سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر جيت سنگهہ سيتل جو لکيل ڪتاب ”سرمد شھيد“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار ستار پيرزادو آھي.
سرمد مغل بادشاھ اونرنگزيب جي دور ۾ ٿي گذريو. ھو ڪافر ۽ مومن جي مصنوعي ورڇ ۾ ايمان نہ رکندو ھو. ھن آڏو ڪافر، مومن، ڪفر ۽ دين جا ويڇا بي معنيٰ ھيا. ھو فرد ۽ بشر ۾ بنا مذھب ۽ ملت جي ھڪ خدا جو نور ڏسڻ وارو مست ھو. سرمد جو ان ڪري ئي سِر وڍيو ويو، جو ھو متعصب ۽ بي جان شريعت جي قيد کي ھرگز قبول ڪرڻ لاءِ تيار نہ ھو. ڪتاب ۾ سندس سوانح، ھن تي لڳل الزامن جو جواب، ۽ سندس ڪلام جيڪو رباعين جي صورت ۾ آھي ان جو ترجمو شامل آھي.
ھي ڪتاب 2002ع ۾ سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.