لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اچو تہ پنھنجي سنڌي لکت سنواريون

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنھنجي ادبي ڪاوشن جي ٿورڙي عرصي ۾ ئي وارو وڄائي ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين ۽ سائنسي اصطلاحن جي جوڙجڪ جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي صاحب جا وڌل بنياد اهڙي وٿ آهن، جن جي بنياد تي اسان جا موجودہ ۽ ايندڙ نوجوان ليکڪ وڏيون عمارتون جوڙي سگهن ٿا. ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو لکي ٿو: ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي سنڌيءَ جو ليڪسيڪالاجسٽ (= Lexicologist لفظ جي گهاڙيٽي جو اڀياس ڪري، پس منظر، تاريخ ۽ معنيٰ ڄاڻندڙ) چئجي، تہ وڌاءُ ڪونہ ٿيندو. اڄ جڏهن هو اسان کان وڇڙي ويو آهي تہ ايئن ٿو لڳي تہ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهم ’لفظ‘ اسان کان گم ٿي ويو آهي، جنھن جو نعم البدل شايد گھڻي عرصي تائين ملي نہ سگهي.“

Title Cover of book اچو تہ پنھنجي سنڌي لکت  سنواريون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو سنڌي گرامر بابت ڪتاب ”اچو تہ پنھنجي سنڌي لکت سنواريون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنھنجي ادبي ڪاوشن جي ٿورڙي عرصي ۾ ئي وارو وڄائي ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين ۽ سائنسي اصطلاحن جي جوڙجڪ جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي صاحب جا وڌل بنياد اهڙي وٿ آهن، جن جي بنياد تي اسان جا موجودہ ۽ ايندڙ نوجوان ليکڪ وڏيون عمارتون جوڙي سگهن ٿا. ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو لکي ٿو: ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي سنڌيءَ جو ليڪسيڪالاجسٽ (= Lexicologist لفظ جي گهاڙيٽي جو اڀياس ڪري، پس منظر، تاريخ ۽ معنيٰ ڄاڻندڙ) چئجي، تہ وڌاءُ ڪونہ ٿيندو. اڄ جڏهن هو اسان کان وڇڙي ويو آهي تہ ايئن ٿو لڳي تہ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهم ’لفظ‘ اسان کان گم ٿي ويو آهي، جنھن جو نعم البدل شايد گھڻي عرصي تائين ملي نہ سگهي.“
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران 2000ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي عنايت ڪئي.




محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي