سفرنامه

سي سڀ سانڍيم ساھہ سين

اھا 1984ع جي ڳالھہ آھي جڏھن ستٽيھہ سالن کانپوءِ موتي پرڪاش ۽ سندس وني ڪلا پرڪاش پنھنجي اباڻي وطن جا وڻ ڏسڻ لاءِ سنڌ آيا. سنڌ ۾ ھو رڳو 14 ڏينھن رھيا. ڪتاب ۾ 1947 ۾ برصغير ۾ آيل ورھاڱي واري زلزلي کانپوءِ جي خوف حراس ۽ سنڌ کي ڇڏڻ جو ڏکائتو احوال بہ آھي تہ وري سنڌ واپس ورڻ جي آس جا احوال پڻ آھن. ھو لکي ٿو تہ مون 1978ع کان وٺي ھر سال پاڪستان جي ويزا جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿيندو رھيس. ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي يادگيريون آھن، ڪٿائون آھن، سنڌ سان ازلي عشق جا قصا آھن، دردن جا داستان آھن ۽ سنڌين جي مھان نوازي جا قصا آھن.

Title Cover of book سي سڀ سانڍيم ساھہ سين

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب موتي پرڪاش جو لکيل سنڌ جو سفرنامو ”سي سڀ سانڍيم ساھہ سين“  اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
اھا 1984ع جي ڳالھہ آھي جڏھن ستٽيھہ سالن کانپوءِ موتي پرڪاش ۽ سندس وني ڪلا پرڪاش پنھنجي اباڻي وطن جا وڻ ڏسڻ لاءِ سنڌ آيا. سنڌ ۾ ھو رڳو 14 ڏينھن رھيا. ڪتاب ۾ 1947 ۾ برصغير ۾ آيل ورھاڱي واري زلزلي کانپوءِ جي خوف حراس ۽ سنڌ کي ڇڏڻ جو ڏکائتو احوال بہ آھي تہ وري سنڌ واپس ورڻ جي آس جا احوال پڻ آھن. ھو لکي ٿو تہ مون 1978ع کان وٺي ھر سال پاڪستان جي ويزا جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿيندو رھيس. ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي يادگيريون آھن، ڪٿائون آھن، سنڌ سان ازلي عشق جا قصا آھن، دردن جا داستان آھن ۽ سنڌين جي مھان نوازي جا قصا آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو ھند مان ۽ ٻيو ڇاپو 1989ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙو  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي شير علي چانڊيي  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي