شاعري

وندر ۾ ورلاپ

ڪتاب ”وندر ۾ ورلاپ“ سنڌ جي ٻھراڙيءَ مان اڀرندڙ ھڪ اھڙي عوامي شاعر جي ڪلام جو مجموعو آھي، جنھن پنھنجي زبان جي سادگي، بيان جي شوخي، خيال جي ندرت ۽ جذبات جي بلندي ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنھنجو نالو روشن ڪيو. ڪتاب ۾ حمد، نعتيہ ڪلام، منقبت، صوفياڻو ڪلام، ڪافيون  ۽ ٻيو ڪلام شامل آھي.

Title Cover of book وندر ۾ ورلاپ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر محمد جمن ھالو جي شاعريءَ جو مجموعو ”وندر ۾ ورلاپ“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنھن جو مرتب اصغر ھالو آھي
ڪتاب ”وندر ۾ ورلاپ“ سنڌ جي ٻھراڙيءَ مان اڀرندڙ ھڪ اھڙي عوامي شاعر جي ڪلام جو مجموعو آھي، جنھن پنھنجي زبان جي سادگي، بيان جي شوخي، خيال جي ندرت ۽ جذبات جي بلندي ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنھنجو نالو روشن ڪيو. ڪتاب ۾ حمد، نعتيہ ڪلام، منقبت، صوفياڻو ڪلام، ڪافيون  ۽ ٻيو ڪلام شامل آھي.
ھي ڪتاب 1991ع  ۾ بزم طالب المولا  پاران  ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي