرو آ پرين!

مَنَ ۾ ڪو مهمانُ، ضروري آ پيارا!

مَنَ ۾ ڪو مهمانُ، ضروري آ پيارا!
دردَن جو درمانُ، ضروري آ پيارا!

دِل روئي پر مُرڪَ چَپن تي رکڻي آ
دُشمنَ تي دهمانُ، ضروري آ پيارا!

هوريان هوريان هُن کان دُور هليو وڃبو
سُورن جو سامانُ، ضروري آ پيارا!

بيشڪ سارا روپَ رکو ڀل ماڻهوءَ جا
اَندرَ ۾ انسانُ، ضروري آ پيارا!

ڪڏهن لِڪائي رکجي پيارُ زماني کان
ڪڏهن اهو اعلانُ، ضروري آ پيارا!

ڄاڻان ٿو مشڪل آ، گڏجڻ ۽ پرچڻ
رکجي پر اِمڪانُ، ضروري آ پيارا!

دردَ، دِلاسا، اُلڪا، آسون، سانڍڻ لئه
دِل جهڙو گُلدانُ، ضروري آ پيارا!

خوابَ، نه عڪسَ، نه پيارَ گُهرن ٿا

خوابَ، نه عڪسَ، نه پيارَ گُهرن ٿا
نيڻَ رُڳو ديدارَ گهُرن ٿا

توکي سارو جيونُ اَرپي
ٿورا ڪي اختيارَ گُهرن ٿا

ساري جڳَ کان جِيتي ڀي هُو
توکان هر هر هارَ گهُرن ٿا

لفظَ چيا جي ناهن چَپڙنِ
شايد ڪي اِقرارَ گهُرن ٿا

جيئڻَ ڪاڻِ اُجهاڻلَ لمحا
تُنهنجي سُندَر سارَ گهُرن ٿا

تو تائين پُهچڻ لئه سپنا
نيڻن کان سهڪارَ گهُرن ٿا

روزُ ئي گڏجن ٿا هڪٻئي سان
روزُ ئي قولَ قرارَ گهُرن ٿا

اَهنجن کان آجو آئيندو
او انسانَ!، هي ٻارَ گهُرن ٿا

پيارَ، اَمُن جو اوچو جهنڊو
ٻيو ڇاهي فنڪارَ گهُرن ٿا؟

ڌرتيءَ کي دوزخُ ٺاهيندا
هُو جيڪي هٿيارَ گهُرن ٿا

سڀُ رستا، ڌِڪارَ جا رستا

سڀُ رستا، ڌِڪارَ جا رستا
ڳولِ پيارا! ڪي پيارَ جا رستا

دردَ جي ديسَ ڏي وٺي ٿا وڃن
سُورَ آهن هِي سارَ جا رستا

يادِ ناهي ڪٿي وِڃاياسي
هلندي هلندي ها يارَ جا رستا

مون کي جيڪي مليو، اکين تي دوستَ!
توکي پَرتا بهارَ جا رستا

پيارَ وارن جي لاءِ هونديون هِن
دُوريون ڀي ته دارَ جا رستا

سڀُ رستا کُٽي وڃن ٿا نيٺ
خوفَ جا يا خُمارَ جا رستا

پيارَ ۾ ڏِسُ ڪمالَ ٿي ويا هِن

پيارَ ۾ ڏِسُ ڪمالَ ٿي ويا هِن
ماٺِ ۾ ئي حوال ٿي ويا هِن

قُربتُن، فاصلا وڌايا پئي
۽ وِڇوڙا، وِصالَ ٿي ويا هِن

ڪنهن کي سمجهي سگهان نٿو هاڻي
ماڻهو مشڪل سوالَ ٿي ويا هِن

پاڻَ کي پاڻَ اجنبي ٿو لڳان
تو بِنا اهڙا حالَ ٿي ويا هِن

بي رُخي تُنهنجي ڄڻ ته حملو، ۽
لُڙڪَ، نيڻن جي ڍالَ ٿي ويا هِن

هڪڙو هفتو ملڻ ٿيو ناهي
ايئن لڳي ٿو ته سالَ ٿي ويا هِن

راتِ، اڌ راتِ ٿا پُڄن تو وٽِ
ڪيڏا ڇُڙواڳ خيالَ ٿي ويا هِن!

صرف او پيارا!، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

صرف او پيارا!، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟
سورَ واڌارا، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

تُنهنجي دل تائين پُڳا ته لکَ ٿيا
گيتَ هونئن سارا، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

ڳالهه جي هرڪا ٻُڙي، عملي طرح
ڀِت تي نعرا، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

ذهنُ زخمي، خوابَ ڄڻ شيشا ڀڳَل
۽ ڦَٽيل تارا، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

روز ٿو ڪنڊا وِڇائين راههَ ۾
خطَ ۾ ”پيارا“، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

روءُ، باسُون، باسِ، ڏِيئا موههِ ڪي
”موٽُ وڻجارا!“، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

توکي رُڳو جو ڪورو، ڪاڳر لڳي پيو

توکي رُڳو جو ڪورو، ڪاڳر لڳي پيو
مون کي صفا ٿو پنهنجو، اندر لڳي پيو

هُو جيڪو مُنهنجي دوستَ جي ناتي سُڃاپجي
ڪنهن ڪنهن مهل ٿو هاڻي، خنجر لڳي پيو

هُو پهروين سالُ پيارَ جو گهاري پيو اڃا
هر شخصُ کيس، پنهنجو ئي دلبر لڳي پيو

سجَ وانگي مان انهيءَ ۾ لَهان ۽ ٻُڏي وڃان
تُنهنجو وجود مون کي ساگر لڳي پيو

توکان جو ڌارَ آهي ته ڪيڏو ڀڳل، ٽُٽل
هُو ڄڻ اُجاڙ شهرَ جو، منظر لڳي پيو

هُن کي ڇڏي هلي وئي، ڇنڇرَ جو ڏينهنُ هو
هر ڏينهُن کيس هاڻي، ڇنڇر لڳي پيو

هي ديسُ سنڌ آهي، سنڌي ٿا سڏنِ کيس
پنهنجي ئي گهرَ ۾ جيڪو، بي گهر لڳي پيو

تون آن کڙڪو ڳالهائي ٿو

تون آن کڙڪو ڳالهائي ٿو
دل جو ڌڙڪو ڳالهائي ٿو

تون ڀل سانتِ هجين پر تُنهنجو
بُلو، گجرو ڳالهائي ٿو

تيز تَرارن ڀي شرمايو
هڪڙو پنهنجو ڳالهائي ٿو

پيارا ماڻهو!، ماٺِ نه آهيون
ڳوڙهو ڳوڙهو ڳالهائي ٿو

”توکي، توکان ڌارَ ڪندُس مان!“
هڪڙو سپنو ڳالهائي ٿو

”هاڻي تون وٽ پنهنجو ڇاهي؟“
خالي ڪمرو ڳالهائي ٿو

مون ڏي ئي موٽي اچڻو ٿئي!
گهرَ جو رستو ڳالهائي ٿو

چَنڊُ نه آهي، ڇاهي؟، تارا جاڳن ٿا

چَنڊُ نه آهي، ڇاهي؟، تارا جاڳن ٿا
بلبَ گِهٽين جا، رستا سارا جاڳن ٿا

اوسيئڙن جي مُندَ پِيئا!، آئي آهي
آسُون، نيڻَ، ڏِيئا ۽ جارا جاڳن ٿا

سنجها کان ئي ڌُوڙ، ڌُڌڙِ کان آجا ٿي
چانڊوڪيءَ جي چاهَه ۾ چارا جاڳن ٿا

تون سمجهي ئي ڪين سگهين ٿو او مورکَ!
خاموشيءَ ۾ ڪيڏا نعرا جاڳن ٿا؟!

سالن کان طوفان ڪي روڪيون بيٺاهِن
کاڄي ويا هِن، پر ڪنارا جاڳن ٿا

ڦاٽَل ڪپڙا، ٿڌيون چُلهيون، ڪيئن سُمهن؟
جهُوپي ٻاهران ڪيڏا پارا جاڳن ٿا؟

راتِ سندن نيڻن ۾ ڊاٻو ڪيو آ، پر
سُتا نه آهن، سنڌڙيءَ وارا جاڳن ٿا

هر لمحو شمشانَ جيان آ

هر لمحو شمشانَ جيان آ
جنگي ڪنهن اعلانَ جيان آ

هڪڙو سپنو رهجي ويئڙو
نيڻن ۾ سرطانَ جيان آ

هر الزام نِرڙ تي مُنهنجي
سجدن جي نِشانَ جيان آ

تو وٽ هاڻي جوڀَن پيارا!
اعزازي مهمانَ جيان آ

اکِ- پُڇڙَ ۾ ڦاٿل ڳوڙهو
دَر تي ڄڻ دربانَ جيان آ

هيڏن چهرن ۾ هڪ چهرو
دردن جي درمانَ جيان آ

سانئڻ! تُنهنجو هرڪو واعدو
سرڪاري اعلانَ جيان آ

عُمرِ جي اونداهي ڪمري ۾
پيارُ ڪنهن روشندان جيان آ

سوچُن جي ويڙهاندِ، ذهنُ ۽!
کَرڙيءَ جي ميدانَ جيان آ

پيٽَ بُکئي لئه هڪڙي ماني
سرڳَ جيان، ڀڳوانَ جيان آ

ڄارُ، هو ڄاڻَ ۾، يارَ! ڦاسي وئين!

ڄارُ، هو ڄاڻَ ۾، يارَ! ڦاسي وئين!
هائو تون پاڻَ ۾، يارَ! ڦاسي وئين!

تون ته تلوارَ هئين ڪا تِکي او پرين!
وقتَ جي مياڻَ ۾، يار! ڦاسي وئين!

ننڊَ، سپنا، نِهارون ئي وسري ويئه!
ڪهڙي ڇڪتاڻَ ۾، يارَ! ڦاسي وئين؟!

هيءَ حياتي ته ٿوري هئي پيارَ لئه
ڇو رَتوڇاڻَ ۾، يارَ! ڦاسي وئين؟

تو ڏيڻ ۽ ورهائڻَ جو سوچيو نه بس
آڻ ئي آڻ ۾، يارَ ڦاسي وئين!

ڪيترو پئي لڳين، منفرد، مختلف!!
تون به واکاڻَ ۾، يار! ڦاسي وئين!

ڳوٺَ کي جو ڇڏي، شهر ڏي پنڌِ پئين
ڪيڏي مانڌاڻُ ۾، يار! ڦاسي وئين!

مُنهنجي نظر هلي وئي آهي، تُنهنجي گاڏي سان

مُنهنجي نظر هلي وئي آهي، تُنهنجي گاڏي سان
پليٽ فارم تي بيٺو آهيان، انڌن وانگي مان

توکي وڃڻو ئي هو تُنهنجي، ڪا مجبوري هوندي
ڪهڙي پوءِ شڪايت توسان، ٽِرين سان، سگنل سان!

جيونُ اَڄ به خالَ، سوالَ، عجب نشانين جهڙو!!
پاڻ کي سمجهي ڪين سگهيو هان، توکي ڇا سمجهان؟

هِن ڳليءَ کان هُن ڳليءَ ڏي، ذري ذري ڀٽڪان ٿو
وقت جي تيز هوائن ۾، اخبار جي ٽُڪري جيان

ٻاهران توکي دوستَ!، برابر ٺيڪ ٺاڪ لڳندو هوندس
اندران آءٌ اڏوهيءَ کاڌل ڪاٺيءَ جيان آهيان

ماڻهن جي هٿَ ۾ بندوقون، مون کي ڪا پرواهَه؟!
مون کي خوف اچي ٿو ته تُنهنجي، هٿ جي پٿر کان

هونئن ته ڏينهنِ کان دروازو کُليو هي ناهي پَر
تون ٿورو کڙڪائي ڏس ته، شايد کُلي پوان

ويندي ويلي تُنهنجي نرمل نيڻن ۾ موتي
هر هر ساڳيو ساڳيو منظر، ڏسان لُڇان، ڦٿڪان

سنجها کان ئي تنهنجو، تُنهنجن ڳالهين جون يادون
سنجها کان ئي مَن ڏاڍو بيزار آ، دنيا کان

دوستَ!، نه ٿيءُ آزارن وانگي

دوستَ!، نه ٿيءُ آزارن وانگي
دشُمن جي هٿيارن وانگي

دردَ به دل جو ساٿ ڇڏي ويا
راڄَن جي غدارن وانگي

تُنهنجي گهر ۾ پاڻُ لڳي ٿو
گورن وچ ۾، ڪارن وانگي

پڙهي ڪري اُڇلايو ويو هان
ڪالهوڪين اَخبارن وانگي

تُنهنجا نيڻَ چُمڻ ٿو چاهيان
ٽيهنِ ئي سِيپارن وانگي

دُنيا ڀي بيزار ڪيو آ
ٽي- ويءَ جي اشتهارن وانگي

ذاتِ پاتِ جا ويڇا آهن
ڏارَ پيل ديوارن وانگي

قسمتَ ساڻ اچين ٿي تون ڀي
عيدُن ۽ تهوارن وانگي

ڌيان طلبَ سان ڀريو پيو هان
سنڌيءَ جي اخبارن وانگي

رات به ننڊَ اَچي وئي آخر
روئندي روئندي ٻارن وانگي

جنهن جي سامهون سُرت ۽ ساڃهَه، ساٿُ نه ڏيندي آهي

جنهن جي سامهون سُرت ۽ ساڃهَه، ساٿُ نه ڏيندي آهي
ڪائي ساڀيا، سپني کان ڀي، سُهڻي ٿيندي آهي

سونَهن جڏهن ڪي عڪسَ اکين ۾ اوتيندي آهي
ننڊَ اَسُر جي، هِيرَ ڏکڻ جي، وسري ويندي آهي

ڪڏهن هنئين جي حالتَ، هوندي آهي ايئن، جيئين
سُڃَ شهرَ ۾ آڌيءَ رات جو، ٽرين ڇڏيندي آهي

مان هِن کي ٿوريءَ جهٽَ ۾، بيزار ڪري وجهندو آهيان
هيءَ حياتي توسان ئي پر، بور نه ٿيندي آهي

رات ڪنهن بيواهه عورت وانگي، چنڊُ شرابيءَ جيان!
يادِ ڪَڙِي ڪا اوجاڳن جا، ڪَنَ ڀريندي آهي

فون تي پُڇندو آهي، هڪڙو يادِ ڪرڻ وارو:
”توکي ڀي او جيڏا! منهنجي يادِ ڪا ايندي آهي؟“

هر زهر کي پِي وئي آ زندگي

هر زهر کي پِي وئي آ زندگي
مَس- چُٽي جيان ٿي وئي آ زندگي

هُوءَ جڏهن ڀي موڪلائي گهر وئي
ايئن لڳو، وڇڙي وئي آ زندگي

مُنهنجي باري ۾ ڀي، تون ئي سوچ ڪُجهه
مُنهنجي، تُنهنجي ٿي وئي آ زندگي

منهنجي ڀاڪُر ۾ اچي سُمهندي رهي
راتِ ۾ گُذري وئي آ زندگي!

تنهنجي مُکَ تي مُرڪَ جا پوپٽَ ڏسي
مِنٽ ۾ پَرچي وئي آ زندگي

ٽائرن جا گِهرا لِيڪا، تيز رَڙِ!
روڊَ تي چِٿجي وئي آ زندگي!

هر طرف جهنڊا ٿا ڦَڙڪنَ موتَ جا
جڳَ کان وِسري وئي آ زندگي

ڪُوڙَ جي ڪارنهن، ڌماڪنِ، دردَ جي
ڌُوڙِ ۾ لَٽجي وئي آ زندگي

اوهانجي درَ تي ايئن بيٺا رهياسي

اوهانجي درَ تي ايئن بيٺا رهياسي
گهٽيءَ جي نانوَ جو ڄڻ بورڊ هياسي

هليا ڳولڻ هُياسي آئيندي کي
شهر جي گوڙَ ۾ گُم ٿي وياسي

ڪَچي مِٽيءَ مان جوڙي زندگيءَ کي
تِکي برسات ۾ نِڪرن پياسي

اَسان تُهمتَ کنئي ۽ هُن پٿرَ
زماني سان نوان ناتا ڳنڍياسي

اُهي اکڙيون به، اکڙين جهڙيون اکڙيون
اسان جن جي مُهابي جِي سگهياسي

دُکَ جي نه پُڄاڻي آ

دُکَ جي نه پُڄاڻي آ
هر شخص ڪهاڻي آ

تون، مان ئي اَياڻا هئون
دنيا ته سياڻي آ

هر پيارَ کي ٻوڙي ٿو
رسمون، اُهو پاڻي آ

ڏِيئي کي سلامت رکُ
جي لاٽَ اُجهاڻي آ

اِحساس بنان ماڻهو
اَخبار پُراڻي آ

سڀ ڌُوڙ ڪري ويندي
جا ڌُوڙِ اُڏاڻي آ

هُو، مان ۽ رُڳو ڳوڙها
ناولَ جي پُڄاڻي آ

”مون لاءِ مري وئين تون“
هُنَ تارَ اُماڻي آ

ڳالهيون ڄڻ مهڪارون آهن

ڳالهيون ڄڻ مهڪارون آهن
تُنهنجا ٽَهڪَ بهارون آهن

ملين، نه ترسين، ڳالهائين نه!
تو ڏي کوڙَ ميارون آهن

تُنهنجا ئي ڪَنَ ٻُڌن نٿا هونئن
پنهنجون تيزِ پُڪارون آهن

هو به اُن جو ئي ٿي ويندو
جنهن وٽ بنگلا، ڪارون آهن

پيارُ وٺڻ تون نڪتو آهين!
ساريون سُڃَ بَزارون آهن

ڪنهن سان ڪنهن سان مِلبو هاڻي
دَرَ تي دردَ، قطارون آهن

پاڻ جيهَن لئه کُهريون کُهريون
ڳالهيون ڄڻ تلوارون آهن

مان اِنسان رهيو ئي ناهيان!
شاهد سڀ اخبارون آهن

نيٺ ڳلنِ تي انڊلٺِ لهندي
هاڻِ جي لُڙڪن لارون آهن

شاعَر جي جذبن جون ڳالهيون

شاعَر جي جذبن جون ڳالهيون
سنڌوءَ جي جوڀَن جون ڳالهيون

توکي ڀي بس ياد رهن ٿيون
منهنجي ئي ڏوهنَ جون ڳالهيون

اَڄ جي ٽَهڪنِ ۾ ڀُلجي ويس
ڪالهوڪنَ لُڙڪن جون ڳالهيون

تون ئي هڪرو سمجهي سگهندين
اوجاڳيلَ اکڙين جون ڳالهيون

اسڪولن ۾ پڙهيا آهيون
ڪُوڙن ئي سپنن جون ڳالهيون

توسان پيارُ ڪندڙ ڇا ڄاڻي؟
سرڪاري تَمغن جون ڳالهيون

روز ئي ٻُڌڻيون پونديون آهن
تُنهنجي گهر وارن جون ڳالهيون

ڪيئن ڪرڻ بي قومؤ ڏيندو
ڌرتيءَ ۽ قومن جون ڳالهيون؟

سنڌُ، سنڌين جي ڳالهه ڪيون، ڇڏِ
عجمنِ ۽ عربن جون ڳالهيون

جيئري آ، جذبن جي ڳولا

جيئري آ، جذبن جي ڳولا
لُڙڪن ۾، ٽَهڪن جي ڳولا

ننڊَ- نگرَ کان ڏوُر وٺي وئي
نيڻن کي سپنن جي ڳولا

ڪربلَ جي زخمن کي آهي
واهُر ۽ ٽاڪَن جي ڳولا

سچايُن کي سگهه ڏئي ٿي
سينن کي گهاوَن جي ڳولا

جُهوپَن کي ڊاهي وجهندي آ
مايا ۽ محلن جي ڳولا

هي مزدورَ، ڪلارڪَ، هاري
جيونَ ۾ جيون جي ڳولا

تُنهنجي در تي آندو آهي
چاهتَ کي چَهڪن جي ڳولا

تون درياهُه ته آن پيارا! پر
پياسَ کي آ، سمنڊن جي ڳولا

گُلَ!، هُن جي گڏجڻ آهي ٿيو
گونگي لئه، لفظن جي ڳولا!

امنَ ۽ آشتيءَ جيان آهين

امنَ ۽ آشتيءَ جيان آهين
شاهَه جي شاعريءَ جيان آهين

راهَه ۾ روشنيءَ جيان آهين
ڪنهن اَڄاتلَ خوشيءَ جيان آهين

توکي مان ڪيئن ٿو وِساري سگهان؟
گهرَ واريءَ گهٽيءَ جيان آهين

هونئن تون ڇَٽُ، پر ڪڏهن شُهرتَ!
ديسَ سان دُشمنيءَ جيان آهين

عشقَ،! تون آجپي جي ويڙِهن ۾
سوڀَ جي خاطريءَ جيان آهين!

ڪو جي مقصد نٿي ته پوءِ جيونَ!
ڄڻ ڇِڳلَ ڪنهن جُتيءَ جيان آهين

سنڌُ خاطر ملين، ته موت اَڙي!!
تون به ڄڻ زندگيءَ جيان آهين

سوچون ساريون هارايَل سردارن جيان

سوچون ساريون هارايَل سردارن جيان
خوابَ پيا ها پيرنِ ۾، تلوارن جيان

چَپَ اوهان جا پنهنجا، لفظَ پراوا هِن
يارو! آهيو ڊرامي جي ڪردارن جيان

کِلندا، روئندا، ٻُڌندا، ڪُجهه چوندا به نيٺ
ڇو سمجهو ٿا ماڻهن کي، ديوارن جيان؟

رستا هونئن ته اُڻٽيهن جي انڌيارن جيان

رستا هونئن ته اُڻٽيهن جي انڌيارن جيان
توڏي ايندي چانڊوڪيءَ جي چارن جيان

جيونَ جي هِن موتَ سمان خاموشيءَ ۾
تُنهنجا نِرمل نيڻَ لڳن ٿا نعرن جيان

دُکَ جي ڪاري رات هئي چوڌاري ۽
تُنهنجا مُنهنجا لُڙڪ ٿي ٽِڪميا تارن جيان

ڪيئن الائي ٿيندو آهي ماڻُهن کان؟
شعر رچڻ ۽ پيارُ ڪرڻ وانگارن جيان!

رات سڄي مان جاڳي ڏينهنُ ڪندو آهيان
جڏهن به لڳندي آهين، دنيا وارن جيان

نينهُن نيڻن ۾ ۽ تُنهنجا چارا هُجن

نينهُن نيڻن ۾ ۽ تُنهنجا چارا هُجن
سڀ لِڦون پيرَ جون ڄڻ ستارا هُجن

نيڻَ وِچَ سِيرَ ۾، ٻوڙِ ٻوڙان ۽ چَپَ!
ڄڻ ڪنارا هُجن
چهڪَ، چانڊوڪيون، ٽهڪَ، اونداهيون
گڏُ گُذارا هجن

پيارَ وارا جتي به هُجن يا خدا!
سوڀيارا هُجن
زندگيءَ جي هَٿنِ ۾ ڏيئي هٿَ هلون پهرَ پيارا هُجن

لفظَ بارود ٿي ٿا سگهن دوستؤ!
جي هُو نعرا هجن

سنڌُ وارؤ! ڪڏهن سَرد ٿيڻو نه ٿَو
توڙي ’پارا‘ هُجن

مُنهنجي ڌرتي ڪڏهن هيکلي نه ٿئي
ڀل ته هِيڻا سهي، پر سهارا هجن

سوچَ جو قتلِ عام آ، جيونُ

سوچَ جو قتلِ عام آ، جيونُ
هڪڙو اُبتو نظام آ، جيونُ

جنهن کي آقا کي رولڻو آهي
اهڙو باغي غُلام آ، جيونُ

ڊسڪو جو دؤر ۾ اسان جو ڄڻ
عارفاڻو ڪلام آ، جيونُ

جنهن کي سانڍڻ به مسئلو آهي
پيارا! اهڙو انعام آ، جيونُ

منهجي نِوڙتَ سان پيارُ ٿي ويو ٿَس
آءٌ نوري ۽ ڄام آ، جيونُ

پاڻ کي آ، جتان جدا ٿيڻو
دوستَ! اهڙو مقام آ، جيونُ

ڪَنهن هِيڻي جو پاڻَ ڏاڍي کي
چاپلوسي سلام آ، جيونُ

رات جو پويون پَهرُ، مان هُيس ۽ چنڊُ ٿڪلُ

رات جو پويون پَهرُ، مان هُيس ۽ چنڊُ ٿڪلُ
هوا ڳِراٽڙي پائي چيو: ”اُٿي، گهرِ هلُ“!

اسانجي جُهوپي جو هڪ ڪَکُ نه رهيو باقي
اوهانجو ڪَرَ کڻي بيٺو رهيو سدا جيان محل

هُو شخص، ڪيڏي نه بدبوءِ هيس خيالن ۾
سڄو وڳو ئي هيو، جنهن جو سينٽِ سان مَهڪيل

ڪالهَه جو ٽهڪُ ڏنم، دوستن سان گڏجي ڪري
لڳو اُڌار تي سو ٽهڪ ڀي ڪٿان ورتل

مِٺي!، ملي جي نه آهين تون، ٻن مهينن کان
نه ڪو ڪتاب ٿو پڙهيو ٿئي، نه لِکجي غزل

ڪمري ۾ گِهڙندو جي آهيان، ته ماري وجهندو آ
تُنهنجي تصوير بنان، ميز تي فريم پيل

زمانو مون کي ڪڏهن هوشَ ۾ لڳو نه، ۽
زمانو مون کي سدا سمجهندو رهيو پاڳل

مون جي اکڙُين ۾ خوابَ پوکيا هِن

مون جي اکڙُين ۾ خوابَ پوکيا هِن
رُڃَ ۾ ڄڻ گلابَ پوکيا هِن

توکان سڀ ڏُکَ کسي وٺڻ جا خيالَ
مَن ۾ بي حسابَ پوکيا هِن

سونهَن لئه، سچَ لئه، محبت لئه
وقت ڪيڏا عتابَ پوکيا هِن

هر فصُل ۾ وڃڻ ٿا مَٽجِي هُو
چهري چهري نقابَ پوکيا هِن

پوءِ به پڪ آ،گُناهَه ئي لُڻندس
توڙي هيڏا ثوابَ پوکيا هِن

ڪجهه عملَ ڏي به سوچ او ڏاها!
تو ته خالي خطابَ پوکيا هِن

نيٺِ تُنهنجي سوالَ کي رَسندا
سنڌُ! مون جي جوابَ پوکيا هِن

ڳليءَ ڳليءَ ۾ حشر آهي، ڪربلائون هِن

ڳليءَ ڳليءَ ۾ حشر آهي، ڪربلائون هِن
زبانون خُشڪ، اندر ۾ رُڳو صدائون هِن

ڪوئي نه آهي جو، عيسيَ جي ٿي سُڃاڻپ اَڄُ
صَليبَ ڪيڏا نه هيکل ڙي! چوڏِسائون هِن

نه ڪنهن رسولَ، پيمبَر جو آهي پاراتو
اَسانجي قومَ کي اَزلي ڪي بَددُعائون هِن

ائين نه سوچو ٿا، طوفانَ جي علامتَ آ
اوهان ٿا خوش ٿيو، دَٻجي ويون صدائون هِن

اُصول پسند، وفا شُعار ۽ زمين پرستَ
اَسانجون دوستَ! برابر گهڻيون خطائون هِن

الائي ڪاٿئون اَچي، بي رُخين ڪيو ديرو
اوهانجا نيڻَ به هاڻي ته ڄڻ سزائون هِن

اوهانجي پيارَ کان مليل، اَسان کي ورثي ۾
اَوهانجي يادِ ۽ کيسي ۾ ڪجهه دوائون هِن

اَسان جي ڀاڳَ جا لِکيا، وڻينِ جيئن لکنِ
اوهانجي گهرَ ۾ ته رهندا ئي ديوتائون هِن

هُو جيڪي گُلَ ڪٿي دُور ها، ٽِڙيا، تن جي
سُڳنڌ آيون کڻي، پاڻ وٽ هوائون هِن

ڪڪريون ٿَرَ ڏي به وينديون دوستو!

ڪڪريون ٿَرَ ڏي به وينديون دوستو!
بارشون آخر ته ٿينديون دوستو!

ڇا ٿيو جي ”اَڄُ“ اوهانجي وَس آ
ڪي گهڙيون پنهنجون به اينديون دوستو!

حالتون، هٿَ ٺوڪيون رَسمون، رواجَ
ڇا سڀو ڪُجهه ئي کسينديون دوستو!؟

جي ڪُڇڻَ تي بندوشون پئجي ويون
خامِشيون نغما رچينديون دوستو!

هيکلايون ماءُ جيان ٿيون پيارُ ڪن
رونقون آهن ڏنگينديون دوستو!

مُحبتون هڪ هڪ ڪري وينديون رهيون
مون کي راهُن ۾ ڇڏينديون دوستو!

صرف ديوارون ٻُڌي سگهنديون ئي هِن
ڪين ڪجهه آهن سلينديون دوستو!

مون کي ماري پناهَه ۾ رکجانءِ!

مون کي ماري پناهَه ۾ رکجانءِ!
ڪا ته نيڪي، گُناهَه ۾ رکجانءِ!

ڪوئي هڪ شخص ناهي ڏوهاري
شهر سارو نِگاهَه ۾ رکجانءِ!

ڪنهن نه ڪنهن موڙَ تي ته ملنداسي
آسَ پوئين پساههَ ۾ رکجانءِ!

ڪنهن مُنافق جي راڄَ جا ماڻهو
ربَ منهنجا!، پناهَه ۾ رکجانءِ!

ڪوڙَ، اوندهَه سان ٺاهُه ڪين ڪبو
اهڙو نُڪتو به ٺاهَه ۾ رکجانءِ!

پويان، اوندهِه جي وَر چڙهي نه وڃن
ديپُ ٻاري ڪو راهَه ۾ رکجانءِ!

يا خُدا! زهر اَنڌيرن جو پکڙبو ٿو وڃي

يا خُدا! زهر اَنڌيرن جو پکڙبو ٿو وڃي
تُنهنجي تخليقَ جو هر نقش اُجڙبو ٿو وڃي

ماڻهو ماڻهو آهي ڄڻ، هيڊَ جي درياءَ ۾ ٻُڏل
دردُ، ٽي- بيءَ جيان جِسمن سان وِچڙبو ٿو وڃي

ڏينهنَ جو کيرَ جيان اُجرو ۽ مقدس چهرو
راتِ جي تيز نَنهنِ ساڻ رهڙبو ٿو وڃي

چوڏهن سؤ سال اڳي وارو ئي منظر ساڳيو
ڦٽُ جيڪو به سِبيل هو سو اُڊڙبو ٿو وڃي

سونهن، سچائي، اَمن، هاڻي ڪتابي ڳالهيون
پيارَ جو پيرُ به ڌرتيءَ تان اُکڙبو ٿو وڃي

وڻي وڃن ٿا چهرا ڪي دڳَ ويندي ڀي

وڻي وڃن ٿا چهرا ڪي دڳَ ويندي ڀي
هر جذبي کي سگهبو ناهي نانءُ ڏئي

دلبرَ!، هيڏا ڏينهن اوهان کان دُور رهي
گهرُ ڀي ڪين وڻي ٿو مونکي هاڻِ سچي

جنهن ماڻهوءَ کي تنهنجو پيارُ مليو آهي
تنهن ماڻهوءَ کي ڪهڙي دولتَ گُهرجي ٻي؟

جنهن ۾ ڪنهنجي ماٺِ به موهي وجهندي آ
حدَ نه هوندي آهي اهڙيءَ چاهتَ جي

ڪوئي ڪم ڪرڻ کان ٻاهر ناهي هونئن
ڳالهه سڄي هوندي آ، جاني! همتَ جي

ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڏُک روئاريندو ناهي
ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڀوڳَ تي پئبو آ روئي

جنهن کي پنهنجو نه ڪنهن ڪيو هوندو

جنهن کي پنهنجو نه ڪنهن ڪيو هوندو
خالي گُلدانَ جيان پيو هوندو

توسان گڏجڻَ اچي سگهيو ناهي
ڪيڏو مجبور ٿي ويو هوندو

ڇا روئڻَ جو سبب ٻُڌايانءِ دوستَ!؟
اکِ ۾ ڪَکُ ڪو پيو هوندو

توکي مونکي ئي پرکَ ڪرڻي آ
پاڻَ کي ڪنهن بُرو چيو هوندو؟

منهنجون ڳالهيون، عجيب ڳالهيون هِن
پنهنجي مُنهن پڪَ تو کِليو هوندو

هڪ هنڌَ تي اچي پُڄاڻي آ
پيارُ توڙي جي اَڻمَيو هوندو

مون کي جي تُنهنجو سهارو هوندو

مون کي جي تُنهنجو سهارو هوندو
وچُ درياهه به ڪنارو هوندو

لفَظَ ڪهڙا وري پنهنجا هوندس
جنهن کي لَهجو ئي اُڌارو هوندو

هر فساني جو ٿئي دور ٿو پر
پيارُ هر دؤر ۾ نيارو هوندو

تو بنان جيئڻ ڪو جيئڻ هوندو؟
بس مڙئي دوستَ!، گُذارو هوندو

جنهن کي چاهي ٿو اُنهيءَ جو گُل کي
گهرُ ۽ شهرُ ڀي پيارو هوندو

لفظَ ڳوليندا رهيا سي ٻيئي

لفظَ ڳوليندا رهيا سي ٻيئي
راتِ، چُپ چاپ ئي لنگهي ويئي

هُن جي مُرڪڻ ۾ آ اَلائجي ڇا؟
مُرڪندا هونئن ته رهن ٿا ڪيئي

پنهنجون جيونُ به وڃي ها سُڌري
هٿُ، هٿَ ۾ جي ڇڏين ها ڏيئي

پاڻَ به سَرد ٿي ويا سي ۽
جڳَ جي دلِ ڀي ٺري پيئي

رات رُلندا رهياسي ٻين تائين
هيکلائي، اُداسي، مان، ٽيئي

تُنهنجي وڇڙڻَ جي حادثي کانپوءِ
حادثا ڪَرَ کڻي اُٿيا ڪيئي

وقتُ، زخمن کي ته ڀري ٿو ڇڏي
دردَ پر دوستَ!، رهن ٿا سيئي

توسان گڏجي ٿا گذاريون جاني!

توسان گڏجي ٿا گذاريون جاني!
ڀاڳَ پنهنجا ٿا سنواريون جاني!

پاڻَ سان پيارُ اَڃا ڏاڍو آ
ڪيئن توکي ٿا وِساريون جاني!

ڪنهن به چهري کي ڏِسون، ائين لڳي
تُنهنجو چهرو ٿا نِهاريون جاني!

سجُ ناهي جي چڙهيو، ڇا ٿي پيو
آءُ ڪو ديپُ ٿا ٻاريون جاني!

جڳُ ڀل ته ڪري بندوقَ سِڌي
پاڻَ ڳيرا ٿا اُڏاريون جاني!

پاڻَ ته ٻُڏندا وڃون هر لمحي
توکي ڪيئن پارِ اُڪاريون جاني!؟

رَتُ انسان جو ته پِي ٿا وڃون
مُکِ پيل چانهِه ٿا هاريون جاني!

اَندرُ اُداس هوندو

اَندرُ اُداس هوندو
منظرُ اُداس هوندو

جيسين ملي نه سگهبو
دلبرُ اُداس هوندو

مونکي هو جنهن ڌيڪاريو
سو گهرُ اُداس هوندو

ڪنهن تي ڪندو هُو جادو
ساحرُ اُداس هوندو

ڪو ديوتا، نه داسي
مندرُ اُداس هوندو

شاعرَ هٿن ۾ ڪورو
ڪاڳرُ اُداس هوندو

هُن جي ڳليءَ ۾ هڪڙو
ڇوڪرُ اُداس هوندو

مُنهنجا لُڙڪَ سوالن وانگي

مُنهنجا لُڙڪَ سوالن وانگي
تُنهنجا ٽَهڪ جوابن وانگي

جيئڻُ به ڪين اَسانکي آيو
محفلِ جي آدابن وانگي

ذهنَ جي بُڪ- شيلف ۾ آهن
يادون بند ڪتابن وانگي

توکان وِڇڙي دل تي گُذريو
هر پل دوستَ! عذابن وانگي

دڪل جا سودا ٿيندا آهن
پيارا! ڪين حسابن وانگي

پنهنجيءَ قسمتَ ۾ تون ڀي
ناهين يارَ! ثوابن وانگي

مُنهنجون راهُون ڪنڊا ڪنڊا
تُنهنجا پيرَ گُلابن وانگي

جيونُ ايئن گُذاريو آهي

جيونُ ايئن گُذاريو آهي
اوبَر پاڻي هاريو آهي

مَرندي مَرندي هڪڙو ماڻهو
تُنهنجي نانوَ جِياريو آهي

اَلبم کولي تُنهنجو چهرو
ساري رات نِهاريو آهي

مُنهنجي ئي گهر جا دروازا!
تو ڇو ايئن ڌڪاريو آهي؟

پاڻَ جلي رکَ ٿي وياسي، پر
جڳَ جو هانءُ ته ٺاريو آهي

سنڌڙي! تُنهنجو سُنهن ته توکي
سپنن ۾ ڀي ساريو آهي

تُنهنجي سَڏ ۾ سڏُ ڏنو، هونئن
جو آيو سو ٽاريو آهي

وقتَ ڪيا ويرانا ماڻهو

وقتَ ڪيا ويرانا ماڻهو
تُنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو

توکي اَرپڻ آيا آهن
لُڙڪ کڻي نذرانا ماڻهو

مان جو اڄڪلهَه هيکل آهيان
جوڙنِ ٿا اَفسانا ماڻهو

مُنهنجو هُو هڪڙو ڀي ناهي
تُنهنجا سڀ زمانا! ماڻهو

وِڇڙي ويندا، جي وِڇڙڻَ جا
ڳولنِ روز بهانا ماڻهو

ڪهڙا جڳَ سان ليکا ڪرڻا؟
يارَ! اسان مستانا ماڻهو

مونکي درياهَه جان پائي وئي آ

مونکي درياهَه جان پائي وئي آ
هڪ نظرَ اهڙو ته گهائي وئي آ

آءٌ چاهيان ڀي نه جُڙي سگهندس
ايئن ٽُڪرن ۾ ورهائي وئي آ

مونکي آئي ته کِلائڻ لئه هئي
پنهنجي پوتِي به پِسائي وئي آ

رَنجشون، نفرتون، دُوريون ئي سهي
زندگي ڪُجهه ته بچائي وئي آ

آئي ۽ وئي هلي لَٽي جيونُ
واءُ هئي، ڌُوڙ اُڏائي وئي آ

باکَ جي ڦُٽڻَ جو يقين ڏئي
آخري ديپُ اُجهائي وئي آ

جڳَ تي ڪهڙيون مياريون ٿينديون؟
هوءَ ئي جڏهن لنوائي وئي آ

هڪ بُرو بس اسانجو گهر آهي

هڪ بُرو بس اسانجو گهر آهي
تُنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي!!

تُنهنجي هر ڳالهه لارَ ماکيءَ جي
منهنجو هر لفظُ ڄڻ زهر آهي

هي به تُنهنجي ئي شهرَ تي وَسندو
پاڻ کان رُٺل هر ڪڪر آهي

پيار جي ڪجهه ڪَڻينُ مان ڇا ٿيندو؟
دل جي ڌرتي نِسورو ٿر آهي

تُنهنجا ليکا اڃا کُٽن ئي نٿا
رات جو آخري پهر آهي!

مون ته جڳ جي ستمَ جو ذڪر ٿي ڪيو
تُنهنجي ڇو نِرڙَ تي پگهر آهي!!

بَد دُعا ڪر لڳي پئي شايد
هر دعا هاڻي بي اثر آهي

ڪيترو زندگيون انڌيريون هِن
ڪيترو روشنيون شهر آهي

آئينو ٿو ڏِسان ته گهائنِ ٿا

آئينو ٿو ڏِسان ته گهائنِ ٿا
لُڙڪَ اکڙين ۾ مُسڪرائن ٿا

هُو ڪڏهن ايئن مسڪرائن ٿا
ٿَر تي مينهن ڄڻ وَسائن ٿا

مُنهنجي جيونَ ۾ پيار پنهنجو هُو
کيرَ ۾ کنڊُ جيان مِلائن ٿا

روزُ ملندا رهون ته بهتر آ
فاصلا، فاصلا وڌائن ٿا

مان ته خاموش هان، سندس واعدا
کيس سامهون اچي لڄائن ٿا

اُن ماڻهوءَ جون هيکلايون سوچ!
خوابَ ڀي جنهن کان موڪلائن ٿا

منزلِن جون ته مشڪلاتون ٺيڪ
هاڻِ رستا ڀي آزمائن ٿا!

راهَه ۾ ٿا مِلن، لنوائن ٿا
دوستَ ڪيڏو نه آزمائن ٿا!

سارَ تُنهنجي بهارَ وانگي آ

سارَ تُنهنجي بهارَ وانگي آ
بيقراري قرارَ وانگي آ

هر گهڙي ڪِرڻ جو رهي خطرو
پيارُ، پهرينءَ اُڏار وانگي آ

تُنهنجي يادُن سواءِ ذهنُ پرين!
ڪرفيوءَ ۾ بَزار وانگي آ

هر خوشي قرضَ ۾ هلي ٿي وڃي
ماستَر جي پگهارَ وانگي آ

سوَ سُورنِ جي وچ ۾، دل منهنجي
ڌڻَ سان ڄڻ ڌنارَ وانگي آ

هوءَ روئي پئي، اسان بيزار
زندگي لڌل ٻارَ وانگي آ

هُن جو ڀَرِ ۾ اچي بيهڻُ، مُرڪڻ
شهُرتن جي خُمارَ وانگي آ

ٿورو ڀي جي ٿئي وڇوڙو، مَنَ ۾ باهِه ٻري

ٿورو ڀي جي ٿئي وڇوڙو، مَنَ ۾ باهِه ٻري
وَسڪاري کان پوءِ ڄڻ ماڻهو، ٿرَ کان رهي پري

رات اوهان جي يادِ، اسان جي ذهن ۾ ايئن آئي
ڪُونڀٽ* کي جيئن بيٺو ٿوهر، ڀاڪُرَ منجهه ڀري

ٻيو ته ٺهيو ڏِسُ، اَڪَ به جهڙا گُلَ ڦُٽا آهن
اهڙيءَ رُت ۾ سَري جي توبين، آخر ڪيئن سري؟

اکڙين کي اوسيئڙو جنهن جو، سا ته نه آئي پر
پيرُ، پيرَ ۾ پائي آئي، ڪَوتا راتِ ٺري

ڀيڄَ ڀنيءَ جو، شاهَه جي وائي، موهنَ[1] جو آوازُ
ايئن لڳو پئي، ڳايو ويٺي ٿرَ جي ذري ذري

ستَ- رنگ چوليون، چِلڪيل چهرا، ڳاڙهسِري واري
سنڌڙي!، تُنهنجو چاهُه پئي ٿي، اکڙين منجهه ڀري

___________
* . ڪُونڀٽ: ٿر جو هڪ وڻُ، جيڪو ٿوهَر جي جُهڳٽي وچ ۾ اُڀري ايندي آهي.
[1] . موهن: ٿَر جمو البيلو راڳي موهن ڀڳت.

سارو شهر لَتاڙي وو!

سارو شهر لَتاڙي وو!
آيس تُنهنجي پاڙي وو!

تُنهنجي پويان نِڪتو آهيان
سارا ٻيڙا ساڙي وو!

گڏُ ڪڍيل تصويرَ وئي آ
مُنهنجي سامهون ڦاڙي وو!

مون کان مُنهنجو حالُ پُڇي ٿو
سارا خوابَ اُجاڙي وو!

ڳولِن ٿيون وڻڪارَ نِگاهون
جهولو پيو ٿو ساڙي وو!

هٿن پيرنِ هوندي ماڻهو
ڀاڳنَ تي ڇو ڀاڙي وو؟!

بَمَ نه، توکان اَنُ گُهريو آ
ٻالِڪَ انگ اُگهاڙي وو!

سُکَ سُتل جاڳايا ماڻهو
منڇُرَ ويجهو راڙي وو!

سنڌڙي!، توکي مونکي مِليا
ڪيڏا ڏُکَ ڏهاڙا وو!

چِلڪو تُنهنجيءَ چوليءَ جو

چِلڪو تُنهنجيءَ چوليءَ جو
ڏينُهن هيو ڄڻ هوليءَ جو

جنهن کي لڳندي، سو انسانُ
ديسُ، نه مذهب گوليءَ جو

ڪير جهلي ها؟ واءُ جو جُهوٽو
دَرُ ٽَپي ويو کوليءَ جو

واريءَ گَهرڙو ڊاهي وئي پر
ڇيهُه ويو ٿي ڇوليءَ جو

هيکل ٿي هارائي ويندين
ٿي وڃُ پيارا!، ٽوليءَ جو

تاريخُن ۾ کُتو پيو آ
جهنڊو منهنجيءَ ٻوليءَ جو

ڀاڪُرَ بدلي، ڀاڪُر وجهبو
گولي بدلو گوليءَ جو

تُنهنجو اڄ خطُ جيئن مليو آهي

تُنهنجو اڄ خطُ جيئن مليو آهي
ساهُه منهنجي سريرَ پيو آهي

توکي مُنهنجي دُکن جي ڪهڙي خبرَ
تو ته مون تي سدا کِليو آهي

چنڊُ، تارن جي ميڙَ کان وِڇڙي
رات جو ڪيترو رُليو آهي؟

هُن مونکي ڇڏيو وِساري ته
اُڀ ڪهڙو ڀلا ڪِريو آهي؟

لمحي لمحي لڳايو آهي کاٽُ
لمحي لمحي ٺڳيو ڦُريو آهي

مُنهنجي اندر جو هُو هٺيلو شخص
گُهٽجي گهُٽجي مري رهيو آهي

ڪوڙَ- بازارين ۾ ماڻهوءَ جو
اَگهُه ڪيڏو ڪِري پيو آهي!!

چهرو چهرو پَنن جيان ويو ڇڻي
شهرُ ڀڙڀانگ ٿي ويو آهي

توکان وڇڙيلُ، اُداس ماڻهو گُل
سجَ وانگي جِلي رهيو آهي

تُنهنجون راهون تڪڻ اَجايو آ

تُنهنجون راهون تڪڻ اَجايو آ
توکي ساري روئڻ اَجايو آ

توکان پُڄندو نه مونکي پرچائڻُ
مُنهنجو توکان رُسڻ اَجايو آ

ڪجهه ته ڳالهاءِ يار!، ڪر ڳالهيون
ايئن چُپ چُپ رهڻ اَجايو آ

”يادِ آهيان، يا توکان وِسري ويس“
بيوفا کان پُڇڻ اَجايو آ

جي مِلو، مُرڪندي مِلو مون سان
مُنهن سُڄائي ملڻ اَجايو آ

هاڻي منزل کڻي پرين! نه ملي
پوءِ به واپس ورڻ اَجايو آ

ٿيڻو هوندو جو، نيٺ ٿيندو ئي
دل شڪستو ٿيڻ اَجايو آ

ويسُ اَڇو تون پائي آئين

ويسُ اَڇو تون پائي آئين
چانڊوڪي چورائي آئين

نيڻَ اڃا ڀي آلا تُنهنجا
ڪنهن کي تون پرچائي آئين؟

رستي تي نڪتين ۽ پويان
ڪيڏا نيڻَ لڳائي آئين

سچَ جيان او سُهڻا سُپرين!
ڪوڙَ سڀئي شرمائي آئين

سونهَن- نگرَ ۾ عشق اسانجا!
سارا لفظَ کَپائي آئين

پيارَ شهر مان ٿَڪجِي موٽين
سوچُون ڀي سَهڪائي آئين

دردَ او!، توکي شابس آهي
ڪيڏو ساٿُ نڀائي آئين!

”نه“ جي سُوريءَ تي چڙهيل آهيون دوستَ!

”نه“ جي سُوريءَ تي چڙهيل آهيون دوستَ!
دردَ سانچي ۾ گهڙيل آهيون دوستَ!

ڪُجهه ته سمجهون ٿا زماني کي اَسان
چارِ درجا ڪي پڙهيل آهيون دوستَ!

شهرَ تُنهنجي ۾ جاءِ ڇا ملندي؟
شهرَ پنهنجي مان تڙيل آهيون دوستَ!

ڪا نئين ريتِ نه وجهجو هاڻي
ڏاڍا ريتن مان اَڙيل آهيون دوستَ!

ڌارَ توکان ٿي سُڃاڻپ ئي نه رهندي ڪائي
توسان اهڙا به جڙيل آهيون دوستَ!

ڪيئن نه جانِ ڇڏائڻُ ٿي گهُرين
ڄڻ ڪي الزام مڙهيل آهيون دوستَ!

ايترو جلدُ ته اي دردَ نه ڊاهِه
ذرو ذرو ٿي گهڙيل آهيون دوستَ!

جو نه ڀُلجي ڀي نهاري مون کي

جو نه ڀُلجي ڀي نهاري مون کي
ڪيئن سمجهان ته، ٿو ساري مونکي

جيئن وڻيسِ، تيئن هُو ماري مونکي
کيس چئو، چئو ته وِساري مونکي

روز ٿو پاڻُ جيئاريان مان ۽
روز هُو شخص ٿو ماري مونکي

ڇو نٿو ياد اَچان مان توکي!
ڇو نٿو لوڪُ وساري مونکي

پاڻَ ته گُم ٿي وئين ميلي ۾
چؤنڪَ هڪڙي تي بيهاري مونکي

پنهنجي ڪمري جي گندَ ڪَچري جيان
ڪو ذهنَ مان ٿو ٻُهاري مونکي

ڪيڏو همدردَ هيو، مُنهنجو هُو
ويو ڇڏي دردَ سهاري مونکي

ڇو هُو طوفان ويو بڻجي آ
ديپَ جيان پاڻَ ئي ٻاري ويو آ

تُنهنجا ڌرتي! ڌراڙَ جاڳيا هين

تُنهنجا ڌرتي! ڌراڙَ جاڳيا هين
پيچرا، پَٽَ پهاڙَ جاڳيا هِن

جن جي جاڳڻ سان، قومَ جاڳي ڪين
سي جي جاڳيا ڀي، جاڙَ جاڳيا هِن

ٿورڙو آهليو جڏهن آ سچُ
ڪُوڙ، دوکو ۽ ڊاڙَ جاڳيا هِن

هڪ تِکي چيٽ آهي آزادي!
گهيڙَ، گِهٽيون ۽ گهاڙَ جاڳيا هين

ها رُڳو ساٿُ ٿو کپي تُنهنجو
حوصلا، ڄڻ پهاڙَ جاڳيا هِن

سنڌُ منهنجا ڌڻي!، سلامت رکُ
چئني پاسن کان ساڙَ جاڳيا هِن

ڪنهن ته مرهَم جي آسري ۾ ايازَ!
سالَ هِن دل جا ڦاڙَ جاڳيا هِن

چاهتَ کان انڪاري ماڻهو

چاهتَ کان انڪاري ماڻهو
جذبن تي بمباري ماڻهو

سڀ توجهڙا ٿي سگهندا ڪو؟
دردن ۾ دِلداري ماڻهو

آءٌ اڳي جيان هيکل وياڪل
تُنهنجي ها چوڌاري ماڻهو

ديسُ به وڪڻي ايندا آهن
اهڙا ڀي واپاري ماڻهو

دولتَ ۽ طاقتَ جا حامي
ڌُوڙِ، مِٽي ۽ وارِي ماڻهو

هر ڪنهن دؤر ۾ ڄمندا آهن
باغي ۽ درٻاري ماڻهو

ڪهڙو سچُ چئي سگهنداسي؟
پاڻَ ته هئون سرڪاري ماڻهو

حوصلو ڏي ته حادثن مان لنگهان

حوصلو ڏي ته حادثن مان لنگهان
پيارَ منهنجا! مان آفتن مان لنگهان

مُنهنجو سارو وجود نيڻَ ٿئي
تُنهنجي لکيلَ جڏهن خطن مان لنگهان

راتِ، يادون سندءِ ۽ مان جاني!
ڄڻ ته هوليءَ جي ٿو رنگن مان لنگهان

مون تي جي مهربان ٿي پئين تون!
مان به خوشين جي ڪُجهه حدن مان لنگهان

توکان وسري ويس ته خير مگر
موتَ جي ڄڻ ته ٿو هٿن مان لنگهان

دوستي ٿي جڏهن کان دنيا سان
روزُ ٿو تجربن ڪَڙن مان لنگهان

ڇو ڀلا مان رهان انڌيرن ۾؟
سج هَٿ ۾ کڻان، چَنڊن مان لنگهان

نيڻ پرينءَ جا پيرا ڳولنِ

نيڻ پرينءَ جا پيرا ڳولنِ
پنڇي جيئن آکيرا ڳولنِ

مُنهنجي ڌرتيءَ وارا اڄُ ڀي
سانجهيءَ ويلَ سويرا ڳولنِ

دانائن جي درَ جا ماڻهو
ديوانن جا ديرا ڳولنِ!

دردَ ائين ٿا ڳولنِ مون کي
مارِي ڄڻ ٿا ڳيرا ڳولنِ

ڪيڏو اڳتي نڪري ويو آن!
توکي تُنهنجا پيرا ڳولنِ

سنڌڙي سورج آهي جنهن کي
سَوَ سَوَ گهور اَنڌيرا ڳولنِ

تون ملينءَ ته مُرڪَ- هاڻي ٿي وئي

تون ملينءَ ته مُرڪَ- هاڻي ٿي وئي
زندگي ٽَهڪن ڪهاڻي ٿي وئي

ڳوٺَ ٻاهران ها مِلياسي راتِ جو
ڳالهه سا ڄڻ رات راڻي ٿي وئي

تو هٿن ۾ هٿُ وٺي مُرڪي ڏٺو
هر مصيبتَ لوڻ- پاڻي ٿي وئي

مَڌُ وانگي آ، محبت جو نَشو
تيئن وڌي، جيئن جيئن پُراڻي ٿي وئي

ٿورڙو جوڀن ڇا آيس، لوڪَ لئه
ڇوڪري ڄڻ ڳُڙ- ڌاڻي ٿي وئي؟

راتِ- نيڻن ۾ اڃا ته ننڊ آ
ڪيئن سپنن جي پُڄاڻي ٿي وئي؟

دوستن جون مهربانيون بيشمار
دوستي هاڻي ته ساڻي ٿي وئي

مان ڪنهين پيارَ جو قصو آهيان

مان ڪنهين پيارَ جو قصو آهيان
ڄڻ ته بيروتَ جو حصو آهيان

مُنهنجي چوڌاري تمنائون سوين
مان ٿيو چؤنڪ جو رونشو آهيان

تُنهنجي بازار ۾ نه هلندس مان
دوستَ!، کوٽو ڪوئي سِڪو آهيان

تون بدلجي ويو آهين پوءِ ئي
آئون توکي ڏِسي بدليو آهيان

وِچڙندڙ مرض جيان تيزيءَ سان
مان سندءِ ذات ۾ ڦِهليو آهيان

ڪو مسافر، نه صدا پينوءَ جي
ڪنهن ڊٺل شهر جو رستو آهيان

بي حقيقت، بي بقا ۽ بي مُلهه!!
ڏينهن ڏِٺي جو ڪوئي سپنو آهيان

مُنهنجي اندر ۾ بغاوتَ آهي
ٽينءَ دنيا جو مان نقشو آهيان

چورَ آهن وري اُٿيا تَر جا

چورَ آهن وري اُٿيا تَر جا
بند رکجو، سڀئي دَرَ گهرَ جا

ڪو ٽهڪُ ڏين نڪو روئِن ۽ رَڙن
ماڻهو ٿيندا وڃن پيا پٿرَ جا

سجَ اُڀرڻ سان رنگ رنگ چهرا
روڊَ ڳهندا وڃن ٿا ڏامرَ جا

ايئن محسوس ٿا ٿين ماڻهو
جيئن شو پِيسَ سنگمَرمَر جا

ڪجهه سيڪنڊ ٺهي، ڊهي ويندا
ظلمَ آهن ڪي ڦوٽڙا جَرَ جا

وحشتون دل ۾ ٿيون اچن گهڙنديون
طاقَ نِڪتا پيا آهن دَرَ جا

ڪنهن آگمَ جي آسري آهيون
پاڻَ ڏُتڙيل لڳون پيا ٿَرَ جا

حقيقتون ڪي، ڪي خوابَ چهرا

حقيقتون ڪي، ڪي خوابَ چهرا
سوالَ چهرا، جوابَ چهرا

ٿي برف وانگي رِجي وڃي دِل
ڏِسي ڪري آفتابَ چهرا

اکيون اُنهن کي ٿيون روز پُوڄنِ
پيا وڌائن ثوابَ چهرا

اسان جي حصي ۾ آيا هردم
ڪي حل نه ٿيندڙ حسابَ چهرا

پيارَ جي راهه جا مُسافرَ
هي چنڊَ چهرا، گُلابَ چهرا

ڏِين ٿا پنهنجا پرايا بڻجي
اسان کي ڪيڏا عذابَ چهرا

رهن پيا ڌُنڌ وانگي ڇانيلَ
ذهن تي بي حسابَ چهرا

توسان نينهن نيارا ٿي پيا

توسان نينهن نيارا ٿي پيا
ڏينهنَ ته مُرڪڻ وارا ٿي پيا

چاهتَ اهڙو رنگ رچايو
چهرا چنڊَ، ستارا ٿي پيا

تُنهنجو مَنُ ئي منزل مُنهنجي
اکڙيون اکڙيون چارا ٿي پيا

توکي دوست ڪيوسي دلبَر!
دُشمنَ، دنيا وارا ٿي پيا

ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو
ڇا کان ٽُوهَه ڪسارا ٿي پيا؟

يادون، سپنا، خطَ اوهانجا
جيئڻ ڪاڻِ سهارا ٿي پيا

ڏورانهين ڪنهن ڏيهِه وڃن پيا
خيالَ به هِن وڻجارا ٿي پيا

ڪِن جون راتيون روشن هونديون
پنهنجا ڏينهن به ڪارا ٿي پيا

مُرڪي مُرڪي ڏُک ڏَسياسي
ٻُڌندڙَ روئڻ هارا ٿي پيا

جيڪي گُلَ! ڌِڪاريا دنيا
سي ئي توکي پيارا ٿي پيا!

نِيري اُڀَ تي جيئين ستارا هِن

نِيري اُڀَ تي جيئين ستارا هِن
لُڙڪَ اکڙين ۾ ايئن ڦهليا هِن

ساريون همدرديون کپي ويندوَ
گهاوَ پنهنجا تمام گهِرا هِن

جن جي ڪائي به ساڀيا ناهي
سي اَسانجي اکين جا سپنا هِن

ڪير ڄاڻي ته ڪهڙِي راهَه وٺن
جيڪي تُنهنجي شهر مان نِڪتا هن

يادون بارودَ جي سُرنگن جيان
ذهن ۾ هر طرف ڌماڪا هن

جن جو احساس ويو مري آهي
هاڻي ماڻهو اُهي ئي جيئرا هِن

پهڻَ- اکيون، کنڊرَ کنڊرَ چهرا
هر طرف دٻيل ڄڻ ته نعرا هِن

جن جي چهري تي جنگِ جي ڪارنهن
تن جي هٿ ۾ اَمُن جا جهنڊا هِن!

روز چِيڀاٽجن ته به خاموش
ماڻهو ڏامرَ جا ڄڻ ته رستا هِن

راتِ توڙي گهڻي انڌاري آ

راتِ توڙي گهڻي انڌاري آ
روشنيُن جي تلاشَ جاري آ

جنهن تان هُن جو اَچڻ نه ٿيندو آ
مان اُها راهَه ڀي نهاري آ

سچُ ڀي کيس ڪُوڙ لڳندو آ
هُن اهڙي نِگاهَه ڌاري آ

ٻِن اکڙين جي بند خانن ۾
چنڊِ سپنن جي ريزگاري آ

مُنهنجي حالتَ آ، وچَ- اوڀَر جي
تُنهنجو شيوو تباهه ڪاري آ

ٿوري ڪاوڙ ڪرڻ جي عادتَ ٿس
ڇوڪري هونئن ته ڏاڍي پياري آ

ڪو ستم ڪين ٿو سهي چُپ چاپ
گُل بيشڪ وڏو ڏوهاري آ

دانهنَ بڻائيندين ڪڏهين تون گهرَ گهرَ جي

دانهنَ بڻائيندين ڪڏهين تون گهرَ گهرَ جي
مولا سائين!، ماٺِ اسان جي اندرَ جي

سچَ سان ويسهَه گهاتي!!، سوچَ جي سيني ۾
هوريان هوريان نوڪَ لهي ٿي خنجرَ جي

ڪيڏا سُکَ جا خوابَ، اکين ۾ ماڻهن جي
ڪيئن ته حياتي گهارنِ پيا ٿا ٿوهرَ جي!

هڪ ئي نانوَ تي ڌَڙڪو تيز ٿئي دل جو
مِٽي، سُرمو ٿيندي ناهي هر درَ جي

ڪمرا سڀ اوندهِه جي ڌُوڙِ ۾ لَٽجي ويل
بتي ساري راتِ ٻري پئي پڌرَ جي

ذرا ذرا ٿي ويندو ڪُوڙَ جو آئينو
هڪڙي ٺوڪرَ کپندي آهي پٿرَ جي

شاعر جاڳي، تارا جاڳن

شاعر جاڳي، تارا جاڳن
اکڙين ۾ اوجاڳا جاڳن

سُتيون پيون ساڀيائون آهن
سپنا ئي ويچارا جاڳن

هر ڪم سولو ٿي پوندو جي
دل جاڳي، دل وارا جاڳن

اَڄ جو غَم ئي ڪافي آهي
اَڄ ته نه گهاوَ پُراڻا جاڳن

مُنهنجي سوچن سان گڏجي ٿا
تُنهنجي گهرَ جا رستا جاڳن

ڪُجهه آهي جو نڪرڻ چاهي
اندر ۾ ٿا لاوا جاڳن

ماڻهو موتَ جي ننڊَ سُتل ۽
تاريخن جا صفحا جاڳن

نقشي ۾ تبديلي ايندي
ذهنن ۾ ٿا ويڇا جاڳن

گُل دُکن ۾ گهيريل آهي
هر پاسي ٿا ڪنڊا جاڳن

ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيو پيو آهيان

ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيو پيو آهيان
پوءِ به پٿر کان پيو ٿو گهٻرايان

مونکي معلوم آ، ته مان ڇاهيان
تُنهنجي جُتيءَ ۾ پيرُ ڪيئن پايان؟

ايئن ڀلا ڪيستائين ٿي سگهندو؟
تون ته ڊاهيندو رهُه ۽ مان ٺاهيان

تُنهنجي معيارَ کي پُڄي نه سگهيس
هونئن ته ڪاٿي نه مان پُڳو آهيان!

هر ماڻهوءَ سان ڪين نفرت آ
هر ماڻهو کي ڪين ٿو چاهيان

ذهنَ جي ننڍڙي رُٺل ٻالڪَ کي
يادَ جي ٽولَ سان ٿو پرچايان

سج لَٿو ته شهر، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾
هر روشن منظر، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

ڇوڪرَ!، تُنهنجي پيارُ جون پٿر ٿيون اکڙيون
اوسيئڙو ۽ دَرُ، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

چنڊَ- پرينءَ جي چهري تي، ڪاوڙِ- ڪَڪِريون
دل جو ننڍڙو گهرُ، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

وقتُ ڪڍي ڪُجهه ايندڙ وقت جو اُلڪو ڪرِ
تُنهنجو سارو تَرُ، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

آزاديءَ جا ديپَ جليا جي ذهننِ ۾
ساٿي!، هر سنگهرُ، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

روپُ وٺي نئون آءُ وري روپا ڪولهي!
ٿاريليون ۽ ٿَرُ، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

شخص هُو نرالو آ

شخص هُو نرالو آ
جُونِ ۾ جُهڙالو آ

ڪنهن بور فنڪشن جو
آخري مقالو آ

زندگي خدا جو سُنهن
زهرَ جو پيالو آ

ڇوڪري ته ناهي هوءَ
شاهَه جو رسالو آ

ڪنهن به ڪم جو ناهي
هيڏو توڙي نالو آ

هُو حوالا ڳوليندي
ٿي ويو حوالو آ

ياد جڏهن ڪي آيا نيڻَ

ياد جڏهن ڪي آيا نيڻَ
لُڙڪن سان وِهنجايا نيڻَ

اوسيئڙي ۾ پٿر ٿي ويا
ڪين مگر پڇَتايا نيڻَ

ڳوڙها، عڪسَ، اوجاڳا، سپنا
ڪيڏا تو وَرسايا نيڻَ

چپڙن جي سهڪارَ سان تُنهنجا
راتِ اسان پرچايا نيڻَ

پيارَ اوهان جي خوشٻوءَ وانگر
مَنُ، ذهنُ، مَهڪايا نيڻَ

دل جي ٽاڪَ منجهند ۾ تُنهنجا
ڪڪرن وانگي ڇايا نيڻَ

نِرمل نيڻن واري ماڻهوءَ
مُنهنجا ڪين اگهايا نيڻَ

پوءِ به اوکيءَ جاءِ اَڙيا هِن
ڪيڏا مون سمجهايا نيڻَ

تُنهنجن يادُن جي رستن تان
مشڪل ساڻ ورايا نيڻَ

ميرا ڪپڙا رهن ٿا، شيو وڌيل

ميرا ڪپڙا رهن ٿا، شيو وڌيل
ساري دنيا کان ٿا رهون ڪٽيل

مُنهنجي جيونَ جيان آهن اڄڪلهه
مُنهنجي ڪمري جون هڙَ شيون وِکريل

ڪنهن گناهه جي سزا جي خوفَ جيان
ذهنَ سان يادِ ٿي رهي چِنبڙيل

تو سواءِ هر گهڙي پرين! آهي
ڪنهن بيوَهه جي سينڌِ جيان اُجڙيل

روز توڙي ملون، تڏهن به ائين
جيئن ميلي ۾ ڪي مِلن وڇڙيل

ماڻهو سُهڻا، غزل ۽ گُلَ جهڙا
بيوسيءَ جي صليب تي ٽنگيل

ايئن هِن لُڙڪن لارون پيارا!

ايئن هِن لُڙڪن لارون پيارا!
اُڀَ تي ڪونجَ قطارون پيارا!

توسان گڏجي هليون ويون هِن
مُنهنجون نيڻَ نهارون پيارا!

پيارَ جون پنهنجون هونديون آهن
مُندون ۽ مَهڪارون پيارا!

تُنهنجا ڪيئي نالا، خوشيون
هِيرون ۽ هُٻڪارون پيارا!

ڪيڏيون چئنِ چَپن جي وچ ۾
دُوريءَ جون ديوارون پيارا!

تُنهنجي لَهجي تي ياد آيا
ڀالا، تِيرَ، تَرارون پيارا!

جيونُ پوءِ به جِيتي ويندو
توڙي هيڏيون هارون پيارا!

ٿوري گهڻي تي ٿي، ٿو وڃي روئڻَ هارڪو

ٿوري گهڻي تي ٿي، ٿو وڃي روئڻَ هارڪو
پنجويهين سالَ ٿو لڳي، ڄڻ ته ٻار ڪو

وعدو ته، اُن ڏينهن کان جيئڻ ڇڏي ڏبو
توکي رهيو نه مون تي، جڏهن اعتبار ڪو

تو ساڻ پيارُ آهي، تڏهن ئي ته ٿا سهون
الزامَ ڪير ٿو کڻي، ايئن هاسڪار ڪو

هُو جڏهن ٿو ملي، ته لڳي اوپرَن جيان
چهرا کڻي ٿو گهمندو وَتي، بيشمار ڪو

دُکَ، انتظارو، خوفُ، تجسس ۽ وري دُکَ
جيونُ ٿو هاڻي ڊرامو لڳي، قسطوار ڪو

سدائين آهي جو، هر شخصَ کان وِساريو ويو

سدائين آهي جو، هر شخصَ کان وِساريو ويو
”ايازُ“ تُنهنجو سو، توکان به ڪين ساريو ويو

عجيب رنگَ، عجب ڍنگَ، تُنهنجي دنيا جا
جو دشمنيون نه هيون، دوستين کي ماريو ويو

سدائين دردَ اَچي دل ۾، دِل وڌائن ٿا
سدائين سُورَ سهي، نينهنُ آ جيئاريو ويو

اسان کي ڪين ٿا چاهيو، اسان کان نفرت ٿَوَ
اسان جو نانءُ پوءِ ڇو؟ ننڊَ ۾ پُڪاريو ويو!

سدائين رُئندا ۽ رُلندا رهياسي راتين جو
اوهان کان ڌارَ ٿي، آهي ائين گذاريو ويو

جڏهن به قُرب پِنڻَ، تنهنجي دَرَ تي آياسي
ڪڏهن دٻايو ويو آ، ڪڏهن ڌِڪاريو ويو

سدائين گهُنجَ وجهي ئي، ڏِٺو ويو مون ڏي
ڪڏهن به ڪين آ، ڀُلجي کِلي نِهاريو ويو

وِڇڙڻَ ويلي لُڙڪنِ ۾، هر سپنو وَهي ويو

وِڇڙڻَ ويلي لُڙڪنِ ۾، هر سپنو وَهي ويو
سوچيان ويٺو هاڻي، تُنهنجو چهرو ڪيئن هيو؟

”هُوءَ هلي وئي، اسان ته توکان ڌارَ نه ٿينديون سي!“
ڀاڪِي پائي مونکي، تُنهنجن يادُن رات چيو

خطُ لکيئه، پوءِ فون ڪيئه، اڄ پاڻَ هلي آئينءَ
وِسريل ماڻهو ڪيئن اَلائجي، توکي يادِ پيو؟

ڪيرُ ونڊيندءِ، روز وڃين ٿو دردَ وڌائيندو
پنهنجي پاڻ کي معاف ڪري ڇڏِ، هاڻي يارَ ٺَهيو!

او منهنجون خوشيون!، او مُنهنجي نيڻن جا سپنئو!
مونکي آخر پاڻ کان ايڏو، ڇو ٿا دُور ڪيو؟

مون سان اَڪثر ٿو ملي، هاڻي پراوَن وانگي

مون سان اَڪثر ٿو ملي، هاڻي پراوَن وانگي
هُو به ٿيندو ٿو وڃي، ڄڻ ته عذابن وانگي

مُنهنجي هر ڳالهه جو ڪنڌُ، هيٺ سدائين جُهڪيلُ
هُن جو هر عملُ عدالتَ جي سوالن وانگي

شهرُ ماڻهن سان ڀريل، ڪوبه خريدار نه پر
لُڙڪ پنهنجا به ٿيا، سنڌي ڪتابن وانگي

مُنهنجي واتان تُنهنجوئي ذڪرُ، سدائين نِڪتو
ذهن تي يادِ رهين، کٽيلَ ثوابن وانگي

پاڻ کي پاڻ ئي، سوچن جو ڪيوسي بيمار
پنهنجو جيونُ به هيو هونئن ته گُلابن وانگي

ياريون، رَسَ- رهاڻيون پيارا!

ياريون، رَسَ- رهاڻيون پيارا!
ساريون قُربَ- ڪهاڻيون پيارا!

هرَ هرَ يادِ اچي جي تُنهنجي
ڪاٿئون ڳوڙها آڻيون پيارا!؟

تُنهنجو پيارُ، ڪتابَ، هي ڪمرو
پنهنجي دنيا ڄاڻيون پيارا!

توکان، مون کان اهم نه آهن
هي راجا، هي راڻيون پيارا!

تُنهنجا ٽهڪَ سنڀالي رکنديون
يادون ڳوڙهن- هاڻيون پيارا!

خولَ مٿان هڪ خولُ نئون آ
چهرا ڪيئن سڃاڻيون پيارا!

آءُ ته لُڙڪَ اُگهان مان تُنهنجا
آءُ ته مُرڪون ماڻيون پيارا!

هُلَ رڳو هنگاما آهن

هُلَ رڳو هنگاما آهن
ماڻهو سچ پچ ڊراما آهن

جيونَ ۾ پرچاوَ نه ايڏا
جيڏا يارَ! رُساما آهن

هڪ ڀي خوابُ سلامت ناهي
نيڻَ ته ناهن، کاما آهن

سوچُون ننگي پيرين آهن
ذهنَ تَتَل ڄڻ ٽاما آهن

جيونَ جي آکاڻيءَ ۾ ڏُکَ
فُل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن

شاعرَ جا دنيا جي نالي
شعر محبت ناما آهن

پنهنجو ڪوئي ڪمال ناهي مِٺي!

پنهنجو ڪوئي ڪمال ناهي مِٺي!
پيار کي ئي زوال ناهي مِٺي!

جڳَ جي ڪيتري اَٿئي پرواهَه!
توکي مُنهنجو خيال ناهي مِٺي!

جنهن جو ڪوئي جوابُ ڪين هجي
اهڙو ڪوئي سوال ناهي مِٺي!

ڀَرجي سگهندو نه، توکان وِڇڙي ڪڏهن
جهڙو تهڙو ته خال ناهي مِٺي!

توڙي ڪجهه ڀي نه آهي، هٿَ وَسَ ۾
پوءِ به سپنن جو ڪال ناهي مِٺي!

جن به نيڻن ۾ نينهُن پَلجي ٿو
تن جو ڪوئي مثال ناهي مِٺي!

تون ملينءَ، جڳُ ڇڏي وڃي ڀل ته
هاڻي ڪوئي ملال ناهي مِٺي!

ڊاهي هٿَ جون سڄيون لڪيران مان

ڊاهي هٿَ جون سڄيون لڪيران مان
ڀاڳَ جي شهرَ مان ٿو تَڙجان مان

تُنهنجي گهرَ جي تلاش ناهي دوست!
پنهنجي گهر کي پيو ٿو ڳوليان مان

زندگي قيد ڄڻ ٽِڪُنڊي ۾
جڳُ مون کي ۽ توکي چاهيان مان

خوفَ جو خول لاهي، اُڇلائي
شهرَ جي گوڙَ ۾ ٿو نِڪران مان

جڳَ کي جو وَڻي ڪري مونکي
ٺيڪ آهي غلط ٿو سوچيان مان

اَڄ به ڪلهَه جيان اُداس ۽ تنها
تُنهنجي گهرَ جي اڳيان ٿو گُذران مان

شالَ اهڙو به ڏينهن اَچي جڏهن
توکي ڪنهن گيتَ وانگي ڳايان مان

سجَ جو موت ڪوئي ٿيڻو آ!!؟
ڏِسُ نئين تاوَ سان اُڀران مان

سجَ لهندي جو ڪو منظر آهيان

سجَ لهندي جو ڪو منظر آهيان
مان انڌيري ڳليءَ جو گهر آهيان

ڪالهه ڀي دردَ ئي هئا، اڄ ڀي
ڪنهن اُداسيءَ جو مُنتظر آهيان

تُنهنجي يادُن جون پناهَه- گاهون مليون
هاڻي هر خطري کان ٻاهر آهيان

هُن جي ورتاءَ مان لڳي ٿو ڄڻ
ماڻهو ناهيان، مان ڪو پٿر آهيان

مُنهنجي جذبن جو ڇو خيال ڪندينءَ
ڪهڙو آخر مان معتبر آهيان

دردَ ٻارن جيان ٿا رانديون ڪن
پَڪَ سِري گهرَ جو پڌر آهيان

هر عبادتَ آ، منهنجي اندر ۾
مان ئي مسجد، مان ئي مندر آهيان

ڳالهِه، ڇڏيو ٻي مرهمَ جي

ڳالهِه، ڇڏيو ٻي مرهمَ جي
غم ئي دوا، پنهنجي غَمَ جي

پنهنجو ڪوئي ڏوههُ نه آهي
ڀوڳيون پيا ٿا آدمَ جي

وَبا جيان ڦهلِي جَڳَ ۾
ڳالهِه، اسانجي سنگمَ جي

هُوءَ تصويرَ به سونهنَ بڻي
ڪنهن ٻئي جيونَ- البمَ جي

تُنهنجي ڀي جي ڪم نه آئي
پوءِ حياتي ڪنهن ڪمَ جي؟

ڪهڙا حالَ پُڇين ٿو جاني!
روزُ ڏهين آ محرمَ جي

هر پَل دِل جي سوڪَهڙي کي
اَسَ رهي ٿي آگمَ جي

هر گهڙي دردُ نيارو آهي

هر گهڙي دردُ نيارو آهي
تُنهنجو مُرڪڻ ئي سهارو آهي

تيز اُس ۾ به ڇانوَ جو احساس
تُنهنجي گهرَ جو پرين!، چارو آهي

مُنهنجي مَنَ ۾ آهي طوفانُ مَتل
توڙي هر ماٺِ نظارو آهي

تُنهنجي اکڙين ۾ به نفرتَ مون لئه
هاڻي مشڪل ئي گذارو آهي

پاڻَ وٽ لُڙڪ رُڳو پنهنجا هِن
هر ٽهڪُ دوستَ! اُڌارو آهي

هُن ظالمِ کي به مون کان ئي سواءِ
باقي هر شخصُ ئي پيارو آهي

هيتري جڳَ ۾ اَڪيلو چُپ چُپ
گُل، پِرهَه جو جيئن تارو آهي

غَمَ، گهايلُ ڇڏيو ڪري سائين!

غَمَ، گهايلُ ڇڏيو ڪري سائين!
آءُ تون، هانءُ ڪو ٺَري سائين!

نَڪو سُر آهي ۽ نَڪا سُرهاڻِ
ساهَه ۾ باهِه ٿي ٻَري سائين!

ٿي سگهي ٿو مرڻ جي ويجهو پرَ
ڪوبه ڪنهن لئه نٿو مَري سائين!

يادِ ڪنهن بيوفا جي راتين جو
ذهنَ ۾ زهرُ ٿي ڀري سائين!

وقتَ آهي ڏنو سهارو جو
تو سواءِ ڀي پئي سَري سائين!

مُنهنجي خاموشِ زندگيءَ ۾ اچُ
ڇَڄَ ڳالهين جا ڪي ڀري سائين!

حالُتن جي سمونڊَ ۾ پيو ٿو
پيارُ پنهنجو ٻُڏي، تَري سائين!

اجنبين وانگي ملياسي تون، مان

اجنبين وانگي ملياسي تون، مان
نه رُناسي، نه کِلياسي تون، مان

ساڀيا جو نه ڪوئي روپُ مِليو
سپنا، سپنا ئي رهياسي تون، مان

زندگيءَ هيءَ جُوئا به هارائي
آخري داءُ هياسي تون، مان

جيئن افسانو ڪو عُنوانَ بِنان
تيئن اي دوستَ!، تياسي تون، مان

لُڙڪَ ته کوڙَ وهيا، وَهندا رهيا
صرف مُرڪي نه سگهياسي تون، مان

ڪيئن هڪٻئي کي سهارو ڏيون ها
هڪ ئي وقتِ ڪِرياسي تون، مان

جڳَ جي اک ۾ سدائين ڄڻ ته
ڪَکَ وانگي ها پياسي تون، مان

دردُ ڪو جنهن ۾ ناهي دوستَ!

دردُ ڪو جنهن ۾ ناهي دوستَ!
سا دِل پٿر آهي دوستَ!

مُنهنجيءَ دل ۾ پيارُ آ تنهنجو
تُنهنجيءَ دل ۾ ڇاهي دوستَ؟!

جيونُ سُهڻو ٿي پوندو آ
ڪو جي ڪنهن کي چاهي دوستَ!

ڪوڙين قُربَ اوهان جا آهن
ڪهڙا لاهيون، لاهي دوستَ!

ڀاڳَ ته پنهنجي وَسَ ۾ آهن
ڇڏبا ڪنهن ڏينهن ٺاهي دوستَ!

سچُ ته پٿرَ تي لِيڪو آ
ڪيرُ اُنهيءَ کي ڊاهي دوستَ!

ميريءَ ڦاٽلَ جهولَ ۾ مُنهنجي
هڪڙو ڀي گُل ناهي دوستَ!

لُڙڪَ ها، گيتَ ها، گُلابَ هئا

لُڙڪَ ها، گيتَ ها، گُلابَ هئا
صرف پاڳل اکين جا خوابَ هئا

اسان ۾ دوستَ!، برابر گهڻيون بُرايون هِن
ڪٿي چئون ٿا، اسان اتي لَٿا ڪتابَ هئا

مان تُنهنجي شهرَ جي جنت مان، نيٺ تَڙجي ويس
گهڻائي کاتي ۾ توڙي، سندم ثوابَ هئا

اکيون، رَويو، چهرو ۽ لَهِجو ئي بدليل
عجيب طرح سان، ورتا ويا هسابَ هئا

عُمر گذاري ڇڏي سي، جوابَ ڳولڻ ۾
مِليا جي ماڻهو، سمورا ئي لاجوابَ هئا

هر امتحان ۾ ناپاس ئي رهيس ٿيندو
بدلجي سارا حياتيءَ جا ويا نصابَ هئا

اسانکي دوست ئي سمجهي نه ها سگهيا، هونئن ته
نه ڪي رڍون ئي هيون ۽ نه ڪي ربابَ هئا

ڇو بدلجي ٿي وڃين تون کَنَ ۾

ڇو بدلجي ٿي وڃين تون کَنَ ۾
ڪُجهه ته ويساههُ ڪجي ساجَن ۾

دردَ آهن جو کُٽڻ جا ناهين
دوستَ گهاريون ٿا پيا موجَن ۾

تُنهنجي باري ۾ غلط ڳالهِه ٻڌي
باهِه ڪائي ٿي لڳي ڄڻ تَنَ ۾

جڳَ وارن کان ڊڄڻ ڇا جو آ؟
ڪا بُرائي ته ڪين آ مَنَ ۾

تُنهنجي ناتي ته جيئون ٿا جاني!
ڪهڙي آهي خوشي ٻي جيونَ ۾؟

قُربتون، فاصلا ۽ تُنهنجي يادِ
رنگ ڪيڏا ڀَرنِ پيون فَنَ ۾

گُلَ! سدا سوچَ ۾ رهين گُم سُم
ايڏو سنجيدو، نه جوڀَنَ ۾

تُنهنجا ڳوڙهنِ سان يارَ!، آلا نيڻَ

تُنهنجا ڳوڙهنِ سان يارَ!، آلا نيڻَ
دل تي بڻجي لڳن ٿا ڀالا نيڻَ

پيارا پرچن روئَنِ، رُسنِ به روئنِ
نينهن وارنَ جا هِن نرالا نيڻَ

ڪنهن کي چاهين ته پيارُ اوتنِ ٿا
ڪنهن سان اٽڪنِ ته ڄڻ جوالا نيڻَ

ڪِن جون اکڙيون انڌيرا، ڪاري راتِ
ڪِن جا چانڊوڪيون، اُجالا نيڻَ

توکي سارنِ، روئنِ، تَڪنِ راهون
ڪهڙا ڪهڙا ڪڍن ڪشالا نيڻَ

اَڻ پيتي ٿئي نَشو جي ڏِسين
تُنهنجا هِن مَڌُ جا پيالا نيڻَ

آءٌ چاهيان ٿو سي چُمڻ جيڪي
سنڌُ جي سِڪَ جا حوالا نيڻَ

گوري رنگَ رنگيلي آهي

گوري رنگَ رنگيلي آهي
ڄڻ چڻنگائي تِيلي آهي

هڪڙي تُنهنجي ئي خاطر مون
ڏني دُنيا کي تِيلي آهي

ٻن دلين جي ڪاڻِ جُدائي
ڪيڏي نه زهريلي آهي

هر هر کيٽو، هرهر کيٽو
ڪيڏي ڏاتِ هٺيلي آهي

اکڙين اُڀ تي آگمَ ڇانيا
موسمَ جي تبديلي آهي

ڏسي اسان کي مُنهن ٿا ڦيريو
اها ته صاف بخيلي آهي

سنگ ساٿي نه ڪوئي، نه ٻيلي آ

سنگ ساٿي نه ڪوئي، نه ٻيلي آ
زندگي ڄن خُدا جيان اَڪيلي آ

مُنهنجي سوچُن کي ٻوڙي وئي پاڻَ ۾
سونهنَ تُنهنجي، پرين!، ڄڻ ڦُليلي آ

مُنهنجي ڪَوتا کان مٺڙا!، گهڻي معتبر
تنهنجي وارنِ ۾ اَٽڪيل چنبيلي آ

دردَ دل کي چُٽيندي رهي ٿي سدا
تو سواءِ هر گهڙي ڄڻ گُليلي آ

هڪ شاعرُ ۽ خوشيون، لڳي ئي نٿو
پوءِ به چاهي ٿي مونکي، ڳهيلي آ

چارئي پهر ڳِڙکيءَ ۾ اَٽڪيل اکيون
ڏارَ ئي ڏارَ ساري حويلي آ

تون ۽ مان هڪ ٻئي کان هئاسين جُدا

تون ۽ مان هڪ ٻئي کان هئاسين جُدا
مُرڪندا ئي رهيا وچَ جا فاصلا

هٿَ پابند ۽ چَپَ، چُپ چاپ ها
ذهنَ ۾ لفظَ سُڏڪا ڀريندا رهيا

وقتُ مون کان کَسي جو به کَسڻو اَٿس
تُنهنجي گهر ڏي وڃن ڀاڳَ جا پيچرا

سُکَ سڀ ڪُجهه وِساري سُتا ئي رهيا
ڏينهنُ جاڳيو ته سڀ دردَ جاڳي پيا

هن ڌرتيءَ مٿان ايتريون رونقون
دل ۾ ويرانيون!!، يا خدا! يا خدا!!

ڪيڏيون مصنوعيتون زندگيءَ ۾ هيون
هڙَ مُرڪون ڦِڪيون، ٽَهڪَ ڀي کوکلا

موسمن جا بدلجڻَ جي، ايئن سُڌِ پئي
ڌُوڙ اُڏندي رهي، گُلَ ڇڻندا رهيا

جڳُ ٻُڌندو ته ڪينَ ڏيندو مِلڻُ

جڳُ ٻُڌندو ته ڪينَ ڏيندو مِلڻُ
ايترو زورَ سان ته نانءُ نه کڻُ

باکَ جي ڦُٽڻ جو ڏِسي منظر
يادِ ڪنهن جو اچي ويو مُرڪڻ

ڪيترو پُرخلوص آهين تون
شهرَ ۾ ياد ٿو اَچي واهڻ

هڪٻئي کي ڏِسون ته مُنهن ڦيريون
شالَ اهڙو ڪڏهن نه ٿي گڏجڻ

موتَ کان زندگي ڏي آهي سفر
تُنهنجو مون کان رُسڻ، رُسِي پرچڻ

او پرين! زندگيءَ جو هر هڪ پل
تُنهنجي شاديءَ جو ڪارڊ آهي ڄڻ

گُل وِکريل هجي ته به خوشبوءِ
۽ هو پارس آهي ته به پاهڻ

تُنهنجي ڳليءَ جا ڦڙا هوندا

تُنهنجي ڳليءَ جا ڦڙا هوندا
ڏينهنَ ۾ ڏَهه ڏَهه ڀيرا هوندا

تون جي ايندين گُم ٿي ويندا
توڙي گهور اَنڌيرا هوندا

جن کي توسان نفرتَ هوندي
ڏاڍا مَنَ جا ميرا هوندا

جيئن جيئن راتِ ڊگهي ٿي سمجهو
ويجها پڪَ سويرا هوندا

گولين جا آواز فِضا ۾
اُجڙيا ڪي آکيرا هوندا

ذهنُ جي ڦاٿو، ڦاٿل رهندو
يادِ جا سوگها گهيرا هوندا

گُلَ اُنهن جايِن تي ٽِڙندا
جاٿي تُنهنجا پيرا هوندا

پِرت جا پيچَ ڪي پائڻ گهُرجن

پِرت جا پيچَ ڪي پائڻ گهُرجن
پاڻ تي لوڪَ کِلائڻ گهُرجن

ڪنهنجي هڪ مُرڪَ تي وِڪڻي ڇڏجي
مَنَ جا مولَ گهٽائڻ گُهرجن

ڪڏهن هُن کي به وِساري ڇڏجي
ڪڏهن ته خيالَ مَٽائڻ گهُرجن

سونهن جي نانوَ تي جهُڪجي سائين!
نينهنَ سان نينهنَ نِڀائڻ گهُرجن

لُڙڪَ اکڙين جا وڃن ٿا سُڪندا
ڪي نوان دردَ پِرائڻ گهُرجن

ڪيسين راهُن جي ڏُکيائي سَهبي
چونڊي سڀ پَهڻَ هٽائڻ گُهرجن

يا ڪَرايُن ۾ چوڙيون وجهجن
حوصلا يا ته وڌائڻ گُهرجن

ڀل ته اَنڌين سان وِڙهن ۽ وِچڙن
پاڻَ کي ديپَ جلائڻ گهُرجن

پلَ پلَ جو عذاب چاهي ٿو

پلَ پلَ جو عذاب چاهي ٿو
مَنُ ڏاڍو خراب چاهي ٿو

هُن جو هر هڪ عمل ٻُڌائي ٿو
مون کي هُو بي حساب چاهي ٿو

پيارَ جي موٽَ، پيار ڏي تون ڀي
هرڪو جذبو جواب چاهي ٿو

پياسَ آهي وري لڳي گَهٽجڻَ
ذَهنُ ڪو نئون سراب چاهي ٿو

پنهنجي جيون- ڪتابَ ۾ هرڪو
ڪوئي رنگين باب چاهي ٿو

مون کي لائي گُناهَه جي رستي
هرڪو ماڻهو ثواب چاهي ٿو

ڪيرُ هَٿُ ٿو وڌائي ڪَنڊنِ ڏي
دوستَ! هرڪو گلاب چاهي ٿو

ڪيڏا لُڙڪَ لَڙيا آهن

ڪيڏا لُڙڪَ لَڙيا آهن
منظرَ ڌُنڌلا ٿيا آهن

ڏُور وڃڻ چاهيم توکان
راهُن پيرَ جهليا آهن

راتِ سڄي رستن تي رُليو
دروازا بند پيا آهن

اڄُ ئي تون بدليو آهين ۽
اڄ ئي دردَ مِليا آهن

تُنهنجي ناتي سان مون تي
هر ڪنهن ڏوهَه مڙَهيا آهن

ڊائريءَ جي سيني تي وِکريا
تُنهنجا قول پيا آهِن

ساروڻيون، ساٿي ۽ سُکَ
هڪ هڪ ٿي وِڇڙيا آهن

دُنيا کي ڇِرڪائڻَ وارا
پاڇَن کان ڇِرڪيا آهن!

زندگي ڪربلا وڃي ٿيندي

زندگي ڪربلا وڃي ٿيندي
هر دُعا، بَددُعا وڃي ٿيندي

پنهنجي بي حد حِساب طبيعت ئي
پنهنجي لئه ڄڻ سزا وڃي ٿيندي

جنهن تي ورتو وَفا جو قَسم اُها
پاڻ ئي بيوفا وڃي ٿيندي

ٿوري ٿوري، گهُري جهُڪائڻ ٿي
هوريان هوريان خُدا وڃي ٿيندي

مُنهنجو اگهُه روز ٿو وڃي گهٽبو
۽ هُوءَ بي بَها وڃي ٿيندي

هُوءَ ملي ڀي ته، ايئن ٿي محسوس
ڄڻ ته مون کان جُدا وڃي ٿيندي

هيکل دل ويچاري آهي

هيکل دل ويچاري آهي
چوڏس چوراڪاري آهي

سُندر سپني جهڙي ڇوري
سوچُن تي سوڀاري آهي

رُڳو اسان وٽ آهي حياتي
سا ڀي يارَ! اُڌاري آهي

يادِ اوهان جيءَ ساڻُ سَجي دل
ٿي پئي سُندر ناري آهي

اُڀ ۽ ڌرتي مِليا اُفقَ وٽ
ماريو!، ڪاروڪاري آهي

دل سان پنهنجي ڀيڻي ناهي
توبَهن، توبَهن زاري آهي

سُهڻا سائين!، اسان اوهان جي
ڳالهه ڪڏهن ڪا ٽاري آهي!

جيڪا ڳالهه چئي هئي ڪلهه مون
اڄُ سا جڳَ اُچاري آهي

نيٺ گُلن سان ڀربي جيڪا
پنَ ڇَڻ ڇاڻي ٽاري آهي

مُنهنجي سهڻي، سادي سنڌڙي
جڳَ سڄي تي ڀاري آهي

دردَ اسان جي هانوَ ڏي، هَٿُ وڌايو پئي

دردَ اسان جي هانوَ ڏي، هَٿُ وڌايو پئي
پاڻَ ٻئي خاموش هُياسي، ڳوڙهن ڳالهايو پئي

تُنهنجي اکڙين هوريان هوريان، ايئن ڪيو سوگهو
ڄڻ ڪنهن ماريءَ ڄارَ ۾، پَنڇي ڦاسايو پئي

هڪڙو ڏاڍو پيارو منظرُ، راتِ ڏِٺو هو مون
اکِ ڀڳي ٿي تارنِ ۽ چنڊَ لَڄايو پئي

سنڌُ جي سُورن جون ڳالهيون پئي فنڪشنَ ۾ هليون
دل کئي دل ۾ ڪيڏن ماڻهن ۽ شرمايو پئي!

تَنهن وٽ تُنهنجنِ يادُن جا سَوَ سورجَ هوندا پڪَ
راتِ جي پهرين پهَر ۾ ئي جنهن، ديپ اُجهايو پئي

مُنهنجي سوچن تي نه ڌاڙو آهي

مُنهنجي سوچن تي نه ڌاڙو آهي
اهڙو خالي نه ڏِهاڙو آهي

تُنهنجو مايا ڏي جو لاڙو آهي
پنهنجي پيرنِ تي ڪُهاڙو آهي

ٻاهران ڪيڏو نه ڍڪيل آ، ماڻهو!
اَندران ڪيڏو نه اُگهاڙو آهي!

پيارَ جنهن جي تي کَڄنِ ٿا پٿرَ
هي اُنهيءَ شخصَ جو پاڙو آهي

تَنهن جي شعرن ۾ ڪٿان سوزُ اچي
جنهن جو اندر ئي ٻاڙو آهي

دردُ ڀاڪُرَ ڀري به مرڪيون مون

دردُ ڀاڪُرَ ڀري به مرڪيون مون
ٽَهڪَ ڏئي سُک مگر نه پاتو تون

هر دفعي هڪ نئون تجربو هو
ڪاوڙياسون، جڏهن ۽ پَرتاسُون

مُنهنجي چاهتَ جي ثابتي آهن
ڊائري، فونَ، خطَ ۽ تارون

زندگي دوستَ!، آهي واچُوڙو
پاڻ ڄڻ ڪَکَ پَنَ جيان آهيون

تُنهنجو هر ڏينهن آ ڏياريءَ جيان
۽ انڌيرا اسانجون ميراثون

ڪوڙَ ڪيڏو وڏو ٿي ڳالهايئين!
زورُ سچَ تي هيس ننڍي لاڪُون

اڄ جي سنڌ جو لِکو اتهاس
ڊَپُ، زخمي بَدنَ، ٻُسيون ٻانهون

ڪيڏا ناڪام ٿي ويا آهيون

ڪيڏا ناڪام ٿي ويا آهيون
صُبحَ مان شام ٿي ويا آهيون

تُنهنجي دل تان لَهي اسان سائين!
هاڻي گُمنام ٿي ويا آهيون

هرڪو ماڻهو ائين ٿو دُور رهي
ڄڻ ته الزام ٿي ويا آهيون

تون، مان مُرڪي مليا هئاسي بس
مُفت بدنام ٿي ويا آهيون

سونهنَ، سچَ ۽ سُڳنڌَ جا جڳَ ۾
پاڻَ پيغام ٿي ويا آهيون

مان هيس درد- غفائن ۾ گُم

مان هيس درد- غفائن ۾ گُم
تون هئين پنهجي اَدائن ۾ گُم

پنهنجو تختو ئي ويو اونڌو ٿي
هُو هيو لوڪَ لڄائن ۾ گُم

ڪيتريون معاف ڪري، معاف ڪندينءَ
پنهنجو جيون ئي خطائُن ۾ گُم

ٿي وئي آهي سدا ليکي مهلَ
هر وفا پنهنجي جفائن ۾ گُم

جي ڪِريل هٿَ کڄيا، ٿي ويندو
ماٺِ جو شهرُ صدائن ۾ گُم

اَچُ، ڪجهه عملَ جي دُنيا ۾ مٺي!
ڪيسين رهندينءَ تون دعائن ۾ گُم

پنهنجي ڏيئن کي سنڀالي رکجانءِ!
ٿينِ نه تيز هوائن ۾ گُم

حادثن جو شڪارَ ٿيندا وڃن

حادثن جو شڪارَ ٿيندا وڃن
ماڻهو جي بُردبارَ ٿيندا وڃن

آئيننِ جي اڳيان اَچي چهرا
پاڻَ کان شرمسارَ ٿيندا وڃن

ڪالهه هڪڙو ئي هٿُ کڄيل هو اڄُ
هڪ، ٻه، سوَ، هزارَ ٿيندا وڃن

همتون ڇو جوابُ ڏينديون وڃن!؟
منزلون، رهگذارَ ٿيندا وڃن

توسان ملندي جي پنَ ڇڻَ به هجي
ايئن لڳي ڄڻ بهارَ ٿيندا وڃن

هِڪ سکُ لاءِ سؤ دفعا روئڻ
ٽهڪڙن جا ڏُڪارَ ٿيندا وڃن

وحشتُن جي به انتها آهي
خوابَ، اکڙين کان ڌارَ ٿيندا وڃن

نينهنُ ساڳيو، نه نگاهون ساڳيون

نينهنُ ساڳيو، نه نگاهون ساڳيون
ڪيئن رهنديون اُهي ٻانهون ساڳيون

تون ۽ مان دوستَ! بدلجي وياسي
پر نه بدليون، اُهي راهون ساڳيون

پيارَ جو سفرُ شروع ”آهَه“ سان ٿيو
۽ رهيون ڀي وڃي آهون ساڳيون

جن ۾ سپنن جا متلَ ميلا ها
هاڻ هيکل سي نگاهون ساڳيون

اڄُ به مهراڻُ سڄو مِياڻي آ
لاٽَ جون ٻاٽَ تي ڪاهون ساڳيون

هيءَ ڊگهي راتِ سهي، کُٽندي ضرور
درد رهندا، نه ئي دانهون ساڳيون

سُورَ سهڻ جو ڪو ساهَس

سُورَ سهڻ جو ڪو ساهَس
ناهي دنيا!، بس ڪر بس

اَڄڪلهه پنهنجو جيونُ ايئن، جيئن
ٻين وڳي کان پوءِ ڪئمپس

پنهنجو پنهنجو پارٽ ڪيون پيا
دنيا هڪڙي آ، سرڪس

پاڻ ته پيارُ ڪندا رهنداسي
هُن تي پنهنجو ڪهڙو وَس

هُو جو مون سان ملندو آهي
ماڻهو ٿيندا هن جيليس

منهنجي دِل جي اونداهُين ۾
تُنهنجي پيار ڪئي چوڏس

تنهنجي ذڪر بنا هِن پيارا!
ساريون ئي ڳالهيون بوگس

پيارن ماڻهن جي سامهون گُل
ٿي ويندو آهي بيوس

مون لئه پٿرَ جا ماڻهو

مون لئه پٿرَ جا ماڻهو
پنهنجي ئي گهرَ جا ماڻهو

تون جي گڏُ آهين مون سان
هڪڙيءَ ٺوڪَر جا ماڻهو

ڪهڙي اُجري ڳالهه ڪندا
ميرا اندر جا ماڻهو

تون بادل ۽ يارَ!، اَسان
جهڙوڪر ٿَرَ جا ماڻهو

جذبن کان ئي خالي آهن
جهڙا ڪاڳر جا ماڻهو

تُنهنجي سامهون آ، جهڙو حال آهي

تُنهنجي سامهون آ، جهڙو حال آهي
باقي چَرئي ٿيڻ ۾ سال آهي

خالُ آهي، رُڳو سوال آهي
چهري چهري تي ڏس زوال آهي

ڇو نٿي ٿي وڃين ڀلا مُنهنجي
توکي ايڏو اگر خيال آهي

گهُٽَ، ٻوسٽَ ۾ جيئرا ماڻهو!!
بس سڄو پيٽ جو ڪمال آهي

جو به ڪُجهه ٿي رهيو آ، دنيا ۾
طاقتُن جو ننڍو مثال آهي

توسان تُنهنجي ستم جو ذڪر ڪيان!
مون کي اهڙي ڪٿي مجال آهي

تُنهنجي ڪاوڙِ ته مان سَهي ويندس
توکي روئندي ڏِسڻ محال آهي

پيارَ جو ديپُ، جلائي ڇڏبو

پيارَ جو ديپُ، جلائي ڇڏبو
لنئون ڪنهن ساڻُ ته لائي ڇڏبو

تُنهنجي ڳولا ۾ پرين! ٻيو ته ٺَهيو
پاڻُ پنهنجو به وڃائي ڇڏبو

تُنهنجي راهُن تان ڏُکن جو پيرو
پنهنجي راهُن ڏي مَٽائي ڇڏبو

دوستَ! هڪوار چئي ڏسُ ته سهي
توکي روئي به کلائي ڇڏبو

دردَ، ديوانگي، يادون تُنهنجون
دل کي ڪنهن سان ته سَجائي ڇڏبو

چُپ جي ديوارِ کي ڊهڻ گُهرجي

چُپ جي ديوارِ کي ڊهڻ گُهرجي
ڪجهه ٻُڌڻ گُهرجي، ڪجهه چوڻ گهُرجي

پيارُ اُهڃاڻ آهي جيونَ جو
ڪنهن نه ڪنهن سان، ڪڏهن ڪرڻ گهُرجي

هُن جي مرضي ته هو رَهي يا وڃي
هُن کي پر وڃڻ کان، جهلڻ گهُرجي

جڳَ وارن جي لَڄا بيشڪ ڪرِ
ڪڏهن ڪڏهن ته به ملڻ گهُرجي

هڪٻئي تي رهي نه جي ويساهُه
دوستي اهڙي پوءِ ٽُٽڻ گهُرجي

ڪوبه رستو نه ٻيو سُجهي جڏهن
پنهنجي گهر ڏانهن تڏهن وڃڻ گهُرجي

ڌُوڙ ئي ڌُوڙ ٿي ويو جيونُ
هاڻي بس ماڳَ کي ملڻ گهُرجي

تون ٿي چونڊين ڪنوَلَ

تون ٿي چونڊين ڪنوَلَ
لُڙڪَ مون وٽ اَجهلَ

مُرڪبو ڀي ڪڏهن
واندڪائيءَ مَهل

دردَ آهن مِليا
تورَ کان ڀي اُٽلَ

رات ڪاريءَ ۾ هِن
تنهنجون يادون مشعلَ

روزُ ملندينَ جي تون
روزُ لکبا غزلَ

تُنهنجو چهرو قُرآنُ
مُنهنجا هٿڙا رحلَ

نانءُ تُنهنجو ٻُڌي
هانوَ کاڌي اُڇلَ

ڪهڙا ليکا ڪجنِ
زندگي چار پلَ

تون به ڏوهي هئين
مان به ڏوهي ”سچلَ“!

سوچُون سَهڪنِ پيون
ذهنَ آهن ٿڪلَ

نڪو ساٿُ مون سان ڏئي ٿي سگهين

نڪو ساٿُ مون سان ڏئي ٿي سگهين
نه ئي ساڻُ ٻئي سان سَهي ٿي سگهين

وسارڻَ کان اڳ ۾ هي سوچين ته ها:
”ڀلا ڌارَ مون کان رهي ٿي سگهين؟“

محبت ته ظاهر ٿئي، ڪيئن ٿي؟
نه ٿي ڪجهه چوڻ ڏئين، نه چئي ٿي سگهين

هجومن ۾ ايڏو نه ٿيو آهيان گُم
جي چاهين ته مون کي لهي ٿي سگهين

حياتي! عجب ڪشمڪش ۾ وڌئي
ڊهين ٿي نَڪو تون، ٺهي ٿي سگهين

ديوي! دل ۾ يادون تُنهنجون، مَنَ ۾ تُنهنجي مورتَ آهي

ديوي! دل ۾ يادون تُنهنجون، مَنَ ۾ تُنهنجي مورتَ آهي
دل ۾ پيارَ جا ديپَ جلائي، پُوڄاريءَ جيان پوڄيان ويٺو

تون جي آهين سڀ ڪجهه آهي، توبِن جيونُ، جيونُ ناهي
گيتن منجهه سي سورَ سمائي، شاعرُ بڻجي ڳايان ويٺو

هيڪل هيڪل مَنُ هي مُنهنجو، تنهنجي اَچڻ جي آسَ لڳائي
دوکا روز نوان ڏئي دل کي، نيڻين ننڊَ ڦِٽايان ويٺو

پرواني جيان پريت آ مُنهنجي، جنمَ جنمَ ۾ جلندو رهندس
تُنهنجي ڪارِڻ ڏياٽيءَ وانگر، جيءَ کي روز جلايان ويٺو

”گُل“ بڻجي مون ڳوليو توکي، باغَ باغَ ۾، پريتم پيارا!
سجَ اُڀرڻ سان نِير بڻائي، ماڪَ ڦُڙا برسايان ويٺو

(زندگيءَ جو پهريون غزل)

دردَن سان دوستي ڪر!

دردَن سان دوستي ڪر!
راهُن ۾ روشني ڪر!

مون ساڻُ دوستيءَ ۾
ايڏي نه دُشمني ڪر!

هُن سان ملڻ جو سوچي
سُرهاڻ زندگي ڪر!

او سونَهن!، مُنهنجي دل تي
اچُ وارُ آخري ڪر!

هُن سان گُذارِ پنهنجي
ڀاڳن تي شاعري ڪر!

سنڌُ جو ڪرين ٿو سودو؟!
تنهن کان ته خودڪشي ڪر!

ٿورو تون جاڳُ ۽ پوءِ
جيئڻ جي خاطري ڪر!

نيڻَ نيڻن سان مِلي، ايئن مُرڪيا

نيڻَ نيڻن سان مِلي، ايئن مُرڪيا
ٻه رُٺلَ ڄڻ ته پاڻَ ۾ پَرچِيا

تارا تارا، هو ذَهن جو آڳُر
تُنهنجي يادُن جا ڪيئي چنڊَ چڙهيا

شهرُ دل جو سڄو ٿيو خوشبوءِ
ٽهڪَ تُنهنجا گُلن جي مثل ٽِڙيا

ساڀيائون کَسي وٺو ڀل جي
ڪين سگهندؤ کَسي مگر سپنا

تُنهنجي نيڻن کان مُعتبر ناهِن
ڪنهن مُقدس ڪتابَ جا صفحا

تُنهنجي پيرن ۾ هئي لڳلَ ميندي
مُنهنجي گهر جا ته ها کُليل رستا

روشني جهِيڻي جهِيڻي ٿيندي وڃي
۽ وڌندا وڃن پيا پاڇا

کاتا ٿي رکين هيڏا، جي مُنهنجي خطائُن جا

کاتا ٿي رکين هيڏا، جي مُنهنجي خطائُن جا
دَرَ بند رکيا ٿي ڇو، پوءِ جان!، سزائُن جا

گهرُ ناهي جي مونکي ته، اَچرج ٿو ڪرين ڇا جو؟
گهرَ هوندا ڪٿي آهن؟، خوشبوءِ جا، هوائن جا!

سڀ ديپَ- اُجهيلَ راهون، خاموشي ۽ چوڌاري
سڏَ، پيرَ چُمي موٽيا، پنهنجن ئي صدائن جا

ها دوستَ!، اسانجي ته، نالي سان ڳنڍيل آهن
ڪجهه پيارَ ڪرڻ جا ۽، ڪجهه ڏوهَه وفائُن جا

بارود، بُکون، باهيون، هي ظلمُ، جبر، وحشتَ!
ڌرتيءَ تي لکين ٿورا، ڌرتيءَ جي خدائُن جا

زندگي توڙي جي عذابُ ڪوئي

زندگي توڙي جي عذابُ ڪوئي
ناهي پوءِ به سندس جوابُ ڪوئي

دردَ اَچ! دَرُ کُليل آ دل جو
دوستن سان نه ڪرِ حسابُ ڪوئي

يادِ جا عڪس ڪجههُ ڇڏي ويو بس
پيارُ تُنهنجو به هو خوابُ ڪوئي

صفحي صفحي تي تُنهنجو نانءُ ڏِسان
جي کڻان پڙهڻ لئه ڪتابُ ڪوئي

يادون هر وقت ڀِٽڪنديون ٿيون رهن
ذهنُ آ ٿي ويو سرابُ ڪوئي

جڳَ وارؤ!، گهڻائي گهاوَ ڏنوَ
خير، هڪ ڏينهن ڪبو حسابُ ڪوئي

گُلَ!، توسان به پيو ڪري ليکا
ماڻهو ڏاڍو آهي خرابُ ڪوئي

ڀرپور نگاهُن سان ڏِسي ڀي نه سگهياسي

ڀرپور نگاهُن سان ڏِسي ڀي نه سگهياسي
هڪ دردُ کڻي دوستَ!، اوهان ساڻُ ملياسي

ڪيڏا نه اداڪارَ وڃون پاڻ پيا ٿيندا
دل ۾ ته رُناسي پئي، ٻاهر ٿي کِلياسي

سڀ گيتَ، سڀئي ٽهڪَ، زماني جي پلوَ ۾
سڀ لُڙڪَ، سڀئي گهاوَ، اسان جهولَ جهلياسي

جو شخصُ ملي ٿو، سو ڀري زَهرُ اکين ۾
ايئن ٿو لڳي شهر تي ئي ڄڻ بارُ ٿياسي

هُن کان ته جوابن جون تقاضائون ئي بيڪار
پنهنجن ئي سوالن ۾ ته وِچڙي ها پياسي

اَڄُ نانءُ ڏِنو اُن به خزائُن جو اسانکي
جنهن لاءِ بهارن جو ڪو پيغام هياسي

خالَ ئي خالَ زندگي آهي

خالَ ئي خالَ زندگي آهي
بس اُڌاري ئي هر خوشي آهي

مُستقل دردَ هِن، اُداسيون هِن
پيارُ تنهنجو به عارضي آهي

تُنهنجي هوندي، آ جيئڻ جو احساس
هونئن هر ڏينهنُ خودڪشي آهي

گهاوَ ڏئي، پاڻ ڀي ٿو روئي ڏي
هيءَ نرالي ئي دشمني آهي

ذهنَ جون سڀ ڳليون پيون جَرڪن
تُنهنجي يادُن جي روشني آهي

دل جون ڳالهيون به ڪين ٿو سمجهين
ڪهڙي آخر ڪا فارسي آهي؟

دوستَ! مونکي ڇڏي نه وڃ هيکل!
صرف توسان ته دوستي آهي

چمپا! مُنهنجي غزلن کي

چمپا! مُنهنجي غزلن کي
پنهنجي ٿوري خوشبوءِ ڏي

دل چاهي ٿي گيتُ لکان
تنهنجي ساگَر- نيڻن تي

تون ڀي پٿرَ کڻُ سانئڻ!
تون ڀي چريو چئُه مونکي

ڪوڙُ ڪيان مان توسان ۽
تون ڀي مونکي دوکو ڏي

دِل ۾ روئيندو هوندو
هُو جو مُرڪي ٿو وِڇڙي

مُنهن ڦيري گُذري ويندو
هاڻي ڪاٿي گڏبو جي

ڏِسجو ڪيڏو روئي ٿو
هُو جو ايڏو خوش ٿو ٿي

ڪنهن کي ناهي حقُ اهو
مُنهنجي جيونَ سان کيڏي

شالَ ڪڏهن ڪو ڪمُ پويس
هونئن ته شايد ڪين اَچي

ذهنُ ته ٻوڙي ئي ويندو
يادِ جو درياءُ اُٿليو جي

ماڻهو مِٺڙا پيارا وو!

ماڻهو مِٺڙا پيارا وو!
جيئن ڪي چنڊَ، ستارا وو!

نينهنَ اسانجيءَ دِل- ڌرتيءَ تي
ڀَري ڪيا وسڪارا وو!

وقتُ ڪري ٿو پَڌرا پيارا!!
ماڻهو اَڇا، ڪارا وو!

جيونَ مون کي ڀي ڪي ڏي تون!
ٻَٽِڙي پلَ اُڌارا وو!

نفرتَ، ڪاوڙِ، ٻولَ- ڪڙا ڄڻ
پوهَه جا آهن پارا وو!

جي ڪنهن کي به پيارا ناهن
ڪيڏا سي ويچارا وو!

سورجُ آهيان، مُنهنجي آڏو
ڪيئن رهن انڌيارا وو!

ٿورو ڏُک مليئي روئي پئين
حيفُ ٿي هيڏا سارا وو!

ساهَه ۾ سانڍيلُ ساجنُ آهي

ساهَه ۾ سانڍيلُ ساجنُ آهي
مُنهنجو سارو ئي ڌَنُ آهي

مَنَ ۾ اهڙا جذبا آهن
جهڙو هُن جو جوڀنُ آهي

توڙي هُو ڀي روزُ ملي ٿو
پوءِ ڀي ويڳاڻو مَنُ آهي

مُنهنجي چوڌاري اوندهِه آ
هُن جو چهرو روشُن آهي

هُو ڀي مون سان ايئن ملي ٿو
ڄڻ ڪو مُنهنجو دشمنُ آهي

ميڙي ميڙي ٿَڪجي پيو هان
ڪيڏو وِکريل جيونُ آهي

روزُ نَون چهرنِ جي ڳولا
شهرَ جو شايد فيشنُ آهي

هڪڙي پينگهي ۾ جهُوليا هون
غَم ڀي منهنجو ئي سَنُ آهي

ڪيڏين صدين تي ڦَهليل آ
توبِن گذريو جو کَنُ آهي

شهرُ اوندهِه ۾ ڇو پيو ٻوڙي

شهرُ اوندهِه ۾ ڇو پيو ٻوڙي
پنهنجي وارَنِ کي ڪير ٿو ڇوڙي؟

بيوَفا کان وفا گُهرڻ وارو
ڄڻ ته پاڻيءَ تي پيرَ ٿو کوڙي

پاڻَ جي ٿا رڳو مِلون مُرڪي
جڳُ ڪيڏيون ٿو ڪهاڻيون جوڙي

ڪنهن تي ڪائي ميارَ ناهي پرين!
وقتُ ئي ڏاڍو تيز ٿو ڊوڙي

هاڻي شايد وري جُڙي نه سگهان
دردَ آهي ائين ڇڏيو ٽوڙي

تُنهنجي هڪ وينگسِ واهڻَ!

تُنهنجي هڪ وينگسِ واهڻَ!
دِل کي وجهي وئي ڏانوڻَ

هَلڪو سلڪو سُک ڏيو بس
ڪين گهُرون ٿا خوشيون مَڻَ

عَجب دؤر آ، هاڻِ ته سائين!
ڇانوَ نه ڏين ٿا، گهاٽا وَڻَ

ڪوبه نه جاڳي ٿو جذبو
تُنهنجي آئي ڀي سانوڻَ!

شهر سڄي تي جادو ڇانيلُ
سارا ماڻهو پِنڊ- پَهڻَ

اِجهوڪِي آئي رُتِ- بَسنتي
آسَ ڏياري ٿي پَنَ ڇَڻَ

دل ئي ڇاهي، ساري هستي، داوَ لڳائڻُ چاهيان ٿو

دل ئي ڇاهي، ساري هستي، داوَ لڳائڻُ چاهيان ٿو
پاڻُ وڃائي ڀي او پيارا! توکي پائڻُ چاهيان ٿو

ماڻُهن جا الزامَ سَوين پر، ڪوئي ته ڄاڻيندو هوندو
پاڻُ پَڏائڻ ڪڏهن نه چاهيم، پاڻُ وَڻائڻُ چاهيان ٿو

هيءُ جو ڪجهه ڀي آءٌ لکان ٿو، ڪنهن تي ڪو احسانُ نه آ
ڌرتيءَ جو هي قرض آ جيڪو، آءٌ چُڪائڻُ چاهيان ٿو

سونهنَ، سچائي ناهي جنهن ۾، ڳالهه نه سا ڳالهوڙو آهي
ڌرتيءَ کان جا ڳالهِه الڳِ، سا ڳالهَه ڀُلائڻُ چاهيان ٿو

گُم ٿي جنهن ۾، ڊَهي وڃن سڀُ، گُهگهه انڌيرا نفرتَ جا
پيارَ جو اهڙو روشن روشن، ديپُ جلائڻُ چاهيان ٿو

پيارُ ئي پيارُ ٿو گُهرڻ چاهيان

پيارُ ئي پيارُ ٿو گُهرڻ چاهيان
توسان گڏ ٿو جيئڻُ، مرڻُ چاهيان

تُنهنجو نالو وٺڻ بهانو آ
پاڻَ کي يادِ ٿو ڪرڻُ چاهيان

هر خوشي توکي ڏئي زماني جي
توکان هر دردُ ٿو ڦُرڻ چاهيان

آءٌ يادُن جو ديپُ آهيان پرين!
تُنهنجي دلِ ۾ پيو ٻَرڻ چاهيان

مُنهنجي منزل اڳي، گهڻي اڳتي
وقتُ آهيان، نٿو ورَڻ چاهيان

سچَ جي سِجَ جهڙي پيرنِ ۾
ڪُوڙ دنيا جو ٿو ڌَرڻ چاهيان

پِيڙا، پُورَ ۽ سُورَ سهيڙي

پِيڙا، پُورَ ۽ سُورَ سهيڙي
ڇا ڇا آيسُ موتي ميڙي

پيارَ جو ٻِجُ ڇَٽي دل- ڌرتي
هيرَنِ جهڙو هاري کيڙي

وقتُ وڏي مرهمُ آهي، پر
يادِ ڇڏي ٿي ڦَٽَ اُکيڙي

شالَ مان سِجُ ٿيان جيڪو ٿو
لَهندي ڀي ڳاڙهاڻِ پکيڙي

جڳُ پيو پوءِ جهومي، جنهن تي
سازُ ڪو اهڙو وڃبو ڇيڙي

ڇا نه مون سان آهي تُنهنجيءَ سارَ ڪيو؟

ڇا نه مون سان آهي تُنهنجيءَ سارَ ڪيو؟
مون کي، مون کان ئي اَچي آ ڌارَ ڪيو

اهڙي حالتَ نفرتون ڀي ڪين ڪن
جيڪي مون سان آهي تُنهنجي پيارَ ڪيو

پنهنجي جيونَ ۾ اسان مُنهنجا پرين!
جيڪي ڪيو سو دَردَ جي آڌارَ ڪيو

توکي هيڏو خوش اگر ڏِسجان پيو
هيءُ جادو، يارَ جي اقرارَ ڪيو

ڪُوڙَ سان بيٺو سدائين ٻِٽُ ٿي
سچَ کي ڇو هيکلو سنسارَ ڪيو!؟

سنڌُ سان آهي ائين ئي ٿيو هتي
جيئن هاريءَ سان سدا ڀوتارَ ڪيو

مصنوعيتَ کان ٻاهر آهي

مصنوعيتَ کان ٻاهر آهي
ماڻهو ڪيڏو دلبر آهي

هُو ڀي مون کان وِسري ويو آ
ڪيڏي مون کي ويسَر آهي

هٿُ مِلائڻ کان ڀي ڇِرڪن
مُنهنجو هٿُ ڄڻ ٿُوهر آهي

چهري تي ظاهر ناهي سو
جيڪو مُنهنجي اندر آهي

فُٽ- پاٿِ تي تخليقون هِن
سامهون خالقَ جو گهر آهي

ماڻهن وِچَ ۾ هڪڙو ماڻهو
ڄڻ ڪو راجا اِندر آهي

مالڪَ بدران ڳالهائي ٿو
آخر سچو نوڪر آهي

هُو جو هيکل ڳيرو آهي
تَنهن جي پويان لشڪر آهي

عمرِ کِلندي گُذارجي سائين!

عمرِ کِلندي گُذارجي سائين!
ڪين روئجي، روئارِجي سائين!

لُڙڪَ حلُ ڪين هِن مسئلي جو
هانءُ پنهنجو نه هارجي سائين!

جنهن جي نيڻن ۾ نينهنُ پلجي پيو
سوئي دلِ ۾ ويهارجي سائين!

ڪڏهن ڀُلجي مِلڻ جي ڀي ته ڪجي
ڪين وعدي تي ٽارجي سائين!

ڪوئي بي موت ئي مري نه وڃي
ڏوُر ايڏو نه گهارجي سائين!

پيارَ جي بِيکَ جو گُهري، تنهن کي
ڪين دَرَ تان ڌِڪارجي سائين!

پيارَ پنهنجي جو ڪُجهه سهارو ڏئي
ڪنهن جو جيونُ سنوارجي سائين!

صافُ، سچا، سٻاجها ماڻهو جي
تن تي جيونُ به وارجي سائين!

هر گهڙيءَ ئي سَٺوسين، گهاءُ نئون
ڇا وِساري، وِسارجي سائين!

جي ڪُڇڻ چاهي ڪو، ڪُڇڻ نه ڏيو
زورُ ايڏو نه ڌارجي سائين!

هلُ ته اوگُل!، هلي اَڄوڪي راتِ
ڪنهن جي سپنن ۾ گهارجي سائين!

هِيڻو ئي نشانو آ

هِيڻو ئي نشانو آ
پٿرَ جو زمانو آ

چئبس ته: آ مجبوري
چوندي ته: بَهانو آ

هِن پيارَ جي سودي ۾
جيونُ ته بَيانو آ

ڪُجهه ٽهڪَ،لُڙڪَ، يادون
مون وٽ به خزانو آ

مُرڪڻ تي سزا ملندي
نئون حڪم روانو آ

هُن لاءِ سندم نالو
بڻجي ويو طعنو آ

عجيب مرحلا آهن، اوهان کي چاهڻَ جا

عجيب مرحلا آهن، اوهان کي چاهڻَ جا
گهڙيءَ گهڙيءَ جا، جَتن هِن اسان کي ڊاهڻَ جا

ڏئي هُو دردَ ٿو چاهي، ته مُرڪندو ئي رهان
نوان ئي ڍنگَ سِکيو آهي، آزمائڻ جا

اُداس توکي ڪرڻ، ڪين ٿو گُهران بس مان
ائين ته مسئلا آهن نه، ڪي لِڪائڻ جا

اسان ته ساهَه کان ويجهو ٿيڻ ٿي چاهيو دوستَ!
اوهان کي خيالَ هئا، فاصلا وڌائڻ جا

سڄي حياتي ڀري پيئي، آهي لُڙڪن سان
مِلو ته ذڪر ڪيو، هيلَ ڪي کِلائَن جا

وساري ڇڏجي اوهان کي، ائين ڪو ٿي سگهندو
اوهان به يارَ! ڀلا آهيو ڪي ڀُلائڻ جا؟

عشقَ عجبُ ئي رنگُ رچايو

عشقَ عجبُ ئي رنگُ رچايو
تون آئين ڄڻ سانوڻُ آيو

روزُ اَچي ٿيون ننڊَ ڦِٽائن
پنهنجنِ يادُن کي سمجهايو

جذبا ماريا ويا سجدي ۾
يارو! ڪو ڪيڏارو ڳايو

ساري جڳَ لئه ڇانوَ ٿياسي
پيارَ حياتيءَ کي ڦهلايو

سچُ پچُ هاڻي روئي پئبو
هِيسيلَ کي چو ٿا هِيسايو!

هاڻي ڏاڍي وحشتَ ٿئي ٿي
ائين نه تڪڙا رنگَ مَٽايو

سڀ ڪُجهه سمجهيو ويٺا آهيون
ڇا سمجهون؟، ڇاٿا سمجهايو!

ديونِ جي وستيءَ ۾ آهيون
باقي ڇا کئون ٿا ڇِرڪايو؟

خوشبوءِ ڪين ختم ٿي سگهندي
ڇا جي هڪڙو گُل ڪُومايو!

ڪاري دونهين ۾ ٿي ويا ڪارا

ڪاري دونهين ۾ ٿي ويا ڪارا
اُجرا اُجرا، سچا سُندر جذبا

مَنَ تن جا اُماسَ جون راتيون
ريشمي ويسَ جن جا، چنڊ- چهرا

روئڻو پوندَو پوءِ اوڇنگارون ڏئي
ڏينهن ڏِٺي جو ڏسو نه ڙي! سپنا

امنُ جي جيئري لاشَ تي ٿي ڏي
جنگِ جي کوڳَ ڳِجهَه لامارا!

پيٽَ سان پَهڻ ٿا ٻَڌن ماڻهو
عيشُ بنگلن ۾ ڪن پيا ڪُتا!

ظلمَ جي تَتل- ڇانوَ جي هيٺان
ڪيئن مسافر اچي ڪي ٿَڪُ ڀڃندا؟

نيڻَ ناهن او سونهن وارا سندءِ!
مُنهنجي مهراڻ- مَنَ کان گهرا

سڏُ آهي ڪنهن جو دَرَ تي، نَڪو کَڙڪو آهي

سڏُ آهي ڪنهن جو دَرَ تي، نَڪو کَڙڪو آهي
هُو متان ڪين اچي، دل کي هي ڌَڙڪو آهي

غَزلُ اڄ راتِ پرين!، واهَه جو لِکجي ويندو
ذهنَ منهنجي تي سندءِ!، يادِ جو ڪَڙڪو آهي

ڪيڏو بيڪار ۽ بڪواس ذهنُ آ، جنهن ۾
ڪا نئين ڳالهه نه آهي، نه ئي ڀَڙڪو آهي

سچَ وارن جي هٿن ۾ ڪي ٻريل ديپَ ڏِسي
شهرَ اوندهِه جي ۾ ٽاڪوڙو ۽ ٽَڙڪو آهي

تو چيو: ”هاڻِ ڪڏهن ڪينڪي ملندِيس توسان“
گُل مَري پوندو جي، سچُ پچَ جو هي دَڙڪو آهي

هر گهڙي هڪ گهاءُ آ، ويٺا سَهون

هر گهڙي هڪ گهاءُ آ، ويٺا سَهون
نئين نموني روزُ ٿا ڊهندا رهون

زندگي اي دوستَ!، ائين گُذاري پئي
ڄڻ پيا ڀوتارَ جي بيگر وَهون

پاڻ ڄڻ، ڪاغذَ مٿان بيڪار نانءُ
وقتَ جي هٿ سان ڏسو پيا ٿا ڊَهون!

جنهن ۾ پنهنجي سوچَ ٿي سوليءَ چڙهي
حالتُن اهڙين سان آخر ڪيئن ٺهون؟

بس اهائي آسَ ٿي جيئرو رکي
مَن وڃايل واٽَ کي ڳولي لهون!

ڪُجهه وڃائڻ کان پوءِ لَهڻ تائين

ڪُجهه وڃائڻ کان پوءِ لَهڻ تائين
جيئبو توسان پرين! ملڻ تائين

سلسلو يادِ جو ڊگهو هڪڙو
مُنهنجي مُرڪڻَ کان، آ رُئڻ تائين

ڪُجهه مهينا ۽ سالَ وچ ۾ هِن
ڪنهن جي هٿڙن کان ڳَلَ ڇُهڻ تائين

آءٌ سپنن ۾ ڪي گهڙيون گهاريون
ڏينهنُ ٿيڻ تائين، اکِ کُلڻ تائين!

ڪيترا ٿاٻڙيا، ٿِڙيا آهيون
گهرَ جي دَرَ تي اچي، پُڄڻ تائين!

ڪُجهه ته پَنَ ڇڻ ۾، پَنَ ڇڻندا ئي
يَر! بهارُن جي رُتِ اچڻ تائين!

گُهگهه اوندهِه، ڪڏهن نه ٿيڻي آ
چنڊُ چڙهي ايندو سِجَ لَهڻ تائين

رِم جهم رنگَ رچايا آهن

رِم جهم رنگَ رچايا آهن
ڪورا نينهَن اُپايا آهن

هيلَ به منهنجيءَ دل ۾ ايندا
سورنِ پُور پَچايا آهن

ڪُجهه ته تون ڀي هٿَ ڊگهيڙِ
مون جي هٿَ وڌايا آهن

منزل پوءِ به ساڳي آهي
رستا جي بَدلايا آهن

آءٌ وڏو ماڻهو ڪونهيان ڪو
تُنهنجا خيالَ اجايا آهن

سچَ جي سُندر ناريءَ، گُهورِي
گهوٽَ گهڻائي گهايا آهن

ڇيرِ ٻڌي جذبن جي مون ڀي
پنهنجا گيتَ نچايا آهن

پاڻَ وٽ هاڻي يادون رهيون هِن ڇَڙيون

پاڻَ وٽ هاڻي يادون رهيون هِن ڇَڙيون
قُربَ جون سڀ ئي ٽوڙي هليا ويا ڪَڙيُون

پيارُ، سوچُون ۽ سَپنا ويا وِکرجي
هاڻي گُهُٽَ ۾ نه، گهاريون وڃن ٿيون گهڙيون

ميٺُ مانڍاڻَ مان ڪوئي، چُوسي ويو
سارو جيونُ ڦِڪو، ساريون ڳالهيون ڪَڙيون

متان سُک دفن ٿيل، لَڀي پئي هتان
اَچو دل جي دَردَن جون کوٽيون دَڙيونَ

پنهنجي منزل نه ڪائي، نه گَهرُ گهاٽُ ڪو
رولَ بادلَ جيان پيا گُذاريون گهڙيون

هُل ٿي پيو اِجهو، مُرڪي ڳوڙها اُگهو
سانتِ مان هي ٻُڌو، ڪي اچن پيون رڙيون

آءُ ڪيون ڪا روحَ رهاڻِ

آءُ ڪيون ڪا روحَ رهاڻِ
دُور رهين ٿو ڇاجي ڪاڻِ؟

ڪارُين، ڪُجلين اکڙين ۾
مَڌُ ڀري تون مون لئه آڻِ

جيونَ جون هي چار گَهڙيون
مُرڪي مُرڪي مٺڙا! ماڻِ

ڪيڏو ڊُڪندين ڊوهَه پُٺيان
سچُ ڌِڪاري او اڻڄاڻِ!

مُنهنجي مَنَ جي گهايل گهايل
ڪوَيل ڪُوڪي تُنهنجي ڪاڻِ

روشن روشن مُنهنجون راهُون
چوڏَس چاهتَ جي چانڊاڻِ

تُنهنجي پيارَ سمائي پيارا!
مُنهنجي شعرن ۾ سُرهاڻِ

جيسين ڪوئي ڍولو ناهي

جيسين ڪوئي ڍولو ناهي
جيونُ گهارڻ سولو ناهي

تَنهن کي ڪيئن حياتي چئبو
جنهن ۾ ڪوئي رولو ناهي

سمجهي سگهڻ ناممڪن آ
دل آ، ڦاٽُل چولو ناهي

پنهنجي تنها جنگ وِڙهان ٿو
ساڻُ ڪو ساٿي، ٽولو ناهي

عيشَ جي ڪاڻ ڪِروڙين رُپيا
پيٽَ بُکئي لَئه لولو ناهي!

سڀڪو، سڀ ڪُجهه سمجهي ٿو
ڪوئي ٻالو ڀولو ناهي

جا نه ڦِهلجي، خوشبوءِ ناهي
جيڪو نه ڀڙڪي، شُعلو ناهي

ڳالهين کان ڇو ڇِرڪو ٿا پيا!
جذبا هِن، بَمُ گولو ناهي

هر ڪنهن دل ۾ دَردَن ديرو

هر ڪنهن دل ۾ دَردَن ديرو
ڪاٿي سُکَ جو ڀَڃجي ڀيرو؟

وَڻُ وَڻُ ويا واسينگَ وَڪوڙي
ڳوڙها ڳاڙي اُڏريو ڳيرو

عَجب اسان جي وستي آهي
چورُ، ساڌَ جو ڳولي پيرو!

ماڻُهن سچَ کي سچُ نه سمجهيو
ڪوڙُ ڪري ويو سوگهو گهيرو

توکي، مون ماڻڪُ سمجهو هو
تون ڀي نِڪتين مَنَ جو ميرو

ويڙهي کي ويران ڏِسي ۽
جلي پيو شاعرَ جو جيرو

گُل سدائين ساڳيو رهندو
ڀلي اَچي ماڻُهن ۾ ڦيرو

وقتَ ها ڦَٽَ جيڪي اُڊيڙي ڇڏيا

وقتَ ها ڦَٽَ جيڪي اُڊيڙي ڇڏيا
وقت آهن وري پاڻَ ئي سي سِبيا

پنهنجو درخواستون، سڀ ٿيون دَربَدر
دُشمنن جا سڀئي عرضَ آهن اَگهيا

آئين، موٽي وئين، پِنڊ- پَهڻ هوس مان
لفظ هِردي ۾ رهجي ويا اَڻ- چَيا

ذهن کان يادِ چِنبري چُميون ٿي وَتيون
آسَ، اوسيئڙي جا ٿي ڳوڙها اُگهيا

ٽَهڪَ ٻَٽڙي وِرهاست ۾ آيا ها، پر
عيشَ ۾ پاڻ سي ڀي اُڏائي ڇڏيا

عشقُ اَهنجن کان هِيسيل جڏهن ڀي ڏٺم
سهڻي، ميهار، سسئي، پنهون ياد پيا

تون اَڃا ويٺو سوچين: ”چوان، نه چوان!!؟“
چوَڻ وارا ڪڏهن جو، چئي ڳالهِه ويا

پٿرَ جهڙيءَ دل وارن سان، جيڪو پريتِ لڳائيندو

پٿرَ جهڙيءَ دل وارن سان، جيڪو پريتِ لڳائيندو
پاڳل ماڻهو روئندي، رُلندي، پنهنجو پاڻُ وڃائيندو

ڪِرندڙَ کي ڪو ڏِين سهارو، هيءَ هِتان جي ريت نه آ
هِن دنيا ۾ ڪوبه نه آهي، روئندن کي پرچائيندو

جيڪي راهُون ويا مَٽائي، ٻي اَڻ ڄاتي واٽَ وٺي
تن لئه نيڻن جا ڪو ڪيسين، ويٺو ديپَ جلائيندو

دل کي جوڙي ڪين سگهين تون، ٽوڙي ڄاڻين ٿو
تُنهنجي محفلِ ۾ جو ايندو، ويندو نِيرَ وهائيندو

تون ٿو سمجهين ڏور گُذاري، مون کي دوستَ! وِساري سگهندين
پر گڏُ گهاريل هر پلُ پيارا!، توکي پيو تڙپائيندو

بي قُربن جي دنيا ۾، او قُرب ورهائڻ وارا! هر
ڪو، تُنهنجي هِيرن جهڙن جذبن کي ٺڪرائيندو

هرڪو خوشيون چاهي ٿو، ۽ گيتَ خوشيُن جا ڳائي ٿو
گُلَ جا گيتَ غَمن جا سائين!، ڪيرُ انهن کي ڳائيندو!

ڪويل! پنهنجيءَ ”ڪوُڪوُءَ“ ۾ تون، جِهيڻو جِهيڻو ڳاءِ

ڪويل! پنهنجيءَ ”ڪوُڪوُءَ“ ۾ تون، جِهيڻو جِهيڻو ڳاءِ
مَسين ته دل جو دردُ سُتو آ، تنهن کي ڪين جڳاءِ

پيارُ ڪيوسي پاڳل ٿياسي، سياڻپ وئي وِسري
رُڃ پُٺيان ٿا ڊوڙن ويٺا، اُڃَ اُجهائڻ لاءِ

ٻاهر ڪوجهو ڪارو هان پر، اندر جو هان پيارو
بُرو چوڻ کان اڳ ۾ مُنهنجي، مَنَ ۾ جهاتي پاءِ

ڪُونئرا ڪُونئرا، ڪچڙا مَنَ ۾، جاڳيا هِن جذبا
موٽُ پري کان پيارا!، هاڻي آسَ جي آسَ پُڄاءِ

اَنڌن آڏو روئڻُ جاني!، آهي اکيُن جو زيان
چَپَ اسان جا سِبي چون ٿا، ”ڪوئي گيتُ ٻڌاءِ!“

هتي ائين ئي ٿيندو رهندو، آهي مُنهنجا دوستَ!
پنهنجي ڳِچيءَ ۾ پاڻ، بڻائي، پنهنجي سُولي پاءِ

هِيَرنِ جهڙيءَ دل کي ويٺا، پَٿر جيان، ٺُڪرائنِ
”گُلَ“! انهن اڻڄاڻن کي اڄ، تون ئي ڪُجهه سمجهاءِ

”اَيازُ“ آهي، اُداسيون ۽ تنهايون هِن

”اَيازُ“ آهي، اُداسيون ۽ تنهايون هِن
روئي راتيون، ٽنهي ملهايون هِن

ذهنُ آهي جلڻ لڳو، تُنهنجون
بيوفايون جي ياد آيون هِن

مُنهنجون ڳالهيون ٻُڌي ۽ لُڙڪَ ڏِسي
تون ڇو چريا!، اکيون ڀِڄايون هِن

جيڪي انسانيت سان پيارُ ٿا ڪَن
تِن جون ئي زندگيون سجايون هِن

راتِ ڪاري اَڃا کُٽي ناهي
تو ڇو ڏِياٽيون اڳي اُجهايون هِن؟

ايئرڪنڊيشَن ۾، هيٺين طبقي جون
جي ڪجن، ڳالهيون اَجايون هِن

ديسَ کي ڪيئن ٿا ڀُلائي سگهون!
جنهن جون اَڻ وِسرندڙ ڀُلايون هِن

شالَ جڳمڳ رهين تون ستارن جيان

شالَ جڳمڳ رهين تون ستارن جيان
مون سان مَلُ ڪينڪي جڳَ وارن جيان!

دل کي دَردنِ جو ئي ڪو سهارو ڏيو
ڪيسين ڀٽڪون پيا بي سهارن جيان

دل ڊَٺل شهرَ بڻجي وئي آهي يا
پنَ- ڇڻ ۾ لُٽيل ڄڻ نظارن جيان

ويجها هوندي به ڄڻ دُور ئي آهيون
ريلَ جي بندَ جيان، ٻن ڪنارن جيان

راهَه ۾ دوستُ ڪوئي گَڏيو هو مگر
سو به گُذري ويو هو بهارن جيان

ذڪرُ وِڇڙڻ جو جنهن وقت آيو هيو
روئي هُنَ، مون ڏنو ته هو ٻارن جيان!

توکان پوءِ دل تي دلبرَ!

توکان پوءِ دل تي دلبرَ!
اُڀري آيا ڄڻ ٿوهرَ

جيئڻ ٿي سيکاري، سائين!
راهَه ۾ کاڌلَ هر ٺوڪرَ

پنهنجي اکڙين منجهه لِڪاءِ
دنيا دشمن ٿي آ يَرَ!

برساتين جو بَکُ ويا ٿي
ڪچيءَ مٽيءَ مان جوڙيل گهرَ

گوڙَ ۽ دونهين جا اُهڃاڻَ
شهري ماڻهو، هَڙ شهرَ

راهُن تان راڪاس گُهمي ويو
هِيسيل چهرا، ٻوٽيلَ دَرَ

هر شيءِ هِيڻي ماڻهوءَ آڏو
موتُ اڇا ڀي ڏاڍو پَرَ!

سنڌُ سنوارڻ لاءِ ڪندس
جيڪي پُڄندو وَس- آهرَ

هلبو هاڻي لَڏي لَڏي

هلبو هاڻي لَڏي لَڏي
بي قُربنِ کي ڇَڏي ڇَڏي

پيارَ جو جِتڙي پاڇو ملندو
جُهوپو ڇڏبو اَڏي اَڏي

موٽي مُور نه هاڻي اَچبو
ٿَڪجي پوندو سَڏي سَڏي

لُڙڪَ وٺي مان مُرڪَ ڏيانءِ
آءُ اسان جي تَڏي تَڏي

جيونُ سارو پاڻَ ڇڏيوسي
گيتن سان گڏُ، گَڏي گَڏي

اوندهِه ۾ ڄڻ ديپُ ٻريلُ

اوندهِه ۾ ڄڻ ديپُ ٻريلُ
تُنهنجيءَ اکِ مان لُڙڪ وَهيلُ

مُنهنجا غَمَ ۽ خوشيون مُنهنجون
آهن تُنهنجي نانءِ ڪيلُ

آءٌ اُهي ٿو چارا چُونڊيان
جن تي تُنهنجو پيرُ پيلُ

ورندو ناهي، وري ڪڏهن سو
اڳتي جو ڀي وقتُ ويلُ

هر ماڻهوءَ کي آهي ڪُلهن تي
پنهنجو پنهنجو لاش کنيلُ

ڪَل بُکن جي ڪهڙي اُن کي
جنهن جو پنهنجو پيٽُ ڀريلُ

آءٌ ته اهڙو شعرُ هان يارو!
جيڪو ڪڏهن ڪين چَيلُ

ماڻهپي کي ٿا لڄائِن ماڻهو

ماڻهپي کي ٿا لڄائِن ماڻهو
پوءِ به ماڻهو ٿا سڏائِن ماڻهو

دل ته جوڙِن ئي نٿا هڪڙي ڀي
ڪيڏا بنگلا ٿا اَڏائِن ماڻهو

اوترا ئي ته خسيس آهن هي
پاڻُ جيڏو ٿا پڏائِن ماڻهو

توکي نالي جي مَٽڻ تي حيرت!
روزُ چهرا ٿا مَٽائِن ماڻهو

مُک هر راز کي کولي وجهندو
لُڙڪَ توڙي جي لِڪائِن ماڻهو

تُنهنجي مون تي نگاههَ ٿي وئي آ

تُنهنجي مون تي نگاههَ ٿي وئي آ
آفتن کان پناهَه ٿي وئي آ

کيس سڀ کان وَتان لِڪائيندو
مُرڪَ ڄڻ ڪو گناهه ٿي وئي آ

مُنهنجي سچَ تي ڪِروڌ ۽ هُن جي
ڪُوڙَ تي واهواهَه ٿي وئي آ

زندگي هر سِتم تي خوش آهي
ٻن ٺڳن جو ڪو ٺاهه ٿي وئي آ

ڪُجهه ڪرڻ جو، جي حوصلو جاڳيو
راهَه مان ئي ڪا راهَه ٿي وئي آ

ٻن ننڍڙيُن اکين جي چاهتَ ڏِسُ
هڪڙو ساگر اَٿاهه ٿي وئي آ

دِل گُهريا دوستَ به ساريا نه ٿين

دِل گُهريا دوستَ به ساريا نه ٿين
هيلوڪا دردَ وِساريا نه ٿين

ري سڏئي ئي ٿا رهن ايندا هُو
دردَ دل ۾ ته وِهاريا نه ٿين

يادِ آئين ته اکيون ڀرجي ويون
شعرَ ڪاغذَ تي اُتاريا نه ٿين

سُکَ وِڇڙن نه ڪڏهن ڀي جيڪر
پنهنجا پيارا ئي جي ڌاريا نه ٿين

آءٌ مجبور، مسئلا توکي
قول ڪنهن کان به ته پاريا نه ٿين

ڪهڙو چهرو سنڀارجي هاڻي

ڪهڙو چهرو سنڀارجي هاڻي
ڪهڙو قِصو وِسارجي هاڻي

هُن سان گڏجي گهڻو گُذاريوسي
هُن کان وِڇڙي گُذارجي هاڻي

ٽهڪَ جيڪي هئا، وِرهائي ڇڏيا
ڪهڙو ڪنهن کي روئارجي هاڻي

تارا ٽِمڪن سدائين نيڻَن ۾
توکي هر پل ٿو سارجي هاڻي

پاڻَ ئي پنهنجو دردُ ڄاڻون ٿا
پاڻَ کي ئي پُڪارجي هاڻي

هُن ڏي ڇا، هن جي گهرَ ڏي ئي ڪڏهن
حُڪم ناهي، نِهارجي هاڻي

توکي گڏجي ته ڪين هلڻو آ؟
ڪهڙو توکي بيهارجي هاڻي

مُنهنجي پويان لڳيون اَچن يادون
ڪيئن تن کي ڌُتارجي هاڻي

ڏاڍا ڀاڳن وارا دوستَ!

ڏاڍا ڀاڳن وارا دوستَ!
تُنهنجي پاڙي وارا دوستَ!

دل کي ويا وِڪوڙي آهن
اَڻڄاتل مُونجهارا دوستَ!

ڏاڍو ڪَڙو ويو ٿي جيونُ
ٿي پئو اَمرتَ ڌارا دوستَ!

توکان وِسري ويندس مان ۽
مُنهنجي گهر جا چارا دوستَ!

آءٌ ته اُجڙيس، اُجڙيا ناهن
اکڙين جا اوتارا دوستَ!

اوهان ڪُوڙَ کي سچُ ڄاتو سدائين

اوهان ڪُوڙَ کي سچُ ڄاتو سدائين
اسان سچُ آهي سُڃاتو سدائين

سنڀالي رکن سچَ کي ساهَه ۾ جي
اسان جو اُنهن سان ئي ناتو سدائين

اوهان جن کي پنهنجن دَرن تان ڌِڪاريو
اسان تن کي سيني سان لاتو سدائين

سَٺا سنڌُ خاطر سوين سورَ جن ڀي
اسان جو اندرُ تِن لئه آتو سدائين

اوهان جي ته آڏو سدا سچُ چوڻ جو
اسان پاڻَ تي ڏوهُه چاتو سدائين

ڇڏي جو جلائي انڌيرَن جي نگري
اسان گيتُ اهڙو ئي ڳاتو سدائين

ڪيئن سُک سُمجهي، پاڻَ تي تاڻي؟

ڪيئن سُک سُمجهي، پاڻَ تي تاڻي؟
يادِ، ڦاٽلَ رِلهيءَ جيان آ هاڻي

ڪُوڙ، جنهن کي سُڃاڻون تون ۽ مان
شال تنهن کي وڃي شهرُ ڄاڻي

نفرتون ڪن ٿيون آپگهاتُ تڏهن
پيارُ ٿو پيارَ کي جڏهن ماڻي

هر خوشي ٿي لڳي پرائو گهرُ
دردُ ڪاٿي ڇڏي ويو آڻي

اهڙي اوندهه جو ديسَ- رستو گُم!
سِجُ ٿي پئه ڪَوي!، انهيءَ ٽاڻي

سالَ ٿا هڪڙو گُلبدَن سپنو
نيڻَ- راهُن جي ڌوڙِ ٿو ڇاڻي

چنڊُ چڙهيو جي ڦاهي!

چنڊُ چڙهيو جي ڦاهي!
تڏهن به اوندهِه ناهي

پاڻُ ڏِسي پاڻيءَ ۾
ڪُتو پيو ٿو باهي

”هُو ماڻهو“ چاهي ٿو
ڪوبه نه ڪنهن کي چاهي

ڪيڏو ڏينهن چڙهي ويو
ڏِسو ته چادرَ لاهي!

”زهرُ، زهرَ کي ٽوڙي“
سچُ چيو ڪنهن ڏاهي

چهرو چهرو، کنڊرُ
آخر هي سڀ ڇاهي؟

اُڀ جي ڳل تي لالي!
رات کُٽڻ تي آهي

آڌيءَ ويلي تُنهنجي تاتِ

آڌيءَ ويلي تُنهنجي تاتِ
پَهرُ پَهرُ ٿي پيو پرڀاتِ

گهڙي مِلياسين آئي ڳالهِه
ڳوٺَ سڄي جي ماڻهن واتِ

ڪيڏي سوڀَ ملي، مون کي
مٺڙا!، توکان کائي ماتِ

ساجنَ!، توبِن سانوڻ جي
باهِه لڳائي ٿي برساتِ

شعرَ جي بدلي شاعرَ کي
نگُ هڻي ٿي ڪيڏا ڏاتِ

اَجهي، لَٽي ۽ مانيءَ جي
هر ڪنهن کي ويڙهيل فڪراتِ

ياد ڪري دُکَ ڌرتيءَ جا
شعرَ رُنا ها مُنهنجا راتِ

تُنهنجون يادون، نه تون!

تُنهنجون يادون، نه تون!
جاني ڙي! ڪيئن جيئون؟

دوستَ! وڌنديون وڃن
تو سواءِ وحشتون

جي نه مُرڪي سگهون
آءٌ روئي پئون

پاڻ لئه آهي بس
تُنهنجو مُرڪڻ خوشيون

گُهنڊَ پائي مِلون
تنهن کان وِڇڙي وڃون

چُپِ، چَپَ هن ته ڇا؟
چُپِ ناهن اکيون

پنهنجو هر پل اُماس
تو سدا چوڏِهيون

پاڻ پرچيلَ هُجون
جڳَ کي باهِه ڏيون

ڪجهه نه ڏِسجي پيو
تيزِ ڪيو روشنيون

نيٺ مُرجهائبيون
گُل ٿي مُکڙيون

عيدَ جي ڏينهن به دُوري آهي

عيدَ جي ڏينهن به دُوري آهي
ڪيڏي نه مجبوري آهي

ڪهڙي نئين تمنا ڪرڻي؟
پهرين ئي اڻپوري آهي

آدمَ جو اولادُ ته آهيان
سيدُ ڪوءِ ضروري آهي؟

جذبا پنهنجا راڄَ- دروهي
پل پل ڪائي سُوري آهي

دوستَ! اَڌوري جيونَ وانگي
هر ڪا آسَ اَڌوري آهي

ڇا جي ڪپڙا گندا آهن!!؟
دِل جو شهرُ کَٿوري آهي

هر گهڙيءَ هُو گهائِن ٿا

هر گهڙيءَ هُو گهائِن ٿا
دوستيون نِڀائن ٿا

ڊپُ ٿو ٿئي هاڻي
هَٿُ جي مِلائنِ ٿا

ڦُوڪَ سان ڳهيلا ڪي
بلبَ کي وِسائن ٿا

زندگي جهُڪي ٿي هُو
نيڻَ جي جُهڪائنِ ٿا

مُرڪي ڪي مٺا ماڻهو
حادثا وڌائنِ ٿا

سجُ ڀي چڙهيو ناهي
ديپُ ڀي اُجهائنِ ٿا

گُلَ ۽ گُلابي رنگَ
ڌيانَ کي ڇِڪائنِ ٿا

سوچَ، لُڙڪَ، وحشتون!

سوچَ، لُڙڪَ، وحشتون!
عشقَ جون علامتون

ڪيرُ ٿو ڏئي ائين؟
اَڻ- گُهري محبتون

پيارُ جي ملي پوي
ڇا ڪنداسين دولتون؟

سڪَ، پيارَ سامهان
ڀورَ ڀورَ نفرتون

تو جِها ته ٿيون اَول
پوءِ ڪنداسي حُجتون

ٿيون صفا ڀڃي ڇڏنِ
آدميءَ کي حالتون

ظُلمتن کي ڇا ڪندا
بيانَ ۽ مذَمتون؟

سنڌُ ساڻ ڀيٽجن
ڪهڙيون ڪهڙيون عظمتون؟

خوابَ- گُلَ، خوشبئون
حادثا- حقيقتون

گِهنڊ ٿا دل جي گِرجا جا وڄندا رهن

گِهنڊ ٿا دل جي گِرجا جا وڄندا رهن
يادِ پيارا اچن، گيتَ رچندا رهن

ساري جڳَ جون بُرايون اسان ۾ پرين!
پاڻَ ڏي هٿَ دُنيا جا کَڄندا رهن

مُنهنجي سوچن ۽ جذبن، خيالن جا گَهرَ
يادِ تُنهنجيءَ جي بَرکا ۾ ڀِڄندا رهن

قُرب قائم، ته قائم رهن دوستيون
قُرب جيئن جيئن ٽُٽي، هانوَ ڇِڄندا رهن

ڳوٺَ ۾ راتِ جي گُهگهه پوئين پَهرِ
ڪيترا ماڻهو لِڪندا ٿا ملندا رهن

شهرَ تُنهنجي مان اُڏري ويو آ اَمُن
پنهنجي پاڇي کان ماڻهو ٿا ڊڄندا رهن

سَچَ جي سِجَ جي تاوَ اڳيان سدا
ڪُوڙ جي برفَ جا ڪوٽَ رِجندا رهن

ڪيڏا پيا پلجن ٿا کوٽَ

ڪيڏا پيا پلجن ٿا کوٽَ
هتڙي اونداهِين جي اوٽَ

بَرپٽ برپٽَ، ٻنيون- وَنيون
هيسيلَ هِيسيلَ هاري- گهوٽَ

سياڻن جي هيءَ چوڻي آهي:
”چالبازَ ئي کائِن چوٽَ“

راتين جا اوجاڳا سوچون
ماڻهوءَ جي ماضيءَ ڏي موٽَ

دُنيا جو ايمانُ ويا ٿِي
ڳاڙها، ساوا، نيرا نوٽَ

منزل ڀيڙا ٿيڻ بِنا ئي
موٽيا جيڪي ها، اڻموٽَ!

سَٿ مِڙي ڪيرائيندا هِن
پاڻَ ته ڪِرندا ناهن ڪوٽَ

هاڻي هرڪو پُڇڻ لڳو آهي

هاڻي هرڪو پُڇڻ لڳو آهي
توکي آخر ’ايازَ‘! ٿيو ڇاهي؟

پاڻ کي هيلَ تائين دوکو ڏينم
سچُ پُڇو مُنهنجو ڪوئي ڀي ناهي

زندگيءَ جو هرهڪ قدم ٿو وڃي
موتَ جي رِڻَ- پَٽن ڏي ئي ڪاهي

ڪنهن پَهرِ دل اِهو ٿي چاهي، بس
پاڻَ کي پاڻَ ئي ڇڏيان ڊاهي

ٻيا ته ٻيا، جنهن جي ڪاڻِ جيئرو رهيس
تنهن به اڄُ دل تان آ، ڇڏيو لاهي

مرڻَ تائين اِها ڪندس ڪوشش
زندگي ڪنهن طرح سگهان ٺاهي

ڪنهن کي سارڻَ جو اُهڃاڻ

ڪنهن کي سارڻَ جو اُهڃاڻ
ناسي اکڙيُن ۾ آلاڻ

بدنُ اوهان جو چوڏهينءَ- چنڊُ
بادلَ، مَلمل جو پَهراڻ

سچُ ته ڏاڍا گهايلَ آهيون
جڳَ! اسان تي تيرَ نه تاڻ

جيڏو ماڻهو سمجهن ٿا
ايڏو ناهيان مان اَڻڄاڻ

تُنهنجي ڪپڙن ۾ خوشبوءِ
مُنهنجن سوچُن ۾ سُرهاڻ

ڪنهين وڏي ڏاهي جا قولَ
تُنهنجون ڳالهيون مُنهنجي ڪاڻ

تُنهنجي سَڏ ۾ سڏُ ڏيندس
ڌرتي! مون کي ڌارَ نه ڄاڻ

جنهن ۾ ڪنهن ساٿُ نه سنگُ

جنهن ۾ ڪنهن ساٿُ نه سنگُ
جيوَن سو ڪاريهرَ- ڏنگُ

جَڪڙيل پنهنجا جيءَ ائين، جيئن
چَپڙن وِچَ ۾ وڄندڙ چنگُ

انڊلٺ جهڙا سُپرين! تو بِن
جيوَن پاڻيءَ جيان بي رنگُ

جڳَ ۾ پيارُ ورهايو، لاهيو
ذهنَ مٿاران نفرت زنگُ

متان وِسارين نوان نسل! تون
توتي آ، ڌرتيءَ جو ننگُ

مُنهنجو پنڌ اُتان ٿي جاري
جنهن هنڌ دنيا وارن دنگُ

مُنهنجون سوچون سُرها گُلَ
جن جو پنهنجو رنگُ ۽ ڍنگُ

ڳلڙا ڳلڙا ڳوڙهن هاڻا

ڳلڙا ڳلڙا ڳوڙهن هاڻا
پرينءَ پُڄاڻا، پريتِ پُڄاڻا

ڪنهن جي چَپڙن ۾ مُرڪڻ تان
صدقي سُهڻن جا سَوَ ماڻا

ڌرتي! توسان لانوان لهندا
مُنهنجا جذبا هِن ساماڻا

هانءُ نه هاريو، وَر وَر ٻاريو
واءُ ۾ جيڪي ديپَ اُجهاڻا

اُونداهين راتين ۾ مُنهنجا
گيتَ ائين جيئن ڪي ٽانڊاڻا

وڏڙن وڏڙا بارَ ڪُلهن تي
خوش اَياڻا، سُورنِ سياڻا-

ڀڙَڪو ڏئي آزاديءَ- پَنڇي
ٽوڙي موڙي جيَل اُڏاڻا

نفرت جي هٿڙنِ ۾ ايندي
گُلَ محبت جا ڪُوماڻا

سچُ ظاهر ٿئي ٿو زهرن ۾

سچُ ظاهر ٿئي ٿو زهرن ۾
پيار پلندو رهي ٿو پَهرن ۾

مون کي ڳوٺن ۾ ڇو پيا ڳوليو
مان ته گُم ٿي ويو هان شهرن ۾

ڪيترا داڳَ مون ڏِٺا يارو!
مِڙني ماڻهن جي صاف چَهرن ۾

هائو، هڪ چهري کي ڏسي ٿي اچي
ماٺِ بيچين دل جي لهرن ۾

ساڻُ يادُن جو آ هُجوم، ۽ مان
پوءِ به تنها اُداس پَهرن ۾

مُنهنجا دُک آهن ۽ مان

مُنهنجا دُک آهن ۽ مان
گهاريون پيا ٿا سالن کان

تنهن کي ڪيئن دوکو ڏيندس؟
جنهن کي پنهنجو ٿو سمجهان

دولتَ جن لئه سڀ ڪجهه آ
اهڙن ماڻهن مان ناهيان

توکي سڀ ڪُجهه ڏيان پنهنجو
توکان تُنهنجا دردَ وٺان

پاندُ سلامت ناهي ڪو
ڇا سان تُنهنجا لُڙڪَ اُگهان؟

دنيا ڇو ٿي وچَ ۾ پئي؟
هُو ڄاڻي يا مان ڄاڻان

پڇتائيندينءَ هڪ ڏينهن تون
چئين ٿي: ”توکي ڇڏي وڃان“

خوشيءَ ۾ ڪو مزو ناهي

خوشيءَ ۾ ڪو مزو ناهي
اُداسيءَ جو قسم آهي

ائين مون کي هُو چاهي ٿو
جيئين ڪو بارُ ٿو لاهي

نديءَ ۾ ناوَ ڪاغذ جي
حياتي ٻيو ڀلا ڇاهي؟

اسان جي خوابَ اکڙين مان
ويا هِن پيرَ ئي ڊاهي

گهڙي ڀي زندگي چئبي
ڪوئي ڪنهن کي اگر چاهي

زماني کي ڇا ٺاهيندو؟
جو پنهنجو گهرُ نٿو ٺاهي!

ماڻهو ته مَري ويا هِن

ماڻهو ته مَري ويا هِن
پر سڏَ وريا آهن

ڪجهه تاءُ ته ٿيندو ئي
جي جهنگ ٻريا آهن

ڪجهه ڦٽُ وري اُڊڙيا
ڪجهه گهاوَ ڀريا آهن

تو ساٿُ ڏنو مُنهنجو
سڀ ڳٽّ ڳريا آهن

هي عشقُ، ۽ آزادي
جذبا ئي چَريا آهن

تو ڏوهَه ڪيا، تن جا
مون ڏنڊَ ڀريا آهن

ايئن لُڙڪَ، جئين ڍنڍَ ۾
ٻه هنجّ تَريا آهن

سنڌُ ۾ ئي اچي سائيءَ
ڇو پيرَ ڌريا آهن؟

زندگي بهارَ جئن

زندگي بهارَ جئن
پهرين پهرين پيارَ جئن

دوستي زماني جي
موسمي بُخار جئن

تو سواءِ هر گهڙي
ڪنڌ تي ترارَ جئن

پيارُ ٿا ڏين ماڻهو
وياجَ تي اُڌارَ جئن

زندگيءَ مان نِڪري ويو
سُکَ ۽ قرارَ جئن

ظُلم، شوق آ ڪِن جو
سيرَ ۽ شڪارَ جئن

بي سبب حياتيءَ جي
جيتَ ڀي آ، هار جئن

سچَ ڪاڻ ويڙهِه ۾
هڪ ڀي هزارَ جئن

مُنهنجي هٿَ ۾ گُلدستو

مُنهنجي هٿَ ۾ گُلدستو
هُن جي هٿَ ۾ پٿَر هو

ماري وِجهنديون تنهايون
ڪاٿي آهين پيارا وو!!

مُنهنجي دل جي ڌرتيءَ مان
تُنهنجو پيارُ ڦُٽي نِڪتو

تُنهنجي مُنهنجي وچ ۾ آ
صديون پُراڻو رِشتو ڪو

تُنهنجي نينهن جي ناتي جيئبو
سوڳنڌ تُنهنجي نيڻن جو

پنهنجن سان ڀي ڪاوڙ سائين!
ايئن به ٿيندو آهي ڪو؟

ڳالهِه لِڪائڻ جي آهي
ٿورو آءُ اڃا ويجهو

محبت، قيد لڪيرن ۾
ڦاڙيو ساڙيو هي نقشو!

توکي ڪيئن ٻُڌائي ته
توکي ئي گُل چاهي ٿو!

مون کي جيئرو ڏِسڻ نٿو چاهي

مون کي جيئرو ڏِسڻ نٿو چاهي
مُنهنجو منُ بس کِلڻ نه ٿو چاهي

ساري جڳ تي وسي پيو بادلُ
منهنجي گهرَ تي وسڻ نه ٿو چاهي

فونَ تي آخري سندس جُملو:
”مون سان هاڻي ملڻ نٿو چاهي“

هُن کي آخر ته ماڳ رَسڻو آ
هيءَ گاڏي ڇڏڻ نه ٿو چاهي

جي هُو ڪم کان هليو ويو آهي
زندگيءَ کان وڃڻ نٿو چاهي

پنهنجي هر ڳالهه ٿو مَڃائي هُو
مُنهنجو ڪجهه ڀي مڃڻ نه ٿو چاهي

دردَ مون وٽ ڇڏي ويو آهي
مون کان سڀ ڪجهه کَسڻ نٿو چاهي

تون جي آئين، آسَ اگهاڻي

تون جي آئين، آسَ اگهاڻي
جلِي پئي، جا لاٽَ اُجهاڻي

منهنجي يادِ ايئن رهندئي جيئن
ذَهنن تي ڪا لوڪ ڪهاڻي!

ڪَپَ تي بيٺل ماڳِ نه پُهتا
لُڙهندي سُهڻيءَ، منزل ماڻي

سوچَ نئينءَ کان ڌارَ ڪَلا ايئن
ڌَپَ ڪيل، جيئن بيٺل پاڻي

ڏوڪڙ بدلي ڏاتِ وِڪيائون
هئه اڻڄاڻن ڇائي ڇاڻي!

شاعرَ لاءِ ته شعرَ ائين ڄڻ
اَدڙو، اَدڙي، نينگرُ، نياڻي

مُرڪن ۾ بدلايو مٺڙا!
هيءَ حياتي ڳوڙهن هاڻي!

جيونَ ۾ ڪو جيونُ ناهي
پوءِ به جيئون ٿا ڄاڻي واڻي

روزُ ٽِڙون ٿا ٽَهڪَ ڏئي اَڄ
روئندا هاسي، ڳالهه پُراڻي

سچَ مٿان جي سڀ ڪجهه پنهنجو واري ويندا آهن

سچَ مٿان جي سڀ ڪجهه پنهنجو واري ويندا آهن
سي ئي ماڻهو ڳائڻَ جهڙا ماڻهو ٿيندا آهن

چاهيندي آ دل سُکن ۾ گُم ٿي وڃجي پر
دُکَ ڌرتيءَ جا روئي روئي راهَه جهليندا آهن

کڻڻو هوندو آهه ڪُلهن تي پنهنجي دوستَ! صليب
سچَ چوڻ تي وڏا وڏا الزامَ به ايندا آهن

ساري جڳ جا سُور سهيڙي، پنهنجيءَ جهوليءَ ۾
شاعرَ ماڻهو گيتَ، غزلَ ۽ وايون ڏيندا آهن

پاڻَ ته پل ڀي پيارن کان پري نه ٿي سگهنداهُون
خبر نه آهي ماڻهو دِلڙي ڪيئن پليندا آهن

بادل ڀرجي بَرسِي ويندا

بادل ڀرجي بَرسِي ويندا
شايد پوءِ وڻجارا ايندا!

لُڙڪَ مِٽيءَ ۾ ملندا منهنجا
ڪير انهن لئه پاندُ جهليندا؟

ساهان وڌ سي ساهَه- سهارا
پري رهي ڪيئن پاڻُ پليندا؟

هڪ اَڌ ناهي، سوين، هزارين
دردَ اسان جا ڪير ڳڻيندا؟

گُلَ! ڀلي تون ڳالهِه لِڪاءِ
شعرَ سمورا سُورَ سَليندا

گهُٽَ کي گهٽائڻُ ڏيو

گهُٽَ کي گهٽائڻُ ڏيو
ڪي گهڙيون ته ڳائڻُ ڏيو

ڪُجهه پهرَ ته ماٺِ ڪيو
ماٺِ کي ڳالهائڻُ ڏيو

لهندي سِجَ کي ڇڏيو
تيکُ ڪو ڏيکارڻُ ڏيو

مُنهنجي مُرڪَ کي ته ڏِسو
لُڙڪَ کي لِڪائڻ ڏيو

هِن ڊٺلَ شهرَ تي ئي
نئون شهر وَسائڻُ ڏيو

تون جي ايندي سِڪَ کڻي

تون جي ايندي سِڪَ کڻي
جِيءَ ۾ تو لئه جاءِ گهڻي

ماڻهوءَ ماڻهوءَ مَنَ تي مَرُ
هنڌُ ڪيو آ، وڃي هڻي

ايڪڙ ٻيڪڙ سِڪ سنڀالي
هونئن نه ڪنهن وٽ قُربَ- ڪَڻي

تُنهنجا ٻُسا ٻولَ ٻُڌي ويا
پيارَ- پِپرَ جا پَنَ ڇڻي

مَڻَ مِٽيءَ جا مَٿي مَٿي ۾
غُربت ڪهڙي تيلَ- ڦڻي

خالي جهولَ جهِلي آ مون
ڏاتِ ڀري ڏي ڏاتِ- ڌڻي!

چنگَ چُرندا رهن

چنگَ چُرندا رهن
پيرَ سُرندا رهن

سچّ جا سُرَ سدا
ڪنڌ گُهرندا رهن

بُکَ باهيُون ڏِسي
ڦَٽَ ڪُرندا رهن

مُنهن ڪارا پيا
مُلهه تُرندا رهن

ديسَ دانهون ٻُڌي
جيءَ جهُرندا رهن

ريتِ ڪُوڙيءَ سندا
ڀرمَ ڀُرندا رهن

توسان سِنڌڙي! پيارُ ڪيوسي

توسان سِنڌڙي! پيارُ ڪيوسي
روزُ نئون اِلزام کنيوسي

اِن کان وڌ سچائي ڪهڙي
ڪُوڙ ٻُڌو سي، سَچُ چيوسي

سُکَ سمورا صَدقي ڪياسي
ڪينَ ذهنُ، ضَمير وِڪيوسي

چند گهڙيُن جي خوشين ڪارڻ
گهڙيءَ گهڙيءَ جو گهاءُ سَٺوسي

جيونَ جي گاڏي کي اڳتي
مُرڪي مَرڪي ئي گِهليوسي

سچُ سُڃاڻيندا، ڏِسجو!

سچُ سُڃاڻيندا، ڏِسجو!
خوشيون آڻيندا، ڏِسجو!

هَرَ، هَٿوڙا، زخمي هَٿَ
منزلِ ماڻيندا، ڏِسجو!

ويراڳي ئي سُورن آڏو
سينو تاڻيندا، ڏِسجو!

ٺڳَ، لُٽيرا، لوڀي ماڻهو
ڇائي ڇاڻيندا، ڏِسجو!

سچا ماڻهو، ڌرتيءَ وارو
سڱُ سُڃاڻيندا، ڏِسجو

اوندهه ڪو ڀي روپُ وٺي
اوندهِه ڄاڻيندا، ڏِسجو!

سنڌ تي ساهُه ڏيو

سنڌ تي ساهُه ڏيو
اَمر ٿيو، شالَ جِيئو!

ٿِي جڏهن رات ٺري
تڏهن ٻَري، ڏات ڏِيئو

مَڌُ جي ڳالهه نه ڪيو
سُورَ پيئو، پُورَ پيئو

ڪيڏي اوندهه آ، وڌي
سجّ! ڪٿان پاءِ ليئو

سچَ جو سيڪُ ڏئِي
دُور ڪيو، سُور سِيئو

مُرڪي چِکيا تي چَڙهندو

مُرڪي چِکيا تي چَڙهندو
سو ئي سَڀني کي وڻندو

جاڳي سچُ سدائين آهي
چَهرن تان پردا کڻندو

ڏاها ٿيو، سو روپُ سُڃاڻو
ديسَ کي جو ڌاڙا هڻندو

سِجُ سُتت ئي چڙهندو اهڙو
ساهُه نه ڪو جنهن ۾ سَڙندو

گُل خوشبوءِ ڦهلائي پوءِ ئي
ٽُٽندو، ٽاريءَ مان ڇڻندو

قلمُ ڀڄي ڀل ڀورا ٿِي پئي، اوندهِه ساري واٽَ

قلمُ ڀڄي ڀل ڀورا ٿِي پئي، اوندهِه ساري واٽَ
تڏهن به جاني! جهَڪِي نه ٿيندي، ڏاتِ ڏيئي جي لاٽَ

مانگرَ مُنهنَ ۾ ماسُ اچي ڀل، ڪَچي گهڙي تي گهڙبو
واٽَ عشقَ جي جهلي نه سگهندا، ڪُن جا ڪڙڪاٽَ

جيءَ ۾ جذبا جَرڪن جَرڪن، قيدِ ڪَلا ڪيئن ٿيندي؟
گيتَ پِريت جا لِکبا رهبا، ڪري ته اُوچا ڳاٽَ

عشق، مُشڪَ کي ڪيسين ڍڪبو، نيٺ ته ظاهر ٿيندا
جيڪي چئبو واڪَ وڏي سان، ڪين ڪبا سرٻاٽَ

نئون صبوح آ، سَچَ جو سُورجُ، ڄاڻ ٿيو نِروار
هن ڌرتيءَ تي هاڻ نه رهندي، ڪاري ڪاري ٻاٽَ

ديسَ سان دِلڙي لائي سائين! منزل ماڻڻ وڃبو
اَنڌيارن ۾ پنهنجا رهبرَ، چاهتَ جا چَمڪاٽَ

جڏهن به سچَ جو سڏُ ٿئي ٿو

جڏهن به سچَ جو سڏُ ٿئي ٿو
ڪاتُ ڪاتُ ٿو ڪَڙڪي سائين!

مَنَ ۾ سُور سيجَ سجائي
باهِه باهِه ٿي ڀڙڪي سائين!

غُربتَ هردم انگَ اُگهاڙي
لِيڙون لِيڙون لَڙڪي سائين!

ڪنهن جي آهه جي ڳالهه نه ڪر تون
کَڙڪ کَڙڪ اُڀ کَڙڪي سائين!

ڏاڍَ جا ڏونگرَ ڏارڻُ سَهنجو
بُکَ جڏهن ٿي ڀڙڪي سائين!

سپنن ۾ ڀي توکي ساري
ڌَڙڪ ڌَڙڪ دِل ڌَڙڪي سائين!

لَڙِي مُنهنجي مَنَ ۾ لِيئو پاءِ تون!

لَڙِي مُنهنجي مَنَ ۾ لِيئو پاءِ تون!
ازل کان رُٺل روحُ پرچاءِ تون!

وجهي وَڍ، گهايل ڪري جيءَ کي
ائين پنهنجي پايلِ نه ڇَمڪاءِ تون!

هليو آ، پري کان نه هٿڙا هِلاءِ
اسان تاتِ تُنهنجي، نه ترساءِ تون!

سفر آ آڻانگو، نه سوچيئِي اڳي
گهِڙي سِيرَ هاڻي نه گهٻراءِ تون!

ڀلي ٻوَل آٿت جا، ٻولي نه ڪو
وڃي ماڳِ رَسبو، نه گهٻراءِ تون!

وري ’گَل‘! ورائي، ورئين ڏاتِ کي
لِکي شعرَ محفل کي گرماءِ تون!

وڃي وساري ويٺين ڍولَ!

وڃي وساري ويٺين ڍولَ!
جنَم جنَم جا ڪيَڙا قولَ

هيلَ به ڪين وَريا وڻجارا
ٽِم ٽِم اکڙين، هِينئڙي هولَ!

ڪوڏُيون مُلهه ڀي ڪين وِڪاڻا
اکڙيُن جا موتي اڻمولَ!

دانَ ۾ دَمڙِي ڪينَ مِلِي
کڻي ورياسين خالي جهولَ

اُڀَ رُليا ها راتِ به يارَ!
اَسان جيان هي تارا رولَ

جڳُ ٻُڌي ٿو ٽَهڪُ ڏئي
دوست! اَسان جا ٻاڙا ٻولَ

مِٺڙا! مُنهنجيءَ نگريءَ آءُ

مِٺڙا! مُنهنجيءَ نگريءَ آءُ
سدا رهي تُنهنجو سوداءُ

نينهن ته آهي نانگ مِثل
ڏنگُ اِنهيءَ کان هر هر کاءُ

سارو جڳ سُڃاڻي ويو آ
پنهنجو پيارا! لنئون- لڳاءُ

ڀُلي ڪري ڀي ڪين ڪندا هِن
پيارُ ڪرڻ وارا پڇتاءُ

هجي کڻي ڪؤڙو ڪيڏو به
جيون پوءِ ڀي هِيرَ- هُڳاءُ

تون ڳولائو خوشين جو
مُنهنجو سورن سان سرچاءُ

مُنهنجو ساٿُ انهيءَ سان سائين!
جنهن کي گهَرو گهَرو گهاءُ

ڇڏي هي سارو نينهنُ- نگر
ڪاڏي ويندين، مُنهنجا ڀاءُ؟!

مُنهنجي شعرن مان تون ڳول
پنهنجيءَ پيڙا جو پَڙلاءُ

نينَهن جو مينهُن نِرالو آهي

نينَهن جو مينهُن نِرالو آهي
پاندُ رهندو سدا آلو آهي

پيارا! سولو ته نه آ، پيارُ ڪرڻ
ڪاٽڻو ڄڻ ڪو ڪشالو آهي

تُنهنجي واتان هي ڪَڙيون ڳالهيون ڄڻ
لفظَ ناهن ڪوئي ڀالو آهي

پاڻَ سُقراطَ جيان آهيون ۽
زندگي زهرَ جو پيالو آهي

بيوسي، وَحشتون ۽ وِيرانيون
پنهنجي جيونَ جو حوالو آهي

ڦيرو محفل ۾ اوهان جي آهي
پاڻَ آهيون، نه پنهنجو نالو آهي

ڇا جي ناهيون هِيرن مان

ڇا جي ناهيون هِيرن مان
تُنهنجي هَئون فقيرن مان

توکي آچبو چورائي
ڀاڳَ جي لڪيرن مان

تُنهنجي آئي ٿِي خوشبوءِ
باکَ ويلي هيرن مان

مُحبتون لنگهي وينديون
نفرتُن جي تِيرن مان

پاڻَ آهيون جڳَ وارؤ!
پيارَ جي سفِيرن مان

دل جا بادشاهَه آهيون
توڙي هَئون فقيرن مان

سُکَ لئه ننڍا آهيون
دُکَ لئه ڪبِيرن مان

لعلَ ڪي لَڀي پوندوَ
دوستؤ! حقيِرن مان

ڪيرُ آهي، ناهي جو
وقتَ جي آسيرن مان

سنڌُ آهي اَڙجي وئي
پَڙَ- باسَ، پِيرن مان

ٽوڙي چاهت جا زنجيرَ

ٽوڙي چاهت جا زنجيرَ
ماڻهو ڪيڏا هِن دلگيرَ

پٿر جهڙي دل وارن کان
چاهتَ پاتا هِن سَوَ چِيرَ

جِهيرون جِهيرون جذبن تي
اڄُ به وڃن ٿا تاڻيا تِيرَ

گُذريل گهڙيون يادِ ڏياري
اَلبم ۾ تُنهنجي تصويرَ

ڪڏهن ته ساري هاريا هوندءِ
ناسي اکڙين مان ڪير نِيرَ

تون ڀي ڪوئي سپنو آهين
منهنجن سپنن جي تعبيرَ!

روز ٿي آسون ٻوڙين، تارين
منهنجي دل- درياهَه جي سِيرَ!

ڪيڏو جيءُ جنجهوڙن ٿا
تُنهنجا گيتَ، غزلَ، تنويَر!

اوهان سان جڏهن کان اسان پريت لاتي

اوهان سان جڏهن کان اسان پريت لاتي
رهي دل رڳو ٿي، اوهان لاءِ آتي

اوهان ڀي ٻين جان بُرو چؤ اسان کي!
اوهان ڀي اسان جي حقيقت نه ڄاتي!

وفائن کي ويٺا جفائون سڏيو ٿا
اوهان سڪَ ڪڏهين نه ڪائي سُڃاتي

گهرن جا سڀئي در پيا بند آهن
اسان لئه ڪڏهن ڪين پائي ڪو جهاتي

مَرڻ ڪو مسئلو نه آهي او سهڻا!
وڏي ڳالهه آهي گذارڻ حياتي

ڏکن ۽ بُکن جي ذڪر کان سوا جنهن
لِکيو ليکُ، ليکڪ آ، ڄڻ ڌوڙِ پاتي

سدا توکي ساري، سدا توکي ساري

سدا توکي ساري، سدا توکي ساري
پيو ٿو جِيان يادِ تُنهنجيءَ سهاري

ڏئي وَڍَ، وري پاڻَ ئي ڏَڍُ ڏئي ٿي
ائين زندگي پئي ٿي ماري جِياري

ڪي ڳالهيون، مسئلا ۽ مجبوريون هِن
ائين ٿو ڀلا ڪير ڪنهن کي وساري!؟

انهن کان نه ڌرتيءَ جي ڪا ڳالهِه ٿيندي
ڇڏي سوچَ جن آهه اُڀَ تي اُڏاري

هلو مُرڪَ مان سُرڪَ ڀرجي هلي
ڏِسو ماڳ مُرڪي پيو ٿو نِهاري

ذهنُ لوچي ۽ لُڇي ڦَٿڪي ٿو

ذهنُ لوچي ۽ لُڇي ڦَٿڪي ٿو
پوءِ ئي شعر ته لِکيو ٿي ٿو

غمَ، بُرا، حالَ، اُداسيون، طعنا
سڀ مون تي ئي مهربانيون ڇو؟

ڪنهن مَهل لُڙڪَ لَڙِي ئي ٿا پون
مان ڀي پٿرُ ته نه آهيان لوڪو؟

سُرَ ۽ سُرهاڻِ سواءِ، پيارَ بِنا
ماڻهو ڇاهي؟ جيئن خالي کوکو

ساري دنيا وَئي مون کان وِسري
تون ئي هڪڙو نه مگر آن وِسريو

ايئن يادِ آيو، گُلابي مُکڙو
ذهنَ جي اُڀَ تي جيئن چنڊُ نِڪتو

آئي جوڀَنَ تي جواني جڏهن
گُل ٽاريءَ مان ٽُٽو ۽ وِکريو

توکان دور رهون ٿا

توکان دور رهون ٿا
ڪيڏا سورَ سهون ٿا

ڪوهَه ڪشالا سنڌڙي!
تُنهنجي ڪاڻِ ڪهون ٿا

تيز ڪيئن طوفانَ
ڪيڏا يارِ وهون ٿا

ڊاهڻ وارا! ڏِس تُون
ڊَهندي روزُ ٺهون ٿا

مُورکَ ماڻهو آهيون
جاڳي خوابَ لهون ٿا

ڳلَ تي ناهي ڳوڙهو
توڙي روزُ ڊهون ٿا

مون سان گڏجي گهارِ نه گهار

مون سان گڏجي گهارِ نه گهار
جتي هُجين، شلَ خوش گُذار

توسان روز اَزل جو ناتو
ڪيئن مان ٿيندُس توکان ڌار

ساريءَ دُنيا کان وِسريل-
تون ته او مٺڙا! ڪينَ وِسار

دل ۾ آسَ اَجائي آهِه
ويندڙ وَرندا ناهِن يار!

ڪين ڪو جهولَ جهليندو دوستَ!
لُڙڪَ مِٽيءَ تي پنهنجا هار

تون ۽ مان ٻئي گُلَ آهيون
پوپٽَ وانگي آهي پيار

وايون

---

وايون

هر سچي شاعر کي پنهنجو الڳ Diction، نئون لهجو ۽ نِڪور رِدم هوندو آهي. ان آڌار تي ئي هُو پنهنجي همعصرن ۾ منفرد حيثيت ماڻيندو آهي. اياز گل پنهنجي دؤر ۾ اهڙي حيثيت ماڻي چُڪو آهي.

ــــ امداد حسيني

اَندرَ ۾ هي آدمي

اَندرَ ۾ هي آدمي
مندرَ ۾ ڀڳوانُ
ڪيڏو تنها ٿي ويو!

سوچي سوچي پاڻَ تي
پاڻَ ئي ٿئي حيرانُ
ڪيڏو تنها ٿي ويو!

ڪُوڙ پُڄي ويو ماڳَ تي
رستي ۾ ايمان
ڪيڏو تنها ٿي ويو!

هيڏيون جوڙي رونقون
آخرِ ۾ انسانُ
ڪيڏو تنها ٿي ويو!

تون وئينءَ ته آءٌ ڇا
گهرُ سڄو ئي جان!
ڪيڏو تنها ٿي ويو!

انَدرَ ۾ هي آدمي
مندرَ ۾ ڀڳوانُ
ڪيڏو تنها ٿي ويو!

اَڃا تائين سپنا

اَڃا تائين سپنا
کولي نيڻنِ- دَرَ
توکي ڳولنِ ٿا!

ناهي مَرهَم آسرو
گهايل جذبا پَر
توکي ڳولنِ ٿا!

مون سان آڌيءَ رات جو
اُٿي روز اکرَ
توکي ڳولنِ ٿا!

جيئڻَ جو آسون کڻي
مُئل هي منظرَ
توکي ڳولنِ ٿا!

خوشحالي!، هر ڳوٺَ جا
سارا ڪچا گهرَ
توکي ڳولنِ ٿا!

شهرَن ۾ گم ڇوڪرا!
ڪَسِيون ٻَنيون، هَرَ
توکي ڳولنِ ٿا!

اَڃان تائين سپنا
کولي نيڻنِ- دَرَ
توکي ڳولنِ ٿا!

هيڏي تِکيءَ اُسَ ۾

هيڏي تِکيءَ اُسَ ۾
ڪَچن رنگن سان
ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

ٻاهر هر پل حادثو
مُنهنجن نيڻن مان
ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

تارَن راتِ پُڇيو پئي
پاڇَن جي پويان
ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

سوچي سوچي ٿَڪجان ٿو
ٿَڪجي ٿو سوچيان
ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

هيڏي تِکيءَ اُسَ ۾
ڪَچن رنگن سان
ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

ڇڏِ کڻي او يارڙا!

ڇڏِ کڻي او يارڙا!
مون کان مُنهنجون تون
ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

ڄڻ ته ڊائنامائيٽ جي
مٿان ويٺا هئون
ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

جيونُ هونئن ئي مسئلو
ويتر هي دورُيون
ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

تون ناهين ته هانوَ ۾
چُهنڊيون- چانڊوڪيون
ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

چاهُه به تن جو چَهڪَ جيان
ميٺا! ماڻهُن جون
ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

ڇڏِ کڻي او يارڙا!
مون کان مُنهنجون تون
ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

تُنهنجي وئي کانپوءِ

تُنهنجي وئي کانپوءِ
مُنهنجي اَندر ۾
راتِ رهي پئي آهي!

انڌين اکيُن لاءِ ته
هر ڪنهن منظرَ ۾
راتِ رهي پئي آهي!

ويندي ويندي ڀي وري
دردَن سان دَرَ ۾
راتِ رهي پئي آهي!

ساري جڳَ ۾ سوجهرو
پنهنجي ئي تَرَ ۾
راتِ رهي پئي آهي!

صديون گُذريون رُوپلا!
پر تُنهنجي ٿَرَ ۾
راتِ رهي پئي آهي!

گوري!، گَجري ۾

گوري!، گَجري ۾
ڪاٿي آ مَهڪارَ؟
تُنهنجي ٽَهڪن جي!

جيونَ، جيونُ ٿيڻ لاءِ
ورتي آهي اُڌارَ
تُنهنجي ٽَهڪن جي!

آءٌ اُتي ئي آهيان
ڏاڍي ڏُور اُڏارَ
تُنهنجي ٽَهڪن جي!

اکيون آگمَ ٿي ويون
جڏهين آئي سارَ
تُنهنجي ٽَهڪن جي!

آءٌ مسافرُ دردَ جو
ڳوليان ٿو وڻڪارَ
تُنهنجي ٽَهڪن جي!

گوري!، گجري ۾
ڪاٿي آ مهڪارَ؟
تُنهنجي ٽَهڪن جي!

هوءَ جا مُنهنجي زندگي

هوءَ جا مُنهنجي زندگي
پري وئي مون کان
تبديلي چاهي پئي!

ڄڻ ته پُراڻو هُن جو
وڳو آهيان مان
تبديلي چاهي پئي!

چئي وئي، هُن شَهر ۾
ٻيهر نه ڏسجان
تبديلي چاهي پئي!

هڪڙي پل ۾ ٿي ويس
مان ڄڻ پٿرَ جيان
تبديلي چاهي پئي!

آءٌ جيئان ٿو، يا مَران
هُنَ کي ڇا تنهن سان؟
تبديلي چاهي پئي!

هوءَ جا مُنهنجي زندگي
پري وئي مون کان
تبديلي چاهي پئي!

توکي چاهڻَ جي

توکي چاهڻَ جي
نينهُن نِڀائڻَ جي
لائق ئي ناهيان رهيو!

تُنهنجا، نيڻن ۾ پرين!
خوابَ سجائڻَ جي
لائق ئي ناهيان رهيو!

ڄاڻان ٿو هِن موڙَ تي
ڪنڌُ ورائڻَ جي
لائق ئي ناهيان رهيو!

توکي روڪڻَ لاءِ مان
هٿُ وڌائڻَ جي
لائق ئي ناهيان رهيو!

ڇا واقعي مان تُنهنجو؟
پيارُ سڏائڻَ جي
لائق ئي ناهيان رهيو!

توکي چاهڻَ جي
نينُهن نِڀائڻَ جي
لائق ئي ناهيان رهيو!

پرين!، هيڏو چاههُ

پرين!، هيڏو چاههُ
هڪٻئي تي ويساههُ
ڇا سڀ ڪُوڙ هيو!

تو هٿاران ٿي ويو
هڪڙو شخصُ تباهُه
ڇا سڀ ڪُوڙ هيو!

تون وئينءَ يا ويو هليو
چورائي ڪو ساهُه
ڇا سڀ ڪُوڙ هيو!

ٻوڙي ويئڙو هر خوشي
دَردن جو درياهُه
ڇا سڀ ڪُوڙ هيو!

پرين!، هيڏو چاههُ
هڪٻئي تي ويساههُ
ڇا سڀ ڪُوڙ هيو!

مُرڪي مايا سان

مُرڪي مايا سان
ناتو جوڙين ٿي
ڏاڍو تون پڇتائيندينءَ!

تنهايُن جي سمنڊَ ۾
جيونُ ٻوڙين ٿي
ڏاڍو تون پڇتائيندينءَ!

سچ پُڇين ته رُڃَ ٿئي
جنهن ڏانهن ڊوڙين ٿي
ڏاڍو تون پڇتائيندينءَ!

ڇا ملندءِ جو مون کي
ايڏو ٽوڙين ٿي
ڏاڍو تون پڇتائيندينءَ!

مُرڪي مايا سان
ناتو جوڙين ٿي
ڏاڍو تون پڇتائيندينءَ!

جاڏي ڪاڏي تون

جاڏي ڪاڏي تون
مون وڃايو پاڻَ کي!
سوچِڻ کان نِڪري ويو

ساريون ئي سوچون
مون وڃايو پاڻَ کي!

ڪاٿي عشقَ اڳيان ٿيون
هَلن تدبيرون؟
مون وڃايو پاڻَ کي!

توبِن سانوَڻ ڏينهڙا
هيڏيون برساتيون!
مون وڃايو پاڻَ کي!

جيونُ، دَٻيل شهر جون
ٻه ٽي نِشايون
مون وڃايو پاڻَ کي!

تون به ڏيندو ئي رهين
ٺلهيون تجويزون!
مون وڃايو پاڻَ کي!

تُنهنجي يادِ جو دِل ۾

تُنهنجي يادِ جو دِل ۾
ديپُ ڪو جلائڻَ سان
زندگيءَ سان پَرچي ويس!

تُنهنجو پنهنجِن سرتيُن ۾
مُنهجِي ئي سڏائڻَ سان
زندگيءَ سان پَرچي ويس!

خوفَ کي وِڇوڙي جي
مَنَ مان لڏائڻَ سان
زندگيءَ سان پَرچي ويس!

ڪنهن اُجاڙ مَندر جي
گِهنڊَ کي وَڄائڻَ سان
زندگيءَ سان پَرچي ويس!

تُنهنجي يادِ جو دل ۾
ديپُ ڪو جلائڻَ سان
زندگيءَ سان پَرچي ويس!

ياد- ڪتابن تي

ياد- ڪتابن تي
سارن خوابن تي
دَزَ چڙهي وئي آهي!

تو آڏو چُپ چاپ مان
هَڙَ جوابن تي
دَزَ چڙهي وئي آهي!

توکان مان وڇڙي ويس
نينهن- نصابن تي
دَزَ چڙهي وئي آهي!

گونگي، ٻوڙي ديسَ ۾
گيتَ- گُلابن تي
دَزَ چڙهي وئي آهي!

چَمڪن پيا هٿيارَ ۽
قلمَ، ڪتابن تي
دَزَ چڙهي وئي آهي!

يادِ- ڪتابن تي
سارن خوابن تي
دَزَ چڙهي وئي آهي!

ڏاتِ بنان جيئن ڏانءُ

ڏاتِ بنان جيئن ڏانءُ
ڄڻ ڪو خالي ٿانءُ
ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

هر گوليءَ ۾ ڳولي ٿي
پنهنجو گُم ٿيل نانءُ
ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

سوچي پِيئي: ”پُهچندسِ
آخر ڪاٿي آنءُ؟“
ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

پيڙائُن جي پنڌَ ۾
هارايل ڪو هانءُ
ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

ڏاتِ بنان جيئن ڏانءُ
ڄڻ ڪو خالي ٿانءُ
ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

توکان ٿيندي ڌارَ

توکان ٿيندي ڌارَ
کِليندي کِلندي يارَ!
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

تُنهنجي پويان ڪيرُ اسانجي
سپرين!، لَهندو سارَ؟
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

ساهَه ۾ تُنهنجِن ساهنِ جي
اَڃا ڀي آ، مهڪارَ
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

راتِ کُٽي ۽ باکَ ڦُٽي وئي
جنهن پل ويڙهيئي وارَ
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

پاڻيءَ تي ڄڻ لِيڪا ها
تُنهنجا قولَ قرارَ
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

وري ملڻَ جي مهلَ وري
شالَ هينئين جا هارَ!
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

توکان ٿيندي ڌارَ
کِلندي کِلندي يارَ!
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

توکي ۽ تُنهنجن

توکي ۽ تُنهنجن
يادُن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

نِنڊون ئي ويندا کَسي
سپنن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

پِٿون پيرَ ويا ٿي
رستن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

توڙي تيزِ ترارَ جيان
لفظن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

چنڊُ گُهرن ٿا راندِ لئه
ٻارن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

گُهگهَه جي گهيرَنِ ۾

گُهگهَه جي گهيرَنِ ۾
گهور انڌيرنِ ۾
ڏِيئا ٻاريان ٿو!

پنڇي راهَه نه ڀُلجن جيئن
مان آکيرنِ ۾
ڏِيئا ٻاريان ٿو!

اُجرن گيتن جا پيو
اندرَ ميرنِ ۾
ڏِيئا ٻاريان ٿو!

مان ڏِياريءَ جي ڏينهنَ تي
پرينءَ- پيرنِ ۾
ڏِيئا ٻاريان ٿو!

گُهگهَه جي گهيرنِ ۾
گهور انڌيرنِ ۾
ڏِيئا ٻاريان ٿو!

آءٌ امر انسانُ

آءٌ امر انسانُ
ماري موتَ نه سگهندين!

اونداهي ڪمري جو مان
آهيان روشن دان
ماري موتَ نه سگهندين!

گُلَ مُرجهايا پوءِ ڀي
چَمڪي ٿو گُلدانُ
ماري موتَ نه سگهندين!

ڏُکَ اسان جي ڏيهَه ۾
ڏينهنَ ٻه ٽي مهمان
ماري موتَ نه سگهندين!

کنڊرَ چهرنِ جي پُٺيان
پَسجي پيو طُوفانُ
ماري موتَ نه سگهندين!

آءُ اسن وٽ هيلَ

آءُ اسن وٽ هيلَ
جهولِ کڻي رابيل
برکا رُت جي بانوري!

موٽُ مورَ ڙَي!، مري نه پئي
ڊوڙي ڊوڙِي ڊيلَ
برکا رُت جي بانوري!

ڏاڍنِ جون ڏاڍايون سائين!
پوياڙيءَ جا کيل
برکا رُت جي بانوري!

ڦَڙِڦَڙِ، ڦَڙِڦَڙِ ڳاڙها جهنڊا
باکَ ڦُٽيءَ جي ويلَ
برکا رُت جي بانوري!

ڳاٽَ اُوچي سان ٿيندا رهندا
مِٺڙنِ سان پيا ميلَ
برکا رُت جي بانوري!

ڇاهي ٿي ڪڏهن اَلاءِ

ڇاهي ٿي ڪڏهن اَلاءِ
اوکيءَ سوکيءَ لاءِ
لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

ساري دنيا دانهَن آ
تَنهن ۾ ٽَهڪَ وِرهاءِ
لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

ٿورو ٿورو خرچُ ڪر
وڇڙڻَ ويلي تاءِ
لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

خوابَ کڻي وڃُ پانهنجا
موهُه سندم موٽاءِ
لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

ڏينَهن ٿيڻ کان اڳ ئي
ڏِيئا ڪين وساءِ!
لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

ڇاٿي ڪڏهن اَلاءِ
اوکيءَ سوکيءَ لاءِ
لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

دلب! ديرِ سويرَ

دلب! ديرِ سويرَ
ماڻينداسين ماڳَ کي!

ڪين پِٿون ٿيا پنڌ ۾
پٿرَ پنهنجا پيرَ
ماڻينداسين ماڳَ کي!

ڏاڍي ڇڏيو ڏاڍُ ڄڻ
ٻَٻرُ ڄڻيا ٻيرَ
ماڻينداسين ماڳَ کي!

قسمت پنهنجيءَ راهه ۾
ٿيندي آهي ڪير؟
ماڻينداسين ماڳَ کي!

ڪين اسان جي هانوَ کي
هارائڻ جي هيرَ
ماڻينداسين ماڳَ کي!

ناهي ديرِ سويرنِ ۾

ناهي ديرِ سويرنِ ۾
راتِ وڃي ٿي رِڙهندي رِڙهندي!

باکَ- ڦُٽي ٿي کاٽُ هڻي
يارو! گُهگهه اَنڌيرنِ ۾
راتِ وڃي ٿي رِڙهندي رِڙهندي!

ڪُوڙ سموري دنيا جو
هوندو پنهنجن پيرنِ ۾
راتِ وڃي ٿي رِڙهندي رِڙهندي!

ماڻڪَ، موتي، لعل، ڪنولَ
ڦاٽَل ڪپڙن ميرنِ ۾
راتِ وڃي ٿي رِڙهندي رِڙهندي!

ڄاڻُ پرين! ڦَڙڦوٽ پئي
تُنهنجي غَمَ جي گهيرنِ ۾
راتِ وڃي ٿي رِڙهندي رِڙهندي!

واهَه وڻي ٿو گُل

واهَه وڻي ٿو گُل
وينگسِ وارنِ وچ ۾!

اُڏريو پکي پيارَ جو
تنهن ڏانهن ڏيئي بُل
وينگسِ وارنِ وچ ۾!

ڇِرڪي اَمُن اُڏامندو
ڪين ڪيو ڪو هُل
وينگسِ وارنِ وچ ۾!

پيارُ سمورو سچُ آ
ڪُوڙ ٻيو آ ڪُل
وينگسِ وارنِ وچ ۾!

سسئي بڻجي سوچَ! تون
راهون راهون رُل
وينگسِ وارنِ وچ ۾!

ڏکڻَ! منهنجيءَ ڏات جا!
گُهل گهڙي کن گَهُل
وينگسِ وارنِ وچ ۾!

گُلن جيان چَهرا

گُلن جيان چَهرا
ماڪَ- ڦُڙا ڄڻ موهيڙا!

نفرتَ ڏئي ٿي نينهن کي
گهاوَ گهڻا گَهرا
ماڪَ- ڦُڙا ڄڻ موهيڙا!

ڊهندا، لَهندا نيٺ هي
پيارَ مٿان پَهرا
ماڪَ- ڦُڙا ڄڻ موهيڙا!

دٻيل، هِيسيل هانوَ ۾
اُلڪا – اُٻهرا
ماڪَ- ڦُڙا ڄڻ موهيڙا!

جيونُ جهڙي جُٺِ

جيونُ جهڙي جُٺِ
پل پل پُور نوان!

پيٽَ بُکئي لاءِ ڀُڳڙن لَپَ آ
ڄن ڪي موتينِ مُٺِ
پل پل پُور نوان!

مسڪينن جو جيئڻ ڪهڙو؟
جيئري پيئڙا بُٺِ
پل پل پُور نوان!

ڇِيهان ڇِيهان سورهيه ڇاتي
ڪانئرَ گهايل پُٺِ
پل پل پُور نوان!

سانوڻَ رُتِ ۾ سارَ

سانوڻَ رُتِ ۾ سارَ
آئي تُنهنجي يارَ!
ڦُٽيا گؤنچَ غمن جا!

تنهنجو هر پل ٽهڪڙا
منهنجو لڙڪن لارَ
ڦُٽيا گؤنچَ غمن جا!

چپَن وانگيان چِتَ تي
ڇانيل آ ماٺارَ
ڦُٽيا گؤنچَ غمن جا!

ايڏا سورَ سهون ڪيئن؟
ناهيون ڪي اوتارَ
ڦُٽيا گؤنچَ غمن جا!

گهڙيون گڏجي گهارجن
هيلَ ته ڪر هاڪارَ
ڦُٽيا گؤنچَ غمن جا!

سانگيئڙن کي سارِ

سانگيئڙن کي سارِ
ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

آيلَ پنهنجي اَنَ تان،
ڪُڙمي! ڪانگَ اُڏارِ
ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

ريٽي رَتُ جو ريجُ ڏئي
سونو سِجُ اُڀارِ
ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

ڏُکن سُکن سان پرين!
گڏجي سڏجي گهارِ
ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

سچلُ، سامي يا لطيفُ

سچلُ، سامي يا لطيفُ
نانوَن ۾ ڇاهي؟
سچُ ته سچُ آهي!

سورجُ سدا لاءِ ڪوئي
ڪين سگهيو لاهي
سچُ ته سچُ آهي!

مُورکَ بَڪ بَڪ ڪنِ پيا
ماٺِ ڪئي ڏاهي
سچُ ته سچُ آهي!

دلبر!، پنهنجي ديسَ ۾
ڇا نه ٿيو آهي؟
سچُ ته سچُ آهي!

ڪيڏا ڏينهنَ رهي سگهبو
واريءَ- گهر ٺاهي!
سچُ ته سچُ آهي!

ظُلم ختم ٿي ويندو؟
تون جي چئين: ناهي
سچُ ته سچُ آهي!

سپنا!، ساڀيا ماڻِ

سپنا!، ساڀيا ماڻِ
هيلَ ته خوشيون آڻِ
ڏاڍا ڏُکَ مِليا هِن!

چاهتَ پنهنجي ڀورِ ڀورِ
جذبا – رتوڇاڻِ
ڏاڍا ڏُکَ مِليا هِن!

يادُن آندي پاڻَ سان
اکڙيُن ۾ آلاڻِ
ڏاڍا ڏُکَ مِليا هِن!

کِليو مُنهنجي حالَ تي
رُنس جنهن جي ڪاڻ
ڏاڍا ڏُکَ مِليا هِن!

جندڙي جهُوني ناوَ آ
وقتُ جيئين مهراڻِ
ڏاڍا ڏُکَ مِليا هِن!

پِپُرَ پِيلا پَنَ

پِپُرَ پِيلا پَنَ
ويا وِکري واءُ ۾!

آندو آهي مون کي تُنهنجي
چنچل!، چاهَه چمنَ
ويا وِکري واءُ ۾!

سامهون ساجنَ ساههَ جا
پَسِي مَتا مَنَ
ويا وِکري واءُ ۾!

ڀانيان ڌُوڌا، ڌڄ‎ ُ مان
ڌاريا! تُنهنجا ڌَنَ
ويا وِکري واءُ ۾!

سچُ سُڻن، سچارَ سدا
ڪُوڙنِ ڪَپهَه- ڪَنَ
ويا وِکري واءُ ۾!

(جيون جي پهرين وائي)

ورتوسين ويراڳُ

ورتوسين ويراڳُ
ناتو جوڙي نينهَن سان!

عشقُ ڪيو سي عشقَ سان
پاڻ بڻائي ڀاڳُ
ناتو جوڙي نينهَن سان!

سُڏڪي سڏئي سونهَن ٿي
عشقَ! اسانجا جاڳُ
ناتو جوڙي نينهَن سان!

جي مان سوچيان سچَ سواءِ
ڏئي وڃُ ڏاتِ! ڏهاڳُ
ناتو جوڙي نينهَن سان!

ورتوسين ويراڳُ
ناتو جوڙي نينهَن سان!

روشن ڪيو راهُون

روشن ڪيو راهُون
لاٽَ جلائي لاٽَ مان!

ڪيسين ڪارونڀارَ جون
سُورجَ تي ڪاهُون!
لاٽَ جلائي لاٽَ مان!

سورهِه ڪارڻ سوڀَ جون
ٻاڪارنِ- ٻانهون
لاٽَ جلائي لاٽَ مان!

ٻُڌي ٻُڌجنِ ڪيتريون؟
ديسُ سڄو دانهون
لاٽَ جلائي لاٽَ مان!

روشن ڪيو راهُون
لاٽَ جلائي لاٽَ مان!

آئي جاڳرتا

آئي جاڳرتا
دلبَر! پنهنجي ديسَ ۾!

سدا رهيا پيارُ ۽
سچُ سندم سَرتا
دلبَر! پنهنجي ديسَ ۾!

ڪانئرَ ڪاڻ جو موت آ
مون لئه اَمرتا
دلبَر! پنهنجي ديسَ ۾!

جنمَيئي ڪاٿان جيءَ ۾
ايڏي ڪانئرتا!!
دلبَر! پنهنجي ديسَ ۾!

جُوءِ جي لاءِ جيئن جي
ماڻنِ سَڦلتا
دلبَر! پنهنجي ديسَ ۾!

آئي جاڳرتا
دلبَر! پنهنجي ديسَ ۾!

عشقُ اسان جو آرسي

عشقُ اسان جو آرسي
پٿرَ لوڪُ سڄو!

جڏهن ڀي مان سچَ سان
آهي لِڇَ ڳنڍي
پٿرَ لوڪُ سڄو!

جاڳندي جو خواب آ
تُنهنجي مُنهنجي زندگي
پٿرَ لوڪُ سڄو!

دردَ پرائيندين پرين!
مون سان واٽَ رکي
پٿرَ لوڪُ سڄو!

ڪيئن لِڪائي سگهبي
خوشبوءِ ۽ خوشي؟
پٿرَ لوڪُ سڄو!

عشق اسان جو آرسي
پٿرَ لوڪُ سڄو!

پٿرَ ڏِسنداسي

پٿرَ ڏِسنداسي
هِيرا چونداسي
مُورکَ ناهيون ايترا!

ڦَٽين لوڻُ جي ٻُرڪبو
مُرڪي پونداسي
مُورکَ ناهيون ايترا!

ٿوري ڏُکَ ملڻ تي
هِيڻا ٿينداسي
مُورکَ ناهيون ايترا!

انڌيُن اکين ۾ پيا
خوابَ ٽنگينداسي
مُورکَ ناهيون ايترا!

هر جذبي هر سوچَ جو
اَگهُه ڪَٿينداسي
مُورکَ ناهيون ايترا!

جذبا ڪيئن بچندءِ؟

جذبا ڪيئن بچندءِ؟
لاشا ئي ملندءِ
باروُدي هِن ڊوڙَ ۾!

ماڻهو! توتي ماڻهپو
ٽهڪَ ڏئي کِلندءِ
باروُدي هِن ڊوڙَ ۾!

بَمَ هي تُنهنجي ٻارَ کان
مُرڪون کسيندءِ
باروُدي هِن ڊوڙَ ۾!

مورکَ!، سوچيو ٿي ڪڏهن
لُڙڪَ رڳو ملندءِ
باروُدي هِن ڊوڙَ ۾!

دل ۾ لکين وحشتون
خنجَر جيان لهندءِ
باروُدي هِن ڊوڙَ ۾!

ٽامي جا ٽُڪرا ڏئي
پيارُ کسي ويندءِ
باروُدي هِن ڊوڙَ ۾!

جذبا ڪيئن بچندءِ!
لاشا ئي ملندءِ
باروُدي هِن ڊوڙَ ۾!

وِکري وينداسي

وِکري وينداسي
هاڻِ نه جيئنداسي
نفرتَ سندءِ نهارَ ۾!

تيز هوائون، حالتون
نيٺ اُجهامياسي
نفرتَ سندءِ نهارَ ۾!

ساهُه هئين تون ساهَه ۾
توکان وِسرياسي!
نفرتَ سندءِ نهارَ ۾!

ڪيئن حياتي گُذرندي؟
بس گهِلينداسي
نفرتَ سندءِ نهارَ ۾!

واندَ مِلي ته دل جا
گهاوَ ڳڻينداسي
نفرتَ سندءِ نهارَ ۾!

ڪنهن ڄاتو ٿي گُلَ مان
پٿرَ ٿيندا سي
نفرتَ سندءِ نهارَ ۾!

ڪيئن پوندا، ڪيئن پوندا يارَ!؟

ڪيئن پوندا، ڪيئن پوندا يارَ!؟
سنگهرَ سوچُن تي!

ڀاڳيا منهنجيءَ ڀونءِ جا
هِيڻا يا هالارَ؟
سنگهرَ سوچُن تي!

ڌرتيءَ وارا پيا ٿين
ڇو ڌرتيءَ کان ڌارَ؟
سنگهرَ سوچُن تي!

ماروئڙن جي ماٺ ۾
لِڪل ڪا للڪارَ؟
سنگهرَ سوچُن تي!

ڪيئن پوندا، ڪيئن پوندا يارَ!؟
سنگهرَ سوچُن تي!

ڪيڏيون وِڇوٽيون!؟

ڪيڏيون وِڇوٽيون!؟
ساڀيا ۽ سپنن ۾!

ڏاڍي چوٽَ ڏئي ويون
تُنهنجون ٻه چوٽيون
ساڀيا ۽ سپنن ۾!

سوچُون، لهرون سمنڊَ جون
آيون ۽ موٽيون
ساڀيا ۽ سپنن ۾!

جانبَ!، جياپي جون
جنگيون ٿا جوٽيون
ساڀيا ۽ سپنن ۾!

دَٻجي وئي يادِ جي
قبرون ڇا کوٽيون؟
ساڀيا ۽ سپنن ۾!

ڪيڏيون وڇوٽيون؟!
ساڀيا ۽ سپنن ۾!

ڇوريءَ ڇِڳلُ ڇَڄُ

ڇوريءَ ڇِڳلُ ڇَڄُ
ڪَڻا ڪونهن ڪڻڪَ جا!

چِتا چاهيان، وَستيون واهڻَ
ڌرتي! تُنهنجي ڌَڄُ
ڪَڻا ڪونهن ڪڻڪَ جا!

ڪارنِ ڪَڪرِن واٽَ وَڪوڙي
اوندهِه آهي اَڄُ
ڪَڻا ڪونهن ڪڻڪَ جا!

آزاديءَ- آوازَ انَدر جا!
واڄَٽَ وانگي وَڄُ
ڪَڻا ڪونهن ڪڻڪَ جا!

ڇوريءَ ڇِڳلُ ڇَڄُ
ڪَڻا ڪونهن ڪڻڪَ جا!

کسجي ويندي اوچتو

کسجي ويندي اوچتو
آهي هر خوشبو:
سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!

گهڙيءَ ۾ ٿا ٿِي وڃن
مِرون ڙي! ماڻهو
سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!

راتِ رُنس پئي آءٌ ۽
مُرڪيا ٿي ٽيڙو:
سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!

رهندو ڇا؟ کسجي وئي
ڪويل کان ڪُو ڪُو!
سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!

کسجي ويندي اوچتو
آهي هر خوشبو:
سانڍي رکجانءِ پيارَ کي!

تو تائين پُهتا

تو تائين پُهتا
مُنهنجي نيڻن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!

تُنهنجو نانءُ لِکي ڏٺم
منهنجي هٿن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!

تون جي آئين، شهرَ ۾
سڀني رستن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!

ساڀيائن جي ديسَ ۾
ساڻن سپنن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!

هڪڙي ڀاڪُرَ ساڻ ئي
وِسريل وعدن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!

تُنهنجي چُنريءَ ۾ اچي
راڻي!، رنگن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!

تو تائين پُهتا
مُنهنجي نيڻن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!

ساڙيو ڙي ساڙيو!

ساڙيو ڙي ساڙيو!
سَرڪش هِن سماجَ کي.

ذاتِ پاتِ جي فرقَ جا
لِيڪا لتاڙيو!
سَرڪش هِن سماجَ کي.

ڇڏي پُراڻا پيچرا
راهَه نئين تاڙيو!
سَرڪش هِن سماجَ کي.

کِلو مِلو موجَ ڪيو
ڳوڙها ڇو ڳاڙيو!
سَرڪش هِن سماجَ کي.

پنهنجا ڪيل قولَ قرارَ
پريُن سان پاڙيو!
سَرڪش هِن سماجَ کي.

ڏِيئا نيڻَ جلائنِ

ڏِيئا نيڻَ جلائنِ
پنهنجو پاڻُ وِڇائنِ
وَڻجارِن جي واٽَ تي.

شلَ نه پيارَ جي راهَ تي
دِليون دوکا کائنِ
وَڻجارنِ جي واٽَ تي.

سڄڻن سواءِ سُهاڳڻيون ٿيون
مٿي مِٽي پائنِ
وَڻجارنِ جي واٽَ تي.

هُجن ڪي پنهنجا پيارا جي
روئون ته پرچائنِ
وَڻجارنِ جي واٽَ تي.

لوڪَن آڏو لوڀي سائين!
آخِر پاڻُ لڄائنِ
وَڻجارنِ جي واٽَ تي.

گهرا گهرا گهاوَ

گهرا گهرا گهاوَ
ماڻهوءَ ماڻهوءَ مُرڪَ ۾!

دردَ- لهر ڪڪئي ٽُڪرا ٽُڪرا
جهوني جيون- ناوَ
ماڻهوءَ ماڻهوءَ مُرڪَ ۾!

شعرَ شعرَ ۾ شاعرَ جي
پِيڙا جا پڙلاوَ
ماڻهوءَ ماڻهوءَ مُرڪَ ۾!

کيڏڻَ وارا! شال کٽين تون
دِل لڳائيه داوَ
ماڻهوءَ ماڻهوءَ مُرڪَ ۾!

نظم/ آزاد نظم/ نثري نظم

---

اياز گل جا نظم

اياز گل جي شاعري محسوس ڪرڻ جي شاعري آهي، حواسن کي ڇُهڻ واري، لمحن تائين هلڪو هلڪو سُرور ڏيندڙ.

ــــ تاج بلوچ

سنڌ

سنڌُ اوچي آ
سنڌُ اوچي آ

هِن سورجَ، چنڊَ، ستارن کان
هر منظرَ کان، مَهڪارن کان
درياهَن کان، وڻڪارن کان
۽ سانوڻ مُند، بهارن کان

سنڌُ اوچي آ
سنڌُ اوچي آ

هر ڪُرسيءَ، قَلم، ڪتابن کان
سڀ مستُين، ڪيفَ، حِجابن کان
ها ڳلڙن، گُلَ گُلابن کان
۽ تُنهنجي مُنهنجي خوابن کان

سنڌُ اوچي آ
سنڌُ اوچي آ

تو پارَن کان، مون پارن کان
ها ٻَنيءَ، وَنيءَ، ٻارَن کان
هر جانيءَ، جانِ ۽ يارن کان
۽ هُن جي گَهر جي چارن کان

سنڌُ اوچي آ
سنڌُ اوچي آ

اسان انسان

اسان جي اندرَ ۾ تون سَرچي وڃين ڀل
اسان کي سڄڻَ! پوءِ به سمجهي نه سگهندين!

اسان پيارَ ڀَريا مِٺا گيتَ آهيون
اسان ماتِ آهيون، اسان جيت آهيون!

اسان ماڪَ ڀِنڙي ڪا پِرڀات آهيون
اسان ڌَرتتيءَ ۾ ٿڌي ڇانوَ آهيون

اسان سِڪَ جي ڪا سِڌي واٽَ آهيون
اسان ڪِرڀَ ڀَريا ڪي سرٻاٽَ آهيون

اسان ڪنهن جي دَردن جو درمان آهيون
اسان دردُ ڏيندڙ ڪي ڌَنوان آهيون

اسان موتئي جي ته سُرهاڻ آهيون
اسان ذِلتن جا به اُهڃاڻ آهيون

اسان پيارَ جا پَڪسِرا ڪوٽ آهيون
اسان ئي گُناهن سندي اوٽ آهيون

اسان عزتُن جا سهارا به آهيون
اسان لَڄَ لوئڻَ وارا به آهيون

اسان ڪِن جي روئڻَ تي رُئندا به آهيون
اسان خوش ڏسي ڪنهن کي جلندا به آهيون

اسان ڪنهن لاءِ ڏاتارَ، ڀڳوانَ آهيون
اسان ڪن جي نظرُن ۾ شيطانَ آهيون

اسان ڪن جي شعرن جا عُنوانَ آهيون
اسان قُربَ قاتل تِکا ڪانَ آهيون

اسان پيارَ جي ڪٿ پالوٽَ آهيون
اسان ڪِن جي احساس تي چوٽَ آهيون

اسان ڪارِ، بنگلن جا سينگارَ آهيون
اسان پيٽَ بُکيا ننگا ٻارَ آهيون

اسان اُتم سڀ کان ته انسانَ آهيون
اسان ڪِريلَ وحشي ۽ حيوانَ آهيون

اسان جي اندر ۾ تون سَرچي وڃين ڀل
اسان کي سڄڻ! پوءِ به سمجهي نه سگهندين!

*

نئين ڳالهه

اسان تي جي الزام آهي ته ڇاهي؟
اِها ڪا نئين ڳالهِه ناهي او پيارا!

سدا سچَ کي ڪَچُ ڄاتو ويو آ
سدا ڪُوڙَ جو گيتُ ڳاتو ويو آ
هتي قُرب آهي ڌِڪاريو ويو ۽
سدا لوڀَ سان نينهنُ لاتو ويو آ
هتي روپَ بدلڻ نئين ڳالهه ناهي
اسان تي الزام جي الزام آهي ڇا هي؟
اها ڪا نئين ڳالهه ناهي او پيارا!

خيالَن تي پَهرا لڳايا وڃن ٿا
جي جاڳن ٿا جذبا، دَٻايا وڃن ٿا
ڦَٽن تي لَپون لوڻُ ٻُرڪيو وڃي ٿو
هتي روزُ گهايلَ ئي گهايا وڃن ٿا
نَڪا سونَهن آهي، نه سُرهاڻ آهي
اسان تي جي الزام آهي ته ڇاهي؟
اها ڪا نئين ڳالهه ناهي او پيارا!

اسان سُورَ سارا هي سَهندا رهون ٿا
سنڌوءَ وانگي اڳتي ئي وڌندا رهون ٿا
هي الزامَ سارا ۽ ڳالهيون اَجايون
ٻُڌي سڀ زماني جون کِلندا رهون ٿا
ڀلا ڪيرُ آهي، اسان کي جو ڊاهي؟
اسان تي جي الزام آهي ته ڇاهي؟
اها ڪا نئين ڳالهه ناهي او پيارا!

*

پاپُ

پاڻَ ته پاپُ ڪيو ئي آهي
ڇونه ڀلا سنگسار ٿيون؟
يا مُرڪي مُرڪي زَهرُ پيئون
۽ مري جيئون!

ڪنهن سان قولُ قرار ڪيوسي
ڄڻ دنيا تي وارُ ڪيوسي
پيارُ ڪيوسي، پاپُ ڪيوسي؟
پاپُ ڪيوسي؟!

ڌرتيءَ سان جي نينهُن نِڀائي
اُن سان جيڪو ناتو آهي
ڪين ڇِنوسي، يا حقُ پنهنجو
کَسي کنيوسي، ڪين پِنيوسي
پاپ ڪيوسي؟

نينهَن کي گِيتن ۾ ڳاتوسي
ڏينهَن کي گِيتن ۾ ڳاتوسي
رات کي هردم رات چيوسي
پاپُ ڪيوسي، پاپُ ڪيوسي؟!

پاڻَ ته پاپُ، ڪيو ئي آهي
ڇو نه ڀلا سنگسار ٿيون؟
يا مُرڪي مُرڪي زَهرُ پيئون
۽ مري جيئون!

ياد پرينءَ جي

يادِ جيئن جيئن پرين!، تُنهنجي ايندي وئي
دردَ جي هر گهڙي دُور ٿيندي وئي

هر طرف روشني، سازَ، سُرهاڻ آ
مُنهنجو مَنُ موجَ ۾، ڄڻ ته مهراڻ آ
جنهن ۾ اِحساسَ مِٺڙا ڇڏيندي وئي
يادِ جيئن جيئن پرين! تُنهنجي ايندي وئي

توکي ساري مان سُپرين! ستس جنهن پلڪ
ڏينهنَ جا ڏُک وِسري ويا تنهن پلڪ
مُنهنجي خوابن ۾ خوشبوءِ ڀريندي وئي
يادِ جيئن جيئن پرين! تُنهنجي ايندي وئي

تو سواءِ زندگي ڄڻ مِٺو زهرُ هئي
دل ڊٺلَ شهرَ جي ڪوئي کنڊرُ هئي
قُربَ جا ڪوٽَ اُن تي اَڏيندي وئي
يادِ جيئن جيئن پرين! تُنهنجي ايندي وئي

يادِ جيئن جيئن پرين!، تُنهنجي ايندي وئي
دردَ جي هر گهڙي دُور ٿيندي وئي

روشنيءَ جو سفر

ڳالهِه سولي نه آ
ڳالهِه سولي نه آ

مُورکن جي شهرَ منجهه ڏاهو ٿيڻُ
وهَه پيئڻُ!
تيز طوفانَ سان دِيپَ جو اٽڪجڻ
پوءِ به جلندو رهڻ!
راتِ کان ڏينهن ڏي، روشنيءَ جو سفُر
ڳالهِه سولي نه آ

ڪُجهه پهر ڏُک ڏِسڻو ته پوندو ضرور
بند اونداهي ڪمري مان نِڪري جڏهن
صاف روشن فضا ۾ ٿو اچجي تڏهن
تِرورا تِرورا ڇائنجي ٿا وڃن
ڪُجهه پَلڪ ڪُجهه ڏسڻ ۾ اَچي ئي نٿو
روشني ڄڻ ڪنڊن جيان چُڀڻ تي لڳي
سوجهري سونَ جهڙي کي پڌرو پَسڻ
خوش ٿيڻُ!

ڳالهِه سولي نه آ
ڳالهِه سولي نه آ

جيون

جيونُ ڪنهن جيءَ يادِ جو نالو
جيونُ ڪڙيءَ دوا جو پيالو

جيونُ سُرَ، سُڳنڌ، اُجالو
جيونُ اکڙين منجهه جُهڙالو

جيونُ گُل جئن ماڪَ ۾ آلو
جيونُ جذبن تي ڪو تالو

جيونُ ڪوئي ٽَهڪ نِرالو
جيونُ ڄڻ ڪو من پُورالو

جيونُ تيزِ اُڏام اپالو
جيونُ سُستي، ڏُکَ، ڏيوالو

جيونُ روشنين جو حوالو
جيونُ، غربتَ، بُکَ جو ڀالو

اڃا اسان جو دؤر آ

اڃا اسان جو دؤر آ
اڃا اسان جو دؤر آ
او ڪُوڙَ جا پيمبرؤ!
پري رهو، پري رهو!

اَڃا ٿو پيارَ جو شهرُ وَسي پيو
اِنهيءَ تي مينهنُ نينهنَ جو وَسي پيو

اڃا ٿي سِينڌ سونهَن جي سنوارجي
اڃا ٿي ڪنهنجي واٽَ پئي نهارجي
جُدا ٿي روئي راتِ پئي گُذارجي
اڃا ملڻَ جي آس دل ۾ ڌارجي
اَڃا نه پنهنجو پيارُ ٿو وِسارجي
ڍڪي اکين ۾ ساهَه ۾ ٿو سارجي
غَمن ۾ هانءُ ڪين پيو ٿو هارجي
پکي پيو ٿو پيارَ جو اُڏارجي
اَڃا ڪيلُ قول پيو ٿو پارجي
اڃا ڀي ساهُه ديس تان ٿو وارجي
اڃا ٿي ناوَ سير مان اُڪارجي
اڇا سُتل سوچَ ٿي اُٿارجي
اڃا ڀي مَچُ ڏاتِ جو ٿو ٻارجي
۽ راتِ مان ڪو سِجُ ٿو اُڀارجي

اڃا اسان جو دؤر آ
اڇا اسان جو دؤر آ

اَڃا ته لاٽَ سچَ جي جلي پئي
۽ ڀُڻڪَ سُورَ ڀُڻڪَ سان سَلي پئي
اڃا نه دل کان دِل، ڪا دِل پَلي پئي
نه رازُ اکِ، اکِ کان آلي پئي
اَڃا ته سِڪَ راهه ٿي جهلي پئي
اڃا به جَنگِ ڪِرڀَ سان هلي پئي

سو ڪُوڙ جا پيمبرؤ!
پري رهو، پري رهو
اڃا اسان جو دؤر آ
اڃا اسان جو دؤر آ

دعا

شالَ هي ديسُ ٺَري
ڏاڍُ ڏَري، ڏاڍُ مري

کيتَ ۾ سنگَ پچَن
رنگَ رچن، انگَ نچن
پيارا پيغامَ کڻي
ڪانگَ اچن، مَچَ مچن

سونهن سينگارُ ڪري
ميتُ وري، مهر ڪري

شالَ هي ديسُ ٺَري
ڏاڍُ ڏَري، ڏاڍُ مري!

سچ اوچوئي رهي
سورَ سهي، ڪين ڊهي
سچَ جيان سنڌو اَمر
تارِ وَهي، ڪين لهي
رُڃَ جي اُڃَ مري
پارِ پري، ٿَرَ ڀري
شالَ هي ديس ٺَري
ڏاڍُ ڏَري، ڏاڍُ مري!

شال! هي ديسُ ٺري
ڏاڍُ ڏَري، ڏاڍُ مري!

گونگو پيارُ

”ٻَهڳُڻَ وانگي ٻَهڪي شالَ
مُکڙين وانگي مَهڪي شال“
جنهن لئه جهولَ جهليندو آهين

ڏينهنُ سڄو ۽ راتِ سڄي پيو
جنهن بابت سوچيندو آهين
جنهن جو چهرو چَريا ماڻهو
تارن ۾ ڳوليندو آهين
اکِ ۾ اُن جي ڪَکَ پوڻ تي
پاڳُل بڻجي ويندو آهين
ساري گهرَ جي اکِ بچائي
موتين کي روليندو آهين؟

روزُ پيو سوچيندو آهين:
”اڄُ اُنهي جي آڏو ايندس
پيارَ جا گُلَ سمورا سوئي
لفظن جا ڪي موتي ميڙي
اُن جي قدمن ۾ هاريندُس
دل ۾ ڪائي ڳالهِه نه رکندس
ساري ساري سُور سليندُس“

سِڪَ سنڀالي سيني ۾
پَڌرو پيارَ ڪرڻ جو سوچي
پوءِ ڇو منهنجا دوستَ! جڏهن
هُن جي سامهون ايندو آهين
پِنڊ- پَهڻ ٿي ويندو آهين؟

واهَه! عجب تون ماڻهو آهين
حيرتَ جهڙو ماڻهو آهين!!

آخري رستو

هاڻي موٽَڻ جو ڪٿي آ، امڪان؟

سارو جيونُ ته داوَ تي آهي
هر ٽَهڪُ، لُڙڪَ جي آ نانءِ ٿي ويو
دردَ- درياهُه آهي اُٿلي پيو

سارا رستا وڃائي آياسي
سارا ٻيڙا جلائي آياسي
آڳِ آهي اڳيان
پُٺيان پاڻي
۽ هاڻي!

جِيتَ ملندي ته ڀلا چئبا ڀاڳَ
هارَ هرڪا به اکين تي آهي
آءٌ ته پوءِ تنهن کان اڳي
ڪُوڙ جو ڌُوڙ مُنهن ۾ پائي وڃي
(پنهنجي ئي)
رات هر سونهن کي ڳڙڪائي وڃي
(سجَ سوڌي)

راتِ ڪاريءَ جي اکُين منجهه
کُپائي اکيون
ساري سگهَه ميڙي سَهيڙي اُن سان
جهيڙي ڏيون، وڙهندا رهون
وڌندا رهون، مُنهنجي جان!

هاڻي موٽڻَ جو ڪٿي آ، امڪان؟

وڇوڙي جو پهريون نظم

تون وئي آن ته ايئن ڀاسي ٿو

چو ڏِسائُن ۾ ڌُوڙ اُڏري ٿي
وقتَ جا پيرَ ڄڻ ته وَڍجي ويا
هر گهڙي سالَ وانگي گُذري ٿي

ڪنهن به گُلَ ۾ سُڳنڌِ ناهي رهي
بس اُڀا تيز صرف ڪنڊا هِن
آڱرُين ۾ ٿا جيڪي لهندا وڃن

ٽيپِ تان ڪوبه خوبصورت گيتُ
صرف هڪ شورُ ٿو لڳي هاڻي
دردَ کي عُمرِ ٿي آ ساماڻي!

پاڻ کي پاڻُ اوپرو ٿو لڳي
ٽهڪَ تي روڄَ جو گُمان ٿو ٿئي
ڄڻ ڏِسڻ ۾ ڀَڳل لڳان ٿو مان
آئيني کي مُئل لڳان ٿو مان

تون وئي آن، ته ائين ڀاسي ٿو!
تون وئي آن ته ايئن ڀاسي ٿو!

*

دل جي ديس مان جلا وطن يادون

اُهي به ڏينهن هئا:

روزُ روزُ ملبو هو
۽ ڳالهِه ڇا به هجي
ٽهڪَ ڏيئي کِلبو هو

چَپنِ تي پنهنجون پرايون، هزار آکاڻيون
ادبَ تي، آرٽِ تي، فلمن تي ۽ ڪتابن تي
طويل بحثَ رُساما، عَجب عَجب ڳالهيون!
۽ وِچ ۾ وري اکڙينِ جون پنهنجون شيطانيون
عجب نَشي ۾ ٿي گُذريا، هي ڏينهنَ ۽ راتيون
نه پنهنجو هوشُ، نه دُنيا جي ڪا خبرَ پرواهَه!

۽ هي به ڏينهن ٿيا:

ٿا ڪڏهن ڪڏهن گڏجئون
مِلون ته ائين جو ستَ ڪوٽَ اوپرائپَ جا

ڪنهن [1]JOKE تي به رُڳي مُرڪَ، سا به زوريءَ جي
نه مان ئي ساڳيو اُهو ۽ نه تون اُها ساڳي
اکيون اُهي ئي مگر، هاڻي تِن ۾ ويرانيون!
پرائي ديسَ ۾ ڪنهن اجنبيءَ جون حيرانيون!
ٻه چار جُملا، لڳن ٽيپِ ٿيلَ زبانن تي:
”اوهان جي ڪيئن آ طبيعت،
ڪٿي ۽ ڪيئن آهيو؟
لکو ٿا؟
لکڻ به شايد ڇڏي ڏنوَ هاڻي!
گهڻن ڏينهنِ کان اوهان جو نه ڪُجهه پڙهيو آهي
ڏسو ته ڪيڏي نه آهي خراب موسمَ اَڄ
هَوا ۾ ڪيڏي مٽي!
بس زڪام، کنگهِه، بُخار!!“

۽ وِچَ ۾ وري خاموش چانهه جو وقفو:

جي ڪوپ ڏيندي ٿئي آڱريُن جو ٿورو ڇهاءُ
تَڪڙ ۾ هَٿُ ڇِڪڻ، [2]SORRY ٿورڙو پڇتاءُ!
نگاهون هيٺ، رُڳو ماٺِ، ماٺِ ڀي هڪ گهاءُ!
عذابُ ماٺِ جو جنهن پل وڌي وڃي حد کان
”چڱو، هلان ٿو!“ چوڻ:
دَرَ ڏانهن وڌڻ، وڌي رُڪجڻ
اَجائي آسَ، اِجهو موٽَ ۾ ڪوئي چوندو:
”اڃا ته ويهُه اَڃا وقت ئي ٿيو ڇاهي؟
جڏهن به ايندين، ائين تَڪڙِ ئي ڪيون ايندين!“

مگر جوابَ ۾:

”پوءِ چڱو، وري اچجو!“
ٻُڌي، نِڙيءَ ۾ ڪائي شيءِ اَٽڪندي ڀاسي
۽ تيز تيز قدمَ، ڌُوڙ ڌُوڙ راهُن تي.
اِهي به ڏينهن ٿيا!
ها، اِهي به ڏينهن ٿيا!!

___________
[1] . مذاق : Joke
[2] . افسوس: Sorry

اُداس پل جو هڪ وعدو

مان پنهنجي پاڻَ سان
اهڙو ڪيان ٿو وعدو اَڄُ

ته تُنهنجي نينهنَ جي ناتي نه
آئيندي جيئبو
نه مُرڪبو ئي وري، هاڻي تُنهنجو نانءُ وٺي
نه تنهنجي راهَه گُذارن تان گُذريو هاڻي
جي گُذريو به ته، ڪنڌُ هيٺ ۽
جُهڪيلَ اکيون.
نه تنهنجو خيال، نه جذبن جي ڪائي ڪِتڪائي
نه جاڳَ ۽ نه وري ڪا اکيُن ۾ لالائي

جي ذڪر آيو ڪٿي، تُنهنجو
ڪنهن به محفلِ ۾
ته اهڙو ڏيکُ ڏِبو، ڄڻ نه ڪا شناسائي،

اڪيلو ڪمري ۾ ويهي ۽ توکي يادِ ڪري
ڪو غزلُ لِکبو ۽ نه ڪو شعرُ
تُنهنجي نانءِ ڪبو.

جي دِل گُهري ڪنهن پُڇيو دوستَ
تُنهنجي باري ۾
ته ٽهڪُ ڏيئي وڏو چئبو:

”ڪُوڙ هو سڀ ڪجهه
مڙيئي دل پئي وِندرائي سي
ٻه ٽي ڏينهنڙا
اسان ۽ پيارُ!!، ڪو کوڙو
لڳي ٿو دوستَ ڀلا؟!!“

نه تُنهنجو ساٿُ، نه آٿتُ، نه هانوَ تي ڇَنڊو
ته پوءِ روزُ دُکن جا صليبَ ڇو کڻجن؟
ڇو روزُ مَرجي ۽ ڇو روز رولجَن موتي،

جي جيتَ ناهي اسانجي ته ماتِ ڇا جي لاءِ؟
ڊگهو سفر ۽ اُداسيءَ جي راتِ ڇا جي لاءِ؟
سدا اَڪيلو رهان
سو چڱو آهي اڳنا
مان پنهنجو پاڻَ سان اهڙو ڪيان ٿو
وعدو اَڄُ

ته هاڻي ڪنهن سان به ڀُلجي ڪڏهن
نه پيار ڪبو!

ناشُڪري

پرين!

مُنهنجي ننڍڙي گَهر ۾
خُدا جو ڏِنو
سڀ ڪجهه آهي
سواءِ تُنهنجي!

سائينم سدائين ڪرين...

هِن ٽرينِ جي
هڪ گاڏي ۾
ٻين گهڻن ڌارين سان گُڏ
هڪڙو محبوب مُرڪندڙ چهرو
ڀي آهي

هِن ٽرينِ کي پنهنجيءَ
پناهَه ۾ رکجانءِ
سڀ سُکَ هِن جي راهَه ۾ رکجانءِ

يا خدا!
يا خدا!

ڪُوڙ

ٻالپڻ کان ٿا
اِهو ٻُڌندا اَچون

ڪوئي جي يادِ ڪري ٿو ته
ٿئي ٿي هِڏڪي
پر اِهو ڪُوڙ، صفا ڪُوڙ
لڳي ٿو هاڻي

ايئن هجي ها ته پوءِ
تُنهنجي هِڏڪي

بندِ ئي ڪين ٿئي ها
سانئڻ!

هڪ مجبوري آ

جڏهن به سُکَ جي هر شاهراهَه
بند ٿي وئي
۽ روڳَ- رستي تي ٿِڙندو رهيس ۽ ٿُڏبو رهيس!
نه ڪوئي سڏُ ٿيو، هٿُ وڌيو
نه ٽيڪَ ملي،
رُڳو اهوئي ٿيو، مون تي ٽَهڪَ ڏيئي وڏا
هوا کِلي آهي، رستي جي
هيکلائي کِلي
۽ اَڌ سُڪل ڦَٽن تي هي روز رُهنڊَ نئين
سڀيئي رستا مُنجهيلَ
خواب خواب راهَه سنئين
ٽهڪَ جي نانءَ کان نا آشنا هي چَپَ مُنهنجا
بَسنت- رنگَ کان اوپريون نگاهون هي
ڪنهن هڪ نهارَ لئه
سالن کان منتظر اکڙيون
جنين جي ڀاڳَ ۾ لِکبيون رهيون ٿي مايوسيون
نه ڪنهن جي پيارَ جو امرتُ، نه جيئڻ لئه اُتساهه
لڳي ته ساهُه، هرهڪ ساهُه
آهي پويون پَساهُه!!
تڏهن جن دل جي انڌيرين گِهٽين کي روشن ڪيو
۽ ماءُ جيان وجهي ڀاڪرُ، چُميو نِرڙ، منهنجو
انهن جن منهنجي خيالن جا ديپَ ٻاري ڇڏيا
۽ وارَ سوچَ جا، پاٻوهَه مان سنواري ڇڏيا
جنين حياتي ڏني مُنهنجي
مُئلَ لفظن کي
۽ گهاوَ گهاوَ اُميدن جي ڪئي مسيحائي!
اُنهن جي هوندي حياتيءَ مان گُم تنهائي.

پوءِ هاڻي عرصي پُڄاڻان
جي مُرڪَ، مُرڪي آ
سدا جي ننڊَ وِساريل اکين کي خوابَ مليا
سُکن آ ڪنڌُ ورائي ڏٺو، ڏِسي ۽ کِليا
۽ دل جي باغَ ۾ ڪجهه رنگَ رنگَ ڦولَ ٽِڙيا
ته هاڻي ڪيئن ڪري ٿو سگهان ۽ ڪيئن ڪيان؟
پُراڻا دوستَ ڇڏيان؟!
ايئن ڪٿي ڪري ٿو سگهان!!

ٻه ٽي جي سُکَ مِليا هِن ته پوءِ
هاڻي مان

”دُکن کي ڪيئن چوان؟
دوستَ منهنجو دَرُ نه ٽَپو!!“

*

اداڪار

تون سدا مونکي ”اَداڪار“ سڏيندي آهين
”ڊائلاگن“ جو ڏئي نانءُ ۽ مُنهنجا جذبا
روزُ ماريندي، جيئاريندي آهين

مون نه توکان جي ڪوئي زخم لِڪايو آهي
جيڪي ڪُجهه ڀي آهي ڀوڳيو سو
ٻُڌايو آهي
مون نَڪو ڪُوڙ ڪيو آهي ڪڏهن ڀي توسان
جيڪي اندر ۾ هُجي، چهري تي سو ظاهر ڪيو آ
دَردَ دل ۾ ئي دٻائي دِل جا
ڪين ڪو ٽهڪُ لڳايو آ، جي

ان جو مقصد ڪو ائين ناهي ته مان
توکان همدرديون حاصل ٿو ڪرڻ چاهيان ڪي،
۽ مُنهنجو پيارُ فِلرٽ آهي، اَداڪاري آ
ائين ناهي، ائين ناهي سانئڻ!

هڪ شاعرَ وٽ لفظن کان سواءِ ڇا ٿو ٿئي؟
عام ماڻهو به ته لفظنِ جو سهارو ٿا وٺن
مون جي ورتو آهي ته ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟
تون مگر تِن کي سڏي ڊائيلاگَ
مُنهنجي جذبن ۽ منهنجي پيارَ جي
توهين نه ڪر.

تو جي پنهنجي مٿان هڪ خول ڇڏيو چاڙهي آ
ان جو مقصد ڪو ائين ناهي ته:

هر سچو پيارُ، ”اداڪاري“ ۽
هر سچو پيار ڪرڻ وارو، ”اَداڪار“ ٿو ٿئي!.

تنهنجي جنم ڏينهن تي

ڏُور
نيڻَ- نِهارن کان به ڏُور

روشنيُن جي شهرَ وچ ۾ ڪٿي
ڪنهن جڳمڳ جڳمڳ گهرَ ۾
ٺيڪ هن وقت سَنجها جي ويلي
هڙئي رنگَ گُلابن جا
سجائي مُکَ تي
پنهنجي پيارنِ جي ننڍڙي ميڙَ ۾ تون
ڍنڍَ ۾ نيلَ- ڪنولَ وانگي ڀاسندي هوندينءَ

۽ جڏهن ساريون وِسائي شَمعون
”بَرٿ ڊي ڪيڪُ“ ڪَٽيو هوندءِ تڏهن
جاڳي پيا هوندا چؤ طرف، اُن پل
”هيپي بَرٿ ڊي ٽو يُو“ جا آوازَ

ٺيڪ اُن وقت سَنجها ويلي مان
(مان جو تو ساڻُ حياتي ٿو گُذارڻ چاهيان
پر جنم- ڏينهنُ به تنهنجو توسان-
ڪين آهيان جو گُذاري سگهيو)

مان اهو ساڳيو مان

پنهنجي ڪمري جي قبَرَ ۾ پُوريل
تُنهنجي يادُن جي سحَر ۾ جَڪڙيل
شهرَ تُنهنجي ڏي مُنهن ڪري ٿو چوان:

”هيپي بَرٿ ڊي ٽو يُو او فرينڊ!
هيپي بَرٿ ڊي ٽو يُو او فرينڊ!!.“

سپنو ۽ ساڀيا

چوندي هئينءَ:

”ڏُکَ سُکَ ته ايندا ئي رهندا هِن
ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهِه تي گهٻرائبو ناهي
روئڻَ سان ڪهڙو مسئلو حل ٿيندو؟
دِل وڏي ڪرِ
ٺيڪ ٿي ويندو سڀ ڪجهه ئي.“

۽ راتِ جڏهن
ڊاڪٽر ڏَسي ويو آهي:

”مسٽر!
تُنهنجي دِل وڏي ٿي وئي آهي.“

ته روئين ڇو ٿي؟
گهٻرائين ڇو ٿي؟

اوسيئڙو

مان اُنهيءَ ڏينهن جي
اوسيئڙي ۾ آهيان سانئڻ!

شهرَ تُنهنجي جا، جڏهن سڀ ماڻهو
گُلَ هٿن مان رکي پٿرَ کڻندا
جن جي اکڙُين جي جڳهَه چهري تي
هوندا چڻ ڪي به سجايَلَ ٽانڊا
جن مان اُلري ڪي اُلا نفرتَ جا
مُنهنجي جذبن کي ڪندا
رکَ، ساڙي.

مان انهيءَ ڏينهن جي اوسيئڙي ۾
آهيان سانئڻ!

تُنهنجي گهرَ جيان، تُنهنجي دِل جا مون تي،
سڀ دروازا جڏهن بندِ ٿيندا
مون تي هڪ اوپري نِگاهَه وجهي
راهَه ۾ گڏجي تون گُذري ويندينءَ
۽ انهيءَ پل ئي، انهي راهَه مٿان
مان سندم پيارَ ۽ ويساهَه جا

وِکريلَ موتي
ميڙيندي ميڙيندي
راهَه جي ڌوڙ ۾ گُم ٿي ويندس.

مان اُنهيءَ ڏينهن جي اوسيئڙي ۾
آهيان سانئڻ!

درخواست

منهنجي سانئڻ!
سچ چوانءِ
ڪاوڙ ۾ تون بلڪل ئي سُهڻي لڳندي ناهين!

اُهي ٻيا ڪي چهرا هوندا
جن تي ڪاوڙِ ٺهندي آهي
تُنهنجو چهرو تن مان ناهي
تون ته سدائين
کِلندي/ٽِڙندي
ٺهندي آهين/ وڻندي آهين

تُنهنجي ڳلن ۾ ٽَهڪَ ڏيڻ تي
جيڪي چُگَهه پون ٿا
تن ۾ مُنهنجا خيال پيا
ٻُڏنِ تَرن ٿا، تَرن ٻُڏِن ٿا
تڏهن ته سانئڻ!
تو جهڙا ڪي سُهڻا سُهڻا
شعرَ جُڙن ٿا

مُنهنجي سانئڻ!
سچ چوانءِ؟

ڪاوڙ ۾ تون بلڪل ئي سهڻي لڳندي ناهين

تون ته سدائين کِلندي ڪرِ
ٽهڪَ ڏئي پئي ٽِڙندي ڪرِ!

لاڳاپو

روزُ ڪلاسَ ۾

قومن جي لاڳاپَن کي
پڙهندا آهيون
مان ۽ مُنهنجا هَم- ڪلاسي.

قومُون ڪيئن ٿيون جوڙن، ٽوڙنِ
پنهنجي وِچَ ۾ لاڳاپا!
ساري جڳَ جي ڳانڍاپي جي
ڄاڻَ اَسانکي

حيرتَ آ، پر
مُنهنجي ڀَرِ ۾ ويٺل مُنهنجي هَم- ڪلاسڻِ
مُنهنجو نانءُ به ڪين ٿي ڄاڻي

لاڳاپو ته پري رهيو!!

اسٽوڊنٽ لائيف

ڪاري رنگَ سان ٿَڦيلَ هڪ ديوارَ تي
چار مطالبا ۽ بس:
”......جا رسٽيڪيشن آرڊرَ واپس وٺو“
”ساٿيءَ...... جي گرفتاريءَ جا وارنٽَ رَد ڪيو“
”محترم...... کي آزاد ڪيو“
”شهيد...... جي قاتلن کي گرفتار ڪيو“
آخري مطالبو!!

ڊائري

وحشتُن ۾
ڏُکن ۾
ڪاوڙِ ۾

توکي چاهيو هيم، چَوڻ جيڪي
۽ چَئِي جو سگهيس نه
چاهيندي

اُهو سڀ ڪُجهه، ذَرو ذَرو ئي هُن

تُنهنجي بدران
ٻُڌو، سَٺو آهي.

مصلحت خداوندي

چوندا آهن:
ديوارُن کي ڪَنَ ٿين ٿا
پر اِهو به چڱو ٿيو جو
ديوارُن کي ناهي زِبانَ!

نه ته، ته جيڪر ڪيئي رازَ اُگهاڙا ٿين ها
ڪي ئي قِصا، اونداهُين جو سِينو چِيري
عام ٿين ها.
خولَ شرافتَ جا چهرن تان
لهي وڃن ها
۽ هيٺان جي ظاهر ٿين ها
چَهرا، ڪيڏا چَهڪَ ڏين ها!؟

ڪيئي سونا لڳندڙَ ماڻهو
رولڊ- گولڊ جا ثابت ٿين ها
سپنا، پنهنجي ساڀيائنُ تي
روئي ڏين ها،
ويساهُنِ جي وِکرڻ تي سڀ
سُندر سوچون وِههُ پيئن ها
(جاڙَ جيئن ها، جي جيئن ها!)

چڱو ٿيو جو
ديوارُنِ کي ناهي زِبانَ.

سوالَ جي ديوارَ

ڪُجهه ڪجي، ڪُجهه نه ڪجي
جي وِچَ ۾

جسمُ سارو ٽِياسَ تي ٽَنگيل
هر گهڙيءَ جي هٿنِ ۾ آ پٿرُ
راهَه آهي جو ڪا سُجهي ئي نٿي
اَجنبي شهرَ ۾ مُسافر ڄڻ

هر طرف آ سوالَ جي ديوارَ:

سُور سَهجن ته ڪنهن جي خاطر، ڇو؟
گيتَ سَرجنِ ته ڪنهنجي خاطر، ڇو؟
ڇا ڪجي، ڇا نه ڪجي جي وِچَ ۾

راتِ ناهي تڏهن به راتِ لڳي
جيتَ توڙي تڏهن به ماتِ لڳي

ڄڻ اُداسيءَ جي آهي ڪا موسم
زندگي ڪربلا، سدا ماتم
مُنهن تي هيڊَ جا گُهمايل هٿَ
هٿَ- لَڪيرون اڀاڳَ ۾ وِهنتلَ
دردَ آهن جو هر طرف ڦهليلَ
ڇو ڪجي، ڇو نه ڪجي جي وِچَ ۾
هڪڙو چهرو اڃا جو آ پيارو
راتِ ڪاريءَ ۾ ذَهنَ جي اُڀَ تي
پرهَه جو ڄڻ ته هيکلو تازو

خيالَ جاڳائي ٿو جيئڻ جي لاءِ
۽ وري نئون زهرُ پيئڻ جي لاءِ

وعدي خلافي

هڪڙو وعدو جو ڪيو
تون ۽ مان

روزُ هر راتِ سمُهڻ کان اڳ ۾
هڪٻئي جي ڪري
گهرَ ڏي مُنهن

دوستَ!
چونداسين ”خدا حافظ“، سو
تون به هر راتِ ائين ڪيو آهي
مون به هر راتِ ائين ڪيو آهي

معاف مونکي ڪجانءِ دوستَ!، مگر
راتِ وعدي خلافي ٿي ويئي
روئندي راتِ ئي لنگهي ويئي.

سوچيندو آهيان

ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان:

مان اهڙو بي ڏوهي جنهن تي
ڏوهي ڪوٺي
ڏوهَه مڙهيا ويا آهن ڪيئي
رشتا ناتا جهڙا پاڇا
راتِ ٿيڻ تي ساٿُ ڇڏي ويا
نيٺ سڀيئي!

ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان:

تُنهنجي مُنهنجي گهرَ جي وِچَ ۾
آهي هڪڙي،
دُشمن ملڪنِ جي وِچَ واري
حدَ- لڪيرَ
جنهن کي تو، مان نانءُ ڏنو آهي
تقدير!

ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان:

ڳالهيون سڀ اجايون ڳالهيون
سپنا سڀ اجايا سپنا
تنهنجو پيارُ اَجايو سپنو
قول قرار اَجايو سپنو
جو ڪجهه ڀي مون سوچيو هو سو
سڀ وهنوار اَجايو سپنو

ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان:

۽ پوءِ
چُپ ٿي ويندو آهيان!

خودڪشي

پنهنجي گيتن جيان
پنهنجي غزلن جيان
جنهن کي چاهيو هئم

هُو لُڙڪنِ ڀريلَ زندگيءَ ۾ هيو
ٽِڙيل ٽَهڪُ ڪو
سڏُ هو مُنهنجو، جيڪو پڙاڏو هيو
آسَ هو جيڪو ۽ ڄڻ دلاسو هيو

پنهنجي سپنن کي جنهن سان
سجايو هئم
جنهن کي ڳايو هئم
پنهنجي گيتن جيان
پنهنجي غزلن جيان

حالتُن اڄ ائين آهي ٽوڙي ڇڏيو
مُنهنجي سوچُن جي ڌارا کي موڙي ڇڏيو
جو اُنهيءَ کي به دل تان وِساري ڇڏيم

پاڻ کي پاڻُ ئي ڄڻ ته ماري ڇڏيم!

ڊيٽ ايڪسپائرڊ لوَ[1]

مُنهنجي جيونَ مان رَسُ ڪڍي، چَسُ ڪڍي
ٻُڪَ جي سِيرَ مان، پاڻيءَ جيان وئي هئينءَ نِڪري

پيارُ تُنهنجي جي مون کي، ڪيڏي ضرورتَ هئي تڏهن
ڪوبه اِحساس، ڪوئي قياسُ نه ٿيو هو توکي
تو بعد ڪيڏو ويو هئس وِکري
ڪيڏي غَمناڪ ۽ گُمنام حياتي گهاريم
ڪيترا زخمَ مِليا، ڪيڏو نه بدنام ٿيس!

هاڻي هر زخمُ، هر هڪ غَمُ ڀلائي جڏهن
زندگي پيارَ سواءِ گهارڻ جو
ڍنگُ آهيان مان سِکيو، تون تڏهن
پنهنجي ماضيءَ جي مُحبت جا حوالا ڳولي
مُنهنجي جيونَ ۾ موٽَڻ ٿي گُهرين

پر سانئڻ!

پنهنجو هيءُ پيارُ کڻي واپس وَڃُ
ڪابه همدردي، ڪوئي پيارُ نه گُهرجي مون کي
هاڻي ڪوئي جي مِليو پيارُ مري ويندُسِ ۽
ڪنهن طرح آءٌ مري وڃڻ لئه،
راضي ناهيان!
*

__________
[1] . مُدي خارج پيار:Date Expired Love

نيم پليٽ

دوستَ هڪ هڪ ڪري سارا ئي ڇڏي ويا آهن
دل جون ڳالهيون ويون دِل ۾ گُهٽجي
مُنهنجا جذبا، قبرستانَ جي قبرُن تي رکيل
تيلَ- ڏِيئَن جيان اُجهامي ويا هِن

ڪيترو آهيان ڊِنل، ڪيترو اُجڙيل ٿو لڳان
ڏينهن ٿيا دَرَ تي ڪو کڙڪو ناهي
(ايئن محسوس ٿو ٿئي، دَرَ ۾ ڪَڙوئي ناهي!)

کوکِلا ٽهڪ ڏئي، ڏينهنُ سڄو گهاريو ٿَم
هاڻي پويون آ، پهرُ رات جو ۽ مان آهيان
مُنهن وِهاڻي ۾ وجهي، سُڏڪي رهيو آهيان ۽
ٻاهر دَرَ تي هوءَ کِلي پئي مون تي

نانءَ مُنهنجي جي ئي نيم- پليٽ!


___________
[1] . نالي واري تختي:Name Plate

لوڪ ڪهاڻي

ڏينهن ٿيا جو
سونهنَ- نگر جي شهزاديءَ
”آزاديءَ“ کي
ڪوهَه قافَ جي وحشي، ڪاري، ڪاڻي ديوَ
کڻي وڃي، آ قيد ڪيو

سونهنَ- نگرَ جو راجا، راڄُ
ڏاڍو حيران، پريشان
هُت شهزاديءَ ”آزاديءَ“ جو ڀي
ڄڻ ته رهي ٿو مُٺِ ۾ ساهُه
روزُ جيئي ٿي، روزُ مري ٿي

جنهن جي کِلڻ سان گُلَ ٽِڙيا ٿي
ڳوڙها ئي تَنهن جا مهمانَ
سونهنَ- نگرَ جا هڙَ شهزادا، جُنگ جوانَ
ڪاڻي ديوَ جي قيدَ منجهاران
کيس ڇڏائڻ جيئن ويا هِن، وريا ناهن
راهُن ۾ ئي ڪاڻي ديوَ جي جادوءَ هيٺ
هو هڙئي هٿيارن سوڌا
پنڊ پَهڻ ٿي سڀ ويا هن

تنهن کي ڪي ئي سال ٿيا هِن

ڪاڻي ديوَ جي قيدي، شهزادي ”آزاديءَ“ جي
نيڻن ۾ هيءَ آسَ اَڃا ڀي
ٽِم ٽِم، ٽِم ٽِم ڏيئي وانگي جَلي پئي:

”ڪوئي ته ايندو، ڪوئي ته ايندو،
جيڪو جادوءَ کي ٽوڙيندو،
جيڪو جادوءَ کي ٽوڙيندو!!“

وولڪينو

هاڻي مُنهنجو خير نه آهي!

شهرَ جي هڪڙي ڀريل چؤنڪَ تي
هُن، مُنهنجي نِڙ- گهُٽَ تي نَنُهن ڏئي
حُڪم ڪيو هو:

”ڏينهنَ ڏِٺي کي راتِ چوڻ جو،
ڪاريءَ راتِ کي ڏينهنَ مڃڻ جو“

مون چاهيو پئي:
”ها“ ڪيان جو، (نِڙگهُٽَ مُنهنجي تي نَنهُن هو)
پر واتان هي نِڪري ويو آ
”ائين ته ناهي، ائين ته ناهي“
هاڻي منهنجو خيرُ نه آهي!

پر ايئن ناهي، پر ايئن ناهي
هاڻي هُن جو خيرُ نه آهي!
ڇو ته اسان جي چئني پاسي
ميڙُ ڪري بيٺلَ ماڻهن مان
هرڪو ماڻهو سمجهي ويو آ
ڪُوڙو ڪيرُ ۽ دوکو ڇاهي؟
هو ماڻهو ڇا ڇا ٿو چاهي
هرڪو ماڻهو سمجهي ويو آ
ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي اک ٽانڊو
ٿيڻ لڳي آ
ٻانهنَ ٻانهنَ ۾ چُرپُر آهي!

هاڻي هُن جو خيرُ نه آهي!
هاڻي هُن جو خيرُ نه آهي!!
*

_________
[2] . ٻرندڙ جبل: Volcano

تَئي جي پُٺِ

مان اَڄُ جي تاريخَ لِکان ٿو!

”شهرَ سڄي ۾ ڪيڏو سُک آ
ڪيڏو آهي سُڪون!
همتَ جي ڪا کوٽِ نه آهي
ڪنهن به دل ۾ خوفُ نه آهي
ٻڪري، شينهُن ٿا، هڪڙي گهاٽَ تان اُڃَ اُجهائِن
هوندي وارا اَڻهوندَن کي سيني لائنِ

ڪنهن به پيٽَ سان هاڻي ٻَڌل ڪو پَهڻ نه آهي
ڪنهن به اکِ مان لُڙڪنِ جو ۽ وهڻ نه آهي
ڪوُڙ هيو جو، تنهن کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو
سچايُن سان آهي وعدو پاڙيو ويو
سچُ رهي ٿو، سَرهو هاڻي سوڀَ کِٽي
دوکي ۽ دولابَ جي آهي پاڙَ پٽي
شهَر سندم جو ڏيـهَنِ ۾ آ نالو ٿيو
شهرُ اُمُن جو آهي ڄڻ حوالو ٿيو
هر ڪنهن گهرَ ۾، سُک ۽ چينَ جو ديپُ ٻري
اهڙو بهتر حالُ ڏِسي ٿو هانءُ ٺَري.“
مون اڄُ جي تاريخَ لِکي آ

ڪيڏي مُنهنجي دِيدَ تِکي آ
پر سُڀان جا سڀ لَوڪو!
ڄاڻي وٺجو
مون جيڪي ڀي اڄ لکيو آ
ڪُوڙ لِکيو آ!
نَنهن کان چوٽيءَ تائين ڪُوڙ

سڀ ڪجهه اِن جي اُبتڙ آهي!

ڊهندڙ ماڻهو

صديُن کان وڃي پيو ساڳيو سازُ
سازُ بيڪار، بي سُرو آوازُ

زندگي آهي ڏاندَ گاڏيءَ جيان
۽ دُکن جو مٿانسِ بارُ سَٿيل
پاڻَ، بيمار، ڏُٻري ڏاندَ جيان
نَڪَ ۾ بيوسيءَ جي نَٿَ پيل
زندگانيءَ جي ڏاندَ گاڏيءَ ۾
ڄائي ڄَم کان ڍُڪايلَ آهيون اسين
ڪنهن اَڻ ڄاتي ماڳَ طرف
دردَ جي ڊاٻَ ۾
گِهلبا، ڪِرندا ۽ ڊهندا
هلندا هلون

۽ گهِلجڻ سان پيو ٿو پئدا ٿئي
سازُ بيڪار، بي سُرو آوازُ.

اڻانگو سفر

پکيئڙا!
جڏهن آهين اُڏرڻ سِکيو
۽ اُڏامين پيو
تڏهن ساهَه پنهنجي جو سانگو نه ڪرِ
اهو آهه ممڪن ته ڪنهن ڀي پهر
ڪنهن ظالم هٿنِ ۾ جهليل
ڪنهن غُليليءَ منجهان ڪو غُليلو اچي
اُڏامڻ ۾ توکي لڳي
ڦَٽَ ڏيئي وجهي
(تڏهن تون ڪِري ۽ مَرِي به سگهين ٿو!)

يا اَڻڄاڻ، بيڏوهي ڦاسِي پوين تون
ڪنهن ماريءَ جي چالاڪ چَنبن اندر
۽ راتيون گذارين ڪنهن پِڃري اندر
جي گهٻرائين، پَڇتائين پيارا پکيئڙا!
”ته اڳ ۾ ئي جيڪر اُڏامان نه ها“
(ته ڪانئرُ ۽ ڏوهي تون سَڏبين، سڄي ساٿَ ۾)

اُڏامَڻ جو ڏاڍو اڻانگو سفر
ڪڏهن، ڪجهه ڀي ٿي ٿو سگهي، ڪنهن پَهر
فضا ۾ اُڏامڻ سِکيو آن اگر
۽ پيارا پکيئڙا، اُڏامين پيو
تڏهن ساهَه پنهنجي جو سانگو نه ڪر!

ڄاڻ سڃاڻ

دنيا وارؤ!
سڀ سمجهان ٿو،
مون سان ڪيڏو پيارُ ڪيو ٿا!

ڏَڍُ ته ڏيو ٿا، پر وَڍَ ڏيئي
مُنهنجي خاطر
هٿ کڻو ٿا، دُعا پِنو ٿا
جيئڻ بدران، روز مَرڻ جي

سڀ سمجهان ٿو!
سڀ سمجهان ٿو!

ڌَر تَتيءَ ۾ لَڀندا ناهيو
ڇانوَ ٿيو ٿا پر سانجهيءَ جو
پنهنجو پيارُ ڏيکارڻ خاطر
کيرُ ته ڏيو ٿا، پر اَڪَ جو

دنيا وارؤ!
سڀ سمجهان ٿو
سڀ سمجهان ٿو
مون سان ڪيڏو پيارُ ڪيو ٿا!!!

توڏانهن......

مون کي آهن اکيون ڏِسڻ لاءِ
ڄِڀَ ڪُڇڻ لاءِ
ڪَنَ ٻُڌڻ لاءِ
هٿَ لکڻ لاءِ

تون چاهين ٿو، تُنهنجو ويٺو ڏاڍُ سَهان
گهَر گهَر ڀَنڀٽ باهِه ڏِسان
چُپ رهان ۽ ڪين ڪُڇان
”ديسَ سڄي تي ڌاڙا ڇو؟“
توکان ڪين سوالُ پُڇان

روحَ روحَ مان راڙِ ٻُڌان
سانتِ سَڳي سان چَپَ سِبي
اندرَ اندرَ ۾ پيو لُڇان
پنهنجو قلم ڀَڃي ڇڏيان
ڪجهه ڀي ڪين لِکان
لِکان ڀي جي آءٌ تڏهن، تُنهنجا گيتَ لِکان
تُنهنجيءَ ڪُوڙيءَ شهرتَ جا، ڪوڙَين ڪوٽَ اَڏيان

پر هي سڀ ڪجهه، مون کان ڪڏهين ٿيندو ڪونه
آءٌ سدائين لِکندو رهندس
ڏِسندو، ٻُڌندو، چوندو رهندس
آءٌ لِکڻ لاءِ قَلم جي کڻندس
تُنهنجو ڪُوڙ تڏهن ڦيرائي، تُنهنجي مُنهن ۾ هڻندس

ڇاڪاڻ ته
مون کي آهن اکيون ڏِسڻ لاءِ
ڄِڀَ ڪُڇڻ لاءِ
ڪَنَ ٻُڌڻ لاءِ
هٿَ لِکڻ لاءِ.

آواز ئي آواز

ماٺِ ڪڏهن ڀي ٿيڻي ناهي
ماٺِ ڪرائڻ وارا!
تون جي مون تي
(ماٺِ ڪرائڻ ڪارڻ)

سوٽَن جو ڪو سَٽڪو لائين
تَنهن سان ڀي آواز ٿئي

۽ جي ڌَڪَ لڳڻ تي ڪُڻڪان
۽ جي ڪائي دانهنَ ڪيان ٿو
تنهن سان ڀي ٿي ماٺِ ٽُٽي

۽ جي ٿو زنجيرَ وجهين
سي ڀي ٿا جَهنڪارون ڪَنِ
مَنڊُ ماٺِ جو ٿا ٽوڙنِ
سونهنَ، سُڳنڌ ۽ سچُ جتي
جَرڪيل جذبا جتي، اُتي
ماٺِ، ڪرائڻ وارا!
ماٺِ ڪڏهن ڀي ٿيڻي ناهي
ماٺِ ڪڏهن ڀي ٿيڻي ناهي!!

رُت بدل

هلڪو هلڪو راتِ ساري
مينهُن وَٺو
وڻ، جايون ڌوپِجي اُجرا ٿيا
چنڊَ جيان چمڪي پيا
صبح سان ڪنهن چيو پئي:
”مُندَ بدلي آ، بهاريون ٿي ويون“
سوچيو مون:
”پر اَڃا ڀي
مَنَ ماڻُهن جا پرين!
ڌوپِجي ۽ ڪين اُجرا ٿي سگهيا
ساڳي ڪارنهِن قَلب تي قائم رهي
ڪُوڙ جي ڪوٽَن جون ڪِنگريون
ڪَرَ کنيو بيٺيون رهيون
سي مٿانهينءَ کان ٽُٽِي
پَٽِ ڪاٿي هِن پيون؟
پوءِ چوين ٿو ڪيئن تون!
رُتِ بدلي آ، بَهاريون ٿي ويون“

رُتِ بَدلي ڪين آ!
رُتِ بدلي ڪين آهي!!

هٿ ٺوڪي نفرت

دوستَ!

ڀلي جي مون سان تون
پيارُ نه ڪرِ، نفرتَ ڪر
(جيئن گورنِ جي ڪارن سان-
غلط سلط، هٿ ٺوڪي نفرتَ)

مان ڄاڻان ٿو، پيارَ سندم جو
بُکَ وِگهي رُئندڙ ڪنهن ننڍڙي
معصوم ’نيگرو‘ ٻالڪَ جي
اوندهِه جهڙي ڳلَ تان ڳڙندڙَ
گرم، ڪَساري ڳوڙهي جيان
(جهولَ نه ڪائي جهلبي جنهن لئه-
مِٽيءَ ۾ جنهن کي مِلڻو آ)

ڪوئي ويليو (Value)[3] ڪونهي
مان ڄاڻان ٿو،
پيارَ سندم جو.

___________
[3] .مُلهه: Value

سچ

دل چاهي ته
ڪنهن به ويلي
ڏِسي سگهان ٿو
تُنهنجي مُک تي
سجَ لهڻ جو
ڏيکُ

بس هڪڙو ڀيرو
حرڪت واري مُرڪَ
چپن تي آڻي
توکي،
ڀڃڻي پوندي
اکِ.

جنم- واڌايون

صرف هڪ جُملو چوڻ چاهيان ٿو
ڪي گهڻيون ڳالهيون ته ناهِن چَوڻيون
دردَ ۽ دوستَ!
اُداسين جو ذڪر ڪرڻو نه آ
ڪي ميارون، نه شڪايتَ ڪائي
تو سان ڪرڻي آ، نه ٻُڌڻي آهي
تُنهنجو هٿُ ڀي نٿو چاهيان پڪڙڻُ
نه سندءِ خيالَ ٿو چاهيان جڪڙڻُ
مان اَڪيلائيءَ جي درياهَه اندر
ٿو وڃان ٻُڏندو مگر پوءِ ڀي
تُنهنجي ڳالهيُن جو سهارو ته نه ٿو
توکان گهُران!
تون مگر ايڏو پري، ايڏو پري
ڇو آهين؟
مُنهنجو هڪ جُملو به ڇو ڪين
ٻُڌڻ ٿي چاهين؟
ڪي گهڻيون ڳالهيون ته ناهن چَوڻيون
صرف هڪ جملو ته چوڻو آهي:
”جنم- ڏينهنَ جون مبارڪون توکي!،

هوم ورڪ

مون کي هيٺين سان اَچو، جوڙَ، ونڊَ، ڪَٽَ ضَرب ڪيو:

مان + نفرتون سنسارَ جون = ... ... ... ...!
مان – اَذيتون ويچارَ جون = ... ... ... ...!!
مان ÷ محبتون واپارَ جون = ... ... ... ...؟
مان x بي وفايون يارَ جون = ... ... ... ...؟؟

سراسري پاڇِي بچي:
= ڳالهيون سِڪَ ۽ پيارَ جون.

_________
[4] . گهرو ڪم: Home Work

خوشي

ڪنهن چيو هو ته:
”هُوءَ هتان لنگهندي“

۽ انهيءَ موڙَ تي مان
ڪيترا سالَ ائين بيٺو رهيس
جو سڄو انتظارُ بڻجي ويس
ٻئي اکيون، ديپَ هُن جي راهُن جا
۽ خيالنِ جون سڀ مُندون
هُن جون
ڪالهَه پر، هُوءَ جڏهن هِتان گُذري
اوپرائپَ هيس نِگاهُن ۾
هڪ گهڙي ڀي نه تَرسي
مُنهنجي لاءِ
”مان ته توکي نٿي سُڃاڻان!“
چئي،
سڀ مُندون، سڀ خيالَ
مون کان کَسي
هوءَ هوا وانگي آئي
گُذري وئي!

گيت

---

اياز گل جا گيت

اياز گلَ، پنهنجي شاعريءَ سان پُراڻي نسل جي شاعرن جي لڄَ رکي آهي.

ــــــــ آغا سليم

تون ساڻُ آن ته پيارا!

تون ساڻُ آن ته پيارا!
هر پل بهار آهي
توسان ئي پيار آهي

خوشبو کِلڻ آ تُنهنجو
مُرڪڻ ملهار آهي
توسان ئي پيار آهي

ويندين ته سُڃَ ٿيندي
ايندين سُڪار آهي
توسان ئي پيار آهي

گُل گُل ٽِڙي پيو آ
پَنَ پَنَ پُڪار آهي
توسان ئي پيار آهي

تون ساڻُ آن ته پيارا!
هر پل بهار آهي
توسان ئي پيار آهي

هڪ گيتُ لکڻ سان تُنهنجي

هڪ گيتُ لکڻ سان تُنهنجي
واکاڻِ نه ٿي سگهندي
پَڪ ڄاڻِ نه ٿي سگهندي

جا تُنهنجي آ، ٽَهڪنِ ۾
سا ڪڏهين گُلڙنِ ۾
سُرهاڻِ نه ٿي سگهندي
پَڪ ڄاڻِ نه ٿي سگهندي

جيئن پريتِ لڳي توسان
۽ روزُ وڌي توسان
ٻئي ساڻُ نه ٿي سگهندي
پَڪ ڄاڻِ نه ٿي سگهندي

هوندُس ڄڻ مان بَنَ ۾
ايندين جي نه جيونَ ۾
چانڊاڻِ نه ٿي سگهندي
پَڪ ڄاڻِ نه ٿي سگهندي

هڪ گيتُ لکڻ سان تُنهنجي
واکڻِ نه ٿي سگهندي
پَڪ ڄاڻِ نه ٿي سگهندي

توبِن ڪهڙا ڇانورا

توبِن ڪهڙا ڇانورا
او سانورا، او بانورا!

مُنهنجي ڇانوَ، ڇپرُ تون آهين
مان درياهُه، ڪپرُ تون آهين
او سانورا، او بانورا!
توبِن ڪهڙا ڇانورا!

سِيني ۾ دل ڌَڙڪي جيسين
تون مُنهنجو، مان تُنهنجي تيسين
او سانورا، او بانورا!
توبِن ڪهڙا ڇانورا!

مان تُنهنجي چرڻنِ جي داسي
او مُنهنجي مَنَ جا رهواسي!
او سانورا، او بانورا!
توبِن ڪهڙا ڇانورا!

ڏُور گُذارڻ اوکو آهي
دل کي ڏِيڻو دوکو آهي
او سانورا، او بانورا!
توبِن ڪهڙا ڇانورا!

دلِ ڪيَئي بيوسُ، مينهنڙا!

دلِ ڪيَئي بيوسُ، مينهنڙا!
وَسُ وَسُ مينهنڙا!، وَسُ

جوتِ جيان جَرڪي پيو جوڀنُ
تَنَ تان لاٿئي ڪَسُ، مينهنڙا!
وَسُ وَسُ مينهنڙا!، وَسُ

تُنهنجيءَ رِم جهِم منجهِه پرينءَ جي
ڳالهيُن جو آ چَسُ، مينهنڙا!
وَسُ وَسُ مينهنڙا!، وَسُ

تون ته سڄو جڳُ جهاڳي آئين
ساجَن جو ڏي ڏَسُ، مينهنڙا!
وَسُ وَسُ مينهنڙا!، وَسُ

پرينءَ بِنان هي سانوڻُ گُذريو
ڪيڏو ڙي بي رسُ، مينهنڙا!
وَسُ وَسُ مينهنڙا!، وَسُ

ڏِسي ڪائي موسَم، نه ڪوئي پهرُ

ڏِسي ڪائي موسَم، نه ڪوئي پهرُ
مُحبتَ به مٺڙا! ڪري ٿي قهرُ

نگاهُن ۾ موجُن جي مَستي ٿي آڻي
نئين ڪائي هستيءَ ۾ هستي ٿي آڻي
۽ دِلڙي بڻائي ڇڏي ٿي بحرُ
مُحبتَ به مٺڙا! ڪري ٿي قهرُ

جڏهن ڪنهن سان جذبن جا ناتا ٿي جوڙي
تڏهن سوچَ جي ساري ڌارا ٿي موڙي
اُنهيءَ بِن حياتي، ٿئي ٿي زهرُ
مُحبتَ به مٺڙا! ڪري ٿي قهرُ

خيالنِ ۾ خوشبوءِ ڀري ٿي ڇڏي
۽ رنگين جيونُ ڪري ٿي ڇڏي
اکين ۾ ٿي سپنَن جو جوڙي شهرُ
مُحبتَ به مٺڙا! ڪري ٿي قهرُ

ڏِسي ڪائي موسمَ، نه ڪوئي پهرُ
مُحبتَ به مٺڙا! ڪري ٿي قهرُ

مينهوڳيءَ جي مُندَ آ، مَنَ ۾

مينهوڳيءَ جي مُندَ آ، مَنَ ۾
مِٺڙا!، آڳِ لڳائي
يادِ آ، تُنهنجي آئي!

جيءَ ۾ جِهيڻا سازَ ڇِڙيا هِن
خوشبو خوشبو گُلَ ٽِڙيا هِن
مَنَ مَنَ مُند ملهائي
يادِ آ، تنهنجي آئي!

راتِ ٿيڻ ۾ پلَ ڪي ٿورا
هينئڙو مُٺِ ۾ هورا کورا
تُنهنجي ڪَل نه ڪائي
يادِ آ، تُنهنجي آئي!

راتِ ٿئي ٿي، چنڊُ چڙهي ٿو
گِهرا گِهرا گهاوَ گهڙي ٿو
يادُن ننڊَ ڦِٽائي
يادِ آ، تُنهنجي آئي!

مينهوڳيءَ جي مُند آ، مَنَ ۾
مٺڙا!، آڳِ لڳائي
يادِ آ، تُنهنجي آئي!

وستي هيءَ ڇڏينداسين

وستي هيءَ ڇڏينداسين
موٽي مُور نه اينداسين

پيارَ تي جت ڪو پَهرو ناهي
ڪُوماڻيل ڪو چهرو ناهي
ڏيهَه اُنهيءَ ڏي وينداسين
موٽي مُور نه اينداسين

پاڻَ رهاڪو دردَ- شهرَ جا
ديپَ اُجهاڻلَ پوئين پهرَ جا
سُک ڇا، ڪنهن کي ڏينداسين؟
موٽي مُور نه اينداسين

يادِ پُراڻيون يادون اينديون
اکيون اُڃايل ڀَرجي وينديون
جڏهن اڪيلا ٿينداسين
موٽي مُور نه اينداسين

وستي هيءَ ڇڏينداسين
موٽي مورُ نه اينداسين

ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ او ڇورِي!

ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ او ڇورِي!
ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ

ٽُٽڻي ناهي رُسي وڃڻ تي
پيارُ جي پُختي ڏورِي
ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ او ڇوري!

قُرب ڏئين نه، قُرب وٺين ٿي
ڳالهه ڪري ٿي ڳورِي
ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ او ڇوري!

کيٽو کيلُ ڇڏيندو ڊاهي
راتِ بچي آ ٿورِي
ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ او ڇوري!
ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ او ڇوري!
ڇڏِ ڇڏِ ڇيڳُ نه ڪرِ!

واڪا واڪا

واڪا واڪا
وِڃُ- وراڪا
مُنهنجا گيتَ اَلا!
سُر سنگيتَ اَلا!

سنڌڙي ساريو
هانءُ نه هاريو
ماتِ به جيتَ اَلا!
مُنهنجا گيتَ اَلا!

ماڻهو سهڻا
هئه مَنَ مُهڻا
مُنهنجا مِيتَ اَلا!
مُنهنجا گيتَ اَلا!

واڪا واڪا
وِڃُ- وراڪا
مُنهنجا گيتَ اَلا!
سُر سنگيتَ اَلا!

پيارَ کي تورين ٿي ڳهيلي!

پيارَ کي تورين ٿي ڳهيلي!
پيارَ کي تورين ٿي!!

ٿورو به ويساهُه نه مون تي
جذبا جهورين ٿي ڳهيلي!
پيارَ کي تورين ٿي!!

مون سان جو اورڻ گهُربو هو
جَڳَ سان اورين ٿي ڳهيلي!
پيارَ کي تورين ٿي!!

گڏجي ڏونگرَ ڏوريون ها
ڇو هيکل ڏورين ٿي ڳهيلي!
پيارَ کي تورين ٿي!!

لوڪَ هٿنِ ۾ پٿر ٿئي، تون
چَپَ ته چورين ٿي ڳهيلي!
پيارَ کي تورين ٿي!!

پيارَ کي تورين ٿي ڳهيلي!
پيارَ کي تورين ٿي!!

مُنهنجا گيتَ مڙيئي مٺڙا!

مُنهنجا گيتَ مڙيئي مٺڙا!
آهن تُنهنجي ڪاڻِ
شـــــالَ حيـــــاتي ماڻِ!

کِلَ ٿي تُنهنجي خوشبوءِ هاري
پِرهَه ڦُٽي ٿي يادِ ڏياري
تنهنجي ڳلڙنَ جي ڳاڙهاڻِ

شالَ حياتي ماڻ!
مَنَ ۾ ڪيئي ٽَهڪَ ٽِڙن ٿا
مٺڙا مِٺڙا خيالَ مِڙن ٿا

ڀيرو ڀَرين جي مُنهنجي ڀاڻِ
شالَ حياتي ماڻ!
تو لئه مُنهنجي دِلڙي ماندي

تُنهنجي جُدائيءَ پنَ- ڇَڻ آندي
آءُ ڪا رُتِ بسنتي آڻِ!
شالَ حياتي ماڻ!

منهنجا گيتَ مڙيئي مٺڙا!
آهن تُنهنجي ڪاڻِ
شالَ حياتي ماڻ!

جوتِ جلندي رهي

جوتِ جلندي رهي
جوتِ جلندي رهي

سچَ جي واٽَ تان، مُور هٽڻو نه آ
ڏُکَ پائي به سوچُن کي مَٽڻو نه آ
پيارَ جي پارَ ڏي ناوَ هلندي رهي

جوتِ جلندي رهي
جوتِ جلندي رهي

زندگي روئِي روئِي ته، کِلندي ضرور
نيٺ منزل ته هڪ ڏينهن مِلندي ضرور
آسَ دل ۾ اِها پيئي پلندي رهي

جوتِ جلندي رهي
جوتِ جلندي رهي
جوتِ جلندي رهي

سَکڻا سَکڻا ساهَه سنگيتَ

سَکڻا سَکڻا ساهَه سنگيتَ
مِيتَ بِنان هِن ڪهڙا گيتَ؟

ڳلَ تي چَمڪن لُڙڪن لارون
مَنُ وياڪل ڦاروُن ڦاروُن
ناهي پريتم، ناهي پريتَ
مِيتَ بنان هِن ڪهڙا گيتَ؟

پيارُ وٺي جن پيارُ ڏنو
نينهنَ جو ناتو ڪين ڇِنو
ڌارَ ڪيا سي جڳَ جي رِيتَ
مِيتَ بنان هِن ڪهڙا گيتَ؟

جن جي خاطر گيتَ چياسي
دردَ به پائي، مُرڪي پياسي
هاڻي ڪاٿي اهڙا ميتَ!
مِيتَ بنان هِن ڪهڙا گيتَ؟

سَکڻا سَکڻا ساهَه سنگيتَ
مِيتَ بنان هِن ڪهڙا گيتَ؟

دِل جا ديپَ اُجهاڻا راڻا!

دِل جا ديپَ اُجهاڻا راڻا!
کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

گُلَ مَنَ جا ڪُومائي پيئي
سيني سُورَ سمائي پيئي
يادُن جي جا آڳِ جلي آ
کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

جيءُ جذبن جو لاشو آهي
پِيڙائُن جو پاڇو آهي
مَنَ جي اُجڙيل ڳلِي ڳلِي آ
کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

اوسيئڙي ۾ اکڙيون ساڳيون
ڪَرَ موڙي هِن آسون جاڳيون
اَچُ مِلُ، هيءَ ئي مُندَ ڀلي آ
کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

دِل جا ديپَ اُجهاڻا راڻا!
کڻي اُجالو آءُ هلي آ!

ترائيل/ هائيڪا/ رينگا/ ٽِسٽا

---

اياز گلَ جو فن

اياز گلَ وٽ اُمنگ ۽ اُتساهه آهي، ٻهڳڻي ٻولي آهي ۽ شاعريءَ جو فن به آهي، انڪري سندس شاعريءَ جو آئيندو به اُجلو آهي.

ــــ هري دلگير

ترائيل

چُپ- چَپن تان سانتِ سَڳي جا ٽاڪا ٽوڙيو يار!
مَنُ ڪيڏو نه لُڇي ڦٿڪي ٿو، گيتَ ٻُڌڻ جي لاءِ
گُوندرَ- گهايل ڌرتيءَ کان مُنهن ائين نه موڙيو يارَ!
چُپ- چپن تان سانتِ سڳي جا ٽاڪا ٽوڙيو يار!

تارڻِ بدران ٻيڙِي هَٿن سان ڇو ٿا ٻوڙيو يار!
سُور رهيو آ، ڪهڙو باقي، هاڻي سَهڻ جي لاءِ
چُپ- چَپن تان سانتِ سَڳي جا ٽاڪا ٽوڙيو يار!
مَنُ ڪيڏو لُڇي ڦٿڪي ٿو، گيتَ ٻُڌڻ جي لاءِ!

*

وِساريو وِساريو، نه ساريو اسان کي
جيئڻ جا ٻيا ڀي گهڻا ڍنگَ آهن
ڀلا ڪيرُ ٿو چئي، پُڪاريو اسان کي
وِساريو، وِساريو، نه ساريو اسان کي

ڀلي جي دِليُن مان ڌِڪاريو اسان کي
اُميدن جا چهرا، نه ڀي رنگ آهن
وِساريو، وِساريو، نه ساريو اسان کي
جيئڻَ جا ٻيا ڀي گهڻا ڍنگَ آهن

*

هي ڊٺل شهرُ ڏِسي، هانءُ نه هاريو يارو!
ڇو ته ٿو جڳُ نئون ڀي ڪوئي جوڙي سگهجي
جوشَ ۽ اڌَ- مُئي جذبي کي جِياريو يارو!
هي ڊٺل شهرُ ڏِسي، هانءُ نه هاريو يارو!

ذهن جي قيدَ مان، سوچُن کي اُڏاريو يارو!
ماٺِ روئي يا ٽهڪ ڏئي ڀي ٿي ٽوڙي سگهجي
هي ڊٺل شهرُ ڏِسي، هانءُ نه هاريو يارو!
ڇو ته ٿو جڳُ نئون ڀي ڪوئي جوڙي سگهجي

*

سڀ اَڪيلو ته ڇڏي ڪين وڃو
مان ننڍي ٻارَ جيان روئي پوندس
مُنهنجو ننڍڙو هي مِٺا! عرض مَڃو
سڀ اَڪيلو ته ڇڏي ڪين وڃو!

پاڻَ کان ڌارَ ڪري دِل نه ڀڃو
دردَ مان دانهنَ ڪري روئي پوندس
سڀ اَڪيلو ته ڇڏي ڪين وڃو
مان ننڍي ٻارَ جيان روئي پوندس

*

تُنهنجي روئڻَ تي رُوح روئي ٿو
کِلُ، مون کي به آ، کِلاءِ پرين!
اهنجُ منهنجي اندرَ کي لوئي ٿو
تُنهنجي روئڻَ تي روحُ روئي ٿو

سورَ ۽ پُورَ دِل ۾ پوئي ٿو
ٽَهڪَ جي سُرَ ۾ سُر ملاءِ پرين!
تُنهنجي روئڻَ تي، رُوح روئي ٿو
کِلُ، مون کي به آ، کِلاءِ پرين!

*

اَچو مُرڪندي موڪلايون مِٺا!
جُدا ٿيڻ تي لُڙڪَ لاڙيون ڀلا ڇو؟
سڀئي دردَ دِل ۾ دٻايون مِٺا!
اَچو مُرڪندي موڪلايون مِٺا!

جي گُذريون گهڙيون سي ڀُلايون مٺا!
هي ڪجههُ پل سُکن جا ڀي ساڙيون ڀلا ڇو؟
اَچو مُرڪندي موڪلايون مٺا!
جُدا ٿيڻ تي لُڙڪَ لاڙيون ڀلا ڇو؟

*

سرڳُ ۽ عيشُ ڪين ٿو گهُرجي
پيارُ گهُرجي رُڳو ٿو آدمَ جو
جذبو ڪنهن مُلهه ڪين ٿو تُرجي
سرڳُ ۽ عيشُ ڪين ٿو گُهرجي

ٻئي جي مرضيءَ سان، جنهن ۾ ٿو چُرجي
سرڳُ اهڙو ڀلا ڪهڙي ڪمَ جو؟
سرڳُ ۽ عيشُ ڪين ٿو گهُرجي
پيارُ گهُرجي رُڳو ٿو آدمَ جو

*

مون کي گُذريلَ ڪنهن گهڙيءَ وانگي وِساري ڇڏِ تون!
پاڻَ تي شهرُ اَجايو ٿي کِلائين سانئڻ!
لُڙڪَ ڳلڙن تان اُگهي، سيِنڌ سنواري ڇڏِ تون!
مون کي گُذريل ڪنهن گهڙيءَ وانگي وِساري ڇڏِ تون!

پنهنجي دِل مان مُنهنجي يادُن کي ڌِڪاري ڇڏِ تون!
ڇو ٿي تيليءَ جيان دُکين، جيءُ جلائين سانئڻ!
مون کي گُذريل ڪنهن گهڙيءَ وانگي وِساري ڇڏِ تون!
پاڻَ تي شهرُ اَجايو ٿي کِلائين سانئڻ!

*

سدائين مُرڪَ جا قِصا ڪيا اٿئي پيارا!
ڪڏهن ته لُڙڪَ جا خاموش داستانَ به ٻُڌ
سموري شهرَ ۾ وِکريا پيا اٿئي پيارا!
سدائين مُرڪَ جا قِصا ڪيا اٿئي پيارا!

شورَ جا لفظَ ٻُڌا ۽ چيا اٿئي پيارا!
ڪڏهن ته ڪپيلَ زبانُن جا ڪي بيانَ به ٻُڌ
سدائين مُرڪَ جا قِصا ڪيا اٿئي پيارا!
ڪڏهن ته لُڙڪَ جا خاموش داستانَ به ٻُڌ

*

اڄُ تون مونکي ڳولِ نه مٺڙا!
مان پاڻُ وِڃائڻ چاهيان ٿو
پنهنجي هستي رولِ نه مٺڙا!
اڄُ تون مونکي ڳول نه مٺڙا!

ڀيدَ پُراڻا کولِ نه مٺڙا!
هر ڳالهِه ڀُلائڻ چاهيان ٿو
اڄُ تون مونکي ڳولِ نه مٺڙا!
مان پاڻُ وڃائڻ چاهيان ٿو

هائيڪا

جوڀَن يادِ پيو:
ٻُڍڙيءَ کان سُئيءَ ۾
ڌاڳو نٿي پيو
*
نلڪي تي ميڙا
واري تي وِهنجن پيا
ٻارَ ڏئي گيڙا
*
ماءُ، پيءُ سُتل ها
ٽاڪَ منجهندِ جو ٻارڙا
لُوڊو ٿي کيڏيا
*
آفيس مان ايندو:
”ٿَڪجي پئي هوندينءَ تون؟“
چُمي ڏئي چوندو
*
آيو نتيجو
نانءُ ڏسي اخبارَ ۾
کِلي، روئي پيو
*
آءٌ ۽ سڄڻُ
هڪڙو ماڻهو، نالا ٻه
پيوَند ڪيل وڻُ
*
مِليو تُنهنجو خط
پڙهي هانءُ ٺَري پيو
لِکيل: ”تُنهنجي فقط“
*
”وارو ڙي وارو!“
ڪُوڪون ڪَچي وارن جون
بندَ ۾ پيو گهارو

*

ٽرئفڪ جو درياهُه
وڏي شهرَ ۾ ڳوٺاڻي جو
مُٺِ ۾ آهي ساهُه

*

ماني اَڄُ مکيلَ
پَسِي پورهيتَ جي پُٽَ جا
چِمڪيا هيڊا ڳلَ

*

سانتِ اونداهي راتِ
ريڊيي تان آواز ”لتا“ جو
ٽوڙي چُپ چپاتِ

*

پنجون مهينو پيٽُ
لِڪي لِڪي لوڪَ کان
ڇوري کائي ميٽُ

*

پردي پويان تون
لِڪي لِيئڙا پائين ٿي
پڪڙي ورتو مون

*

پُراڻو مندرُ
”ڪرشنَ“ جي مورتيءَ تي
ويٺل ڪبوتُر

*

اُجرو جيئن ڪنول
ٽِڙيل گندي پاڻيءَ ۾
تيئن ماڻهو جي دِل

*

مُنهنجو تصورُ
تون ۽ مان، ٻاهر شهرَ کان
هڪڙو ننڍڙو گهرُ

*

مون کان دردَ وِسار
موٽان جي آفيس کان
مُرڪي بس نِهار

*

لِڪي ملڻَ جي هيرَ
ٻه پاڇا، ٻنيءَ ۾
ٻنهي اُگهاڙا پيرَ

*

کِيسو ڪتريلُ
ڳانا ٻه ڳِچيءَ ۾
ميلي مان موٽيلُ

*

پيارُ ۾ اهڙو ساءُ
ڪيئن نه وڌي ٿو وڃي
ٻانهُن جو ڦَلاءُ

*

سانتِ ٻُڏل ڪمرو
گونجيو تنهن ۾ اوچتو
شاعرَ جو سُڏڪو

*

ماءُ ڏنسِ دَڙڪا
چِٻَ ڪڍيا ٿي ٻارڙي
ڀريندي سُڏڪا

*

ڇَتِ جيڏي ڇوري
رَڙِ ڪيائين زورَ سان
ڏِسندي ئي ڪِرڙي

*

اونداهي اڌِ راتِ
آءُ اَچي ڪر سوجهرو
ڏِيئن جهڙي ڏاتِ!

*

لِڪي لِيڪا پائي چنڊُ
آڌيءَ ويلي ڪيئن پينهي ٿي
انگَ اُگهاڙي غُربتَ، جنڊُ

*

اُٿليو آ، درياهُه
ڪَچي ۾ ماڻهُن جو
آهي مُٺِ ۾ ساهُه

*

کُليل دَرُ
اڃا ڪين ونيءَ جو
وَريو ورُ

*

اوندهِه جا آثارَ
سجُ ڪَڪرنِ جي ڪڇَ ۾
وينگسِ، ڇوڙيا وارَ

*

مٿان سُڪل وَڻُ
هيٺان آءٌ اَڪيلو، سامهون
رِڍُن جو هڪ ڌَڻُ

*

ڳالهيون مصري کنڊُ
چهرو ائين پرينءَ جو
ڄڻ چوڏهينءَ جو چنڊُ

*

جوئارِ جي اوٽَ
سِيسڙاٽيون ۽ سڙٻاٽَ
ڪانَن ۾ ڦَڙِ ڦوٽَ

*

سِرنهن ڦُلاريا گُلَ
ٿيا سڄي باغَ ۾
هُٻڪارن جا هُلَ

*

شامَ، لبِ مهراڻ
ساٿُ سُريلي دوستَ جو
هر ساعتَ سُرهاڻ

*

ڏهن رُپين جي موٽَ
پيٽ بُکئيءَ پينو ڇوريءَ جا
چارِ گهڙيءَ لاءِ گهوٽَ

*

پائيندي لِيڪا
ڪوري ڪاڳرَ تي لِکجي ويا
ٻه ٽي هائيڪا

*

ڊِڄي جوساهُه کڻي
تو لئه تارَن ٽوڙڻَ جي ٿو
ڪيئن سو هامَ هڻي

رينگا

ماڻهن ليکي راندِ
مون لئه ڪَوِتا جوڙڻُ آهي
سِسي نيزي پاندِ

ڄڻَ ڪي تارا ٽوڙڻُ آهي
وقتَ سندو مُنهن موڙڻُ آهي

*

سومهڻيءَ جو گُهٽَ
جهٽَ پلڪَ لئه واءُ جو جهُوٽو
۽ پوءِ ساڳي ٻُٽَ

پِنڊ- پَهڻ ڪُونڊيءَ ۾ ٻُوٽو
اُڀَ ۾ گُهورَ، سگريٽَ جو سُوٽو

ٽسٽا

جيئن چِچريل ڪو سينو آهي
هر غاصبَ جو چهرو هِن ۾
سنڌڙي ڄڻ آئينو آهي!
*

موتَ جي ڪيڏي ڀَرتي آهي
پنهنجي پاڇي کان ڇِرڪان ٿو
ڇا هيءَ مُنهنجي ڌرتي آهي؟
*

نفرتَ جنهن جي ٻولي آهي
مُنهنجي هٿَ ۾ گُلَ سندس لئه
هُن جي گَنِ ۾ گولي آهي
*

جيڪر ساڃَهه ڌاريون ها
اهڙا ماڻهو آڻڻ کان ته
پاڻَ کي پاڻَ ئي ماريون ها!
*

ٺاهَه جُڙن يا ٺاهَه ٽُٽنِ
حيدرآباد جي رستن تان
اَجرڪَ وارا روز کُٽنِ
*

هيءُ اُنهن جو ئي پاڙو آ
ڪالهه لُٽيو جن شهر ٺَٽي جو
اڄُ ڪراچيءَ تي ڌاڙو آ

*

بيت/دوها/سوايون

---

سنڌي ٻوليءَ جو سڀاڳو شاعر

اياز گل، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سڀاڳو شاعر آهي، جنهن تي ٻولي ماءُ سدائين مهربان رهي آهي، ۽ کيس پرچائڻ واسطي لفظن جا رانديڪا مهيا ڪندي پئي رهي آهي.

ــــ آسي زميني

بيت

تو دَرِ ڪيئن اچڻ جي، هينئڙي وِجهان هيرَ،
منهنجا ميرا پيرَ، اڱڻُ تنهنجو اُجرو.
*

جيءَ اسان جا جڪڙيلَ، جيئڻُ مرڻ گڏُ،
سڄڻُ منهنجو سڏُ، آءُ پڙاڏو اُن جو.
*

نئون ڪو عاشقُ پيارَ کي، لِڪائي ٿو جيئن،
اسان توکي تيئن، سوگهو ڪيو ساهَه ۾.
*

آءُ پرينءَ جي وارن سان، گَسِي ڏکڻَ، گهُل!
نئون ٿئي ڪو هُل، هيل وري هٻڪارَ جو.

*

هلي پرين هيجَ مان، جيءَ جيءَ وڄن جهانجهَه،
سانوري جيئن سانجهَه، موهي وجهي مَنَ کي.

*

جانيءَ جڏهن کان هنيو، خيالَن کي کاٽُ،
تڏهن کان گهرگهاٽُ، سُڃَ لڳي ٿو سرتيون!

*

ندوريءَ سان نينهنَ، لائي لڏي وئين هليو،
توريءَ ڏنگن روحَ کي، ڏينڀوءَ وانگي ڏينهنَ،
مِلڻَ سندا مينهنَ، وَسئي ڪيئي وِرهيه ٿيا.

*

ڪوڪو ماڻهو موتِئو، ڪنهن ڪنهن ۾ هُٻڪارَ،
هونئن ته ڪِرڀن ڄارَ، ماڻهوءَ ماڻهوءَ مَنَ تي.

*

پَون پارا پوهَه جا، مارُو ٿا ٿَڙڪنِ،
ڀَڙڪيو ٿا ڀَڙڪنِ، جذبا منهنجي جِيءَ جا!

*

کِلي جڏهن کيچِلي، ڳَلنِ چُڳهَه پونِ،
چِت کي چَريو ڪنِ، ڳلن ڳُجهيون ڳالهڙيون.

*

اکيون وينگسِ واهَه جون، لَڄَ وَنديون ڪاريون،
سِڪان مون ساريون، سپني توڙي ساڀيا ۾.

*

مِٺا مُنهنجي مَنَ ۾، سدا تُنهنجي يادِ،
شالَ رَهي آبادِ، نگري پنهنجي نينهنَ جي.

*

سهڻا! مُنهنجيءَ سوچ کي، ڏي ڪا سونهنَ ذَري،
پونِ جيئن ٻَري، ڏِيئا مُنهنجيءَ ڏاتِ جا.

*

آهيون اَڄ حيات، اسان مِٺا ميت!،
سڀان رُڳو گيتَ، رهجي ويندا راڄَ ۾.

*

مُرڪي وڌيا موتَ ڏي، گهوٽنَ کاڌا گهاوَ،
ڏاڍن جا ڏهڪاوَ، لٿا ڄاڻ ته ڏيهَه مان.

*

اڳتي وڌو، ڪُوڙَ جا، اِجهي ڪِريا ڪوٽَ،
ماڳَ پُڄي پوءِ موٽَ!، مَهڻو کڻجو ڪينڪي.

*

مُنجهيلَ مُنهنجي مَنَ تان، وِسوسا ويچارَ،
آئي تُنهنجي سارَ، لحظي منجهه لهي ويا.

*

دل جا ديپَ جليا، راڻل ڪارڻ راهَه ۾،
آيو ڦولَ کِليا، مَنُ- مندرُ ويو مَهڪجي.

*

وَسي دل دماغَ تي، يادُن جي برسات،
سڄڻُ ساري رات، نيڻين بندَ ڀڄي پيا.

*

سڄي هونئن سنسارَ ۾، اوندهِه اوندهِه ٻاٽَ،
لالڻ! تون ئي لاٽَ، ويراڳڻِ جي واٽَ جي.

*

ٻوڏِ ڪَچي ۾ جيئن، ٻوڙيا ڪَچا گهرَ،
تُنهنجن يادن يرَ! ائين ٻوڙيو ذهن کي.

*

اکيُن ۾ سپنا ائين، ٿَرَ ۾ جيئن ٿوهرَ،
تن مان ڪوئي پَر، ساڀيا ماڻي نه سگهي.

*
جذبا پنهنجي جيءَ جا، نِڪورا ۽ نِجُ،
سِڪَ اسان جي سِجُ، رِجي پوندين برفَ جيان!

*

اکيون اُڀيون اُڀَ ڏي، چڙهي آءُ ته ”چنڊَ!“
اونداهين جا منڊَ، ٽُٽي ٽُڪرا ٿي وڃن.

*

اَٽي اَجهي ۾ مُئلَ، ماڻهو ويچارا،
پيارُ ۽ پيارا، وِسري وينِ دل تان.

*

ويتر چاڪَ چِڪائڻ لاءِ، آئي آهي عيدَ،
کائي آسَ، اُميدَ، بُکين، پيٽَن ڍوَ ڪيا.

دوها

حيرتَ ۽ افسوسَ مان ويٺي، سوچيو پئي ڀڳوانَ،
مون کي واهَ جو روليو آهي، دُنيا ۾ انسانَ!


توکي جهڙو حالُ وڻي ٿو، تهڙو حالُ ڪجانءِ.
ها، ليڪن او منهنجا جيوَن! ٿورو خيال ڪجانءِ.

موتُ لڳو پئي هرڪو منظر، رُڃَ حياتي ڀاسي،
تُنهنجو پيار وٺي آيو آ، ٻيهر جيونَ پاسي.

هٿَ- تِريءَ جا ڇڏي ويون سڀ رستا، ريکائون،
سپني سپني ۾ ڳولنِ ٿيون، پاڻَ کي ساڀيائون.

پيارَ کي نيٺ بَسيرو گُهرجي، ايندءُ تون ڏِسجانءِ!
ها بَس دل جي هڪڙي ڳِڙکي، کولي تون رکجانءِ!

جنهن پياري جي نانءِ هُيا مون، پنهنجا نيڻَ ڪيا،
تنهن هٿاران ذَرا ذَرا ٿي، آهن خوابَ ويا.

وقتَ سان هر ڪنهن شيءِ ۾ آيا، آهن ڪيڏا ڦيرا،
دردَن پر دستورَ نه بدليا، ساڳيا دِل ۾ ديرا.

*

منهنجا پِيلا ڳَلَ ڏسي، مون کي تون مايوس نه ڄاڻ،
آهي بسنتِ رُتِ اچڻ جو، پِيلو رنگُ اُهڃاڻ.

پنهنجي مذَهبَ، رنگَ، نسل کي ڳنڍِ ۾ رکُ ٻڌي،
باقي مون جيان پيارُ جي چاهين، مون ڏي آءُ وڌي!

اونداهيُن جو سِينو ڦاڙي، جڏهن ڦُٽي ڪا باکَ،
اکِ نه ڪائي آلي رهندي، سنڌڙي! تُنهنجي ساکَ.

سچُ سمائي جڏهن اسانجا، گونجيا گهرَ گهرَ گيتَ،
تڏهن اسان جي جيتَ آ سائين!، تڏهن اسان جي جيتَ!

ديپُ جلي جيئن انڌيارن کي روشنيون بخشيندو آ،
شاعرُ ڀي تيئن جيءُ جلائي، گيتَ گُلابي ڏيندو آ.

*

جوڀَن تُنهنجو ائين پرين!، جيئن مؤجَن ۾ مهراڻ،
ڀَرِ ۾ ويٺين پيدا ٿي پئي ساهَن ۾ سُرهاڻ.

ڦِڪي ڦِڪي جيونَ ۾ چاهتَ، ڀري ڇڏي ٿي رنگُ،
هونئن ته حياتيءَ جو هرپل آ، ڪاريهرَ جو ڏنگُ.

پيچُ اوهان جي پيارَ سان پائي، پيارُ اسان جو ڪُڏي پيو،
مينهوڳيءَ ۾ پينگهَه وِجهي، جيئن ننڍڙو ٻالڪ لُڏي پيو.

تنهنجي دم سان دنيا آهي تون آن دُنيا ڪاڻِ،
رنگ برنگي دنيا آهي، مُرڪي مُرڪي ماڻ.

سِپَ جي سيني منجهه اچي جيئن، موتي بڻجي بوندَ،
مُنهنجيءَ دل ۾ اچين ته تون ڀي، موتي ٿي پئين هوندَ!

*

اڄ به تُنهنجي آسَ لڳائي، واٽَ تَڪي ٿو پياسو مَنُ،
آسَ نراسَ ته ٿيڻي ناهي، جانبَ! جيسين آ، جيونُ!.

جيڪي تو ها گيتَ سُڻايا، پِيڙَ ڏين تن جا پڙلاوَ،
انولَ سائين! هر هر ڇُلڪن، گهايل مَنَ جا گهاوَ.

چاهَه ڏنا جي چَهڪَ اڃا ڀي، تازا آهن سي او راڻي!
مون وٽ ڪوئي گيتُ نه باقي، ڪوَيل آخر ٿي وئي ساڻي.

ڏوُر پيو ڪو چنگ وڄائي، مٺڙو مٺڙو چنگُ،
سُرهو سُر سنگيت ائين جيئن، تنهنجو مُنهنجو سنگُ.

ميتَ آ، توکي موٽي اَچڻو، کُٽڻي آهي ڪاري رات،
پوءِ مان چوندس ڏِس او دنيا! محبت ناهي کاڌي ماتِ.

*

روئيندي روئندي راتِ ٿي گُذري، ڏُکيو ٿو گُذري ڏينهنُ،
سوچيان ويٺو مُورکَ ماڻهو، ڇو ٿا لائنِ نينهنُ!

”جيءَ جَڙءَ کي جَسُ“ چيو جن، پيارَ کان وڌِ سي پيارا ها،
پري هليا ويا پريت ڇڏي جي، سي ڪمزور سهارا ها.

هرڪو ماڻهو راڻو ناهي، ڪوڪو موملُ ماڻيندو
مُلهه نه محبت ملندي آ، جو ڏوڪڙَ ڏئي ڪو آڻيندو.

*

ڀلي وِساري ويهو هاڻي، مون کي مُنهنجا ميتَ!
جيءُ اوهان جو جهوري وجهندا، مون کانپوءِ هي گيتَ.

واٽَ اوهانجي ڪين لَڌي سي، ڀٽڪي ڀٽڪي ٿَڪجي پياسي،
سُور بڻائي سازَ اسان پوءِ، گهايل گهايل گيتَ چياسي.

سچُ سمائي جڏهن اسانجا، گُونجيا گهرَ گهرَ گيتَ،
تڏهن اسانجي جيتَ آ سائين!، تڏهن اسانجي جيتَ.

گيتَ اَمر سي جن ۾ آهي “اَناالحق“ آوازُ،
سرمدَ واري سوچَ آ، جنهن ۾ آزادي جو سازُ.

مُنهنجي جيءَ جا جذبا جنهن پَر، اُٿلون ڏيندا آهن،
گُلڙن جهڙ گيتُ ذهن تي، سِرجي ايندا آهن.

*

لائي توڙ نِڀائن جيڪي، سي ئي مُڙسَ مهان،
صدقو تن تان ساهُه اسانجو، تن تان گهوري جان.

پيارُ ڪرڻ وارا ٿا پَهرن، پِيڙا جي پوشاڪَ،
پرينءَ جي دَرَ جي خاڪَ ٿا سمجهن، ٿَڌڙي مِٺڙي ماڪَ.

ديپُ جلِي جيئن اَنڌيارن کي، روشنيون بخشيندو آهي،
شاعرُ ڀي تيئن جيءُ جلائي، گيتَ گُلابي ڏيندو آهي.

گُل! ڪنهين کي سڀ ڪُجهه سمجهيم تون ڀي پريت لڳاءِ،
سيني ۾ ڪو هَلڪو هَلڪو، مِٺڙو سُور سماءِ.

توکي ساري نيڻَ اسان جا، بادلَ وانگي بَرسيا ها،
هلندي هلندي تُنهنجي دَرَ تي، خيالَ اسان جا تَرسيا ها.

*

تُنهنجي چهري جي آکاڻي، جنهن پرِ نيڻَ پڙهنِ،
تنهن پر سِڪَ سمونڊَ ۾ ڪيئي، وِيرون يارَ!، چڙهن.

خالي کوکي جهڙا ماڻهو، بندِ سڀن جي دل جا دَرَ،
ميڪ- اَپ جي تَهه هيٺان چهرا، ڊِٺل شهرَ جا کنڊرَ.

دِل دنيا جي اونداهيُن ۾ ڪين چڙهي ٿو چنڊُ،
جذبا پنهنجا اَن- ڪَڻا هِن، جيونُ جيئن ڪو جنڊُ.

پوپٽَ جهڙا ماڻهو، تن جو پارسَ جهڙو پيار،
سِڪَ تنين جي سِيني ۾ آ، هر دم تارؤن تار.

باکَ ڦُٽڻ سان ڦِٽي ويندو، اونداهيُن جو کيلُ،
ڪين ڪڏهن ڪو جوڙي سگهندو، جذبن ڪارِڻ جيلُ.

*

آءٌ ائين ٿي ويندس دلَبر!، ٿيندي توکان ڌارَ،
شيءِ کَسجڻ تي روئي ڏينِ جيئن، کِلندي کِلندي ٻارَ.

ديپُ ته ڪوئي ناهيان مان، پر آهيان مان ٽانڊاڻو،
تيزَ هوائن ۾ ڀي جيڪو، ڪڏهن ڪين اُجهاڻو.

هيڊو رَتُ ڇڏايلُ جيونُ، پل پل جنهن ۾ اُلڪا،
ماڻُهنِ جي ٽَهڪن مان ٻُڌجنِ، جِهيڻا جِهيڻا سُڏڪا.

*

غَمَ اوهان جا ۽ دنيا جا، کڻي گُهمون ٿا جيئن،
ايڏا بارَ کڻي پوءِ ڪوئي، جِيئرو رهندو ڪيئن؟

ڏِٺي نه جنهن کي سِڪَ لهندي هئي، ڏينهنَ ۾ ڏَهه ڏَهه ڀيرا،
ڏيڍُ سالُ ٿيو ملي اُنهيءَ سان، وقتَ وقتَ جا ڦيرا.

آهي جتان اُڇلايو ويو، جهوپن تي پٿرُ،
ڪيئن ڀلا پوءِ بچندو هاڻي، شِيشي جو سوگهُر؟

ڏينهنَ جي پُوڄاريُن تي ڇانيو، ڪاريءَ راتِ جو ڊَپُ،
شهر جا ڏاها ڀي چُپ آهن، چُري نه ڪنهنجو چَپُ.

لَڏي ويا سي جوڳي، جيڪي پڪڙيندا ها نانگَ،
هاڻي سارو ڳوٺُ هِراسيلُ، اوطاقون ڀڙڀانگَ.

گُل ته آهي پاڳل ماڻهو، پاڇولي کي ڳولي ٿو،
هر دم ٽَهڪن ٽِڙندڙ، پنهنجيءَ هستيءَ کي پيو رولي ٿو.

*

سالَ برابر لڳندي آهي، توبِن هڪ گهڙي،
ڪيئن گُذاري سگهبا جاني!، ڏهَه هاڙا هي.

ٽِن ڏينهنِ کان مليو نه آهين، آهي مَنُ اُداس،
چوڏهينءَ چنڊ اَمبر تي آهي، ڀانيان پوءِ به اُماس.

ساڀيائُن کي ساري ساري، ڏَرا ڏئي ويا نيڻَ،
ڪلهه به سپنا سيڻ اکيُن جا، اَڄ به سپنا سيڻَ.

شيؤ وڌائي، ڪپڙا ڦاڙي، بَنَ ڏي نِڪري وڃجي،
دل چاهي ٿي اڄڪلهه پنهنجي، پاڻ کان وِسري وڃجي.

سوايون

ڪو نئون خوابُ ٿي لڳي مون کي
زندگي ٿي وري ٺڳي مون کي
*

ڳالهِه ڪائي به ڪَڙي لَهجي جي
مُنهن تي آ، چماٽَ وانگي لڳي
*

اختلافن ۽ حادثن کان مان
ڪيستائين ڀلا بچي ٿو سگهان؟

*

ماڻهو جيڪي قرارُ چاهن ٿا
زندگيءَ کان فرارُ چاهن ٿا

*

ڪي نوان ئي عذابَ آڻيندي
ننڊَ ايندي ته خوابَ آڻيندي

وقتُ، دَردن جو قافلو هڪڙو
آَسَ، سُکَ جا سرابَ آڻيندي

*
پنهنجو پاڇو به پاڻَ کان آ پري
ڪيڏيون مُشڪل اسان جون راهُون هِن!

دردَ دل سان ڇڏياسي ويڙهي ائين
ڪنڌ ۾ ڄڻ پرينءَ جون ٻانهون هِن

*

مُنهنجي بڻجي وئي ڪمزوري آ
هڪ ڇوري جا پاڻَ زوري آ

*

اُها گهڙي به حياتيءَ ۾ هيلَ آئي آ
هُجوم ۾ ٿا رهُون، پوءِ به هيڪلائي آ

*

هرڪو ماڻهو ڏُک ڏيندو ٿو وڃي
مون کي ڄڻ ڪائي خوشي گُهرجي نٿي

*

مُنهنجي دل جا دروازا کَڙڪائڻ بند ڪري ڇڏِ
هاڻي ڪُوڙين ڳالهين سان، پِرڀائڻ بند ڪري ڇڏِ

*

هاڻي جي ڪنهن موڙَ تي گڏبو
ڏِسي ڪري مُنهن ڦيري ڇڏبو

*

تون نه ملندينءَ اُداس ٿي ويندُس
مان جيئڻ مان نِراس ٿي ويندُس

*

جاڳَ هوندي به خوابَ ۾ آهيون
دوستؤ! بس عذابَ ۾ آهيون

*

تون ۽ مان باوفا رهياسي پرين!
بيوفا ٿي ويون مگر راهون

*

زهر ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ چاهي
هو گهڻو وقت ٿو جيئڻ چاهي

*

ڪنهن وڏي ويلَ ۾ وَرتل آهيان
توکي هر حال ۾ پرتل آهيان

*

اوهان جي ياد کي سانڍيو اچون ٿا
غَمن کي ڪاڄَ تي ڪانڍيو اچون ٿا

*

_______
* سوايون: شاعريءَ ۾ ڪنهن نئين صنف جو واڌارو نه آهي، اڻپورن غزلن جي بندن کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ”سوايون“ جو نالو ڏئي، هتي شامل ڪيو ويو آهي.