سنڌ شناسي

تاريخ مظھر شاھجھاني

”مظھر شاھجھانيءَ“ جي نالي سان، سنڌ تي مغلن جي والار واري دور بابت هيءَ تاريخ، اصل فارسي ٻوليءَ ۾، يوسف ميرڪ لکي آهي، جيڪو پنھنجي والد جي حڪومتي جوابدارين ڪري گهڻو عرصو سنڌ ۾ رهيو هو. هي ان جي ٻئي حصي جو سنڌي ترجمو آهي، جنھن ۾ دهليءَ جي مغل سلطنت پاران سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ نوابن جي ظلمن جو ڪچو چٺو آهي. مظھر شاھجھاني سنڌ جي 17ھين صدي واري شروعاتي دور جو ڄڻڪ ھڪ گزيٽيئر آھي، جنھن ۾ انتظامي سرڪاريون پرڳڻا، شھر، رستا، قبيلا، فصل، محصولن جا انگ اکر، عوام ۽ حڪومت جا لاڳاپا وغيرھ بيان ڪيل آھن.

Title Cover of book تاريخ مظھر شاھجھاني

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي تاريخ بابت يوسف ميرڪ بن ابوالقاسم ”نمڪين“ جو لکيل ڪتاب ”تاريخ مظھر شاھجھاني“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار نياز ھمايوني آھي.
”مظھر شاھجھانيءَ“ جي نالي سان، سنڌ تي مغلن جي والار واري دور بابت هيءَ تاريخ، اصل فارسي ٻوليءَ ۾، يوسف ميرڪ لکي آهي، جيڪو پنھنجي والد جي حڪومتي جوابدارين ڪري گهڻو عرصو سنڌ ۾ رهيو هو. هي ان جي ٻئي حصي جو سنڌي ترجمو آهي، جنھن ۾ دهليءَ جي مغل سلطنت پاران سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ نوابن جي ظلمن جو ڪچو چٺو آهي. مظھر شاھجھاني سنڌ جي 17ھين صدي واري شروعاتي دور جو ڄڻڪ ھڪ گزيٽيئر آھي، جنھن ۾ انتظامي سرڪاريون پرڳڻا، شھر، رستا، قبيلا، فصل، محصولن جا انگ اکر، عوام ۽ حڪومت جا لاڳاپا وغيرھ بيان ڪيل آھن.
ھي ڪتاب 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.