ناول

اڻ ڄاول ٻار ڏانھن خط

هي ناول هڪ غير شادي شدہ ڇوڪريءَ جي حاملا ٿي وڃڻ ۽ ڇوڪريءَ جو بغير شادي ڪرڻ جي ٻار کي جنم ڏيڻ جي فيصلي تي اٽل ٿي بيھڻ، ان دوران سماج جي اڍنگن روين سان منھن مقابل ٿيڻ، پيٽ پورائي لاءِ هر حال ۾ نوڪري ڪرڻ آهي. ان دوران ليکڪا ڪيترن ئي موضوعن تي دنيا جي اڪابرن جي راءِ سان گڏ پنھنجا جذبا، احساس ۽ خيال بہ ايڏي سندرتا سان ناول ۾ ساکوري ٿي جو پڙهڻ واري تي ”ڪائناتي ڪيفيت“ طاري ٿي وڃي ٿي ۽ هو ان سحر ۾ اڃان بہ اونھو هليو وڃي ٿو.   هن ناول مان اوريانا جي سوچ گھري ۽ ڪائناتي ٿي ڀائنجي، هوءَ زندگيءَ ۾ حاصلات تي بيھڻ کي موت ٿي سمجهي، ها حاصلات کان پوءِ بہ جستجو جاري رکڻ ئي اصل جياپو آهي. سندن قول آهي تہ ”خوش نصيب اهو آهي، جنھن جي منزل جستجو آهي، جيڪا ڪٿي بہ ختم نہ ٿي ٿئي،

Title Cover of book اڻ ڄاول ٻار ڏانھن خط

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران اٽلي سان تعلق رکندڙ نامور صحافي ۽ ناول نگار اوريانا فلاسي جي جڳ مشھور ناول (Letter to a child never born) جو سنڌي ترجمو ”اڻ ڄاول ٻار ڏانھن خط“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار فياض لطيف  آھي.
هي ناول هڪ غير شادي شدہ ڇوڪريءَ جي حاملا ٿي وڃڻ ۽ ڇوڪريءَ جو بغير شادي ڪرڻ جي ٻار کي جنم ڏيڻ جي فيصلي تي اٽل ٿي بيھڻ، ان دوران سماج جي اڍنگن روين سان منھن مقابل ٿيڻ، پيٽ پورائي لاءِ هر حال ۾ نوڪري ڪرڻ آهي. ان دوران ليکڪا ڪيترن ئي موضوعن تي دنيا جي اڪابرن جي راءِ سان گڏ پنھنجا جذبا، احساس ۽ خيال بہ ايڏي سندرتا سان ناول ۾ ساکوري ٿي جو پڙهڻ واري تي ”ڪائناتي ڪيفيت“ طاري ٿي وڃي ٿي ۽ هو ان سحر ۾ اڃان بہ اونھو هليو وڃي ٿو.   هن ناول مان اوريانا جي سوچ گھري ۽ ڪائناتي ٿي ڀائنجي، هوءَ زندگيءَ ۾ حاصلات تي بيھڻ کي موت ٿي سمجهي، ها حاصلات کان پوءِ بہ جستجو جاري رکڻ ئي اصل جياپو آهي. سندن قول آهي تہ ”خوش نصيب اهو آهي، جنھن جي منزل جستجو آهي، جيڪا ڪٿي بہ ختم نہ ٿي ٿئي،
ھي ڪتاب 2001ع  ۾ موھن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي، لاڙڪاڻو  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي