لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڪن جي حڪمت

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (179) ”پهاڪن جي حڪمت“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي جيڪو 1925ع ۾ ڇپيو.
Title Cover of book پھاڪن جي حڪمت

پهاڪن جي حڪمت ديپاچو

پهاڪو هڪڙي ننڍڙي چَوڻي يا ڪَهاوت اهي جنهن ۾ وڏو سچ لڪل ٿو رهي، جو عملي طرح ڪمائتو ٿو ٿئي. پهاڪو پهرين هڪڙي ڄڻي جو چرچو آهي پر پوءِ گهڻن جي ڏاهپ آهي. پهاڪو ضرور پُر معنيٰ، مختصر ۽ سلوڻو هئڻ گهرجي. خوش طبعي ۽ ظرافت لوڻ سان مشابهت ٿي رکي. هڪرو عربي پهاڪو آهي ته گفتگو ۾ ظرافت اهڙي آهي جهڙو لوڻ طعام ۾. بعضي ته شعر جون مصراعون هونديون آهن، جي زياده موزون ۽ دلچسپ ٿينديون آهن. هڪڙي ٻولئي جو پهاڪو ٻيءَ ٻولئي ۾ ترجمي ڪرڻ سان گهڻي لذت وڃائي ڇڏي ٿو. گهڻا پهاڪا ته تمام قديم وقت کان اڄ تائين هلندا اچن ۽ گهڻا ته ساڳئي مضمون جا علحدن قومن ۽ ملڪن ۽ ٻولين ۾ علحدن لفظن ۽ صورتن ۾ آيا آهن، جو اتي جي ملڪي ۽ اخلاقي ۽ مذهبي حالتن سان لاڳو ٿا ٿين. سڀ ڪنهن ملڪ يا قوم جي اخلاقي يا علمي فضيلت اڪثر سندن پهاڪن مان پڌري ٿيندي آهي. هر هڪ ملڪ ۽ ٻوليءَ ۾ پنهنجن پنهنجن پهاڪن جا ڪتاب آهن. هتي اسين انهن مان ڪي چونڊيل ڪڍي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏينداسين. انهن جا پهرين ٻه باب ڪجن ٿا، هڪڙو مشرقي پهاڪن جو ۽ ٻيو مغربي پهاڪن جو. پوءِ هر هڪ ۾ جدا جدا ملڪن ۽ ٻولين جي پهاڪن جا ڌار ڌار فصل ڏينداسين ۽ پڇاڙيءَ ۾ ٽئي باب ۾ پاڪ ڪتابن مان ڪي چونڊيل پهاڪا ڏينداسين.