شاعري

لفظن جو ناراض نسل

طارق عالم ھڪ دلڪش ۽ دل آويز نثر نويس، نرالي شاعر، تخليقي ڪالم نگار، ڄاتل سڃاتل مُصور ۽ ارڏي ۽ بيباڪ شخصيت ھجڻ سبب سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ھميشہ پنھنجو ھجڻ پوريءَ شدت سان محسوس ڪرايو. طارق جي شاعري نھايت پُر اثر ۽ منفرد آھي. ھو منظرن ۽ ڪيفيتن کي تخيل ۽ فن جي گڏيل غرق سان ڳوھي ٿو ۽ حرفن جا ميڙ شعرن جي صورت ۾ وٺي پوپٽن وانگر اڏامڻ ٿا لڳن. ھن جي شعر ۾ ڪنھن بہ قسم جي مصنوعيت نہ آھي، نہ لفظن جي ھيرا ڦيري، نہ اک جو ڏيکاءُ. 

  • 4.5/5.0
  • 31
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • طارق عالم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لفظن جو ناراض نسل

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار طارق عالم جي شاعريءَ جو مجموعو ”لفظن جو ناراض نسل“ پيش ڪجي ٿو.
طارق عالم ابڙو ھڪ دلڪش ۽ دل آويز نثر نويس، نرالي شاعر، تخليقي ڪالم نگار، ڄاتل سڃاتل مُصور ۽ ارڏي ۽ بيباڪ شخصيت ھجڻ سبب سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ھميشہ پنھنجو ھجڻ پوريءَ شدت سان محسوس ڪرايو. طارق جي شاعري نھايت پُر اثر ۽ منفرد آھي. ھو منظرن ۽ ڪيفيتن کي تخيل ۽ فن جي گڏيل غرق سان ڳوھي ٿو ۽ حرفن جا ميڙ شعرن جي صورت ۾ وٺي پوپٽن وانگر اڏامڻ ٿا لڳن. ھن جي شعر ۾ ڪنھن بہ قسم جي مصنوعيت نہ آھي، نہ لفظن جي ھيرا ڦيري، نہ اک جو ڏيکاءُ. 
ھي ڪتاب 2012ع  ۾ طارق عالم اڪيڊمي، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي