شاعري

مور نگر تي مينھُن

اسحاق سميجو ھن دور جي شاعرن ۾ ھڪ نرالو شاعر ٿي اڀريو آھي. سندس  شاعريءَ جي ھن مجموعي ۾ غزل، گيت، نظم، وايون ۽ چئوسٽا شامل آھن. مشتاق گبول لکي ٿو: ”اسحاق سميجي جي غزل کي الڳ رنگ جي دلڪشي آهي. هن وٽ غزل ۾ تاثر ۽ تصورن جي جيڪا دلفريبي آهي، سا تمام گهٽ شاعرن جي شاعريءَ ۾ ملندي. موجودہ وقت ۾ غزل سڀ کان وڌيڪ لتاڙيل ۽ لويل صنف آهي، پر اسحاق هن صنف کي تازگي بخشي آهي.“

Title Cover of book مور نگر تي مينھُن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعري ڊاڪٽر اسحاق سميجي  جي شاعريءَ جو مجموعو ”مور نگر تي مينھُن“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
اسحاق سميجو ھن دور جي شاعرن ۾ ھڪ نرالو شاعر ٿي اڀريو آھي. سندس  شاعريءَ جي ھن مجموعي ۾ غزل، گيت، نظم، وايون ۽ چئوسٽا شامل آھن. مشتاق گبول لکي ٿو: ”اسحاق سميجي جي غزل کي الڳ رنگ جي دلڪشي آهي. هن وٽ غزل ۾ تاثر ۽ تصورن جي جيڪا دلفريبي آهي، سا تمام گهٽ شاعرن جي شاعريءَ ۾ ملندي. موجودہ وقت ۾ غزل سڀ کان وڌيڪ لتاڙيل ۽ لويل صنف آهي، پر اسحاق هن صنف کي تازگي بخشي آهي.“
ھي ڪتاب 2020ع  ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو  پاران  ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي سھڪار سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي