ٻه اکر
پهاڪا/ چوڻيون/اصطلاح/ورجيسيون اسان جي ادب، خاص طور لوڪ ادب جي اهم صنف ۾ شامل آهن. نه رڳو اهم پر سڀ کان اهم ترين ان ڪري جو ان صنف مان اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۽ سکئي ستابي هئڻ جو بار بار اندازو ٿئي ٿو. جيڪو به پهاڪو / چوڻي/ ورجيس/ اصطلاح ٻڌجي يا پڙهجي ٿو ۽ اڃا جي ڪنهن موقعي ۽ مهل تي، وقتائتي نموني پيش ٿئي ٿو ته ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن. اھو ننڍڙو ۽ مختصر جملو، ڪنهن ڪچهريءَ / محفل ۾ سمورن مٿان حاوي ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو ان جي سحر ۾ گم ٿيو وڃي!
پهاڪن جو تخليقڪار ڪير آهي؟ چوڻين کي ڪنهن سرجيو آهي؟ فلاڻو پهاڪو يا فلاڻي چوڻي ڪنهن جي تخليق آهي؟ ان بابت ڪو به پتو ڪونهي. ان سلسلي ۾ هڪڙي حيران ڪن ڳالهه هيءَ به آهي ته ادب جي تواريخن / تذڪرن ۾ ڪيترن ئي اهڙن ليکڪن / اديبن/ شاعرن ۽ سندن تحريرن، ڪتابن، مسودن يا لکڻين بابت تذڪرو ته ملي ٿو پر جڏهن اڳتي اهو پڙهون ٿا ته زماني جي ستم ظريفين ۽ ناسازگار حالتن ڪري، اهي ليکڪ / اديب / شاعر يا انهن جون تحريرون محفوظ نه رهي سگهيون ۽ اڄ انهن جو ڪو به نان نشان ڪونهي يا ڪٿي به انهن جو ڪو ڏس پتو ڪونهي. باوجود ان جي ته انهن اديبن/ ليکڪن يا ڪتابن/ مسودن / تحريرن جا وارث هوندي به اهي محفوظ نه رهي سگهيا ته ڏک ٿو ٿئي.
اسان جي ٻوليءَ جو هر هڪ پهاڪو/ هرهڪ چوڻي/ هرهڪ ورجيس/ هرهڪ اصطلاح، جنهن جي اصل خالق جو پتو ڪونهي، اها خبر ناهي ته ڪهڙي زماني ۾ ان جي تخليق ٿي، ان جي بڻ بنياد بابت ڪو به ٺوس رايو موجود ناهي ته اهو ڪهڙين حالتن ۾، ڪنهن ماڻهوءَ پهرين چيو، پر اهي سڀ شيون اسان وٽ موجود آهن. ڀلي ڪتابن، تحريرن ۾ ساريون موجود نه هجن، پر زباني طور استعمال ٿيندڙ هجن تڏهن به اهي موجود آھن ۽ سيني به سيني منتقل ٿي، اسان جي ٻوليءَ ۾ زنده آهن. نه رڳو اهي زنده آهن پر اسان جي ٻوليءَ کي اڃا به وڌيڪ چاشنيدار بنائي اسان لاءِ فخر ۽ وڏائيءَ جو سبب بڻيل آهن.
پهاڪو يا چوڻي، جڏهن به ڪو ماڻهو ڪٿي به استعمال ٿو ڪري ته هو ان کي اهڙي ته انداز ۽ لهجي ۾ ٿو چوي، ڄڻ ته اهو آهي ئي سندس ۽ هو انهن جي استعمال سان پنهنجي ڳالهه ۽ اظهار کي اڃا به وزنائتو بنائي ٿو وجهي. مثال طور ڪنهن کي ڀاڙيائپ جو مظاهرو ڪندي ڏسي ڪو چوي ته؛ ”ڀاڙيي مٿان پڳ به بار“ يا ”ڀاڙيي مٿان ڀت، ڪانگن ڪيرائي!“
يا ”ڀاڙي ڀاءُ کان، کٽ خالي چڱي.“ يا ”مڙس ٿئي ڀاڙي، بار ڪريس ڏاڙهي.“ ته اڳلو هڪدم اُلر ڪري پنهنجي مخاطب لاءِ چوندو؛ ”ڏسو نه هي مون لاءِ چوي ڇا ٿو؟” اِن مان سندس مراد اها آهي ته هن پنهنجي اظهار کي سگهارو بنائڻ لاءِ جيڪي به چوڻيون ۽ پهاڪا آندا، اُھي اڳلي ائين محسوس ڪيا ته ڄڻ چوندڙ اهي پنهنجي دليان پيو گهڙي تڏهن ته چوندو آهي ته: ”فلاڻو مون کي چوي ڇا ٿو!“
اهو سبب آهي جو عام ماڻهن، اڻ پڙهيلن توڙي گهٽ عل وارن، پاڻ جهڙن جي انهن تخليقن کي، پنهنجي عقل ۽ ذهن موجب، هڪدم قبول ڪري پنهنجو ڪري ورتو آهي ۽ ان کي سدائين زنده پئي رکيو آهي. وري پهاڪو ۽ چوڻي شي به اهڙي آهي، جيئن پارس لوهه کي لڳي ته سون! ڪو ماڻهو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ پنهنجي ڳالهين، ڪچهرين ۾ ھجي ته ڪثرت سان پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال ڪندو ته اهو ڪچريءَ جو ڪوڏيو سڏبو ۽ ٻيا ماڻهو ساڻس چهري ڪندي، پنهنجي دلي تسڪين محسوس ڪندا ۽ ساڻس ڪچهريون ڪندي، پنهنجي غمن کي غلط ڪندا. ڪو مقرر پنهنجي خطاب ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال، چڱيءَ طرح ڄاڻائي ٿو ته پنهنجي ٻڌندڙن جي دلين کي فوري طور جيتي وٺندو ۽ ٻڌندڙ سندس تقرير کان بيحد متاثر ٿي ويندا ۽ جي ڪو ليکڪ آهي ۽ ان جي تحريرن ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ اصطلاحن جو موزون ۽ مناسب استعمال ٿيل آهي ته پڙهندڙ کيس ٻوليءَ جو ماهر سڏيندو ۽ سندس ساراهه ڪندي نه ڍاپندو ۽ سندس تحرير کي بار بار پڙهي اها راءِ ڏيندو ته فلاڻو ليکڪ ته ٻوليءَ جو وڏو ماهر آهي. ڇا ته سندس ٻولي مايئه دار، ميويدار ۽ مزيدار آهي. ڇا ته سندس زبان ۾ رَسُ ۽ چَسُ آهي. ڇا ته پهاڪا ۽ چوڻيون ٿو ڄاڻي!!
مرحوم استاد بخاريءَ مون کي هڪ خط ۾ لکيو هيو؛ تون تيز ۽ چست پبلشر آهين جو مان تنهنجي رفتار سان گڏ هلندي سهڪي ٿو پوان ۽ ايترا ڪتاب لکي نه ٿو سگهان.“
ٻئي طرف هاڻي منهنجو اهو حال آهي جو عبدالوهاب سهتي جهڙي تيز ۽ چست محقق جي ڪتابن جي اشاعت کي وقت سر نه پيو آڻي سگهان. ڪينجهر ۾ اهو ئي حال ته هڪ مهيني ۾ سندس طويل ترين قسط ڇاپيان ته ٻئي مهيني سندس ٻي قسط تيار! آ اڃا هڪڙو ڪتاب ڇپائڻ ۾ پورو ۽ اهو جيستائين ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻيان، تيستائين سهتي وٽ ٻه ٽي ڪتاب تيار.
اڪيڊمي آف ادبيات، گذريل سال ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته مون ٻين ڪتابن سان گڏ کين وهاب سهتي جا ڇپايل پهاڪن وارا ڪتاب به ڏياري موڪليم ته اهي ڪتاب مون کي ان اعتراض remark سان واپس موڪليائون؛ ”اهي ڪتاب تخليقي ناهن!“ اهو ڪيڏو نه ڏکيو ۽ ڪٺن ڪم آهي جو وهاب تخليقي ڪم، ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي، اهو ڪم شروع ڪيو آهي جو نه هوند نه شڪر! يعني ته ان جي هيڏي ساري ڪم لاءِ اسان وٽ ڪو به انعام اعزاز ڪونهي ته ٻيو ڇاهي؟
پهاڪن / چوڻين جو ڪو ته تخليقڪار هوندو! مزيدار اها ڳالهه ته ڪو حق جتائي نه ٿو سگهي، پر جيڏي مهل هو چوي ٿو ته ان انداز ۽ پنهنجائپ سان ته اهو پهاڪو ۽ چوڻي سندس ئي اندر جو آواز آهي ۽ ان ئي محبت ۽ خلوص سان، پاڻ وهاب انهن کي سموهي گڏ ڪري تحرير ڪري ٿو ته اهي اسان جي ٻولي جا آهن، اسان جي ماڻهن جا آهن ۽ انهن ۾ ئي اسان جي ٻولي ۽ ادب جي هڪڙي لازوال ۽ امر زندگي سمايل آهي.
ناز سنائي
101 ايڇ ڊي اي فليٽس، نسيم نگر
حيدرآباد، سنڌ 22 فيبروري 2006