سائنس، علم ۽ رسالا

فطرت، سائنس ۽ سماج

فلسفو،  سائنس، سياست، ادب، لغت، اصلاح سازي ۽ آخر ۾ سنڌي ٻولي- اهي سڀ ڊاڪٽر محبت جا موضوع هئا. هيءُ ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ ملھائتين لکڻين تي مشتمل آهي. ڪي لکڻيون آڳاٽيون آهن 1980 جي ڏهاڪي جون، تہ ڪي 1990 جي ورندڙ ورهين ۾ سرجيل. ڪي رف حالت ۾ ئي رهيون، تہ ڪي فيئر ٿِي ڇپيون بہ. هن ڪتابي گلدستي ۾ سينگاريل ليکن جا رنگ ۽ خوشبوئيون الڳ الڳ آهن، پر انھن ۾ سمايل وحدت کي هر سڄاڻ پڙهندڙُ چڱيءَ پر سمجهي سگهندو.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book فطرت، سائنس ۽ سماج

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو لکيل ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
فلسفو،  سائنس، سياست، ادب، لغت، اصلاح سازي ۽ آخر ۾ سنڌي ٻولي- اهي سڀ ڊاڪٽر محبت جا موضوع هئا. هيءُ ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ ملھائتين لکڻين تي مشتمل آهي. ڪي لکڻيون آڳاٽيون آهن 1980 جي ڏهاڪي جون، تہ ڪي 1990 جي ورندڙ ورهين ۾ سرجيل. ڪي رف حالت ۾ ئي رهيون، تہ ڪي فيئر ٿِي ڇپيون بہ. هن ڪتابي گلدستي ۾ سينگاريل ليکن جا رنگ ۽ خوشبوئيون الڳ الڳ آهن، پر انھن ۾ سمايل وحدت کي هر سڄاڻ پڙهندڙُ چڱيءَ پر سمجهي سگهندو.
ھي ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي، قنبر پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون رياضت ٻرڙي جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

انتساب

ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي، 
ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجي، 
ڊاڪٽر سڪندر مغل، 
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي،

۽

ڊاڪٽر شمس الدين تنيي جي نالي، 
جن سڄڻن جون سائنسي علم، ادب، لغت ۽ اصطلاحسازيءَ جي حوالي سان وڏيون خدمتون آهن.

- رياضت ٻرڙو


ٻہ اکر

سالَ ۾ سالُ جوڙ ٿيندو ويو، تان جو 18 سال گذري ويا آهن اسان جي پياري ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي. 1997 کان 2015 تائين، انيڪ تبديليون آيون آهن اسان جي زندگين ۾، تبديلي نه آئي آهي ته صرف وڇوڙي ۾. وڇوڙي ۾ واڌ ئي ٿيندي رهي آهي، ڪا کوٽ ناهي ٿي. ڪير ٿو چوي ته وقت مطلق آهي! وقت ته نسبتِي آهي: خوشيءَ ۾ ننڍي ۾ ننڍو ۽ ڏک ۾ تمام وڏو، حياتيءَ هوندي ساٿ جي احساس سوا ۽ حيات پڄاڻا ساڻُ نه هجڻ جِي ڪيفيت ۾. پر، وڇوڙي جي ڏک ۾ اتساهه بڻيون آهن ڊاڪٽر محبت جون اهي تحريرون ۽ ترجما، جيڪي سال در سال ڪتابي روپ ۾ ڇپجي مڃتا ماڻيندا رهيا آهن ۽ پنهنجي اهميت پسائيندا رهيا آهن.

هيءُ ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ به اهڙين ئي ملهائتين لکڻين تي مشتمل آهي. ڪي لکڻيون آڳاٽيون آهن 1980 جي ڏهاڪي جون، ته ڪي 1990 جي ورندڙ ورهين ۾ سرجيل. ڪي رف حالت ۾ ئي رهيون، ته ڪي فيئر ٿِي ڇپيون به. هن ڪتابي گلدستي ۾ سينگاريل ليکن جا رنگ ۽ خوشبوئيون الڳ الڳ آهن، پر انهن ۾ سمايل وحدت کي هر سڄاڻ پڙهندڙُ چڱيءَ پر سمجھي سگھندو.

پهرين تحرير ”حياتي ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي؟“ کان آخري تحرير ”سج“ تائين، هر لکڻيءَ ۾ هڪ ڳالهه ٻِي به چِٽي آهي؛ دليل، منطق ۽ انگن اکرن جي. هنن لکڻين جي جيءَ جَڙت وهمَ، سَونسي، جهالت ۽ ڌُڪي بازيءَ کي پُٺتي ڌِڪي ٿي ۽ سچ، حق ۽ ڄاڻ سڄاڻ کي اڳتي آڻي ٿي. اسان کي اهڙين لکڻين جي ئي ته هر دَور ۾ ضرورت رهي آهي. پڪ اٿم، ته هيءُ منفرد لکڻين جو ڳُٽڪو اوهان کي ضرور پسند ايندو.

مهرباني.

رياضت ٻرڙو

21 مارچ 2015، لاڙڪاڻو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: سنڌ جو سقراط

دُنيا ۾ ماڻهو روز ڄمن ٿا ۽ روز مرن ٿا، پدمين انسان هن دنيا ۾ آيا ۽ مري کپي ويا، پر ڪنهن کي ياد به ڪونهن ۽ ڪٿي سندن نالو نشان به ڪونهي. هر قوم ۽ سماج سان ائين ئي آهي، ساڳئي وقت هر قوم ۽ سماج ۾ اهڙا ماڻهو به ڄمن ٿا، جيڪي پنهنجيءَ بامقصد زندگيءَ کي ڪو سُونهن ڀريو ڪارج ڏيئي، نه رڳو ان جي وِٿُ ۽ سڃاڻپ بڻجن ٿا پر پاڻ به امرتا ماڻين ٿا. اهڙن ماڻهن جو مڙهه ته مُئي پڄاڻان ڌرتيءَ ۾ پُورجي ٿو پر سندن وجود پنهنجيءَ قوم ۽ عوام جي دِلين ۾ زنده رهي ٿو. منهنجو پيارو دوست ۽ سنڌ جو ڏاهو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به اهڙو جِيءَ جياريو ماڻهو ۽ عالم ليکڪ، نقاد ۽ محقق هو. اهو سنڌ جو ڪيترو نه وڏو الميو آهي جو سنڌ جي سياست، علم ۽ ادب جا اڪثر وڏا ماڻهو ننڍي يا وچئين وهيءَ ۾ ئي هِيِءُ جهان ڇڏي ويا، پر پوءِ به سندن ڪردار ۽ ڪارج جا ڪِرڻا اڄ به روشن آهن ۽ سندن سڦلائتي پنڌ جا رَند اڄ به پنهنجيءَ قوم ۽ سماج کي وڏو اُتساهه بخشين ٿا. بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ذوالفقار علي ڀُٽو، بينظير ڀُٽو، فاضل راهو، نظير عباسي، مير مرتضيٰ ڀٽو، بشير خان قريشي، حفيظ شيخ، نسيم کرل، ف م لاشاري، ڊاڪٽر فيروز احمد، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ حسن درس جهڙا سنڌ جا انيڪ ماڻهو موتي هئا، جن کي ڊگهي ڄمار نصيب نه ٿي، پر ٺلهي ڊگهي ڄمار کي ته ڪا معنى ناهي، ماڻهو سوچي ڇا ٿو؟ محسوس ڇا ٿو ڪري؟ ڪري ڇا ٿو؟ هن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ هن جو پنڌ ڪهڙو آهي؟ هن جي واٽَ ۽ منزل ڪهڙي آهي. اهي سڀ سوال ڄمار جي عدالت جي اهميت کان وڏا آهن. جڳ مشهور ڊچ مُصور ونسنٽ وان گاگ 37 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو، انگريزيءَ جو زبردست شاعر ۽ نقاد ازرا پائونڊ 35 سالن ۾ گذاري ويو. خود شيلي ۽ ڪيٽيس جهڙا باڪمال شاعر زندگيءَ جا چاليهه سال به پورا نه ڪري سگهيا پر ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟  خود لطيف سائين جي ڄمار 63 سال هئي، جيڪا ڪا وڏي ڄمار ته ناهي، ان ڪري ماڻهو زندگي ڪيئن ٿو گذاري ۽ ڇا ٿو ڪري ۽ ڏئي وڃي، اهو سوال وڌيڪ اهم آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي به فقط 45 سال ڄمار ماڻي پر ڪيڏي نه سڦلائتي زندگي گذاري، جو هِي ماڻهو ڪيترو نه وڏو ڪم ڪري ويو، ايترو، جيترو شايد گهڻا اديب ۽ اسڪالر وڏيون ڄمارون ماڻيندي به نه ڪري سگهيا. لطيف سائين شايد اهڙن امرتا ماڻيندڙ ماڻهن لاءِ ساکَ ڏيندي چيو آهي ته:

مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات،

هوندا سي حيات، جيئان اڳـي جـي جيـا!

ماڻهو وڏيون ڄمارون ماڻي به ڪَک پن ٿي اُڏامي سگهي ٿو ۽ ماڻهو ڪي ڪارائتا پَلَ حياتي ماڻي، ان کي ڪو ڪارج ڏئي به امر ٿي سگهي ٿو. اسان جو پيارو دوست ۽ سنڌ جو ڏاهو فرزند ڊاڪٽر محبت به هُوبَهُو ائين ئي هو. مان 1986ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر پاس ڪري پنهنجي شهر قمبر موٽي آيس. اهو زمانو اهڙو هو، جنهن ۾ مون لاءِ زندگيءَ جو معراج فقط ادب هو. ان زماني ۾ به مان تمام گهڻو پڙهندو ۽ لکندو هئس ۽ اهو ئي زمانو هو، جڏهن منهنجي ڊاڪٽر محبت سان علمي، ادبي ۽ فڪري دوستيءَ جي شروعات ٿي. سندس ڪلينڪ قمبر لڳ هڪ ڳوٺ باگي ديري ۾ هوندي هئي. ڪلينڪ جو مڙئي بهانو ۽ نالو هو، اصل ۾ اُها ڊاڪٽر محبت جي فڪري، علمي ۽ ادبي پورهئي جي جاءِ هئي. دوستيءَ جو اهو تعلق جيئن جيئن اڳتي وڌيو ۽ پڪو ٿيو، تيئن تيئن هن جي سادي پر گهڻ رخي ٻهڳڻي شخصيت جو تاڪيو مون اڳيان کُلندو ويو. مان به سندس ڪلينڪ تي روز وڃڻ ڇا لڳس، ڄڻ ته عادي ٿي ويس. بس پوءِ ڏينهن جو مان هن وٽ ڪلينڪ تي ۽ هو روز شام جو منهنجيءَ اوطاق ۽ لائبريريءَ تي. روز هو مون تي نئين سر آشڪار ٿيڻ لڳو. ڪڏهن هڪ نقاد ۽ پارکو، ڪڏهن سنڌ، عوام ۽ انقلاب جو عاشق، ڪڏهن عالم ۽ اديب، ته ڪڏهن نه رڳو پڙهيل پر ڪڙهيل پختو نظرياتي سياسي ڪارڪن. سندس ڪلينڪ تي مريض گهٽ پر بحث مباحثا ڪرڻ وارا دوست گهڻا ايندا هئا. سندس ڪلينڪ ڇا هئي ڄڻ باگي ديري ۾ ننڍڙو اٿينس هو ۽ هو نئين دور جو سقراط، سڄو ڏينهن پيو ليڪچر ڏيندو هو، بحث ڪندو، تنقيدي اک سان سمجهائيندو ۽ نظرياتي پيچيدگين جا مُنجهيل سُٽَ پيو سُلجهائيندو هو. اسٽڊي سرڪل ٿين، ته ڊاڪٽر جا فلسفي تي ڊگها ڊگها ليڪچر- پنج پنج ڪلاڪ هڪ ليڪچر، سگريٽن جا پنج ڇهه پاڪيٽ ۽ ڏهاڪو کن چانهيون ۽ ڊاڪٽر جا نه کُٽندڙ ليڪچر. هونئن ته هو گهڻ رخو ماڻهو هو، پر سندس پسنديده موضوع فلسفو ۽ ان ۾ به مارڪسي فلسفو هئا. هِي عجيب ماڻهو هو، پئسا ڏيندڙ مريضن کي ڏسي بيزار ٿئي ۽ نظرياتي بحث ڪندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ دوستن کي ڏسي ٽِڙي پوي. چانهيون سڀ اوڌر تي ۽ اوڌر لهڻ جو امڪان ئي نه! ڇو ته جنهن رفتار سان چانهيون ۽ سگريٽ پيئي ۽ ٻين کي پياري، ان حساب سان سندس آمدني ڪجهه به نه. ڪلينڪ هلائي ته آمدني به ٿئي! لطيف سائين سُر کاهوڙيءَ ۾ اهڙن بي لوث کاهوڙين جي ڪردار ۽ ڪيفيتن کي هِيئن بيان ڪيو آهي:

تـان ونـئـن ويهـي آءُ، اڱـڻ کاهــوڙيــن جـــي،

جـوش ڏنــائون جِـيءَ کـي، لڪـائـي لـوڪاءُ،

ڏوٿين ڪنهن ڏکاءُ، سُمهي سُک نه ماڻيو!

سوال آهي ته، سنڌ جي هن کاهوڙي ۽ ڏوٿيءَ کي ڪهڙو ”ڏُک“ هو؟ جنهن سبب هن ڪڏهن سُمهي سُک نه ماڻيو؟ ڇا اهو ڪو انفرادي ڏُک هو؟ ڇا هن جو پنڌ پنهنجي ذات لاءِ هو؟ ڇا هن جا خواب سندس سُک لاءِ هئا؟ نه هرگز نه! هو سڄي انسانذات جي ڇوٽڪاري لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو هو، هن کي طبقاتي ۽ قومي غلاميءَ ۽ ڦرلٽ کان نفرت هئي، هو سراپا سائنسيت ۽ منطقيت جي مِٽيءَ مان ڳوهيل هو، ان ڪري هن کي عقيدي پرستيءَ، توهم پرستيءَ، انڌن ويساهه ۽ جهالت جي هر صورت کان اٿاهه نفرت هئي. هن کي سائنسيت سان سنڌ جيترو پيار هو ۽ سنڌ کي هر سائنسيت جي رنگ ۾ ڏسڻ ۽ تبديل ڪرڻ چاهيندو هو. هن جا ليڪچر، لکڻيون، ڪچهريون، پنڌ ۽ جُستجو جا محرڪ اهي هئا. پورهيت طبقن سان پيار ڪندڙ، سندن نجات لاءِ ووڙيندڙ سنڌ جو هِي سقراط، پاڻ به وڏو فڪري ۽ علمي پورهيت هو. مون هن کي ڪڏهن به واندو، ٿڪل، غير متحرڪ، سماج ۽ ڏاهپ کان لاتعلق ۽ ورچي ويهڻ وارو نه ڏٺو. سخت غربت ۽ اڻهوند ۾ گذاريندڙ هِي انوکو شخص سدائين سرهو ۽ ڪارائتي تخليقي ۽ تحقيقي ڪرت سان جُنبيل هو. مان سوچيندو هئس ته، محبت جي من ۾ اهو ڇا جو اطمينان آهي؟ ان سرهائيءَ جو راز ڇا آهي؟ اهي اندر ۾ ڪهڙا لِڪل خزانا ۽ اکين ۾ ڪهڙا سپنا اٿس، جو سڄو ڏينهن پيو انهن کي سڏي سرهو ٿئي؟ اها شايد اها سرهائي آهي، جيڪا پنهنجيءَ ذات جي نفي ڪندڙن کي حاصل ٿيندي آهي، جيڪا ڏئي ۽ وڃائي ماڻبي آهي، جيڪا تخليق ڪري ۽ تصورن ۾ اُن آئيندي جو جمال پَسي، پَسبي آهي، جنهن لاءِ ماڻهو سڀ ڪجهه تياڳيندو آهي، پنهنجيءَ ذات لاءِ حاصل ڪرڻ جي تمنا تان ئي هٿ کڻندو آهي ۽ پاڻ کي انسانذات، قوم ۽ پورهيت عوام جي ازلي نجات جي فراق ۾ فنا ڪري زندگيءَ کي ڪا معنيٰ بخشيندو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پاڻ وڃائي پنهنجو وجود لهندو آهي ۽ سرهو ٿيندو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هُوبَهُو ائين هو، هو جسمن جو ته ڊاڪٽر هو پر هو دراصل رُوحن، خيالن، احساسن ۽ سماج جي هِيڻن ۽ مظلوم طبقن جو فڪري ويڄ هو. هو تَنَ سان گڏ مَنَ جو به طبيب هو.

ڊاڪٽر محبت جهڙوُ تيز رفتار پڙهندڙ ۽ گهڻو پڙهندڙ به ورلي ڪو هوندو. ڪتاب هٿ ۾ آيو ناهي، چَٽ. هن جي فڪري اُڃَ ڪا ايڏي گهڻي هئي. هو علم ۽ ڏاهپ لاءِ جنهن جو تاسارو هو جو لائبريريون ۽ علمن جا سمنڊ پي ويو، ته به هن جي تشنگي ۽ تانگهه ۾ ڪمي نه آئي. لکڻ ۾ به تمام گهڻو تيز هو. ڀلا 45 سالن جي ڄمار ۾ سوين اڻ ڳڻيا ليڪچر، علمي ۽ فڪري مضمون، مقالا ۽ ويهن کان مٿي تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب ڏيندڙ ڪو عام ماڻهو ته ٿي نه ٿو سگهي. فلسفو،  سائنس، سياست، ادب، لغت، اصلاح سازي ۽ آخر ۾ سنڌي ٻولي- اهي سڀ ڊاڪٽر محبت جا موضوع هئا ۽ ڪيئن طئي ڪجي ته هو ڇا جو ماهر هو؟ ۽ هو ته انهن سمورن علمن جو ماهر هو ۽ مٿان وري اهڙو ماڻهو، ڪارڪن به هجي، فقير منش کاهوڙي به هجي، ڇا ته حَسين امتزاج هو، هن سنڌ جي ڏاهي فڪري پورهيت ۾! شايد اهو اُتساهه، ايڏي اٿاهه، سگهه،  حوصلو ۽ اُورچائي انهن ماڻهن کي ڀاڳَ ۾ ملي ٿي، جيڪي هن مختصر زندگيءَ کي ڪا معنيٰ بخشين ٿا ۽ زندگيءَ جا رازَ ڳولي لهن ٿا. مان هن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لطيف سائينءَ کان اُڌارا لفظ ٿو وٺان، جنهن چيو هو ته:

ڪُـــپـــيـريءَ ۾ پــيــرُ، ڪــنــهــن پــاتــو پــيــرئـيـن، 
جـيـان منجهـڻ مـاڙهـئيـن، سڄـڻ تـيـان ئـي سـيـرُ،  
اُن ڀونءِ ۽ سندو ڀيرُ، ڪوڙن منجهان ڪو لهي.

- جامي چانڊيو


مضمونَ

---

حياتي ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي؟

حياتي ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي؟

حياتي ته وڃي پئي گذرندي، پر ڪهڙن ڪمن ۾؟
ڪنهن نه ڪنهن جانور جھڙي پئي گذري يا ماڻهوءَ جھڙي هجڻ گھرجي، ان جھڙي ماڻهپي ڀري؟
ڄاڻ، کوجنا، پرک، هنر، فن، ادب، واپار، انتظام، جنگ، نوڪري، وڪالت، مطلب ته ڪهڙو به ڌنڌو هجي، زندگيءَ جي ڪهڙي به شعبي سان واسطو هجي، ايتري قدر جو ڌاڙي، دهشتگرديءَ، ٺڳيءَ، بدمعاشيءَ، سازش ۽ غداريءَ لاءِ به ماڻهوءَ کي نور نچوئي به ڪم ڪرڻو پوي ٿو. پر ڇا اسان ڪڏهن سچ پچ سنجيدگيءَ سان سوچيو آهي ته اسان مان هر هڪ جو هر منٽ، هر ڪلاڪ ۽ هر ڏينهن ـــــــــ مجموعي طور سڄي حياتي ـــــــــ ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي؟ ڇا اسان مان هر هڪَ بلڪل ايمانداريءَ سان پنهنجو جائزو ورتو آهي ته هُو ڪهڙا چڱا ڪم ڪري ٿو ۽ ڪيترو وقت ڪري ٿو، ڪهڙا ڪِنا ڪم ڪري ٿو ۽ ڪيترو وقت ڪري ٿو ۽ ڪهڙا اهي ڪم ڪري ٿو، جن کي چڱي يا ڪِني بدران اجايا ۽ بيڪار سڏڻ بهتر ٿيندو ۽ انهن تي ڪيترو وقت وڃائي ٿو؟ ڇا اسان ڪڏهن اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته چڱو، ڪِنو ۽ اجايو ڪم ڇا کي چئجي ۽ ڇو چئجي؟ ۽ جيڪڏهن اسان اهو ڄاڻي ورتو آهي ته هيءُ يا هُو چڱو، ڪِنو يا اجايو ڪم آهي، ته پوءِ اسان پاڻ شعوري طرح ڇا اهو جتن ڪيو آهي ته چڱو ڪم ڪجي، ڪِني ڪم کي ڌڪارجي ۽ اجائي ڪم مان جند ڇڏائجي؟ يا اسان ايئن پئي ڪيو آهي، ته ڪنهن نه ڪنهن مجبوريءَ جي آڙ وٺي يا ان جي بهاني، چڱي ڪم کان پئي لنوايو آهي، ڪِنو ڪم پئي ڪيو آهي ۽ اجائي ڪم مان جند ڇڏائڻ جو ڪو به جتن نه ڪيو آهي؟ ڪنهن به چڱي، ڪِني يا اجائي ڪم جي پرک لاءِ ڪَسوٽي ڪهڙي هجڻ گھرجي؟ ڪنهن به چڱي، ڪِني يا اجائي ڪم جي سطح ڇا هجي؟
اسان مان هر هڪ جيڪو به ڪم ڪري ٿو، جھڙو به هجي، ان جي لاءِ ڪي نه ڪي عذر، بهانا ۽ دليل ڳولي هٿ ڪري ٿو ۽ پنهنجي ڪم کي جائز چوي يا چئي نه سگھي، ته سمجھي ضرور ٿو. مثال طور: هڪ چور پنهنجي ڪم کي عام طور غلط ۽ خراب سڏي ٿو، خراب سڏڻ باوجود اهو ڪم ڪندو رهڻ جو مطلب ڇا سمجھجي؟ هڪ ڊاڪٽر ڏيڍ سَو رپيا في وٺي چوندو هو ته ادا اسين ته وڏا ڦورو آهيون، پر هاڻي چار سَو رپيا في وٺي ٿو ۽ پاڻ کي ساڳيو ئي ڦورو سڏي ٿو. هڪ وڪيل چيو پئي ته ”ادا، وڪيل جي قيمت ڇا، ٽَڪي ۾ ٽي ملي ويندا.“ اهي لفظ تڏهن چيائين جڏهن وڪالت، زنا ۽ نشو ڇڏي عوام جي ڀلائيءَ ۽ ڇوٽڪاري لاءِ پتوڙڻ لڳو، وري جڏهن ”عوام“ مان بيزار ٿيو، تڏهن ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگھ ۽ انهن جي حمايت ۾ هزارين ”دليل“ تيار! اها چوري، اها ڊاڪٽري، اها وڪالت ۽ پنهنجي ڌنڌي بابت ماڻهوءَ جي اهڙي خونخوار راءِ ۽ پوءِ به ڪم، طريقو ساڳيو! ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن شَي کي سچ پچ برو سمجھي ٿو ته ان کي ڇڏڻ يا ان ۾ برائي گھٽائڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿو ڪري؟ هن سوال جو آخري جواب هي ٿيندو ته ماڻهو رڳو ڄاڻائڻ لاءِ، سرخرو ٿيڻ لاءِ برائيءَ جو اقرار ڪن ٿا، جڏهن ته حقيقت ۾ اهي ان کي خراب سمجھن ئي نه ٿا.
زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ماڻهو جنهن به سطح تي ڪم ڪري ٿو، ان کي اَٺ ئي پهر جاچيو. هن جون سوچون، هن جون ڳالهيون ۽ هن جا ڪم چڱيءَ طرح ڇنڊيو ڇاڻيو. توهان چٽيءَ طرح ڏسي وٺندا ته سندس ڪم اَجايا ۽ ڪِنا وڌيڪ هوندا.
جنهن شَيءِ کي عزت ڏبي، معاشري ۾ اها شَي ئي وڌندي. سچ ۽ علم کي مانُ ڏبو ته سچ ۽ علم وڌندو ۽ جي ڪوڙ، جهالت ۽ دولت کي مٿاهون ڪبو، ته ماڻهو هر طرح ان کي ئي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
ماڻهوءَ کي ننڍپڻ کان وٺي پيريءَ تائين جن اصولن، آدرشن ۽ علمن کي اپنائڻ جي تعليم ڏني وڃي ٿي، اهي عملي زندگيءَ ۾ ايڏا ته خطرناڪ ثابت ٿين ٿا جو تعليم ڏيندڙ ۽ وٺندڙ، ٻئي، انهن تي عمل نه ٿا ڪري سگھن. ڇا اسان کي ”سچ ته بيٺو نچ، ڪُوڙ جي مُنهن ۾ ڌوڙِ، پورهيي جي عزت، ايمانداريءَ جو سُٺو سِلو، ٻئي جي ڪم اچڻ، هڪ ٻئي جي مدد، ملنساري“ وغيره جھڙا موضوع نه ٿا پاڙهيا وڃن؟ مون کي ڪجھ ڪجھ خبر آهي ته ڪُوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ وجھڻ سان گڏ ”ڪُوڙي“ جي منهن ۾ ڌوڙ ڇو نه ٿِي وڌي وڃي ۽ پورهيي جي عزت ڪرڻ سان گڏ پورهيت جي عزت ڇو نه آهي، پر ڇا عملي زندگيءَ ۾ سچ پچ ايئن آهي ته ڪُوڙ (يا ڪُوڙي) جي منهن ۾ ڌوڙ ۽ سچ، پورهيي (سچار ۽ پورهيت) کي عزت ملِي؟
جي وڏا ڪُوڙا، وڏا بي ايمان، وڏا ٺڳ، وڏا لوڀي، وڏا ڏوهاري، وڏا دهشتگرد، وڏا... (مطلب ته هر قسم جا گندا ماڻهو) ...آهن، اهي ته مُلڪن، راڄن، قومن، زمينن، ڪارخانن، نوڪرين، واپارن... ڇا ڇا ڳڻائجي، دنيا جا مالڪ آهن! ۽ جيڪي وڏا سچار، وڏا ايماندار، وڏا... (مطلب ته هر قسم جا سُٺا ماڻهو) ...آهن، اهي اڪثر سُوريءَ تي لٽڪندي ۽ گھاڻن ۾ پيڙجندي ڏيکاربا يا وري گمناميءَ ۽ ڌڪار جو شڪار ٿي چَپ سبيل، آڱريون ڀڳل، ڪنڌ هيٺ ۽ سماجي طرح پوئتي اڇلايل نظر ايندا.
ايئن ڇو آهي؟ حياتيءَ جي اعلى اصولن ۽ آدرشن جي عملي طرح بي عزتي ڇو ٿي ڪئي وڃي ۽ انهن تي هلندڙن کي ڇو ٿو ايذايو وڃي، جڏهن ته بدتر ڳالهين، حرڪتن، سوچن ۽ ڪمن کي عملي طرح عزت ڇو ٿي ملي ۽ انهن تي هلڻ لاءِ همتايو ڇو ٿو وڃي؟ ايئن ڇو آهي؟ جن ڪمن کي خراب سڏيو وڃي ٿو، عملي زندگيءَ ۾ اهي ايڏا ته ڪارائتا آهن جو بظاهر اهي اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪندي يا خراب چوندي به انهن تي ئي هلڻو پوي ٿو!
سچائي، نيڪي، فضيلت، ايمانداري، پورهيو، امن، انصاف، برابر، ڀائيچارو، پيار، پنهنجائپ، وطن دوستي، نماڻائي، نهٺائي، مروت، مهمان نوازِي، علم، اڪابري، انسان دوستي ۽ اهڙا ٻيا سوين گڻ آهن جن کي سڀ ماڻهو (سندن نيت ڪهڙي به هجي) سٺو چون ٿا. اهي سجايا ڪم آهن.
ڪُوڙ، برائي، نڪمائي، بد امني، بي انصافي، اڻ برابري، دشمني، نفرت، ڪدورت، جهالت، جنگ، ڪاهه، اڳرائي، انسان دشمني، غدارپ، ٺڳي، لوڀ ۽ اهڙا ٻيا سوين ڪم آهن جن کي سڀ ماڻهو (سندن نيت ڪهڙي به هجي) بڇڙو سمجھن ٿا. اهي ڪِنا ڪم آهن.
ساڙ، وهم، سونسو، اٻهرائي، انڌي عقيدي پرستي، ڪٽرپڻو، ڪُپت، ڪِينو، ساٽ سٽڻ، وقت وڃائڻ، گھڻو کائڻ، لَٻاڙ هڻڻ، نشو ڪرڻ ۽ اهڙا ٻيا سوين ڪم آهن، جن کي سڀ ماڻهو (سندن نيت ڪهڙي به هجي) بيڪار سمجھن ٿا. اهي اجايا ڪم آهن.
ايئن هوندي به، ايئن سمجھندي به ۽ ايئن چوندي به، هر ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو وڏو حصو ڪهڙن ڪمن ۾ گذري وڃي ٿو؟ في الحال رڳو پنهنجي پنهنجي ڇنڊڇاڻ ڪجي، پنهنجي هر ڪم، سوچ ۽ ڳالهه کي جاچيو وڃي. چٽيءَ طرح پرکي وٺنداسون ته اسان جي حياتيءَ جو وڏو حصو انهن ڪمن ۾ مصروف گذري ٿو جيڪي ڪِنا يا اجايا آهن ۽ انهن ڪمن ۾ ڳڻتيون، بي اطمينانيون، خوشامديون، چاپلوسيون ۽ محروميون سندن وياج طور وڌيڪ پلئه پئجيو وڃن.
اهڙي وقت ۾ اهو چوڻ، ته سٺو ٿجي، سچار ماڻهو ٿي بيهجي، برائيءَ جو مقابلو ڪجي، اجاين ڪمن ۾ وقت نه وڃائجي، سچ، ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي روشني وڌائجي وغيره، سَو سيڪڙو خيالي ۽ هوائي ڳالهيون محسوس ٿين ٿيون. پر جي انسانيت جو مانُ مٿاهون ڪرڻو آهي ته ايئن ڪرڻو ئي پوندو.
اها ڳالهه پڪ سان چئي سگھجي ٿي ته برائي ڪيڏي به مٿاهين ۽ ڇانيل نظر اچي، پر ساڳي وقت سُٺائي، سچ ۽ سڄاڻ به، بيشڪ اَٽي ۾ لوڻ برابر موجود ضرور آهن. جهالت، انڌڪار، ڏاڍ، ڪوڙ، لوڀ ۽ ٻيا اوگڻ بظاهر ڪيڏا به مضبوط هجن، پر انهن کي علم، انصاف، امن، سچ ۽ اهـڙن ٻين سُٺن گڻن آڏو اَوس جھڪڻو پوندو. شرط اهو آهي ته هر سچار ۽ عالم ماڻهو پنهنجي پوري ايمانداريءَ ۽ قوت سان ڪُوڙ ڪُپت خلاف جنگ ڪري انسانيت جو جھنڊو اوچو رکي ۽ وٽس جيڪي به صلاحيتون آهن ــــــــ ڪم ڪرڻ، پڙهڻَ، سمجھڻ، پرکڻَ، لکڻَ ۽ ڳالهائڻَ جون ـــــــــ اهي سڀ جو سڀ ڪم آڻي.

(ڇپيل روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 26 جُونِ 1992ع)

***

راڄ

راڄ

تون منهنجو پٽ،
آءٌ تنهنجو بابا،
هوءَ تنهنجي امڙ ۽
هيءَ تنهنجي ڀيڻ آهي.
اسين سڀ هڪ ئي گھر جا ڀاتي آهيون.
اسان سڀني کي سڏبو ـــــــــــ آڪهه.
آءٌ وري پنهنجي بابا جو آڪهه جو ڀاتي به آهيان. تنهنجي امڙ وري تنهنجي نانا جي آڪهه جي ڀاتڻ به آهي. چاچا ۽ ماما جن جون به پنهنجون پنهنجون آڪهيون آهن. اهي سڀ آڪهيون گڏجي سڏبو ڪَهول.
اسان جي به گھر جي سامهون، پٺيان، کاٻي ۽ ساڄي کوڙ گھر آهن. انهن گھرن ۾ ٻيون ٻيون آڪهيون يا ڪهول رهندا آهن.
حَسن کان اسين پٽاٽا، ٽماٽا، واڱڻ، پالڪ، ساوا ڌاڻا ۽ مرچ، لاهوري گجرون، لوڻڪ، گوگڙو ۽ ٻيون ڀاڄيون وٺندا آهيون.
ڇيلي جو گوشت خُدن کان ۽ ڪُونهَٽ جو گوشت قادَن کان وٺندا آهيون ۽ مڇي وري موچاري کان وٺندا آهيون.
سڪندر کان ڪڻڪ، اٽو، چانور ۽ ٻيو اناج خريد ڪندا آهيون.
فَتن کان ڪپهه، واڻ، لوڻ، مرچ، کنڊ، گِھ، چانهه ۽ ٻيا وڙ وٺندا آهيون ۽ رَسولي پاساري کان ننڍا ڦوٽا، وڏا ڦوٽا، ڦُودنو، جِيرو، مٺي ڪاٺي، وڏڦ، ڪمال پَٽ ۽ ٻيا گرام مصالحا وٺندا آهيون.
صابُو ڪنڀر کان دِلو، گُھگھي، وِهڙو ۽ ٻيا ٺڪر جا ٿانوَ وٺندا آهيون.
ڪڏهن ڪڏهن واڌل جي هوٽل تي چانهه پيئندا آهيون، ڊاڪٽر اشرف کان دوا وٺندا آهيون، سوناري کان اميءَ جي مُنڊي ٺهرائي هئي، مَڏيءَ تان ڪاٺيون وٺندا آهيون. آءٌ ڪمائي ايندو آهيان، امي ماني ٻوڙ پچائيندي آهي، ۽ پوءِ گڏجي ويهي کائيندا آهيون.
تو ته ڏٺو آهي ته بَزار ۾ کوڙ هڪجهڙا ۽ کوڙ ٻيا ٻيا هَٽ هوندا آهن، ڪنهن تي ڪهڙيون وٿون، ته ڪنهن تي ڪهڙا وکر. جڏهن اسين ڪا به شيءِ وٺندا آهيون تڏهن ان شيءِ جو ملهه هٽ واري کي ڏيندا آهيون. اسين پيسا ڏيون ٿا ۽ شيءِ خريد ڪيون ٿا، هٽ وارو شيءِ وڪڻي ٿو. ڏي وٺ، ڏيتي ليتي. ان کي چئبو آهي ڏيتي ليتي.
هٽ وارن کان اسين جيڪا وڙ وٺندا آهيون اهي سڀ هٽن وارا پاڻ ڪو نه ٺاهيندا آهن، پر اهي ٻين شهرن، ٻين ٻين ڳوٺن مان آڻبيون آهن.
اناج، ڀاڄيون، چوپايو مال، مڇي، ڪاٺ، مکڻ ۽ چوپايا آڻيندا آهن. مهاڻا مڇي ماري ايندا آهن، ۽ ڪڻڪ، ساريون، جوئر، ٻاجھري، مَڪئي، ڪمند، ڪپهه، داليون، چڻا، مٽر ۽ سموريون ڀاڄيون، سمورا ميوا وري هاري پيا پيدا ڪندا آهن.
ٻنيءَ ۾ فصل پوکبا آهن. واڙِي ۾ ڀاڄيون اپائبيون آهن، باغن ۾ ميون وارا وڻ رکبا آهن.
پوک جو سمورو ڪم هاري ڪندا آهن. ٻني ٻارو سَنئون ڪرڻ، ڀتر ڀڃڻ، ڪَسيون ٻڌڻ، پاڻي ڏيڻ، رونبو رائي، واڍي، لاب ۽ ڍوئي، فصل جي سار سنڀال ۽ بچاءُ سڀ هاري ڪندو آهي، پر اسان وٽ هتي ابتو چڪر آهي ته کيڙ پوکي سڀ هاري ڪري، پر زميندار گھر ويهي کانئس اُپت جو وڏو اڌ وٺيو وڃي ۽ لئه سان ڀِڀُ ڀريو ويٺو ٻٽاڪون هڻي، باقي جيڪو ڪجھ هاري ڪمائي تنهن جو به ڳچ ته دوا درمل، ستي ڦَڪي، لٽي ڪپڙي، هر، گھوٻي، ڪِيڻ ڪوڏر ۽ ٻي سامان تي خرچ ٿيو وڃي. سمورن ماڻهن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ گھڻي کان گھڻو ڪم هاري ڪري پر پاڻ ويچارو گھڻي قدر اُڀري اڻڀي مانيءَ ڀاڄيءَ تي گذاري.
ڪيترن ئي شهرن ۾ وري ڏاڍا وڏا ڪارخانا ٿيندا آهن جن ۾ ڪيترن ئي قسمن جو سامان ٺهندو آهي: بجليءَ جو سامان، ريڊيا، ٽيپون، لٽا ڪپڙا، جِست، فولاد، ٽامي، ڪنجھي ۽ شيشي جا ٿانو، پائوڊر، صابڻ، آئينا، ڦڻيون، سائيڪلون، موٽرون، ڪارون، بسون، ٽرڪون، ٽريڪٽر، ريل گاڏي ۽ هوا جهاز، قلف ڪڙا ۽ ٻيو ڪيترو ئي سيڌو سامان ڪارخانن ۾ ٺهندو آهي.
ڪارخانا ۽ ڪارخانن ۾ سمورو سامان جيڪي ماڻهو ٺاهيندا آهن، انهن کي چئبو آهي، پورهيت يا مزدور. پر اسان وٽ اهو به ابتو چڪر آهي ته جيڪي ماڻهو ڪارخانا ٺاهن، ڪارخانا هلائن ۽ سامان جوڙن، اهي ڪارخانن جا مالڪ نه آهن. ڪارخاني جو مالڪ اهو هوندو آهي جنهن ڪهڙي به طريقي سان پيسو ڏوڪڙ يا ناڻو هٿ ڪيو هجي ۽ ان ناڻي وسيلي ڪارخاني جي مشين خريد ڪري، مزدورن کي اُجوري تي رکي. مزدور ته غريب ماڻهو هوندا آهن، انهن وٽ پيسو ڏوڪڙ هوندو ڪونهي، وٽن ڪم ڪرڻ وارا ٻه هٿ ۽ پورهيي ڪرڻ جي سگھ آهي. ڪارخاني جو مالڪ ٿورن پيسن تي انهن جي پورهيي جي سگھ خريد ڪندو آهي. مزدورن کان ڪم گھڻو وٺندو آهي ۽ اجورو گھٽ ڏيندو آهي، جنهنڪري مزدور جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي. گھڻو ڪم وٺڻ سبب ڪارخاني ۾ شيون به گھڻيون ٺهنديون آهن، جن کي مهانگي ملهه وڪڻي ڪارخاني جو مالڪ يعني سيٺ يا سرمائيدار گھڻو گھڻو ”نفعو“ ڪمائيندو آهي.
مزدور رڳو ڪارخانن ۾ ئي ڪم نه ڪندا آهن پر جايون جوڙڻ وارا به مزدور هوندا آهن، روڊن ٺاهڻ وارا به مزدور هوندا آهن. ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ وارا (ڪنڀر)، ميزون؛ ڪُرسيون؛ کَٽون ۽ ڪاٺ جو ٻيو سامان ٺاهڻ وارا (واڍا)، جُوتا چَتيون ٺاهڻ وارا (موچي)، پَن جون ٻِيڻيون ٻڌندڙ، ٽرڪن، بَسن، پِڪ اَپن، ريلن ۽ جهازن تي بار ڍوئيندڙ سڀ مزدور هوندا آهن. تو کي مون برف ٺهڻ جو ڪارخانو ڏيکاريو هو، ان ۾ به مزدور ڪم ڪن پيا ۽ اَنُ ڇڙهڻ ۽ پيهڻ جو ڪارخانو به ڏيکايو هو، ان ۾ مزدورن پئي ڪم ڪيو.
سڄيءَ دنيا ۾ سيٺيون ۽ سرمائيدار، زميندار ۽ جاگيردار نه هجن، ته ڪو فرق نه پوندو، پر جيڪڏهن مزدور ۽ هاري نه هجن، ته هوندو ڪو به ماڻهو جيئرو نه بچي يا برپٽن، ٻيلن ۽ روهَن ۾ رلي وڃي، پر اسان وٽ هلي ٿو اونڌو چرخو ۽ ڌرتيءَ جا ڇٽيهه لکڻا، انهن کاٽو پُٽن کان وڌيڪ ڏکن واري حياتي گذارن ٿا.
هاڻي تون سمجھي ويو هوندين ته اسين جيڪي به وڙ، وکر ۽ وٿون شهر مان خريد ڪندا آهيون، اهي سوين ڳوٺن ۽ شهرن کان اينديون آهن ۽ انهن کي ٺاهڻ/اپائڻ وارا به لکين ماڻهو ٿيندا آهن. انهن سڀني ڳوٺن، شهرن ۽ ماڻهن جو هڪ ٻي سان واسطو آهي. ڪو سامان ڪٿان ٿو اچي ته ڪو ڪٿان. سامان، شيون وٺڻ ڏيڻ لاءِ اهي هڪ ٻي سان ڳالهائيندا. اهي جيڪڏهن پورهيو ڪڙمت ڪرڻ، هڪ ٻئي سان ڏيتي ليتي ڪرڻ، هڪ ٻئي جي گھرجن جو سامان ٺاهڻ ۽ ڍوئي پهچائڻ ڇڏي ڏين ته جيڪر اسين ڏاڍا ڏکيا ٿيون. پوءِ اسان وٽ نه انُ هوندو ۽ نه وري ڀاڄي هوندي، گوشت مڇي به ملي نه سگھندا، جايون جڳهون، روڊ رستا، باغ باغيچا، اسڪول ڪاليج، لٽا ڪپڙا، جيڪو به سامان اسان وٽ آهي، اهو سڀ ڪو نه هوندو.
بک ته سڀني ماڻهن کي ستائيندي آهي، اَجھو به هر هڪ کي گھرجي ٿو ۽ اڄ ڪلهه لٽي ڪپڙي کان سواءِ گھمي ڦري به ڪونه سگھنداسون. جيئري رهڻ لاءِ هر ماڻهوءَ جي پهرين گھرج آهي ته کيس کاڌو پيتو، ماني ۽ اجھو هجي، ته جيئن پنهنجو پاڻ کي بچائي سگھي. پهريائين پهريائين اهي گھرجون پُوريون ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي پورهيو ڪرڻو پيو. پورهيو ڪرڻ ۽ هڪ ٻي جي پورهيي جي ڏيتي ليتي، مٽا سٽا، سبب سمورا ماڻهو اهڙن ناتن ۾ ڳنڍجي ويا جيڪي آڪَهِه، ڪَهول يا مٽِي مائٽيءَ وارا نه هئا. اهي ناتا پورهيو ڪرڻ، اپائڻ سبب پيدا ٿيا هئا تنهنڪري انهن کي پيداوارِي ناتا چئجي ٿو.
راڄ ماڻهن جي اهڙي ميڙ کي چئبو آهي جيڪي هڪ ٻئي سان پيداواري ناتن سبب ڳنڍيل هجن.
اسين جنهن راڄ ۾ رهون ٿا، تنهن کي ”سنڌي“ راڄ چئجي ٿو، ڇو ته اسين ”سنڌ ديس“ ۾ رهون ٿا ۽ هڪ ٻي سان ڳالهائيندي ٻولائيندي، ڏيتي ليتي ۽ اُٿاويٺي ڪندي پنهنجون گھرجون، سَڌون ۽ سوچون، ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪري سگھون ٿا.
اسان کان اتر پاسي ڏي پنجابي راڄ آهي ۽ اولهه پاسي ڏي بلوچ راڄ آهي، ايئن سڄي ڌرتيءَ تي سوين راڄ موجود آهن.

(ڇپيل: ماهوار ”ڪينجهر“ حيدرآباد، آگسٽ 1997ع)

***

قانون ڇا آهي؟

قانون ڇا آهي؟

اچو ته ان کي هڪ مثال سان سمجھون.
توهان ڪو وڏو پٿر کڻي اڇلايو. اهو پٿر هر حالت ۾ ڌرتيءَ تي ڪرندو. ان ڪري ڪرندو جو ڌرتيءَ کي ڇِڪ آهي. اهو ڇڪ جو اثر هڪ مخصوص حد تائين فضا ۾ عمل ڪري ٿو. جيستائين ڪا به شَيءِ ڌرتيءَ جي فضا ۾ هوندي، ان تي ڌرتيءَ جي ڇڪ اثر ڪندي. اهو ممڪن ئي ڪونهي ته اڇلايل پٿر ڌرتيءَ فضا ۾ هجي ۽ ڌرتيءَ تي نه ڪري. اهو عمل جيڪو باقاعدي، لاڳيتو، اڻٽر نموني ٿئي ۽ ٿيندو رهي، اهو قانون آهي.
هن معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ جهڙي آهي. اها هيءَ ته قانون انساني ذهن، سمجھ، سوچ، خيالن جا پابند نه هوندا آهن. بيشڪ سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو ڪروڙين ڀيرا بيهي سوچين ته اهو اڇلايل پٿر ڌرتيءَ فضا ۾ هئڻ باوجود ڌرتيءَ تي نه ڪري، ته اها خام خيالي ۽ اجائي سوچ هوندي. سوچڻ سان قانون بدلجي نه ٿو سگھي. قانونُ سوچن، خيالن جو پابند، ڳيجھو ناهي. قانون سوچ کان آزاد آهي، معروضي آهي.
البت اهو ٿي سگھي ٿو ته اڇلايل پٿر ويجھو ڪري يا پرڀرو، ڪرڻ وقت ٻن چئن ٽڪرن ۾ ڀڄي پوي يا نه به ڀڄي. جنهن عمل بابت به اهو شڪ هجي ته اهو ٿئي الائي نه، جيڪو باقاعدي، لاڳيتو، هر حالت ۾ نه ٿئي، اهو قانون ناهي.
انساني سماج ۽ ان جي اوسر به قانونن جي پابند آهي. سماج جو ٺهڻ پيداواري لاڳاپن جي ڪري ٿيو، پيداواري لاڳاپا پيداواري قوتن جي ڪري وجود ۾ آيا ۽ پيداواري قوتون آهن: 1- ڪم ڪندڙ ماڻهو، ۽ 2- اهي اوزار جن وسيلي پورهيو ڪيو وڃي. ماڻهو ئي آهي جيڪو پيداوار ڪري ٿو تنهنڪري رڳو ماڻهو ئي سماج ٺاهي رهي ٿو. سماج ۾ ئي ماڻهو ماڻهو ٿيو، ذهن پرايائين، هنر سکيائين، ڄاڻ وڌايائين، ٻولي سکيو، ثقافت ٺهي. ٻي ڪنهن به ساهه واري وٽ نه سماج آهي ۽ نه ئي سمجهه، نه ٻولي ۽ نه ئي هنر. ٻيو هر ساهه وارو رڳو اها ڪرت ڪري ٿو جيڪا جبلي، موروثي طرح وٽس وڏڙن کان آئي آهي.
انساني سماج اسرندو رهي ٿو. پيداوار ۾، پيداواري قوتن ۾، علم، ادب ۽ فن ۾، تاريخ ۽ تهذيب ۾، سڀ شي ۾ مجموعي واڌارو اچي ٿو. ڪي شيون اڻ گھربل، غير ضروري، غير واسطيدار ٿي، ختم ٿي وڃن ٿيون، ته ڪيتريون ئي نيون شيون، نين ضرورتن ۽ نين واسطيدارين سان وجود ۾ اچن ٿيون. سماج جي رنگارنگي ۽ گوناگوني ان ڪري آهي.
ابتدائي، شڪاري، راڄوڻو سماج ختم ٿيو ۽ ان مان غلامداري سماج جنم ورتو. غلامداري ختم ٿيو ۽ ان مان جاگيرداري سماج ڄائو ۽ ان ختم ٿي وري سرمائيداري کي جنم ڏنو جنهن جي ڪُک مان ڪميونسٽ سماج اسري پيو (سوشلسٽ سماج ان غير طبقاتي ڪميونسٽ سماج جو اهو دؤر آهي جنهن ۾ سرمائيدارڪا رشتا فنا ٿين ۽ ڪميونسٽ ناتا وڌن ويجھن ٿا).
غير طبقاتي سماج جي نفي ٿي، اهو ختم ٿي ويو، ڳري ڀُري ڊهي ويو. ان نفيءَ جي جدلي نفي آهي سٺو، سيبتو، سلڇڻو، سڄاڻُ (سائنسي) غير طبقاتي (ڪميونسٽ) سماج. طبقاتي سماج (پنهنجن ٽنهي دورن سميت) اهو ڏاڪو، وٿ، عبوري دؤر آهي جنهن ۾ هڪ نفيءَ جي جدلي نفي ٿئي ٿي. ڪو به ناڻهو، ماڻهن جو ٽولو يا طبقو ٻين قانونن جيان انهيءَ قانون کي به ڊاهي، ابتو ڪري، ورائي، بيڪار بنائي نه ٿو سگھي.
ڇا هر ماڻهو، هر سماج قانون جو پابند آهي؟
ها، پڪ سان آهي.
ڇا هر ماڻهو، هر سماج قانونن آڏو بي وس آهي؟
ها، پڪ سان آهي، جيڪڏهن انهن جي ڀڄڪڙي ڪندو. ماڻهو وس وارو رڳو ان حالت ۾ ٿي سگھي ٿو جڏهن انهن قانونن موجب هلندو.
جيڪڏهن توهين سؤ گرام جو وَٽُ پاڻيءَ ۾ وجھندا، ته اهو ٻڏي ويندو. پر اهو ساڳيو وَٽ پلاسٽڪ يا جست جي وڏي ٿالهيءَ جي وچ تي رکي پاڻي مٿان رکو، اها ترندي. لوهه جي سُئي ٻڏي وڃي ٿي، پر لوهه جو جهاز ترندو رهي ٿو. ايئن ڇو آهي؟ ڇا پاڻي جي اُڇل واري قانون ۾ ڦيرو اچي ويو يا ماڻهوءَ ان موجب ڪم ڪري ان کان فائدو ورتو؟
پاڻي ۾ وڌل هر شَيءِ پنهنجي مقدار جيترو پاڻي اُڇالي، اٿلائي، چاڙهي ٿي. هي آهي قانون. اڇاليل، اٿلايل، چاڙهيل پاڻيءَ جو مقدار وزن ۾ جيڪڏهن وڌل شَيءِ کان ڳرو آهي ته شَيءِ ترندي، پر جي هلڪو آهي ته شَيءِ ٻڏي ويندي. انهيءَ قانون موجب عمل ڪري ماڻهوءَ پاڻيءَ جهاز ٺاهيو ۽ اهو تري ٿو. پاڻيءَ جهاز جو پاڻيءَ ۾ ٻڏل حصو (تر) ويڪرو ۽ کوکلو آهي، جنهنڪري اٿلايل پاڻيءَ جو وزن جهاز جي وزن کان وڌيڪ آهي ۽ ان ڪري جهاز تري ٿو. پاڻيءَ جهاز جي وزن جيترو لوهه جو ڳنڍو کڻي پاڻيءَ ۾ وجھندا، ته اهو ٻڏي ويندو، ڇو ته اهو پنهنجي وزن کان وڌيڪ وزن جيترو پاڻيءَ جو مقدار اٿلائي نه سگھيو. ماڻهو قانون موجب ڪم ڪندو، ته نفعو پائيندو، ابتڙ ڪم ڪندو ته ڪِيتو لوڙيندو.
قانون موجب سوچي سمجھي عمل ڪرڻ وسيلي هزارين فائدا ماڻي سگھجن ٿا. سڙهه واري ٻيڙي. هوا چَڪِي، هوا نلڪو، هوائي جهاز وغيره هوا جي داٻ جو فائدو وٺي هلن ٿا. پاڻيءَ چڪيون، پاڻيءَ بجلي، پاڻيءَ جهاز وغيره، پاڻي جي داٻ جو فائدو وٺن ٿا.
مادو خلقي، پيدا ڪري نه ٿو سگھي ۽ نه ئي ان کي فنا ڪري، ختم ڪري سگھجي ٿو، البت هڪ شڪل ٻي شڪل ۾ تبديل ٿي، بدلجي سگھي ٿو. هي آهي مادي جي لافاني هجڻ جو قانون. بيڪار پٿر، مٽيءَ، گند ڪچري کي ڪارائتو بنائي سگھجي ٿو. ٽامي، جست، لوهه ۽ سونَ جي ڳنڍن، ڳوڙهن مان ڪاتيون، ڪهاڙيون ۽ ڪارايون، ڪرٽ ۽ ڪات ۽ زيور ٺهي سگھن ٿا، ٽامي ۽ جست جي ميلاپ سان ڪنجھو، ڪچي لوهه مان فولاد، فولادي ڳنڍي مان ڦيٿو. مختلف خاصيتن ۽ مختلف مادن جي ميلاپ سان اڃا به ٻين خاصيتن ۽ شڪلين وارا نمونا ٺاهي سگھي ٿو، مادي جي ڳنڍي کي تروِرن ۽ تابڪاري ۾ بدلائي، شڪل تبديل ڪري سگھي ٿو پر فنا نه ٿو ڪري سگھي ۽ ساڳيءَ طرح ”ڪجھ به نه“ مان ”ڪجھ“ ٺاهي نه ٿو سگھي. ڪا به هستي ”ڪجھ“ مان ”ڪجھ“ ته ٺاهي سگھي ٿي پر ”ڪجھ به نه“ مان ”ڪجھ“ نه ٿي ٺاهي سگھي. ٻاڦ کي ٿڌو ڪري پاڻيءَ ۽ پاڻي کي ٿڌو ڪري برف ٺاهي سگھجي ٿي ۽ ساڳيءَ طرح برف کي ڪوسو ڪري پاڻي ۽ پاڻيءَ کي ڪوسو ڪري ٻاڦ ٺاهي سگھجي ٿو. جيڪڏهن ڪو ايئن چوي ته ”ڪجھ به نه“ (يعني ٻاڦ) مان ڪجھ (يعني پاڻي) ٺهيو يا مادو (پاڻي) ڦري فنا (ٻاڦ) ٿي ويو ته ان کي هڪ جهالت ئي چئي سگھجي ٿو. ٻاڦ مان پاڻي ۽ پاڻيءَ مان ٻاڦ ٺهي سگھن ٿا پر ”ڪجھ به نه“ مان ٻاڦ يا پاڻي ۽ پاڻي يا ٻاڦ مان ”ڪجھ به نه“ ٺهي، اهو ممڪن ڪونهي. مادو نه تخليق ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي فنا، ان جون رڳو شڪلون بدلائي سگھجن ٿيون. قانون چئبو ئي ان عمل کي آهي جيڪو هر حالت ۾، لاڳيتو، باقاعدي معروضي طرح وجود رکي. مادو لافاني آهي، اهو هڪ قانون آهي.
ماڻهو قانون آڏو بيوس آهي جيڪڏهن انهن جي ڀڃڪڙي ڪندو، ۽ ڪجھ قدر وس وارو آهي جيڪڏهن انهن موجب عمل ڪري.
ڇا قانونن موجب هلي يا انهن جي ڀڃڪڙي ڪري، سماجي اوسر کي ڍلو يا تيز ڪري سگھجي ٿو؟
قانون چئبو ئي ان عمل کي آهي جيڪو هر حالت ۾ لاڳيتو، باقاعدي ۽ معروضي طرح ٿئي، ان ڪري جيستائين اها شي موجود آهي (جنهن سان قانون لاڳو ٿئي ٿو، مثال طور سماج) تيستائين قانون جي ڀڃڪڙي نه ٿي ڪري سگھجي.
سازگار حالتن ۾ ٻج جو زمين اندر ڦاٽڻ ٻج جي نفي آهي (ٻج جو ٻج جِي حيثيت ۾ وجود ختم ٿي وڃي ٿو) ۽ ان جي جدلي نفي اها آهي ته اسان کي وڌيڪ، ججھو، نسبتاً بهتر لاڀ (ٻج، فصل) ملي. پر جيڪڏهن ڪو ٻج کي ساڙي ڇڏي! نفي ته اها به آهي! اها به نفي برابر آهي پر جدلي نفي ناهي، اها غير جدلي نفي آهي. ٻجُ ٻجَ جي حيثيت ۾ رهيو ئي ڪو نه، ٻج لاءِ سازگار حالتون ان کي مليون ئي ڪو نه، ته لاڀ وري ڪٿان ملندو؟
جيڪڏهن ڪنهن سماج کي ئي ختم ڪري ڇڏجي، ته پوءِ اوسر ٿيندي ڪيئن؟ سماج موجود هوندو، سماجي حالتون موجود هونديون، ته سماج کي اوسر ڪرڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگھي.
البت سماجي اوسر ۾ رخنو وجھي سگھجي ٿو، ان کي ڪجھ وقت لاءِ پوئتي ڌڪي سگھجي ٿو، ان کي رنڊائي سگھجي ٿو. ٻوڏُون، ڪاهُون، لڙايون، تباهيون، وَبائون وغيره ڪجھ عرصي لاءِ رنڊڪ وجھي سگھن ٿيون. ڪا قوم ٻي قوم تي ڪاهي وڃي ۽ وڃي اتان جي صنعت، حرفت، معدنيات، پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري، ماڻهن کي غلام بنائي رکي، ته اوسر جي رفتار ۾ گھٽتائي، رنڊڪ ٿي سگھي ٿي. دنيا جون قديم ترين، انتهائي پراڻيون تهذيبون سنڌي، سميري، بابلي، نينوائي، مصري، يوناني، رومن وغيره اڄ سماجي ڊوڙ ۾ ان ڪري ئي پوئتي آهن، جو وقت بِوقت مٿن آفتون ڪڙڪنديون رهيون يا پرڏيهي ڪاهون، جلهون ٿينديون رهيون، لڙايون لڳيون، مفتوح ٿيون، ڦرجي ويون، ڌارين سندن وسيلن تي قبضا ڪيا، ماڻهن، ذهنن، علمن کي تباهه ڪيائون ۽ غلام بنائي رکيائون. سنڌي تهذيب مٿان ايرانين، يونانين، عربن، ارغونن، ترخانن، پٺاڻن، مغلن ۽ انگريزن جون ڪاهون ڪي معمولي ته نه هيون. جيڪڏهن اڄ کان 5 هزار سال اڳ سنڌ ۽ بابل جي وچ ۾ ڏيتي ليتي ٿي پئي سگھي، سنڌ ۾ وسيع پيماني تي اناج جي پوک ٿي پئي سگھي، اهڙي نفيس ۽ نازڪ ململ ٺهي پئي سگھي جو ان جو تاڪيو هڪ ڇلي (مُنڊيءَ، ويڙَهه) مان ٽپي سگھي، پَٽ پٽيهر جو پهراڻ عام هو، مختلف قسم جي چوپاين جا وڏا وڏا ڌڻ پلجي پئي سگھيا، ماڻهو پٿر ۽ ٽامي جو دؤر ٽپي ڪنجھي واري دؤر ۾ داخل ٿي چڪا هئا (ان دور ۾ يورپي قومون اڃا وحشت، بربريت ۽ پٿر جي دؤر ۾ گذاري رهيون هيون). ماڻهو، زبردست سڌريل شهرن جو ڄار ۽ شهرن جو زبردست سڌريل نظام رائج ڪري چڪا هئا وغيره، اهي ڇو اڄ انهن قومن کان صديون پوئتي هجن ها جيڪي ان دؤر ۾ کانئن صديون پوئتي هيون؟
ايرانين ۽ يونانين سنڌ مٿان تڏهن ڪاهيو جڏهن هتي غلامداري سماج پوريءَ طرح ڇانيل هو. عربن جي ڪاهه وقت اسين جاگيرداري سماج ڏانهن ٽپي رهيا هئاسون، مغلن ۽ انگريزن جي ڪاهن وقت جاگيرداري سماج ۾ هئاسين، ۽ اڃا تائين آهيون، پر سنڌي سماج اڄ سرمائيداري دؤر ڏانهن وکون وجھي رهيو آهي. جيڪڏهن سنڌي، سميري، بابلي، مصري وغيره تهذيبن مٿان پرڏيهي ڪاهون ۽ تباهيون نه هجن ها، ته پڪ اسين يورپي ملڪن کان اڳ سرمائيداري ۾ پهچي چڪا هجون ها ۽ ٿي سگھي ٿو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ سوشلسٽ دؤر هلي رهيو هجي ها.
سرمائيدار ۽ سامراجي ملڪ ڄاڻي ٻجھي پورهيت انقلاب ۾ رخنو وجھي رهيا آهن. دنيا جي ڦرلٽ مان پتيون، ڪجھ سهولتون، ڪجھ رشوتون، ڪجھ وِهه-وٽيون ڏئي، اهي پنهنجي قوم جي پورهيتن جي جدوجهد کي انقلابي راهن تان ڦيرائي جمهوري ۽ سڌارڪ يار بنائڻ گھرائن ٿا.
ترقي ڪندڙ (واڌاريندڙ) ملڪن مان گھڻن ۾ هڪ يا ڪجھ ماڻهن جي ڊڪٽيٽري (ڏاڍ مڙسي) ٿاڦيل آهي. اتي جي جمهوريت پسند ۽ انقلابي قوتن کي ٽئنڪن هيٺان چيٿاڙيو وڃي ٿو. سوچن ۽ لوچن تي خوني پهرا ويهاريا ويا آهن. روشن خيال ماڻهن جو ڪوس عام آهي. بلوچستان تي ٻه ڀيرا ۽ سنڌ تي هڪ ڀيرو فوج چاڙهي وئي آهي.
پر ڇا سماجي اوسر جو عمل بيهجي ويو؟
نه.
جيستائين سماج آهي، سماجي پيداواري عمل آهي، ان کي ڪيترو به پوئتي ڌڪيو يا رنڊايو وڃي، جنهن به سطح تي هوندو يا جنهن سطح تي پهچايو وڃي، وري اتان اڳتي اسرندو. گذريل 25 سؤ سالن دوران سنڌي ماڻهو 22 سؤ سال ڌارين جا غلام ٿي رهيا، ڦرلٽون ۽ تباهيون ڏٺائون، ڏسي رهيا آهن، پر وري وري اسري رهيا آهن. دنيا جي ڪا به طاقت کين لاڳيتو، دائمي محڪوم رکي نه ٿي سگھي.

(ڇپيل: سلسليوار ”سائنسي سوچ“ قنبر، فيبروري 2009ع)

***

اسين فطرت مان ڇا ٿا کڻي اچون ۽ سماج ۾ ڇا ٿا جوڙيون؟

اسين فطرت مان ڇا ٿا کڻي اچون ۽ سماج ۾ ڇا ٿا جوڙيون؟

ڪي ڪي ماڻهو ڏاڍا اڪيلا اڪيلا هوندا آهن، هڪ اهڙي جواريءَ جيان، جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه هارائي چڪو هجي، جيئن ولر کان وڇڙيل ويل، ڀٽڪيل ڪونج. اهڙا ماڻهو پنهنجي اڪيلائپ ۽ پنهنجو پاڻ سان چرين جيان ويٺا ڳالهيون ڪندا آهن. الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ــــــ اڻکٽ، اڻپورين آرزوئن جون، بي مقصد، خيالي پلائن سان ڀريل واريءَ جي محلن جهڙيون ڳالهيون. پر ڪڏهن ڪڏهن سندن ذهن م ڪا اهڙي به ڳالهه اچي گذري ويندي آهي جيڪا عام طرح ڪو نه سوچي ويندي آهي. هڪ پاڳل پنهنجي اڪيلائپ سان ڳالهيون ڪندي ڪندي اوچتو سوچيو ته هڪ انسان جا ڪيترا روپ آهن؟ انساني ڪردار جا ڪيترا روپ آهن ۽ مون ۾ انهن مان ڪيترا روپ موجود آهن؟ ڇا هر هڪ انسان روپي ٿيندو آهي؟ ڇا هر هڪ ماڻهو پنهنجي اصلي مُنهن تي هڪ نقلي مُنهن چاڙهي گهمندو آهي؟ ڇا انسان ائين رهي نه ٿو سگهي جيئن هو حقيقت ۾ آهي؟ ڇا اسين انساني جا سڀ روپ ڏسي سگهون ٿا؟ انسان جو جيڪو ڪجهه ڪردار ڏسون ٿا يا ڄاڻون ٿا، ڇا واقعي اهوئي هن جو حقيقي روپ آهي؟ اسين جو روزانو ڪيترائي ڌوڪا کائيندا رهون ٿا ته ڇا انساني ڪردار جي پرک ۾ ڌوڪو کائي نه ٿا سگهون يا غلط انداز ۾ سوچي نه ٿا سگهون؟ ڇا منهنجا به ڪيترائي روپ آهن، منهنجا ڪهڙا روپ آهن ۽ ڇو آهن...؟
سُٺو، سورهيه، سورمو، سچار، سهڻو، سَهِڻو، صحيح، ثابت قدم، سخي، سياڻو، سمجهدار، سِڪايل، سِڪندڙ، سُچيت، ڀلو، ڀوتار، ڏاهو، ڏاتار، جنوني، جذباتي، جوشيلو، جمهوريت پسند، انقلابي، اشراف، انصاف پسند، عقلمند، عزتن جو نگهبان، ذهين، دهريو، ڪميونسٽ، قوم پرست، ماريل، مظلوم، محڪوم، محبوب، محبت ڪندڙ، پيارو، پيار ڀريو، وطن دوست، طبقي پرست، ڦريل، پيڙيل، تنگدست، تنهائي پسند، تنگدل، سنگدل، ساڙيلو، گيدي، گوال، چغل، چاپلوس، چور، جِي حضوري، جاهل، بيوقوف، بزدل، ڀاڙي، ڪانئر، ڪِنو، ڪنجوس، ڪمينو، ڪدورت ڀريو، ڪُوڙو، قاتل، هوڏي، هٿ ڦاڙ، حاڪم، ڏنگو، ڏڦيري، ڏوهاري، مهوسي، مجوسي، وحشي، وائڙو، لوسي، لچ، لوفر، لٽيرو، اٻوجهه، اٻهرو، عزتن جو کيڏاري، نشئي، نڪمو، زاني، ٺڳ، فريبي، ڌوڪي باز، ڌاڙيل، ڦورو، ظالم، ڊڄڻو، وغيره... ڇا هي سڀ انساني ڪردار جا روپ نه آهن؟ ڪي ڪي ته اهڙا روپ آهن جيڪي سڌو سنئون جذبن سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن جو تاثير اهڙو ته گهرو آهي جو موجوده وقت تائين انسانذات جي ايجاد ڪيل لفظن ۾ انهن کي بيان به ڪري نه ٿو سگهجي. پيار ته هر ڪو ڪري ٿو، بيان ته ڪري ڏيکاري. ڪن احساسن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اڃا مناسب لفظ به ڪو ٺهيا آهن. مثال طور... جڏهن آءٌ ڪنهن ناول ۾ يا فلم ۾ ڪا اهڙي صورتحال ڏسندو آهيان جڏهن پاڻ ۾ ڪو به پيار ڀريو رشتو رکندڙ ڊگهي عرصي لاءِ هڪ ٻئي کان وڇڙي ويا هجن ۽ پوءِ ڪن حالتن جي ڪري هڪ ٻئي جي ويجهو ته آيا هجن پر هڪ ٻئي کي ان پراڻي حيثيت ۾ نه سڃاڻندا هجن، وڏي ڳالهه اها جو نئين صورتحال ۾ کين هڪ ٻئي سان بي پناهه پيار هجي تڏهن منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڇو تري ايندا آهن ۽ اندر ۾ سيانڊيون ڇو اڀرنديون آهن، جڏهن ڪنهن لاچار انسان جي چيچلائي چيچلائي مرڻ جي باري ۾ ٻڌندو آهيان تڏهن پنهنجي اندر ۾ هڪ چڀڪو ڇو محسوس ڪندو آهيان، جڏهن ڪنهن کي مايوس، محروم، اُٻاڻڪو ۽ اداس ڏسندو آهيان تڏهن ان جو ڏک مون کي پنهنجو ڏک ڇو پيو ڀانئبو آهي، جڏهن ڪنهن ابهم ٻارڙي جو مرجهايل مُک ڏسندو آهيان تڏهن مون کي ائين ڇو محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻڪ گلن کان مرڪڻ وسري ويو آهي ۽ ڪائنات جي رونق فنا ٿي وئي آهي. هر هڪ انسان وٽ اها حسرت ڇو آهي ته ڪو ٻيو کيس پسند ڪري، کيس چاهي، کيس پيار ڪري؟ ڀلا هو ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ اهڙو احساس ڇو محسوس ڪندو آهي جنهن کي لفظن ۾ ته بيان ڪري نه سگهندو آهي پر سندس اکيون ۽ انگ انگ پيو ٻوليندو آهي ته مون کي توسان پيار آهي؟ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کان مون کي نفرت ڇو ٿي محسوس ٿئي، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه بهار جي بوءِ ڇو ٿي اچي، ڪنهن ماڻهوءَ جي موت جو ٻڌي روح کي راحت ڇو ٿي ملي، ڪنهن ماڻهوءَ جي اچڻ جو ٻڌي بدن سان ڄڻڪ ٽانڊا ڇو چهٽيا وڃن، ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪُهڻ جي احساس ۾ لذت ڇو ٿي ملي، ڪنهن ماڻهوءَ جي ميلاپ جو تصور ئي ڇو مٺو مٺو ٿو ٿئي، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ويجهو، ڏاڍو ويجهو، پنهنجي اندر ۾ سمائڻ تي جيءُ ڇو پيو چاهي؟... پوءِ ڀلا انساني ڪردار جا ڪيترا روپ آهن؟
هڪ ماڻهو جيترو ڄاڻي ٿو، اوتروئي ٿو ڄاڻي، ان کان وڌيڪ ڪو نه. آءٌ جيترو ڪجهه انساني ڪردار جي روپن جي باري ۾ ڄاڻان ٿو؛ مون کي هر هڪ انسان ۾ اوترا ئي روپ نظر اچن ٿا ــــــ پنهنجو پاڻ ۾... ۽ تو ۾ به. اهڙيءَ طرح منهنجو ويساهه آهي ته جيترو ڪجهه تون ڄاڻين، توکي به هر هڪ انسان جا اوترائي روپ نظر اينداــــــ نه رڳو مون ۾، پر پنهنجو پاڻ ۾ به. جڏهن آءٌ چوان ٿو ته مون کي توسان پيار آهي تڏهن پيار جي باري ۾ جيترو ڪجهه تون ڄاڻين، پنهنجو پاڻ سان منهنجي پيار جو ڪاٿو ڪرڻ لاءِ تون (جيڪڏهن سوچين ته) وڌ ۾ وڌ اوترو ئي سوچي سگهندين. پر ٻي پاسي آءٌ وري توسان اوتري ئي پيار جو تصور ڪري سگهندس جيترو پيار جي باري ۾ آءٌ ٿو ڄاڻان... ۽ منهنجي پيار جو تصور اڻکٽ آهي، ان جي ڪا به حد ڪانهي، ان کي منهنجي حياتيءَ دوران ڪا به فنا ڪونهي. پيار جو جذبو اهڙيءَ طرح ئي لامحدود آهي جيئن ڪشادي ڪائنات ــــــ منهنجو خيال آهي ته هر جذبو بي پناهه آهي.
پر جيڪڏهن توکي هَپو پوٽميسُ جي خبر ڪونهي ته تون انهيءَ جي باري ۾ ڪجهه به سوچي نه سگهندين.
ٻي طرف وري هر هڪ لفظ کي پنهنجو عزت ٿيندي آهي... ويندي ’بي عزت‘ لفظ کي به پنهنجي هڪ عزت آهي. ڪي ماڻهو پنهنجي گهٽ ڄاڻ سبب، ڪي مذاق ۾ ۽ ڪي ته ڄاڻي ٻجهي لفظن جي بي حرمتي ڪندا آهن. خاص طرح جڏهن انسان جي ڪردار جي باري ۾ ڪي به لفظ استعمال ڪيون تڏهن اسان کي ڪوشش ڪري صحيح لفظ صحيح جاءِ تي ڪتب آڻڻ گهرجن. ائين نه ٿئي جو لفظ جي بي عزتيءَ سان گڏوگڏ ڪنهن عزت واري ماڻهوءَ جي به بي عزتي ڪري وجهون.
پر ڇا ان موقعي تي ڪو به مون کان اهو پڇي نه ٿو سگهي ته ڇا خود منهنجي ڪردار ۾ هڪ قاتل، هڪ زاني، هڪ نشئي وغيره جو روپ شامل آهي؟ منهنجو خيال آهي ته منهنجو جواب ’ها‘ هوندو. مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ڪنهن نه ڪنهن کي قتل ڪرڻ جي باري ۾ سوچيو هوندو، ڪيترا ئي ڀيرا ڪنهن نه ڪنهن سان جنسي خواهش پوري ڪرڻ جي باري ۾ سوچيو هوندو، ڪيترا ئي ڀيرا ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جو نشو ڪير هوندو يا ڪرڻ جي آرزو پيدا ٿي هوندي ــــــ ڇا تنهنجي ذهن ۾ ڪڏهن به اهڙا خيال ڪو نه آيا آهن، ته تون ڪنهن کي ڪُهي ڇڏين، ڇا تو ڪڏهن به اهڙي خواهش نه ڌاري آهي ته هِي يا هو مري وڃي، ڇا تو ڪڏهن به پنهنجي جنسي گُهر پوري ڪرڻ جي باري ۾ ڪو نه سوچيو آهي، ڇا تو ڪڏهن به ڪنهن به قسم جو نشو نه ڪيو آهي، ڇا تو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي، ڇا تو ڪڏهن به اداڪاري نه ڪئي آهي، ڇا تو ڪڏهن به ڪنهن سان ٺڳي ڪو نه ڪئي آهي، ڇا تو ڪڏهن به پنهنجي اندر ۾ ڊڄ محسوس نه ڪيو آهي، ڇا تو ڪڏهن به ڪنهن جي به ڪا به خواهش ڪو نه ٺڪرائي آهي، ڇا...؟
پر جيڪڏهن تون مون کان سوال پڇين ته ڇا مون ڪنهن کي ڪُٺو آهي، ڪنهن سان زنا ڪئي آهي.... ته منهنجو جواب يقينن ’نه‘ هوندو. ڇو ته تون وري هڪ ٻيو سوال پڇندين ته ڇا آءٌ قاتل يا زاني سڏبس؟ جواب يقينن ’نه‘ هوندو، ته پوءِ منهنجي ڪردار مان قاتل ۽ زاني روپ ڪڍي ڇو نه ڇڏجن!؟ نه مون قتل ڪيو آهي ۽ نه زنا، پر ان جي باوجود به آءٌ ڪڏهن به اهو پسند نه ڪندس ته انساني ڪردار جي انهن ٻن روپن کي پنهنجو پاڻ مان ڪڍي ڇڏيان. اهي ٻئي ڪردار منهنجي اندر ۾ موجود آهن، پر...
(1) هر انسانُ هر شيءِ، هر عمل کي ڪنهن نه ڪنهن مخصوص نڪتهء نظر موجب ڏسي ٿو. هڪڙن ماڻهن هٿ ڪي شيون ڏاڍيون سٺيون آهن ته ڪن ٻين وٽ اهي ساڳيون شيون ڏاڍيون خراب. رياست يا ذاتي ملڪيت جو ئي مثال وٺ. ڪيترا ئي ماڻهو انهن جي بقا ۽ بچاءَ لاءِ پنهنجون زندگيون وڃائي ۽/يا ”قربان“ ڪري چڪا آهن ۽ ٻي طرف وري ڪيترن ئي ماڻهن جي شديد خواهش آهي ته اهي ختم ٿي وڃن ڇو ته اهي فتني ۽ فساد جي پيڙهه آهن. رُوسو رياست کي ڊاهي جنگلي زندگيءَ ۾ موٽي هلڻ ۽ وري نون معاهدن تحت نئين رياست اڏڻ جو خواهشمند هو. سندس پوئلڳ اڄ به انهيءَ خيال جا آهن. ٻي طرف هٽلر سڄيءَ دنيا ۾ هڪ اهڙي رياست اڏڻ پئي چاهي جنهن تي ”جرمن قوم“ (حقيقت ۾ ائين چئجي ته هٽلر جي هم خيالن) جي حڪومت قائم رهي سگهي. ٽين طرف وري هڪڙن ماڻهن سيڪيولر ۽ ”جمهوري“ رياستون جوڙي رکيون آهن. چوٿين طرف ڪيترن ئي رياستن جا حاڪم پنهنجي قبضي هيٺ هلندڙ رياستن کي مذهبي فلسفن تحت هلائڻ جون دعوائون پيا ڪن ۽ پنجين طرف وري ڪيتريون ئي سوشلسٽ حڪومتون ۽ عوامي جهموري راڄ آهن جن جو ويساهه آهي ته رياست جو وجود انت ته ختم ٿيڻو آهي. ڪي بيوقوف رياست جي وجود کي ’غير فطري‘ پيا سمجهن، ته ڪن سياڻن جي وري تحقيق آهي ته رياست جو وجود ۽ رياست جو فنا ٿي وڃڻ فطري آهي. اهڙا ئي خيال ذاتي ملڪيت جي باري ۾ به آهن... وري ٻيو مثال وٺ. آءٌ وڌي وڃي جيڪڏهن ڪنهن کي ٻُک وجهي بي اختيار ٿي چُمان ٿو ته فرائيڊ جي خيال موجب اهومنهنجي جنسي خواهش تحت ٿيو، زونگ جي خيال موجب جيتري پيار جو اظهار مون ڪيو آهي ان ساڳيءَ ئي هستيءَ کان اوتري ئي نفرت منهنجي اندر ۾ لڪل آهي، ڪي انهيءَ کي زبردستي ۽/يا شرارت به سمجهي سگهن ٿا، ڪي چاپلوسي ۽ ڪي انهيءَ ساڳي ئي عمل کي منهنجو بي پناهه پيار. ان ڪري ڪنهن به عمل کي ڏسڻ، جاچڻ، پرکڻ لاءِ اهو بيحد ضروري آهي ته انهيءَ جي باري ۾ منهنجو يا تنهنجو نڪتهء نظر ڪهڙو آهي.
(2) ٻي پاسي وري اهو به ضروري آهي ته جنهن جذبي کي آءٌ پيار چوان ٿو، جنهن کي ڪِنو سمجهان ٿو، جنهن عمل کي ظلم سڏيان ٿو، جنهن کي ٺڳي، ڌوڪو يا دولاب چوان ٿو، سونهن، سورهيائي، غيرت، غرور وغيره جي باري ۾ جيڪو منهنجو تصور آهي، سِڪ، سياڻپ، سچائيءَ، ثابت قدميءَ وغيره جي باري ۾ جيڪو منهنجو خيال آهي، ڇا تون انهيءَ سان اتفاق ڪرين ٿو يا نه؟ هڪڙي ماڻهوءَ جو خيال هو ته شرافت ۽ بزدلي، بهادري ۽ ضد، ذهانت ۽ ٺڳيءَ، اداڪاريءَ ۽ مڪر، سچ ڳالهائڻ ۽ بيوقوفيءَ جي وچ ۾ ڪو به فرق ڪونهي، پر هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن. مون کي سندس خيالن سان ايترو ئي اختلاف هو جيترو کيس پنهنجي خيالن جي صحيح هجڻ تي ڀروسو. ڇا تون سندس اهڙن خيالن سان اتفاق ڪري سگهندين؟ انسان وٽ هر هڪ عمل، ڪردار ــــــ سچ ، ڪوڙ، ظلم، ٺڳيءَ وغيره جي هڪ مخصوص تشريح ٿئي ٿي يا ائين چئجي ته ڪنهن به مخصوص نڪتهء نظر واري ماڻهو وٽ هر هڪ لفظ، احساس، عمل، ڪردار جي باري ۾ ڪو نه ڪو مخصوص مفهوم ٿئي ٿو.
(3) شعور، تحت شعور ۽ لاشعور نفسيات ۾ استعمال ٿيندڙ ٽي عام لفظ آهن. اسين جيڪو ڪجهه ڏسون، ٻُڌون، سِنگهون، چکيون، ڇُهون ۽ پرکيون ٿا ـــــ ڄاڻ پرايون ٿا ــــــ اهو سڀ ڪجهه اسان جي ذهن ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو. انهيءَ ڄاڻ مان ڪيتريون ئي ڳالهيون اسان کي هر وقت ياد رهن ٿيون ۽ جنهن وقت چاهيون انهن جو اظهار ڪري سگهون ٿا ــــــ هي آهي اسان جو شعور. ڪيتريون ئي ڳالهيون ياد ڪرڻ لاءِ اسان کي ذهن تي زور ڏيڻو پوي ٿو يا ڪنهن وقت اوچتو ياد پئجي وڃن ٿيون، نه ته عام حالتن ۾ اهي اسان کان وسريل هونديون آهن ــــــ هي آهي تحت شعور. ڪجهه ڳالهيون وري اهڙيون هونديون آهن جيڪي اسان جي ذهن ۾ ته موجود هونديون آهن پر ڪوشش ۽ اتفاق جي باوجود اسان کي ياد نه اينديون آهن (پر ڪڏهن ڪڏهن اسان کان انهن جي اثر هيٺ ڪو نه ڪو ڪم به ٿي ويندو آهي) ـــــ هي آهي اسان جو لاشعور. جيڪا به ڄاڻ ڪنهن به وسيلي اسان جي ذهن تائين پهچي ٿي اها فنا ڪو نه ٿي ٿئي پر مرڻ گهڙيءَ تائين موجود رهي ٿي. موجوده وقت تائين جيڪي رڳو ڪتاب پڙهيا آهن،انهن جو ئي مثال وٺ. مون يا تو حياتيءَ جي مختلف ڏاڪن تي مختلف ڪتاب پڙهيا آهن. لکين لفظ ۽ جملا اسان جي ذهن تائين پهتا آهن، پر ڇا اهي سڀ هن وقت اسان جي شعور ۾ آهن؟ حد ته اها آهي جو ڪيترن ئي ڪتابن جا نالا به وسري ويا آهن. منظر، لقاءَ، شيون، عمل جيڪي اسان ڏٺا، ڳالهيون ۽ آواز جيڪي اسان ٻُڌا، خوشبوئون ۽ بدبوئون جيڪي اسان سنگهيون، ذائقا جيڪي اسان چکيا، ڪِن اسان کي ڇهيو ۽ ڪنهن کي اسان ڇهيو، اهي سڀ ڇهاءَ ۽ اسان جي ڪيل پرک ــــــ سڄي جي سڄي ڄاڻ ــــــ ڇا سڀ جو سڀ اسان جي شعور ۾ موجود آهي؟ نه، الائي ڪيڏو وڏو حصو موجود نه آهي. اسان جو خواهشون ۽ خواب، اسان جو سوچون ۽ اسان جي سمجهه، موجوده وقت تائين جي سموري حاصلات هن وقت اسان جي شعور ۾ موجود ڪونهي پر ان جو ڪجهه حصو آهي. اسان جو ڪيتريون ئي سوچون ۽ خواهشون، ڪي ”مجبورن“ ۽ ڪي ضرورتن ۽ ڪي ڀوَ جي ڪري اسان جي ذهن جي اُونهن خانن ۾ لڪل آهن.
(4) اسين جيڪي ڪجهه بنجڻ چاهيون ٿا يا ڪرڻ گهرون ٿا اهو سڀ ڪجهه بنجي يا ڪري نه ٿا سگهون. اسان جي آڏو ڪيتريون ئي رڪاوٽون آهن ــــــ فطري، ذهني، بدني، سماجي، علمي، عقلي، وسيلن جون ۽ حاصلات جون رڪاوٽون. وڏي ڳالهه اها آهي ته هر منزل کي حاصل ڪرڻ جو هڪ سائنسي طريقو ٿئي ٿو. جيڪڏهن ان طريقي مطابق نه وڌنداسون ته پنهنجيءَ منزل تائين ڪو نه پهچنداسون. اڃا به ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به منزل تائين پهچڻ لاءِ ان جو صحيح طريقو وٺي هلڻ جي باوجود اسان کي ڄمار، وقت جي ضرورت پوي ٿي. ڪن به ٽوڻن ڦيڻن ۽”جادوگري“ سان آءٌ ڪو عالم بنجي ڪو نه ٿو سگهان. جيڪڏهن آءٌ عالم ٿيڻ چاهيان ٿو ته مون کي انساني تجربن، سکيائن، انهن مان ڪڍيل نتيجن، ان کي حاصل ڪرڻ جي طريقن ۽ وسيلن ۽ پنهنجي ذهن جي وڌي باصلاحيت ٿيڻ جي ضرورت هر دم رهندي. دنيا جي ڪروڙها انسانن منجهان رڳو ڪجهه ماڻهو ئي عالم، سائنسدان، سياستدان، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين مختلف عملي شعبن ۾ ماهر ٿي سگهيا آهن. ڇا ٻين ڪروڙين انسانن وٽ ذهن ڪونهي؟ اسين ڪيترن ئي معاملن ۾ گهربل معيار کي پهچي نه سگهيا آهيون ۽ جيڪي ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا يا ڪري سگهون ٿا اهو ڪري نه سگهيا آهيون.
(5) هڪ وڏو عنصر اهو به آهي ته اسين جيڪو ڪجهه بنجڻ چاهيو آهي يا ڪرڻ گهريو آهي اهو سڀ ڪجهه بنجڻ يا ڪرڻ ڏنو ڪو نه ٿو وڃي. ڪروڙين انسان شاندار ذهن رکن ٿا پر جڏهن کان سماج جي اڻ برابر ورڇ ٿي آهي تڏهن کان ٻين گهڻين شين سان گڏ علم تي به حاڪم طبقن جي ڄمت رهي آهي. هو لاڳيتو ان کي پنهنجي مفاد ۽ بچاءَ ۾ ڪتب آڻيندا رهيا آهن. اهڙيءَ طرح بيشڪ محڪوم گهراڻن مان به ڪيترائي ذهين، مدبر، عاقل ۽ ماهر نڪتا آهن پر اهي هڪ اهڙي سرشتي ۾ ڦاٿل رهيا آهن جو سندن تحقيقُن ۽ تخليقن جو پهريون ۽ اهم فائدو حاڪم طبقن ورتو آهي (پوءِ... گهڻو عرصو پوءِ ڪجهه خيرات طور محڪومن کي به مليو آهي). ٻي طرف وري حاڪم سرشتي جي هزارين سونڊن کين ڪٿي نه ڪٿي سوگهو پڪڙي رکيو آهي. جيڪڏهن انهن ڪجهه ڪرڻ به چاهيو آهي ته کين تمام ڊگهو عرصو حاڪم سرشتي جي ڄار مان نڪرڻ ۾ لڳي ويو آهي ۽ جڏهن ٿورو ڪجهه ٻاهر نڪري سگهيا آهن تڏهن سندن ڄمارن کين رڳو ايتري موڪل ڏني آهي جو هو ڪجهه چئي سگهن. ٿورڙا ڪي آهن جيڪي ڪجهه ڪري سگهيا آهن.
(6) جڏهن جي چوڌاري ۽ منجهس ڪجهه پهلوئن کي ڏسي آيا آهيون تڏهن آخر ۾ انسان جي خودمختياري رهي ٿي. ماڻهو ڪنهن عمل تي قادر هئڻ جي باوجود ان کي خراب سمجهي نه ٿو ڪري يا ڪِنو سمجهڻ جي باوجود به ڪري ٿو يا سٺو سمجهڻ جي باوجود نه ٿو ڪري. مثال طور لڳ ڀڳ سمورا انسان ڪُوڙ، قتل جهڙن عملن کي خراب سمجهن ٿا پر جيڪڏهن (سٺي يا ڪني) مقصد تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ کي هٽائڻ لاءِ اهڙو عمل ڪرڻو ئي پئجي وڃي ته ماڻهو ڪو نه ترسندو، نه ئي ڪهل کائيندو. ذرا سوچ ته ڪر! موجوده وقت تائين ٿيل سمورو قتلام ڇو ٿيو آهي، ڪوڙ ڇو ڳالهايو ويو آهي، ٺڳي ڇو ڪئي وئي آهي، ڌاڙا ڇو هنيا ويا آهن، عزتن ڇو لُٽيون ويون آهن، ڪاهون ڇو ڪيون ويون آهن، جيل ڇو ٺاهيا ويا آهن، اذيتون ڇو ڏنيون ويو ن آهن، دنيا جي لکين ماڻهن کي غلام ڇو بنايو ويو آهي...؟ سمجهڻ لاءِ هڪڙو ننڍڙو مثال وٺ. جيڪڏهن رڳو هڪ ”نيڪ“ ۽ رڳو هڪ ”بُري“ماڻهوءَ کي اهڙي قوت هجي جو جيئن هو چاهن ائين ڪري سگهن، ته نتيجو ڇا نڪرندو؟ نيڪي ۽ برائي ٻئي هڪ ٻئي خلاف ويڙهه ڪنديون ۽ ان جو نتيجو.....؟ موجوده وقت تائين سماج اندر جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو ابتڙ قوتن جي ويڙهه ڪري ٿيو آهي ۽ اها ويڙهه تيستائين رهڻي آهي جيستائين ڪو فيصلو نه ٿو ٿئي... (تو جيان مون کي به يقين آهي ته آخري سوڀ نيڪيءَ جي ٿيندي.)
ٻن ابتڙن جي ويڙهه نه رڳو انساني سماج ۾ موجود آهي پر انساني دماغ ۾ به موجود آهي ۽ سڄي ڪانئات ۾ به موجود آهي. انساني ذهن ۾ ابتڙين جي ويڙهه.... هڪ روپ جي پنهنجي ابتڙ روپ خلاف ويڙهه ــــــ پوءِ جيڪو به روپ حاوي هوندو اهو ڪم ڪنداسون. جيڪڏهن انساني ڪردار جو هر هڪ روپ ان جي ابتڙ روپ سان ٽڪر ۾ رکندو ويندين ته توکي چٽيءَ طرح نظر ايندو، ته آءٌ ڇو انساني ڪردار مان ڪنهن به روپ جي نيڪاليءَ جو مخالف آهيان.
هڪڙو ماڻهو جيڪو ڪنهن به مخصوص ماحول ۾ رهي ٿو، ڪنهن به روپ لاءِ ڪو به مخصوص مفهوم رکي ٿو ۽ ڪنهن به نڪتهء نظر جو پوئلڳ آهي، بهرحال انهيءَ جا سوين روپ آهن. آءٌ ڊاڪٽر آهيان ۽ جڏهن ڪو به مريض ڏسان ٿو ــــــ پوءِ اهو پوڙهو هجي، جوان هجي يا ٻار، مرد هجي يا عورت، خوبصورت هجي يا بدصورت، ڪارو هجي يا گورو، ڏيهي هجي يا پرڏيهي، مٽ مائٽ، دوست، سنگتي هجي يا اڻواقف، دشمن، خوشبوءِ سان واسيل هجي يا بدبوءَ سان ڀريل ــــــ جڏهن انهيءَ کي ڏسان ٿو تڏهن اهو منهنجي لاءِ رڳو هڪ مريض آهي (باقي ڳالهيون ثانوي ٿيو وڃن). هي منهنجو ڊاڪٽر وارو روپ آهي... آءٌ ڪپتان آهيان، وردي پايان ٿو ۽ فوجي انتظام هيٺ هلان ٿو، پوءِ ڀلي مون کي فوجي روپ سان محبت هجي يا ان کان نفرت، فوجي بنجڻ منهنجي خواهش هجي، ضرورت هجي يا ”مجبوري“ پر جڏهن به ڪو فوجيءَ جي حيثيت ۾، کيشٽ ڪندو ته انهيءَ سان منهنجو رويو فوجي هوندو. جيڪڏهن هيٺيون مون کي سلام نه ڪندو ته مون کي ڪاوڙ ايندي ۽ جيڪڏهن آءٌ مٿين کي سلام نه ڪندس ته انهيءَ کي مون تي ڪاوڙ ايندي، مون تي سمورا فوجي ضابطا لاڳو ٿين ٿا. هي منهنجو ڪپتان ۽ فوجي روپ آهي... نوڪر آهيان ۽ نوڪري ڪيان ٿو پوءِ نوڪري مون کي پسند هجي يا ناپسند پر جيڪي به”مجبوريون“ ڪنهن نوڪر لاءِ ضروري هونديون آهن، اهي مون سان به لاڳو آهن، ڪڏهن ڪو مٿيون مون سان زيادتي ڪري ٿو ته مون کي سَهڻو پوي ٿو ۽ جيڪڏهن مون کان پنهنجي هيٺين سان ڪا زيادتي ٿي وڃي ٿي، ته ان کي سَهڻي پوي ٿي. منهنجو هڪ روپ نوڪر وارو روپ آهي... سماج جو جُزو آهيان ۽ هيٺين طبقي جو فرد ۽ انهيءَ حيثيت ۾، جيڪي به مون کي تڪيلفون پهچن ٿيون مون کي انهن کان شديد نفرت آهي ۽ اهڙيءَ طرحظلم ڪندڙ کان شديد نفرت آهي. ظالم ڪهڙيءَ به صورت ۾ هجي ۽ ڪٿي به هجي، هُو منهنجو ويري آهي ۽ آءٌ ان جو ويري آهيان ۽ جنهن تي به ظلم ٿئي ٿو اهو منهنجو طبقاتي يا قومي ڀاءُ آهي ۽ مون کي انهيءَ سان ڏاڍي محبت آهي ۽ سمورين پيڙائن خلاف جدوجهد ۾ منهنجو ان سان ڀرپور ساٿ آهي. سماج جي مظلوم فرد جي حيثيت ۾ منهنجو هڪ روپ مظلوم جو روپ آهي... پيءُ ماءُ سان پَٽ جي حيثيت ۾، ڀينرن ۽ ڀائرن سان ڀاءُ جي حيثيت ۾، دوستن ۽ ساٿين سان دوست ۽ ساٿيءَ جي حيثيت ۾، مِٽن مائٽن سان مائٽ جي حيثيت ۾، انسان سان انسان جي حيثيت ۾، مون وٽ بي پناهه پيار آهي. جيستائين آءٌ جيئرو آهيان، تيستائين منهنجو پيار به جيئرو آهي. هن ڌرتيءَ تي يا ڪائنات ۾ اهڙي ڪا به قوت موجود ڪونهي جيڪا مون منجهان انهيءَ جذبي کي کرچي ڪڍي سگهي. منهنجو پٽ جو روپ آهي، ڀاءُ جو روپ آهي، سنگتيءَ جو روپ آهي، مائٽ جو روپ آهي، انسان جو روپ آهي ــــــهڪ پيار ڪندڙ جو روپ آهي. منهنجا سچار، ڪوڙي، ذهين، بيوقوف، دلير، بزدل، ڪاوڙجندڙ، ڪاوڙ کائيندڙ، دوست، دشمن وغيره وغيره جا روپ آهن ــــــ منهنجا سوين روپ آهن ۽ مون کي پنهنجي ڪنهن به روپ کان انڪار ڪونهي. تون به ذرا پنهنجو تفصيلي جائزو وٺي تجزيو ڪري ڏس ۽ سوچ ته ڇا تنهنجا سوين روپ ڪونهن، ڇا تنهنجو رڳو هڪ روپ آهي؟ اسان، وقت ۽ حالتن جي ڳالهه آهي ته ڪهڙو روپ اختيار ڪيون ٿا، ڪهڙو پسند ڪيون ٿا ۽ ڪهڙو ناپسند، ڪهڙو نيڪ آهي ۽ ڪهڙو برو، ڪهڙو سٺو آهي ۽ ڪهڙو خراب.
اسان پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو پنهنجي حقيقي روپ يا روپن هيٺ گذاريون ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن اسان مان هر هڪ کي پنهنجي اصلي مُنهن ته هڪ نقلي مُنهن چاڙهڻو پوي ٿو ـــــ ضرورتن يا ”مجبورن“ ـــــ بيشڪ آءٌ اندر ۾ رئندو هجان، نفرت ڪندو هجان يا سڙندو هجان، پر ڪن ڪن موقعن تي ضرور کلي خوش ٿي پيش آيو هوندم، ڪن ڪن موقعن تي ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو هوندم، ڪٿي ڪٿي پيار جو اقرار نه ڪيو هوندم، ڪٿي دوست ٿيو هوندم ۽ ڪٿي دشمن، ڪٿي بهادريءَ جي ڊاڙ هنئي هوندم، ته ڪٿان ڀاڙي ٿي ڀڳو هوندم، ڪٿي پسند کي ناپسند ظاهر ڪيو هوندو، ته ڪٿي ناپسند کي پسند، ڪٿي مسخرو، ڪٿي سنجيده، ڪٿي کلندي رنو هوندم ۽ ڪٿي رُوئندي کليو هوندم، ڪٿي ڪوڙو آٿت ڏنو هوندم ۽ ڪٿي سچ ظاهر نه ڪيو هوندو...
ماڻهو آهيان ۽ ماڻهو ٿي رهڻ چاهيان ٿو، ”فرشتي“ بنجڻ جو شوق ڪو نه اٿم ۽ نه ئي وري ڪا اهڙي خواهش اٿم ته مون کي ”فرشتو“ سمجهيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن به مون کي ڪنهن به موقعي تي ”فرشتو“ سمجهيو آهي ته اهو سندس سمجهه جو قصور آهي. مون کي پيار آهي ۽ مون وٽ نفرت به آهي، سٺايون ڪيان ٿو ۽ برايون به، مون وٽ سوچون، خواهشون، مقصد ۽ بي پناهه جذبا آهن ــــــ مون کي فخر آهي جو ماڻهو آهيان.
***
هن پاڳل ماڻهوءَ اڃا گهڻو ڪجهه ڳالهايو پر مون کي ڏک ٿي رهيو آهي ته ان جا کوڙ خيال لکي نه سگهيو آهيان. ٻي پاسي سندس بيان ڪيل خيالن جو چڱو حصو ڪافي وضاحت طلب آهي، پر پوءِ به مون کي سندس خيالن سان اختلاف ڪونهي. ماڻهوءَ جي ذهن ۾ سٺي ۽ بري جي جنگ هلندي رهي ٿي، ڪڏهن سٺو پاسو حاوي رهي ٿو ته ڪڏهن برو پاسو به حاوي پئجي وڃي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي سٺي پاسي کي حاوي رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي يا ڪنهن تي مرڻ گهڙيءَ تائين برو پاسو حاوي رهي، پر عام حالتن ۾، عام ماڻهن تي معاشري جي گَهڙيل عام سٺن اخلاقن جو وڌيڪ اثر رهندو آهي.
پَرينءَ، البيروني هاسٽل ۾ منهنجي ڀرسان 44-ڪمري ۾ رهندڙ سعيد جعفر هتي ملي ويو. ڳالهيُن ڪندي هن چيو ته ’اخلاق‘ سماج ڊاهيندو/ٺاهيندو آهي پر اسين جيڪو ڪجهه فطرت کان کڻي ٿا اچون ان کي سماج بدلائي نه ٿو سگهي.
مٿيُن ڳالهين سان لاڳو منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم سوال هي آهي ته اسين فطرت مان ڇا ٿا کڻي اچون ۽ سماج ۾ ڇا ٿا جوڙيون؟
اسين فطرت مان رڳو حياتيءَ ڀريو، پنهنجي مخصوص گُهرجن ۽ ارتقائي طرح اسريل (پر خالي) دماغ وارو هڪ مخصوص بدن کڻي ٿا اچون، باقي سڀ ڪجهه سماج مان اچي ٿو ــــــ سماجُ، جيڪو بذات خود فطرت جو هڪ ذهانت ڀريو حصو آهي.
ڏسندڙ جي نگاهه/پرک کي ڏسندڙ جو ذهن آهي ۽ جيئن چاهي تيئن سمجهي سگهي ٿو.
پنهنجي اختلاف رکندڙ خيالن کان مون کي واقف ڪندين، ته تنهنجي مهرباني ٿيندي.
تنهنجو
م ح ب ت

***

سماج، طبقا ۽ پيداواري لاڳاپا

سماج، طبقا ۽ پيداواري لاڳاپا

انساني سماج جڏهن کان وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيئن جو تيئن نه رهيو آهي، پر اهو لاڳيتو اُسرندو ۽ بدلبو رهيو آهي ۽ نه رڳو اسرندو ۽ بدلبو رهيو آهي پر وڌندو به رهيو آهي. سندس اها واڌ هڪ پاسائين ڪڏهن به نه رهي آهي، پر گھڻ پاسائين رهي آهي ـــــــ علم ۽ ادب ۾ واڌ، تحقيق ۽ کوجنا ۾ واڌ، هنرمنديءَ ۽ صلاحيتن ۾ واڌ، پيداواري طريقن ۽ عملن ۾ واڌ، سماجي رشتن ناتن ۾ واڌ، ڏيٺ وائٺ ۽ پرک ۾ واڌ، پيداواري وسيلن ۽ اوزارن ۾ واڌ، سلڇڻائيءَ ۽ سيبتائيءَ ۾ واڌ، سچ ۽ حق ڳولي هٿ ڪرڻ جي راهه ۾ واڌ، وغيره. اها واڌِ هيٺين سطح کان مٿين سطح ڏانهن، ٿوري کان گھڻي ڏانهن، سادي کان اُچي ڏانهن، اڻ ڳُتيل کان ڳتيل ڏانهن هڪ لاڳيتي سنهي سوڙهي کان ٿلهي ويڪري ونگوڙي (ويڙَهه يا ڇَلي) جيان ٿي آهي.
انساني سماج جو پهريون، وڏو ۽ ڊگھو دَور، جيڪو لڳ ڀڳ ٽي لک ورهين تي پکيڙيل آهي، غير طبقاتي (بنا طبقن وارو، سماجي طبقن جي اڻ موجوديءَ وارو) دَور هو. ان سماجي دور ۾ ڪو به طبقو ڪو نه هو. طبقي مان اسان جي مراد آهي سماجي طبقو. جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ ڪو سرمائيدار آهي ته ڪو مزدور، ڪو جاگيردار (زميندار) آهي ته ڪو هاري. ايئن ڪو به طبقو نه هو. سماجي طبقي مان اسين اهو مطلب وٺون ٿا ته ڪنهن پيداواري ٿاڪ ڏانهن ماڻهن جي ڪنهن به مخصوص ٽولي جو ڪو به مخصوص رويو. جيئن، ٻني هڪ پيداواري ٿاڪ آهي. ان ڏانهن مجموعي طرح ماڻهن جي ٻن وڏن ٽولن جو هڪ ٻئي کان ڌار، مختلف ۽ ابتڙ رويو آهي. هڪ ٽولو (آباديءَ جي لحاظ کان ڏاڍو وڏو ٽولو) ٻنيءَ ڏانهن پيداوار ڪندڙ وارو، اُپائيندڙ وارو رويو رکي ٿو. ان کي هاري چئون ٿا. هاري ٻنيءَ ۾ پورهيو ڪري ٿو ـــــــ ڀراءُ، کيڙي، سنوَت، پيڄارو، ٻج، رونبو، لاڀ، اُپت. هاري ماڻهن جو ٻنيءَ ڏانهن اُپائيندڙ وارو، پيداوار ڪندڙ وارو رويو آهي. جڏهن ته ساڳي ئي ٻنيءَ ڏانهن ماڻهوءَ جي ٻي ٽولي (آباديءَ جي لحاظ کان ننڍڙي ٽولي) جو رويو سڀ ڪجهه اُپايل کي کائيندڙَ، کڻندڙَ، هڙپ ڪندڙَ ۽ مالڪي ڄمائيندڙَ وارو رويو آهي. هيءُ ننڍڙو ٽولو جاگيردار (زميندار) ٻنيءَ تي پاڻ پورهيو ڪو نه ٿو ڪري، پر ٻنيءَ جي سموري اُپت جو مالڪ آهي. هڪَ پيداواري ٿاڪ ــــــ ٻنيءَ ــــــ ڏانهن ٻن ٽولن جا ٻه رويا آهن. هڪ وڏو ٽولو (هاري) اپائي ٿو پر مالڪ ناهي ۽ ٻيو ننڍو ٽولو (جاگيردار، زميندار) اپائي ڪو نه ٿو پر مالڪ آهي. هاري هڪ طبقو آهي ۽ جاگيردار (زميندار) ٻيو طبقو ــــــ هڪ طبقي جو نفعو، ٻي طبقي جو نقصان آهي.
اسان وٽ عام ڳالهه ٻول ۾، مثال طور شاگرد طبقو، استاد طبقو، وڪيل طبقو، ڊاڪٽر طبقو، ڪلرڪ طبقو، دانشور طبقو، پڙهيل طبقو، وغيره جهڙا لفظ يا اصطلاح ڪتب ايندا رهندا آهن، پر انهن جي معنى اها نه آهي جيڪا سائنسي سادي ٻوليءَ ۾ طبقي جي آهي. انهن کي مختلف فني، هنري، علمي، ادبي شعبا، حصا، ڀاڱا ته چئي سگھون ٿا، پر طبقو نه. پورهيت (مزدور) طبقو، سرمائيدار طبقو، هاري طبقو، جاگيردار طبقو، غلام طبقو، سردار (آقا) طبقو ۽ انهن سڀني طبقن ۾ ايندڙ ماڻهن کان سواءِ باقي بچيل سڀني شعبن لاءِ گڏيل لفظ ڪتب ايندو آهي ’هيٺيون وچون طبقو‘ ـــــــ انهن سڀني اصطلاحن کي پنهنجي پنهنجي واري تي ڇنڊينداسون.
غيرطبقاتي سماج ڦري طبقاتي سماج ٿيو ۽ ان طبقاتي سماج کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون، غلامداري دور، ٻيو جاگيرداري دور ۽ ٽيون سرمائيداري دور. انهن ٽنهي دورن مان هر هڪ کي پنهنجا پنهنجا پيداواري، طبقاتي، ثقافتي ۽ سماجي گڻ اوگڻ هئا، سٺايون ۽ برايون، واڌايون ۽ گھاٽايون هيون، جن جي بنياد تي انهن کي هڪ ٻي کان فرق وارو، نرالو ۽ چِٽو ڪري بيهاري سگھجي ٿو. هيءُ طبقاتي سماج غلامداري دور مان ڦري جاگيرداري دور ٿيو ۽ جاگيرداري دور مان ڦري سرمائيدار دور ۾ آيو، جنهن کان پوءِ ان طبقاتي سماج جي ڄمار پوري ٿي ۽ اهو اُسري، بدلجي، ڦيرو کائي، غيرطبقاتي سماج، ڪميونسٽ سماج ٿي پوڻو آهي، جنهن جو پهريون، ابتدائي ڏاڪو سوشلزم آهي جنهن ۾ طبقاتي سماج جون پيدا ٿيل برايون، گھٽتايون، رياستون، پارٽيون، ويڇا ۽ طبقاتي اثر ختم به ٿيڻا آهن ته نئين غيرطبقاتي، اعلى، سڌريل سائنسي سماج جون سٺايون، نيڪيون، سلڇڻايون ۽ ڀائپيون به پيدا ٿيڻيون، اسرڻيون ۽ وڌڻيون آهن. انهيءَ لحاظ کان سوشلسٽ دَورُ سرمائيداري (طبقاتي) سماج کان غيرطبقاتي سماج ڏانهن هلڻ، وڌڻ ۽ پهچڻ وارو دور يعني عبوري دور آهي.
انهيءَ حساب سان اڄوڪو ماڻهو، ماڻهوءَ-سماج جي تاريخ تي هڪڙِي گهِري نظر وجھڻ سان ئي، پرکي سگھي ٿو ته ماڻهوءَ-ذات پنج سماجي دور ڏٺا آهن: پهريون غيرطبقاتي سماج، ٻيو غلامداري سماج، ٽيون جاگيرداري سماج، چوٿون سرمائيداري سماج ۽ پنجون ڪميونسٽ سماج.
اها اوسر ۽ ڦيرڦار جيئن ته ڌرتيءَ جي هر علائقي جي ماڻهن ۾ هڪ ئي وقت هڪ جهڙي، هڪ ڪَري ۽ مشيني انداز جي نه ٿي آهي تنهنڪري اڄ به اسان کي مختلف سماجي ٽولا مختلف سماجي سطحن جي حياتي گذاريندي نظر ايندا. سُويت يونين جي علائقي ۾ ابتدائي راڄوڻو دَور گذريو، وري غلامداري گذريو، تنهن مٿان جاگيرداري دور، ان کان پوءِ سرمائيداري دور، جنهن کي اُتان جي پورهيت ڊاهي، پَٽُ ڪري، نئون سوشلسٽ سماج اَڏي ورتو. اهڙيءَ طرح سويت يونين جي علائقي ۾ پنج ئي دور پنهنجي شڪل ۾ ظاهر ٿيا. پر مثال طور، برطانيا، فرانس، هالينڊ، بيلجيم، اولهه جرمني وغيره جا علائقا راڄوڻو، غلامداري، جاگيرداري ۽ سرمائيدار سماج ته ڏسي چُڪا آهن، پر اُتي اڃا سوشلسٽ سماج نه ٺهي سگھيو آهي. جڏهن ته انقلاب وقت، مثال طور چين، ويٽنام ۽ ڪوريا ۾ سرمائيداري سماج به پوريءَ طرح جاگيرداريءَ مٿان غلبو پائي نه سگھيو هو. سنڌ ۾ به راڄوڻو ۽ غلامداري سماج گذري چڪا آهن، جاگيرداري سماج ڇانيل آهي ۽ سرمائيداري سماج اُسري پيو. بلوچستان ۾ اڃا تائين غلامداري سماج ڇانيل آهي، جيئن انقلاب وقت ڏکڻ يمن، انگولا ۽ موزمبيق ۾ ڇانيل هو. بلوچستان ۾ جاگيردار طبقو اڃا تائين ايترو سگھارو نه ٿي سگھيو آهي جو غلامداري (قبائلي، سرداري) سماج کي ڊاهي سگھي.
هر سماجي دورُ ٻئي سماجي دور کان قطعي ڌار، ڪَٽيل، غير واسطيدار يا ٻي سماج جي هوندي، اڻ موجود حالت ۾ ڪڏهن به نه رهيو آهي. ايئن ڪڏهن به نه رهيو آهي ۽ نه ئي ممڪن آهي ته جنهن به علائقي ۾ ڪو خاص سماجي دور ڇانيل آهي، ان علائقي ۾ ٻي دور جي ڪا به نشاني، ڪو به پارُ پتو ئي نه هجي. ان جي ابتڙ، ٿيندو هيئن آهي ته جيڪڏهن مثال طور ڪنهن علائقي جي ماڻهن مٿان جاگيرداري سماج ڇانيل آهي ته ان سماج ۾ نه رڳو ٽُٽندڙ، ڀرندڙ، تباهه ۽ گم ٿيندڙ غلامداري سماج جا اهڃاڻ ملندا، پر ايندڙ، اُسرندڙ، وڌندڙ، اڳتي هلي ڇانئجندڙ، نسبتن سٺي سماج، سرمائيداري جا به نشان ملندا. اها ڪا قطعي پابندي ناهي ته ڇانيل جاگيرداري سماج ۾ هروڀرو رڳو ان کان اڳ واري غلامداري ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سرمائيداري سماج جا ئي اهڃاڻ هجن، پر اهو به ٿي سگھي ٿو ته (۽ ان جا ڪيترائي مثال آهن) اڳ واري سماج کان به اڳين (جيئن ڇانيل جاگيرداري واري سماج ۾ ان کان اڳ واري غلامداري پر ان کان به اڳين يعني ابتدائي راڄوڻي دور) جا ڪي مثال موجود ملن ۽ ايندڙ سماج کان پوءِ ايندڙ (جيئن ڇانيل جاگيرداري واري سماج ۽ ايندڙ سرمائيداري دور ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سوشلسٽ سماج) جا مثال موجود ملن. مثال طور سنڌ ۾ جاگيرداري سماج ڇانيل آهي. سنڌي سماج ۾ اسان کي نه رڳو ٽُٽندڙ، ڀُرندڙ، تباهه ۽ فنا ٿيندڙ غلامداري سماج ۽ اُسرندڙ، وڌندڙ ويجھندڙ ۽ اڳتي هلي ڇانئجي سگھندڙ سرمائيداري سماج جا پڌرا پار ملن ٿا، پر غلامداري سماج هلندي ختم ٿيندڙ ابتدائي راڄوڻي دور جا اهڃاڻ به ملن ٿا. ممتاز علي ڀٽو، پير پاڳارو، غلام مصطفى جتوئي، مخدوم طالب المولى ۽ اهڙا ٻيا ڇانيل جاگيرداري سماج جو هڪ پرزو آهن پر اهي پنهنجن هارين کي نيم غلام هاريءَ واري حيثيت ۾ رکندا پيا اچن ۽ نواب سلطان چانڊيو پنهنجيءَ رعيت کي غلاميءَ واري حالت ۾ رکيون پيو اچي (نواب وٽ ته اڃا تائين پنهنجا ذاتي قيدخانا به موجود آهن). ساڳي ئي سنڌي سماج ۾ اسان کي ڀيل، ڪولهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ٽولا ملن ٿا جن مان ڪيترن وٽ اڃا تائين ابتدائي راڄوڻي دور جي رهڻي ڪهڻي موجود آهي، جيئن شڪار ورهائي کائڻ وغيره. ساڳي ئي سنڌي سماج ۾ اسرندڙ سرمائيداريءَ جا چٽا اهڃاڻ به موجود آهن جيڪي مشينري، مِل، ڪارخاني، صنعت، سرمائيدار ۽ مزدور جي صورت ۾ سولائيءَ سان ڏسي سگھجن ٿا. اسان جو سرمائيدار خودمختار ناهي پر عالمي سامراج جو ڳيجهو، محتاج ۽ دلال آهي. سرمائيدار سماج کان به پوءِ ايندڙ سماج جا ڪي ننڍڙا، هلڪڙا، معمولي اهڃاڻ سنڌي سماج ۾ موجود چئي سگھجن ٿا جن جو ڪجھ ڪاٿو اوهين ڪجھ قدر پنهنجي حياتي گذارڻ جي ڍنگ مان ڪري سگھو ٿا...
اتر ويٽنام ۾ آگسٽ-1945ع جي قومي عوامي جمهوري انقلاب وقت جاگيرداري سماج ڇانيل هو ۽ سرمائيداري سماج اُسريو پئي. پر جيڪڏهن ويٽنام جي تاريخ ۾ ٿورو پوئتي وڃجي ته 1932ع ۾ اسان کي نگهي ٿنهه سُويت (سٺو راڄوڻو، سُراڄوڻو) سماج جو ننڍي مدي وارو مثال موجود ملي ٿو جيڪو ايندڙ سوشلسٽ سماج جو ئي اهڃاڻ هو.
چين ۾ اهو ساڳيو انقلاب 1949ع ۾ آيو. ان وقت ڇانيل سماج جاگيرداري هو، جڏهن ته سرمائيداري سماج چڱو خاشو اسري آيو هو، پر ان کان اڳ خاص طرح 1934ع کان 1949ع تائين چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اقتدار هيٺ سراڄوڻن علائقن ۾ سوشلسٽ سماج جا جيئرا جاڳندا هزارين مثال موجود ملن ٿا.
چين ۽ ويٽنام ٻنهي ۾ انقلاب وقت نه رڳو تباهه ٿيندڙ غلامداري سماج جا مثال موجود هئا پر ڪٿي ڪٿي ڪي ٽولا خاص طرح ڪنفيوشس ۽ ٻُڌ جا پُوڄاري راڄوڻي قسم جي حياتي به گذاريندا هئا.
حقيقت ۾، ڇانيل جاگيرداري سماج جي دور ۾ بيشڪ سرمائيدار سماج اسري رهيو هوندو آهي پر ان اسرندڙ سماج ۾ مزدورن جو وجود ئي اڃا به ايندڙ سوشلسٽ سماج جو هڪ وڏو مثال آهي.
هر سماجي دور جون پنهنجون پنهنجون نراليون ڳالهيون، خصوصيتون، گھٽ وڌايون، اوڻايون چڱايون آهن ۽ هر دور ٻي دور سان ڳنڍيل، سلهاڙيل ۽ ڪن ڳالهين ۾ هڪجهڙو به آهي. ان ڳالهه جو سولو مثال ڪنهن به ماڻهوءَ جي حياتيءَ واري عمل کي جاچي سولائيءَ سان سمجھي سگھون ٿا. ٻار، ڇوڪر، جوان، اڌڙوٽ، ٻُڍو عام طور اسين انهن نالن هيٺ سڃاڻندا آهيون. ٻار جي ٿڃ پيئاڪ ڄمار به هوندي آهي ته بنا ٿڃ واري به. ڇوڪر عام طرح چڱيءَ طرح گھمي ڦري ڳالهائي ٻولائي سگھندڙ ۽ سمجھي سگھندڙ وڏي ٻار بابت ڪتب اچي ٿو. جوان ساماڻل، وهيءَ ۽ وت وارو ٿئي ٿو، سمجھ رکي ٿو ۽ سوچي ويچاري ٿو. جوانيءَ کان تازو موٽيل، پڪو، سمجھو، سوچيندڙ، پرکيندڙ، پرجھندڙ، زماني جو اڳ پوءِ جاچي سگھندڙ ماڻهو آهي ۽ ٻُڍو يا پوڙهو، هن ۾ عام طرح سگھ به گھٽ آهي ته منهن مقابل ٿيڻ جو حوصلو به، هو کائي پِي اچي چڙهيو آهي. ڪو ماڻهو ايئن به چئي سگهي ٿو ته ٿڃ پيئاڪ ابهم، ٻار، ڇوڪر، ڇوڪراٽ، جوان، اڌڙوٽ ۽ ٻڍو دور مقرر ڪجن، ته ڪري سگھي ٿو، ڇو ته اڃا انهن ڏاڪن کي قطعي مقرر نه ڪيو ويو آهي. هر ڏاڪو پنهنجا پنهنجا نرالا گڻ اوگڻ رکڻ سان گڏوگڏ اڳوڻي ۽ آئيندي سان ڳنڍيل آهي. اٻوجھ کان سٻوجھ ڏانهن، ٻل کان ٻلوان ڏانهن، بيوس کان وس واري ڏانهن، ٿوري کان گھڻي ڏانهن، کُٽل کان وڌيل ڏانهن، بيڪار کان ڪَميءَ ڏانهن، محتاج کان مالڪ ڏانهن، ننڍائيءَ کان وڏائيءَ ڏانهن، ابهم کان ڏاهي ڏانهن حياتيءَ جو ڳتيل سلسلو تڳندو، وڌندو، ويجھندو رهي ٿو.
ٺيڪ ساڳيءَ طرح سماجي حياتيءَ جو هر دور به ٻين دورن سان لاڳاپيل، ڳنڍيل ۽ ڳتيل هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجون پنهنجون اوڻايون سوکايون رکي ٿو. ابتدائي راڄوڻي دور کان غلامداريءَ ڏانهن، غلامداريءَ کان جاگيرداريءَ ڏانهن، جاگيرداريءَ کان سرمائيداريءَ ڏانهن ۽ سرمائيداريءَ کان سوشلزم ۽ ڪميونزم ڏانهن ـــــــ ساڳيو ئي بيوس کان وس واري ڏانهن، نٻل کان ٻَل واري ڏانهن، سادي کان ڳتيل ڏانهن، هيٺين سطح کان مٿين سطح ڏانهن، اٻوجهه کان سٻوجھ ۽ ابهم کان ڏاهي ڏانهن رڙهندو، اسرندو، وڌندو ۽ ويجھندو رهي ٿو.
هر سماجي دور کي پنهنجون ڪهڙيون ڪهڙيون نراليون خصلتون آهن، اهو جاچڻ کان اڳ لازمي ٿو لڳي ته سماج ڪهڙن بنيادن تي ٺهي ٿو، ٿورو ان جي پرک ڪيون.
ڇا اهو ممڪن آهي ته هڪ ماڻهو قطعي بُکيو، اُڃو ۽ بي گھر هجي پر هُو ويهي فلسفي، سياست، مذهب، اخلاق، ادب، فن، سائنس وغيره تي غور ڪري ۽ رياضيءَ جا مسئلا حل ڪري؟
اوهين سڀئي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته مختلف مذهبن جي ٻاوَن، مُلن، پادرين پنهنجن پنهنجن وعظن وغيره ۾، اهو پئي ٻڌايو آهي ته هيءَ ڌرتي پنهنجن سمورن ساهوارن ۽ بي ساهن سميت ۽ سج، چنڊ، تارا ـــــــ سڄي ڪائنات، سڄو جڳ ـــــــ ڪجهه ڏينهن ۾، رڳو ڇهه هزار سال اڳ، ٺهيو، جيڪا ساهواري جنس جيئن ٺهي اها بنا ڪنهن صورت بدلائڻ جي، بنا ڪنهن اوسر، واڌاري، ڦيري يا تبديليءَ جي، جيئن جو تيئن رهندي پئي اچي، ماڻهوءَ کي وڏو عقل ڏئي، ڪائنات جي گھڻن ئي رازن جي سمجھاڻي ڏئي، ويساهه، وهم يا عقيدا ڏئي، هن ڌرتيءَ تي موڪليو ويو ۽ مٿس فرض ڪيو ويو ته هو پنهنجي ڌڻيءَ جي پوڄاپاٺ ڪري هيءَ عارضي حياتي گذاري، ته جيئن کيس ٻِي دائمي حياتيءَ ۾ سک، سونهن ۽ سرهائي پلئه پوي.
سائنس، سڄاڻَ، حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ، پرک ۽ پروڙ، انهن وهمن ويساهن کي بي پاڙو، نسورو ڪوڙ ثابت ڪري اٻوجھائيءَ، اڻڄاڻائيءَ يا جهالت جو سبق بڻائي ڇڏيو. اڄ هر پڙهيل ڪڙهيل ۽ سمجھ رکندڙ ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هن ڪائنات ۾ ڌرتيءَ ڪائنات جي ڪيترن ئي تارن، ستارن جي ڀيٽ ۾ ڪروڙين کرب سال پوءِ جنم ورتو آهي. رڳو ڌرتيءَ جي ڄمار بابت ننڍي ۾ ننڍو ڪاٿو ٻه ارب سال آهي. هڪ جيو-گھرڙي (سيل) وارن ساهوارن کي ڄائي به هڪ ارب سالن کان وڌيڪ وقت ٿي گذريو آهي. ڳُتيل ۽ گھڻا جيوَ-گھرڙا رکندڙ ۽ کوپي وارا ساهوارا به گھٽ ۾ گھٽ پنج ڪروڙ سال اڳ وجود ۾ آيا ۽ اهو نسل يا جنس، جنهن مان هاڻوڪي ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ جنم ورتو گھٽ ۾ گھٽ ڏهه لک سال اڳ ٿي گذريو آهي.
ماڻهوءَ ذات پنهنجي حياتيءَ جا لکين سال (96 سيڪڙو عرصو) رڳو پراڻي پٿر جي دور ۾ گذاري ڇڏيا، جيڪو مشرق (اوڀر) ۽ مغرب (اولهه) ۾ پنج لک سالن کان به اڳ شروع ٿي چڪو هو. انهن ماڻهن جا ابتدائي اوزار رڳو اڻ گھڙيَل پٿر جا اوزار هئا جن کي مُٺ ۾ پڪڙي سگھجي. اهي ايترا ته بَدِشڪلا هئا (۽ ان حالت ۾ مليا آهن) جو جھونن آثارن جا ماهر به وڏي ڏکيائيءَ سان فرق ڪري سگھن ٿا. هوري هوري انهن ۾ سڌارو آيو ۽ نيٺ ايترو سڌريل شڪل ۾ ٺهڻ لڳا جو نه رڳو سڃاڻي سگھجن ٿا ته ڪنهن ماڻهوءَ جا ٺهيل آهن پر انهن جي ڪرت جو به ڪاٿو ڪري سگھجي ٿو. اهڙن سڌريل اوزارن ۾ ڪاتيون، ڪهاڙيون، سوئا، کُرپيون، سُيون ۽ ڀالن ۽ تيرن جا مُنهن ملن ٿا. اهي سڀ چقمق مان ٺاهيا ويا هئا، جيڪو هڪ سخت پٿر آهي ۽ رهڙي گَسائي ان کي تکو ڪري سگھجي ٿو. اهي شيون به هوري هوري سڌرنديون ويون ۽ ڪنهن خاص مُدي ۾، لاڏائُو حياتي هلندي، باهه ٻارڻ جا اهڃاڻ به مليا آهن. ان مان سُڌ پوي ٿي ته ان وقت تائين ماڻهو باهه جي واهپي تي قبضو ڪري چڪو هو ۽ باهه جو شعلو ٻِن ڏنڊن يا پٿرن جي گاٺ وسيلي پيدا ڪيو ويندو هو.
پراڻي پٿر واري دور جي ڀيٽ ۾ نئين پٿر وارو دور ڄڻڪ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. يورپ ۾ ان دور جا پار ڏهه ٻارهن هزار سالن کان اڳ جا نظر نه ٿا اچن ۽ اهو دور ڌرتيءَ جي ڳولي تي سڌريل آباديءَ کان پرانهن پاسن ۾ اڄ به نظر اچي ٿو. جڏهن يورپ اڃا نئين پٿر واري دور ۾ هو تڏهن ايشيا جي ڪيترن ئي علائقن جا ماڻهو نئين پٿر جو دور ٽَپي، ان کان پوءِ واري ڪنجھي جو دور به پورو ڪري، لوهه واري دور ۾ پهچي چڪا هئا، جڏهن ته آسٽريليا کنڊ جا ماڻهو انهيءَ زماني ۾ پراڻي پٿر جي دور منجھان گذري رهيا هئا.
نئين پٿر واري دور جا اوزار پراڻي جي ڀيٽ ۾ گھڻا سڌريل ۽ تيز آهن. هن دور جا ماڻهو مٽيءَ جا ٿانوَ به ٺاهڻ لڳا هئا ۽ اناج پچائي کائڻ شروع ڪيو هئائون. هڏي ۽ سڱ کي به اوزار طور ڪتب آندو پئي ويو. هنن جانور به پاليا هئا. پهريائين ڪتا، پوءِ رڍون، ٻڪريون ۽ وري گھوڙا ۽ ڍور ڍڳا. ان ئي دور ۾ ڦيٿو به ايجاد ٿيو. جڏهن کان تاريخ لکي وئي ۽ ان کان اڳ واري دور ۾ خاص فرق ڪندڙ آهي شهرن جو وجود. شهرن ۾ ئي ماڻهوءَ لکت ايجاد ڪئي.
اڄوڪي ۽ اڳوڻي ماڻهوءَ جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪئي ويندي ته اسان کي انهن جي مُنهن مهانڊي، قد بُت، چال چلت، سوچ سمجھ، دل دماغ، اٿا ويٺيءَ، رهڻي ڪهڻيءَ وغيره ۾ ڪيترائي چٽا فرق نظر ايندا.
ڊسلڊارف (جرمني) ويجھو نياندرٿل نالي هڪ واهيءَ (ڪَسيءَ، نهر) ۾ اهڙيون هڏيون لڌيون ويون جن بابت سائنسدان فيصلو نه ڪري پئي سگھيا ته اهي هڏيون ڪهڙي جانور جون سمجھڻ گھرجن ـــــــ باندر جون، گوريلي جون يا ماڻهوءَ جون! هاڻي ته ان جھڙا ڪيترا ئي هڏاوان پڃرا لڌل آهن. جڏهن انهن هڏين جي بنياد تي قد بُت جو خاڪو تيار ڪيو ويو، تڏهن اهو نه ته هاڻوڪي وڏي کوپڙيءَ ۽ وڏي دماغ وارو اُڀو سڌو ٿي هلندڙ ماڻهوءَ سان ملندڙ هو ۽ نه ئي وري ننڍي کوپڙيءَ ۽ ننڍي دماغ واري چئن ڄنگھن تي هلندڙ باندر يا گوريلي سان، جيڪي وقت سر پويَن پيرن تي هلي، ڊوڙي سگھندا آهن. ان نسل جو نالو نياندرٿل نسل رکيو ويو. هن نموني جي مَردن ۽ عورتن جا بُت سخت ۽ سوکا، منڍي وڏيرڙي، نراڙ جو مٿيون حصو پوئتي جھڪيل ۽ ڀِرون وارو حصو اڳتي نڪتل، ڄاڙيون ٻاهر وڌيل ۽ کاڏي ننڍي ۽ پوئتي هٽيل هئي ۽ ڪجھ نِوِڙي هلندو هو. هن جو منهن عام ماڻهوءَ جيان سڌو نه هو ۽ نه وري ٻوٿاڙي ئي هئس. هن جو دماغ عام باندر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏو، ڳتيل ۽ سڌريل هو. هي ماڻهو اوزارن کان ڪم وٺندا هئا ۽ باهه جو واهپو ڄاڻندا هئا. اهي ئي پراڻي پٿر جي دور جا ماڻهو هئا.
نئين پٿر جي دور جو ماڻهو هر انگ جي ڀيٽ ۾ نياندرٿل کان به وڌيڪ هاڻوڪي ماڻهوءَ سان ملندڙ هو، پر پوريءَ طرح هاڻوڪي ماڻهوءَ جھڙو نه هو. البته اهو ٿي سگھي ٿو ته ان کي لٽو ڪپڙو پارائي، ڏاڙهي مڇون ٺاهي، ڪنهن اوطاق ۾ ويهاريو وڃي، ته اسان پارا عام ماڻهو ان کي بدشڪل يا ڀولي-ٻُوٿيو ته چئي سگھن ٿا پر ماڻهو ئي نه سمجھن، اهو ممڪن ڪونهي. هاڻوڪي ماڻهوءَ جھڙي هن جنس تي ڪروميگنن نسل نالو رکيو ويو آهي، جنهن جون هڏيون پهريائين جاوا جي علائقي ۾ هڪ پنجاهه فُٽ اونهي غار ۾ لڌيون ۽ پوءِ فرانس جي ڏکڻ-اولهه جي جابلو علائقي ڪروميگنن ۾، جنهنڪري مٿس اهو نالو رکيو ويو. هيءُ چڱيءَ طرح ڳالهائيندڙ، سمجھندڙ ۽ سوچيندڙ ماڻهو آهي، ٻن پيرن تي هلي ٿو، پر اڃا به سندس چيلهه ٿوري ڪُٻي آهي، ٻوٿاڙي بدران منهن اٿس پر کاڏي، نڪ ۽ نراڙ جي مشابهت هاڻوڪي، اُڀو ٿي هلندڙ سَئين سڌي ماڻهو کان وڌيڪ نياندرٿل سان ملندڙ آهي. سندس منهن ڪجھ اُڀيرڙو ۽ قد ڊگھو آهي ۽ اڄوڪي اُڀي مٿي واري يورپي مهانڊي سان ملي ٿو. سندس دماغ اڃا به وڌيڪ سڌريل، وڌيل ۽ ڳتيل آهي. هيءُ نسل ئي سڀ کان پهريائين لڏپلاڻ ڪندو، هاڻوڪي امريڪي کنڊ (اتر ۽ ڏکڻ) ۾ پهتو، ڇو ته هن کان اڳ واري نسل جو اتي ڪو به پار پتو نه مليو آهي. البته ان جا کاڌي پيتي ۽شڪار لاءِ ڪم ايندڙ ٿانوَ ۽ اوزار مليا آهن. امريڪا جِي نِيوميڪسيڪو ۾، فولسم وٽ ’فولسم ثقافت‘ جا آثار مليا آهن، جن جي گھڻي هڪ جهڙائي ڪروميگنن ثقافت سان آهي.
پراڻي پٿر جي پڄاڻيءَ واري عرصي جا آثار ميگڊالنين نالي هڪ جابلو غار ۾ مليا آهن جيڪا فرانس جي ڏکڻ-اولهه ۾ آهي. ان بابت ڪاٿو آهي ته ڏهه هزار سال قبل مسيح (ق م) ٿي گذري. ميگڊالني ماڻهن غار جي ڀتين تي جانورن جون شڪليون اُڪيريون، جن ۾ هرڻ، جھنگلي مينهن، هاٿي ۽ ٻين جانورن جون شڪليون سڃاڻي سگھجن ٿيون. انهن مان ڪيتريون ئي شڪليون ڏاڍيون چڱيون ٺهيل آهن. ميگڊالني ماڻهن هڏين مان ڏاڍا اُچا اوزار ٺاهيا ۽ وڏي هنرمنديءَ سان منهن مهانڊا اڪيريا.
ماڻهن جا ٽولا جتي به رهيا، جيترو به رهيا، جيئن به رهيا، پر اهو قطعي ثابت ٿيل آهي ته ساڳي ئي وقت سڀني سماجن جي حيثيت هڪ جھڙي نه رهي. هزارين سال اڳ به حياتيءَ جا رنگين گوناگون روپ هئا. ماڻهن اُپايو پئي، کاڌو پئي، نسل وڌايو ۽ بچايو پئي، بقا لاءِ جدوجهد ڪئي پئي ۽ ناسازگار حالتن کي منهن ڏنو پئي. انساني سماج لاڳيتو اوسر ۽ واڌار (ترقي) ڪئي پئي.
ماڻهوءَ بابت ڪجھ حقيقتون هيٺ ڏجن ٿيون جن کان ڪو به سائنسدان ۽ عالم ماڻهو انڪار نه ٿو ڪري سگھي:
1. ماڻهوءَ جو نسل کير پيئاريندڙ ساهوارن جي هڪ شاخ آهي. ماڻهو سڌو سَئون ڀولڙي مان اوسر ۽ واڌ نه ڪئي آهي. اهي ماڻهو جا ڏڏاڻا ناهن پر نسل جي نڇ ۾ مائٽ آهن. ڀولڙي جھڙا ٻيا به نسل آهن جيئن گبن، چمپانزي، گوريلو وغيره. ماڻهو اهڙي ئي گھراڻي جي ڪنهن نئين نسل مان اُسريو آهي.
2. ساهوارن ۾ ماڻهو اها اڪيلي جنس آهي جيڪا لفظن جو واهپو ڪري ٿي يعني ٻولي ڳالهائي ٿي. ان نموني ماڻهو پنهنجا خيال، سوچون، سَڌون ۽ ويچار ٻين تائين پهچائي ۽ وٺي ٿو. هو تجربا، کوجنا ۽ اڀياس ڪري سگھي ٿو، انهن کي ياد رکي ٿو، انهن جو جائزو وٺي ٿو ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا خاص طريقا تعليم وسيلي پنهنجي ايندڙ نسل تائين پهچائي ٿو.
3. تاريخ کان اڳ وارن دورن ۾ ثقافت بابت جيڪا ڄاڻ ملي سگھي آهي، ان مان پڪي ٻوجھ پوي ٿي ته سماج ۾ لاڳيتو اوسر ۽ واڌار ٿي آهي. انهيءَ ٿيندي کاڌو پيتو گھڻي مقدار ۾ هٿ ڪيو ويو، اناج جون جنسون اپايون ويون، سٺا گھر ٺاهيا ويا ۽ هوري هوري پنهنجين لازمي بنيادي گھرجن کي نسبتن سٺي نموني پورو ڪرڻ سکيو ويو. پٿر، ڪنجھي ۽ لوهه جا دورَ جھڙا نالا رٿڻ مان به اهو ئي پڌرو ٿئي ٿو ته ماڻهو معمولي اوزارن ۾ اوسر ۽ واڌار ڪندي، سکندي، سمجھندي، سوچيندي، پرکيندي، پروڙيندي، اڳلي کان نوان، نئين کان نوان ۽ اڃا به نوان، تان جو اُچي قسم جا اوزار ٺاهڻ لڳو. ان مان پروڙ پوي ٿي ته ماڻهو وسيلن کي مقصدن ۽ گھرجن مطابق ٺاهڻ جي صلاحيت ۾ اڳتي وڌندو رهيو. ان کي ئي اڄ ڪلهه فني، هنري سڌارو چئون ٿا. اخلاقي معاملن کان مٿاهون ٿي (مثال طور، اسين ميگڊالني ماڻهن کان وڌيڪ نيڪ هجون يا نه، اسان لاءِ سرهائيءَ جا گھڻا وجھ آهن يا نه، هاڻوڪيون تصويرون اڳوڻين کان سُٺيون آهن يا نه) بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگھون ٿا ته هاڻوڪي زماني جا پيداواري اوزار ميگڊالني زماني جي اوزارن کان وڌيڪ اچا، سٺا ۽ سڻاوا آهن جيئن ميگڊالني ماڻهن جا اوزار نياندرٿل ماڻهن جي اوزارن کان وڌيڪ سٺا هئا.
4. ماڻهو هڪ ڪَرِي جنس جي حيثيت ۾ وڏي عرصي کان ڌرتيءَ تي وسندڙ آهي. ظاهري طرح انهن جا ٽولا ٽولا هِتي هتي لڏيندا، گھمندا رهيا. ڪجھ ٽولا ڪنهن خاص علائقي ۾ ايڏو ڊگھو عرصو رهيا جو انهن هڪ خصوصي نئين هيٺين نسل جي حسثيت ماڻي ورتي. ان نموني گورا، ڪارا، پِيلا، ناسي يا ڪڻڪ رنگا ”نسل“ وجود ۾ آيا. انهن ٽولن ۾ رضا خوشيءَ يا جھيڙي جھٽي وسيلي هڪ ٻي سان ميل ميلاپ ٿيندو رهيو. ”نسل“ جي بنياد تي ڪنهن کي گھٽ ۽ ڪنهن کي اُچو چوڻ ڪمينائپ آهي.
5. ماڻهن ۽ انهن جي ثقافتن جو هڪ ويڪرو، گھٽ وڌ ۽ رنگارنگ سلسلو پئي رهيو آهي. ماڻهوءَ وٽ ئي رسمون ۽ رواج آهن، جڳ ۾ جيئن آهن تيئن جو تيئن رهڻ تي راضي ناهن. اهي ڪا وڌيڪ سٺي دنيا ٺاهي نه ٿا سگھن ته ان کي ٺاهڻ جون سڌون اوس رکن ٿا. جڏهن کان ماڻهوءَ پنهنجي اڻ گھڙيل اوزارن سان جتي ڪٿي گھاڙ گھڙت شروع ڪئي، ان وقت کان وٺي ماڻهوءَ ملندڙ شين تي قناعت نه ڪئي. ماڻهو اهو ساهوارو آهي جنهن ايجادون ڪيون آهن ۽ پنهنجي ماحول ـــــــ پنهنجن اوزارن، پنهنجي دماغ، پنهنجي فن پنهنجي ثقافت ـــــــ کي لاڳيتو تبديل ڪندو رهيو آهي. پر اوزارن وسيلي پنهنجو گھربل بلو ڪري سگھڻ سبب ئي هن ڪڏهن به پنهنجي جسم کي بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، سواءِ ان اوسر جي، جيڪا سندس ايجادن کي سولو ڪرڻ جي ڪم اچي سگھي ـــــــ جيئن آڱريون، نڙي، دماغ وغيره. جسم کي بدلائڻ کان سواءِ ماحول کي بدلائي ڇڏڻ جي صلاحيت اها انتهائي غيرمعمولي ايجاد آهي جنهن تي ڪو ٻيو ساهوارو پهچي نه سگھيو. کير پيئاريندڙ خشڪي وارن ساهوارن ۾ اهڙا به آهن جن هوا ۾ اڏامڻ يا پاڻيءَ ۾ رهڻ سکي ورتو پر ان سان گڏ ئي اهو چمڙو ٿي پيو يا وري وهيل مڇي. ويهين صديءَ جو ڳالهائيندڙ ماڻهو علم تشريح جي نڪتهء نظر کان ايئن ئي آهي جيئن هزارين سال اڳ وارو ميگڊالني ماڻهو، پر هو هوائي جهازن وسيلي هوا ۾ اڏامي ٿو ۽ سامونڊي جهازن ۽ آبدوزن ۾ ويهي سمنڊ جا سير ڪري ٿو.
ماڻهو ٽولن، ڪهولن، ويڙهَن، قبيلن، قومن ـــــــ سماج ۾، سماجي ٻنڌڻن ۾ رهي ئي ان ڪري ٿو جو هن پيداواري اوزار ٺاهيا. اوزارن ٺهڻ سبب کيس جيڪا سهولت ملي پئي ان ئي کيس انهن جي فطرت تي وڌيڪ فڪر ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. مخصوص قسم جي اوزارن کي سڃاڻڻ، انهن کان مخصوص ڪم وٺڻ، ڪنهن مخصوص ڪم لاءِ گڏ ٿيڻ وغيره جھڙيون لازمي گھرجون ئي هيون جو ماڻهوءَ انهن لاءِ مختلف مخصوص آواز يا واڪا ڪڍيا ۽ اهي ئي بامقصد واڪا سندس ٻولي ٺهيا. لاڳيتي پورهئي يعني سماجي سرگرميءَ منجھس اڃا به ذهني قوت وڌائي، ذهن کي سڌاري، سوچيندڙ ڪيو، نڙيءَ کي نرم ۽ لچڪدار ڪري گُهوگُهو واڪو ڦيرائي مٺو بنايو، ٿلهين ڊينڊڙين آڱرين کي سنهو، سيبتو ۽ هنرمند ڪيو، چيلهه جو ڪُٻ ڪڍي سڌو بيهاريو، ڄنگھن تي گھڻو وقت بيهي سگھڻ لاءِ انهن کي سخت ۽ سگھارو ڪيو، وغيره. اهو سڀ ڪجھ ٿيندي ٻه ٽي لک سال لنگھي ويا.
• ڇا ٻوليءَ کان سواءِ ماڻهو سوچي، ڳالهائي ۽ سيکاري سگھي ٿو؟
- ممڪن ئي ڪونهي. (جبلي چرپر، عادت ۽ آواز جبلي ئي آهن، سوچيل، ڳالهايل ۽ سِکيل ناهن.)
• جڏهن ماڻهو اڃا ٻولي ڳالهائڻ ئي نه سکيو هو تنهن کان اڳ ڇا اهو ممڪن آهي ته ماڻهو ويهي فلسفو، اخلاق، علم ۽ ادب سکي سگھي، سيکاري سگھي يا بحث ڪري سگھي؟
- جواب چِٽو آهي. ڪنهن به ٻي ساهواري اڄ ڏينهن تائين فلسفي، سياست، علم، ادب تي بحث نه ڪيو آهي. انهن موضوعن تي ڳالهائڻ کان اڳ جيئرو هجڻ وڌيڪ اهم آهي ۽ جياپي لاءِ وري کاڌو پيتو ۽ اَجھو.
هر ساهواري جيان ماڻهوءَ کي به سڀ کان اڳ جياپي جو بلو گھرجي ٿو. جيئرو هوندو ته بحث مباحثا ۽ سوچ ويچار جام. جيئڻ ،کاڌو پيتو ۽ اجھو گھرجي ٿو. کاڌو پيتو ۽ اجھو هر ساهواري قدرتي نظام ۾ ٺهيوٺڪيو هٿ پئي ڪيو. ماڻهوءَ کان سواءِ ڪو به ساهوارو ناهي جيڪو قدرتي تيار مال کائڻ سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ به اُپائيندو هجي. اپائڻ جي ڪري ئي ماڻهو هڪ ٻي سان ڳنڍجي ٿو، هڪ ٻي سان لهه وچڙ ۾ اچي ٿو، هڪ ٻي سان رشتا ناتا ٺاهي ٿو ـــــــ انهيءَ ڳنڍپ، لهه وچڙ ۽ رشتن ناتن سبب ئي سماج ٺهي ٿو ـــــــ انهيءَ ڳنڍپ، لهه وچڙ ۽ رشتي ناتي جو نالو آهي پيداواري لاڳاپو. پيداواري لاڳاپا ئي هر سماج جي پيڙهه آهن. جيڪڏهن اهي لاڳاپا نه هجن ته ماڻهو راڄ يا سماج ٺاهي رهي نه ٿو سگھي. اهي پيداواري لاڳاپا ٻين ڪن به ساهوارن جي وچ ۾ ڪونهن، ان ڪري ئي انهن جو سماج ڪونهي، ٻولي ڪانهي، فلسفو ڪونهي، سائنس ۽ آرٽ ڪونهي ۽ ان ڪري اهي ماحول بدلائي نه سگھيا پر پاڻ ماحول موجب بدلبا رهيا. جڏهن ماڻهو پاڻ پيداواري لاڳاپن ۾ نه ڳنڍيا هئا تڏهن اهو به جانورن جھڙي جھنگلي، بيوس ۽ ڳيجھو حياتي گذاريندا هئا. پاڻ اپائي نه سگھندا هئا ۽ رڳو قدرت جو تيار ٿيل کاڌو کائيندا هئا. جيئرا ته هئا پر جانور، چئني پيرن تي هلندڙ. نه وٽن ٻولي هئي نه ئي ثقافت، نه ريتون رسمون، نه ئي تهذيب تمدن، نه فلسفو، نه سائنس، نه آرٽ، نه موسيقي، نه هنر ۽ نه ئي وري سمجھ، سوچ يا شعور. اهي هر قسم جي ديني ڌرمي موشگافين، وهمن ۽ ڀَوَن کان ٻاهر هئا.
سماجي تاريخ جي ڌار ڌار ڏاڪن کي هڪ ٻي کان فرق وارو ڪرڻ جو معيار اهو ناهي ته ماڻهو ڇا ٿو پيدا ڪري، پر هيءُ آهي ته هو پنهنجو وجود قائم رکڻ لاءِ اهي بنيادي گھرجون ڪيئن يعني ڪهڙن وسيلن سان/مان پيدا ڪري. اڃا به ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته تاريخي دورن (ڏاڪن) ۾ فرق ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته جن طريقن سان هو پيداوار ڪري ٿو اهي جاچيا وڃن، ڇو ته انهن پيداواري طريقن تي ئي سماج جو بنياد بيٺل آهي. سڄي تاريخ هڪ کان پوءِ ٻي ايندڙ پيداواري طريقي تي ٻڌل/بيٺل آهي.
پيداوار، اپت ماڻهو ڪهڙي طريقي سان ڪري ٿو، ان جا ٻه پاسا آهن. هڪ پاسو فطرت سان ماڻهوءَ جي ناتي کي ظاهر ڪري ٿو ـــــــ ماڻهو فطرت مان ڪيترو هٿ ڪري ٿو، هن جو فطرت تي ڪيترو وس آهي. پيداواري طريقي جو هيءُ پاسو سماج جي پيداواري قوتن تي ٻڌل آهي. پيداواري قوتون جيترو اسريل، واڌاريل هونديون فطرت تي ماڻهوءَ جو وس به اوترو ئي گھڻو هوندو ۽ جيترو پوئتي پيل هونديون ته اوترو ئي ماڻهو فطرت جو غلام هوندو.
پيداواري طريقي جو ٻيو پاسو پيداواري ناتا آهن جيڪي بنيادي گُهرجون پيدا ڪرڻ واري عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سبب ماڻهن جي وچ ۾ قائم ٿين ٿا. پيداواري قوتن جي واڌار ڪيتري سطح تي پهتل آهي ۽ انهن جو ڪردار ڪهڙو آهي ـــــــ انهن ٻنهي سوالن جو جواب ٻڌائيندو ته پيداواري ناتا ڪهڙا آهن.
اهي ٻئي پاسا هڪ ٻئي کان ٽٽل ناهن پر اڻٽُٽ نموني ڳنڍيل آهن، ڇو ته ماڻهو فطرت تي گڏيل نموني عمل ڪندي ئي پاڻ ۾ ڳنڍجي وڃن ٿا.
بنيادي گھرجن جي پيداوار سان گڏ هڪ ميدان خود ماڻهوءَ جي پيداوار به آهي. ماڻهوءَ جي پيداوار گھراڻي، ڪٽنب، ڪهول يا آڪهه ۾ ٿئي ٿي. ابتدا ۾ هن عمل جو فطرت تي نسبتن گھڻو اثر هو پر جيئن جيئن سماج وڌندو ويو تيئن تيئن هن جو اثر گھٽجندو پئي رهيو آهي، پر گھراڻو (آڪهه، ڪهول) رڳو پيداوار جي نظام جي محض هڪ ڪڙي آهي ۽ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ايئن چوڻ غلط آهي. گھراڻو ئي بنيادي پيداواري ناتن سان گڏ اخلاقي، قانوني، جذباتي ۽ ٻين ناتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ نه رڳو نئون ماڻهو پيدا ڪندو رهي ٿو پر ان جي ڄاڻ ۽ سکيا جو به اهم درسگاهه آهي.
پيداواري قوت ڇا کي چئجي ٿو؟
1. ماڻهو جيڪي پيداوار ڪن ٿا، ماڻهن کان سواءِ اپائڻ جو ڪم ٿي ئي نه ٿو سگھي. ماڻهو اهم پيداواري قوت آهن.
2. ماڻهو جن شين يا اوزارن وسيلي پورهيو ڪري ٿو. شيون يا اوزار يا ته فطرت مان هٿ ڪري ٿو يا وري انهن کي گَھڙي ٿو. اوزار به ماڻهوءَ جي پورهئي جو نتيجو آهن. انهن ۾ به ماڻهوءَ جو پورهيو لڪل آهي.
جيئرو انساني پورهيو ۽ اهو پورهيو جيڪو اڳواٽ ڪيل آهي (۽ پيداواري اوزارن ۾ لڪل آهي) ـــــ ٻنهي کي گڏي پيداواري قوت چئجي ٿو.
پٿر، معدني ذخيرو، لوهه جي کاڻ، ڪوئلو وغيره پيداواري قوت ناهن پر جڏهن انهن تي ماڻهوءَ جو پورهيو ٿئي ٿو، اهي صاف ٿين، گَهڙجن ۽ ڪا خاص شڪل وٺن ٿا، تڏهن پيداواري قوت ٿي سگھن ٿا. جديد ترين مشينون جيڪڏهن ڀانڊن ۾ بند پيون هجن ته اهي پيداواري قوت ناهن (جيتوڻيڪ انهن ۾ ماڻهوءَ جو پورهيو سيڙيل آهي). اهي پيداواري قوت تڏهن آهن جڏهن پيداواري عمل جو حصو هجن. اها ساڳي ڳالهه ماڻهوءَ بابت به چئي سگھجي ٿي. هڪ صحتمند ماڻهو، جيڪو ڪم نه ٿو ڪري، پيداواري قوت ناهي. ماڻهو ۽ پورهئي جا اوزار ان وقت پيداواري قوت جا حصا ٿين ٿا جڏهن اهي گُهرجن جي پيداوار سان ڳنڍيل هجن.
پيداواري ناتو ڇاکي چئجي ٿو؟
ماڻهو جڏهن پيداواري عمل ۾ شامل ٿين ٿا تڏهن انهن جي وچ ۾ گھڻ پاساوان ۽ ڳتيل ناتا پيدا ٿين ٿا. سمورا انساني ناتا رڳو پيداواري ناتا ناهن. پيداواري ناتا اهي آهن جيڪي گذرسفر (معاش، کاڌ خوراڪ، ڌنيري) لاءِ ٺهندا آهن. هي انهن ناتن کان ٻي قسم جا آهن جيڪي مٽي مائٽيءَ، ياري باشيءَ يا هم جنس هئڻ سبب ٺهندا آهن. مٽي مائٽيءَ، ياري باشيِءَ ۽ هم جنس هئڻ جا ناتا ٻين ساهوارن ۾ به ٿين ٿا، پر اهي فقط تيستائين جٽاءُ ڪن ٿا جيستائين نئون نسل پراڻي نسل جو ڳيجهو هجي، ڪو شهوَتي (وهريلو) ناتو هجي يا جيئن پنهنجي هم جنس کان بي ڊپي جو ناتو ٿئي ٿو وغيره. جڏهن ماڻهوءَ-جنس اپائڻ نه سِکيو هو تڏهن ان جي وچ ۾ به رڳو ان ئي قسم جا ناتا هئا. پيداواري عمل ۾ گڏجڻ، گھڙڻ ۽ ڏيتي ليتي ڪرڻ سبب ئي پيداواري ناتا به ٺهن ٿا ته سماج ۽ سمجھ به. ماڻهن جي وچ ۾ معاشي (ڌنيري) ناتا ۽ ان جي ڪري پيداواري ٿاڪ سان پيدا ٿي ناتا ــــــ هي آهي پيداواري ناتن جو جوهر.
پيداواري ناتن جو ٻيو بنيادي پاسو مادي پيداوار ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن جي وچ ۾ سرگرميءَ جي مٽاسٽا آهي. اهي پنهنجي سرگرميءَ جي ”مٽاسٽا“ ڪن ٿا. پورهئي جي نتيجن جي مٽاسٽا هر سماجي دور ۾ ٿئي ٿي ــــــ ابتدائي راڄوڻي سماج ۾ به، غلامداري سماج ۾ به، جاگيرداري سماج ۾ به، ته سوشلسٽ (ڪميونسٽ) سماج ۾ به. هر سماجي دور ۾ ان جو نمونو مختلف ٿئي ٿو.
پيداواري ناتن جو ٽيون پاسو به آهي يعني تيار ڪيل مال جي ورهاست. هر سماجي دور ۾ تيار ڪيل مال جي ورهاست جو طريقو ڌار ڌار آهي.
اهي سمورا پاسا هڪ ٻي سان اڻٽُٽ نموني ڳنڍيل آهن. اهي سمورا ناتا انساني سوچ سمجھ کان آزاد (معروضي) آهن، محتاج (ڳِيجُهو) ناهن.
تاريخ جي مختلف سماجي دورن جو فرق پيداواري ناتن جي ان ٽه-طرفي اتحاد جي فرق تي بيٺل آهي. پيداواري ناتا ابتدائي راڄوڻي سماج ۾ هڪ قسم جا آهن، غلامداري سماج ۾ ٻي قسم جا، جاگيرداري سماج ۾ ٽين قسم جا، سرمائيداري سماج ۾ چوٿين قسم جا، ته ڪميونسٽ (پهريون ڏاڪو سوشلسٽ) سماج ۾ پنجين قسم جا. سادي کان اُچي ڏانهن، اڻ ڳُتيل کان ڳُتيل ڏانهن، هيٺين سطح کان مٿين سطح ڏانهن پيداواري ناتن جو اهو سفر، اوسر، واڌار جاري آهي. اهي سوچ سمجھ جا پابند ناهن، ان کان آزاد آهن. اوسر ٿيڻي آهي، ان کي ڪو به روڪي، بيهاري نه ٿو سگھي. ها، اهو ٿي سگھي ٿو ته انهيءَ جي رفتار ۾ ڍرائي يا تيزي پيدا ڪري سگھجي. سماجُ اوسر ۽ ڦيرو کائيندو لاڳيتو واڌار ڪندو رهي ٿو.
پيداواري طريقو (ڍنگ) ڇا کي چئجي ٿو؟
پيداواري قوت ۽ پيداواري ناتن جو گڏيل نالو آهي پيداواري طريقو (ڍنگ).
تاريخ جي هر سماجي دور کي پنهنجو مخصوص ۽ نرالو پيداواري ڍنگ آهي. ابتدائي دور جو پنهنجو طريقو آهي ته غلامداريءَ جو پنهنجو، جاگيرداري سماج جو پنهنجو طريقو آهي ته سرمائيداريءَ جو پنهنجو ۽ ڪميونسٽ (سوشلسٽ) سماج جو وري پنهنجو. هر دور جو پنهنجو مقرر پيداواري طريقو آهي. سماج ۾ جنهن قسم جو پيداواري طريقو حاوي، غالب، ڇانيل هوندو، سماج جو نالو اهو ئي سڏبو. مثال طور ڇانيل جاگيرداري سماج ۾ جاگيردارڪو پيداواري طريقو ڇانيل هوندو، پر رڳو هڪ، اڪيلو، نجو پجو پيداواري طريقو ئي رائج هجي ۽ ٻي ڪنهن به ايندڙ ويندڙ پيداواري طريقو جو ڪو نشان ۽ اهڃاڻ ئي نه هجي، ايئن نه ٿيندو آهي. ڇانيل سماج جي ڪُک مان ئي ايندڙ سماج جنم وٺي ٿو.
پيداوار جي هڪ طريقي جِي ٻي طريقي ۾ تبديلي جدلي قانون جي پابند آهي. هر پيداواري طريقي تي ٽن اهم قانونن جو حڪم هلي ٿو. اهي ٽي قانون هي آهن: (1) پيداواري طريقي جي مختلف پاسن جي وچ ۾ اتحاد (ٺاهه) جو قانون، (2) هڪَ ڪَرائيءَ جو قانون ۽ (3) ٽَڪر جو قانون.
1. پيداواري طريقي جي مختلف پاسن ۾ ٺاهه جو قانون:
هيءُ قانون پيداواري قوتن ۽ پيداواري ناتن جي وچ ۾ ٺاهه جو اڻٽٽ لاڳاپو ظاهر ڪري ٿو. پيداواري قوتون ڳر (جوهر) آهن ۽ پيداواري ناتا ان جي معاشي شڪل (ڏيک). پيداواري قوتون (ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪتب ايندڙ اوزار) جيترو گھٽ، هيٺين، هِيڻي ۽ هلڪي سطح تي هونديون، پيداواري ناتا (گڏجي ڪم ڪرڻ سبب هڪ ٻي لاءِ پيدا ٿيل لاڳاپا) به اوترو ئي گھٽ، هيٺين، هِيڻي ۽ هلڪي سطح جا هوندا ۽ ان ڪري ئي سماج جي معاشي شڪل به هيٺين، هيڻي ۽ هلڪي سطح جي هوندي، جيئن ابتدائي راڄوڻي سماج ۾. جيئن جيئن پيداواري قوتون اوسر ۽ واڌار ڪن ٿيون تيئن تيئن پيداواري ناتا (معاشي شڪل) به اوسر ۽ واڌار ڪن ٿا. ابتدائي راڄوڻي دور جي ڀيٽ ۾ غلامداري سماج پيداواري قوتن ۽ ناتن جي حساب سان مٿين سطح تي هوندو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ جاگيرداري سماج اڃا به مٿاهين سطح تي آهي ۽ سرمائيداري سماج ان کان به وڌيڪ مٿاهين سطح تي. اهڙيءَ طرح سوشلسٽ سماج سرمائيداري ]سماج[ کان به ڏاڍو مٿي، اُچو، گهِرو، سٺو ۽ سيبتو آهي.
جنهن به سطح جو پيداواري طريقو هوندو ان سطح جي پيداواري قوتن ۽ ناتن جي وچ ۾ گھڻ پاسائون، هڪ ٻي سان سهڪاري ساٿ هوندو.
2. پيداواري قوتن ۽ ناتن جي سطح ۽ ڪردار جي وچ ۾ هڪ ڪَرائيءَ جو قانون:
سرمائيداري سماج شروع ۾ هڪ جھڙو ڌنڌو ڪندڙ ماڻهن جي وچ ۾ هڪ ايڪو پيدا ڪري رکيو هو. مالڪُ ڪاريگر ۽ ان جا شاگرد هڪ مڪمل جنس ٺاهي تيار ڪندا هئا. هر جنس جو خالق سڃاڻي سگھبو هو. هر ڪاريگر جو ڪم تخليقي هو، پر اهي شيون وڏي پيماني تي نه ٺهي پئي سگھيون. پورهئي جي ورهاست ۽ مشين جي واهپي ننڍن هٿ-هنرمندن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي اهڙا ڪاريگر پيدا ڪري ورتا جيڪي هڪ مڪمل جنس ٺاهي سگھڻ بدران ان جو رڳو ڪو هڪ حصو ٺاهي پئي سگھيا. مختلف ڪاريگرن جي ٺاهيل مختلف حصن جي ميلاپ سان هڪ مڪمل جنس ٺهي پئي. ماڻهوءَ هاڻي رڳو هڪ شيءِ جو هڪ جزو پئي ٺاهيو، پر اهو نه وڪڻي سگھجيو پئي، نه ئي ان جو ڪو مُلهه هو. جڏهن گھڻا جزا گڏيا پئي، تڏهن وڪڻڻ لاءِ ملهائتي شيءِ ٺهي پئي. ڪارخاني ان کي اڃا به وڌيڪ جزوي بڻايو ۽ صنعت ان کان به وڌيڪ. پورهيو هڪ وڏي مڪمل شيءِ مان ڦري، تمام ننڍڙي ڌار ڌار جزي تي وڃي پهتو ۽ مڪمل ڪاريگر ماڻهو ڄڻڪ ’جزوي ماڻهو‘ ٿي پيو. هنري سڌاري پورهئي کي اڃا به ورهايو. نوان هنر ظاهر ٿيا ــــــ مطلب ته پيداواري قوتن جي بهتريءَ، عمدگيءَ، سٺائيءَ سبب معاشي تبديلي پيدا ٿي يعني پيداواري ناتن ۾ نئين ترتيب ٺهي. ان ڳانڍاپي جو اظهار پيداواري قوتن جي سطح ۽ ڪردار سان پيداواري ناتن جي هڪ ڪرائيءَ جو قانون ڪري ٿو.
3. پيداواري طريقي جي مختلف پاسن (پيدواري قوتن ۽ ناتن) ۾ تضاد جو قانون:
جيڪڏهن پيداواري قوتون (ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪتب ايندڙ اوزار) غلامداري سطح جا آهن ته پيداواري ناتا به لازمن غلامداري سطح جا هوندا، پر اسين ڏسون ٿا ته پورهئي جي اوسر ۽ واڌار لاڳيتو عمل ۾ ايندي رهي ٿي ۽ نوان تجربا، نئين سکيا، نئين تعليم، نئون هنر پيداواري قوتن ۾ به لاڳيتو واڌارو آڻيندو رهي ٿو، جڏهن ته ناتن ۾ ايتري تيزيءَ سان تبديلي نه ٿي اچي. ان ڪري پيداواري قوتن ۽ پيداواري ناتن جي وچ ۾ تضاد (ويڙهه، ٽَڪر، جھيڙو) پيدا ٿئي ٿو. جنهن سطح تي پيداواري قوتون هونديون ان ئي سطح جا پيداواري ناتا هئڻ گھرجن. جنهن تيزيءَ سان پيداواري قوتن ۾ تبديلي اچي ٿي ان تيزيءَ سان پيداواري ناتن ۾ نه ٿي اچي ۽ نيٺ پيداواري ناتا اوسر ۽ واڌار جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجڻ لڳن ٿا. ان ڪري پيداواري قوتن جي اوسر ۽ واڌار نيٺ ڪنهن ڏاڪي تي ايترو تيز ڦيرو کائي ٿي، ايڏي وڏي اُڇل ڏي ٿي، ايڏو زور پيدا ڪري ٿي جو پراڻن پيداواري ناتن کي ٽوڙي، ڀڃي، ٽڪرا ڪري (انقلاب آڻي) نوان پيداواري ناتا قائم ڪري ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ قائم ٿيل سماج ۾ نوان ناتا نين پيداواري قوتن سان وري اتحاد ۽ هڪ ڪَرائيءَ ۾ اچي وڃن ٿا. غلامداري سماج ۾ اها اوسر، واڌار ۽ ڦيرِي (انقلاب) جاگيرداري سماج قائم ڪري ٿي، جاگيرداري سماج ۾ اها اوسر، واڌار ۽ ڦيرِي (انقلاب) سرمائيداري سماج قائم ڪري ٿي ۽ سرمائيداري سماج ۾ اها ئي اوسر، واڌار ۽ ڦيرِي (انقلاب) سوشلسٽ سماج ٺاهي ٿي. پيداواري قوتن ۾ تبديليءَ سبب معروضي طرح پيداواري ناتا ڦري وڃن ٿا. پيداواري طريقي جي مختلف پاسن (پيداواري قوتن ۽ ناتن) ۾ تضاد معاشي اوسر ۽ واڌار جو سبب آهي.
ماڻهو جيڪڏهن انهن ٽنهي قانونن کي سمجھي وٺي، انهن موجب عمل ڪري، سوچي سمجھي انهن کي تيز ڪري ۽ اوج تي پهچائي، ته پنهنجي زور سان، ڌَڪ سان، پراڻا ناتا ٽوڙي ۽ نوان ناتا قائم ڪري سگھي ٿو. زارشاهي روس ۾، سرمائيدارڪن پيداواري ناتن کي انهن ئي قانونن موجب سوچي سمجھي، تيز ڪري، اوج تي پهچائي، زور سان ڌڪ هنيو ويو ۽ سويت يونين ٺاهي سوشلسٽ سماج يعني سوشلسٽ پيداواري ناتا قائم ڪيا ويا.
سماجي-معاش (ڌنيري) جوڙجڪ ڇا آهي؟
بنيادي گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي مادي پيداوار ڪرڻي پئي ٿي. مادي پيداوار جي واڌ ويجهه وارا قانون سڄي انساني تاريخ ۾ عمل ڪندا رهن ٿا. عالمي تاريخ پنهنجي اوسر ۾ ڪيترن ئي ڏاڪن مٿان ٽَپي آهي ــــــ ابتدائي راڄوڻي دور، غلامداري دور، سرمائيدار دور ۽ هاڻي سوشلسٽ دور ۾ گِهڙِي آهي. اهڙي هر ڏاڪي دوران نرالي قسم جون پيداواري قوتون (ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪِرت ۾ ايندڙ اوزار) ۽ ان سان واسطيدار پيداواري ناتا رهيا آهن. انهن خصوصيتن، گڻن، اوگڻن، نرالپ سبب هر دور کي ڌار ڳڻيو وڃي ٿو ۽ ان کي ئي سماجي-معاشي جوڙجڪ چئجي ٿو.
پيداواري قوتون جوهر، بنياد، پيڙهه آهن ۽ پيداواري ناتا ان جو ڏيک، نماءُ، ظاهر، پڃرو، ڍانچو. پيداواري ناتا ئي هر جوڙجڪ ۾ رهندڙ معاشي (ڌنيري) لاڙن، خيالن، ادارن کي ٺاهن ٿا. معاشي لاڙن، خيالن، ادارن وغيره کي مٿيون ڍانچو به چئجي ٿو. جنهن قسم جا پيداواري ناتا هوندا ان ئي قسم جا معاشي لاڙا، خيال ۽ ادار وجود ۾ هوندا. جيڪڏهن سماجي-معاشي جوڙجڪ غيرطبقاتي هوندي، ته لاڙا، خيال ۽ ادارا به غيرطبقاتي پيڙهه رکندڙ هوندا ۽ جيڪڏهن جوڙجڪ طبقاتي آهي ته معاشي لاڙا، خيال ۽ ادارا به ان ئي قسم جا هوندا. غلامداري، جاگيرداري ۽ سرمائيداري، ٽئي، طبقاتي جوڙجڪون آهن، پر انهن ۾ پيداواري ناتا مختلف قسم جا آهن تنهنڪري هر هڪ جا ڪجهه ادارا ته ڪجهه هم گڻ يا هم اوَگڻ (طبقاتي هئڻ سبب) ٿي سگھن ٿا، پر گھڻا ادارا قطعي مختلف هوندا. طبقاتي سماجن ۾ ذاتي ملڪيت، طبقو، رياست، حڪومت، فوج، پارٽيون، مذهب وغيره اڻٽر آهن پر غيرطبقاتي سماج ۾ انهن جو نه وجود آهي ۽ نه ئي گھرج. هر سماجي-معاشي جوڙجڪ جو ڪجهه تفصيلي ذڪر اڳتي ڪنداسون.
جيڪڏهن ٻن، ٽن، چئن، پنجن يا گھڻن هنڌن تي ساڳي سماجي-ڌنيري جوڙجڪ موجود آهي ته اهو قطعي لازم ناهي ته انهن جو هر معاشي لاڙو، خيال، ادارو ــــــ مٿيون ڍانچو قطعي هڪ جھڙو هوندو.
مثال طور، برطانيا ۽ فرانس ۾ سرمائيداري ڇانيل آهي، تنهنڪري ڪو ايئن چئي ته فرانس ۾ پيداواري ناتن جي حوالي سان موجود ذاتي ملڪيت، رياست، حڪومت، پارٽيون، اوسر ۽ واڌار، صنعتون، هنرَ، فنَ، سوچون، امنگون وغيره هر طرح اهڙيون ئي هونديون جهڙيون برطانيا ۾، ته اها ڳالهه غلط هوندي. برطانيا ۽ فرانس ۾ سرمائيدارڪا پيداواري ناتا ڇانيل هئڻ باوجود، انهن جي مٿين ڍانچي ۾ سوين هزارين فرق موجود آهن ۽ ساڳيءَ طرح سوين هزارين هڪ جھڙايون به آهن. البته ٻنهي ملڪن جي پيداواري قوتن ۽ ناتن جي بنيادي فطرت ۾، قاعدن قانونن ۾ ڪو به فرق ناهي.
پيداواري ناتا ۽ مٿيون ڍانچو جوڙجڪ جي اڏاوت جا خاص عنصر آهن ۽ اهي پنهنجو ڪم نڀائيندي هڪ ٻي تي دارومدار رکندا آهن. پيداواري ناتا مٿين ڍانچي کي پيدا ڪن ٿا ۽ مٿيون ڍانچو انهن جي خدمت ڪري ٿو. مٿيون ڍانچو اهو ئي اهم آهي جيڪو پنهنجي مخصوص پيداواري ناتن سان واسطيدار هجي. مثال طور ٻوليءَ، گھراڻي (ڪٽنب)، مشينن، سائنسن، هنرن ۽ قوم وغيره جھڙن لقائن جا گھڻ پاساوان ڪم آهن ۽ انهن کي رڳو پيداواري ناتن يا رڳو مٿين ڍانچي سان ڳنڍي نه ٿو سگھي. پيداواري ناتا ۽ واسطيدار مٿيون ڍانچو انهن لقائن تي اثر ضرور وجھن ٿا ۽ اڪثر انهن کي استعمال ڪن ٿا، پر پوءِ به بنيادي حقيقت هيءَ آهي ته اهي خاص قسم جا سماجي لقاءَ آهن جيڪي سؤ سيڪڙو نه پيداواري ناتا آهن ۽ نه ئي مٿيون ڍانچو. جيتوڻيڪ اهي لقاءَ هڪ ڳنڍيل سماجي جسم جيان سماجي-معاشي جوڙجڪ جو حصو هوندا آهن پر اهي هڪ جوڙجڪ کي ٻِي جوڙجڪ کان فرق ڪرڻ ۾ مدد نه ٿا ڏين. قطعي مختلف جوڙجڪن ۾ اهي لقاءَ هڪ ٻي سان تشبيهه رکندڙ ئي نه، پر عام طرح بلڪل ساڳيا هڪ جھڙا ٿي سگھن ٿا ۽ اصل ۾ هوندا آهن.
ان ڪري رڳو اهي لقاءَ ڪنهن مخصوص جوڙجڪ جو امتيازي (فرق وارو) نشان آهن جيڪي چِٽِيءَ طرح ڪنهن هڪ جوڙجڪ سان واسطو رکندي قطعي طرح پيداواري ناتن يا مٿين ڍانچي سان لاڳاپيل هوندا آهن. اهي پيداواري طريقي جي ڪردار مان اڀرندا آهن.
طبقو ڇا آهي؟
”طبقو“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي معنى آهي ماڻهن جو ٽولو. اسان وٽ اڄ ڏينهن تائين هي لفظ وڏن ٽولن لاءِ ڪتب ايندو آهي ـــــ استاد طبقو، شاگرد طبقو، ڊاڪٽر طبقو، ذهين طبقو، جاهل طبقو وغيره.
ڪي ماڻهو چون ٿا ته ذهني لياقتن جي ڪري ماڻهو طبقن ۾ ورهائجي ويا. جيڪي ماڻهو وڏا اڪابر ۽ سرگرم هوندا آهن ۽ حڪم هلائي سگھندا آهن اهي حڪمران طبقن جي جوڙجڪ ڪندا آهن ۽ جاهل ۽ جڏي ذهن وارا ماڻهو محڪوم طبقا ٿي ويندا آهن. تاريخ ۽ حياتيءَ ثابت ڪيو آهي ته اها سوچ غلط آهي. حڪمران طبقن ۾ هزارين ماڻهو جاهل، احمق ۽ ڪوڙهه مغز آهن، جڏهن ته محڪوم طبقن ۾ ڪروڙين ماڻهو زبردست سَٿ، سگھ، هنر ۽ ڏاهپ رکن ٿا.
ڪي ماڻهو چون ٿا ته طبقن جي ورهاست جو دارومدار آمدنيءَ تي آهي. برابر، حڪمران طبقن ۽ محڪوم طبقن جي ڪمائيءَ ۾ اُڀ ۽ ڌرتيءَ جيڏو فرق آهي، پر اهو فرق ڇو آهي؟ ڪو به نه ٻڌائي سگھيو.
سماجي-ڌنيري [Sochio-economic] سائنس جي روشنيءَ ۾ ’طبقو‘ چئبو آهي ماڻهن جي اهڙي وڏي ٽولي کي جيڪو (1) سماجي پيداوار جي تاريخي طرح مقرر نظام ۾ پنهنجي مخصوص جاءِ جي ڪري، (2) پيداواري ٿاڪن سان ان جي مخصوص ناتي جي ڪري، (3) پورهئي جي سماجي تنظيم ۾ پنهنجي مخصوص ڪردار جي ڪري، ۽ (4) ان جي نتيجي ۾ جيڪا سماجي دولت ملي ٿي، ان ۾ ملندڙ حصي ۽ حصي ملڻ جي طريقي جي ڪري ماڻهن جي ٻي ٽولي کان مختلف هوندو آهي.
پيداواري ٿاڪ کي ملڪيت بڻائڻ سبب ئي ماڻهن جو هڪ ٽولو حڪمران ٿئي ٿو جنهن کي سموريون رعايتون مليل هونديون آهن، جڏهن ته ملڪيت کان محروم ٽولو محڪوم ٿئي ٿو. طبقن ۾ ورهايل سماج ۾ هڪ طبقي جي حيثيت ٻي طبقي کان انهن سببن جي ڪري ئي مختلف ٿئي ٿي. جيڪڏهن پيداواري ٿاڪ (ٿاڪن) ڏانهن پيداواري قوتن (ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ ڪتب ايندڙ اوزارن) جو مجموعي رويو، سماجي تنظيم ۾ سندن ڪردار ۽ ملندڙ حصو هڪ جھڙو هجي ته سماج مان طبقا ختم ٿي ويندا.
سماج طبقن ۾ ڇو ٿو ورهائجي؟ طبقا ڪيئن ظاهر ٿيا؟
جيئن ته طبقا اهڙي دور ۾ ظاهر ٿيا جڏهن لکت جو رواج اڃا نه پيو هو يا ابتدائي هو، تنهنڪري اسان وٽ انهيءَ جھوني، پراڻي، ڏُور تاريخي دور جون لکتي شهادتون موجود نه آهن.
پراڻين وَسندين، قبرن جي کوٽائيءَ، اوزارن، ٿانوَن، زيورن، شڪار ٿيندڙ جانورن جي هڏين ۽ پراڻن آثارن جي کوجنائن جي واهر سان اسين پنهنجن وڏڙن جي سماجي حياتيءَ، انهن جي سرگرمين ۽ حياتي گھارڻ جي نموني جا چِٽ چِٽي سگھون ٿا.
ان وقت جيتوڻيڪ پورهئي جا اوزار ابتدائي هئا (عام طرح ڪاٺيءَ ۽ پٿر مان ٺهيل) پر ماڻهو انهن جي واهپي سان پنهنجي لاءِ جھنگلي غذا هٿ ڪندا هئا ۽ وڏن وڏن جھنگلي جانورن جو شڪار ڪري سگھندا هئا. اهو ڪيئن ٿيندو هو؟ ماڻهو وڏن ٽولن ۾ رهندا هئا، گڏجي جانورن جو شڪار ڪندا هئا ۽ جھنگلي ميوا، ٻوٽا، ڀاڄيون، پاڙون هٿ ڪندا هئا. هڪ ٻي سان سهڪار کان سواءِ انهن جو وجود ناممڪن هو، ڇو ته هر وک تي انهن جو واسطو موتمار، خوني ۽ وحشي شين سان پوندو هو.
ابتدائي سماج طبقن ۾ ورهايل نه هو. ان ۾ حڪمراني، ڏاڍائي (ظلم) ۽ ڦرلٽ نه هئي. ماڻهو گڏيل جتن ڪري پنهنجي گذاري جا ٿاڪ هٿ ڪندا هئا ۽ گڏجي واهپي ۾ آڻيندا هئا.
ابتدائي راڄوڻي ڀائپي واري سماج جي ٽُٽڻ کان پوءِ ئي پهريون ڀيرو طبقاتي ورهاست ٿي. ابتدائي راڄوڻي دور جي ڀڃ ڊاهه ۽ طبقاتي سماج جو ٺهڻ هڪ ڊگھو عمل هو. اهو سڄيءَ دنيا ۾ هر هنڌ ساڳي ئي وقت نه ٿيو. تاريخي عمل کي جاچڻ سان خبر پوي ٿي ته بابل، اشور ۽ مصر طبقاتي سماج 4-هزار کان 3-هزار سال قبل مسيح، سنڌ، هند ۽ چين ۾ 3-هزار کان 2-هزار سال ق م ۽ يونان ۽ روم ۾ 1-هزار سال ق م پيدا ٿيو.
ڌنيري لحاظ کان سماج جي طبقاتي قوتون (ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪتب ايندڙ اوزار) ـــــــ ۽ انهن جي ڪري پورهئي جي پيداواري صلاحيت ــــــــ انتهائي هيٺين سطح تي هيون. جيڪو ڪجھ به هٿِ ڪيو ويندو هو لڳ ڀڳ انهيءَ گھڙيءَ ڪتب اچي ويندو هو. اهڙين حالتن ۾ اڻ برابريءَ لاءِ ڪو به بنياد ڪو نه هو. جڏهن ٽولن يا مختلف قبيلن جي ماڻهن ۾ ويڙهيون ٿينديون هيون ۽ باندي بند ڪيا ويندا هئا ته ان وقت انهن جي آئيندي بابت فيصلو ڏاڍو مسئلو پيدا ڪندو هو ـــــــ انهن جو ڇا ڪجي؟ پنهنجي راڄ ۾ رکڻ عام طرح ناممڪن هو، ڇو ته سڀني وٽ کائڻ لاءِ چڱو چوکو نه هو ۽ انهن کان راڄ لاءِ ڪم وٺڻ به ڏکيو هو ڇو ته فالتو اوزار ڪو نه هئا.
ان ڪري باندين کي يا ته کاڌو ويندو هو (جيستائين، جن ٽولن ۾ ماڻهن کائڻ جو رواج هو) يا وري ويڙهه ختم ٿيڻ کان پوءِ واسطيدار قبيلي کي موٽائي ڏنو ويندو هو. ڪن حالتن ۾ ڪي ٽولا انهن کي برابريءَ جي بنياد تي پنهنجي راڄ ۾ شامل ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙا مثال، اڄوڪي دور ۾ به، انهن راڄن ۾ ڏسي سگھجن ٿا جن جي اوسر تاريخي سببن ڪري تڪڙو اڳتي وڌي نه سگھي آهي. اوڀر آفريقا ۾ لاڏائو قبيلو ماسائي پاڻ وٽ باندين کي ماري ڇڏيندو هو، ڇو ته انهن وٽ سندن گذاري جا وسيلا نه هئا ۽ انهن جي پورهئي مان فائدو وٺڻ لاءِ ڌنيري حالتون پَڪيون نه هيون، پر سندن پاڙي ۾ ئي واڪامبا قبيلو، جيڪو پوک ڪندو هو، انهن کي غلام بڻائي واهيندو هو ڇو ته اتي واڌو پيداوار ٿي سگھي پئي ۽ ان وٽ واڌُو کاڌو ۽ اوزار هئا.
جيستائين سماجن پنهنجي گھرجن کان وڌيڪ پيدا نه ڪيو، انهن وٽ برابري هئي. جڏهن پيداوار ان سطح تي پهتي جو ماڻهو پنهنجي گھرجن کان وڌيڪ پيدا ڪرڻ لڳو، ته ان واڌُو پيداوار ئي اڻ برابريءَ جو ٻِج ڇَٽيو. قديم شڪاري ۽ ماڇي پنهنجو کاڌو وڏا ٽولا ٺاهي هٿ ڪندا هئا، انهن جا ابتدائي اوزار اهڙا هئا جو ڪو به ماڻهو اڪيلي سر، پنهنجن ماڻهن جي مدد کان سواءِ جيئرو رهي نه پئي سگھيو. ان ڪري سماج جي ابتدائي ڏاڪي ۾ گڏيل پيداوار واري سماجي جوڙجڪ ٺهي ۽ ان جو لازمي نتيجو اهو هو ته گڏجي ڪتب آڻجي ــــــ شڪار بچائي نه رکبو هو پر هڪدم برابر ڀاڱن ۾ ورهايو ويندو هو. اهي ذخيرو ڪرڻ جو سوچي به نه پئي سگھيا ڇو ته ذخيرو خراب ٿي وڃي ها ۽ وڪڻي به نه پئي سگھيا ڇو ته مٽاسٽا جو رواج ئي نه هو، ۽ حقيقت هيءَ آهي ته انهن ايترو اپايو ئي ڪو نه پئي جو بچائي سگھن. راڄ جي انهن ٽولن ۾ به شڪار ورهايو ويندو هو جن کي شڪار هٿ نه لڳو هجي. ابتدائي راڄ ۾ رويو، رواج ۽ روايت ئي گڏيل اصولن تي ٻڌل هئي تنهنڪري ملڪيت به گڏيل هئي.
جڏهن وڌيڪ سٺا اوزار، وڌيڪ پيماني تي ۽ انفرادي طرح ٺهڻ لڳا تڏهن پيداوار ۾ به ورهاست هوري هوري وڌي. ابتدائي سماج ۾ ئي کاڌو، ڪپڙو، زيور وغيره هوري هوري ذاتي ملڪيت ٿيڻ لڳا. اهي شيون هيون به ذاتي واهپي لاءِ. سوچي سگھجي ٿو ته راڄ ۾ اهڙو رواج هو جو جيترو شڪار ۾ سندس حصو هوندو هو اوترو ئي کيس ڀاڱو ملندو. جڏهن انفرادي طرح اوزار ٺهڻ لڳا، انفرادي طرح پيداوار ٿيڻ لڳي، ته اڻ برابري شروع ٿي وئي. پورهئي جي سماجي ورڇ وڌِي، ته ابتدائي راڄوڻي ڀائپي ٽٽڻ لڳي ۽ نيٺ راڄوڻو سماج تباهه ٿي ويو.
پورهئي جي پهرين وڏي ورڇ ان وقت ٿي جڏهن ڍور ڍڳا پاليندڙ قبيلا ڌار ٿيا. ڍوريرن وٽ پنهنجي واهپي جي گھرج کان وڌيڪ هوندو هو جڏهن انهن وٽ ڌڻ وڏو هجي. مٽاسٽا، جيڪا اڳ رڳو ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي هئي ۽ اها به ان حالت ۾ جو واهپي کان ڪجهه وڌيڪ بچي پوي. هاڻي ڍوريرن ۽ ٻني ٻاري وارن (پوکي ڪندڙ، پوکيندڙ) قبيلن جي وچ ۾ پابنديءَ سان ٿيڻ لڳي. ان جي ڪري سماجي دولت اڃا به وڌي ۽ غلامن جو وڌيڪ پورهيو ڪتب اچڻ لڳو.
پورهئي جي ٻِي وڏي ورڇ ان وقت شروع ٿي جڏهن هٿ-هنر پوک کان ڌار ٿيو. راڄ ۾ مٽاسٽا عام ٿي وئي. ڌنيري اڻ برابري اڃا وڌي ۽ ماڻهو آزاد ۽ غلام سان گڏوگڏ اميرن ۽ غلامن ۾ ورهائجي ويا.
جيئن جيئن گھڻيون شيون سنئون سڌو مٽاسٽا لاءِ ٺاهجڻ لڳيون، انفرادي طرح پيدا ڪندڙن جي وچ ۾ مٽاسٽا سماج لاءِ هڪ عام بنيادي گھرج ٿي پئي.
پورهئي جي ٽِين وڏي ورڇ ذهن ڪم جو جسماني ڪم کان ڌار ٿيڻ هو. ان ڪري ذهني ڪم ڪندڙن جي هڪ هٽي قائم ٿي. ٿورڙا ماڻهو هئا پر حڪمران ٿي ويا، پيداوار جو انتظام سندن هٿن ۾ هليو ويو. وڏي گھڻائي جسماني پورهئي لاءِ سيڙائي وئي.
انهن بنيادي سماجي سببن جي ڪري انساني سماج جي ورهاست وڏن سماجي ٽولن، هڪ ٻي جي مخالف طبقن ۾ ٿي.
طبقن جي جوڙجڪ ٻن طريقن سان ٿي. قبيلي جا بزرگ ماڻهو هوري هوري ذهني پورهئي ۽ پيداواري ٿاڪن تي قبضو ڪري ويٺا. انهن ئي پهرين ڦرلٽ شروع ڪئي ۽ گھڻن ماڻهن، جسماني ڪم ڪندڙ ماڻهن، وقتِي قرض وٺندڙ ماڻهن کي غلام بڻائي ڇڏيو. ويڙهين ۾ هٿ ايندڙ باندين کي به غلام بڻائجڻ لڳو.
قبيلي جا بزرگ/چونڊ ماڻهو ڀائپيءَ، راڄ مان ئي اُسريا ۽ مٿيون طبقو ٺاهڻ ۾ اهي ئي بنيادي اهميت رکندڙ آهن. ابتدائي راڄ ۾ اهي گھراڻن ۽ راڄن جا چڱا مڙس هئا پر سندن سماجي رتبو سڄي گھراڻي يا راڄ جي ٻين ماڻهن جيترو ئي هو. ڀائپي راڄ جي گڏيل مفادن جي نگهباني انهن جو ذمو هو. اهي جھيڙن جو نبيرو ڪندا هئا، پاڻيءَ جي ذخيرن (ڍنڍن، تلائن، چشمن) جي سنڀال ڪندا هئا وغيره. اهي بنيادي طرح راڄ جا چاڪر هئا.
جڏهن پيداواري قوتن ۾ واڌارو ٿيو ۽ ڪيترين ئي ڀائپين جي ملڻ سان وڏا راڄ ٺهڻ لڳا، ته پورهئي جي ورڇ اڃا به وڌي، گڏيل مفادن جي سنڀال ۽ جھيڙا جھٽا نبيرڻ لاءِ خاص ادارا قائم ٿيا، جيڪي مجموعي طرح راڄ جا ماتحت هئا. هوري هوري اهي وڌي خودمختار ٿيا جن نيٺ پنهنجو مفاد ۽ پنهنجي پسند مڙهڻ شروع ڪئي. اڳوڻا چاڪرَ هاڻي مالڪ ٿي پيا.
ٻيو طريقو، جنهن وسيلي طبقا ٺهيا، هيءُ هو ته جڏهن پيداوار واڌار ڪئي ته گھڻي پورهئي لاءِ گھڻي سگھ جي گھرج پئي. پنهنجي ڀائپي، راڄ يا وڏي راڄ ۾ ايتري سگھ موجود نه هئي. اها سگھ ويڙهين ۾ هٿ ڪيل باندين کان ورتي وئي. اڳي اهي پنهنجي واسطيدار راڄ ڏانهن موٽايا ويندا هئا يا وري برابريءَ جي بنياد تي پنهنجي راڄ جو انگ ٺاهيا ويندا هئا، پر هاڻي انهن کي غلام ڪري استعمال ڪيو ويو.
انهن ٻن بنيادي طريقن سان طبقي جي جوڙجڪ ٿي. ان جو گڏيل نتيجو غلامداري سماج هو. غلامداري سماج ۾ ٽي طبقا هئا. پهريون طبقو غلامن جي آقائن جو هو. پهريائين ان ۾ قبيلن جا حڪمران چونڊ ماڻهو ۽ پوءِ دولتمند امير شامل ٿيا. ٻي طبقي ۾ آزاد هاري، چوپايا پاليندڙ ۽ هنرمند هئا جيڪي هوري هوري آقائن جي هيٺان ٿي ويا. ٽيون طبقو پنهنجي ڀائپي، راڄ جي ماڻهن ۽ مختلف ٻولين ۽ قوميتن وارن راڄن جي باندي غلامن تي ٻڌل هو. ظالم (ڦورو، حاڪم) ۽ مظلوم (ڦريل، محڪوم) طبقا وجود ۾ اچي ويا.
جھيڙالو سماج ۾ طبقا:
ابتدائي راڄوڻي گڏيل نظام جي تباهيءَ کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ جھيڙالو سماج جي تاريخ طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه جي تاريخ رهي آهي. آزاد (آقا) ۽ غلام، رئيس ۽ اڌڙ غلام هاري، سرمائيدار ۽ مزدور. ٿورن لفظن ۾ هيءُ ته ظالم ۽ مظلوم سدائين هڪ ٻي جا مخالف رهيا آهن، اهي ڪڏهن ظاهر، ڪڏهن لڪل، پر لاڳيتو ويڙهه ڪندا رهيا آهن. غلام ۽ آقا، اڌڙ غلام هاري ۽ جاگيردار، مزدور ۽ سرمائيدار ــــــ اهي آهن ٽن طبقاتي سماجي-ڌنيري جوڙجڪن يعني غلامي (غلامداري)، جاگيرداري ۽ سرمائيداري جا بنيادي ۽ هڪ ٻي سان ٽڪرائيندڙ مفاد رکندڙ طبقا. ڪنهن به جوڙجڪ کي رڳو بنيادي طبقن جي هڪ ٻي سان ڳانڍاپو (جيڪو ڇانيل پيداواري ناتن جو جوهر ظاهر ڪري ٿو) سمجھڻ وسيلي مسئلو سولائيءِ سان حل ڪري سگھجي ٿو. ڪڏهن به ”خالص“ (نج، اڪيلي، رڳو هڪ) سماجي-ڌنيري جوڙجڪ جو وجود نه رهيو آهي، ڇو ته هر (ڇانيل) جوڙجڪ ۾ سماجي اوسر جي اڳوڻن ڏاڪن جا ڪجهه جزا ۽ ايندڙ سماجي-ڌنيري جوڙجڪن جا ٻج به موجود هوندا آهن. اهي طبقا جن جو واسطو اڳوڻن يا ايندڙ پيداواري ناتن سان هوندو آهي، غيربنيادي سڏي سگھجن ٿا. تنهنڪري غلامداري سماج ۾ به غيربنيادي طبقا ۽ سماجڪ سنگتون موجود هيون ــــــ آزاد شهري (ابتدائي راڄوڻي نظام جي بچت)، ننڍا هاري ۽ هنرمند. جاگيرداري سماج ۾ ڪاريگرن ۽ واپارين جا ٽولا هئا جيڪي ساڳيو ڌنڌو ڪندڙن جون سنگتون ٺاهي رکندا هئا ۽ ان ئي سماج ۾ سرمائيدار ۽ مزدور طبقي جي جوڙجڪ شروع ٿي، جيڪي ايندڙ سماجي-ڌنيري جوڙجڪ جا بنيادي طبقا ٿيا. ڪيترن ئي سرمائيدار ملڪن ۾ زميندار ۽ هاري غيربنيادي طبقن جي حيثيت سان موجود آهن. غيربنيادي طبقا ۽ سماجي ٽولا بنيادي طبقن جي ويڙهه ۾ ڪنهن هڪ طبقي جو پاسو وٺي وڙهندا آهن.
ويهي کائيندڙ، ڦورو ۽ ظالم ۽ حاڪم طبقن کان سواءِ سماج هلي سگھي ٿو، پيداوار ۽ واڌار ٿي سگھي ٿي، پر پورهيو ڪندڙ طبقن کان سواءِ سماج جو وجود رهڻ ممڪن ڪونهي. طبقا ۽ طبقن جا نالا بدلبا رهيا، عام غلام اڌر-غلام هاري ٿيو ۽ ان جي جاءِ مزدور ورتي (جيڪو جيتوڻيڪ غلام نه آهي، پر هن وٽ پنهنجي پورهئي جي سگھ وڪڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي)، پر غلام، نيم غلام هاري ۽ مزدور کان سواءِ سماج وجود نه ٿو رکي سگھي.
ٽڪرائيندڙ مفادن وارن طبقن جا مفاد پاڻ ۾ ٺاهه ڪري ئي نه ٿا سگھن. ان جو ثبوت تاريخ ۾ موجود آهي ــــــ اڻ ڳڻ ويڙهيون، هٿياربند بغاوتون ۽ ٻيا جھيڙا.
غلامن جي بغاوت غلامداري سماج جون پاڙون ڌوڏي ڇڏيون. غلامن جي شاندار سُورهيائيءَ ۽ قربانيءَ جون نشانيون، مثال طور ننڍي ايشيا (ترڪي) ۾ ارسطونيڪس جي اڳواڻيءَ هيٺ ۽ روم ۾ اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ هيٺ هٿياربند بغاوتون، آزاديءَ جي جدوجهد جي تاريخ ۾ پيڙهه جو پٿر آهن.
جاگيرداري دور ۾ هارين جي هزارين بغاوتن کي آزاديءَ جي جدوجهد جي تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيو ويو آهي. چوڏهين صديءَ جي فرانس ۾ هارين اهڙي بغاوت ڪئي جيڪا ملڪ جي ڏکڻ کان پيرس تائين پکڙجي وئي. 1525ع ۾ جرمن هارين جي جنگ، جنهن کي اينجلس جرمنيءَ جي تاريخ جو پيڙهائتو پٿر سڏيو. ايوان، استيپان ۽ پوگاچوف جي اڳواڻين هيٺ روسي هارين جون بغاوتون به تاريخ ۾ مشهور آهن.
مزدور تحريڪن به تاريخ تي پنهنجو گھاٽو ڇاپو ڇڏيو آهي. 1830ع ۾ ليون (فرانس) ۾ مزدورن جي بغاوت، اڻويهين صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ سائيليشيا (جرمني) جي گودي مزدورن جي بغاوت، 1848ع (برطانيا) جي انقلاب ۾ مزدورن جي سرگرم حصيداري ۽ نيٺ دنيا ۾ پهريون راڄار انقلاب ــــــ پيرس ڪَميون.
طبقاتي جدوجهد سماجي حياتيءَ جي هر پاسي تي اثر وجھي ٿي ۽ ان ڪري قدرتي نموني هر پاسي کان اسري ٿي. هر جھيڙالو سماج ۾ طبقاتي جدوجهد ٽي بنيادي صورتون وٺي ٿي ـــــ ڌنيري، راڄنيتي (سياسي) ۽ نظرياتي. مختلف طبقا جدوجهد وسيلي پنهنجن مفادن جي سنڀال ۽ انهن جو بچاءُ ڪن ٿا، پر ان سنڀال ۽ بچاءَ جا طريقا هڪجھڙا نه آهن.
ڌنيري جدوجهد هلندي سرمائيدارُ پنهنجي نفعي جي سنڀال ڪري ٿو ۽ ان جي واڌاري لاءِ هر هٿيار ڪتب آڻي ٿو ۽ پورهيت ماڻهن لاءِ مناسب حالتون، اَگھائِي، لڱائي ۽ پوڙهائپ ۾ سماجي سنڀال لاءِ جدوجهد ڪري ٿو. انهيءَ جدوجهد هلندي هن ۾ هڪ ٻي سان ايڪي ۽ سهڪار جي سمجھ ۽ بين الاقواميت وڌي ٿي.
اها ئي ڌنيري جدوجهد وڌي سياسي جدوجهد ٿي سگھي ٿي، خاص طرح ان وقت جڏهن رياست پنهنجي اقتدار جو هر هٿيار کڻي حڪمران طبقي جي حمايت ۾ وڙهندي آهي. مزدورن جو مقابلو عدالتي ۽ غيرعدالتي وسيلن سان ڪري، پوليس جو ڏنڊو وَسائي، صنعتي مزدورن ۽ شاگردن جي بيچينيءَ ۽ ”هنگامن“ کي دٻائڻ لاءِ باقاعده فوج موڪلي ڦورن جي رياست هٿياربند تشدد تي لهي ايندي آهي. تڏهن پورهيت جدوجهد جو رخ سرمائيدار رياست جي سياسي مشينريءَ خلاف ٿي ويندو آهي ۽ سياسي جدوجهد ــــــ هڙتالون، جلسا، جلوس، مظاهرا، ڀڃ ڊاهه، قانوني، اڌڙ قانوني ۽ غيرقانوني مطالبا ـــــــ نيٺ انقلابي ويڙهه ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.
هر سياسي جدوجهد انقلابي ويڙهه ۽ انقلاب تي ختم نه ٿي سگھندي آهي. ڪيتريون ئي سياسي جدوجهدون سڌارڪ ۽ ٺاهه پسند به هونديون آهن (جيئن عام طرح هر ٽريڊ يونين سياست). هر سڌارڪ ۽ ٺاهه پسند سياسي جدوجهد جو مقصد سرمائيدار سماج کي ٽوڙڻ ۽ سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ نه هوندو آهي. اها سرمائيدار سماج جي ڇانوَ هيٺ پلجڻ چاهيندي آهي ۽ سندس مطالبا رڳو معيارِ زندگي وڌائڻ ۽ ڪجھ حق ۽ رعايتون وٺڻ تائين گُھٽيل هوندا آهن. ان جي ابتڙ انقلابي سياسي جدوجهد عوام ۾ سياسي سمجھ، سجاڳي، ٻڌي ۽ نهرو پڪو ڪري انقلاب تائين پهچڻ گھرندي آهي جنهن جو اڻٽر مقصد پيداواري ٿاڪن ۽ وسيلن جي ذاتي ملڪيت کي ختم ڪري اقتدار مزدورن جي حوالي ڪرڻ هوندو آهي.
هر انقلابي جدوجهد کي رنڊائيندڙ سمورا ڦورو طبقا ۽ انهن جا ساٿاري ئي نه، پر هڪ پاسي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽين (سماجڪ جمهوري سَٿن) جي ساڄي ڌر ۽ ٻي پاسي ڪميونسٽ پارٽين اندر اهڙا موقعي پرست ۽ ترميم پرست (به) وجھندا آهن جيڪي مارڪسزم-ليننزم جي بنيادي خيالن ۾ ترميم ڪرڻ گھرن ٿا. پيٽي بورزوا ۽ ڪميونسٽ انقلابي (لينن مزدور تحريڪ ۾ کاٻيءَ ڌر وارن لاءِ ايئن ئي چيو آهي) رڳو انقلابي لفاظي (لٻاڙ) جا ماهر هوندا آهن پر جڏهن ثابت قدم انقلابي پاليسي ترتيب ڏيڻ جي گھرج هوندي آهي ته اهي بي سود ثابت ٿيندا آهن.“ (”جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جو ابجد“، اردو، صفحو 417-418). مهم پسندي ۽ اٻهرائي به عوامي جدوجهد کان ڪٽجي ويندي آهي.
پورهيت سياسي جدوجهد تي بحث ڪندي اسين قدرتي طرح نظرياتي مسئلن جي سامهون ٿيون ٿا. طبقاتي جدوجهد جي سياسي ۽ نظرياتي شڪلين ۾ هڪ ٻئي سان ويجھو ڳانڍاپو هوندو آهي. هر طبقو پنهنجن مفادن لاءِ نظرياتي سبب پيدا ڪندو آهي. هر مطالبي، پاليسيءَ، حڪمت عمليءَ، ڇڪتاڻ، جدوجهد، انقلاب وغيره جو بنياد ڪنهن نه ڪنهن طبقي جي بنيادي مفادن سان سلهاڙيل آهي. ٺڳي، گمراهي، بي بنياد نعري بازي، لٻاڙ، ڏٽا ۽ سکڻا خواب ۽ ڍانڍيون اميدون انهن طبقن جي نظريي جون اهم خصوصيتون آهن جن کي تاريخ موت جو نياپو ڏئي چڪي آهي. پورهيت نظريو ٺڳيءَ، گمراهيءَ، لٻاڙ، ڏٽي ۽ وهم کي ٽوڙي ٿو ۽ پورهيت کي اهو هٿيار مهيا ڪري ٿو جنهن وسيلي اهي پنهنجو سماج ٺاهي سگھن.
ماڻهوءَ بابت ياد رکڻ جھڙيون حقيقتون:
1. ماڻهو، ساهوران جي علم موجب، اوسر جي سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي آهي. ماڻهوءَ وٽ ٻين سڀني ساهوارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اُسريل، وڏيرڙو ۽ ڳتيل دماغ آهي. بدن جي نيت سان ماڻهوءَ جي دماغ جو وزن ٻي هر ساهواري کان وڌيڪ آهي. جڏهن ماڻهو اڃا ماڻهو نه ٿيو هو ـــــ سماج نه ٺاهيو هئائين، سمجھ (شعور) ڪو نه هئس، پيداوار نه ڪئي هئائين، پيداواري اوزار نه ٺاهيا هئائين ـــــ ٻين ساهوارن جيان رڳو فطرت جو تيار ٿيل کاڄ کائيندو هو، تڏهن به وٽس ٻين سڀني ڪرنگھي وارن جانورن (چوپاين سميت) کان وڌيڪ جبلي لياقتون هيون. هُو گوريلي، چمپانزي، گبن، ڀولڙي وغيره جهڙن مائٽن کان گهڻين ئي خصلتن ۾ وڌيڪ هو، نسبتن گھڻو وقت پوين ٻن پيرن تي ڊوڙي ۽ اڳيان ٻه پير (هٿ) ڪنهن ٻي ڪم (وڻ مان ميوو، مڱريو، گل گونچ پٽڻ، نرم پاڙون کوٽڻ، ڏيڏر، مڇيون ۽ گھانگھٽ پڪڙڻ ۽ کائڻ وغيره) لاءِ ڪتب آڻي سگھندو هو.
2. نفس، منُ (سائِڪ، مائينڊ) هر ساهواري وٽ آهي. سوين هزارين گڻ، اوگڻ، عادتون ۽ حرڪتون هر ساهواري ۾ آهن. کائڻ، پيئڻ، جيئڻ، نسل وڌائڻ ۽ بقا لاءِ جتن ڪرڻ هر ساهواري لاءِ اڻٽر آهي. جڏهن ماڻهو اڃا ماڻهو نه ٿيو هو تڏهن هو به ٻين ساهوارن جيان پنهنجو پاڻ کي جبلي، فطري طرح پنهنجي ماحول سان ٺهڪائي جيئندو هو. هر ساهوارو پنهنجي مخصوص ماحول جو قيدي آهي. ماحول ۾ جيڪڏهن ڪا به اهڙي تبديلي، ڦيرو يا اُٿل اچي جنهن سان رهاڪو ساهوارا اڳواٽ هريل نه هجن ته اهي ان کان ڇرڪندا. جيڪڏهن بندوق جو اوچتو پهريون ڀيرو ٺڪاءُ ٿئي يا ڪا لاري هلي وغيره ته جيڪي اڳواٽ ان حرڪت سان هريل نه آهن اهي ڇرڪندا (خاص ڪري ڪرنگھي وارا ساهوارا، ڇو ته انهن جو دماغ بنا ڪرنگھي وارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اسريل آهي). ساهوارن جون سوين جنسون گڏ بيهاري اوچتو ٺڪاءُ ڪيو، سڀ ڇرڪندا، پر جيڪڏهن اهو عمل سوين ڀيرا ڪيو وڃي ۽ ساهوارا محسوس ڪن ته اهو عمل سندن لاءِ جوکائتو ناهي، ته اڳ ۾ اوسر جي اتاهين ڏاڪي تي پهتل ساهوارا ان سان هِري ويندا ۽ پوءِ هوري هوري هڪ ٻي جي ڪڍ سلسليوار هيٺين ڏاڪي وارا. ماڻهو به ڇرڪندو هو پر ٻين ساهوارن جي ڀيٽ ۾، اڳ پنهنجي ماحول ۽ ان جي تبديلين سان هري ويندو هو. پر اهو عمل جيڪڏهن جوکائتو هوندو ته هر ڪو ڀڄي پري ٿيندو.
3. جيڪو ساهوارو اوسر جي جيترو هيٺين ڏاڪي تي هوندو، اهو ڄمندي ئي ايترو وڌيڪ ڄام هوندو. هن ۾ پنهنجن وڏن جون خصلتون جبلي طرح هڪدم عمل ڪرڻ شروع ڪنديون. پر جيئن جيئن جيترو اوسر جي مٿاهين ڏاڪي تي هوندو، اهو اوترو ئي ڊگھي مدي لاءِ پنهنجي وڏن جو محتاج يا ڳيجھو هوندو. ٿڃُ ماڻهوءَ جو ٻار به پيئي ٿو، ڀولڙي جو ٻلونگڙو به، ته ڪُتي جو گلر به، پر گلر ٿڃ کان ۽ پنهنجن وڏن کان سويرو ئي ناتا ٽوڙي ويندو، ٻلونگڙو ان کان وڌيڪ وقت وٺندو ۽ ٻارُ اڃا به وڌيڪ.
4. جنهن به جنس جو اولاد پنهنجن وڏن جو جيترو ڊگھو وقت ڳيجھو رهي ٿو اهي اوترو وقت وڌيڪ هڪ ٻي سان سهڪارِي، گڏ رهندڙ، گڏ جيئندڙ ۽ گڏ گھمندڙ ٿين ٿا. اميبا (هڪ جيو-گھرڙي وارو ساهوارو) ۽ اهڙا ٻيا ساهوارا ڄمندي خودمختار حياتي شروع ڪن ٿا، پکي پکڻ ڪجھ عرصو وڏن جا ڳيجھو رهي پوءِ ٽٽن ٿا، وڏا ساهوارا عام طرح اڃا به وڌيڪ عرصو گڏ رهي پوءِ هڪ ٻي کان لاتعلق ٿي وڃن ٿا. نئون ننڍو نسل تيستائين پنهنجن وڏڙن سان گڏ رهي ٿو جيستائين هو پنهنجي مُنهن کائي پِي ۽ جِي نه سگھي. لائق ٿيندي (سامائجندي) ئي هُو پنهنجن وڏن کان ڌار ٿي ٿو ۽ پوءِ رڳو تڏهن پنهنجي ٻي هم جنس (نر يا ماديءَ) جي ويجھو لڳ جي مند ۾ يا لڳ مهل ويجھو اچي ٿو. ساڳي ئي ماحول جا قيدي هئڻ سبب هڪ ٻي جي ويجھو رهن ٿا. ماڻهو جڏهن اڃا ماڻهو نه ٿيو هو تڏهن ايئن هو. ٻار عام طرح پنجن ڇهن سالن کان پوءِ پنهنجي منهن کائي پِي، جِي ۽ پنهنجي سنڀال ڪري سگھي ٿو ۽ لڳ لائق ڏهن کان پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ ٿئي ٿو.
5. پنهنجي پنهنجي مخصوص ماحول ۾ رهڻ سبب هر هم جنس ساهواري جون ڪي نه ڪي گڏيل فطري، جبلي عادتون ٿين ٿيون. جھرڪِي يا ڪَٻرِ نانگ (دشمن) ڏسِي جِھر جھر يا ٽِيڪو مچائيندي، ڪتو باهوڙيندو، ڍور ڍڳو رنڀيندو وغيره ۽ دشمن سان وڙهندو، ان کان ڀڄي پري ٿي ويندو يا ان کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو ــــــ اهو گڏجي رهڻ، جيئڻ ۽ بچاءُ ڪرڻ ته برابر آهي، پر ان کي سماج نه ٿو چئي سگھجي. پيداواري عمل ۾ گڏجي شامل ٿيڻ سبب ماڻهن جي وچ ۾ ٻنڌڻ، ناتا ٺهن ٿا. اهي ناتا ئي هڪ مخصوص نموني ٻڌي گڏجي جيئڻ تي مجبور ڪن ٿا. سماج ۾ ئي پورهيو، پيداوار، سمجھ، ٻولي، فن، هنر وغيره ٺهن ٿا. ماڻهوءَ جو سماج ٽوڙي ڇڏيو، هن جو جيئڻ جانورن جهڙو ٿي پوندو ــــــ نه هن وٽ لکت، هنر ۽ فن هوندو، نه هن وٽ ٻولي هوندي، نه سمجھ، نه پيداوار ۽ نه ئي پورهيو. اهي سڀ سماجي لقاءَ آهن.
6. هر ساهوارو پنهنجي مخصوص ماحول جو قيدي ئي ناهي، پر ڳيجھو به آهي. هو پنهنجو منهن مهانڊو ان ئي خاص ماحول ۾ برقرار رکي سگھي ٿو. ڌرتيءَ جي اتر قطب تي برف جي ميدان ۾ رهندڙ بجرو رڇ جيڪڏهن آفريقا جي ٻُٽيل ٻيلن ۾ آندو وڃي ته ان کي بَج ڀري کَل لاهڻي ئي پوندي، نه ته جيئرو رهي نه سگھندو ۽ هاٿيءَ کي جيڪڏهن اتر قطب نِيو وڃي ته ان کي وري بج يا ڪجھ ٻيو اهڙو ٺاهڻو پوندو، نوريئڙي کي زمين اندر ٻِر ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو وڃي ته کيس پنهنجا پير ۽ پُڇ مٽائڻا پوندا پر جيڪڏهن ڪُوئي کي وڻ تي رهڻ لاءِ لاچار ڪيو وڃي ته ان کي پنهنجو هڏ ڪاٺ بدلائڻو پوندو ۽ مڇيءَ کي خشڪيءَ تي رهڻو پوي ته ان کي پرن بدران پير، ڪَلين بدران ڦڦڙ ڏيڻا پوندا. ان عمل ۾ ڪيترا ئي نسل مرِي، فنا ٿي سگھن ٿا ۽ ڪيترن کي لکين سال لڳي ويندا. هر ساهوارو (جيت، جانور ۽ وڻ، ٻوٽو وغيره) پنهنجي مخصوص ماحول ۾ ئي جيئن جو تيئن رهي سگھي ٿو ـــــــ جابلُو جبلن ۾، ٻيلائو ٻيلن ۾، پاڻياٺو پاڻيءَ ۾، پٽائون پٽن ۾، ڪو هيٺاهين ۾ ته ڪو مٿاهينءَ تي، ڪو ٿڌاڻ ۾ ته ڪو ڪوساڻ ۾ وغيره. اهي سڀ ساهوارا رڳو هڪ ئي جاءِ آهي، جتي گڏ رهن ٿا ۽ ان جو نالو آهي چڙيا گھر، پر اتي به کين سندن ماحول مهيا ڪري ڏيڻو پوي ٿو. ماڻهو ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ دنيا جي ٿُلهي ليکي هر کنڊ، هر پاسي، هر ماحول ۾ رهي ٿو ــــــ اڏامي ٿو، تري ٿو، جوڙي ٿو، ڏِسي ٿو، ٻُڌي ٿو ــــــ ماڻهو ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ اهو آهي!
مٿير ماڻهو:
- ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ مٿير هستي رهي ٿي.
- هن جا هٿ اهڙا آهن جيڪي سولائيءَ سان مشين کڻي سگھن ٿا.
- هن جا پير اهڙا آهن جو هزارين ميلن جو پنڌ هڪ ڏينهن ۾ لتاڙن ٿا.
- هن جا پر اهڙا آهن جيڪي هن کي ڪڪرن کان به مٿي انهن مٿاهين تي وٺي وڃن ٿا جتي پکي نه ٿو پهچي.
- هن جا تيراڪ پر اهڙا آهن جو پاڻيءَ هيٺ رهندڙ ڪنهن به مڇيءَ کان سٺو ڪم ڏين ٿا.
- هن جون اکيون اهڙيون آهن جو گم شيءِ کي ڏِسي سگھن ٿيون ۽ ڪَن اهڙا آهن جو دنيا جِي ٻِي ڪنڊ جون ڳالهيون ٻُڌي سگھن ٿا.
- هيءَ هستي اهڙي سگھاري آهي جو جبلن اندر سرنگون ٺاهي ٿي ۽ جھرڻن کي هوا ۾ ترسائي ٿي.
- هيءَ پنهنجي مرضيءَ موجب دنيا جا منهن مهانڊا بدلائي رهي آهي، ٻيلا هڻي رهي آهي، سمنڊ کي هڪ ٻي سان ملائي رهي آهي، وارياسن کي پاڻي پيئاري رهي آهي.
- اها مٿير هستي ڪير آهي؟
- ماڻهو.
- پر هو مٿير ڪيئن ٿِي ويو، ڌرتيءَ گولي جو مالڪ ڪيئن ٿيو؟
- هتي، اسين اهو ئي ٻڌائڻ گھرون ٿا.

هر ساهوارو پنهنجي جيئاپي جي بقا لاءِ جتن ڪري ٿو، کائي ٿو، رهي ٿو، بچاءُ ڪري ٿو ۽ نسل وڌائي ٿو. کاڌو پيتو ڪجھ نه ڪجھ مختلف آهي، پر ساهوارو کائي ضرور ٿو. کائڻ پيئڻ کان سواءِ جيئڻ ممڪن ڪونهي. عام طرح هر ساهوارو پاڻ کان هِيڻا يا هِيڻا ڪري رکيل ساهوارا کائي ٿو. جيت جانور به کائن ٿا، پکي پکڻ به کائن ٿا، وڻ ٻُوٽا به کائن ٿا، هر ساهوارو کائي ٿو. ڪڏهن توهان ڀولڙي، گبن يا گوريلي کي ڌيان سان ٻه چار ڪلاڪ بيهي جاچيو ــــــ اکروٽ، مڱيرا، ڪَتل، ڏوڏا، انب، ڪيلا، وڻ پاڙون وغيره، ڏسو ته ڪيئن ٿو کائي، ماءُ-ڀولڙي پنهنجي ابهم ٻالڪ کي سِيني سان چهٽائي ڪيئن ٿي، کير ڌارائي ۽ ان کي کيڏ کيچل ڪندي ڏِسِي ڪيئن ٿي گَد گد ٿئي ــــــ ٿي سگھي ٿو ته اوهين سولائيءَ سان تاڙي وٺو ته هن جون ۽ ماڻهوءَ جي ٻالڪ جون حرڪتون، ٺينگ ٽپا، کِل کِل کيچل هڪ ٻي سان ڪيترو نه مشابهت رکن ٿيون.
هر ساهوارو ڪو نه ڪو ڪنهن نه ڪنهن قسم جو، ڪٿي نه ڪٿي آکيري ٻلکڙي، ٻِرڙ يا ڏَرڙ ۾ ان کي مختلف نمونن ٺاهي ۽ ڪَکن پَکن، گاهه تِيلن وغيره سان آرامده ڪري، رهي ٿو. ماکيءَ مک ماناري ۾ رهي ٿي، جھرڪي آکيري ۾، ڪاٺ ڪُٽو ٿُڙ يا ڏار ۾، باز جبل جي ڏرڙ ۾، شينهن غار ۾، بگھڙ ڏر ۾، لومڙي ۽ گدڙ چُر ۾ وغيره. ڀولو باندر وڻن تي، غارن ۽ پاڙن ۾ رهي ٿو. اؤد بلا پاڻيءَ ۾ بند ٻڌي ڍنڍ ٺاهي رهي ٿي. ماڻهو جڏهن ماڻهو نه ٿيو هو تڏهن هن جي حياتي به ايئن هئي. هر ساهوارو پنهنجو، پنهنجي نئين نسل جو بچاءُ ڪري ٿو، ويريءَ، ماريءَ کان ڀڄي پري ٿئي ٿو، پنهنجيءَ پَر ۾ سوگھي هنڌ پناهه وٺي ٿو يا وري وڙهي ٿو ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين ميدان نه ٿو ڇڏي. مٿاڇرا گھاوَ ته پاڻ ئي ڇُٽي وڃن ٿا (اهو بدن جي بچاءَ، نظام سبب آهي). بيماريءَ جو پاڻ مرادو جسم ۾ مقابلو ٿئي ٿو. دشمن کان بچاءُ وگھي ڪُمي (ڪڇُون)، ڪوڏُ ۽ سِپَ وغيره کوپو ٺاهي ڇڏيو، مڇي ترڪڻي ٿي ۽ ڇلهڙ بچاءُ ڪن ٿا، پکي اڏامي ٿو، گھوڙو ڊوڙي ٿو، ڀولڙو وڻ تي چڙهي وڃي ٿو، وغيره.
ماڻهو جڏهن اڃا ماڻهو نه ٿيو هو تڏهن هن جي حياتي به ايئن قدرتي آفتن ۽ اوٿرن آڏو ڪجھ بيوس، ڪجھ هِيڻي، ڪجھ اڻ هوندي هئي. هُو به وڻ تان ميوا، سنها ٿُلها جيت جڻيا، ٻُوٽا پاڙُون وغيره کائيندو هو. وڻن ۾ مٿاهينءَ تي رهندو هو، هڪ وڻ کان ٻي ڏانهن لُڏي لَمي، ٺينگ ٽَپا ڏئي ڀَڄندو اُڏندو هو، ڪجھ وقت لاءِ هيٺ زمين تي به ايندو هو. ڪي سندس ويري هئا، ڪي واهرو، ڪي شڪار هئا ته ڪي سنگتي. فطري طرح اوسر جي اُتاهين ڏاڪي تي هو ان ڪري سندس جبلي، نفسي چرپرون به ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اسريل هيون. فطري ماحول بدلجندو، گھٽ وڌ ٿيندو، ڪڏهن ٿڌو، ڪڏهن ڪوسو، ڪڏهن واءُ مينهن طوفان، ڪڏهن سُڪ سوڪهڙو، ڪڏهن کاڌي جي کوٽ، ته ڪڏهن مال ميوو جام هو.
موسمون بدليون پئي، ماحول بدليو پئي، وڏا وڻ ۽ وڏا جانور بدليا پئي، ٻيلا ڇڊا پئي ٿيا. ڪيتريون ئي جنسون لاچار ٿيون ته پاڻ کي نئين ماحول موجب ٺهڪائي هلائن. گھوڙي کي ٻيلائين مان ميداني ٿيڻ لاءِ آڱريون بدلائڻ ۽ کُرن ٺاهڻ جي گھرج هئي جنهن لاءِ کيس پنج لک سالن کان وڌيڪ مُدو لڳي ويو. ميموٿ (وڏا هاٿي) ۽ خونخوار ڏندن وارو چِيتو غائب پئي ٿيا. جيڪي جنسون جٽاءُ نه ڪري سگھيون، فنا ٿي ويون. جن جٽاءُ ڪيو انهن کي نوان عضوا ٺاهڻا پيا، ۽ اهي نوان عضوا نون نسلن ۾ تبديل ٿيا.
ماڻهوءَ وٽ به ’جيئرا اوزار‘ موجود هئا. نَنهن، آڱريون، ڏند (32 ڏند، 4 قسم)، مُڪ، ڄنگھون موجود هيون. هن انهن جو واهپو ڪيو. پاڙون کوٽڻ، مٽيءَ ۾ لڪل جيت ڳولڻ، وڻن جي ڇوڏن پٺيان پکين ۽ جِيتن جا آنا ڪڍڻ لاءِ هن کي پنهنجن ننهنِ، آڱرين ۽ ڏندن کي تکو ڪرڻو پيو. اها ئي شڪار جي ڳولا، پڪڙ ڌڪڙ ۽ وٺ وٺان ڪڏهن ان حالت ۾ بدلجي وئي جو هن کي هڪ پٿر يا ڏنڊو يا ڀڳل ڪاٺي کڻي ڇاپڙ ڪري شڪار کي ڪُٽڻو پيو.
پٿرُ مُڪ جو سٺو نعم البدل هو ۽ ڏنڊو ٻانهن جو. وڻ جو ڇوڏو مڪ سان به ڀڳو پئي پر پٿر جي مڪ ان کي سولائيءَ سان چِٿي ڇڏيو پئي. ٻانهن ڊگھيري مڪ هڻڻ سان دشمن کي ڌڪ لڳو پئي پر قدرتي ۽ غيرقدرتي (لٺ، ڏنڊو) ٻانهن ملي اڃا به پرڀرو ۽ ڏاڍو ڌڪ پئي هنيو. اڄ به اوهين ڏسندا ته وقت سر ڀولڙو، باندر، گبن وغيره پنهنجي بچاءَ ۽ ويريءَ تي مار ڏنڊو يا پٿر هڻي ڪندو آهي، پر اوسر جي علم موجب اهي جنسون ماڻهوءَ-جنس کان پوئتي پيل هيون. ان ڪري اهي نئين عمل مان سکي نه سگھيون. پر، ٺيڪ آ، ماڻهوءَ کي ٻه ٽي لک سال، هزارين ايندڙ نسل تباهه ڪرڻا پيا، پر پٿر ۽ ڏنڊي جي عمل سندس سگھ، شڪار ۽ بچاءَ ۾ جيڪو واڌارو ڪيو، ان کي هن تاڙي ورتو. هو پٿر گَهڙيندو نه هو پر گڏ ڪندو هو. مُٺ ۾ پڪڙي سگھڻ جھڙا پٿر قدرت ڪروڙن جي ڳڻپ ۾ ٺاهي ڇڏيا هئا. سوين سالن جي تجربي کيس سيکاري ڇڏيو ته گول پٿر جي ڀيٽ ۾ چهنبدار پٿر شڪار کي وڌيڪ زخمي پئي ڪيو. اُڇل ۾، ڌڪ ۾، ٽڪر ۾ پٿر ڀڄي پيو ٿي. ماڻهوءَ، جيڪو ماڻهو ٿيڻ ڏانهن وک وڌائي چُڪو هو، نيٺ تاڙي ورتو ته اهو پٿر پاڻ به ڀڃي سگھجي ٿو. هڪ پٿر سان ٻي پٿر کي ڌڪَ هڻي چهنبدار پٿر ٺاهيو ويو. چهنبدار پٿر جيڪڏهن تِک، تکي ڌار، وڍَ، ڪناريءَ وارو هو ته ان جو گھاءُ اڃا به گهِرو ۽ ڪارِي هو ـــــــ پٿر جو چاقو، ڇُري، ڪاتِي، ڪَپُ يا خنجر وجود ۾ اچي رهيو هو. ٻي پاسي اهو ساڳيو عمل ڏنڊي سان ٿيندو پئي آيو ۽ ان جي چهنب کيس نيزو ٺاهي ڇڏيو، جيڪو لٺ کان وڌيڪ ڪارائتو هو ـــــــ ماڻهو؛ ماڻهو ٿيندو پئي ويو، قدرت مان ٺهيل شيون ته هٿ پئي ٿيون، پر هاڻي هن پاڻ به ٺاهڻ شروع ڪيون ـــــــ پورهيو، بامقصد سرگرمي، بنيادي گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪارائتي ڪرت شروع ٿي وئي، ته ماڻهو ٺهڻ شروع ٿي ويو. پورهيو ماڻهوءَ جي اها سرگرمي آهي جنهن وسيلي هُو قدرت ۾ اهڙي ڦيرڦار ڪري ٿو جيڪا سندس فائدي جي هجي.
هو نديءَ ڪناري گھمندو رهندو هو ۽ پنهنجا اوزار ـــــــ اهي شيون جيڪي سندس پورهئي ۾ سهولت ۽ وڌيڪ لاڀ پيدا ڪري سگھن ــــــ ڳوليندو رهندو هو. هُو اورچائيءَ سان پٿر ڳوليندو، ڪَٽيندو ۽ گسائيندو ۽ شڪار ڪندو رهندو هو. هٿن جو پورهيو جيترو گھڻو پئي ڪيائين، جيترو گھڻو شڪار ٿي ڪيائين اوترو ئي کيس سهاري لاءِ ڄنگھن جي سگھ جي گھرج به هئي، ته چيلهه کي سڌو ڪرڻ جي به. هٿ جيترو آزاد هوندا اوترو گھڻو ڪم ڪري سگھبو. پورهئي کيس ماڻهو پئي ٺاهيو.
ڳري ۽ سخت پٿر وڌيڪ جٽاءُ پئي ڪيو، تجربي اهو به سيکاريو. ڳري پٿر جي ڳولا ۾، ڪاٽ ڪوٽ ۾، ڀڃ گھڙ ۾، چڻنگون پئي نڪتيون. وقت سر انهن آڱرين، ڪکن پنن کي ساڙيو پئي. صندل جي ڪاٺين جي گاٺ به باهه پيدا ڪئي پئي. هيءَ ڏاڍي خطرناڪ شيءِ هئي، پر شايد سڀ کان وڌيڪ ڪارائتي به. اڳتي هلي باهه اسرندڙ ماڻهوءَ کي وحشي جانورن ۽ زهريلن جيتن ۽ سيءَ سياٽن کان پناهه به ڏني، ته سندس کاڌي کي سولو ۽ لذيذ به بڻايو. ماڻهوءَ پنهنجو سج هٿ ڪري ورتو.
جانور کي کَل سميت ۽ ڪچو کائڻ ڏکيو هو. ان جي کل لاهي ۽ گوشت ساڙي پچائي کائڻ ۾ وڌيڪ لذت ڀريو هو. بيڪار کل ڪنهن به ڪم جي نه هئي پر مٿان وجھڻ مهل سيءَ کان بچائي سگھي پئي. سياري لاءِ ماڻهوءَ کي سٺو پهراڻ (کل)، طاقتور کاڌو (پڪل گوشت) ۽ بهترين لوڙهو (باهه) ملي ويا. ماڻهو هاڻي سولائيءَ سان غار ۾ به رهي سگھيو پئي، ته ميدان ۾ به.
پراڻي زماني جي ماڻهوءَ جتي به ڊاٻو (ديرو) ڪيو، اتي سندس ڪي نه ڪي اهڃاڻ رهجي ويا. اهڙا اهڃاڻ به مليا آهن جتي گھوڙن، ڏاندن، جھنگلي سوئرن جي هڏين جا کوڙ ملن ٿا جن ۾ ڪٿي ڪٿي پربت جيڏي جانور ميموٿ (وڏو هاٿي) جون هڏيون به ملن ٿيون. ميموٿ جي قد بت جو ڪاٿو ان مان ڪري سگھجي ٿو ته ان جي کوپڙيءَ ۾ ماڻهو بيهي سگھي ٿو ۽ ان جي رڳو هڪ ڄنگھ جو وزن لڳ ڀڳ هڪ ٽن (20 مڻ) ٿيندو.
اهو ممڪن ئي ڪونهي ته رڳو ڪٽنب جي صورت ۾ رهندڙ ماڻهو ميموٿ جو شڪار ڪري سگھيو هجي. هي ته وڏي ٽولي، گھڻن ڪٽنبن، راڄ جو ڪم ٿي سگھي ٿو. ميموٿ جو گھيرو ڪري ٽن پاسن کان باهه ٻاري ويندي ۽ پنهنجا چهنبدار هٿيار ان تي ڦٽا ڪري گوڙ ڪيو ويندو. چوٿين طرف ئي ميموٿ کي ڊوڙڻو پوندو ۽ ان پاسي ڌٻڻ (گچڻ) موجود هوندي ــــــ ميموٿ جي وزن سندس شڪار ۾ سولائي پيدا ڪئي، گتو ته ڇُٽو. هاڻي سوين هزارين هٿ پنهنجن چاقن، ڪاتين، ڪهاڙين سان ڪم ۾ جنبي ويندا ۽ ڳڀا ڳڀا ڪري گوشت کنيو ويندو ــــــ کوڙ ڏينهن جو گوشت ملي ويو، چڱا ڏينهن نڪري ويندا. هيءُ ته عيد، وڏو ڏهاڙو يا ڏڻ ٿي ويو.
اوزار ٺاهڻ ۽ شڪار ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪو نه هو. سوين هزار سال لڳي ويا. پوڙها ۽ سگھڙ شڪاري پنهنجن ننڍن نيٽن کي اوزار ٺاهڻ ۽ شڪار ڪرڻ جي سِکيا ڏيندا هئا. پٿر ڪيئن گَهڙيو وڃي، ڪٿي ڌڪ هڻجي، ڪٿان ڪَٽجي، ڪيئن گَسائجي، سٺو ڪيئن ٺهندو، شڪار ڪيئن سڃاڻجي، پيرو (رَند) ڪيئن پرکجي، جانور کي ڀڙڪائڻ، ڊيڄارڻ کان سواءِ مٿس بيخبريءَ ۾ ڪيئن ڪاهه ڪجي وغيره. پوڙهيون به ڪي گھٽ ڪو نه هيون. سڄي گھر جي سار سنڀال، گھر ٺاهڻ، ڪاٺيون ڪرڻ، کلون سبڻ، بسترا ٺاهڻ وغيره انهن جي حوالي هو جيڪي پنهنجي نئين پود کي سيکارينديون هيون. اهڙيءَ طرح پوڙهنِ، پوڙهين کي پنهنجي سڄي حياتيءَ جي سکيا، ڄاڻ، سمجھ پنهنجي نئين نسل ۾ تبديل ڪرڻي پوندي هئي. ٻين ساهوارن وٽ رڳو جبلت آهي، پر ماڻهوءَ وٽ سمجھ به ٿي پئي.
هزارين سالن جي پورهئي ماڻهوءَ کي بدلائي ڇڏيو. سندس دماغ وڌيڪ وڏو ۽ وڌيڪ ڳتيل ٿيو. انهيءَ ماپ سان کوپڙي به وڌِي. توهان اڄ به ڪنهن پاڳل ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کي ڌيان سان ڏسندؤ ته اها توهان کي ساڳيءَ ڄمار جي ساڳي ئي قد بت رکندڙ پر ذهين ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کان گھڻي ننڍي لڳندي. ذهن جو، ذهني پورهئي جو، ڄاڻ جو، سکيا جو، سمجھ جو ايڏو اثر آهي انساني دماغ تي. هاڻي هن جا هٿ، آڱريون به وڌيڪ هنرمند ۽ نفيس ڪم ڪرڻ لائق ٿي پيون، چيلهه گھڻي سِڌي ٿي چُڪي هئس ۽ ڄنگھون سگھاريون، پر پوءِ به سندس نراڙ جو مٿيون حصو ڪجھ پوئتي لهوارو ۽ کاڏي اندر جھڪيل هئي ـــــــ نياندرٿل ماڻهو ـــــــ هي ماڻهو ڳالهائڻ تي اڃا پوريءَ طرح قابو ڪري نه سگھيو هو، سندس آواز گهوگھو هو. هن جي نِڙِي، آواز ڪڍڻ جا ڦلڦڙا يا ٻنڌڻ آڱريون، هٿ، دماغ، چيلهه وغيره هاڻوڪي ماڻهوءَ جيترا نه سڌريا هئا.
ماڻهو ٻي ماڻهوءَ کي ڪا ڳالهه سمجھائڻ لاءِ پنهنجي اکين، منهن، هٿن، آڱرين، سڄي جسم جي چرپر ۽ اشاري وسيلي ئي سمجھائي سگھيو پئي. اڄ به اسين پاڻي گھرڻ لاءِ لپ يا ٻُڪ کي وات تي آڻيندا آهيون. هيڏي اچ، هوڏي وڃ، اُٿي بيهه، ويهي رهه، ڊوڙ پاءِ، لڪي پئه، هي ڏس، ماني کاءُ وغيره جھڙا اشارا جسم جي ڪنهن نه ڪنهن حصي جي چرپر سان ظاهر ڪري سگھندا آهيون. اهڙي وقت ۾ هو گجندو، گڙندو ۽ گوڙ ۽ کيکڙاٽ ڪندو هو. پکي پکڻن ۽ جانورن جي آوازن، ٻولين جو نقل ڪندو هو. هوري هوري مخصوص حرڪتن، عملن، جانورن، پکين وغيره لاءِ مخصوص ٻول مخصوص ٿيندا ويا. زُو دزٖي دزٖي (سنڀالي هل)، زو بوهو بوهو (ڳرن يا ٿلهن ماڻهن جيان هل)، زو بلا بلا (تيزي سان ڊوڙ)، زو پيا پيا (ٿيڙ کائي هل)، زو گوو گوو (هوريان منڊڪائي ۽ مٿو جھڪائي هل) ايوي قبيلي جي ماڻهن ۾ انقلاب (آڪٽوبر 1917ع، سويت يونين) تائين اهڙي ٻولي هئي جيڪا آواز سان گڏ تصوير به آهي. جيئن اڄوڪو ماڻهوءَ-ٻار ٻولي سکي ٿو، ان کي تصور ۾ رکي سمجهي سگھجي ٿو، ته اهو ماڻهو ٻولي ڪيئن سِکيو.
بدليل موسمي حالتن ۾ ماڻهوءَ کي شڪار جي ڪڍ، شڪار جي ڳولا ۾ هلڻو پوندو هو. ميموٿ ختم ٿي چڪو هو، هزارين گھوڙا کاڄي چڪا هئا، هاڻي وري ٻارهن سِڱو، رنڊير، گڊ وغيره جو شڪار ڪرڻو پوندو هوس. وڻ بدليا پئي، جھنگ، ٻيلا بدليا پئي، ٻوٽيون، پاڙون بدليون پئي، جانور بدليا پئي، ماڻهوءَ جو کاڄ بدليو پئي.
جتي به شڪار جا ڌڻ ويا پئي، ماڻهو انهن پٺيان هليو پئي. ديرو ڄمائيندي عورتون خيما کوڙينديون، ڪاٺيون گڏ ڪنديون، باهه ٻارينديون، کَلن مان پوشاڪ ٺاهينديون، آنڊن کي ڌاڳو ڪري ڪم آڻينديون ۽ جي شڪار اڳتي وڌيو ته وري لَڏ ڪلهن تي، بار مٿن تي، هل ته هلان.
سڄي ڌرتيءَ گولي تي ماڻهوءَ-جنس رڳو ڪنهن هڪ هنڌ جنم ڪو نه ورتو هو ۽ رڳو هڪ ٽولو (ڌڻ) ئي ڪو نه هو جيڪو سڄي ڌرتيءَ جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ويو. پر ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته پراڻي پٿر واري دور جو ماڻهو امريڪا (اتر ۽ ڏکڻ) کنڊ ۾ ڪٿي به ڪو نه هو. برفاني دور کان پوءِ ئي ماڻهو شڪار جي ڪڍ هلندي اتر قطب واري پاسي کان يورپ مان ٽپي امريڪا ۾ گھڙيو ۽ ان وقت هو نئين پٿر جي دور ۾ گھڙي چڪو هو. امريڪا (اتر ۽ ڏکڻ) کنڊ ۾ ڪٿي به پراڻي پٿر جي دور جا اهڃاڻ نه مليا آهن، جڏهن ته ايشيا، افريقا، يورپ ۽ آسٽريليا ۾ به پراڻي پٿر جي دور جا هزارين اهڃاڻ اڄ به موجود آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي ته ڪجھ ٽولا ان ساڳي ئي شڪاري، راڄوڻي حالت ۾ رهن ٿا.
امريڪا (اتر ۽ ڏکڻ) کنڊ ۾ جڏهن پهريان يورپي کوجي گِھڙيا ته اتي جا ماڻهو به ان وقت تائين نئين پٿر واري دور جا رهاڪو هئا. ٻنهي کنڊن ۾ جتي ڪٿي هزارين وسنديون هيون. پٿر جا مختلف اوزار، ڪاٺيءَ جا مختلف اوزار، شڪار، ڌڻ ۽ ڪٿي ڪٿي راڄ جا وڏا سردار جي شڪل ۾ پر راڄ جا محتاج، حاڪم نه. پندرهين صديءَ جي پڄاڻيءَ وقت نئون يورپي ماڻهو امريڪا ۾ پهچي سگھيو هو پر آسٽريليا به پندرهين صديءَ ۾ ئي هٿِ آيو ۽ اتي جا رهاڪو به ان وقت تائين نئين پٿر واري دور ۾ شڪار تي گذارو ڪندڙ هئا. انهن ۾ به ڪٿي ڪٿي ڪن راڄن ۾ محتاج سردار ٺهي چڪو هو.
ماڻهوءَ ٽولا ندين جي ڪنارن تي به پهچي چڪا هئا. جڏهن ٻوڏ ايندي هئي ته سندن گھر گھاٽ لوڙهي ڇڏيندي هئي. ڪاٺ جا وڏا وڏا بنڊ پاڻيءَ مٿان ترندا رهندا هئا. بنڊ تي لانگ ورائي ويهڻ سان به سولو تري سگھجيو پئي، پر جيڪڏهن بنڊ وچ ۾ کاڌل يا ڪوريل هجي ته واهه واهه ـــــــ ٻيڙي وڌيڪ سولي هئي. ڪنارن پاسي اُڀا بنڊ کوڙي انهن مٿان بنڊَ سڌا وڇائي ڪاٺ جو دِڪو ۽ ان مٿان جھوپڙي ـــــــ هاڻي ٻوڏ ڇا ڪندي! نديءَ، ڍنڍ، تلاءَ ۽ کڏ ۾ مڇيون، گانگٽ ۽ ڏيڏر جام هئا. جانورن جو سِڱ انهن لاءِ سٺو هٿيار هو ۽ سڱ جيڪڏهن وڪڙ، ونگوڙي، آنڪڙي وارو هو ته پوءِ مڇيءَ جو ڇڏائي ڀڄڻ اڃا به ڏکيو. کڏن، دُٻن مان ته مڇي هٿ سان به پڪڙي سگھجي پئي. ماڻهو نديءَ ڪناري سِکيو ستابو ۽ ڊگھو عرصو رهي سگھيو پئي.
ماڻهوءَ سنهي چهنبدار هڏيءَ جي ٻي سِري تي ٽُنگڙو، پاکڙو ٺاهي سُئيءَ جو هنر سکيو هو. ڏنڊي جي سري ۾ ٽنگڙو ڪڍي ان ۾ پٿر جو ڦر ڦاسائي ڪهاڙي ٺاهي ورتي هئي، مٽيءَ جا ٿانوَ ــــــ پهريائين ڪچي مٽيءَ جا ۽ پوءِ پچائي پڪي مٽيءَ جا ٿانوَ ــــــ ٺاهي ورتا هئا. ماڻهو هڪ ڳوڙهي، ڳنڍي، ڀتر، پٿر ۽ ڪاٺ کي ٻِي شڪل ڏئي سگھيو پئي. آلي مٽي ڦوڦلي هئي پر پڪل مٽي نه ته پاڻيءَ سان خراب پئي ٿي ۽ نه ئي سولي ٽٽي پئي. باهه ۽ مٽيءَ جي مدد سان هاڻي اهڙي شيءِ ٺهي جنهن ۾ اڳوڻن بدران نوان ڳُڻ هئا. انهيءَ باهه ٻرندي هزارين سالن کان مختلف ڪچا ڌاتو به باهه جو بک بڻيا پئي ۽ انهن جي شڪل ڦري ڳنڍو، ڳوڙهو ٿي پئي، پر جيستائين ڳوڙهو گرم هو تيستائين نرم به هو، ڪُٽڻ سان نئين شڪل وٺي سگھيو پئي. ٽامو سولو هو. ٽامي جون ڪهاڙيون، ڪاتيون، ٿانوَ ٿپا وجود ۾ آيا ۽ پوءِ نيٺ ماڻهو ٽامو رجائڻ ۽ ان کي پنهنجي پسند جي شڪل ڏيڻ لڳو. نه رڳو ڪنڀر وجود ۾ اچي چڪو پر چَڪ ۽ بٺيون به. اڳتي هلي ٽامي ۽ جست جي ميلاپ سان ڪنجھو ٺهيو جيڪو ٻنهي ڌاتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پائدار هو.
ماڻهوءَ جڏهن ننڍن جانورن کي چڱيءَ ڳڻپ ۾ گھايَل پر جيئرو هٿ پئي ڪيو ۽ ڏينهن ٻن جو وٽس ذخيرو هو تڏهن ترت ئي جانورن کي ماري نه ڇڏيندو هو. جانورن جا ننڍڙا ٻار به مختلف هنڌن تان هٿ ڪري سگھندو هو ۽ انهن جي وڏي ٿيڻ جو اوسيئڙو ڪندو هو. انهن جانورن ۾ هڪُ؛ ڪتو به هو جنهن جي سڀ کان وڏي خوبي لڇ لوڏ يعني خوشامد آهي. گوشت ٽڪري لاءِ ڪتو سدائين گڏ رهي سگھيو ٿي ۽ وڏي ڳالهه ته شڪار جي ڳولا ۾ مدد ڏئي سگھيو ٿي. ڪتي کي پالي ماڻهوءَ پنهنجو ”نَڪُ“ ڊگھو ڪري ورتو هو. هاڻي هو شڪار لاءِ ڪتي کان مدد وٺڻ لڳو هو. ڪتو سندس ٻين جانورن جي سنڀال به ڪندو هو ته سندس به. مٽيءَ جي سوين ٿانون تي ڪتي جي شڪل اُڪريل آهي.
سوين سالن جي تجربي کيس اهو به سيکاريو ته ڪيترن ئي ميداني حصن ۾ گاهه، تيلا، سَر پاڻ ئي اڀري آيا پئي. ٻُور وارن گاهن جو ٻُور گھر ۾ به ڇڻيو ٿي ۽ پوءِ جڏهن ان مٿان پاڻي پيو پئي ته ٻج زمين ۾ پيهي ويو پئي ۽ ڪجھ وقت کان پوءِ سلا، آنکڙا ۽ گاهه ڦٽو پئي. ٻج پاڻ به ارادي سان ڦِٽو ڪري سگھجي ٿو، زمين ۾ لاهڻ لاءِ زمين کي چهنبدار ڪاٺيءَ سان کوٽي سگھيو پئي ۽ هٿرادو نموني پاڻي ڏئي سگھيو پئي. مهيني، ٻن، ٽن کان پوءِ نئون گاهه، نئون ٻج هٿ ٿي سگھيو پئي. اهو علم پرائيندي هزارين سال لنگھي ويا، سوين نسل پيدا ٿيا. نيٺ ماڻهوءَ پوک جو هنر هٿ ڪري ورتو. هاڻي هو جيڪڏهن ٻيلي ڀرسان نديءَ ڪناري پوک ڪري ته کاڌو ۽ اَجھو ججھو هو. ماڻهوءَ جي وَسندي، ويهڪ، ديرو، ڊاٻو ڊگھي عرصي لاءِ ٿيڻ لڳو. کوٽائيءَ ۾ اهڙا پٿر به مليا آهن جيڪي شڪل ۾ جنڊ جي هيٺين پڙ جھڙا ۽ وچ ۾ اُکريءَ جيان کوٽيل آهن. ڪنهن ڳُوڙهي پٿر (مهريءَ) سان ان پيهي سگھجي پيو.
اسان ماڻهوءَ-ٺهڻ جو هي جيڪو ذڪر ڪري آيا آهيون، اهو ٿلهي ليکي نون لکن سالن جي مدي تي پکڙيل آهي. نوَ لک سال ڪو ٿورو عرصو ته ڪونهي. جيڪڏهن هر ويهين سال به نئون نسل وجود ۾ اچي، ته هيءَ ڪهاڻي پنجيتاليهه هزار نسلن جي ڪهاڻي آهي. لکين آنڌاريون، ٻوڏون، سوڪهڙا، برفون، زهريلا جانور، وحشي درندا، خون خرابيون، رتوڇاڻ، جنگاڻ، لڏپلاڻون، سوين هزارين نوان علائقا، ويرانا، ٿر، بر ـــــــ ماڻهوءَ ٽولا سڄي ڌرتيءَ جي مختلف حصن ۾ رُليا، ڀٽڪيا، سِکيا ۽ سوڀارا ٿيا آهن. قسمين قسمين اوٿون ۽ سوٿون هيون، لاهيون چاڙهيون هيون، رولڙا ۽ راڱا هئا. فطري تبديلين سان گڏوگڏ ماڻهو پاڻ به بدليو، ته فطرت به بدليائين، ويرانن ۾ ساوڪون ڪري ڇڏيائين، جانورن، پکين، ميوَن ۽ وڻن جا نوان نسل ٺاهيائين ــــــ سورَ سختيون سهي، ماڻهو هاڻوڪي ماڳ تي پهتو آهي. ماڻهن جي انهن ڪشالن ۽ ڪمن جا سوين هزار نشان سڄي ڌرتيءَ تي پکڙيل آهن ـــــــ ڪي رڳو اهڃاڻن جي صورت ۾ دفن ٿيل، ته ڪي جيئرا جاڳندا. اچو ته انهن مان ڪجھ تي مٿاڇري، پر سمجھ ڀري نظر وجھون.
1. جاوا ٻيٽ ۾ سولو نديءَ ڪناري ترينيل ڳوٺ ويجھو پهرين ماڻهوءَ جهڙي ماڻهوءَ جون ٽي هڏيون مليون آهن. هي بناوت ۾ باندر کان گھڻو بهتر آهي. سندس کوپڙي ۽ دماغ وڏا آهن، نراڙ لهوارو ۽ پٺيءَ ڪنڊو ڪجھ ڪُٻو آهي ۽ ڄنگھ ريڙهي هلندو هو. کوجيندڙ ڊاڪٽر ڊيوبوئا، هن جنس جو نالو پِٿيڪَنٿِروپَس اِريڪِٽَس (اُڀو ٿي هلندڙ، باندر جهڙو ماڻهو) رکيو.
2. چين ۾ چوڪوتيان غار اندر ساڳي ئي جنس جي مختلف عضون جون هڏيون مليون. هي به اڻ گھڙيل قدرتي طرح ملندڙ چهنبدار پٿر پنهنجي شڪار لاءِ ڪم آڻيندو هو، نديءَ ڪناري شڪار ڪندو هو ۽ غار ۾ رهندو هو ۽ باهه ٻارڻ نه، پر سنڀالڻ ڄاڻيندو هو. چوڪوتيان غار ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ پٿر جا اوزار ۽ اٺَ وال هيٺاهين ۾ خاڪ (چُلهي) جا اهڃاڻ مليا آهن.
3. فرانس جي سوما نديءَ واري ماٿريءَ ۾ پراڻي ماڻهوءَ جا اهڃاڻ مليا آهن. ذخيري ۾ ڪيترن ئي جانورن (ميموٿ، گينڊو، رڇ وغيره) جي مختلف عضون جون هڏيون ۽ پٿر جون ڪاتيون ۽ ڪهاڙيون مليون آهن. بوشي دي پيرت ”ساهوارن جي ابتدا ۽ اوسر“ نالي ڪتاب لکي، دليلن سان، پراڻي پٿر واري دور جي ماڻهن جي رهڻي، اٿا ويٺي، هلڻي ڪرڻِي، شيل شڪار، هٿيارن، اوزارن وغيره بابت تفصيل سان ڳالهيون ثابت ڪيون.
4. روس ۾ ڪيئڪ ڪوبا غار اندر اهي پٿرَ، جن مان ڪهاڙيون ٺاهيون ويون، ڪهاڙيون ۽ ٻيون شيون هٿ آيون. ماڻهوءَ اوزار ٺاهڻ سکي ورتا هئا ۽ هاڻي هو سنئون سڌو قدرتي طرح ملندڙ چهنبدار پٿرن جو ڳيجھو نه رهيو هو.
5. آسٽريليا ۾، تسمانيا ٻيٽ جي شڪاري قبيلن ۾ اڄ به اسان کي پراڻي پٿر جي دور جا نسبتن سڌريل پٿريلا اوزار ملن ٿا ــــــ نيزا، ڀالا، خنجر وغيره. ماڻهو وڍڻ ڪَٽڻ جو ڪم انهن کان وٺندا آهن، کَلون پوشاڪ طور پهريندا آهن، باهه ٻارڻ ڄاڻن ٿا، خيمن ۾ رهن ٿا، ٻوٽيون ۽ پاڙون گڏ ڪن ۽ کائن ٿا ۽ ڪجھ اناج بچائي به رکن ٿا. پوڙها ماڻهوگھڻو ڪري اوزارن ٺاهڻ ۽ شڪار ڪرڻ جي سکيا ڏيندا آهن ۽ جوانَ شڪار ۾ گھڻو حصو وٺندا آهن، جڏهن ته عورتون گھر جي ڪم ڪار سان گڏ شڪار ۾ مدد ڏين ٿيون.
6. سوليوتري (فرانس) ۾، هڪ لاهيءَ واري ٽڪري آهي. ان جي ڪاڇي ۾ پراڻن اهڃاڻن جي ماهرن کي هڏين جو هڪ وڏو ڍير مليو آهي. ميموٿ جون هڏيون، پراڻي زماني جي ڍڳن جون هڏيون ۽ سڱ ۽ غارن ۾ رهندڙ رڇن جون هڏيون ۽ گھٽ ۾ گھٽ هڪ لک گھوڙن جون هڏيون. ڪيتريون ئي هڏيون سڙيل، ٽِڙڪيل، چِٻيل، چٿيل ۽ ڏريل هيون. شڪار (گھوڙن جي ڌڻ) جي ٽن پاسن کان گھيرو وجھي تيرن جو وسڪارو ڪندي هلڙ مچايو ويندو ۽ شڪار ٽڪريءَ طرف ڊوڙندو. ٽڪريءَ جي ٻي پاسي، اڀي لاهي ۽ کڏا آهن، گھوڙو گھوڙي مٿان ڪرندو، زخمي ٿيندو، ڦاسندو ويندو. ان پاسي سڄو قبيلو آباد آهي. باهه وچ تي ٻرندي رهندي. پٿر جون ڪاتيون، ڪهاڙيون، نيزا، ڀالا سڀ کوڙ آهن، ونڊي ورهائي کاڌو ويندو.
7. ڏکڻ فرانس ۾ پراڻا کنڊر مليا آهن. تَر جا ماڻهو ان کي ’شيطاني چُلهو‘ سڏيندا هئا. هڪ ٽڪري؛ ڇانورو ٺاهيو؛ ٻاهر نڪتل هئي. سنها ٿلها پٿر رڙهي ان جي پاسن سان ڪرندا رهيا ۽ اهڙيءَ طرح ٽن ڀتين (ٻن پاسن کان پٿر ۽ ٽين ڀت ٽڪري) ۽ هڪ ڇت (ڇانورو) واري وڏي ڪوٺي (اڌ غار ۽ اڌ جُهڳي) ٺهي پئي. ان جي آڏو وڏيءَ کڏ ۾ وچ تي وڏو چلهو (خاڪ جو ڍير) ۽ پٿر جا ٽڪرا، هڏيون، سڱ ۽ هڏين ۽ سڱن جا اوزار مليا. هي ڄڻڪ پهريون گهر هجي.
8. سويت يونين ۾ دون نديءَ ڪناري، گاگارينو ڳوٺ ۾ پٿر ڇلڻ ۽ ڪَٽڻ جا اوزار، هڏي جو سُوئو، قطبي لومڙيءَ جو ڏند، جنهن ۾ هڪ پاسي پاکڙو ٺهيل آهي، چلهو، خاڪ ۾ مليل ميموٿ ۽ ٻين جانورن جون هڏيون، زيوَر، (پٿر ۽ هڏين جا) اوزار، ننڍا بُت وغيره مليا. رهائشگاهه هڪ گول تهه خانو هو جنهن جون ڀتيون پٿر جي سِرن جون ٺهيل هيون ۽ انهن جي وٿين ۾ميموٿ جا ڏند ۽ ڄاڙيون وِڌيل هيون. ڀتين ٻاهران ڳرا پٿر (ڇپون) رکيل هئا. چِٽيل عورتن جا ٻه بت به مليا آهن، هڪ مورتي ٿلهي آهي ۽ ٻي سنهي. هڏيءَ تي به چِٽ چٽيل آهن. فرش جي وچ ۾ کڏو هو جنهن هڪ صندوق جو ڪم ڏنو پئي. ان ۾ سُوئي، قطبي لومڙيءَ جا ڏند ۽ ميموٿ جو پُڇ مليو. شايد کل پائي، پڇ لٽڪائي، شڪار ڪرڻ لاءِ، جانور جو سانگ ڪرڻ لاءِ اهو پڇ ايڏو سنڀالي رکيو ويو هو. ورونيز ڳوٺ ۾ به اهڙا ئي آثار مليا آهن ۽ اتي ميموٿ، غار وارن شينهن، رڇن ۽ گھوڙن جون ايتريون هڏيون مليون آهن جو ان ڳوٺ جو نالو ئي هڏين وارو ڳوٺ مشهور هو. هتي ماڻهو گاگارينو جيان هڪ تهه خاني ۾ نه، پر ڪيترن ئي تهه خانن ۾ رهندا هئا ۽ گڏجي شڪار ڪندا هئا. هتي پٿر ۽ هڏيءَ جا چڱا سڌريل اوزار ۽ هاٿي-ڏند (عاج) مان گَهڙيل عورتن جون مورتيون مليون. هڪ مورتيءَ تي چمڙي جو پَٽو به مليو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هنن چمڙو محفوظ ڪرڻ سکي ورتو هو.
اڄ به ان قسم جي رهڻيءَ جا جيئرا آثار ٿامپسن نديءَ ڪناري رهندڙ انڊين آهن. اهي زمين هيٺ تهه خانو ٺاهي ان مٿان قبي (گنبذ) جيان چوٽ ٺاهن جنهن ۾ وڏو ٻلکڙو هوندو جتان ماڻهو اندر ٻاهر اچي وڃي سگھن. ان ٻلکڙي ۾ وڏو نـڙو به رکيل هوندو آهي جنهن جو هيٺيون سرو چلهي ڀرسان پهچندو، ته جيئن دونهون ٻاهر نڪري سگھي. گھوڙي، ٻارهن سِڱي ۽ ٻين جانورن جو شڪار ڪن، کلون پهرن ۽ گڏجي رهن ٿا.
9. برف پوش اسٽيپي ميدانن جي وچ ۾ ڪيترا ئي ننڍا ننڍا دڙا نظر ايندا. انهن ۾ ڊگھا، سڌا ۽ سگھارا ماڻهو رهندا هئا. انهن جي ڳلن جون هڏيون به اڀريل هيون ۽ اکيون هڪ ٻي جي ويجھو. عورتون سُين سان کل جي پوشاڪ سبنديون هيون ۽ مرد ڀالا ۽ نيزا ٺاهيندا هئا. اهي پنهنجن اوزارن، ٿانوَن ۽ رهڻ جي جاين جي اندرين ڀتين تي چِٽ چٽيندا هئا. هڪ هڏي تي چَرندڙ سهڻي گھوڙي جو چِٽ چٽيل آهي ۽ گھوڙي جي بدن تي خيما چِٽيل آهن. هڪ هڏي تي ميموٿ چٽيل آهي جنهن جي بت تي ٻه خيما ۽ ٻي هڏي تي جھنگلي مينهن، جنهن جي بُت تي ٽي خيما ٺهيل آهن. اهڙا ئي چِٽ ڊگھي سرنگھ جي اندرين ڀت تي سوَن جي ڳڻپ ۾ ٺهيل آهن. هڪ جھنگلي مينهن جو چٽ ــــــ اڌ کاڌل ڍڍري، وڏي ڏاڙهي واري مُنڍي مونن ۾ ۽ ڀرسان بيٺل ماڻهن جون ٻه قطارون. سندس مٿو، پٺيءَ ڪنڊو ۽ پڇ سالم حالت ۾ آهن. هڪ هنڌ ٻارهن سڱو ۽ جھنگلي مينهن ڊوڙندا پيا وڃن جن جي پٺيان سڱدار منڍي ۽ جھنگلي مينهن جي کل پهريل ماڻهو جنهن جي هٿ ۾ تير ڪمان آهي.
جيئرو مثال:
سائبيريا ۾ انقلاب کان اڳ اهڙا قبيلا به هئا جيڪي ”رڇ جي مهماني“ ڪندا هئا. رڇ جو ڍانچو آڻي مٿڀري صاف سٿري جاءِ تي رکندا. سندس منڍي اڳين ڄنگھن جي وچ ۾ ڏيندا، ماني يا ڇوڏن جي ٺهيل ٻارهن سڱن جون ڪيتريون ئي مورتيون سندس ڀرسان رکندا ۽ ڪڏهن ڪڏهن مڇي به. هي نذرانو هو. هر شڪاري واري واري ايندو ۽ سندس دُون کي چمندو ويندو. ڪيتريون ئي راتيون ناچ ٿيندو ۽ نچندڙ پنهنجن منڍين تي مختلف جانورن جون منڍيون پهريندا ۽ چال ۾ رڇ جو نقل ڪندا ۽ پوءِ ويهي رڇ جو گوشت کائيندا.
10. سويت يونين ۾ قزل قوم جي وارياسي ۾ پراڻي زماني جي ماڇين جي هڪ ديري جا اهڃاڻ ان هنڌ مليا آهن جتي آمو ندي ارال سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هڪ ڀٽ جي چوٽيءَ تي وارِيءَ ۽ مٽيءَ جي تهه ۾ سٺا گھڙيل پٿر جا اوزار، مٽيءَ جي ٿانوَن جا ٽڪرا ۽ جھنگلي سوئرن، ٻارهن سِڱن ۽ هرڻن جون هڏيون مليون آهن، پر انهن ۾ وڏو ڍير مڇيءَ جي هڏين جو هو. گھر جي وچ ۾ وڏو گول صاف، خاڪ جي ٿَلهي وارو چُلهو (سدا ٻرندڙ چلهو) ۽ ان جي چوڌاري ننڍڙا چلها جن ۾ ڪاري ڪِني خاڪ هئي.
جيئرو مثال:
وچ ايشيا کان گھڻو پري انڊمان ٻيٽن ۾ ماڇين جا قبيلا رهن ٿا. انهن وٽ مڇيءَ جي شڪار لاءِ سڱن مان ٺهيل نيزا ۽ آنڪڙا آهن. اهي وڏين وڏين جھوپڙين ۾ رهن ٿا جن جي ڇت کي ٿُـڙن جي ٽيڪ ڏنل هوندي آهي. وچ تي وڏو چلهو ٺهيل هوندو آهي جنهن ۾ لاڳيتو باهه ٻرندي رهندي. وڏي چلهي جي هڪ پاسي ڏانهن ننڍن چلهن جي قطارَ جن تي رڌ پچاءُ ٿيندو ۽ ٻي پاسي خالي جاءِ جتي شڪار پڪڙڻ لاءِ مختلف سانگ، ساٺ ۽ سَنوڻ ڪيا ويندا آهن. سڄو راڄ گڏجي رهي، کائي پيئي، شڪار ڪري ۽ ونڊي وراهي کائي ٿو.
11. روس ۾ لادوگا ڍنڍ ڀرسان هڪ کوٽائيءَ ۾ ماڻهن جون کوپڙيون، پٿر جا اوزار (ڪهاڙي، چاقو، آنڪڙا، تير، ڏندن وارو ڀالو) ۽ هڪ ٻيڙي (ڍونگي) ملي، جيڪا شاهه بلوط جي ٿـڙ کي ڪناريون ڇڏي وچ ۾ ڪوري ٺاهي وئي آهي ۽ اهڙي شڪل ۾ آهي جو ان کي پاڻيءَ ۾ وجھي، ان ۾ ويهي تري سگھجي ٿو. ٻنهي سِرن تي ڪهاڙين جي ڌڪن جا کهرا نشان آهن جڏهن ته وچ واري ڪور لسي آهي.
12. سوئٽزرلينڊ ۾ سُڪي ويل ڍنڍ ۾ کوٽائي ڪندي اڀو بيٺل ٿـڙ مليو ۽ پوءِ ٻيو، ٽيون، چوٿون،... مختلف نمونن جون قطارون ٺهيل هيون. پٿر جون ڪهاڙيون، مڇي پڪڙڻ جا ونگوڙا ۽ مٽيءَ جي ٿانون جا ٽڪرا. ڍنڍن جي پيٽ ۾ ٿنڀا کوڙي انهن مٿان تختا (بنڊ) وڇائي ڳوٺ ٻَڌو ويو هو، جيڪو ايترو مٿي هو جو پاڻيءَ جي چاڙهه وقت به پاڻيءَ سطح کان مٿڀرو هجي. ساڳي ئي قسم جو ڳوٺ نيو شاٽيل ڍنڍ (سوئٽزرلينڊ) ۾ به مليو. اتي سڙيل ڪاٺيون ۽ ڪوئلا به مليا. ان سان گڏ ڪاٺ جا ٿانوَ، مڇي پڪڙڻ جون ڄاريون (رَڇ)، اناج-داڻا ۽ ڪجھ ٻوٽن جا ٿـڙ به.
نيوگني ۾ اڄ تائين ڍنڍن مٿان اهڙا ڪيترا ئي ڳوٺ آباد آهن. ٿڙ (بنڊ) اڀا کوڙي انهن مٿان ٻيا ٿڙ سنوان سمهاري يعني هڪ ڪاٺ جو دڪو ٺاهي، ان مٿان ڪاٺ جون ئي جھوپڙيون ٺاهيون وينديون آهن. هي به پاڻ ۾ گڏجي رهن، شڪار ڪن ۽ ونڊي وراهي کائن. وٽن پٿر جا اوزار، هڏيءَ جا ونگوڙا ۽ رَڇ آهن.
13. اسپين جو مُهمجُو ڪورٽيز توبن ۽ بندوقن سان سٿيل يارهن پاڻيءَ ٻيڙن جو جٿو وٺي ميڪسيڪو جي مهم تي نڪتو. ميڪسيڪو جي ان ڪناري ڀرسان جتي ڪورٽيز ويو، ازٽيڪ ماڻهن جا ڳوٺ هئا جن مان وڏو تينوخ تيتلان هو. هيءُ ڳوٺ هڪ ڍنڍ جي وچ ۾ ٿنڀن تي ٻڌل هو ۽ ان کي ڍنڍ جي ڪناري سان هڪ پُل وسيلي ملايو ويو هو. سفيدي ڪيل گھرَ ۽ مندرن جون سنهري چمڪندڙ ڇتيون پري کان ئي نظر پئي آيون. مونٽيزوما آزٽيڪ ماڻهن جو جنگي سردار هو ۽ پنهنجن سپاهين سميت هڪ وڏي جاءِ ۾ رهندو هو. جهازن جي پهچ جو ٻڌي هن جنگي سڀا سڏائي. سوچيو ويو ته گورا ڇو چڙهي آيا آهن. ڪورٽيز کان اڳ جيڪي گورا امريڪي ڌرتيءَ تي پهتا هئا، انهن بابت ٻڌ سڌ هئي ته اهي سونَ جا لوڀي آهن. مونٽيزوما گورن ڏانهن سونُ سوکڙي طور ڏياري موڪليو ۽ اها ئي سوکڙي سندس لاءِ وبال بڻجي وئي.
سوکڙيون ڏئي ڪورٽيز کي موٽي وڃڻ جو عرض ڪيو ويو پر ڇا گورا ان موٽڻ واري ڪم لاءِ جهاز ڀرائي آيا هئا؟
هڪ تصوير ملي آهي جنهن ۾ غلامن جون ٽي قطارون توبن جا مختلف حصا ۽ بندوقون ۽ کاڌي جون پيٽيون ڍويو پيا وڃن. هڪ اسپيني آفيسر ڏنڊو وَسائي رهيو آهي ۽ چِٽيل ٽڪريءَ تي حضرت عيسى جو صليب چڙهيل نقش آهي. انڊين ماڻهن مان ڪجھ جون ڳچيون ڪوريل ۽ هٿ پکڙيل آهن.
آزٽيڪ ماڻهن کين ”مهمان“ سمجھي پاڻ وٽ ٽڪايو، پر ”مهمانن“ رات جو سردار کي ٻڌي مجبور ڪيو ته اسپين جي بادشاهه سان وفاداريءَ جو قسم کڻي. مونٽيزوما لاءِ اسپيني ٻولي ڄڻڪ دَٻي ۾ ٺڪريون، جيئن چيائون، تيئن چئي ويو. ڪورٽيز کي ڪهڙي خبر ته انڊين جو سردار حاڪم نه هوندو آهي. مونٽيزوما کي چيو ويو ته هو پنهنجن ماڻهن کي به سندن وفادار بڻائي.
ان وچ ۾ آزٽيڪ ماڻهن مونٽيزوما کي ڪانئر سمجھي ان جي ڀاءُ کي سردار چونڊي ورتو ۽ ”مهمانن“ تي راتاهو هنيو. اسپينين وٽ بندوقون ۽ توبون، جڏهن ته آزٽيڪن وٽ پٿر جا نيزا، ڀالا، چاقو ۽ تير ڪمان. پوءِ به نقصان گھڻو ٿيو. مونٽيزوما وسيلي ڳالهه ٻول جي ڪوشش ڪئي وئي. هُو تقرير ڪرڻ بيٺو ته غدار ۽ ڪانئر مونٽيزوما تي تيرن جو وسڪارو ڪيو ويو. ڪورٽيز ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ڀڄي نڪتو. اڌ ماڻهو مارجي ويس. اڳتي وڃي، وري موٽ کاڌائين ۽ نيٺ آزٽيڪ ماڻهن کي غلام بڻائي ورتائين. لوهه ۽ جاگيرداري دور جي ماڻهن پٿر جي دور جي ماڻهن کي هارائي وڌو.
14. فلپائين ملڪ جي مندانو نالي ٻيٽن ۾ گھاٽن ٻيلن ۽ ڏکين جبلن ۾ لڪل هڪ سؤ ماڻهن جو هڪ ٽولو 1961ع ۾ اتفاقن لڀي پيو. هن قبيلي جو نالو تاسادي آهي، عام طرح ماڻهو اگھاڙا رهن ٿا ۽ رڳو پنهنجي ستُر جو ڍڪ پنن وسيلي ڍڪين ٿا. اهي 50 فٽ ويڪري ۽ 3 فٽ ڊگھي هڪ غار ۾ رهن ٿا. هنن وٽ پٿر جي مترڪن ۽ بانس جي لٺين کان سواءِ ڪو به ٻيو هٿيار ڪونهي. ڪاٺيءَ جا ٽڪرا رهڙي باهه پيدا ڪن ٿا. بانس جون مکڙيون ۽ ناريل جو ميوو ۽ ننڍيون ننڍيون مڇيون، ڏيڏر ۽ گانگٽ (جيڪي هٿ سان پڪڙن ٿا) سندن کاڄ آهن. جانور باهه تي ڀُڃي کائن ٿا، ڍور ڍڳا پالن ڪو نه ۽ نه ئي ٻني ٻارو ڄاڻن. هنن جي ٻوليءَ ۾ دشمن، جنگ، قتل ۽ برائيءَ لاءِ ڪو به لفظ آهي ئي ڪو نه. سندن ڪو به مذهب ڪونهي. وٽن هڪ بربط جھڙو باجو آهي جنهن کي ’ڪوبنگ‘ چون. سڀ هڪ غار ۾ گڏجي رهن ٿا پر ننڍيون ننڍيون ٽوليون ٺاهي ويهن. هر ٽولي ۾ ماءُ پيءُ ۽ ننڍا ٻار هوندا آهن. گڏجي کاڌو هٿ ڪن ۽ وراهي کائن. وٽن ڪو به سردار ڪونهي ۽ ڪو به فيصلو ڪرڻ وقت هر هڪ کي برابريءَ جي بنياد تي راءِ ڏيڻ جو حق هوندو آهي.
15. ملايا جي جابلو ٻيلن ۾ ’سيمانگ‘ نالي هڪ پوئتي پيل قبيلو رهي ٿو. هر گھراڻو ويهن ٽيهن جي ٽولن ۾ هڪ ڌار جھوپڙيءَ ۾ رهي ٿو، تير ڪمان سندن هٿيار آهي، بيد جون ڪاٺيون رهڙي باهه پيدا ڪن، گلن، ميون، پاڙن ۽ پکين، نوريئڙن ۽ ڪوئن جو شڪار ڪري گذارو ڪن، ڪِن مُردن کي دفنائن، ته ڪِن کي ٽَڪريءَ تي ڦٽو ڪن.
16. آمريڪا ۾ ’پٖييُوت‘ نالي هڪ قبيلو گڏجي رهي، گڏجي شڪار ڪري ۽ ونڊي وراهي کائي ٿو. ]هي ماڻهو[ خيمن ۾ رهن ٿا. شڪار ۾ سڀ صحتمند ماڻهو شريڪ ٿين. سوڀ کان پوءِ عورتون، ٻار ۽ وڏا گڏجي گيت ڳائن. شڪار وقت عورتون مٿي تي هرڻ جي کل پائي جانورن جهڙا آواز ڪڍن.
17. ڪيليفورنيا (امريڪا) ۾ ’يوڪوت‘ نالي هڪ ٻيو قبيلو آهي. هڪ وڏي گھر ۾ ڏهه ٻارهن ڪٽنب گڏجي رهن. شادي ڪري مردُ عورت جي گھر وڃي. ويهه هزار کن ماڻهو ٿيندا.
18. امريڪا ۽ ڪئناڊا جي سرحد تي ’بليڪ فُٽ‘ نالي قبيلو رهي ٿو. شڪار تي گذرو ڪن ٿا. سندن ڪو به سردار ڪونهي، پر عام طرح وڌيڪ سگھاري ۽ سياڻي ماڻهوءَ جي ڳالهه مڃي وڃي ٿي. گڏجي جھنگلي مينهن جو شڪار ڪن. ماهر شڪاري جھنگلي مينهن جي کل اوڍي ڌڻ ۾ گھڙي ويندو ۽ هوري هوري رڙهي، شڪار جي تاڪ ۾ ويٺل شڪارين وٽ ڌڻ گھلي ايندو. اڪيلي سر شڪار ڏوهه آهي. کل مان پوشاڪ، جوتا، ٿيلهيون ۽ رَسيون ٺاهن. خيمن ۾ رهن ۽ خيمو عورت جي ملڪيت هوندو آهي جيڪو سڄو قبيلو گڏجي ٺاهي کيس ڏاج ۾ ڏيندو آهي. گوشت ڀُڃي کائن.
19. ڪولمبيا ۾ ماڇين جو هڪ قبيلو ’نُوتڪا‘ نديءَ ڪناري آباد آهي. مختلف ڪٽنبن جا سؤ کن ماڻهو هڪ وڏي جهوپڙيءَ ۾ رهن. جھوپڙي گڏجي ٺاهن. مڇيءَ جو شڪار هر گھراڻي ۾ برابريءَ جي بنياد تي ورهايو وڃي ٿو.
20. سوشلسٽ انقلاب کان اڳ روس جي سائبيريا علائقي ۾ ’يوڪاگِهير‘ نالي هڪ قبيلو هو. ٻارهن سڱن ۽ مڇين جي شڪار تي گذارو ڪندا هئا. سڀ کان وڌيڪ پوڙهي جي زال شڪار ورهائيندي، جيڪا هر گھر جو خيال رکندي. خيمي ۾ رهن. ڄار ۽ ٻيڙيون سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت هئن. نجي ملڪيت ۾ پوشاڪ ۽ شڪاري اوزار هئن.
21. نائجيريا رياست ۾ ٻه قبيلا ’يورُوپا‘ ۽ ’بولوڪي‘ رهن ٿا. ويهنِ لکن ويجھو آدمشماري اٿن، شڪار ڪن، جانور پالن ۽ ٻني ٻارو کيڙن. زمين سڄي قبيلي جي ملڪيت آهي، جا وڪڻي يا خريد ڪري نه ٿي سگھجي. ٻني ٻارو عورتون ڪن ۽ ٿانوَ به اهي ئي ٺاهن. شڪار ڪرڻ ۽ جانورن پالڻ مَردن جو ڪم آهي. سندن قبيلي جو سردار ’الورفين‘ سڏجي ٿو جيڪو جيڪڏهن بيمار ٿي پوي ته آپگھات ڪري ۽ جيڪڏهن سردار کي لاهڻو هوندو آهي ته قبيلي جا ماڻهو گڏجي ان خلاف ڌڪار ڀريل گيت ڳائيندا، تان جو هو پاڻ ڇتو ٿي آپگھات ڪري يا ڳوٺ ڇڏي ڀڄي وڃي.
22. اتر ڪئناڊا کان فِن لينڊ تائين واري ٿڌي برفيلي پٽي ۾ اسڪيمو رهن ٿا. انهن جو سيل مڇيءَ ۽ برفاني رڇ جي شڪار تي گذر آهي. باهه ٻارڻ اچين، پر گوشت ڪَچو کائين. کل جي پوشاڪ پهرن ۽ کل جا ئي خيما ٺاهن، پر گھڻو ڪري برف اندر کوٽيل گھرن ۾ رهن. ڪتو ۽ ٻارهن سِڱو پاليندا آهن. برف-گاڏيون، جيڪي چَم جون ٺهيل ۽ بنا ڦيٿي هونديون آهن، ڪتن وسيلي برف تي گهلين. ننڍن ٽولن ۾ رهن. سندن ڪو به سردار ڪونهي، پر سياڻن سيبتن ماڻهن جو چوڻ مڃين. شڪار جا اوزار، خيما، ڪتا، ٻارهن سڱا، گاڏيون ۽ ٻيڙيون سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت آهن، جڏهن ته پوشاڪ وغيره نجي ملڪيت سمجھي وڃي ٿي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻي سان سهڪار نه ڪري ته ان کي ڏوهاري سمجھن. وٽن لوڀ لالچ ۽ خود غرضيءَ کي عيب سمجھيو وڃي ٿو.
23. بلوچستان جي مَري بلوچن ۾، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به قديم راڄوڻي سماج جا اثر چٽا هئا. پهريائين لاڏائو هئا، پر پوءِ ڳوٺ ٺاهي رهيا. جانور پالڻ ۽ ٻني ٻارو ڪرڻ ڄاڻن ٿا. قبيلي جي هر ماڻهوءَ کي چراگاهن، کوهن ۽ چشمن تي هڪ جيترو حق آهي ۽ ڪجهه علائقن ۾ زمين سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت آهي، پر جتي ايئن ناهي اتي هر مَرد (ٻار، جوان، ٻُڍو) لاءِ هر پندرهين سال ورهاست ڪري برابر حصو رکيو ويندو هو. هر ڍيري (هلڪ) ۾ ڏهه ٻارهن خيما ٿين جن مان هڪ ’اوطاق‘ مهمانن لاءِ خاص رکيل هوندي آهي. ويندي فصلن ۽ جانورن جي وڪري مان ملندڙ ڏوڪڙ به برابر ڪري ورهايا ويندا هئا. هر ڍيري جو هر هڪ سردار ٿئي ٿو (1966ع تائين اها صورتحال برقرار رهي).

نوٽس :
نئون پٿر جو دور: سنڌ ۾ 5-لک سالن کان ماڻهوءَ جي رهڻ جا آثار مليا آهن.
- مهر ڳڙهه جا آثار (سبيءَ جي ڏکڻ پاسي بولا ٽڪرين ۾). ڪيتريون ئي وَسنديون. (6000 ق م - 2300 ق م، اٺ هزار سال آڳاٽا آثار) ــــــ ان تهذيب ئي موهن جي دڙي واري تهذيب کي جنم ڏنو. شڪاري دَور. چوپايا پالڻ. پوک.
- 6000 ق م سال اڳ: چوپائي پالڻ (ڍڳا، ڍڳيون، رڍون ۽ ٻڪريون نه) جي شروعات، گھرو جانور. مُئلن کي ويٺل ۽ ستل حالت ۾ دفنائڻ. زيور ـــــــ هارَ، پازيب (پيڪڙا)، ڪمرِپَٽا ۽ هڏين، ڪوڏن، پٿرن (فيروزن ۽ لاجوردن) جا مڻڪا.
پٿر جا ٽي مختلف دور:
(1) وچون دور (5-لک 35-هزار ق م اڳ)،
(2) نئون دور (35-هزار ـــ 10-هزار ق م اڳ)، ۽
(3) باريڪ پٿر جو دور (10-هزار ـــ ساڍا پنج هزار ق م اڳ).
- 4000 ق م اڳ: ڪنڀارڪو چڪ، آوي، ٿانوَ، پکين جون شڪليون، جاميٽري شڪليون. ڪماني برمي سان فيروزي، عقيق ۽ لاجورد جي گھاڙ (چُنهون دڙي مان ڪماني برمو مليو آهي). ڪڻڪ ۽ جوَن جي ڪيترين ئي جنسن جي پوک. چوپاين (ڍڳن، ڍڳين، ٻڪرين ۽ رڍن) جي پالنا.
- 3500 ق م اڳ: ٿانون تي رڳو جاميٽري شڪليون ۽ رنگ برنگي نمونا.
- 3000 ق م اڳ: انگورن جي پوک. ڪنڀارڪو کورو. ٿانوَ مختلف دورن جا.
پٿر جي نئين دور جي آثارن جو سلسلو ته مهرڳڙهه کان وٺي بولان (سنڌو) نديءَ جي شاخن سان گڏ سنڌ جي هيٺائين ميدان (ڳڙهي خيرو، شهدادڪوٽ، حمل ڍنڍ ۽ گاج نديءَ) کان منڇر تائين ويَل ٿو ڏسجي، جتان وري کيرٿر جبل جي هيٺين حصي يا دادو ضلعي جي ڪوهستان ۽ ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعن ڏانهن وڌيو هوندو، جتي اوائلي سنڌو سڀيتا جا بهترين اهڃاڻ ملن ٿا: واهي پانڌي، علي مراد، گورانڊي، غازي شاهه، ڊمب بُٺي، ارباب جو ٿاڻو، شاهه جو ڪوٺڙيو، عثمان بُٺي، ڏَسو، جھانگري، گھارو ٻيڙو، ڪرچاٽ، تؤنگ، ڍل، ڳوٺ حسن علي، نل بزار ۽ اورنگي بستيون ڪجھ مثال آهن.
مهرڳڙهه کان ئي ڪلٖي گل محمد ۽ ڊمب سعادت (ڪوئٽا جي ويجھو)، راڻو گورانڊي (لورالائي)، منڊيگاگ (افغانستان) ۽ مڪران جي نل ۽ ڪيچ دريائن سان گڏ ڪيترين ئي وَسندين تائين پکڙيو.
ڪلي گل محمد، ڪوٽ ڏيجي، اوڀر پنجاب، ڪچ، گجرات، بيڪانير وغيره جي آثارن جي ڳُوڙهي اڀياس ۽ چٽاڀيٽيءَ کان پوءِ سنڌ جي الهندين ٽڪرين، ڪوٽ ڏيجي، اوڀر پنجاب جي ڪن آثارن (جيڪي اولهه پنجاب لڳ آهن) کي ”اوائلي سنڌو سڀيتا“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن کي مهرڳڙهه جي سنڌو سڀيتا جنم ڏنو. اوائلي سنڌو سڀيتا جي تاريخوار ترتيب هيئن بيٺل آهي: منڊگڪ (4300 ق م)، ڪلٖي گل محمد (4200 ق م)، ڪوهستان جا آثار ۽ آمري (3700-3500 ق م)، ڪوٽ ڏيجي (2300-1800 ق م)، وغيره.
- مهرڳڙهه جي ستين دور (3000 ق م) ۽ اوائلي سنڌو سڀيتا جي ٺڪر جي ٿانون ۾ هڪ جھڙائي آهي.
- مهرڳڙهه ۾ 3000 ق م ۾ ٺاهيل ننڍن بوتن (جيڪي 5000-4000 ق م ۾ ٺاهيل بوتن سان ملندڙ آهن) ۽ اوائلي سنڌو سڀيتا جي زنانن بوتن (زوب ماتا ديوي) ۾ هڪ جھڙائي آهي. وڌيڪ واڌاريل سڀيا ۾ انهن ماتا ديوي جي صورت ورتي.
- مهرڳڙهه جي 3500 ق م وارن ٿانوَن ۽ واڌاريل سنڌو سڀيتا (2300 ق م کان پوءِ) ٺڪر جي ٿانون ۾ هڪ جھڙائي آهي جن تي جانورن، پکين ۽ وڻن جي شڪلين بدران رنگ برنگي جاميٽري شڪليون ٺهيل هيون.
انهن آثارن جي بنياد تي سنڌو سڀيتا جِي، پٿر جي وچين دور کان نئين دور ۾ ۽ اڳتي، هن طرح اوسر ٿي:
(الف) جدا جدا شڪلين وارا ۽ مختلف قسم جي پٿرن (خاص طرح فلنٽ) مان ڪاتيون، تير ۽ ڏاٽا ٺاهيا ويندا هئا ۽ سانبر جي سڱن کي هٿيار طور ڪتب آڻبو هو. پيالي يا کرل جھڙي اکريءَ ۾ پٿر جي لسي منهن واري مُهري سان اناج پيٺيو ويندو هو. ٻني ٻاري، پوک ۽ اناج جي پيداوار سبب زندگي گھڻي ڀاڱي ڳوٺاڻي هئي ۽ ڳوٺ مستقل هئا، پر ڪي ڳوٺ اهڙا به هئا جيڪي رڳو خاص موسمن ۾ آباد ٿيندا هئا ۽ اتي رڳو جانور پاليا ويندا هئا. چِيڪي مٽيءَ جي سِرن يا پٿرن کي چيڪي مٽيءَ جي گاري جي اوساري ڏئي رهڻ لاءِ گھر جوڙيا ويندا هئا جن جون ڇتيون پکن ٽوئن جون هونديون هيون. ڪانن ۽ سَرن مان تڏا، تؤنريون اهڙيءَ طرح ٺاهيندا هئا جيئن اڄ ڪلهه سنڌ جي جابلو علائقي، خاص طرح جوهي تعلقي ۾ ٺاهيندا آهن.
(ب) ماڻهن ٽامي کي رجائڻ، گھاڙڻ ۽ اوزارن ۽ هٿيارن جون شڪليون ڏيڻ شروع ڪيون. چاقن، ڀالن ۽ نيزن جا ڦر ٽامي مان ٺهڻ لڳا. ٻي درجي جي پوک وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ ڦر ۽ ڪوهستان ۾ ڪيترا ئي مستقل ڳوٺ پئجي ويا. ريڍارڪو ڌنڌو گھڻو گھٽجي ويو، پر پوءِ به ڌنارن ۽ ريڍارن جون موسمي وسنديون هيون. ٺڪر جي ٿانون تي جانورن، مڇين، وڻن، ٻوٽن وغيره جا چِٽَ چٽيا ويندا هئا ۽ جاميٽري شڪليون ٺاهيندا هئا. گھر هڪ ٻي کان ٿورو وٿيرڪا هئا ۽ ڪيترن ئي پڪن گھرن جي بنياد ۾ ۽ ڪِن جي ته اوساريءَ ۾ به پٿر ڪتب آيل آهي. ڪنڀارڪي ڪم وڌيڪ ترقي ڪئي. کانڀاڻين سان اڇلائڻ لاءِ مٽيءَ جا ڳوڙها (گليلا) ٺاهيا ويندا هئا. مئلن کي ڪرونڊڙو دفن ڪندا هئا.
آمري کان ڪوٽ ڏيجي تائين ايئن ترقي ٿي (3700 ق م ـــ 2800 ق م).
(ٻ) سنڌو سڀيتا جو ٽيون دور ڪوٽ ڏيجي کان موهن جو دڙو (2800 کان 2300 ق م) آهي.
ٽامي ۽ پٿر جي اوزارن ۾ وڌيڪ سڌارو ٿيو. ڳن جي سوراخ واريون ٽامي جون ڪهاڙيون ٺهيون. ٺڪر جي ٿانون جو هنر توڙي ڍنگ، نموني جي لحاظ کان وڌيڪ پيچيدو ٿيو. انهن تي اڏامندڙ پکين، سندن پرن جو وڌيڪ تفصيل، نانگن بلائن، ٻوٽن جي پنن، ڍڳن، واسينگ نانگن، چرپر ڪندڙ مڇين ۽ جانورن جون شڪليون هونديون هيون. مهرڳڙهه ۽ آمريءَ جي ڀيٽ ۾ عورتن جي زيوَرن تي وڌيڪ سنهو ۽ نفيس ڪم ڪيل آهي. گھرن ٺاهڻ لاءِ گرڊ سسٽم هوندو هو. آمريءَ کان سنڌوءَ ڪناري ڪچي ۾ لڏپلاڻ وڌي وئي جتي فصل وڌيڪ اُچو ٿيندو هو. آبپاشي (پيڄاري) جو ابتدائي سرشتو ٺاهيو ويو. ماڻهوءَ ۽ چوپائي مال جا پڪل مٽيءَ وارا ننڍا بوتا عام جام ٺهڻ لڳا. ڳوٺ وڏا ٿي ويا. گھر گھر ۾ تندور (چلهو) هو. ٻوڏ جي پاڻيءَ تي پوک ڪرڻ لاءِ ڏکڻ بلوچستان ۽ ڏکڻ-اولهه سنڌ ۾ گبر بند گھڻا ٺهڻ لڳا.
اُسريل ۽ واڌاريل سنڌو سڀيتا (2300 ـــ 1650 ق م):
سڌريل (اسريل ۽ واڌاريل) سنڌو سڀيتا جي ايراضيءَ ۾ اڄوڪو سڄو پاڪستان (سرحد صوبي جي جابلو علائقي ۽ آزاد ڪشمير کان سواءِ)، اوڀر پنجاب، اولهه يُو پِي (اتر پرديش)، هريانا، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ اتر مهاراشٽر (بمبئي کان 80 ميل اتر-اوڀر ۾ دائم آباد) ۽ افغانستان جو منڊي گاڪ (گومل دڙي جي رستي) شامل هئا. پراڻي زماني جي ايڏي وڏي ويڪري تهذيب تي مختلف شهري مرڪزن، جھڙوڪ ڪالي بنگن (اوڀر پنجاب)، هڙپا (اولهه پنجاب)، گنور والا (بهاولپور)، موهن جو دڙو (سنڌ) ۽ لوٿل (ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ اتر مهاراشٽر) مان حڪومت ڪئي ويندي هئي. گيد روسيا (ڏکڻ بلوچستان) شايد سنڌ جي حڪومت هيٺ هو.
2300 ـــ 2000 ق م ۾ آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي جا رهاڪو سڀيتا جي هڪ اوچي ڏاڪي تي پهتا. موهن جو دڙو، هڙپا، ڪالي بنگن (بيڪانير) ۽ لوٿل (گجرات) اهم ترين شهر هئا. هن سڀيتا جون اهم خوبيون هي هيون:
(الف) هاڻي اوزارن ۾ اڃا به سڌارو ۽ واڌارو ٿيو. ماڻهو ٽامي رجائڻ جي فن کان اڳتي وڌي ٽامي ۽ قلعِي جي ميلاپ سان وڌيڪ پختو ڌاتُو ــــــ ڪنجھو ــــــ ٺاهڻ لڳا. ڪنجھي جا ئي اهڙا نازڪ سانچا (قالب) مليا آهن جن وسيلي ڪنجھي جا ننڍا ننڍا نفيس بوتا ٺهيا پئي. ٽامي جون اجاريل آرسيون (آئينا، درسنيون) ٺهڻ لڳيون. وڌيڪ سڌريل قسم جون بيل گاڏيون (هاڻوڪين جھڙيون) ٺهيون. شهر وڏا ٿي ويا. رڳو موهن جي دڙي جي آدمشماري 35000 کان مٿي هئي. بائنيل ۽ ڏهائي سرشتي مطابق تور شروع ٿي. ڪاموراشاهي وجود ۾ اچي وئي هئي جنهن شهر تي حڪومت پئي ڪئي. ڳوٺاڻين ايراضين ۾ پوک-اُپت تي محصول (رائر، ڍل) رکيو ويو. زرعي اپت ۾ زبردست واڌ ٿي ۽ ان ڪري ئي شهرن ترقي ڪئي. اڳي جي ڀيٽ ۾ گھڻن قسمن جا ۽ وڌيڪ سڌريل ٺڪر جا ٿانوَ ٺهيا. بوتن ٺاهڻ جي فن ۾ زبردست مهارت ماڻي وئي (هڙپا ۾ مرداڻي جسم جي مٿين حصي جو جيڪو بوتو مليو آهي، ان جھڙا وَرَ يوناني بُت ساز اٽڪل 1800 سال پوءِ ٺاهي سگھيا). پڪل مٽيءَ جا بُت ۽ ماتا ديوي جي بوتي جا بهترين مهانڊا ۽ ور، ٺڪر جي ٿانون تي فن ۽ جاميٽري جا سهڻا نمونا، مهرن تي پيچيديون پر صحيح شڪليون ۽ خاڪا نظر اچڻ لڳا. ٻيڙن ۾ سڌارو آيو ۽ سنڌو درياءَ کان سمنڊ وسيلي مسوپوٽيما جي دجله نديءَ تائين سفر ٿيڻ لڳو. مُهرن تي انهن عقيدن ۽ آدرشن کي ظاهر ويو جيڪي 1600 سال پوءِ آرين اپنشدن جي مذهبي پستڪن جي صورت ۾ هندو مذهب ۾ شامل ٿيا. مئلن کي اوڪڙو بدران سنئون سمهاري دفن ڪيو ويندو هو. شهرن ۾ سرشتي بندي قائم ٿي ــــــ پاڻيءَ جي نيڪال جون ناليون، صفائيءَ جو بلو، اناج جا ڀانڊا، کليل ۽ ويڪريون گھٽيون، چؤديواريون، تلاءَ، پيڄارو (آبپاشي) سرشتو، پوکيءَ ۾ واڌارو، ڪڻڪ، جوَن، مٽرن ۽ ڪپهه جي پوک ۾ واڌ وغيره.
هن سڌريل سنڌو سڀيتا جو زوال 1800 ق م کان 1650 ق م جي وچ ڌاري ٿيو. ان جو سبب آريا ڪو نه هئا (جيئن اڳ ٻڌايو ويندو هو)، پر 2000 ق م کان پوءِ اوڀر پنجاب ۽ بهاولپور جي سرسوتي نديءَ ۾ پاڻي لهي ويو ۽ سنڌوءَ وهڪرو بدلايو جنهنڪري پيڄاري سرشتو تباهه ٿي ويو. ٿر، بلوچستان ۽ ڪوهستان ۾ مينهن ڇڊا پوڻ لڳا. قدرتي ماحول جي ڦيرڦار سنڌو سڀيتا کي تباهه ڪري ڇڏيو. هن وقت گجرات ۽ هڙپا ۾ تباهيءَ جا سبب ڄاتل ناهن.

***

ڪائنات ۽ مادي کي سمجھڻ جي ڪهاڻي

ڪائنات ۽ مادي کي سمجھڻ جي ڪهاڻي

اچو ته انهيءَ ڌنڌلي خاڪي تي هڪ نظر وجھون جنهن کي ماڻهو ڦولڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. ڪائنات جو جيڪو حصو اسين ڄاڻون ٿا، اهو لڳ ڀڳ 1010 روشني سال يا 2028 س م آهي. ماڻهو ڪائنات کان 1026 ڀيرا ننڍو آهي. ڌرتيءَ جي گولي جي وسعت به هن عجب ۾ وجھندڙ ڪشادگيءَ جو اندازو ڪرڻ ۾ پتڪڙي آهي، پر ماڻهو رڳو ان ڪري عظيم آهي جو هو انهيءَ کي ڄاڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ٻِي لا انتها ڏانهن ويندڙ رستو ڏِسو، جيڪو شروعاتي ذرڙن جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو. ننڍي کان ننڍو ڄاتل مفاصلو 10-14 س م آهي. ان جو وڏي مفاصلي کان فرق 1042 ٿيو. اڄوڪي ڄاڻ جون اهي حدون، رستي جا ماپيل ٽڪرا 1042، ايڏو وڏو نمبر آهي، جو ان جي قوت جو تصور ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
مثال طور، سمجهو ته ماڻهن جو تعداد ايترو وڌي ويو آهي جيترو 1042. اهي ماڻهو جيڪڏهن ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهن ته ڌرتيءَ تي بيهڻ لاءِ 1015 ماڻهو گھربا. ڄاتل ڪائنات ۾ لڳ ڀڳ 1023 تارا آهن. اهو سمجھندي ته هر هڪ تاري سان 10 گِرهه لاڳاپيل آهن، ته گرهن جو تعداد ٿيندو 1024. چڱو، هاڻي جيڪڏهن انهن سڀني تي به ماڻهو ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهن ته وڌ ۾ وڌ 1039 ماڻهو بيهاري سگھنداسون جيڪو 1042 کان گھڻو ننڍو آهي.
وقت جو خيال ڪيو. ماڻهوءَ جي اندازاً عمر 70 سال آهي. تهذيب ڪيترائي هزار سال پراڻي آهي.
ننڍي کان ننڍو ڄاتل مفاصلو 10-14 س م آهي. اهو مفاصلو روشني 10-24 سيڪنڊن ۾ ڪري ٿي ۽ اهو ننڍي ۾ ننڍو وقت آهي ۽ ايترو ننڍو آهي جو اسان جا هن وقت تائين ٺاهيل اوزار ڏيکاري نه ٿا سگھن. وڏي ۾ وڏو وقت، جيڪو ڄاڻون ٿا، اهو آهي ”ڪائنات جي عمر“، جنهن مان مراد اها آهي ته جڏهن کان ڪائنات پاڻ کي ڪشادو پئي ڪري. ان جي باري ۾ اندازو آهي ته 100000 لک سالن کان 300000 لک سال ٿيندو يعني لڳ ڀڳ 1018 سيڪنڊ. انهن انگن جو جوڙ به اتفاق سان 1042 ٿئي ٿو. ماڻهو لڳ ڀڳ 108 سيڪنڊ رهيو آهي ۽ ان کي ايڏي وڏي مفاصلي سان منهن ڏيڻو پيو آهي. وقت ۽ مفاصلي ۾ اهڙي هڪجھڙائي ڪا يقيني ناهي، ڇو ته انتهائي پراهان ڪائناتي جسم لڳ ڀڳ روشنيءَ جي رفتار سان ڊوڙن پيا. اها رفتار ذرڙن جي دنيا ۾ پڻ موجود آهي. اهڙي رفتار جي ڄاڻ عام ماڻهو نه ٿو رکي سگھي. اها رڳو انساني ذهانت آهي جيڪا ان کي وڃي پهتي آهي.
خلا ۽ وقت جا اهي رُخ آهن. باقي بچي ٿو مادو، اهو وقت سان تبديل ٿئي ٿو ۽ خلا ۾ چرپر ڪري ٿو. مادي جا ڪيترائي روپ آهن ۽ انهن جا لقاءَ لامحدود آهن، پر سڄي مادي جي هڪ پيشڪش مايو (ماس، mass) آهي.
اچو ته سڄيءَ ڄاتل ڪائنات جي مايي جو اندازو ڪيون. ان ۾ 1023 تارا آهن. هڪ تاري جو مايو لڳ ڀڳ 1035 گرام آهي. مطلب ٿيو ته ڪائنات جو مايو لڳ ڀڳ 1058 گرام آهي. هر گرام ۾ لڳ ڀڳ 1024 پروٽان آهن. ٿلهي ليکي ڄاتل ڪائنات ۾ 1082 پروٽان ٿيندا. هڪ ماڻهوءَ جو ٿلهي ليکي مايو 105 گرام آهي ۽ ان جا پروٽان ٿيا 1029. پر، هن جو ذهن، بهرحال، 1082 نمبر جو گھيرو ڪري سگھڻ ۽ ڪائنات جو ”مايو“ ڪري سگھڻ لائق آهي.
جڏهن اسان ڪائنات جي حدن جو ذڪر ڪيون ٿا، تڏهن حقيقي مراد ٿيندي اسان جي ڄاڻ جون حدون.
پوئتي نظر
قدماء جا فلسفياڻه نظريا ڪهڙا هئا؟
اسڪندريا جي لائبريريُن ۾ هزارين ڪتاب باهه کائي وئي. پرگامن جي لائبريريءَ ۾ 200000 جلد ساڳيءَ باهه جو بَک ٿيا. وري، يروشلم جي قبي جي لائبريريءَ سان به ايئن ٿيو. آخر ۾، يونان ۾ پسسٽراٿس جي ميمڦس ۾ ٿاهه قبي جي لائبريري.
اسان وٽ ٽٽل ڦٽل وساريل ڄاڻ جا ٽڪرا ئي مس پهتا آهن. ميڪسيڪو تي ڪاهه ۾ بشپ لانڊا؛ مايا تهذيب جا سمورا دفتر ساڙائي خاڪ ڪيا. اسان جو ماضي بعيد ڄڻڪ هڪ اڇو چٺو آهي جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪي بي ترتيب ليڪا پيل آهن. خشڪ بجلي سيلَ، حقيقت آهي ته، حضرت عيسى کان سوين سال اڳ ٺاهيا ويا ۽ نِڪل جا سڪا 235 ق م کڙڪندا هئا. قديم بغداد جي سيسپُولس (cesspools) ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل سيلَ ڌاتو ۽ رَيزن سان ٺهيل آهن ۽ هڪ انجنيئر اتفاقن ڳولي لڌا، ۽ ميوزم ۾ رکيا آهن. وچ آمريڪا جي وڏي علائقي ۾ پکڙيل ميموٿ (mammoth)، پٿريلا گول، صاف لوهه (فولاد) جو ٿنڀو انڊيا ۾ ۽ قديم انڊيا جي يادگارن جي باري ۾ چوڻ آهي ته هئڊروجن ايٽم جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل هئي.
قديم يادگارن ۾ اهو ڏکيو ڪم آهي ته سائنسي خيالن ۽ ڪاري جادو، فلسفي ۽ شاعريءَ، فلڪي علم (cosmology) ۽ ديو مالائي (ڏندڪٿائي، mythology) جي وچ ۾ فرق ڪري سگھجي. پراڻيون بابلي تختيون (epos)، The Ancient book of Zohar، هندستاني رامائڻ ۽ مهاڀارت وغيره ڪو ٺوس قاعدو ڪو نه ٿيون ڏين، پر اها ڏندڪٿائي ڄاڻ ٿيون ڏين جنهن ۾ سائنسي ۽ فني خيال ڌار ڪري سگھڻ جوڳا نه آهن. پراڻن ڪتابن ۾ ٽن ترندڙ وهيل مڇين جي پُٺن تي ۽ وڏي ڪڇونءَ جي پُٺيءَ تي بيٺل ٽن هاٿين جي پٺن تي بيٺل ڌرتي ڏيکاريل آهي. انهيءَ مان سندن حقيقي خيالن جو اندازو ڪري سگھڻ ڏکيو آهي، ڇو ته سڀ ڪجھ علامتي انداز ۾ آهي. اهو به غلط ٿيندو ته ڏندڪٿائن کي سندن فلسفو سڏجي، پر ديو مالا کي ڪو پيش ڪيل حقيقت (فلسفي) کان ڌار به نه ٿو ڪري سگھي. انهيءَ ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته راما ۽ ڪرشنا، مدروڪ ۽ اوزيرس، سيٽرن ۽ ڪرونوسس ۾ خلا، وقت ۽ شروعاتي عنصرن جي علامتي پيشڪش موجود آهي، جن جي باري ۾ خيال هو ته حقيقي شين جو جوهر آهن. انهن سائنس، فلسفو وغيره اسان واري مفهوم ۾ ڪو نه پئي ڄاتو، پر اها به حقيقت آهي ته هنن بياني سائنس جو ٻج پوکيو.
پراڻن تي بحث کان وڌيڪ سٺو آهي ته ديو مالا کان ٽپي انهن ڏي هلون جن ڪائنات جي شروعاتي جوهر سان واسطيدار خيال ڏنا آهن.
ماڻهن جي ڄاڻ طرف واڌ ڏاڍين ڏکيائين ۽ رڪاوٽن سان ڀريل آهي. نه ڄاڻ هنن کي ڪيتريون هٿوراڙيون هڻڻيون پيون، ڪيترو ڀٽڪڻو پيو. نفرت، ڌڪار، بندشون وغيره اڃا ڌار هيون.
ڪائنات جوڙيندڙ ابتدائي مادي جي ڄاڻ قديم مشرق ۾ ملي ٿي. قديم هندستاني ويشيسڪا اسڪول موجب، هر شيءِ ننڍڙن مادي ذرڙن جي ٺهيل آهي. چين ۾، مصر جيان، ڪاري جادوءَ کان وهم تائين دنيا متعلق ٺوس مذهبي تصورن جو گھيرو موجود آهي. قديم چيني تعليمن ۾ ٻن اصولن، يانگ ۽ يِن جي پاڻ ۾ عمل تي ٻڌل آهي ـــــ دنيا انهن تضادن جي ٻڌيءَ تي منحصر آهي. يانگ مذڪر طرف اشارو ڪري ٿو ۽ يِن مؤنث اصول طرف. يانگ جو واسطو آسمان، سج، سموري فعال سرگرميءَ ۽ مثبت خاصيتن سان هو ۽ يِن جو ڌرتيءَ، اوندهه، سمورين مفعول سرگرمين ۽ منفي خاصيتن سان هو.
ڪجھ ٻئي قسم جي تهذيب جو واسطو آمريڪي کنڊ سان آهي. مايا تهذيب جي فلڪي ڄاڻ، جنهن جو ڪو مد مقابل ڪونهي. هنن پنهنجو پاڻ کي وقت سان ايترو ته ڳانڍاپيل رکيو جو هو پنهنجو سڀ ڪجھ ڪئلينڊر موجب ڪندا هئا. ٻاون جي خاص خصوصيت ستارن جو علم ۽ انهن جي چرپر جو جائزو وٺندو رهڻ هو. هنن جي تاريخ، مذهب ۽ فلسفو به ڪئلينڊر سان ڳنڍيل هو. هنن چنڊ جي مهيني ۽ گرم ۽ سرد (synodic) سالن جو ڪاٿو ڪيو.
اڳوڻي فلسفي ۾ جدلياتي ماديت جا عنصر موجود آهن، پر اهو صفا سادو نه هو. اڳتي هلي يوناني فلسفين ان ۾ گھڻا ئي قابل قدر واڌارا ڪيا. هنن مختلف لقائن تي قدرتي قانونن جي حڪمرانيءَ جو جائزو ورتو ۽ سائنس تڏهن ئي جنم ورتو جڏهن ماڻهوءَ قدرت جو، قدرتي اصولن موجب، جائزو وٺي پنهنجي تجربن جي روشنيءَ ۾ ڇنڊيو ڇاڻيو.
ٿيلس (Thales, 640-550 BC) مِليٽس (Miletus) جو رهاڪو هو. هن کي قديم يونان جي ستن ”ڏاهن“ ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. آخري عمر ۾ هو مصر ويو ۽ اتي جي ٻاون، پادرين کان قدرت جا راز سکڻ جو ڪوشش ڪيائين. هو ڪڏهن به سک سان نه سمهيو ۽ لاڳيتو ڳولا ڪندو رهيو. دنيا جي تبديليءَ ۽ مختلف روپن هن کي بنيادي اصولن ڳولڻ تي آماده ڪيو. تاريخ ۾ سندس هڪ فقرو محفوظ رهجي ويو آهي ته ”پاڻي شين جي اصول يا عنصر آهي. سمورين شين پاڻيءَ مان جنم ورتو آهي ۽ پاڻيءَ طرف ئي موٽنديون.“
ٿيلس کي ئي اهو اعزاز ڏنو ويندو آهي ته هن کي چقمق جي پراسرار قوت ۽ بجليءَ ڀري امبر (amber) جي هلڪي شين کي ڪشش جي چڱيءَ پَرِ ڄاڻ هئي. هن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هنَ چنڊ جي قد بت، ڌرتيءَ جي گول هئڻ، ecliptic جي کوجنا ۽ آسمان جي پنجن گولن (orbs) ۾ ورهايل هئڻ جا تصور به ڏنا.
نه رڳو ٿيلس جا قول ۽ ڪم موجود نه آهن، پر اهو به آهي ته هن کي ڪي سيکاريندڙ به هوندا، پر مواد موجود ڪونهي.
ٿيلس کان پوءِ آيونين اسڪول جي اڳواڻي انيگزاماندر (Anaximander, 610-547 BC) ڪئي. هو پڻ مليٽس جو رهاڪو هو. هن جي تعليم وڌيڪ ڳتيل ۽ ڀريل آهي.
انيگزاماندر جو خيال هو ته هر شيءِ جو بڻ بنياد اڻ ڄاتل ۽ دائمي، ابتدائي مايو (ماس) هو، جنهن مان ابتدائي ابتڙون گرمي ۽ سردي، خشڪي ۽ آلاڻ ڌار ٿيون. ابتدائي مادي جو خيال عجب ۾ وجھندڙ آهي. اهڙي زماني ۾ سڀني شين جي بنياد طور گھڻ طرفي اصول جي سوچ لاءِ ڪهڙي سائنسي توجيهه! انيگزاماندر جي تشريح ڪو ”پاڳل پڻو“ نه هو، پر ان زماني ۾ گرم ۽ سرد، ٻه قطعي ابتڙون تصور ڪيون وينديون هيون.
ٿيلس جو ٻيو پوئلڳ اناگزيمينيز (Anaximenes) چالُو اصطلاح استعمال ڪندي، مادي جي بناوت جو نظريو قوت واري اصول جي صورت ۾ ڏنو. سندس خيال هو ته هوا ابتدائي مادو (substance) آهي. جيڪو ڪجھ وجود رکي ٿو ان جو وسيلو هوا ئي آهي. جڏهن هوا ڳتجي ٿي ته پاڻي ٺهي ٿو ۽ پاڻي ڳتجِي مٽي ٿئي ٿو. جڏهن اها پکڙجي ٿي ته باهه بڻجي وڃي ٿي. سموريون زنده شيون هوا جي تخليق آهن ۽ فنا ٿي هوا بڻجي وڃن ٿيون.
اڳوڻن جي تعليم ڏاڍي عام (ڪشادي) هوندي هئي ۽ گھڻن معاملن تي ٺهڪندي هئي. اناگزيمينيز جي تصور ۾ هروڀرو اهو ڪونهي ته ڪو هن گئس جي پاڻياٺ ٿيڻ جو اصول ڳولي ورتو هو.
آيونين اسڪول جي تعليمن جو بنياد اڪيلي ابتدائي مادي جي تصور تي بيٺل آهي جنهن مان سڄي نظر ايندڙ دنيا پيدا ٿي.
پٿاگورس (Pythagoras, 582-500 BC) ساموز (Samos) جو رهاڪو هو. هن جي باري ۾ خيال آهي ته هو ٿيلس يا اناگزيميندر جو پوئلڳ هو. ڪجھ به هجي، پر هو انهن ٻنهي کان واقف هو. هو مصر ۾ اچي رهيو ۽ چيو وڃي ٿو ته بابل ۾ به آيو. مصرِي ۽ ڪاليدين (اڪاليدين) ٻاون سان ڊگهي عرصي تائين گڏ رهڻ کان پوءِ پنهنجي وطن موٽيو ۽ ڪروٽون (Croton) ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اتي هن هڪ تعليمي ادارو (اسڪول) قائم ڪيو ۽ هڪ ڳجِهي (لڪل) فلسفياڻي-سياسي برادريءَ يا تنظيم جو بنياد رکيائين. جنهن کي به ان برادريءَ ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش هوندي هئي، ان کي ڪَڙن امتحانن مان گذرڻو پوندو هو. درخواست ڏيندڙ کي پنهنجي لياقت ثابت ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي، يگانو ٿي، پنج سال خاموشي اختيار ڪرڻي پوندي هئي. ان ڪري نوجوانن لاءِ هن تنظيم ۾ ڪشش گھٽ هئي. جلد ئي پٿاگورس جي تنظيم جو اثر ڪروٽون ۽ ٻين علائقن تي پئجي ويو ۽ اهو به غير فطري ناهي ته ان جي ڪري بيچيني ۽ دشمني وڌِي. ادارو تباهه ڪيو ويو ۽ پٿاگورس کي قتل ڪيو ويو.
پٿاگورس جي باري ۾ مهيا ڄاڻ مان اها خبر پوي ٿي ته هن جو خاص خيال ابتدائي مادي تي نه، پر عدد ۽ ماپ تي هو. ارسطوءَ جي خيال موجب پٿاگورس بنيادي عنصرن بدران عددن ۾ شين جو اصل ڳوليندو هو. هن ابتڙن (سٺو ۽ خراب، محدود ۽ لامحدود وغيره) جو تصور پڻ عددن جي بنياد تي ئي ڏنو.
پٿاگورس جي هڪ شاگرد ڦلولاس (Philolaus, 470-399 BC) جا ڪجھ ٽـڙيل پکڙيل بيان مليا آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته اهي پٿاگورسي ئي هئا جن ڌرتيءَ جي گول هجڻ جو نظريو پهريائين ڏنو. ڌرتيءَ کي هو مڪمل صورت سمجھندا هئا. هو باهه کي سڀ کان وڌيڪ صاف مادو (substance) سمجھندا هئا جنهن کان مناسب مفاصلن تي ضد-زمين، چنڊ، سج، عطارد، زهره، مشتري، زحل ۽ ڄميل ستارا گھمندا هئا. ضد-زمين ۽ مرڪزي باهه اسين ڏسي نه ٿا سگھون، پر سج ۽ چنڊ اها باهه موٽائن ٿا. هنن ضد-زمين جو تصور ان ڪري ٺاهيو ته جيئن عدد ۽ ٻڙي وڌائي ڏهه عدد ٺاهي سگھن.
قديم يوناني فلسفي جو ٽيون اسڪول ايليئيٽڪ (Eleatic) واڌاري جي تعليم تي، آيونين اسڪول جو مخالف هو. اهو قدرت کي هڪ عالمي، اڻـٽُٽ ايڪائيءَ جي حيثيت ۾ ڏسندو هو ۽ تخليق ۽ اختلاف کي حواسن جو وهم قرار ڏيندو هو. اهو دلچسپ ٿيندو ته اڳتي هلي سڏيل نوجوان قدرتي فلسفين تي ايليئيٽڪ اسڪول جو اثر ڏسجي، جن آيونين جي ايڪائي (in mutability) ۽ ايليئيٽڪ اسڪول جي ابتـڙ دنيائي عنصرن جي گھڻ پاسائين فطرت کي قبول ڪيو. هيءَ سائنس ۾ هڪ نئين جدلي واڌ¬¬¬ هئي جنهن ٻنهي جي سٺائي پاڻ وٽ رکي بيڪار کي ڦٽو ڪري ڇڏيو.
انيگزاگورس (Anaxagorus, 500-428 BC) عام طرح نوجوان قدرتي فلسفين ۾ پهريون ڳڻيو ويندو آهي. ڄاڻ جي اڃ هن کي اباڻي علائقي لِڊيا کان اٿينس گهِلي آئي. ڪيترن سالن کان پوءِ هو مناسب دليلن سان چئي سگھيو ته ”فلسفي مون کي مادِي منزل (destitution) تي پهچايو، نه ڪي روحاني محبت.“
هن جي شاگردن ۾ قديم يونان جا ڪيترائي معزز (celebrated) ماڻهو ڏسي سگھون ٿا. مثال طور پيريڪلس (Pericles)، يوريڊيس (Euripides) ۽ سقراط (Socrates). ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اهڙي ماڻهوءَ پنهنجي همعصرن ۾ رڳو پيار ۽ همت ئي ڪو نه ڀري هوندي پر پنهنجا دشمن به پيدا ڪيا هوندا. انيگزاگورس اٿينز جي چوڪ تي بيهي چيو ته سج باهه جو گولو آهي، ديوتا ناهي. هن تي الزام هنيو ويو ته هو خدا کي ڪو نه ٿو مڃي ۽ کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي. پيريڪلس جي مداخلت ئي هن جي حياتي بچائي سگھي. هو سڀ ڪجھ وساري سوچ ويچار ۾ غرق ٿي ويو: ”اهو مان نه آهيان جنهن اٿيني وڃايا، پر اهي اٿيني آهن جن مون کي وڃايو.“
هن جي مجسمي هيٺان فخر جوڳو بيان ثبت ٿيل آهي: ”هتي انيگزاگورس دفن آهي جنهن سچ جون ڏوراهون حدون ڳولي لڌيون ۽ ڪائنات جي اڏاوت جو ڍانچو ڳولي لڌو.“
ڪيترائي نسل اهڙي دعوى ڪندي گذري ويا آهن پر انيگزاگورس جي اهميت ۽ اڳواڻي مٽائي نه سگھيا آهن.
”قدرت جي باري ۾“ انيگزاگورس جي ڪيترين ئي لکڻين مان هڪ اهم لکڻي آهي. سندس خيال آهي ته شين جي ظاهري تبديلين ڪري شيءِ جي مادي (substance) تي ڪو به اثر نه ٿو پوي، پر اهي ان ڪري آهن جو مادي جي انتهائي ننڍڙن ذرڙن ۾ گڏجڻ يا ٽـٽڻ جو عمل ٿئي ٿو.
ڪتاب ۾ ايٽم جي شروعات ڊيموڪريٽس جي نظرئي سان ٿيندي آهي، پر حقيقت ۾ هن جو نظريو انيگزاگورس جي تشريح کان سواءِ ڪجھ نه آهي. اڃا وڌيڪ اهو ته مادي جي تبديل ۽ بقا جو قانون به انيگزاگورس بيان ڪيو آهي. ”يونانين ۾ اهو غلط تصور ويٺل آهي ته شيون وجود ۾ اچن ٿيون ۽ وڃن ٿيون، پر ڪا شيءِ ظاهر ڪو نه ٿي ٿئي ۽ نه ئي وري گم ٿئي ٿي ۽ تبديلي دائمي طرح وجود رکندڙ شين جي گڏجڻ ۽ ٽـٽڻ کان سواءِ ڪجھ نه آهي. اهو چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته تخليق گڏ ٿيڻ آهي ۽ فنا ٽٽڻ آهي.“
انيگزاگورس جو فلسفو ايترو چِٽو ۽ پيغمبراڻو ڪونهي جيترو اسين اڄ ويهي سمجھون ٿا. اهو ذهن ۽ سبب جي بنياد تي تخليق ٿيل ذهانت جو شاهڪار آهي. افلاطون (Plato, 429-347 BC) پنهنجي ڪتاب ’ڦيدو‘ (Phaedo) ۾ لکيو آهي ته هڪ ماڻهوءَ انيگزاگورس جو ڪتاب ويٺي پڙهيو جنهن ۾ اهو بيان ڪيائين ته ذهن سمورين شين جو سبب آهي. مون کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ آءٌ انيگزاگورس جي ذهانت جو معترف ٿيس. هو جيڪڏهن چوي ته ڌرتي گول آهي يا اها دنيا جو مرڪز آهي، ته ان جي لاءِ هن وٽ سبب به ضرور هوندو. پر جڏهن اڃا اڳتي پڙهيو ويو ته اها خبر پئي ته انيگزاگورس نه ذهن سان تعلق ڳنڍيو ۽ نه ئي سڀني حقيقتن ۽ بناوتن جو سبب ٻڌايو، پر ان جي ابتڙ هن هوا، ايٿر، پاڻيءَ ۽ ٻين نامناسب شين کي سڀني شين جو بنياد پئي ٻڌايو.
عام احساس کي ايليئيٽڪس اهو چئي غلط پئي سمجھيو ته اهو ٻاهرين دنيا، سچ، سبب وغيره کي صحيح نموني محسوس ڪري نه ٿو سگھي.
انيگزاگورس جا خيال سندس شاگرد ايمپيڊوڪليس (Empedocles, 492-432 BC) وڌيڪ چِٽا ۽ مختصر ڪري لکيا آهن. پنهنجي استاد جيان هن به ”فطرت جي باري ۾“ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته بيوقوف ماڻهو سمجھن ٿا ته جيڪي شيون وجود ڪو نه ٿيون رکن اهي هستيءَ ۾ اچي سگھن ٿيون ۽ اهو به ته وجود رکندڙ شيون ڪنهن به نشان ڇڏڻ کان سواءِ ٽـٽي فنا ٿي سگھن ٿيون. قدرت ۾ ڪا به اهڙي شيءِ وجود ۾ ڪو نه ٿي اچي جيڪا فنا ٿي وڃي، ڪا به شيءِ مڪمل طرح فنا ڪو نه ٿي ٿئي. ان کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي ته گڏجڻ ٿئي ۽ انهن جو ڌار ٿيڻ ٿئي. رڳو بيوقوف ئي ان کي ڄم ۽ موت سڏي سگھن ٿا. اهو ايمپيڊوڪليس ئي آهي جيڪو ٻين عنصرن کي ڇڏي رڳو چئن عنصرن مٽيءَ، باهه، هوا، پاڻي کي اهم سمجھي ٿو ۽ هن جي خيالن جو محرڪ ٻه جوهر آهن ـــــــ پيار ۽ نفرت. ”هاڻي پيار جي قوت شين کي گڏائي ٿي ۽ هينئر اڻمِٽ نفرت جي ڪري سڄو ڌار ٿي ويو.“
ڊيموڪريٽس (460-370 or 360 BC) ابديرا جو رهاڪو هو. هُو ۽ سندس استاد ليوسيپس (Lucippus) گھڻو ڪري گڏ بيان ڪيا ويندا آهن. حقيقت ۾ ليوسيپس ايٽم جي باري ۾ خيال اڳ پيش ڪيا، 500 ق م ۾. انهن کي ڊيموڪريٽس وڌايو ۽ مڪمل ڪيو. ڊيموڪريٽس ۽ ليوسيپس جِي ڪائنات رد ٿيڻ جوڳن (void) ۽ لامحدود ننڍڙن نه ڏيکارجندڙ جزن ــــــ ايٽمن ــــــ جي ٺهيل آهي. خاصيت جي لحاظ کان ڊيموڪريٽس ۽ انيگزاگورس جي بيان ڪيل ايٽم ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي، پر فرق آهي ته بناوت (configuration) يا حالت ۾ آهي. جسم ظاهر يا گم ان ڪري ٿين ٿا جو ايٽمن جو ميلاپ يا ڌار ٿيڻ ٿئي ٿو (انيگزاگورس ۽ ايمپيڊوڪليس کي ياد ڪريو). ڪجھ به نه مان ڪجھ به نه ئي ٿي سگھي ٿو، ۽ ڪا به شيءِ ڪجھ به نه ۾ بدلائي نه ٿي سگھجي. ايٽمن جي چرپر ڪنهن ٻاهرين پراسرار قوت جي ڪري ڪانهي پر خود ايٽمن اندر لڪل آهي. ايٽم لاڳيتو لامحدود خلا ۾ ڪرندا رهن ٿا، وڏا تيزيءَ سان ڪرن ٿا ۽ ننڍا هوري هوري. انهيءَ ڪرڻ جي عمل دوران اهي هڪ ٻئي سان ٽڪرجن، ملن ۽ ڦرن ٿا، جنهنڪري وڏا جسم وجود ۾ اچن ٿا.
افلاطون جا خيال ائٽلانٽس جي ڏندڪٿا جيان لاجواب آهن. ڪائنات جي مرڪز ۾ اڻ چُرندڙ ڌرتي رکي آهي جنهن جي چوڌاري گرهه (سيارا) مخصوص مفاصلن تي ترندا رهن ٿا. هن باهه کي سڀ کان هلڪو عنصر پئي سمجھيو. ان کان ڳوري هوا، ان کان ڳورو پاڻي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڳوري زمين ــــــ سمورا جسم پاڻ ۾ حاوي عنصر جي حڪم هيٺ آهن.
افلاطون جي شاگرد ايگزوڊس (Exodus, 408-335 BC) سيارن جي چرپر ۾ بي ترتيبيءَ جي باري ۾ دلچسپ مفروضو ڏنو. آيونين ۽ پٿاگورين هر سياري جي باري ۾ چيو پئي ته اهو کوکلو ۽ ڌرتيءَ چوڌاري، مخصوص رستي تي، هڪجھڙي نموني گولائيءَ ۾ ڦرندڙ آهي. پر سيارا ته ڪڏهن تيز ۽ ڪڏهن ڍلا پيا هلن. ايگزوڊس اهو معاملو کنيو ۽ چيو ته هر گول (جسم) پنهنجي گھيري تي گھمندو رهي ٿو، پر اهو ترڻ ڪجھ بي ترتيب آهي. ان ڪري هر سياري کي چار گھيرا گھرجن ٿا. سج ۽ چنڊ لاءِ ٽي گھيرا گھرجن ڇو ته انهن ۾ پٺتي (Retrograde) چرپر ڪونهي.
ارسطو (Aristotle, 384-322 BC) ايجين سمنڊ جي اترين شهر اسٽئجيرا (Stagira) ۾ ڄائو ۽ سندس وفات يوبيا (Euboea) ٻيٽ تي ٿي، ڇو ته هن تي، خدائن جي وجود تي حملن ڪرڻ جو الزام هنيو ويو هو. ارسطو جي قدرت مادي جي جسمن جي ٺهيل آهي جيڪي لاڳيتو چرپر ۽ تبديليءَ ۾ آهن. ڊيموڪريٽس مادي کي الڳ الڳ (discrete) پئي سمجھيو، پر ارسطوءَ ان کي لاڳيتي سلسلي جي حالت ۾ بيان ڪيو.
هر جسم ۾ ابتدائي مادي مواد موجود آهي جيڪو چار بنيادي خاصيتون ــــــ آلاڻ، خشڪي، ڪوساڻ ۽ ٿڌاڻ ــــــ ڏيکاري ٿو. مادي جون قدرت ۾ مختلف صورتون انهن خاصيتن جي گھٽ وڌ انداز ۾ ملڻ ڪري آهن. بنيادي عنصر ـــــ مٽي، پاڻي، باهه ۽ هوا ــــــ ٻن بنيادي خاصيتن جي ميلاپ ڪري آهن. مثال طور خشڪي ۽ ٿـڌ ملي مٽي ٺاهن ٿيون، ٿـڌ ۽ آلاڻ ملي پاڻي ٺاهن ٿيون. گرمائش ۽ خشڪي ملي باهه؛ ۽ گرمي ۽ آلاڻ ملي هوا ٺاهن ٿيون.
تاريخ ۾ به ايئن ٿئي ٿو. ڪا به ابتدائي سماجي اوسر جي سطح جنهن تان مهذب ماڻهو گذريا آهن، انهن سان اها ڳالهه لاڳو ٿئي ٿي ته انهن پنهنجي سماجي زندگي زمين جي گڏيل ملڪيت سان شروع ڪئي. زرعي واڌارو، ترقي ٿيندي، اها گڏيل ملڪيت پيداوار تي هڪ زنجير (قيد، پابندي، ڏنڊا ٻيڙي) بڻجي پوي ٿي. ان ڪري اها تباهه برباد ٿي وڃي ٿي، نفي ٿي وڃي ٿي. انهيءَ ٽوٽ ڦوٽ جي وچ وارن ننڍن يا وڏن سلسلن کان پوءِ اها گڏيل ملڪيت ذاتي ملڪيت ۾ بدلجي وڃي ٿي. ذاتي ملڪيت پيداوار ۾ واڌارو آڻي ٿي پر زرعي ترقيءَ جي اوچي ڏاڪي تي اها موٽ ۾ وري پيداوار لاءِ زنجير بڻجي پوي ٿي. جيئن اڄوڪي زماني ۾ ننڍي يا وڏي زميني ملڪيت جي حالت آهي. هاڻي وري اها گُهر لازمي طرح پيدا ٿئي ٿي ته ذاتي ملڪيت جي نفي ٿيڻ گھرجي. ان کي هڪ ڀيرو وري گڏيل ملڪيت ۾ بدلجڻ گھرجي. ان جو مطلب اهو ڪونهي ته قديمي گڏيل ملڪيت کي بحال ڪجي، پر ان جو مطلب اهو آهي ته ڏاڍي اتم (اعلى) ۽ وڌيڪ ترقي ڪيل گڏيل ملڪيت قائم ڪجي ۽ اها اهڙي جيڪا پيداوار جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ ته پري، پر اڃا به ان جي ابتڙ پيداوار کي سڀني (ڪڙن، ڪوٽن ۽) زنجيرن کان آزاد ڪري ڇڏي ۽ ان کي ان لائق به بڻائي ته اها جديد ڪيميائي کوجنائن ۽ مشيني ايجادن جو ڀرپور استعمال ڪري سگھي.
يا اچو ته هڪ ٻيو مثال وٺون. قديم زماني جو فلسفو ابتدائي (سادو) ۽ قدرتي ماديت پسند فلسفو هو. ان صورت ۾، اهو ان لائق نه هو ته ذهن ۽ مادي جي وچ ۾ رشتي کي چٽائيءَ سان بيان ڪري سگھي. پر ان سوال کي چٽائيءَ سان بيان ڪرڻ جي ضرورت روح جي الهامي تعليم تائين وٺي وئي. ان کان پوءِ اها تعليم روح جي اڻ موت هئڻ جي تصور تائين پهتي ۽ آخرڪار (هلندي هلندي) هڪ خدا جي مذهبي تصور تائين وڃي پهتي. پراڻي ماديت پسندي نفي ٿي، خيال پرستي بڻجي وئي. جيئن جيئن فلسفي جي ترقي ٿي تيئن تيئن خيال پرستي پڻ پنهنجا پير ڄمائي سگھڻ لائق نه رهي ۽ ان جي نفي يعني هڪ نفيءَ (خيال پرستي) جي نفي جدلي ماديت پسندي ملي ٿي. اها جديد ماديت پسندي، نفي جي نفي، اڳوڻي پراڻي فلسفي جو وري قائم ٿيڻ ڪونهي پر پراڻي ماديت پسنديءَ جي سمورن ڪارائتن خيالن جي دائمي بنيادن ۾ فلسفي ۽ قدرتي سائنس پاران گذريل ٻن هزار سالن ۾ مهيا ڪيل واڌارا ۽ مواد به کڻي هلڻا آهن ته انهن ٻن هزار سالن جي تاريخ به.
هاڻي اهو ڄڻڪ ته فلسفو (علم) رهيو ئي ڪونهي، پر هڪ عالمي نُڪتي نظر بڻجي پيو آهي. ان کي پنهنجي جائز جاءِ حاصل ڪرڻي آهي ۽ ان کي نه رڳو هڪ ٻئي کان ڌار بيٺل سائنسن جي سائنس بڻجڻو آهي، پر مثبت سائنسن ۾ به لاڳو ٿيڻو آهي. ان ڪري فلسفو ان تي حاوي به پوي ٿو ته ان کي محفوظ به ڪري ٿو. جيستائين سندس روپ جو تعلق آهي ته ان تي حاوي پوي ٿو ۽ جيستائين ان جي مواد جو تعلق آهي ته ان کي محفوظ رکي ٿو.
جيڪڏهن پاڻيءَ جي ٿڌاڻ تي گرمي ڇانئجي وڃي ٿي ته پاڻي ٻاڦ يا هوا ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. موٽ ۾ وري جيڪڏهن هوا تي ٿـڌِ دٻاءُ وجھي ٿي ته آلاڻ ٺهي ٿي. پاڻيءَ ۾ خشڪي وڌائڻ سان مٽي ٺهيو پوي. مهوسين ارسطوءَ کان ئي خيال کڻي، هڪ عنصر کي ٻئي ۾ بدلائي سونَ ٺاهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. عنصر فطرت جي لحاظ کان هلڪا يا ڳورا آهن. مٽي دائمي طرح ڳوري آهي ۽ باهه دائمي طرح هلڪي، ۽ هوا ۽ پاڻي ان جي وچ تي آهن. ان جو مطلب ٿيو ته هر شيءِ ۾ لڪل هلڪاڻ يا ڳوراڻ شامل آهي ۽ ان ڪري انهن ڳورين (”شين“) جو واسطو ڌرتيءَ ۽ هلڪين جو واسطو آسمان سان آهي. چرپر هيٺ يا مٿي ٿيندي رهي ٿي، تان جو انهن تي ڪو ٻاهريون زور لاتو وڃي، رڳو گولائين صحيح چرپر، مڪمل ۽ دائمي آهي. ان جو سبب ايٿر آهي. پنجون خاص عنصر ايٿر، جنهن مان آسمان آهي، اهو فطري آهي ته ڄميل ستارن جو دائرو سڄو ايٿر جو ٺهيل آهي. ارسطو چرپر جي تشريح هيٺين طرح ڪري ٿو: ”ممڪن ۾ (امڪان ۾) وجود رکندڙ جو واڌارو (عمل ۾ آڻڻ، implementation) چرپر آهي. پنهنجي چرپر جي قوت جي نسبت سان اهو چرپر ڪندڙ جسم جو عمل آهي.“ ارسطوءَ جي خيال موجب، چرپر جا پنج اصول آهن: چرپر جو سبب، اهو جيڪو چُري پُري ٿو، چرپر جو رخ، شروعاتي نُڪتو ۽ منزل.
مقدار، خاصيت ۽ جاءِ ۾ تبديليءَ کان چرپر کي ڌار ڪري نه ٿو سگھجي.
ارسطوءَ تي اچي يوناني قدرتي فلسفي جو خاتمو به سڏيو ويندو آهي. ارسطوءَ جي ٻين پوئلڳن يوڊيمس (Eudemas) ۽ ٿيوڦراسٽس (Theophrastus) ارسطوءَ جي تعليم کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان وقت ۾ ان تي سخت پابندي مڙهيل هئي.
ارسطوءَ کان پوءِ پيري پيٿسٽڪ اسڪول جي شروعات ٿي، جن مذهبي نُڪتي نطر کان ڪائنات جي تشريح پئي ڪئي.
ايپيڪيورس (Epicurus, 341-270 BC) ايٽم جي فلسفي کي اڳتي وڌايو ۽ عملي طرح ڄڻ ته هو ڊيموڪريٽس جو پوئلڳ هو.
يوڪلڊ (Euclid) کان سواءِ جنهن جاميٽريءَ جو روايتي سامان ٺاهيو، ٻئي ڪنهن به يوناني فزڪسسٽ خلا، وقت ۽ مادي جي تصور ۾ ڪو خاص واڌارو نه ڪيو.
آرڪمڊيز (Archimedes) کي فزڪس جو ابو سڏيو ويندو آهي. هو ساموز (Samos) جو رهاڪو هو. هن اها تعليم ڏني ته غير متحرڪ سج چوڌاري ڌرتي ڦري پئي. اهو به لازمي ٿي پيو ته ستارا به ڦرندا هوندا، ان ڪري آرڪمڊيز چيو ته انهن جو سج کان تمام وڏو مفاصلو آهي. هن چالو ذهن کي ڌڪ هنيو ۽ ان ڪري هو حقيقت ۾ ڪاپرنيڪس (Copernicus) ۽ آئنسٽائين (Einstein) جو اڳواڻ چئبو. اهو هيليوسينٽرڪ نظام پنهنجا پير پختگيءَ سان ڄمائي نه سگھيو، ڇو ته اهو وقت کان گھڻو اڳ ۾ هو. آرڪمڊيز سان ان معاملي ۾ ڪو به هم خيال نه ٿيو.
ساڳيو حال ايراٽوسٿينيس (Eratosthenes) سان ٿيو جنهن ڌرتيءَ جو قد بت لڳ ڀڳ صحيح ٻڌايو ۽ ڪلونيڊيس (Cleonedes) جنهن گرهن جي گولائيءَ ۾ چڪر هڻڻ جو نظريو ڏنو. ٽيسيبس (Ctesibius) ۽ اسڪندريه جو هيرو به شاعر ٽِيٽس ليوڪريٽيس ڪارس کان ڪجھ وڌيڪ وڌايو، پر هن شاعر سائنسي موضوعن تي شاعري ڪري ان کي عوام ۾ واقف ڪيو.
ليوڪريٽيس ٻڌايو ته ڪپڙو هميشه آلو ٿي ويندو پر کُلي سج هيٺ ٽنگڻ ڪري سُڪي ويندو، جيتوڻيڪ ڪنهن به اهو ڪڏهن نه ڏٺو آهي ته ان تي پاڻي ڪيئن ويهجي وڃي ٿو يا اهو گرميءَ ۾ ڪيئن ٽُـٽي وڃي ٿو. ان ڪري چئي سگھون ٿا ته پاڻي ايترن ته ننڍن ذرڙن ۾ وراهجي وڃي ٿو جو اسان جي اک انهن کي ڏسي نه ٿي سگھي. چقمق جي باري ۾ هن پنهنجا خيال هن طرح ٻڌايا: هر جسم پنهنجي وجود مان ايٽمن جون لهرون ڪڍي ٿو ۽ ان جي ڪري اهي هڪ ٻئي تي اثر ڪن ٿا. چقمق رڳو لوهه کي ڇڪي ٿو. ٻين جسمن تي ٻئي نموني اثر ٿئي ٿو. ڳورا جسم ڇڪجي نه ٿا سگھن ۽ هلڪن جسمن مان ايٽمي لهرون لنگھي وڃن ٿيون.
ٽالمي (Ptolemy, 70-147 AD) تي قديم زمانو قدرتي سائنس جي تاريخ ۾ خاتمو ڪري ٿو. ٽالمي سڄي قديم فلڪي علم کي تيرهن جلدن ۾ شامل ڪري لکيو، پر هن اهو ڪيو جو ڌرتيءَ کي ڪائنات جي وچ ۾ ڄمائي بيهاريو.
700ع کان 1150ع تائين جو دور عرب فزڪس جو دور سڏيو وڃي ٿو. عربن ارسطوءَ جو فلسفو جيئن هو تيئن قبول ڪيو، ويندي ايترو جو ارسطو ڄڻڪ اڌ-خدا بڻجي ويو. خلافت جي دور ۾ حسابن جي علم، فلڪي علم ۽ طب وڏي ترقي ڪئي، پر ڪائنات جي بڻ بنياد تي سوچ جي سلسلي ۾، اهي ارسطو جا ئي پوئلڳ رهيا.
يونانين ڪيمسٽريءَ جي سلسلي ۾ شايد ئي ڪو مطالعو ڪيو هو. جابر، ابو موسى جابر (800ع) ان سلسلي ۾ وڏو ڊگھو اثر ڇڏيو. پهريون ڪيميائي نظريو جابر ڏنو. هن چيو ته سمورا ڌاتو پاري ۽ گندرف جھڙن ٻن اصولن (بنيادن) تي ٺهيل آهن. جڏهن هڪ ڌاتو ٻري ٿو تڏهن اهو گندرف وڃائي ٿو. گندرف ٻرڻ جو بنياد ۽ ٻارڻ جو وسيلو.
ڪيترن ئي پوين (مجوسين) اچي ان کي ورتو ته جيڪڏهن هر شيءِ ٻن بنيادي اصولن جي ٺهيل آهي ۽ جيڪڏهن سمورا ڌاتو ساڳين بنيادن مان ٺهيل آهن، ته پوءِ انهن ۾ گھٽ وڌائي ڪرڻ سان هڪ ڌاتوءَ مان ٻيو ڌاتو ٺاهي سگھجي ٿو. مثال طور شيهي مان سونُ. ان ڪري ئي جابر ڪيمسٽريءَ ۽ ڪيميا جو ابو سڏيو وڃي ٿو.
ڪيميا وسيلي هڪ ڌاتوءَ مان ٻيو ڌاتو حاصل ڪرڻ جي عمل ڪري ڪيترن ئي پهلوئن تي تجربا پئي ٿيا ۽ ان ڪري عربَ ڪاري جادوگر يا نجومي کان وڌيڪ ذهين ڪيميادان هئا، پر جڏهن هنن پارس جي ڳولا شروع ڪئي تڏهن سائنسدانن مان ڦري ڌُڪي باز ٿي پيا.
ڪيميادانن پنهنجي هڪ مخصوص اشاراتي ٻولي به ٺاهي ورتي هئي، ته جيئن جيڪو تيڪو سمجھي نه سگھي. مثال طور، هُو چوندا ته باهه جي عمل مادي ۾ هڪ ڍانچو ڪارو (خاڪ) ڪري ڇڏيو ۽ ٻيو پکي (ٻرندڙ گئس). ساڳيءَ طرح پاڻي چِڪائڻ (distillation)، ٽوٽ ڦوٽ وغيره لاءِ به هنن جون علامتون موجود هيون.
ان جو مطلب اهو ناهي ته هاڻوڪي ڪيميا ۽ اڳوڻي ڪيميا هڪجھڙي آهي. اڳوڻي ڪيميا سُسي وڃي دُٻو ٿي پئي، جڏهن ته هاڻوڪي ڪيميا وڌي اُپسمنڊ بڻجي وئي آهي.
عربن فلڪيات، ...... ۽ آپٽڪس (Optics) ۾ گھڻو ڪجھ وڌايو. مثال طور الحزن جي مخصوص ماپ جي جدول، جنهن کان هاڻوڪي خاص فرق نه ٿي رکي ــــــ فونڊري سون 19.05 (19.3)، پارو 13.56 (13.545، وِيهه ڊگري س تي)، شيهو 11.32 (11.34)، چاندي 10.30 (10.445)، توتيو 8.66 (8.89)، لوهه 7.74 (7.88)، موتي (Pearl) 2.60 (2.684). اِووري (Ivory) 1.64 (1.825-1.917) ۽ اُٻرندڙ پاڻي 0.958 (0.95835).
اها تصوير پنهنجو پاڻ ٿي ڳالهائي. يونانين وٽ ان قسم جي سوچ ڪو نه هئي. جيتوڻيڪ عربن گھڻو ڪجھ ڪيو، پر ڪائنات جي اڏاوت سان واسطو رکندڙ علم ۾ ڪو واڌارو نه ڪيو. ويندي ابن رشد جهِڙو لائق عالم به ارسطوءَ جو ئي معترف ۽ پکيڙيندڙ هو.
”ارسطو سمورين سائنسن جي ابتدا ۽ آخر آهي. ڪو ڳڻڻ جھڙو ماڻهو هن کان اڳتي وڌي نه سگھيو ۽ هن کان 15 صديون پوءِ تائين ڪنهن به هن جي تعليم ۾ ڪا شاندار واڌ نه ڪئي آهي ۽ نه وري ان جي ڪا غلطي پڪڙي آهي. ارسطو سڀني ماڻهن کان عظيم آهي. خدا هن کي هر شيءِ جو صحيح علم وديعت ڪيو.“
جڏهن هر شيءِ جي وجود جو سبب خدا آهي ته پوءِ ان تي وڌيڪ سوچڻ جي ڪهڙي ضرورت!؟ پر چَرچ جي مجبوري هئي ته هاڻي نئين اسرندڙ سماج جي گھرجن موجب پاڻ کي عقلمنديءَ تي ظاهر ڪري ۽ دليل معنى ذهانت کي سڏ ڪرڻ. هنن دليل بازي شروع ڪئي، پر ضروري نه هو ته ذهانت به انهن سان گڏ هلي. ذهانت هر شيءِ کي ڦولڻ شروع ڪيو.
13-14 صديءَ ڌاري ڊيموڪريٽس ۽ ارسطوءَ کي اڻ ڄاتل ڪيتريون ئي حقيقتون پڌريون ٿيون.
پهريون قدرتي سائنسدان راجر بيڪن هو. ”هر سائنس لاءِ ضروري آهي ته اها سٺي کان سٺي جي پوئواري ڪري، يعني هر شيءِ جو صحيح نموني اڀياس ڪري، پهرين کي شروع ۾ رکڻ وسيلي، سولي کي ڏکئي اڳيان، عام کي خاص اڳيان، سادي کي ڳتيل اڳيان رکڻ وسيلي. پيشڪش نتيجي واري هئڻ گھرجي ۽ اهو تجربي کان سواءِ ناممڪن آهي. ڄاڻ جا ٽي وسيلا آهن: اختيار رکڻ (اٿارٽي)، سبب ڏيڻ ۽ تجربو. اختيار ڪجھ به ناهي جيڪڏهن ان جا نتيجا وڌائي نه سگھجن. اختيار تعليم نه ٿو ڏي، ان کي رڳو قبوليت جي ضرورت آهي. سبب ڏيڻ وسيلي اسين سوفزم (sophism) ۽ ثبوت جي وچ ۾ فرق ڪري سگھون ٿا، نتيجن کي تجربن وسيلي صحيح ثابت ڪرڻ.“
سائنس ۾ اڀياس جو صحيح طريقو رائج ڪرڻ لاءِ راجر بيڪن شاندار ڪوششون ڪيون. بدقسمتيءَ سان هن جِي صحيح طريقو اختيار ڪرڻ واري ڪوشش وقت کان اڳي هئي. هو پنهنجي عصرن يا آئيندي تحقيق ڪندڙن کي قائل ڪري نه سگھيو.
علم الاهيات (اسڪولاسٽڪ) فلاسافيءَ جي ويران ميدان ۾ هُو پاڙون پختيون ڪري نه سگھيو، پر ڪولمبس انڊيا ڳولڻ لاءِ سفر جا سانباها پئي ڪيا ۽ ڪاپرنيڪس آسماني جسمن جي چرپر تي ڳولا پئي ڪئي. ڪاپرنيڪس دنيا جي باري ۾ نج طبعياتي ۽ فلڪي علم جي حساب سان سبب ڏنا. ”جيڪڏهن ڪو اهو يقين رکي ٿو ته ڌرتي ڦري ٿي ته ان کي بهرحال اهو به چوڻو پوندو ته اها چرپر ڪا ٻاهران مڙهيل نه، پر قدرتي ئي آهي.“ ارسطوءَ جو اهو خيال هو ته هيءَ چرپر ڪنهن ٻاهرين قوت جي ڪري آهي، پر ڪاپرنيڪس چرپر کي شيءِ جي اندروني فطرت مان ڦٽي نڪرندڙ بيان ڪري ٿو.
گليلو ڪاپرنيڪس جي نظريي کي گھڻو اڳتي وڌايو ۽ اهو ڏيکاريو ته ڌرتي ۽ آسمان ساڳئي قانون جي مڃتي ڪن ٿا. هن مشتريءَ چوڌاري چئن چنڊن جي ڳولا ڪئي، زهره جي هر مرحلي کي ويهي جاچيو ۽ نيٺ وڃي ان نتيجي تي پهتو ته ڌرتيءَ جيان سج به پنهنجي محور چوڌاري ۽ گَس اندر ڦرندو رهي ٿو. هن اهو به مشاهدو ڪيو ته سج جيان اسان جي گس ۾ سوين تارا موجود آهن ۽ سج انهن لامحدود تارن مان هڪ آهي. گليلو نسبتي نظريي جي سادي شڪل پنهنجي زماني ۾ بيان ڪري ڇڏي هئي ۽ حقيقت ۾ جديد نسبتي نظريي کي مڪمل ڪرڻ ۾ ان جي به گھڻي مدد شامل رهي. اهو گليلو ئي هو جنهن پهريون ڀيرو ڪائنات جي لامحدود هئڻ جو منطق سمجھيو.
فلورِنٽائين (Florentine)
ليونارڊو ڊاونسي (Leonardo da Vinci)
ٽائڪو براهي (Tycho Brahe)
برنارڊينو ٽيليسيو (Bernardino Telesio, 1508-1588 AD) لڳ ڀڳ ساڳيو، ارسطوءَ وارو، ٿڌي ۽ گرم وارو اصول کنيو ۽ انهن کي ابتڙن جي صورت ۾ رکيو ۽ اولين مادي جو بنياد قرار ڏنو ۽ ان ٿڌ جي ڪري ڌرتيءَ تي حياتي تخليق ٿي. هن رنگن جو بنياد به انهن کي قرار ڏنو.
سورهين صديءَ ۾ سمورو علم اٿلايو ويو، ترجمو ٿيو ۽ ڇپيو.
سترهين صدي ئي جديد سائنس جي بنيادن کي پهچي سگھي.
ريني ديڪارتي (Rene Descartes) ذهانت جي باري ۾ چيو ته اها حقيقي ڄاڻ جي ڪُنجي ۽ تجرباتي معلومات گڏ ڪرڻ جي لياقت آهي. تجربو، تجربو ۽ هڪ ڀيرو وري تجربو. هن جي خيال موجب روحاني اصول مادي اصولن کان مڪمل ڌار ۽ خودمختار آهن. مادي دنيا دائمي چرپر ۾ آهي، مڪينڪس جي اصول موجب. ديڪارتي بيڪن جي ابتڙ اهو چيو ته لامحدود لاڳيتي چرپر لاءِ ڪنهن ابتدا ۾ مادي کي ڌِڪو ڏنو.
بارڪ اسپائينوزا (Baruch Spinoza) ديڪارتي جي ٻه-قوتون پسنديءَ کي ڌڪاري ڇڏيو. قدرت پاڻ ئي خدا آهي ۽ هن جي خيال موجب ان کي ڪنهن روحاني جوهر يا خالق جي ضرورت ڪانهي. قدرت لامحدود خلا ۾ دائمي مادو آهي. اها ”پنهنجو سبب پاڻ ئي“ (cause in itself) آهي.
مادي جي اڏاوت ۽ خلا ۽ وقت جي خاصيتن جي باري ۾ مادي جو وڌيڪ بنيادي تصور قدرت ”پنهنجو سبب پاڻ ئي“ آهي. قدرتي سائنس جي رستي اتي اچي ڊاٻو ڪيو.
يوناني ايٽمي فلسفي تي سنجيدگيءَ سان تحقيق ڪندڙ پهريون ماديت پسند فلسفي، فرانس جو رهاڪو، گزيندي (Gassendi) هو. هو ڪيپلر ۽ گليلو جو همعصر هو. هن خاص ڪم ايپيڪيورس جي فلسفي تي ڪيو ۽ ٻه هزار سالن ۾ مهيا ڪيل معلومات کي گڏ ڪيو. ايپيڪيورس جيان هن به اهو چيو ته مايو، جنهن کي هو ”چرپر ۾ اچڻ لاءِ اندروني خواهش“ چوي ٿو، ئي قدرت ۾ تبديل جو بنيادي وسيلو آهي، اهو ئي ايٽمن جي بنيادي خاصيت آهي انهن جي رخن ۽ صورت سان گڏ. گزيندي اهو پهريون ماڻهو هو جنهن مادي جي ٺوس بناوت لاءِ مفروضا پيش ڪيا. هن ئي ماليڪيول جي باري ۾ تصور ڏنو ۽ چيو ته اهو ڪيترن ئي ايٽمن جو مشيني انداز ۾ جوڙ (ميلاپ) آهي.
رابرٽ بوائل (Robert Boyle, 1627-1691 AD) برطانيا جو رهاڪو، طبعيات ۽ ڪيمسٽريءَ جو حقيقي معنى ۾ ماهر هو. هن ڪيميا پرستن ۽ يونانين، ٻنهي تي سخت تنقيد ڪئي. ڪيميا پرستن مادي جي فطرت جي باري ۾ ڪجھ به نه پئي ڄاتو ۽ يونانين پنهنجي هر مادي کوجنا جو بنياد فطرت جي بنيادي لقائن ــــــ آرام، چرپر، مٽي، باهه وغيره ــــــ تي پئي رکيو، پر بوائل وٽ انهن جو بڻ بنياد نج ماديتي هو. آخر اهي ڪهڙيون سِرون آهن جيڪي ساڳئي مادي جون لامحدود شڪليون ٺاهڻ ممڪن بڻائن ٿيون؟ هن جي خواهش هئي ته اهڙا بنيادي عنصر ڳولي لهي جيڪي هڪ کان ٻئي ۾ بدلجي نه ٿا سگھن ۽ جن وسيلي اسان جي چوڌاري پکڙيل دنيا ٺهيل هئي. آخري چِٽو نتيجو اهو هو ته ڪيميائي بنياد تي مادو هڪ ڪرو ڪونهي ۽ ڪي اهڙا عنصر وجود رکن ٿا جيڪي ڪنهن به ڪيميائي عمل وسيلي تبديل ڪري نه ٿا سگھجن، جيڪي به مرڪب ڏسجن پيا، بنيادي عنصر ايترا ڪونهن پر انهن جي مختلف انداز ۾ ميلاپن ايترن مرڪبن کي جنم ڏنو آهي، تنهنڪري اهي عنصر ڳولڻ گھرجن جن ۾ ڪيميائي طريقن سان مادي کي ڦوري سگھجي.
بوائل مادي جي اهڙن ذرڙن کي ڊيموڪريٽس جي ايٽم بدران ڪارپسِل پئي سڏيو. حقيقت ۾ اڄوڪو ايٽم جو تصور ڊيموڪريٽس جي ايٽم جي تصور کان ڌار قسم جو آهي ـــــــ ان جا ايٽم اهي چئجن جن کي اسان ابتدائي ذرڙا سڏيون ٿا.
هن ۾ لفظن جو نه، پر جوهر جو فرق آهي.
بوائل ڪارپسل جي سڃاڻپ پهرين ۽ ٻئي درجي جي نالي ۾ ڪرائي. پهرين درجي جا ڪارپسل ننڍڙا ۽ عملي تصور ۾ ’نه اچي سگھڻ جھڙا‘ آهن، انهن کي خاصيتون ڪونهن پر صورتون ڌار ڌار آهن ۽ هڪ ٻئي سان ننڍڙن ڪَڙن ۽ ڪنڍن وسيلي ڳنڍيل آهن، جڏهن ته ٻئي درجي جا ڪارپسل سمورن جسمن جا بنيادي اڏيندڙ آهن. ان ڪري بوائل جي چوڻ موجب شيون پهرين ۽ ٻئي درجي جون خاصيتون رکن ٿيون.
مادي ۾ رڳو پهرين درجي جي خاصيت، نجي مشيني خاصيت آهي: صورت، پکيڙ، چرپر، آرام وغيره. انهن کان فرق ۾ ٻئي درجي جون خاصيتون موضوعي آهن. بوائل جي چوڻ موجب، هڪ سُئي سور جي خاصيت ڪا نه ٿي رکي جيڪو چُڀڪي کان پوءِ اوهين محسوس ڪيو ٿا. هن وٽ تيز تکو مُنهن آهي ۽ ان جي عمل جو نتيجو اسان جا حواس محسوس ڪن ٿا. رنگ، بوءِ، آواز جھڙيون خاصيتون پڻ موضوعي آهن. اهي اسان جي حواسن تي پهرين خاصيتن جي اثر ڪري آهن. هن جي سڄي ڳالهه ۾ سچ جو ٻج ذرو موجود آهي. بوائل گھڻيون ڳالهيون پنهنجن تجربن مان حاصل ڪيون ۽ اهڙيءَ طرح هُو پنهنجي دور کان گھڻو اڳتي هو. اينجلس چيو ته ”اهو بوائل ئي هو جنهن ڪيمسٽريءَ کي هڪ سائنس بڻايو.“ بوائل اهو به نتيجو ڪڍيو ته مادي جون مختلف حالتون گھاٽائيءَ ۽ ڪارپسل جي وچ ۾ ڳانڍاپي تي دارومدار رکن ٿيون. بوائل ئي اهو نظريو ڏنو ته گئس جو مقدار ۽ داٻ هڪ ٻئي سان ابتڙ نسبت رکن ٿا.
آئزڪ نيوٽن تمام گھڻن شعبن ۾ ڪم ڪيو. ڪشش ثقل، مادي جي بناوت، مايي (ماس)، روشني وغيره تي سندس ڪيترائي خيال موجود آهن. هن عالمي ڪشش ثقل جو اصول ۽ مڪينڪس جا ٽي بنيادي اصول ڳولي ڪڍيا، آسماني جسمن جي چرپر جو نظريو جوڙيو ۽ رنگ جي اصليت جي باري ۾ ٻڌايو. ”تجربو ٻڌائي ٿو ته ڪيترائي جسم سخت آهن، پر اها سڄي جسم جي سختي ان جي بناوتي جزن جي سختيءَ مان نڪتل آهي. ان ڪري ان نتيجي تي پهچڻ ۾ حق تي آهيون ته نه وراهي سگھڻ جھڙا جزا سخت آهن، نه رڳو انهن جسمن ۾ جن کي محسوس ڪيون ٿا پر ٻين سڀني جسمن ۾ به.“ بوائل جي طريقي تي هلندي، نيوٽن بيان ٿو ڪري ته مختلف جسمن جي خاصيتن ۾ فرق ان ڪري آهن جو جن ذرڙن مان ڪا به شيءِ ٺهيل آهي ان جي جزن جي وچ ۾ مفاصلو گھٽ وڌ آهي. نيوٽن جي جزن ۽ بوائل جي ڪارپسل جي تصور ۾ فرق آهي. نيوٽن جي مادي جزن ۾ ڪشش ڪرڻ ۽ ڌِڪڻ جي قوت جو تصور به سمايل آهي. جيتوڻيڪ نيوٽن دنيا جي هر شيءِ کي مشيني انداز ۾ چرپر ڪندي ڏٺو پئي پر پوءِ به مابعدالطبعياتي تصور جو خاتمو عام طرح نيوٽن جي تعليم تي ئي ٿئي ٿو. حقيقت ۾ نيوٽن کي ئي ”فزڪس جو ابو“ سڏڻ گهرجي.
ارنيسٽ اسٽال جرمن ڪيميائي ايٽمي نڪتي نظر جي تضاد کي پنهنجي نه بدلجندڙ (imponderable)، بي رنگ ۽ بي بوءِ مادي ــــــ باهه جي غير مادي اصول ڦلوجسٽن جي حوالي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ٻرڻ جي وضاحت کي ڏاڍو سولو ڪري ڇڏيو. شعلو، دونهون، ٽانڊو، خاڪ هڪ مادي مان ٻي مادي ۾ بدلجڻ لاءِ مختلف صورتون آهن. اهڙيءَ طرح ڦلوجسٽن جي تصور کي وڏي پيماني تي قبول ڪيو ويو ۽ ان سان غير ڪشش ثقل خاصيتون لاڳو ڪيون ويون. تجربي بهرحال ان نظريي کي رد ڪري ڇڏيو.
ميڪائيل لومونوسوف روسي مادي جي حالتن، گرمي درجي جي ماپن ۽ فرئنڪلن جي بجليءَ واري نُڪتي نظر کي وڌايو. هن اهو به چيو ته هر ايٽم پنهنجو مخصوص وزن رکي ٿو. هر تخليق ۾، جاندار يا بي جان، ڪارپسل چرپر ۾ آهن، اهي هر مئل يا جيئري وڻ ۾ چرپر ۾ آهن، معدنيات يا غير نامياتي (inorganic)، هر شيءِ ۾ آهن ۽ چرپر ۾ آهن ۽ ان ڪري هر ڪيميائي يا طبعياتي خاصيت جو سبب چرپر آهي. لومونوسوف جي چوڻ موجب عنصر (ايٽم) ڪنهن جي جسم جو اهو حصو آهي جيڪو ٻيو يا ان کان ننڍو حصو ڪو نه ٿو رکي ۽ ماليڪيول انهن جي گڏپ آهي.
جان ٽولئنڊ چيو ته چرپر کي مادي جي پهرين ڳجهي خاصيت سمجھڻ گھرجي جيڪا ان کان ڌار ڪري سگھڻ ممڪن نه آهي ۽ اهو به چيو ته ڪا قطعي نئين شيءِ قدرت ۾ ظاهر ڪو نه ٿي ٿئي.
ڪيترن ئي فرانسي فلسفين جان ٽولئنڊ جي نُڪتي نظر کي پنهنجو ڪيو. هولباخ چيو ته قدرت جو تصور لازمي طرح چرپر جو تصور به پنهنجي اندر رکي ٿو. پر ماڻهو پڇندا ته قدرت ڪڏهن کان چرپر حاصل ڪئي؟ اسان چئون ٿا ته چرپر مادي جي جوهر جو لازم آهي. مادو پنهنجي اندروني شڪتيءَ/سگهه وسيلي چرپر ڪري ٿو. ان جي چرپر ان اندر لڪل مڙيل قوتن جو ئي نتيجو آهي.
ارڙهين صديءَ ۾ ان وقت هي لفظ چيا ويا جڏهن ”مادي“ ۽ ”شڪتي“ جي باري ۾ صاف تصور اڃا مهيا ڪو نه ٿيو هو. اڄ اسين ڄاڻون ٿا ته شڪتي پڻ مادو آهي ۽ آئنسٽائن جي فارمولا ۾ مادو ۽ شڪتي سنئين سڌي ۽ سادي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. قوانٽم نظريو مادي جي وجود جي سڀني صورتن جي اولين ڳانڍاپي کي چِٽو ڪري ٿو.
فرانسي ماديت پسندن اهڙي ڳالهه ڪو نه پئي ڄاتي. ٽولئنڊ کان پوءِ انهن چرپر کي خلا ۾ سادي تبديليءَ طور قبول ڪيو.
ڊڊريوٽ ان کان به اڳتي وڌي اهو چيو ته ماليڪيول تي اثر ڪندڙ ٻاهريون زور ختم ٿي سگھي ٿو پر ان جو ڳجھو مڙيل اندروني زور ڪڏهن به ختم ٿي نه ٿو سگھي. ان مان هو ان نتيجي تي پهتو ته قدرت جي چرپر دائمي آهي ۽ آرام نسبتي آهي.
1797ع ۾ جرمن ڪيمسٽ رچر (Richter) اها کوجنا ڪئي ته ڪيميائي عنصر ڪيميائي مرڪب ۾ ڪنهن مخصوص نسبت (ratio) سان آهن.
جان ڊالٽن اڃا اڳتي وڌي چيو ته آڪسيجن ۽ هئڊروجن ملي پاڻي ٺاهن ٿيون. هن ايٽم جي وزن جو تصور ڏنو.
ڊميٽري مينڊلييف جي تحقيق جو شروعاتي نُڪتو اهو هو جنهن کان اڳتي وڌي هن پيريڊڪ قانون تي تحقيق ڪئي.
1811ع ۾ ايووگيڊرو ڪيمسٽريءَ ۾ ايٽمي نظريي جو بنياد رکي چڪو هو، جيڪو ڊالٽن جي ايٽمي نظريي جو بنياد بڻجي ويو. ايووگيڊرو ايٽمي مادي (ماس) جي نسبت مقرر ڪرڻ لاءِ خاصيتي رستا کولي ڇڏيا. هن ان جو به ڏَس ڏنو ته هڪ قوت ”ويلنس فورس“ (valence force) ايٽمن کي هڪ ٻي سان ڳنڍي بيهاري ٿي.
1815ع ۾ پرائو (Prout) چيو ته ايٽم وراهي سگھجي ٿو. هن چيو ته هر شيءِ جي ايٽم جو وزن هئڊروجن ايٽم جي وزن سان ڪو نه ڪو مخصوص نتيجو ظاهر ڪري ٿو. ان ڪري سڀني عنصرن جو بنياد هئڊروجن ايٽم آهي جنهن جا ايٽم ڪائنات جون ”پهريون ۽ آخري اڏاوت ڪندڙ سِرون آهن.“
مائيڪل فيراڊي (Michel Faraday) ايٽمي نظريي کي بجليءَ سان ملايو. بجلي به مادي جيان فطرتي طرح ايٽمن جي ٺهيل آهي.
1846ع ۾ ولهم ويبر (Wilhelm Weber) مفروضو قائم ڪيو ته مادي جو مخصوص مقدار هميشه بجليءَ جي مخصوص مقدار سان ڳنڍيل آهي.
1865ع ۾ لاشمت (Loschmit) ڪنهن حد تائين صحيح؛ ايٽم جو قد بت مقرر ڪيو.
1897ع ۾ جي جي ٿامسن (J. J. Thomsen) بجليءَ جي سائنس جي واري ڪري اليڪٽران جي کوجنا ڪئي.
ردر فورڊ ايٽم جي مرڪز تي کوجنا ڪئي ۽ اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن هڪ ايٽم ڌرتيءَ جيڏو هجي ته ان جو مرڪز رڳو هڪ شهر جيترو مس ٿيندو. اليڪٽران ۽ مرڪز جي وچ ۾ خلا آهي. جيتوڻيڪ اهو مرڪز ايترو ننڍو آهي پر رڳو ان جو ٺوس هڪ ڪيوبڪ سينٽي ميٽر وزن ۾ 114 ملين ٽن ٿيندو...
(ناتمام)

***

ڇا علم ۽ عمل ورثي ۾ منتقل ٿين ٿا؟

ڇا علم ۽ عمل ورثي ۾ منتقل ٿين ٿا؟

سنڌ جي لوڪ ادب ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون آکاڻيون ملن ٿيون جن ۾ ڄاڻايل هوندو آهي ته علم ۽ عمل (هنر) ورثي ۾ منتقل ٿيندا آهن. ان جي ثابتيءَ لاءِ ڪنهن علم واري اڪابر جهڙوڪ بادشاهه جي وزير جو، خاص طرح پُٽ، ڪنهن بُهري ۾ رکي ڄٽ دائيءَ وسيلي پالڻ جو ذڪر ڪندي، ان کي اُتان ڀَڄرائي، پوءِ ڪا نه ڪا اهڙي ڳجهارت سَليندي ڏيکاريو ويندو آهي جيڪا بادشاهه به سنئين ڪري نه سگهيو هجي.
ڪجهه بادشاهن جي حوالي سان اها ڳالهه به ڪئي ويندي پئي رهي آهي ته دنيا جي پهرين ٻوليءَ جي کوجنا لاءِ ڪنهن ٻار کي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ پاليو ويو ۽ ان ٻار جيڪو پهريون لفظ ڳالهايو اهو جاچيو ويو ته ڪهڙي ٻوليءَ جو هو ۽ پوءِ ٻڌايو ويو ته ترڪ ٻوليءَ جي ماءُ دنيا جي پهرين ٻولي هئي.
تازو ئي اخبارن ۾ خبرون ڇپيون ته هٽلر جي ڏوهٽي پنهنجي ناني وارو نسلي برتريءَ جو نعرو هڻي سياست جي ميدان ۾ ڪاهي پئي آهي. هوءَ نازِيمت (نازي ازم) کي نئين سر جيئارڻ گهري ٿي. نئين نازيمت جا پوئلڳ اڄ ڪلهه جرمنيءَ ۾ رت وهائڻ ۽ دهشت پکيڙڻ جون ڪاروايون ڪندا رهن ٿا.
جپان ۽ برطانيا جو مثال اڄ به اکين سامهون آهي، جنهن ۾ بادشاهي ورثي ۾منتقل ٿئي ٿي ۽ بادشاهت جو وارث پيدا ڪرڻ لاءِ تمام هوشياريءَ سان ”نسل جي پاڪائيءَ“ جو خيال رکيو وڃي ٿو.
تاريخي طرح جيڪي به بادشاهه ٿي گذريا آهن اڪثر ڪري انهن جو اولاد پنهنجي پيءُ جي تخت جو وارث قرار ڏنو پئي ويو آهي.
پنهنجي پنهنجي دَور ۾ جن به جنگبازن ڀرپاسي وارن ملڪن تي ڪاهون ڪري، ڦري ماري پنهنجون سلطنتون قائم ڪيون ۽ پاڻ بنا ڪنهن ”غير خانداني“ سازش وسيلي مُئا، انهن جو اولاد سڄيءَ سلطنت جو وارث ٿي ويٺو.
تاريخ ۾ جيڪي به ڊڪٽيٽر ٿي گذريا آهن انهن مان اڪثر جي اولاد پنهنجي پيءُ جي تخت ۽ بخت جي وارث ٿيڻ جي دعوا پئي ڪئي آهي.
لڳ ڀڳ سڀني جاگيردارن ۽ ٻي ملڪيت وارن جي اولاد پنهنجي پنهنجي پيءُ جي جاگير ۽ راڄ ڀاڳ يا ملڪيت تي وارثي پئي ڄمائي آهي.
حقيقت اها آهي ته بادشاهت يا شهنشاهت ۽ سلطنت جي وارثي جاگيردارڪي پيداواري سرشتي جو مٿيون ڍانچو آهي جنهن ۾ جاگيردار ۽ سندس راڄ چٽي صورت ۾ نظر ايندا. ان ئي سرشتي ورثي ۾ مال جي منتقلي کي پڪي پختي ۽ قانوني شڪل ڏني. گذريل ٻن هزار سالن کان سڄيءَ دنيا ۾ وراثت جي قانون وڏا خون خرابا ڪرايا آهن ۽ لکين گهريلو (خانداني) سازشن کي جنم ڏنو آهي.
جتي به جاگيردار ثقافت جا اثر نمايان رهيا آهن يا هن وقت به ڪجهه اثرائتا آهن اتي خاص طرح سياسي عمل ۾ اهو لاڙو به نظر اچي ٿو ته سياستدان جو اولاد يا زال پاڻ کي پنهنجي پيءُ جو جانشين سمجھي ۽ سڏائي. سياست ۽ پارٽي به انهن جهڙوڪر جاگير سمجھي يا ملڪيت سمجھي رکي آهي. برما کان وٺي بنگال ۽ سلون کان ٿيندي پاڪستان تائين ان جا چٽا اهڃاڻ ملن ٿا.
ان ڳالهه کي ٿورو ٻي نموني وڌيڪ چِٽو ڪري سگهجي ٿو.
جتي به جمهوري سرشتو رائج آهي ۽ حڪومت توڙي پارٽي اندر جمهوري اصولن جي پاسداري ڪئي وڃي ٿي اتي ورلي ڪو اهڙو مثال ملندو جنهن ۾ سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ جي اولاد يا زال پاڻ کي ساڳيءَ جاءِ تي رکڻ، مڙهڻ يا قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. برطانيا جي وزيراعظم ونسٽن چرچل ۽ اميريڪا جي صدر ڪينيڊي جو مثال آڏو آڻي سگهجي ٿو. ٻئي پنهنجي پنهنجي دَور ۽ ملڪ جا پسنديده شخص هئا، ٻئي اڳواڻ هئا، ٻئي پنهنجي پنهنجي ملڪ جي اهم ترين عهدن تي آيا ۽ ڪيترائي نمايان ڪارناما سرانجام ڏنائون پر سندن موت پڄاڻان سندن زالن يا اولاد مان ڪنهن به فرد سياسي وارثيءَ جو هوڪو نه ڏنو. اهي پارٽيون به موجود آهن ته انهن جي حڪومت به ايندي ويندي رهي ٿي. ڇا هتي واجبي طرح اهو سوال نه ٿو پڇي سگهجي ته ايئن ڇو آهي؟
علم، فن ۽ هنر جي دنيا ۾ ته مثال ئي يگانا آهن. ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪيڏي نه وڏي پائي جا عالم، فنڪار ۽ هنرمند ٿي گذريا آهن! انهن مان ڪجهه کان سواءِ باقي سڀني کي زالون به هيون ته اولاد به هو. ڇا ڪا به زال يا ڪو به پُٽ يا ڌيءُ اهڙو سجهيوَ جنهن پنهنجي مڙس يا پيءُ جي ”انهيءَ ملڪيت“ جي وارثيءَ جي دعوا ڪئي هجي؟
سقراط جو پٽ سيني تي هٿ هڻي چوي ها نه، ته ”آءٌ پنهنجي پيءُ جي ڏاهپ جو وارث آهيان!“ مارڪس جي ڪا ڌيءَ به اهڙا ئي لفظ چئي سگهي پئي. مائو زي-تنگ جي زال به دعوا ڪري سگهي ها. پڪاسو جا پويان به هام هڻي ٿي سگهيا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪي شاگرد پنهنجن استادن کان به گوءِ کڻي ويا پر هن سوال کي ٻي نموني سان به بيان ڪري سگهجي ٿو، يعني تاريخ ۾ جن به شاندار علمي، فني ۽ هنري ڪارناما سرانجام ڏنا آهن ڇا انهن جا بومان (ابو امڙ، والدين، Parents) به سندن جيڏا يا انهن کان وڌ يا گھٽ عالم، فنڪار ۽ هنرمند هئا؟
علم، فن، هنر ۽ جمهوري سياسي پارٽين جي حوالي سان مٿي پڇيل سڀني سوالن جا جواب جيڪڏهن وراثت جي منتقليءَ بابت ”نه“ ۾ جواب ڏين ٿا ته پوءِ بجاءِ طور ٻه سوال وڌيڪ پڇي سگهجن ٿا:
1. جتي ذاتي ملڪيت جو رواج آهي (ذاتي ملڪيت واري يعني طبقاتي سماج ۾ اتي) وراثت ۾ ملڪيت ڇو پونيرن ڏانهن منتقل ٿئي ٿي؟
2. جتي سياست ۾ ڊڪٽيٽري يا هڪ هٽي آهي، اتي سياسي وراثت جي هام ڇو ٿي هنئي وڃي؟
سنڌ ۾ پيداواري نظام طور جاگيردار پيداواري طريقو ڇانيل آهي، تنهنڪري مٿين ڍانچي ۾ به جاگيري اثر نمايان آهن. سنڌي عوام جي گذريل ڏهاڪي واري جمهوري جدوجهد جاگيرداريءَ جي بالاتر حيثيت کي ڦَٽي ان ۾ ڦاٽ وجھي ڇڏيا آهن. سنڌ ۾ هوري هوري وڌندڙ صنعتڪاري جمهوري جدوجهد کي طاقتور بڻائيندي ويندي ۽ جيئن جيئن جمهوري جدوجهد زور وٺندي ويندي تيئن تيئن جاگيردارڪا ثقافتي اثر به ٽٽندا ويندا. ڪجھ عرصو اڳ تائين جاگيردار ۽ ان جي سرشتي کي طاقتور بڻائيندڙ ملا، پير ۽ مرشد جڏهن به چونڊون ٿينديون هيون، ووٽرن کي گهرائي، ڌڙڪي ۽ دهمان سان ووٽ وٺندو هو. 1988ع ۽ 1990ع وارين چونڊن ثابت ڪيو آهي ته جاگيري ثقافت جي پيٽ ۾ خنجر لڳي چڪو آهي. 1993ع جي چونڊن ۾ آيل اميدوارن جي فهرست ٻه سبق ٻڌائي ٿي ته جاگيردار مُئي مارائي بنا پچر نه ڇڏيندو ۽ ٻيو ته جمهوري قوتون طاقتور ٿينديون پيون وڃن.
اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪي سياستدان پنهنجيءَ سياست ۾ حقيقتن يا بظاهر ناڪام ويا آهن، انهن مان جيڪي جاگيردار آهن انهن جو اولاد سياست ۾ به آهي (۽ پنهنجي پيءُ جي سياست جي ڪجهه نه ڪجهه صفائي به پيش ڪري ٿو) پر ان جي پوئلڳيءَ يا وراثت جي دعوا نه ٿو ڪري. البت جيڪي اڳواڻ پنهنجيءَ سياست ۾ ڪامياب رهيا آهن انهن جي اولاد سياسي ورثي جي به دعوا ڪئي آهي، جن مان ٻه مثال وڌيڪ چِٽا آهن ـــــــ شهيد عوام محمد فاضل راهوءَ جو اولاد ۽ قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو اولاد.
محمد اسماعيل راهو پنهنجي پيءُ جي سياسي وراثت جون ڳالهيون پئي ڪيون آهن. فاضل صاحب جي سياست جيڏي وڌيڪ وطن دوست، عوامي، جمهوري ۽ انقلابي ۽ ان سان گڏ باعمل ۽ وفادار هئي، تيڏي ئي اسماعيل صاحب جي سياست ان جي نفي ڪندڙ آهي. فاضل سنڌ جي سياسي اُڀ جو سڀ کان سهڻو تارو هو ۽ هي اونداهي ڌرتيءَ جو اجهاميل ڪوئلو. هتي فاضل جي سياست تي تفصيلي ڳالهائڻ جو مناسب موقعو ناهي البت ايترو چئي سگھجي ٿو ته اسماعيل صاحب پنهنجي سياسي وراثت واري دعوا سبب فاضل جي عاليشان سياست کي گندو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ــــــ فاضل جو ٻيو پٽ ان عمل ۾ ساڻس سهڪاري آهي.
بينظير صاحبه پنهنجي پيءُ جي سياسي وراثت جون ڳالهيون پئي ڪيون هيون. سامراجي مومن جنرل جو اونداهو راڄ هو. ڀُٽي صاحب جا لڳ ڀڳ سمورا جاگيردار شيدائي با ادب با ملاحظه ان سان گڏ هئا. وراثت جي دعوا هن کي ٺهيل ٺڪيل مارشل لا مخالف عوامي قوت پليٽ ۾ سينگاري پيش ڪئي، پر ان کان به وڌيڪ سندس پنهنجو ۽ سندس ماءُ نصرت ڀٽو صاحبه جو اهو پختو، جمهوري، جوشيلو ۽ مارشل لا مخالف عمل ۽ ٻيون سوين سماجي حالتون ئي هيون جن بينظير صاحبه جي سياسي اڳواڻيءَ کي پختو ڪيو. ڀٽو صاحب پاڻ به فوجي ڊڪٽيٽر خلاف عمل ۾ اچڻ جي ڪري هڪ نمايان حيثيت والاري بيٺو هو. ڀٽي صاحب کي طاقتور بڻائيندڙ ٽي عنصر ٻيا به هئا ــــــ پهريون، هو جاگيردار طبقي مان هو. ٻيو، حڪمران ٿي رهيو هو ۽ ٽيون، ماڻهو فوجي ڊڪٽيٽري مان بيزار ٿي چڪا هئا ۽ کين ڀُٽي صاحب جي جمهوري نعري وڏيون ايماني قوتون بخشيون. 1988ع کان پوءِ، ڀُٽي صاحب جي شهادت جي چيڪ ڪئش ڪرائڻ کان پوءِ، بينظير صاحبه پنهنجي ماءُ جي سهڪار سان جيڪا سياست ڪئي آهي، ان ۾ ڀُٽي صاحب جو وجود هڪ سياسي تمغو آهي، هڪ ڇپر ۽ ڇانوَ آهي، باقي سڀ ڪجهه هن ماءُ-ڌيءُ جو ڪردار آهي. هاڻي شهيد ڀُٽي جو نالو ايئن آهي جيئن ڀٽي صاحب جي سياست ۽ ضياءَ جي حڪومت ۾ اسلام جو نعرو هو.
1993ع جي چونڊن جو چَوٻول شروع ٿيندي ئي ڀتين تي ڪجهه پوسٽر چنبڙايا ويا آهن جن ۾ شهيد ڀُٽي صاحب جو سياسي وارث مير مرتضى ڀُٽي کي ڄاڻايو ويو آهي. اهو پوسٽر ئي هيءُ مضمون لکرائڻ جو ڪارڻ ٿيو.
مير مرتضى ڀُٽي صاحب سنڌ جي 17-صوبائي ۽ 6-قومي سيٽن تي فارم ڀرايو آهي. ٽن اخبارن کي ٽيليفونڪ انٽرويو ڏئي چڪو آهي. سندس نمائندگي ڪندڙن ۾ سندس ماءُ، سندس گھر واري ۽ سبڪ مجيد نالي دوست نمايان آهن ۽ ڪارڪن ميدان ۾ ورڪنگ ڪاميٽي آهي.
ڪنهن زماني ۾ ۽ اڄ به دشمن جي مخالف به ماڻهوءَ جي ڪردار جو هڪ ماڻ هئي. مخالفت ڪندڙ دشمن جيڪو وڌيڪ ڪمينو ۽ بدمعاش اوترو ئي هو وڌيڪ سورهيه ۽ سرواڻ. پر افسوس جو مير مرتضى جي سلسلي ۾ اهو تصور پوريءَ طرح ٺهي نه سگهيو. هونئن ته ملڪ کان ٻاهر رهي هلايل جدوجهد به ڪيترن ئي اڳواڻن کي سرواڻ سورهيه بڻائي ڇڏيو آهي، جيئن خميني هو يا ڪجهه عرصو بينظير صاحبه جو ٻاهر رهڻ هو، پر مير مرتضى کي وڏو ڌڪ ان ڪري لڳو جو سامراجي مومن جنرل جي مخالف پروپيگنڊه مضبوط هئي ۽ ان کي مير مرتضى جي ڪجھ عملن خاص ڪري جهاز کي اغوا ڪري افغانستان ۾ لاهڻ کان پوءِ مرتضى جي اقراري تقرير، ورڪنگ ڪاميٽي جي عوام کان ڪٽيل نسبتن غير جمهوري رويي ۽ بينظير صاحبه ۽ نصرت صاحبه جي ملڪ ۾ موجوديءَ، جمهوري سياسي عمل ۾ دلير اڳواڻيءَ ۽ گذريل چونڊن ۾ سندس لاتعلقيءَ ۽ سندس ڀيڻ ۽ ماءُ پاران سياسي جوڙ توڙ يا گھٽ وڌائيءَ ۾ باعمل ڪردار ڪمزور ڪري ڇڏيو.
ان ڪري اڄ جڏهن سياسي وراثت جي ڳالهه ميدان تي آئي آهي تڏهن اها هڪ وڏو سواليه نشان ٿي پئي آهي ـــــــ ڇا علم ۽ عمل ورثي ۾ منتقل ٿين ٿا ۽ ڇا وڏڙن جي علم ۽ عمل تي وارثيءَ جي دعوا ڪري سگهجي ٿي؟
اچو ته تاريخ جي انتهائي اهم ڪجھ نالن کي ياد ڪيون ۽ ڏسون ته ڇا انهن مان ڪنهن هڪ به پنهنجي بومان کان ملندڙ ذهني ورثي جي ڳالهه ڪئي آهي.
اناگرينس، اناگزاماندر، آرڪمڊيز، سقراط، افلاطون، ارسطو، ايپيڪيورس، ٽالمي، جابر بن حيان، وغيره.
انهن مان ڪنهن به، نه ته پنهنجي بومان کان ملندڙ علمي، هنري يا فني ورثي جي ڳالهه ڪئي ۽ نه ئي وري منجھانئن جن جي شادي ٿيل هئي ۽/يا کين اولد به هو تن جي پونيرن پنهنجن وڏڙن جي علمي، هنري، فني ۽ شخصي لياقتن جي ورثي ۾ منتقل ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي. ها، ايئن ضرور ٿيو آهي ته شاگرد، پوءِ ڀلي پُٽ هجي، پنهنجي استاد کان به گوءِ کڻي ويو آهي ۽ هن فخر سان اقرار ڪيو آهي ته هو فلاڻي يا فلاڻي فلاڻي جو شاگرد آهي.
هتي فطري طرح هڪ سوال اڀري ٿو ته نيٺ ڪهڙو سبب آهي جو ٻي ته ڪنهن به علمي شعبي ۾ وراثت جي مالڪيءَ يا منتقليءَ جي دعوا نه ٿي ٿئي پر سياست ۾ ٿئي ٿي ۽ اها به تڏهن جڏهن سياست نسبتن سوڀاري يا اقتداري رهي هجي.
منهنجو خيال آهي ته هن سوال جو جواب سڌو، سادو، کليل ۽ سمجھ ۾ ايندڙ آهي.
علم، فن، هنر ۽ شخصي ڪردار جي وارثيءَ لاءِ لازم آهي ته ماڻهوءَ ۾ اهي لياقتون اتم درجي موجود هجن تڏهن ئي وارثيءَ جي هام هڻڻ لائق ٿي سگهندو. جيئن ته علمي، فني، هنري ۽ شخصي ڪردار جي اصولي ڀيٽ ۽ پرک ڪري سگھجي ٿي، نعري، هلڙبازيءَ ۽ انڌي عقيدي پرستيءَ بدران ٺوس علمي بنيادن تي ٿئي ٿي تنهنڪري انهن شعبن ۾ وراثت جي ڳالهه ڪري سگھڻ جي جرئت به نه ڪئي وئي آهي.
سياست ۾ وراثت جي ڳالهه ان ڪري ٿئي ٿي جو ان ۾ هن وقت تائين ٺوس بنيادن تي حساب ڪتاب ۽ پرک جو رواج نه پيو آهي، هلڙبازيءَ ۽ عقيدي پرستيءَ وسيلي ڪم ٽپائي سگهجي ٿو ۽ وڏي ڳالهه ته ”مفت“ ۾ ليڊري ۽/يا اقتدار جو چشڪو وٺي سگهجي ٿو، بلڪل ايئن جيئن ذاتي ملڪيت جي منتقليءَ وسيلي بنا پورهئي عياشي ميسر ٿيو وڃي.
اصولن ٿيڻ ايئن گھرجي ته ڪنهن به پونير کي پنهنجن وڏڙن جي ڪنهن به شيءِ تي وراثت جو حق نه هجڻ گھرجي ــــــ جنهن وٽ پنهنجي شخصي ڏاهپ ۽ ڏات هوندي اهو ئي گھربل شعبي ۾ خودبخود ”وارث“ (سنڀاليندڙ) سمجھيو ويندو جيئن مارڪس ۽ اينجلس جي ورثي جو سنڀاليندڙ لينن هو يا اڳوڻن جو علم، فن ۽ هنر، اڄوڪن جو علمي، فني ۽ هنري ورثو آهي.
حقيقت اها آهي ته ذاتي ملڪيت تي به وراثت نه هجڻ گھرجي. اها به طبقاتي سماج جي بدمعاشي آهي جو وڏڙن جي ملڪيت تي دعوا ڪئي وڃي ٿي، باقي ذهانت ۽ عمل تي وارثي ته مورڳو جهالت ئي نه، ڌوڪي بازي آهي.
(1993ع ۾ لکيل)

***

وهمن جي دنيا کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش

وهمن جي دنيا کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش
(حبيب آدرش ڀُٽي جي ترجمو ڪيل ڪتاب
”روشنيءَ جي تلاش ۾“ جو مهاڳ)

جنهن جي ذهن ۾ سوال ناهي اهو جاهل، ڄَٽ، اَٻوجهه ۽ چَٽُ آهي. سوال اٿاري سوال جو جواب نه ڳولڻ به وهمي دماغ جو ڪم آهي ۽ سوال جو جواب ٻڌي مناسب ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بنا ان تي ڀروسو ڪرڻ پڻ اڻڄاڻائي جي نشاني آهي. جيڪو ماڻهو جيترا گھڻا سوال اٿاري ٿو ۽ جيترن گھڻن سوالن جا جواب ڄاڻي ٿو، اهو ماڻهو اوترو ئي وڌيڪ سڄاڻ آهي.
اهو ته شايد ماڻهو ئي ناهي جنهن پنهنجي سڄي ڄمار ۾، ننڍپڻ کان وٺي ٻڍاپي تائين سوال نه اٿاريا هجن. ڄمندي ئي ذهني طرح چَٽ ٻار کان سواءِ شايد ڪو هجي جنهن پاڻ بابت، پنهنجي گھراڻي بابت، پنهنجي آسپاس بابت، ڌرتي ۽ سنسار بابت ۽ ”قسمت“ ۽ قدرت بابت سوال نه پڇيا هجن.
قدرت ۽ قدرت جي لقائن بابت ماڻهن هزارين قسمن جون تشريحون پئي ڪيون آهن. انهن سڀني کي پاڻ ۾ هڪجھڙائي رکڻ جي ڪري جيڪڏهن درجيبند ڪيو وڃي ته ٻه ڌڙا ٺهي پوندا. هڪڙو انهن ماڻهن جو ڌڙو جيڪي چون ٿا ته سڄو جڳ (جيترو به آهي ۽ منجھس جيڪي به رنگارنگيون ۽ رونقون آهن) سمجھ ۾ نه ايندڙ، عقل کان چڙهيل، فطرت کان مٿاهين پر سڀ طرفي سگھ رکندڙ هستيءَ يا هستين جو جوڙيل آهي. (ان هستيءَ يا هستين جو ڪو به متفق راءِ ۽ تصديق ٿيل ماڻ، قدبت، عمل جو دائرو ۽ حاڪمي جو ٻل مقرر ناهي. سائنسي کوجنائون جيئن جيئن نت نين شين، وسعتن، اصولن ۽ قاعدن کي ظاهر ڪنديون پيون وڃن تيئن تيئن ان هستيءَ يا هستين جي تشريح ۽ قدبت ۾ ڦيرڦار ايندي رهي ٿي.) اها هستي يا هستيون سندن سوچ جي تخليق ۽ ماحول جي سَونسائي سوجھ کان سواءِ ڪجھ ناهن، ڪو به وجود نه ٿيون رکن پر نسل در نسل نون ڄمندڙن جي ذهن ۾ ويهاريون وڃن ٿيون. ٻي ڌڙي ۾ اهي ماڻهو شامل آهن جن تي جيئن جيئن قدرت ۽ سنسار جي لقائن جا راز ٻاڦوربا پيا وڃن ۽ سائنسي ترقي ٿئي ٿي تيئن تيئن سندن ڀروسو تصديق وٺندو پيو وڃي ته ڪائنات جي تشريح ذهني طرح گھڙيل ۽ وهمي طرح مقرر ڪيل ڪنهن به هستيءَ يا ڪن به هستين (جيڪي سمجھ ۾ ايندڙ، عقل کان چڙهيل ۽ فطرت کان مٿاهيون هجن) جي سڀ طرفي سگھ جو ڪرشمو ناهي، مادو پنهنجن سڀني روپن ۽ لقائن سميت پنهنجي فطرت ۾ ڪنهن به خالق جي تخليق جو محتاج ناهي، انسان جو دماغ پاڻ ئي مادي جو ٺهيل آهي ۽ ماڻهوءَ جون سوچون سمجھون ۽ ذهني تخليقون سندس ميڄالي، مادي جي ئي هڪ ڪرت آهن تنهنڪري اهو ممڪن ئي ناهي ته پوءِ ٺهيل شَي، ماحول جو اولڙو، سوچ ــــــــــ هڪ سَونسو ۽ وهم، خيالي هستي ـــــــــــ پاڻ کان اڳ موجود، حقيقت، مادي يعني پنهنجي خالق جو خالق ٿي سگھي.
ماڻهو جيترين گھڻين خيالي هستين تي ڀرم رکڻ جي وهم ۾ ڦاٿل آهي اوترو ئي وڌيڪ تنگ نظر، ڪٽر ۽ ساڙيلو آهي، هو پاڻ ۽ پنهنجن همخيالن کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به پنهنجن وهمن ۽ وسوسن جي ڪري ڪيل پوڄائن ۽ سندن سوچ موجب ان جي نتيجي ۾ ملندڙ لذتن ۽ عياشين ۾ شريڪ نه ٿو سمجھي ۽ سندن ڀرمن ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيندڙن کي ڏوهي، ڀٽڪيل ۽ واجب القتل قرار ڏئي ٿو. هو پنهنجو پاڻ کي به پنهنجي تخليق ڪيل يا پنهنجن وڏڙن کان ٻڌل سڀ طرفي سگھ رکندڙ هستيءَ يا هستين کان ڊيڄاريندو رهي ٿو. هو صبح شام پنهنجن ڀرمن ۽ عقيدن جي ڀڃڪڙي به ڪري ٿو ته توبهه تائب به ٿئي ٿو ۽ توبهه تائب ٿي ڪري وري ڀڃڪڙي ڪري ٿو. جي ڀروسو، ايمان ۽ عقيدو سچو هجي ته ايئن ڇو ٿئي؟ سچي ڳالهه هيءَ آهي ته جنهن کان ڊڄبو آهي ان سان پيار نه ڪري سگھبو آهي ۽ نه ئي وري ان لاءِ اندر ۾ ڪا عزت ذري هوندي آهي. جيڪو ڪجهه هوندو آهي اهو رڳو ڏيکاءَ ۽ ٻين ماڻهن جي وات کي بند رکڻ لاءِ.
ماڻهو جيڪو سَونسن ۽ وهمن کان جيتري قدر آجو آهي اهو گھڻي ڀاڱي اوتري قدر ئي فراخدل، وسيع نظر، انسان دوست ۽ امن پسند ٿئي ٿو. لطيف سائينءَ سڀني عالَمن کي آباد ڪرڻ جي دعا گھري هئي، هن جي نظر گروهن ۽ فِرقن، مومنن ۽ مشرڪن، دينن ۽ ڌرمن، قبيلن ۽ قومن جي ڪٽرپڻي کان آجي هئي، هن اڪيليءَ سنڌ جي سڪار کي ڪافي نه سمجھيو، هن دنيائن، ڏيهَن، مجموعي طرح سڀني ماڻهن جي سک سهنج کي نظر ۾ رکيو پر پنهنجيءَ سنڌ کي به نه وساريو. سنڌ به سکي هجي ۽ دنيا به آباد هجي ته پوءِ هٻڇ ۽ خودغرضيءَ کي ڪڍي ڦٽو ڪرڻ سان دنيا ۾ نه ڪاهون هونديون ۽ نه ئي جنگون، نه انساني ڪوس هوندا ۽ نه ئي وري ڪٽرپڻو، نه تنگ نظريون هونديون ۽ نه ئي وري ڪِينا ۽ فساد...
وحشت جانور ۾ آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو. جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ-روپيو وحشي آهي ته اهو جانور کان به بدتر ئي ليکبو ـــــــــــ ماڻهو ته اوسر جي اتاهين ڏاڪي تي آهي. هن کي ته تهذيب ۽ تمدن ڀريو ۽ ڪلچرڊ (سڌريل) هئڻ گھرجي. جيڪو پنهنجن ذاتي مفادن کي مٿاهون رکندي ڪائنات جي هر نعمت تي پنهنجو قبضو رکڻ گھري ٿو ان ۾ سڌريل هئڻ جِي، ماڻهپي واري نشاني ئي ڪهڙي؟ هو ته خود غرض، ڪمينو ۽ نيچ آهي.
انهيءَ خود غرضيءَ، ڪمينائپ ۽ نيچائيءَ کان آجو ٿيڻ لاءِ ۽ سڌرڻ، تهذيب يافته ٿيڻ ۽ ڪائنات جي نعمتن ۾ سڀني ساهوارن کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي علم جي، تعليم جي گھرج آهي. علم ئي اها پهرين ڪسوٽي آهي جيڪا جانور ۽ ماڻهوءَ جي وچ ۾ فرق ڏيکاري ٿي ۽ علم جو ماڻهوءَ جي فائدي ۾ واهپو ماڻهپي جي پهرين نشاني آهي.
سَونسن ۽ وهمن جي دنيا کان ٻاهر ڪڍڻ ۽ ماڻهپي ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش هن ڪتاب ۾ پڻ نظر اچي ٿي. برٽرانڊ رسل جي ڪتاب ”مان عيسائي ڇو نه آهيان؟“ جو مغز هن ڪتاب ۾ آندل آهي. عيسائيت جي ڪٽرپڻي مان رسل ڪيئن آجو ٿيو ان کان بهتر نموني واقف ٿيڻ لاءِ ان ڪتاب جو اڀياس ضروري آهي. ”فلسفو ۽ زندگي“ ۾ به رسل ڪجھ سوال اٿارڻ، ذهن ۾ آڻڻ ۽ انهن تي سوچڻ جي دعوت ڏي ٿو. ابراهيم ميسو جي مضمون ”مذهبُ، سائنس ۽ انساني قدرَ“ ۾ انهن سڀني ڪٽرپڻي کان آجو ڪري هڪ ڪمري ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪيل آهي، جڏهن ته ايرڪ فرام جي مضمون ”ايمانُ ـــــــــ شخصيت جو هڪ رخ“ ۾ ايمان سان گڏ شڪ کي سمجھڻ جو جتن به ڪيل آهي ۽ آخر ۾ آهي زان پال سارتر، جنهن جي سوچ ترقي پسندي ۽ رجعت پرستي جي وچ ۾ لڏندي رهي ٿي، ان هوندي به ڏنل انٽرويو جي ترجمي ۾ خدا بابت سندس خيال ڪجھ ڇرڪائيندڙ آهن، پر خصوصي ذڪر لائق آهن انهن سڀني مضمونن جو اردو ۾ ترجمو ڪندڙ، خالد سهيل جا خيال، جيڪي زاهد ڏانهن خط جي صورت ۾ ظاهر ڪيا ويا آهن. پڙهڻ کان پوءِ ايئن ٿو لڳي ڄڻڪ هر فرد، جيڪو پڙهي ۽ سوچي ٿو ۽ سمجھڻ گھري ٿو، ان کي انهن سڀني ڏاڪن تان لنگھڻو پوي ٿو جن تان خالد سهيل اڪريو آهي.
مون پنهنجن وڏڙن ۽ استادن کان انهن سوالن جي جوابن لهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منهنجو پُٽ ساجد مون کان اهڙا ئي سوال پڇندو رهندو آهي. جن دوستن جي ننڍپڻ کان واقف آهيان انهن بابت به اها ڄاڻ اٿم ته انهن به پنهنجن وڏڙن کان اهڙا سوال پڇيا هئا. انهن کي ۽ مون کي پنهنجن سوالن جي موٽ ۾ ماٺ ڪري ويهڻ جا دڙڪا ملندا ۽ جيئن ٻڌايو وڃي ٿو تيئن ان تي ڀروسو رکڻ لاءِ دٻاءُ پوندو رهيو ۽ انت ته مجموعي طرح مخصوص فرقي جي وهم پرستي پلئه پيئي. ساجد کي مون وٽان ته وهم پرستي نه ٿي ملي پر سندس باقي ماحول ۾ اها رچيل آهي. تنهنڪري اسان جي هن نسل کي وهم پرستيءَ ۽ عقلمنديءَ جي ٻه-واٽي تي پنهنجي ٻاراڻي ذهانت سان دل من هڻندي ۽ ٻڏندي ترندي سفر ڪاٽي جوان ٿيڻو پوندو پر آءٌ پاڻ کي انهن عذاب هيٺ آيل ۽ گھاريندڙ ڏاهن ماڻهن جي قطار پٺيان هلندي ٿو ڀانيان جن ڏک ڏسي به وهم پرستي ۽ جهالت جي اوندهه گھاٽي ڪرڻ بدران روشن خياليءَ، عقلمنديءَ ۽ علم جي ڏياٽي ٻاري پاڻ سان گڏ کنئي آهي، جيڪي جهالت ۽ وحشت جي اونداهي دنيا ۾ ماڻهپي ۽ علم جو سوجھرو ڪرڻ گھرن ٿا.
جنهن به معاملي بابت ڄاڻ آهي ۽ حقيقت پڌري ٿيل آهي ان بابت هر قسم جا وهم وسوسا ٽُٽي وڃن ٿا. ماڻهو، جيڪي هٿ جي لِيڪن، نِکٽن (برجن) جي بناوت، ديون ڀوتن جي تصور وغيره جي حقيقت ڄاڻن ٿا اهي انهن بابت ڪنهن به قسم جي وهمن ۾ نه ڦاسندا. ماڻهو جيستائين وهمن کان آجو نه ٿيو آهي تيستائين حقيقتن کي سندن سچي روپ ۾ ڄاڻي نه ٿو سگھي.
هيءُ ڪتاب وهم جي دنيا کان ٻاهر ڪڍڻ، ماڻهپي ڏانهن آڻڻ جي هڪ ڪوشش آهي. جيڪڏهن پڙهندڙ جي دماغ ۾ ڪتاب پڙهندي ڪي علم وڌائيندڙ سوال اڀريا ته سنڌي ۾ ترجمو ڪندڙ، حبيب ڀُٽي جي سڌ پوري ٿيندي نظر ايندي. هو پنهنجي وت ۽ ڏات آهر سنڌي ماڻهن جو علم وڌائڻ لاءِ پتوڙي رهيو آهي. اڳ به سندس مختلف مضمون ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. سندس هن جتن کي به علمي حلقن ۾ اوس ساراهيو ويندو.

***

ذهنن کي وهمن ۾ ڦاٿل رکڻ جي ”سائنسي“ ڪوشش

ذهنن کي وهمن ۾ ڦاٿل رکڻ جي ”سائنسي“ ڪوشش


ڳجهه بابت ”ڳجهي“ رپورٽ ”سائنسي دوزخ“
گڏيل آمريڪي رياستن (گ ا ر) جي هڪ جاسوس ۽ سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فتنا ۽ سازشون اُپائي، اڀاري، پالي تاتي، وڌائي ۽ پکيڙي گ ا ر جي سامراجي مفادن کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ سرڪاري تنظيم ”سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي“ (سِي آءِ اي)، جنهن جون مصروفيتون ۽ ترجيحون سوويت يونين جي ٽُٽي پوڻ کان پوءِ ڪي قدر بدلجي ويون آهن، پنهنجيءَ هڪ تازي ”کوجنا“ ۾، ذهن کي وائڙو ڪندڙ ”خبر“ ڳولي آئي آهي. هفتيوار ”ورلڊ نيوز“ ۾ شيع ٿيل رپورٽ موجب:
1. سي اءِ اي جِي ڳجهي تحقيق اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته زمين تي وقت بوقت رهاڪو نظر ايندڙ خلائي مخلوق حقيقت ۾ دوزخ جا رهاڪو جن ۽ ڀوت آهن، جيڪي نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ ڇڙيل جنگ کي فيصلي ڪُن شڪست ڏيڻ لاءِ شيطان جي مدد ڪرڻ واسطي آيا آهن.
2. اُڏند-کٽوليون (يا اُڏامڪ ٿالهيون) انهن کي دوزخ کان زمين تي پهچائڻ جو فرض سرانجام ڏينديون آهن ته جيئن اهي بدروح زمين تي نيڪيءَ کي روڪين ۽ برائيءَ کي پکيڙين.
3. سي آءِ اي جِي ”ڊگھي“ ۽ ”اَڻٿڪ“ تحقيق وسيلي اهو به ثابت ٿيو آهي ته لڳ ڀڳ 200 قتل جي حادثن ۾ پڻ انهن جو هٿ آهي. (ڏسو ”عوامي آواز“، 11 مارچ 1997ع)
”کوجنا“ جو تجزيو
1. دوزخ، جن ۽ ڀوت اهڙيون شيون آهن، جن بابت گ ا ر جو ڳجهو ادارو، ڳجهي نموني چڪاس ڪري ۽ ڄاڻي سگهي ٿو!
2. دوزخ کان ڌرتيءَ تائين اڏامڪ ٿالهين جهڙيون انتهائي اعلى پيماني جون سڌريل سائنسي ايجادون جنن ۽ ڀوتن کي ڍوئي اچن ٿيون. جن ۽ ڀوت اڏامڪ ٿالهين ۾ سفر ڪرڻ لاءِ مجبور آهن.
3. اهي جن ۽ ڀوت بدروح آهن جيڪي نيڪيءَ خلاف فساد ڪرڻ لاءِ اچڻ جي ڊيوٽيءَ تي چڙهيل آهن.
4. لڳ ڀڳ 200 قتل جا اهڙا حادثا ٿيا آهن جن ۾ انهن بدروحن يا جنن ۽ ڀوتن جو هٿ آهي.
5. دوزخ ڌرتيءَ کان پري آهي. ڪيترو پري ۽ ڪٿي آهي، ان بابت ڄاڻ مهيا نه ڪئي وئي آهي ۽ اها ”ڳجهي“، ”ڊگھي“ ۽ ”اڻٿڪ“ تحقيق ڪيئن ممڪن ٿي سگهي.
6. دوزخ ۾ يا دوزخ ڀرسان ضرور ڪي اهڙيون هستيون رهن ٿيون جن وٽ لاجواب سائنسي دماغ ۽ بي پناهه وسيلا ۽ عاليشان ليباريٽريون آهن، جنهنڪري ئي انهن لاءِ اهو ممڪن ٿي سگهيو آهي جو اڏامڪ ٿالهيون ٺاهي سگهن، ۽ اهو به ته جن، ڀوت ۽ بدروح سفر ڪرڻ لاءِ مشيني وسيلن جا محتاج آهن.
7. اڏامڪ ٿالهيون ڌرتيءَ تي اچڻ کان پوءِ يا ته زيان ٿي وڃن ٿيون يا وري موٽي وينديون هونديون. جي زيان ٿي وڃن ٿيون ته ان جو مطلب هيءُ ٿيو ته دوزخ جي سائنسدان هستين وٽ ايڏو ججهو مادو موجود آهي جو اهي پيا ٿا اڏامڪ ٿالهيون ٺاهن، اڏائن ۽ ضايع ڪن. جي موٽي وڃن ٿيون ته ضرور انهن جا ڪي پائلٽ هوندا يا وري رموٽ ڪنٽرول هيٺ هونديون ۽ ان حالت ۾ اهو به ڀروسو ڪرڻو پوندو ته اهو رموٽ ايڏو ته اثرائتو آهي جو اَڄاتل وشال ڪائنات کان پريان ڪٿان، ڪروڙين سالن جي نُوري فاصلي تان اثرانداز ٿئي ٿو. (هڪ نوري سال جو مفاصلو برابر آهي لڳ ڀڳ 365x24x60x60x186000 ميل.)
8. اسان جي ڌرتيءَ جي جديد ترين تحقيق اڃا ان سطح تي نه پهچي سگھي آهي جو اڏامڪ ٿالهيون ٺاهي سگھي. ان جو مطلب هيءُ ٿيو ته اهي دوزخ واسي هستيون اسان جي موجوده سائنسي ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ ايجادن کان گھڻي مٿاهين ۽ اعلى حيثيت رکن ٿيون. ان هوندي به ڌرتيءَ جي هڪ ملڪ جا ڄامڙا جاسوس ڳجھي نموني ايڏي اونهي ۽ اُتم تحقيق ڪري سگھيا!
پالهي ”جنت“
هڪ پاسي سِي آءِ اي دوزخ ڳولي لڌي ۽ ان بابت ڄاڻ فراهم ڪئي آهي ته ٻئي طرف فلڪ بابت تحقيق ڪندڙ ڪن سائنسدانن، جن جو واسطو پڻ گ ا ر سان آهي ”جنت جي کوجنا“ ڪري ورتي آهي.
رپورٽ موجب:
1. سانۡ ڊياگو جي فلڪيات جي ماهر پروفيسر جل سانتر دعوى ڪئي آهي آمريڪي خلا بابت تحقيقي اداري ”ناسا“ (NASA) پاران موڪليل گمنام خلائي ڇٽل ڪي اهڙيون تصويرون موڪليون آهن جن جي باري ۾ گمان آهي ته اهي جنت جون تصويرون آهن. اهي خلا ۾ اڏامندڙ هڪ جرڪندڙ پراسرار شهر جون تصويرون آهن جنهن ۾ ڊگھيون عمارتون نظر اچن ٿيون، جڏهن ته ان تي تمام گھڻي ٿڌ سبب زندگي برقرار رهي نه ٿي سگهي.
2. اهي تصويرون تڏهن ٺهيون جڏهن خلائي ڇٽل 3 ارب 11 نوري سال پري هڪ ڪهڪشان جون تصويرون وٺي رهي هئي.
3. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهو خدا ۽ سندس فرشتن جو گھر آهي، جنهن تائين پهچڻ لاءِ هڪ روح کي، جيڪڏهن روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪري ته، لڳ ڀڳ 3 ارب سال لڳي ويندا ۽ جي روشني کان 1000 ڀيرا تيز سفر ڪري ته 30 لک سال لڳي ويندا.
”کوجنا“ جي ڇنڊڇاڻ
1. جنت اسان جي ڌرتيءَ کان لڳ ڀڳ 3 ارب نوري سال پري، خلا ۾ اڏامندڙ هڪ جرڪندڙ ۽ پراسرار شهر آهي، ان ۾ ڊگھيون ڊگھيون عمارتون آهن ۽ اتي ايڏي ٿڌ آهي جو زندگي برقرار رهي سگهي، ممڪن ناهي.
2. اهو خدا ۽ سندس فرشتن جو گھر آهي. چئبو ته انهن ”سائنسدانن“ جي نظر ۾ خدا ۽ فرشتا ڪنهن به قسم جي ڪا زندگي نه ٿا رکن، پوءِ به ڊگھي ڊگھين عمارتن ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا (جيڪي ضرور ڪنهن ته جوڙيون هونديون) يعني بي انتها محدود آهن!
3. ڪو روح جيڪڏهن جنت تائين پهچڻو آهي ته ان کي گھٽ ۾ گھٽ 3 ارب سال لڳي ويندا بشرطيڪ اهو روشنيءَ جي رفتار سان لاڳيتو سفر ڪري!
4. ڌرتيءَ جي ڪل ڄمار 3 ارب 60 ڪروڙ ورهيه چئي وڃي ٿي ۽ ان تي موجود ٿي سگھيل ابتدائي، پهريون، آڳاٽو ”ساهوارو“ ڪنهن به طرح ۽ ڪنهن به روپ ۾ اڍائي ارب ورهيه کان اڳ موجود نه هو. جيڪڏهن هر ”ساهوارو“ هڪ ”روح“ رکي ٿو تڏهن به اهو ممڪن نه آهي ته توڙي جو ان روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪيو هجي پر اڄ تائين جنت کي ويجھو رسي سگھيو هجي.
5. قديم يونان ۽ ٻين ملڪن ۾ ديوي ديوتائن جي رهائش بابت اهو هڪ عام تصور هو ته اهي الپس جبلن جي اوچائين تي رهن ٿا ۽ ماڻهو انهن تائين پهچي نه ٿو سگهي، انسان جڏهن ان لائق ٿي سگھيو ته الپس اُڪري ۽ ڇاڇولي سگھي، تڏهن عقيدو مجبور ٿي پيو ته ديوين، ديوتائن کي ”آسمان“ تي موڪلي ڇڏي. ”جنت“ جو هيءُ تصور انهيءَ قديم ڄٽاڻي عقيدي جو جديد ڄٽاڻو روپ آهي.

(ڇپيل: روزاني ”برسات“ ڪراچي، 27 مارچ 1997ع)

***

وڻوٽ بادشاهت ۽ جانوٽ بادشاهت

وڻوٽ بادشاهت ۽ جانوٽ بادشاهت

هن ڌرتيءَ تي جيڪي به ساهوارا يا جاندار موجود آهن انهن کي ٿلهي ليکي ٻن وڏين بادشاهتن يا ٻن وڏن راڄن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:
(1) وڻوٽ بادشاهت يا وڻوٽ راڄ جنهن ۾ هر قسم جو ننڍو توڻي وڏو وڻ، ٻوٽو، گاهه، ڀاڄي، اوڀڙ وغيره سڀ شامل آهن ۽
(2) جانوٽ بادشاهت يا جانوٽ راڄ جنهن ۾ هر قسم جو ننڍو توڻي وڏو جانور، جيت، پکي، مڇي، ڪوڏ وغيره سڀ شامل آهن.
جانوٽ دنيا کي، ۽ وڻوٽ دنيا کي به، اڃا وڌيڪ ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ورهائجي ۽ درجيبند ڪجي ٿو. اها ورهاست ۽ درجائپ مختلف جانوٽن جي وچ ۾، ۽ وڻوٽن جي وچ ۾، ڪجھ ساڳيائپن، مشابهتن، هڪجهڙاين جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. درجائڻ جي ڪري اڀياسڻ ۽ سمجھڻ ۾ سهولت ٿئي ٿي.
درجائپ لاءِ هيٺ ڄاڻايل ٽن عملن وسيلي مليل ڄاڻ کي خاص طرح ذهن ۾ رکيو وڃي ٿو:
(1) لِڱَڄاڻ (لِڱ = جسم جو حصو، عضوو، انگ + ڄاڻ). ’لڱڄاڻ‘ مرتب يوناني لفظ ”ايناٽومي“ (Anatomy: ana = مٿاڇ، مٿي، ٻاهرُ، ظاهر + ectom = وڍڻ، واڍي) جي بدران ڪم آندو ويو آهي. ’لڱڄاڻ‘ اهو علم جيڪو ڪنهن جسم کي وڍي، ڳڀا ڳڀا ڪري ۽ جاچي حاصل ڪيو ويو هجي.
مختلف قسمن جا جانوٽ جسماني طرح ڪهڙي مشابهت ۽ ڪهڙو فرق رکن ٿا، هڪجھڙاين جي بنياد تي کين ڪنهن نه ڪنهن هڪ ٽولي ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
(2) ٻچاٽڄاڻ (ٻچاٽ = پتڪڙو ٻار، ڪچو ٻار، آني يا ڳڀيرڻ ۾ سرجندڙ ٻچ + ڄاڻ). ’ٻچاٽڄاڻ‘ مرتب يوناني لفظ ”ايمبريولاجي“ (Embryology: embryo = ٻچاٽ، اولاد + logos = ڄاڻ) جي بدران ڪم آندو ويو آهي. ’ٻچاٽڄاڻ‘ اهو علم جيڪو ڳڀيرڻ يا آني اندر سرجندڙ ٻار جي اڀياس وسيلي حاصل ڪيو ويو هجي.
مختلف قسم جا جانوٽ پنهنجي ٻچاٽ مرحلي دوران ڪهڙي قسم جي هڪجھڙائي ۽ فرق رکن ٿا، هڪجھڙاين جي بنياد تي کين ڪنهن نه ڪنهن هڪ ٽولي ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
(3) جُهوجِيوُڄاڻ (جُهو = جھونو، قديم، آڳاٽو + جيو = جيوت، حياتي + ڄاڻ). ’جُهوجيوُڄاڻ‘ مرتب يوناني لفظ ”پَلِيئونٽولاجي“ (Paleontology: Palais = جھونو، آڳاٽو + ons = هستي، جاندار، جيئرو وجود + Logos = ڄاڻ) جي بدران ڪم آندو ويو آهي. ’جھوجيوڄاڻ‘ اهو علم جيڪو آڳاٽي جيوت بابت ڌرتيءَ جي مختلف پرتن مان ملندڙ پنڊپاهڻ (fossil) ٿي ويل جاندارن جي اڀياس وسيلي حاصل ڪيو ويو هجي.
جانوٽن جي لڌل پنڊپاهڻن ۾ ڪهڙي قسم جي هڪجھڙائي ۽ ڪهڙو فرق آهي، هڪجھڙائيءَ جي بنياد تي کين ڪنهن نه ڪنهن هڪ ٽولي ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
سمورا جانوٽ مختلف قبيلن (Phyla) ۾ ورهايل آهن، هر قبيلو مختلف پاڙَن (Classes) ۾ ۽ هر پاڙو مختلف ڪَهولن (Orders) ۾، هر ڪهول مختلف آڪهين (Families) ۾ ۽ هر هڪ آڪهه مختلف ذاتين (Genuses) ۾ ورهايل آهي. هر ذات جون ٻه ٽي وِڻڪون (Species) ٿين ٿيون.
درجائپ جو سڄو سرشتو، حقيقت ۾، بنيادي جسماني جوڙجڪ جي ساڳيائپن تي بيٺل آهي. مثال طور مڇيون، پکي، ڏيڏر، ريڙهاڪ ۽ ٿڻائتا جانوٽ ڌار ڌار ’پاڙي‘ ۾ شامل آهن ڇو ته هڪ ٻئي کان گھڻو فرق رکن ٿا پر انهن سڀني ۾ ڪرنگھو موجود آهي تنهنڪري انهن لاءِ گڏيل ’قبيلائي‘ نالو ٿيندو ڪرنگھيتا (توڻي جو سڀني جي ڪرنگھن جي شڪل ۾ ڪجھ نه ڪجھ فرق به آهي).
اهي ساڳيائپون (1) کوپڙيءَ جي موجودي، (2) ڪرنگھي جي موجودي؛ اهو ڪرنگھو ٻچاٽ ۾ پُٺڏورِي (Notochord: noto = پُٺ + chord = ڌاڳو، ڏورِي) سڏجي ٿو، (3) پوري/کوکلي پٺارڪ (پٺين پاسي واري، dorsal) مرڪزي تنتي سرشتي جي موجودي، (4) گھٽ ۾ گھٽ، ٻچاٽ ڄمار دوران ڪَليءَ وِٿَ (gill-slit) جي موجودي وغيره جي حوالي سان ڏٺيون وڃن ٿيون. بنيادي جسماني جوڙجڪ ۾ ساڳيائپ هڪ ناتيداريءَ/مائٽيءَ کي ۽ اها مائٽي ڪنهن ساڳئي ”وڏڙي“ (ancestor) منجھان نسل کي ظاهر ڪري ٿي.
هر قسم جي جانوٽ کي هڪ جانوٽئاڻي (جانوٽڄاڻي، جانوٽڀياسي، Zoological) نالو ڏنو ويو آهي جيڪو ٻن لفظن تي ٻڌل ٿئي ٿو. انهن مان پهريون لفظ ان ذات کي ظاهر ڪري ٿو جنهن سان جانوٽ جي مخصوص وڻڪ لاڳاپيل آهي ۽ ٻيو لفظ وڻڪ لاءِ مخصوص ڪيل آهي.
مثال طور، سنڌ ۾ عام لڀندڙ ڏيڏر کي Rana tigrina (رانا ٽگرينا) سڏجي ٿو، برطانيا ۾ عام ملندڙ ڏيڏر کي Rana tempora (رانا ٽيمپورا) ۽ پاڪستان ۾ لڀندڙ اڃا به ٻئي قسم جي ڏيڏر کي Rana cyanophlictis (رانا سايَـنوفِلِڪٽِس) سڏجي ٿو. نالي جو پهريون حصو رانا ’ذات‘ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ٻيو حصو ’وڻڪ‘ کي (ڏيڏر جي مثال ۾ ’ٽگرينا‘، ’ٽيمپورا‘ ۽ ’ساينوفلڪٽس‘ وڻڪون آهن).
ذات اڳ ۾ لکي وڃي ٿي ۽ انگريزي ۾ ان جو پهريون اکر ”وڏي اي-بي-سي“ ۾ لکيو وڃي ٿو پر خصوصي نالو يعني وڻڪ جي نالي جو پهريون اکر ”ننڍي اي-بي-سي“ ۾ لکيو وڃي ٿو. ٻئي، عام ۽ خاص نالا اِٽئلڪس (Italics) ۾ يعني ليٽائي، ٻاونجرا ڪري لکيا وڃن ٿا ۽ لڳ ڀڳ سڀ لفظ لاطيني يا يوناني بڻ (لفظ جي بڻ) تان ورتل آهن. نالي رکڻ جي ان طريقي کي ٻَـنامِي ناليرکڻي (Binomial nomenclature) سڏيو وڃي ٿو ۽ سويڊني جياڄاڻڪ (Swedish Biologist) ڪارولَس لِينائيَس (Carolus Linnaeus) اهو طريقو متعارف ڪرايو.
وڻڪ ڪهڙن فرقن جي ڪري مقرر ڪجي ٿي ان جو هڪ مثال ڏيڏر جي حوالي سان بيان ڪري سگھجي ٿو. رانا ساينوفلڪٽس ٻيءَ وڻڪ رانا ٽگرينا کان هيٺ ڄاڻايل فرق رکي ٿو:
رانا ساينوفلڪٽس قد ۾ ننڍو، پٺيءَ جي کل ڪارن چُٽن سان ناسي يا زيتوني رنگ رکندڙ جنهن تي ننڍڙيون ڳوڙهيون، آڱريون اڀيون گولائون ۽ چهنبدار، پهرين آڱر ٻي کان ڊگھي نه هوندي اٿس، آڱريون چوٽيءَ تائين کَل جھڙي پردي سان پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ چوٿين آڱر ٽينءَ يا پنجينءَ آڱر کان گھڻي ڊگھي نه هوندي.
انهن ننڍڙن فرقن جي ڪري ساينوفلڪٽس هڪ وڻڪ ۽ ٽگرينا ٻي وڻڪ مقرر ڪيل آهن.
پر ڏيڏر جا اهي ۽ ڪجھ ٻيا قسم هڪ گڏيل ذات ’رانا‘ ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. اها گڏيل ذات هيٺ ڄاڻايل هڪجھڙاين جي ڪري مقرر ڪئي وئي آهي:
سندن زبان ڪاڪڙي واري پاسي ڏانهن آزاد (اڳيان مهارن واري پاسي ڳنڍيل) ۽ ٻه-شاخي آهي، ڏندَ رڳو مٿينءَ ڄاڙيءَ ۾ موجود ۽ ڍونگري واري هڏيءَ جي ڦڻي اڻ ٿُلهي اٿن.
ڏيڏر جا سمورا قسم هڪ گڏيل آڪهه ’رئنِيڊِي‘ (Ranadae) ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا.
ڏيڏر جھڙو ڏيک ڏيندڙ هڪ ٻيو جانوٽ ٽوڊ (Toad) سڏجي ٿو. سندس کل سنهي ۽ ڦُـڙن/وائڙلن ڀري، ڄاڙيون ڏندن کان وانجھيون، پويون ڄنگھون نسبتاً ننڍيون، ڍونگري جي ڪرنگھي وارو حصو ڪجھ ٿلهو ۽ زبان يَڪي ڳنڍيل (ٻه-شاخي نه) آهي. اهي فرق ايڏا ته وڏا آهن جو انهن کي نه رڳو ڌار ذات بُوفو (Bufo) پر ڌار آڪهه بوفونِڊِي (Bufonidae) ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
پر سمورا ڏيڏر ۽ سمورا ٽوڊ انهيءَ ڳالهه ۾ هڪجھڙائي رکن ٿا ته وڏي ٿيڻ کان پوءِ وٽن پُڇ نه هوندو آهي، وٽن نسبتاً ننڍو ۽ ويڪرو ڍڍر هوندو آهي ۽ پويون ڄنگھون اڳين ڄنگھن جي ڀيٽ ۾ ڊگھيون اٿن. ان ڪري اهي نِيُوٽ ۽ سَلامندر نالي جانوٽن کان مختلف آهن جن جو پڇ سڄي ڄمار برقرار رهندو آهي ۽ سندن اڳيون ۽ پويون ڄنگھون لڳ ڀڳ برابر هونديون آهن. انهن فرقن جي ڪري ڏيڏرن ۽ ٽوڊن جي آڪهين کي هڪ ڌار ڪهول ’اَنيُورا‘ (Anura) ۾ رکبو ۽ نيوٽن ۽ سلامندرن کي وري ٻي ڪهول ’يوروڊيلا‘ (Urodela) ۾ شامل ڪبو. اهڙي ئي قسم جي جانوٽن جو ٽيون ڪهول ايپوڊا (Apoda، بي-پٖيرا) آهي جيڪي نانگ-جھڙا ڏيکاربا آهن ۽ وٽن نه ته پُڇ هوندو آهي ۽ نه وري ڄنگھون.
انيورا، يوروڊيلا ۽ ايپوڊا ڪهولن ۾ شامل جانوٽ توڻي جو هڪ ٻئي کان ڪيترائي فرق رکن ٿا پر وٽن ڪي هڪجھڙايون به آهن ــــــــ انهن وٽ عام طرح ننڍپڻ ۾ ڪَليون هونديون آهن، پنهنجيءَ واڌ مهل هڪ روپ مٽائيندا آهن (جيئن، سوٻٽ بدلجي پوپٽ ٿئي ٿو)، انهن جي کل نرم غدودن واري هوندي آهي ۽ سندن آڱرين ۾ نَنهن نه هوندا آهن. انهن ڳالهين جي ڪري اهي ’ريڙهاڪ‘ سڏجندڙ جانوٽن کان فرق رکن ٿا ڇو ته ريڙهاڪ جانوٽن ۾ حياتيءَ جي ڪنهن به ڏاڪي تي ڪَليون نه ڦٽنديون آهن، اوسر مهل روپ نه بدلائيندا آهن، آڱرين ۾ ننهن هوندا اٿن وغيره.
ان ڪري مٿي ڄاڻايل ڪهولن جي جانوٽن کي هڪ ڌار پاڙي ’ٻوجيا‘ (ٻو = ٻه + جيا = حياتي. Amphibia: Amphi = ٻه + Bios = حياتي. ’جلڀومي‘) ۾ رکيو وڃي ٿو. جڏهن ته ’ريڙهاڪ‘ پاڙي ۾ وري ٻيا جانوٽ شامل آهن. اهڙيءَ طرح مڇين وٽ ڳلڦڙا/ڪَليون سڄي ڄمار برقرار رهن ٿيون ۽ انهن وسيلي ساهه کڻن ٿيون تنهنڪري سندن ڌار پاڙو ’مڇيون‘ مقرر ڪيو ويو آهي. پکين کي کنڀ آهن، سندن پاڙو ’پکي‘ ۽ وار/بَج رکندڙ جانوٽ جيڪي پنهنجي اولاد کي ٿڃ ڌارائن ٿا انهن جو پاڙو ’ٿڻائتا‘ سڏجي ٿو.
ٿڻائتا، پکي، مڇيون، ٻوجيا، ريڙهاڪ وغيره نالي پاڙن جا جانوٽ گھڻن ئي فرقن باوجود ڪجھ ڳالهين ۾ هڪجھڙا آهن ــــــــ ٻچاٽ ڄمار ۾ کين پُٺڏورِي هوندي آهي جيڪا پوءِ مغزي ڏوري، ڪرنگھي ۾ بدلجي وڃي ٿي. سندن رت جو رنگ ڳاڙهو ٿئي ٿو ۽ کين ڄنگھن (ٻانهن) جا وڌ ۾ وڌ ٻه جوڙا ٿين ٿا وغيره. انهيءَ بنياد تي کين هڪ اپ-قبيلي ’ڪرنگھيتا‘ ۾ شامل رکيو وڃي ٿو ۽ سندن قبيلو ’ڏورِيئيتا‘ آهي.
جيت، جڻيا، کيکڙا، جھينگا وغيره ڪرنگھو نه ٿا رکن، انهن جو رت اڇي رنگ وارو آهي، وٽن گھڻن سَنڌن واريون ڄنگھون آهن وغيره جنهنڪري سندن قبيلي جو نالو ’ڳَنڍَپاويرا‘ آهي.
ساڳيءَ طرح نرم جسم وارا جانوٽ جن جي مٿان کوپ چڙهيل ٿئي ٿو جيئن ڪوڏ، ”ڪالو مڇي“ وغيره تن جو قبيلو Molluska (مولسڪا)، مختلف ڪِينئن جو قبيلو Annelide (انيلڊا)، هائڊرا، پولِپ، جيلي مڇي وغيره جھڙن جانوٽن جو قبيلو ’اَندرپٖوريتا‘ (Coelenterata) آهي. آخر ۾ هڪ جيو-گھرڙي وارا يَڪسيلا (Unicellular) جانوٽ جيئن ايمِيبا، پئرامِيشيَم وغيره هڪ قبيلي آڳيجيا (protozoa، آڳاهون جيوت رکندڙ) ۾ شامل آهن.
اهي سڀ ۽ ڪي ٻيا قبيلا گڏجي سڏجي ’جانوٽ راڄ‘، ’جانوٽ بادشاهت‘، ’جانوٽ دنيا‘، Animal Kingdom يا Kingdom Animalia جوڙن ٿا.
سنڌ ۽ هند جي عام ڏيڏر جي وڻڪ ٽگرينا، ذات رانا، آڪهه رينيڊي، ڪهول انيورا، پاڙو ٻوجيا، اپ-قبيلو ڪرنگھيتا، قبيلو ڏورِيئيتا ۽ راڄ جانوٽ آهي.
اهڙيءَ طرح اڄوڪي ماڻهوءَ جي وڻڪ سُڌيت/ساپِينز، ذات ماڻُو، آڪهه ماڻوت، ڪهول اُتَميتا، پاڙو ٿڻائتا، اپ-قبيلو ڪرنگھيتا، قبيلو ڏورِيئيتا ۽ راڄ جانوٽ آهي.

(ڇپيل: سلسليوار ”سائنسي سوچ“ قنبر، اپريل-جون 2012ع)

***

اَڻو (Atom) : مادو اڏيندڙ سِرَ

اَڻو (Atom) : مادو اڏيندڙ سِرَ

سڄو مادو 106 ڄاتل سادن جزن جو ٺهيل آهي ]هن وقت انهن جو ڄاتل تعداد 118 آهي[. انهن مان هر جزي کي عنصر سڏجي ٿو. هر عنصر اڻن جو ٺهيل آهي. اڻو ڪنهن به عنصر جو ممڪن ننڍي ۾ ننڍو ذرو آهي. اڻو ايترو ته ننڍڙو آهي جو ان کي ڪنهن به سٺي کان سٺي تِڇ جاچڻِي سان ڏسي نه ٿو سگھجي. 4-ارب کان به وڌيڪ اڻا ”ن“ جي هڪ نقطي ۾ سمائجي سگھن ٿا.
اسان جا سڀئي لڱ گھڻي ڀاڱي ڪاربن، آڪسيجن، هئڊروجن ۽ نائٽروجن نالي اڻن جا ٺهيل آهن پر توهان انهن مان ڪنهن به عنصر کي ڏسي نه ٿا سگھو. اڻن جي ڳڻپ ۽ ترتيب ڪيتري ۽ ڪيئن آهي، ان ئي حساب سان نت نوان وڙ ٺهن ٿا.
اڻي جو اندر
اڻا پاڻ به تهائين ننڍڙن ذرڙن جا ٺهيل آهن جن کي واڌڻو، ڪاٽڻو ۽ الاڻو سڏجي ٿو. هڪ زبرو زور واڌڻي ۽ الاڻي کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکي ٿو، اهي ٻئي اڻي جي وچ ۾ رهن ٿا ۽ اڻي جي ان وچ جو نالو آهي مِکُ. ڪاٽڻا جيڪي اڃا به هلڪڙا آهن ان مِک جي چوڌاري انتهائي تيزيءَ سان چڪر هڻندا رهن ٿا.
اڻو، عام طرح ايئن پسڻ ۾ ايندو ڄڻڪ اهو مادي جو ڪو ننڍڙو ۽ ٺوس ذرو هجي، پر اهو، سچ چئجي ته ڄڻڪ خالي پولار آهي. جيڪڏهن اڻي کي وڏو ڪري هڪ ڏاڍي وڏي ڪمري جيڏو سمجھيو وڃي ته پوءِ ان جي مِک (ڀِتين، ڇت ۽ فرش جي وچ تي) اکروٽ جيتري به مَس ٿيندي، ان هوندي به اڻي جو گھڻي کان گھڻو مايو ان مِک ۾ ئي گڏ ٿيل هوندو آهي، جنهن جي چوڌاري چڪر هڻندڙ ڪاٽڻو (يا ڪاٽڻا) ڪمري جي ڀتين، ڇت ۽ فرش جيان هوندو.
هڪ اڻي ۾ هر قسم جي ذرڙي کي ڌار ڌار قسم جي وڄدار وهڪ هوندي آهي. واڌڻن تي واڌو (+) وهڪ ۽ ڪاٽڻن تي ڪاٽو (-) وهڪ جڏهن ته الاڻن تي ڪنهن به قسم جي وهڪ نه هوندي آهي. هڪ اڪيلي اڻي ۾ جيترا ڪاٽڻا هوندا اوترا ئي واڌڻا به هوندا، تنهنڪري انهن جي ابتڙ وهڪ واري سگھ هڪ ٻي کي بي اثر ڪريو ڇڏي جنهنڪري هڪ اڻو عام طرح اَوهڪ هوندو آهي.
بهرحال، ڪجھ اڻا جڏهن ٻين اڻن سان ملندا آهن تڏهن وٽن هڪ، ٻه، چار ڪاٽڻا وڌي ويندا آهن يا وري گھٽجي. ان ڪري اهي يا ته واڌو وهڪ وارا (جن اڻن جو ڪاٽڻو ٽٽي ويو هجي) يا ڪاٽو وهڪ وارا (جن اڻن ۾ ڪاٽڻو وڌيو هجي) ٿي پوندا آهن. (ڪاٽو يا واڌو) وهڪ رکڻ وارو اڻو آيال سڏبو آهي.
اهي خاڪا جن ۾ اڻن کي ظاهر ڪيو ويو هجي، ڏيکارن ٿا ته ڪاٽڻا مِکُ جي چوڌاري ايئن چَڪر هڻن ٿا جيئن سج چوڌاري ان جا گرهه. اهو اڻي بابت سوچڻ جو هڪ مناسب سولو طريقو آهي (سائنسدان ان کي ماڊل سڏيندا آهن) پر سچ اهو آهي ته اڻي بابت اهو خاڪو ٺيڪ ناهي. ڪاٽڻا (اوزارن وسيلي) ايئن پسبا آهن ڄڻڪ وهڪ جا سِمي-نڪتل ڪڪر هجن ۽ اهڙو ڪو به طريقو ڪونهي جنهن وسيلي اهو ڄاڻي سگھجي ته ڪنهن به هڪ گھڙيءَ ڪاٽڻو ڪهڙي هنڌ موجود آهي.
بهرحال، سائنسدان ڄاڻن ٿا ته اهي اڻن کي تصويرن وسيلي ظاهر نه ٿا ڪري سگھن. ان جي بدران اڻي کي رڳو ڇڳير ڪَلڀياس جي ڳڻتڀياسي مساواتن وسيلي ظاهر ڪري سگھجي ٿو.
اڻن جا ڌار ڌار نمونا
سمورا اڻا لڳ ڀڳ ساڳي قدبت جا آهن پر هر قسم جي اڻي ۾ ذرڙن جي ڳڻپ هڪ جيتري ناهي هوندي. مثال طور، سڀ کان وڌيڪ هلڪي عنصر هئڊروجن جي مِک ۾ رڳو هڪ واڌڻو آهي جڏهن ته يورينِيم جي هڪ اڻي جي مک ۾ واڌڻن جي ڳڻپ 92. ساڳي قسم (عنصر) جي هر اڻي ۾ واڌڻن جي ڳڻپ سدائين هڪ جيتري هوندي آهي ۽ ان کي واڌڻو انگ يا اَڻائي انگ سڏبو آهي.
پر هر قسم (عنصر) جي هڪ اڻي ۾ ڪاٽڻن جي ڳڻپ گھٽ وڌ ٿي سگھي ٿي. ساڳي قسم جي اڻن ۾ جڏهن ڪاٽڻن جي اهڙي گھاٽي واڌي يا ڦيرڦار هجي ته ان کي آئسو سڏجي ٿو. آئسي کي اڻي جي نالي پٺيان انگ ڏئي ظاهر ڪبو آهي جيئن يورينيم-235.
ڪجھ قسم جي اڻن کي ڪاٽڻن ۽ واڌڻن جون ترتيبون جٽادار ناهن. وقت سِر انهن جون مِکون سنهڙا ذرڙا ٻاهر اڇلائيندي، يا ڪڏهن ڪڏهن انهن سنهڙن ذرڙن سان گڏ گاما لهرن جون پڻ، وسڪارو ڪندي پاڻ بدلبيون رهنديون آهن. سائنسدان اهڙن اڻن کي ترورائي ڦڙت سڏيندا آهن. ذرڙا ۽ گاما لهرون، جيڪي اهي ٻاهر اڇلائن ٿا، انهن کي مِکوَر ترورائپ چئبو آهي.
مکور ترورائپ ۾ شڪتي (ڳجھي سگھ) هوندي آهي جيڪا، حقيقت ۾، مک اندر لڪل رهندي آهي. هڪ اڻو ڪا گھڻي شڪتي نه ٿو اڇلائي پر اربين اڻا پسرائيندڙ ڌاتن کي ڪوسو ڪري سگھن ٿا. ڌرتيءَ اندر گھڻو تاءُ اتي موجود ڇِپُن ۾ ترورائي ڦڙتي جي ڪري هوندو آهي.
هڪ مکور ردڻي ۾، يورينيم-235 جي مک اندر لڪل شڪتيءَ جو ڀانڊو ’کولڻ‘ لاءِ الاڻا ڪم آڻبا آهن. اندر ئي اندر ڪم هيئن ٿيندو آهي ته هڪ الاڻو يورينيم-235 جي مک کي چُٽيندو آهي ۽ ان کي ڀڃي رکندو آهي. جيئن ئي مِک ٽٽندي ته ان مان وڌيڪ الاڻا (۽ ڪجھ گاما ترورائپ) ڦٽي نڪرندا. اهي الاڻا ٻين يورينيم-235 اڻن جي مِکن کي ٽوڙي سگھن ٿا ۽ اهي وري اڃا به ٻين.... اهڙيءَ طرح رد-عملن جي ڪَڙيءَ تي ڪڙي (زنجير) ٺهي پوي ٿي.
ڀڃ ڊاهه جي اهڙي اندرين ڪم کي ڀاڃِ سڏجي ٿو. اها مِکور (نيوڪليئر) پاور اسٽيشن ۾، هڪ محتاطُ قابو ۾ رکيلُ زنجيردار رد-عمل تاءَ (گرميءَ، ڪوساڻ) جي لاڳيتي پهچ (سپلاءِ) ڏيندو رهي ٿو. مِکور هٿيارن ۾، بي قابو زنجيردار رد عمل ٿڏي تي ئي شڪتيءَ جو وسڪارو مهيا ڪري ٿو. ڀاڃ مهل هر ڀَڳل مک ٻن نون اڻن جي مک ٿيو پوي.
سائنسدانَ اڻي اندر ذرڙن جي اڀياس لاءِ ڏاڍا وڏا تيزڻا ڪم آڻيندا آهن. اهي تيزڻا گھڻي قدر ڪيترائي ڪلوميٽر ڊگھيون گولائون سرنگھون هوندا آهن جن ۾ چقمقي ويڙها سنهڙن ذرڙن (جيئن مثال طور ڇڳن) جي رفتار اڃا به تيز ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انهن کي اڃا به ننڍڙن ذرڙن يا اڻن ۾ بدلائي رکندا آهن.
انهن ٽڪرائن جي نتيجي ۾ وَسندڙ ذرڙا ڏسي ته ڪو نه ٿا سگھجن پر اهي پنهنجا پيرا (ليڪا، سنڌا) ڇڏي ويندا آهن بلڪل ايئن جيئن اوچو اڏامندڙ هوائي جهاز پنهنجي پٺيان دونهي جو ڇڊو ٿيندڙ پٽو ڇڏي ويندو آهي. اهي پيرا سائنسدانن کي اڻن ۽ انهن جي ذرڙن بابت ڏَس (نشان) ڏئي ويندا آهن. ان ئي قسم جا تجربا سائنسدانن کي اهو سوچرائن ٿا ته الاڻا ۽ واڌڻا پاڻ اڃا به تڇ ذرڙن جا ٺهيل آهن جن کي قئارَ سڏجي ٿو.
اڻي جو تصور نئون ڪونهي. جھونن يونانين مادي جي ننڍي کان ننڍي ذرڙي بابت پنهنجو خيال ظاهر ڪندي لفظ ”ايٽم“ ايجاد ڪيو جنهن کي سنڌي ۾ اڻو چئجي ٿو. ايٽم جي معنى آهي ”اڻٽٽندڙ“، جنهن کي وڌيڪ ورهائي نه سگھجي. پر ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ ۾ فزڪس ۽ ڪيمسٽري جي تجربن جون پرکون ڪندي اڻي بابت مختلف نظريا ڏنا. هنن مادي جي جن ذرن کي ننڍي ۾ ننڍو ۽ اڻٽٽ سمجھي ايٽم (اڻي) جو نالو ڏنو اهو حقيقت ۾ اڻٽٽ (نه ورهائجي سگھندڙ، ايٽم) ڪو نه هو پر اڄ ڪلهه ان کي ئي ايٽم به سڏيو وڃي ٿو ته ٽٽندڙ به سمجھيو وڃي ٿو. اڻٽٽ ذرڙي، ايٽم بابت يونانين جي تصورَ، جيڪو دمقراطيس ڏنو، ۽ جديد سائنس جي ايٽم بابت تصور ۾ فرق آهي. ايٽم بابت جديد تصور جو باني ڊنمارڪ جو سائنسدان نيلس بوهر آهي. هي اهو پهريون ماڻهو هو جنهن چيو ته اڻي ۾ ننڍڙي مِک آهي جنهن جي چوڌاري ڪاٽڻو چڪر هڻندو رهي ٿو.

لفظن-مالا:
اڻو (ايٽم) Atom
عنصر (ايليمينٽ) Element
تڇ جاچڻي (مائڪروسڪوپ) Microscope
واڌڻو (پروٽان) Proton
ڪاٽڻو (اليڪٽران) Electron
الاڻو (نيوٽران) Neutron
پولار (اسپيس) Space
مايو (ماس) Mass
ذرڙو (پارٽيڪل) Particle
وِڄُ (بجلي، اليڪٽرڪ) Electric
وڄدار (اليڪٽريڪل) Electrical
وَهڪ (چارج) Charge
اَوَهَڪُ (انچارجڊ) Uncharged
آيالُ (آيَن، آئن) Ion
ڇڳو، ڇڳير (قئانٽم) Quantum, Quanta
ڪَلڀياس (مڪينڪس) Mechanics
ڳڻتڀياس (مئٿميٽڪس) Mathematics
مساوات (ايقئيشن) Equation
واڌڻو انگ يا اڻائي انگ (ايٽمي نمبر) Atomic Number
آئسو (آئسوٽوپ) Isotope
ترورائي ڦڙت (ريڊيوايڪٽوِ) Radio active
مِک (نِيوڪِليَس) Nucleus
مِکوَر (نيوڪليئر) Nuclear
ترورائپ (ترورائي ڦڙتي) Radio activity
پسرائيندڙ (ڪنڊڪٽر) Conductor
ردڻو (رِي-ايڪٽر) Reactor
ڀاڃِ (فِشن) Fission
تيزڻو (ايڪسيلريٽر) Accelerator
قئار (قئارڪ) Quark

(ڇپيل: سلسليوار ”سائنسي سوچ“ قنبر، جنوري-مارچ 2011ع)

***

سائنس ۽ ”سائنسي سوچ“

سائنس ۽ ”سائنسي سوچ“

”سائنس“ لفظ ٻڌڻ سان عام ماڻهو ئي نه، پر ڪيترائي خاص ماڻهو به اهو سوچڻ لڳن ٿا ته هيءَ ڪا اهڙي شَي آهي جنهن سان سندن ڪو به واسطو نه هجي، رڳو هنري ڳالهيون، شيون يا مشينون ئي سائنس هجن ۽ اهو رڳو سائنسدانن جو ڪم هجي. سائنس ڄڻڪ ڪا اسان کان پراهين ۽ خصوصي بَلا هجي جنهن کي ماري مڃائڻ منهنجو، سڀ جو ڪم ناهي.
”سائنس“ جي عام ۽ سنئين سڌي معنى آهي ”ڄاڻ“، پر جيئن ته هوري هوري هن لفظ کي اهڙي ڄاڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو جيڪا کوج، تپاس، پرک، پروڙ ۽ پُرجھ تي ٻڌل هجي، تنهنڪري ”سائنس“ کي اڄ ”سڄاڻ“ چئي ٿا سگھون.
سائنس، سڄاڻ ڇا بابت؟
هر شَي، هر لقاءَ، هر عمل ــــــــــ سڀ ڪجھ بابت، جڳ جَـهان بابت ۽ جيڪو ڪجھ ان ۾ موجود آهي، جيئن موجود آهي، جيئن موجود هو ۽ جيئن هوندو، ان سڀ ڪجھ بابت ڇنڊيل ڇاڻيل ۽ ٺيڪ ڄاڻ ئي ”سائنس“ آهي.
مادو، جيڪو سڄي قدرت ۽ ڪائنات جو اصلي جوهر آهي، جياپي، ساهوارن، ماڻهوءَ، ماڻهوءَ راڄ ۽ ماڻهوءَ ذهن بابت سڀ طرفي ڄاڻ سائنس جا موضوع آهن. ڪا به شَي سائنسي اڀياس کان ٻاهر ڪانهي.
مختلف قسمن جي هزارين بزرگن، ڪانيءَ ڪرامت جي صاحبن، اوليائن ۽ مهاتمن سان مختلف هزارين قسمن جون وڏيون ڳالهيون منسوب آهن، پر اهي مجموعي طرح ماڻهوءَ ذات جي سُک سانت لاءِ ايترو ڪجھ نه ڪري سگھيا جيترو سائنس جي ڪجھ ايجادن ڪيو آهي.
لٽي ڪپڙي کان سُئيءَ ڌاڳي تائين، فضا ۽ پولار ۾ اڏام کان وٺي سمنڊ جي گَــهراين ۾ تار تائين، ڏکڻ کان اتر قطب تائين، ڌرتيءَ جي هر پاسي، جابلو اونهاين کان ڌُٻڻن تَرن تائين، آتش فشان (ٻرندڙ جبلن) کان جھرڻن جي جھونجھار تائين، فلڪ ڇهندڙ جاين کان پاڻيءَ اندر سرنگن تائين، ڪروڙين بي ساهه جِنسن کان اربين ساهوارين جنسن تائين، سنسار کان سُونهن تائين، اَڻي (ايٽم) کان اُڀ تائين، تاريخ، سماج، ذهن، سرگرمي، چرپر، واڌ ويجھ، ڦير گھير، اڳ پوءِ، هيٺ مٿي، گھڻي ڪجهه کي سائنس پنهنجي پيهي ويندڙ نظرن سان جاچي، انهن جي اصولن، قاعدن ۽ عملن کي بيان ڪري چُڪي آهي.
اڄ اسين اوچي جبل جي برفيلي چوٽيءَ تي، سامونڊي پاڻيءَ جي گھراين ۾، برپٽ بيابانن ۾، پولار جي پراهن پنڌن تي اهڙا گھر ٺاهي سگھون ٿا جو ٿڌ، ٻُٽ، ڪوساڻ ۽ پَور جو پَرو ئي نه پوي.
سائنس ماڻهوءَ ۽ سمورن ساهوارن جي اٿاويٺيءَ، رهڻي ڪرڻيءَ، ڏيتي ليتيءَ، مٽي مائٽيءَ، چوڻ آکڻ ۽ لڳ لاڳاپي کي به پنهنجي جاچ هيٺ آڻي، انهن جي اصولن ۽ قاعدن کي چٽو ڪيو آهي. ڪو به واپاري، استاد، شاگرد، هاري، مزدور، وڪيل، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ هنرمند وغيره رُکو، جھيڙاڪر، واهيات ۽ ٻين کان اڪيلو رهي پنهنجي ڌنڌي کي سوڀ سان هلائي نه ٿو سگھي. ماءُ پيءُ جو اولادِ ۽ اولاد جو ماءُ پيءُ ڏانهن روَيو ڪيئن هئڻ گھرجي، ڏٺل وائٺل توڙي اڻ ڏٺل ماڻهن جي وچ ۾ به ناتا آهن، ڪيئن، ڪهڙا؟ کاڌو پيتو ڪهڙو، ڪيئن ۽ ڇو هئڻ گھرجي؟ لکين بيمارين جو لکين قسم علاج وغيره.
اڄ جيڪڏهن سائنس کي ماڻهوءَ جي حياتيءَ مان ڪڍي ڇڏيو وڃي ته جيڪر هو ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ جيئرو رهي نه سگھي.
هي دَور سائنس جو دَور آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ، راڄ، قوم يا طبقي جي آئندي جو دارومدار سائنسي ترقيءَ ۽ هنرمنديءَ تي آهي. جتي وهمن، وسوِسن، انڌن عقيدن ۽ غلط ريتن رسمن جو واسو آهي، اتي ته ”سائنس“ جي اڻٽر گھرج آهي ۽ ٺيڪ ان ڪري خاص طرح اسان جي سنڌ ۽ سنڌ-واسين کي اشد ضرورت آهي. اسين قومي طرح ۽ طبقاتي طرح غلام آهيون، پوئتي پيل ۽ جهالت جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيون. اسان کي آزاديءَ، ترقيءَ ۽ علم جِي، پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ ضروري گھرج آهي.
مختلف ماڻهو ڪنهن به هڪ شَي بابت مختلف سوچون رکن ٿا. مثال طور سج ــــــــ ڪي ماڻهو سج کي خدا يا ديوِتا سمجھندا هئا، ته ڪي ان کي پتڪڙو ٿالهه جيترو روشن گولو، ڪن چيو پئي ته بحر ظلمات (اونداهين جو سمنڊ) ۾ رات جو ٽٻي هڻي صبح جو اجرو ٿي اڀري ٿو ۽ شام جو سگھ وڃائي، ساڻو ٿي، وري بحر ظلمات ۾ گم ٿي وڃي ٿو. وري ڪن چيو پئي ته ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦري پيو. ڪن سج گرهڻ کي سج کان به وڏن ديوتائن جو ڪارنامو پئي سمجھيو، ته ڪن بدشگون. مطلب ته جيترا وات، اوتريون ڳالهيون.
پر سج حقيقت ۾ آهي ڇا؟ اهو اوهين هن شماري ۾ ڏنل مضمون مان ڪجھ قدر سمجھي سگھندا. ]نوٽ: اهو ليک ايندڙ شماري ۾ نئينءَ ڄاڻ سُوڌو ڇپبو. -ايڊيٽر[ ”سائنس“ اسان کي صحيح ۽ سچي سوچ ڏئي ٿي ۽ پنهنجي ڏيهه واسين، سنڌي ماڻهن کي صحيه ۽ سچي سمجھ ڏيڻ اسان جو مقصد آهي.
اهي ارادا ڪري، اسان ”سائنسي سوچ“ نالي سلسليوار پبليڪيشن ڪڍڻ جو سندرو ٻَڌو آهي. اسان جي ڪوشش رهندي ته پڙهندڙن تائين گھڻِي ۽ گھڻن قسمن جي سائنسي سوچ پهچايون. اسان جي نيت نيڪ آهي ۽ ارادا مضبوط، تنهنڪري ئي ڏاڍن کُٽل وسيلن باوجود هيءَ ”سائنسي سوچ“ جي پهرين سُوکڙي اوهان جي هٿن تائين پهچائي سگھيا آهيون. اميد ته آئنده به پهچائيندا رهنداسون.
اسان کي اوهان جي سرپرستيءَ ۽ سوچ، لکڻين ۽ راين جي اڻٽر گھرج آهي. جيڪڏهن اسين سڀ (جيڪي پنهنجيءَ ڏات ۽ ڏِيا آهر ڪجھ نه ڪجھ ڪري سگھون ٿا) گڏجي جَتن ڪنداسين ته سائنسي سوچ ۽ عمل جي اڻاٺ کي چڱيءَ حد تائين ختم ڪري سگھنداسين.
ساٿ سلامت

***

وهمَ وِسار

وهمَ وِسار

سنڌي، انگريزي توڙي اردوءَ ۾ ڇپجندڙ لڳ ڀڳ هر اخبار ۽ رسالو، ٻيو نه ته به هر هفتي، مختلف عنوانن جي سري هيٺ اهڙو مواد ڇاپيندو رهي ٿو جيڪو وهمن جي پچار ڪندڙ هوندو آهي.
وهم هڪ اهڙو ڀروسو آهي جنهن جو بنياد ڪوڙ، جهالت، بي حقيقيءَ ۽ انڌ تي بيٺل ٿئي ٿو. اهو ماڻهوءَ کي سَونسائي ۽ ڪٽر ٺاهي ٿو. ڪٽر جن اکين ۾، سي پرين ڪيئن پسي سگهنديون، ۽ جي اهو ڪٽرپڻو اندر ۾ هجي، ذهن ۾ هجي ته پوءِ....؟
وهمين جو اهو ڪٽرپڻو ئي آهي جيڪو کانئن اهڙيون فتوائون به جاري ڪرائي ٿو جيڪي هر ان ماڻهوءَ کي واجب القتل قرار ڏيو ڇڏن جيڪو وهمن کي نه ٿو مڃي ۽ انهن خلاف سائنسي، عقلي، علمي، منطقي ۽ اصولي دليل آڻي ٿو.
دليل پهرين نشاني آهي سائنس، حق، سچ ۽ روشن دماغيءَ جي، ۽ اهو دليل ئي آهي جنهن هزارين-روپي مخالفتن باوجود جهالت وسيلي ڌُنڌايل، دٻايل ۽ ڌڪاريل سچائيءَ کي نکاري نروار ڪيو ۽ ان کي اها مڃتا ڏياري جو اڄ سائنسي حقيقتن کان منهن موڙڻ ممڪن نه رهيو آهي.
جڏهن سچ انهيءَ اوج کي رسيو تڏهن جهالت، جيڪا اڳ پاڻ تي انڌي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏيندي هئي، ويس مٽائي ”دليل بازي“ ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجن وهمن کي ”سائنسي“ سڏي پيش ڪرڻ شروع ڪيو.
هن وقت بازار ۾ ڪيترائي اهڙا ڪتاب مليو وڃن جيڪي ”سائنس“ ۽ ”دليل“ جي بنياد تي جاهل عقيدن، ويساهن، وهمن، ڀرمن ۽ ڀروسن کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا.
جاهل وهمن کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ”سائنسي دليلن“ کي جڏهن پڙهجي ٿو تڏهن هڪ عام جڏو يا جاهل دماغ ته متاثر ٿئي ئي ٿئي ٿو پر ڪيترن ئي اکرن ۾ ته چڱو ڀلو پڙهيل ماڻهو به اڙجيو وڃي.
جڏهن به اهڙو موضوع مطالعي هيٺ آيو جنهن ۾ جاهل وهمن کي ”سائنسي بنيادن“ تي بيهاري ”منطقي“ انداز ۾ ”حق حقيقت“ سڏي پيش ڪيو ويو تڏهن اهڙي جاهلانا جتن تي اندر ته جيڪو ڪڙهيو سو ڪڙهيو پر لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ به هرندي رهي آهي ته
سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار.
اهي ماڻهو جيڪي سوڀ ماڻڻ لاءِ انتهائي حد تائين جتن ڪرڻ جي سڌ رکن ٿا، جيڪي غلاميءَ جي هر روپ کان هر حالت ۾ آجپو چاهن ٿا، جيڪي سوڀ کان سواءِ جيئڻ ئي نه ٿا گھرن، تن لاءِ لطيف سائين جي پهرين صلاح/پهريون حڪم هي آهي ته دل جا، اندر جي اونهائين ۾ ديرو دمائي ويٺل سمورا وهم وساري ميٽي ڇڏيو.
لطيف سائين دل جي هر مهم کي ختم ڪري ڇڏڻ جو زور ڀري ٿو ۽ وهم وساري ڇڏڻ کي سوڀ لاءِ هڪ ۽ پهريون شرط مقرر ڪري ٿو.
سڀ-روپي، سڀ پاسائين ۽ سڀ رنگي ڳالهه ڪرڻ پڻ لطيف سائينءَ جي هڪ عالمانا، ڏاهپ ڀري خوبي آهي. لطيف سائينءَ جي لڳ ڀڳ هر ڪوِتا ۾ سڀارپ (عموميت، جنرلٽي) ملي ٿي. سڀار (جنرل، عام، هر هنڌ موجود ملندڙ، سڀ وارِي) خصوصيت جي ڪري ئي هر ڏيهه، هر ڌرم، هر فرقي توڙي هر طبقي جو ماڻهو لطيف سائينءَ کي پڙهڻ ۽ پرجھڻ پسند ڪري ٿو. لطيف سائينءَ جي اها به هڪ وڏي خوبي آهي جو هو هر لفظ کي ٺڪي ٺوڪي پنهنجيءَ پوريءَ معنى ۽ مفهوم جي حالت ۾ ڪم آڻي ٿو ۽ ان ڪري ئي لطيف سائينءَ جي هر سوچ ۾ هر لفظ پنهنجي پوري عزت برقرار رکندي اڀري اچي ٿو. ذڪر هيٺ بيت ۾ لفظ وهم به پنهنجي سڀار ۽ حقيقي معنى ۾ سمجهڻ گهرجي.
اهي ڪهڙيون ڪرتون، ڳالهيون ۽ سوچون هيون جن کي لطيف سائين پنهنجي سِر تي (همعصر، ڪنٽيمپورري) دَور ۾ وهم پئي سمجھيو ۽ اڄ وهم ڪهڙا آهن ۽ منجھن ڪو فرق ۽ گھاٽي وڌي آهي يا نه، منهنجو ان سان في الوقت واسطو ناهي. منهنجو واسطو ان ڳالهه سان آهي ته وهم اڳي به هئا ۽ هاڻي به آهن ۽ انهن وهمن کي وسارڻ جي ئي تلقين ڪئي آهي منهنجي ڀٽ ڌڻيءَ.
۽ اهي وهم ميسارڻ لاءِ آءٌ هن موضوع تي لکڻ گھران ٿو، ڇو ته اسان جي قومي، ڏيهي، سياسي، معاشي، اخلاقي، ثقافتي، لساني، علمي وغيره غلامين ۾ انهن جو وڏو ڪردار آهي ۽ آءٌ هر غلاميءَ خلاف جنگ ڪري ان کان آجپو ماڻڻ پنهنجو پهريون فرض ٿو سمجھان.
پڙهاڪ ماڻهو جيڪڏهن پاڻ وٽ ڪو به وهم موجود پائين ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ چاهين ٿا مهرباني ڪري رسالي ڏانهن خط لکي ظاهر ڪن، انتهائي ڪوشش ڪئي ويندي ته انهن کي سائنسي ۽ حقيقي بنيادن تي رد ڪيو وڃي.

***

سائنس جو موضوع

سائنس جو موضوع

سائنس جو موضوع ايڏو ته وسيع ۽ گھڻ طرفو آهي جو ان کي سموهي گڏ ڪري ڪنهن هڪ تقرير ۾ بيان ڪري سگھڻ ممڪن نه آهي. مان پنهنجيءَ ڳالهه ٻول ۾ ان جي ڪجهه پاسن تي ئي روشني وجھي سگھڻ جي ڪوشش ڪندم.
سائنس اسان کي جيڪو ڪجهه مهيا ڪري ڏنو آهي، ان جو ڪجهه ڪاٿو رڳو انهيءَ هڪ ڳالهه مان ڪري سگھجي ٿو ته دنيا ۾ وڏا وڏا نالي وارا ۽ هاڪارا حاڪم ٿي گذريا آهن، انهن جون سلطنتون ايڏيون ته وسيع هيون جو مٿانئن سج ئي نه لهندو هو! ڪي حاڪم ترڪيءَ کان سلون تائين، ته ڪي حاڪم يونان کان چين تائين ماڻهن مٿان راڄ ڪندا هئا. وٽن خزانا ايترا ته ججها هئا جو ڪي ته خوش ٿي هيرن، موتين ۽ ٻين جواهرن جا انعام اڪرام ڏيندا هئا ۽ ڪن جي خزاني ۾ ايڏو سونُ هو جو هاٿي به نه کڻي سگھندا هئا. اڪبر بادشاهه جو ئي مثال وٺو. ڇا ته عيش عشرتون ۽ محل ماڙيون ۽ ڇا ته دٻدٻو وٽس موجود هو، پر توهان رڳو ايترو تصور ڪيو ته ان جي حاڪميت ۽ خزاني ۾ رڳو ايتري طاقت به نه هئي جو پاڻ ڪنهن ٻِه ڦيٿِي سائيڪل تي چڙهي گھمي سگھڻ جو مزو وٺي سگھي! ڪارُن ۽ جهازن جي ڳالهه ته ڪيان ڪو نه ٿي، رڳو سائيڪل، جنهن جي سواريءَ جو مزو هزارين ٻار ڏهاڙي وٺن ٿا.
موٽر سائيڪل جو ته مزو ئي ٻيو آهي. ايئن ٿِي ڊوڙي جو گھوڙا ان جي دز کي به پُڄي نه سگھندا.
ڪار ۽ ريل گاڏي ته وري اڃا به اَور شيءِ آهن. سُڪي ڌرتيءَ تي ترڪندي ايئن پيون ترن جو ماڻهو ڪلاڪن ۾ ڪٿان کان ڪٿي وڃيو پهچي.
اسان جيڪڏهن هوائي جهاز کي ڏسون ته آسمان تي پهچيو وڃون. اڳوڻا ماڻهو اڏند کٽولن جو رڳو تصور ئي ڪري سگھندا هئا. اڄ اسين سچ پچ ته آزاد هوائن ۾ جھڙوڪر اڏامندا پيا وڃون ۽ رفتار وري اهڙي جو ڪو پکي به پنهنجي تصور ۾ نه آڻي سگھي.
ويجھڙ ماضيءَ جي ئي ڳالهه آهي جو اسان جا اکين ڏٺا ڪي ئي وڏڙا حج تي اُسهندا هئا ته سالن لاءِ هڪ ٻئي کان موڪلائي نڪرندا هئا، پر اڄ اوهين نيرن ڪري گھران نڪرو ته ڪعبة اللھ ۾ نماز پڙهي منجھند جي ماني گھر اچي کائي سگھو ٿا. ڪعبة اللھ ۽ قنبر ڄڻ ته ڪنهن شهر جا ٻه پاڙا ٿي پيا آهن ۽ انهيءَ ڪمال تي اسان کي سائنس ئي رسايو آهي.
توهين ڄاڻو ٿا ته ماڻهوءَ جو آواز رڳو سڏ پنڌ تائين ئي پهچي سگھي ٿو ۽ ايترو پري بيٺل ماڻهو به پوريءَ طرح سمجھي نه سگھندو. اوهان جو آواز هاڻي ميگافون يا لائوڊ اسپيڪر وسيلي ميلن تائين چٽو ٻُڌي ۽ سمجھي سگھجي ٿو. اوهان جيڪڏهن ريڊيو جو تصور ڪيو، هڪدم پروڙي وٺندؤ ته 200 ميل پري حيدرآباد، 300 ميل پري ڪراچيءَ، 6 هزار ميل پري بِي بِي سِيءَ ۽ 12 هزار ميل پري واشنگٽن ريڊيو تان نشر ٿيندڙ خبرون ۽ احوال اوهان تائين هڪ سيڪنڊ ۾ پهچيو وڃن.
سائنس رڳو ايترو نه ڪيو آهي. اهي ته اڄوڪي زماني جون بلڪل عام ۽ معمولي ڳالهيون آهن. آواز سان گڏ ڳالهائيندڙ جي تصوير يا ايئن چئجي ته ان جي هر چرپر هڪ سيڪنڊ اندر اوهان تائين پهچي وڃي ٿي. ٽيليويزن تي اوهان جيڪا شيءِ جيئن آهي ۽ جتي آهي، ڀلي اوهان کان 30 لک ميل پري چنڊ تي پهچندڙ اپولو هجي يا چار ڪروڙ ميل پري مريخ تي لهندڙ وائيڪنگ-ٽُو، توهان ان جي هر چرپر ۽ ان وسيلي ٿيندڙ هر مشاهدو پنهنجي گھر جي ٽِي وِي تي ڏسي سگھو ٿا.
ماڻهوءَ سائنس وسيلي سوَن، هزارن، لکن ۽ ڪروڙن ميلن جي مفاصلن کي سڏ پنڌ تي به نه، اسان جي گھر جي ڪمري ۾ آڻي بيهاريو آهي.
ڌرتيءَ جو خط استوائي گھيرو لڳ ڀڳ 24 هزار ميل آهي. ملڪن جي وچ ۾ سمنڊ به موجود آهن. توهان ڪٿي به هجو، ڊائل تي آڱر گھمايو يا چند بٽڻن کي دٻايو، جنهن گھر ۾ ٽيليفون موجود هوندي ۽ ان سان اوهان ڳالهائڻ چاهيندؤ ته سيڪنڊن ۾ ايڏن وڏن مفاصلن کي ڄڻ ته اوهين پنهنجيءَ ڪرسيءَ، ڪوچ، ٽيبل يا کٽ تائين آڻي بيهاريو ٿا ۽ جنهن سان ڳالهايو ٿا اهو اوهان کي رڳو نظر نه ٿو اچي باقي ان جا ٽهڪ يا سڏڪا ته ايئن ٻڌبا جيئن اهو اتي ئي ويٺل هجي.
سائنس انهيءَ ڳالهه جو به حل ڳولي ڪڍيو. ٽيليويزن کي ٽيليفون سان ملائي وڊيوفون ٺاهي اوهان کي تيار ڪري ڏني. وڊيوفون توڻي جو اسان جي شهر ۾ نه پهتي آهي پر ڪيترن ئي شهرن ۽ ملڪن ۾ عام موجود آهي. بٽڻ دٻايو ته توهان جو گھربل ماڻهو توهان جي اکين اڳيان ٽيليفون جي ٽي وي جھڙي پردي تي موجود هوندو. توهان ان سان بلڪل ايئن حال احوال ۽ ڳالهيون ٻوليون ڪري سگھو ٿا ڄڻڪ هو اوهان جي ڀرسان موجود هجي ۽ اوهان هن جي ڀرسان. هڪ ٻئي کي ڏسندي، ڳالهائيندي، ٻڌندي توهان ڪٿي به ايئن محسوس نه ڪندؤ ته هُو ڪو اوهان کان پري هجي يا اوهان هن کان پري هجو، توڻي جو عملي طرح اوهان ٻنهي جي وچ ۾ هزارين ميلن جو مفاصلو هجي.
فوٽواسٽيٽ مشين اوهان جي اکين سامهون روشنيءَ جي چمڪ سان ڪنهن به دستاويز، ڪاغذ يا ڪتاب جي ٻي ڪاپي تيار ڪري ڏيندي، پر اوهان جيڪڏهن ان جي جديد ۽ وڌيڪ ڪارائتي ڌيءُ يعني فيڪس مشين کي پنهنجي وڊيوفون جي ويجھو آڻي رکو ته...
هتي توهان کي هڪڙي ڳالهه ٻڌايان.
توهان ڏٺو هوندو ته ملڪن جي وچ ۾ جڏهن ڪي به ٺاهه يا معاهدا ٿيندا آهن، مثال طور تازو ئي پاڪستان جي وزير اعظم جڏهن جپان جي دوري تي وئي ته ان سان سٺ ستر ماڻهو گڏ هئا، ٻه ٽي هوائي جهاز ماڻهن سان ڀرجي وڃي جپان پهتا ۽ اتي ڪن ٺاهن تي صحيحون ٿيون.
پر وڊيوفون ۽ فيڪس جي ميلاپ وسيلي اهو ٿي سگھندو جو جپان جو وزير اعظم پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هجي ۽ پاڪستان جو وزير اعظم پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هجي، ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسندي، ٻڌندي، ڳالهائيندي ڪنهن ٺاهه تي پهچي وڃن، لکيل ٺاهه جي پني تي صحيح ڪري فيڪس ۾ وجھو، ان گھڙيءَ ان پني جو نقل ٻئي وزير اعظم تائين پهچي ويندو ۽ اهو ان تي صحيح وجھي سگھندو، وري فيڪس ڪيو ته ٻنهي وٽ ٺاهه جا ڪاغذ تيار.
اڄ، ڪراچيءَ هلو ۽ فون تي ڪنهن دوست عزيز کي چئو ته نيويارڪ جي وڏي لئبريريءَ ۾ موجود ڪنهن خاص قسم جي ناياب ڪتاب جو نسخو توهان کي پهچائي. هو ان جو هر هڪ پنو فيڪس ڪندو ويندو ۽ چند منٽن ۾ اهو ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ هوندو.
فارمي ڪڪڙيون اوهان ضرور ڏٺيون هونديون. ڇا توهان کي اها خبر ناهي ته سائنس کي عمل ۾ آڻيندي اهي جنسون هٿرادو نموني تيار ڪيون ويون آهن؟ فارمي ڪڪڙيون نه هجن ته جيڪر ڪروڙين ماڻهو بيدن ۽ ڪڪڙين جي گوشت کان محروم رهجي وڃن. هٿرادو جوڙيل مڇيءَ جي جنسن بابت ڇا توهان نه ٻڌو آهي؟ اهي ڏهاڙي هزارين مڻ گوشت مهيا ڪن ٿيون. ڍڳين ۽ مينهن جون هڪڙيون اهي جنسون ٺهيون آهن جن جو ڪم گھڻو گوشت ڏيڻ آهي ۽ ٻيون جنسون وري اهي ٺهيون آهن جن جو بنيادي ڪم ججهو کير ڏيڻ آهي.
اهو هٿرادو جنسون جوڙڻ جو عمل ئي آهي جنهنڪري طبي سائنس انهيءَ اوج تي پهتي آهي جو ماءُ جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار جو علاج ڪري کيس نسلي ۽ وراثتي بيمارين کان بچائي سگھي. اها سائنس ئي آهي جو پنهنجين مشينن وسيلي تصديق سان ٻڌائي سگهي ته ماءُ جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار جي جنس ڪهڙي آهي، ان کي ڪا بيماري آهي يا نه، ۽ جيڪڏهن کيس ڪا بيماري آهي ته ان جو دوائن يا آپريشن وسيلي علاج به ڪري سگھي.
اڄ اک جي اندرئين پردي، دماغ ۽ دل جي رڳن جو علاج ۽ آپريشن ڪري سگھڻ ممڪن ٿي پيو آهي.
ڪالهه ٽي بي ۽ سِلهه کي خطرناڪ مرض سمجھيو ويندو هو ۽ اڄ ان جو علاج ڄڻڪ ٻاراڻو کيل آهي. اڄوڪي سائنسي تحقيق جو ڪمال آهي جو ماتا جهڙي موتمار بيماريءَ کي سڄيءَ ڌرتيءَ تي اڻلڀ ڪيو ويو آهي ۽ ڪينسر جهڙي مرض جو علاج ممڪن ٿي سگهيو آهي.
اڄ کان لڳ ڀڳ هڪ سؤ سال اڳ سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر علائقي ۾، مهامري يعني ڪوئن کان پکڙجندڙ بيماريءَ ايڏا ته ماڻهو ماري ڇڏيا جو لاش وڌيڪ هئا ۽ ڍوئيندڙ گھٽ، پر اڄ ان بيماريءَ سبب ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو مرڻ رڳو اتفاق ٿي سگھي ٿو.
سڀني کي اها سڌ آهي ته ڪپڙو پهريائين پهريائين رڍ جي پشم کي وَٽي، ڌاڳو ڌاڳو ٺاهي، ان مان رڳو هڪ پوش ٺاهي پهريو ويندو هو، پوءِ ڪپهه سان ايئن ٿيو، آڏاڻو پوءِ جي ايجاد آهي، پر اڄ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته ڪپڙي جي رڳو وڏين مِليُن ۾ ڏهاڙي هزارين ميل ڊگھو ڪپڙو اُڻيو وڃي ٿو. سڄيءَ دنيا ۾ لکين دڪان هوندا جيڪي ڪپڙي جي تاڪيَن سان سٿيا پيا آهن. ۽ ڪپڙو به ڪو هڪ قسم جو ناهي. ريشم ۽ ڪيمخواب کان ويندي بافتي تائين هزارين قسم آهن. اڄ ڪلهه ته پوليئيسٽر جو ڌاڳو ۽ نائلون ڪم اچن ٿا ۽ لکين ڊزائنون ۽ رنگ وجود ۾ اچي ويا آهن.
مان انهن لکين قسمن جي ڪارخانن مان هر هڪ قسم جو نالو نه ٿي کڻي سگهان، ڇو ته رڳو نالا ڳڻائڻ ۾ ئي ڏينهن لڳي ويندا پر توهين تصور ڪري سگهو ٿا ته ڪپهه پَڃِڻ جي ڪارخانن کان ويندي ٽي وي جا پرزا ٺاهيندڙ ڪارخانن تائين، اَن ڇڙيندڙ ڪارخانن کان ويندي ڪارون، ٽرڪون، ريلون، پاڻيءَ جهاز، هوائي جهاز ۽ راڪيٽ ٺاهيندڙ ڪارخانن تائين، پيٽرول صاف ڪرڻ، کاڻيون کوٽڻ ۽ ڪچو مال صاف ڪرڻ جي ڪارخانن کان ويندي ايٽمي انرجي اپائيندڙ ڪارخانن تائين، لکين قسمن جا پرزا ٺاهيندڙ ۽ ڪم سرانجام ڏيندڙ ڪارخانا آهن،
- سمنڊن جو لوڻياٺو پاڻي صاف ٿي پيئڻ لائق بنجيو وڃي ٿو،
- ڏهاڪين ميل ڊگھين ۽ اونهين کاڻين مان، ايتري قدر جو، هيرو هٿ ڪيو وڃي ٿو،
- ڪن مخصوص هنڌن تي ٺهندڙ بجليءَ کي سڄي ملڪ ۾ ورڇيو وڃي ٿو،
- ايتري قدر جو چنڊ ۽ مريخ جي مٽيءَ جو تجزيو به ممڪن ٿي پيو آهي،
- اڏامندڙ خلائي جهاز 6 ڪروڙ ميل پري تائين ريموٽ ڪنٽرول وسيلي ماڻهوءَ جي وس ۾ رهي ٿو،
پر ان هوندي به، ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه هوندي به، اڄ، سائنس جو ذڪر تيستائين اڻپورو آهي جيستائين ڪمپيوٽر جو ذڪر نه ڪيو وڃي.
ڪئلڪيوليٽر ته اوهان سڀني ڏٺو هوندو، ڪروڙن ۽ اربن جا حساب سيڪنڊ ۾ حل ڪريو ڇڏي ۽ حساب به اهڙا جو عام ماڻهوءَ کي جيڪر مهينا لڳي وڃن. ڪئلڪيوليٽر اڄ، سائنس جي دنيا ۾ خسيس ۽ معمولي ايجاد ٿي رهجي ويو آهي. اڄوڪو زمانو ڪمپيوٽر جو زمانو آهي.
ڪمپيوٽر ڇا آهي؟
ڪمپيوٽر هڪ بيحد پيچيده مشين آهي جيڪا ماڻهوءَ جي ذهن جهڙو سوچڻ جو ڪم ڪري ٿي ۽ ان کي ماڻهوءَ جيان پر ماڻهوءَ جي پهچ کان مٿاهين سطح تي ڪم ۾ آڻي ٿي.
سائنس اڄ صدين، سالن، مهينن ۽ ڏينهن جي ڪمن کي سيڪنڊن ۾ ڪريو ڇڏي.
ڇا ڪو به اهڙو ماڻهو جنهن کي بادشاهه ۽ شهنشاهه جي لقب سان سڏيو ويو هجي، آءٌ بادشاهن ۽ شهنشاهن جي ڳالهه رڳو ان ڪري ڪيان ٿي جو پنهنجي پنهنجي ملڪ ۽ سلطنت ۾ اهي ئي سڀ کان وڌيڪ سکيا، ستابا ۽ سهولتون مليل شخص هئا، ڇا ڪو اهڙو بادشاهه يا شهنشاهه انسانذات جي سڄيءَ تاريخ دوران، ٻه سؤ سال اڳ تائين ٿي گذريو آهي جنهن انهن سهولتن ۽ نعمتن جو مزو ماڻيو هجي؟
ٻيون ڳالهيون ڇڏيو. اچو ته بجليءَ جي ڳالهه ڪيون. توهان چند بٽڻ دٻايو ٿا ۽ توهان جو گھر روشن ٿي وڃي ٿو. هڪڙو بٽڻ دٻائڻ سان سڄي شهر ۾ روشني ٿي وڃي ٿي، رات جي اوندهه ۾ ٻڏل ڪو به ملڪ هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ڏينهن جهڙي سوجھري سان چمڪائي سگھجي ٿو.
چئن گراٺن جيترو هڪ مشيني دٻو پنهنجي ڪمري ۾ رکي بٽڻ دٻايو. توهان جي ڪمري ۾ ڪيڏي به ساهه ٻوساٽيندڙ رُگھ هجي، چند سيڪنڊن ۾ فرحتون ڏيندڙ ٿڌڪڙو باغيچو بنجي ويندو. آ ايئر ڪنڊيشنر جي ڳالهه پئي ڪريان.
ڪعبة اللھ ۽ مسجد محمدي جا وسيع پڌر، جتي لکين ماڻهو گڏ ٿي پنهنجي رب جي بندگي ڪن ٿا، ايئرڪنڊيشنڊ ڪيا ويا آهن ۽ سج جي نِٽهڻ اس ۽ ماڻهن جي پيهه سبب ٿيندڙ ٻوسٽ جھڙوڪر موجود ئي ناهي. اتي ته ڏهاڪين چورس ميلن ۾ پکڙيل ايراضين کي به ايئر ڪنڊيشنڊ ڪري لڱ ساڙيندڙ لوساٽ کي تڙي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. اهو وقت پري ناهي جو ساڙيندڙ اُس پيدا ڪندڙ سج اڀ ۾ چٽو بيٺو هوندو ۽ ڦوهه اونهاري جي منجھند مهل به اسان جي ڌرتي ٿڌڪڙي گھلندڙ هِير سان واسيل هوندي.
هاڻي جي، سياري جي سٽيندڙ سيءَ جو ذڪر ڪيون ته ان جو نالو نشان مٽائڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ڪمري ۾ رڳو هڪ ننڍڙي هيٽر جي گھرج پوندي.
سائنس انهن سڀني نعمتن کي، بجلين، هيٽرن، ايئرڪنڊيشنرن، ٽيليفونن، ٽي وين، ريڊين، فيڪسن کي سُسائي سوڙهو ڪري ننڍڙن دٻن ۾ بند ڪري هوائي جهازن، ريل گاڏين، ڪارُن ۽ ڪمرن ۾ رکي ڇڏيو آهي.
توهان جتي به هجو، پنهنجي ڪمري ۾، ڪار ۾، هوائي جهاز ۾، پاڻي جهاز ۾ يا راڪيٽ ۾، توهان هر گھڙيءَ موسمن کي پنهنجي گھرج آهر بدلائي سگھو ٿا ۽ گھمندي ڦرندي، سير سپاٽا ڪندي دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ موجود گھربل ماڻهن کي اکين سامهون کيڏندي، ڪڏندي، کلندي، ڳالهائيندي ٻڌي سگهو ٿا.
هاڻي آءٌ جيڪڏهن هڪ اڃا به ٻيءَ ننڍڙيءَ مشين جي ڳالهه ڪيان، جنهن کي ٽريڪٽر چئجي ٿو ته اوهان جي اکين آڏو آباد ٻنين جون وسيع ايراضيون تري اينديون.
ڍڳن جي واهر سان هر ڏيڻ، سنوَت ڪرڻ، ڀتر ڀڃڻ ۽ اهڙا ٻيا ڪم ڪيترا ته ڏکيا هئا! سڄو ڏينهن ڪشالو ڪاٽڻ ۽ سخت پورهيو ڪرڻ کان پوءِ به هڪ جريب مس مس وڃي ٺيڪ ٿيندو هو!
سائنس هاڻي ٻن ڍڳن جيتري مشين ۾ هزارين ڍڳن جي ڪل قوت کي ميڙي گڏ ڪيو آهي. اها مشين هڪ ئي گھڙيءَ چوڏهن چوڏهن هر ڏيندي اوڙڪون ٺاهيندي پئي وڃي. وڏن وڏن مٽيءَ جي دڙن کي رڳو چند ڪلاڪن ۾ ڀڃي ڀوري سڄي ٻنيءَ ۾ وڇائي ڇڏي ٿي. ڪيترن ئي چورس ميلن ۾ پکڙيل ايراضيون هڪ ئي ڏينهن ۾ سنئيون ڪريو ڇڏي.
اهي ڀاڻ ٺاهيا ويا آهن جو ڪاري ڪلر جون کاڌل يا سِم جون سيڪيل زمينون به چند سالن ۾ فصل ڏيڻ شروع ڪن ٿيون. جديد سائنسي تحقيق جو ئي ڪارنامو آهي جو جتي هڪ جريب رڳو چند مڻ اپت ڏيندو هو اتي ساڳيو جريب خرارن ۾ اپت ڏيڻ لڳو آهي. اِري-6 ۽ اِري-8 چانور جون جنسون هٿرادو طريقن سان جوڙيون ويون آهن. لڳ ڀڳ هر قسم جي فصل جون ڪي ئي اهڙيون جنسون تيار ٿي چڪيون آهن جو اهي نه هجن ته اڄ ڪروڙين ماڻهو جيڪر پنهنجي کاڌي جون ضرورتون پوريون نه ڪري سگهن.

***

سج

سج

اسين ڌرتيءَ جي جنهن گولي تي رهون ٿا، اهو بظاهر ڏاڍو وڏو نظر اچي ٿو، ڇو ته ان کي اسين عام نظر ايندڙ شين جي ڀيٽ ۾ ڏسون ٿا، پر ان کي جيڪڏهن سج ۽ سج-نظام جي ڀيٽ ۾ ڏسون ته اهو رڳو هڪ ننڍڙي گولي جيڏو مس ۽ وري سج کي ڄاتل ڪائنات جي ڀيٽ ۾ ڏسنداسون ته پوءِ سج ڪائنات ۾ ايئن آهي جيئن سمنڊ ڪناري پکڙيل واريءَ ۾ واريءَ جو ذرڙو.
عام طرح اونهاري ۾ رات جو اسان کي اُڀ ۾ جيڪو اڇو¬¬-پٽو (گَسُ، کير-پٽو، ڪهڪشان، گئليڪسي) نظر ايندو آهي، اهو حقيقت ۾ 1000000 لک (يعني 100,000,000,000) تارن کان به وڌيڪ تارن جو ميڙو آهي. انهن تارن مان هڪ اسان جو سج آهي. جيئن سج کي پنهنجي چوڌاري ڦرندڙ گرهن ۽ اُپگرهن جو ميڙ آهي تيئن ان گئس ۾ ڏيکارجندڙ لکين ستارن کي به پنهنجو پنهنجو مخصوص ميڙو آهي. ڪائنات اڻکٽ (لامحدود) آهي پر ان جي جنهن ٽڪري بابت اسين ڪجھ سُڌ ٻُـڌ رکون ٿا، ان ۾ اســان جــي گــس، کــيــر-پٽي (مِلڪِي-وي) جھڙا ننڍا يا وڏا لکين گس آهن.
اسان جي کير-پٽي جي ويڪر جو ڪاٿو انهيءَ مان ڪري سگهجي ٿو ته اسان جي سج کي ويجهي ۾ ويجهي تاري جو مفاصلو 4 روشني سال (روشنيءَ جي هر ڪرڻي جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ 1 لک 86 هزار 2 سؤ 88 ميل يعني 3 لک ڪلوميٽر آهي. انهيءَ رفتار سان لاڳيتو هڪ سال سفر ڪيو وڃي ته طي ڪيل پنڌ کي هڪ روشني-سال جو پنڌ چئبو) آهي ۽ اســان جـــي گــس جـــي هڪ ڇيڙي تائين جو مفاصلو 100000 روشني سال آهي.
سج جي مٿاڇري تي ڪارا چٽا آهن جن کي سج-چُٽا (سج-داغ، سَن-اِسپاٽ) چئجي ٿو. اهي ڪجهه ڏينهن يا هفتن کان وڌيڪ نه ڏيکاربا آهن. هر يارهين سال سج ۾ سرگرمي وڌي ويندي آهي ۽ سج-چٽا وڌي ويندا آهن. ايئن 1968-1969ع ۽ 1980ع ۾ ٿي چڪو آهي ۽ آئنده 1991ع ۾ ٿيڻو آهي.
اڻکٽ ڪائنات جي ڄاتل وسيع علائقي ۾ ڪروڙين سج آهن، پر هت جنهن سج جو ذڪر ڪريون پيا، اهو ان سج جو ذڪر آهي جنهن کي اسين، ڌرتيءَ جا رهاڪو، هر ڏينهن صبح کان سانجهيءَ تائين پاڻ کان مٿانهون، اڀ ۾ چلڪندو، چمڪندو، ڀڙڪندو، ڀنڀٽ ڪندو ۽ ڏينهن جو سوجهرو پکيڙيندو ڏسندا رهندا آهيون. هيءُ سج هن ڌرتيءَ جو آهي يا اسان جي ڌرتي هن سج جي آهي. انهن لفظن ۾ مقصد جي لحاظ کان ڏند ڪٿائي ۽ سائنسي معنيٰ لڪل آهي.
اسان وٽ موجود پراڻِي، مُدي خارج ۽ ردِي سوچ موجب، سج اسان جي ڌرتيءَ جي چوڌاري پئي ڦرندو رهيو آهي، تنهنڪري ئي اها غلط ۽ جاهل سوچ ٺهي ته ڌرتي ڪائنات جو مرڪز آهي. پر، سائنس ثبوت ڪيو آهي ته اسان جي ڌرتي سج جي چوڌاري ڦرندڙ نـوَن سيارن (گرهن) مان هڪ ۽ ٽيون نمبر گرهه آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سج صبح جو اڀرِي، ســڄو ڏينهن ڌرتيءَ مٿان تري، شام جو لهي ڪنهن اونداهي سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي، وري صبح جو ساڳي پاسي نه اڀرندو آهي، پر ڌرتي، جيڪا پنهنجي محور (مرڪز ) چوڌاري ڦري ٿي، اها سج جي چوڌاري به ڦرندي رهي ٿي. ڌرتي پنهنجي محور چوڌاري انهيءَ رفتار سان ڦري ٿي جو چوويهن ڪلاڪن (صحيح انگن اکرن موجب 23 ڪلاڪ ۽ 56 منٽ) ۾ هڪ چڪر پورو ٿيو وڃي، ۽ انهيءَ ڪري ئي هر چوويهن ڪلاڪن کان پوءِ منجهند ٿيو پوي.
سج ڌرتيءَ تان اسان کي باهه جي ٿالهه جيان نظر اچي ٿو، پر حقيقت ۾ سج باهه جي گولي، کينهون يا بال (Ball) جيان آهي ۽ ايڏو وڏو جو عام ذهن ان جو ڪاٿو به نه ٿو ڪري سگهي.
اسين جيڪڏهن هڪ وڏو ڌاڳو (تار) کڻي سج جي هڪ پاسي کان چُڀائي، ٺيڪ وچ تائين ٽپائي، ٻي پاسي پهچون ته هڪ پاسي کان ٻي پاسي تائين پهچڻ لاءِ اسان کي 8 لک 65 هزار ميل ڊگهي ڌاڳي (تار) جي گهرج پوندي. ٻين لفظن ۾ چئبو ته سج جو قطر (ڊاياميٽر) 865000 ميل آهي. جيڪڏهن ڌاڳي (تار) کي اهڙيءَ طرح هڪ ڀيرو ويڙهيون جيئن جتان ڌاڳو (تار) هلي اتان ٺيڪ وچُ ڏيندو، ڦرندو اچي اتي ئي پهچي، ته ان ڪم لاءِ اسان کي 27 لک 18 هزار 5 سؤ 71 ميل ڊگھي ڌاڳي (تار) جي گھرج پوندي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته سج جو گهيرو 2718571 ميل آهي.
سج ننڍو ان ڪري لڳي ٿو اهو اسان کان گهڻو پري آهي. ڌرتيءَ کان سج تائين پنڌ 9 ڪروڙ 30 لک ميل آهي. ڌرتي ايڏي ته وشال، ويڪري، وسيع آهي جو اسان مان ڪروڙين ماڻهن اڃا تائين ان کي هر ڦير ڦري گهمي نه ڏٺو آهي. ڌرتيءَ جيڏا وڏا، جيڪڏهن تيرهن لک گولا گڏ ڪريون تڏهن وڃي سج جي قد بُت جو گولو ٺهندو يعني سجُ ڌرتيءَ کان تيرهن لک ڀيرا وڏو آهي.
سج ڌرتيءَ کان جيڏو وڏو آهي وزن ۾ وري ايڏو وڌيڪ نه آهي. ڌرتيءَ جي نهراڻ وڌيڪ آهي، ڇو ته ڌرتيءَ تي پاڻي، مٽي، پٿر، لوهه وغيره به جام آهن، پر سج گهٽ نهرو آهي. اڃا به ائين چئجي ته سج تمام گهڻي داٻ هيٺ ٻرندڙ گئسن جي بٺي آهي. ڌرتيءَ جو وزن لڳ ڀڳ ٽيٽيهه لک ٽن آهي ۽ سج ان کان قد ۾ تيرهن لک ڀيرا وڏو هئڻ باوجود وزن ۾ رڳو ٽي لک ڀيرا وڌيڪ آهي يعني سج ڌرتيءَ کان چار ڀيرا ڇڊو، گهٽ گهاٽو آهي. سج جو وزن لڳ ڀڳ هڪ هزار بلين ٽن آهي، جڏهن ته بلين برابر آهي ڏهه لک جي. سج جو مايو (ماس) ڌرتيءَ جي مايي کان 3 لک 30 هزار ڀيرا وڌيڪ آهي.
اسان وٽ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوسو علائقو جيڪب آباد آهي جنهن ۾ وڌ ۾وڌ گرميءَ جو درجو 47 ڊگريون سينٽي گريڊ لکيو ويو آهي. پاڻي هڪ سؤ ڊگري سينٽي گريڊ تي اٻرندو آهي. اٻرندڙ پاڻيءَ جي ڪوساڻ کان ڇهه هزار ڀيرا وڌيڪ ڪوساڻ ته رڳو سج جي مٿاڇري تي هوندي آهي، جڏهن ته سج جي مرڪز ۾ گرميءَ جو درجو لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ڊگريون سينٽي گريڊ آهي.
جنهن سج جي گرمي اسان کي سياري ۾ وڻي ٿي ۽ اونهاري ۾ اسان جا پگهر ڪڍيو رکي، پر فصلن کي بچائي ٿي، اها سج جي خارج ڪيل گرميءَ کان ايترو گهٽ ڪوسي آهي جو ڳاڻيٽي ۾ ئي نه آهي. جڏهن هيروشيما ۽ ناگاساڪي (جپان جا ٻه شهر) مٿان آمريڪي جنگبازن ايٽم بم ڪيرايا، ته ان وقت انهن مان هر هڪ بم ڦاٽڻ وقت ان علائقي ۾ گرميءَ جو درجو ٻه هزار کان ٽي هزار ڊگريون سينٽي گريڊ تائين پهتو هو جنهن ويجهن ساهوارن (وڻن، جانورن) توڙي بي ساهه شين (پٿرن، جاين) کي رجائي ڀسم (ٻاڦ) ڪري، سندن وجود ئي گم ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ وڏو ڀنڀٽ ڀڙڪو کائي مٿي اٿيو هو، جنهن ٽي سؤ ميلن تائين هر شيءِ کي ڄرڪائي ڇڏيو هو. اهڙا ڪروڙين بم به سج جي گرميءَ آڏو ائين آهن جيئن باهه جي بٺيءَ اڳيان ميڻ بتي. سج جي مٿاڇري تي جيڪي باهه جا اُلا نظر اچن ٿا، انهن مان ڪن جو قد 3 لک ميلن کان به وڏو آهي. سج ۾ اها ايڏي وڏي گرمي ايڏي ڊگهي عرصي (يعني 4 ارب سالن کان برقرار آهي ۽ اڃا به اربين سال هلندي رهندي) کان ڪيئن موجود رهندي پئي اچي؟
اسان وٽ، ڌرتيءَ تي اڄڪلهه ڪيترن ئي قسمن جي موتمار ۽ ڌرتي تباهه ڪندڙ بمن جو ذڪر موجود آهي، جن ۾ هئڊروجن بم، ايٽم بم وغيره شامل آهن. اهڙن هٿيارن کي عام طرح نِيوڪليائي هٿيار چيو وڃي ٿو ڇو ته اهي نيوڪليئر (ايٽمي) شڪتي جي اصولن پٽاندر ٺاهيا وڃن ٿا. سج اهڙن سڀني قسمن جي وڏن ۽ گهڻن بمن جو مجموعو آهي. سج جي گهرائيءَ ۾ هر گهڙيءَ ايٽمي (نيوڪليائي) عمل ٿيندا رهن ٿا. سج ۾ سڀ کان وڌيڪ مقدار هئڊروجن ۽ هيليم گئسن جو آهي ۽ اهي گئسون نيوڪليائي عمل وسيلي هڪ ٻئي ۾ تبديل ٿينديون رهن ٿيون. ان نيوڪليائي عمل هلندي جيڪا گرمي نڪري ٿي اها ئي سج کي ايڏو چمڪندڙ ۽ ڀڙڪندڙ بڻائي ٿي. ڪاٿو اهي ته سج ۾، هر سيڪنڊ ۾، لڳ ڀڳ 56 ڪروڙ ٽن هئڊروجن گئس نيوڪليائي ڀڃ ڊاهه هيٺ اچي ٿي. اها ڀڃ ڊاهه سج جي مرڪز ۾ ٿيندي آهي. ۽ اتي ئي سڀ کان وڌيڪ گرمي-درجو هوندو آهي. ان گرميءَ جي ڪروڙين پتي به مس مس اچيو ڌرتي تي پهچي، پر اها ئي گرمي ڌرتيءَ تي موجود ساهوارن جي بقا جو هڪ بنيادي ۽ دائمي سبب آهي. جيئن ڌرتي پنهنجي محور (مرڪز) چوڌاري ۽ سج جي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي تيئن سج به پنهنجي محور (مرڪز) چوڌاري ۽ کير-پٽي (ڪهڪشان، گس) ۾ هڪ مخصوص گولائيءَ ۾ ڦرندو رهي ٿو. ڌرتي پنهنجي محور چوڌاري هڪ چڪر 24 ڪلاڪن ۾ ۽ سجَ چوڌاري هڪ چڪر 365 ڏينهنِ ۽ 6 ڪلاڪن (هڪ سال) ۾ پورو ڪري ٿي. جڏهن ته سج پنهنجي محور چوڌاري هڪ چڪر 28 ڏينهنِ (672 ڪلاڪن) ۾ پورو ڪري ٿو ۽ پنهنجي گس تي ٻارهن ميل في منٽ جي رفتار سان ڪنهن ٻي وڏي نظام چوڦير ڦري رهيو آهي، جيڪو چڪر پورو ڪرڻ لاءِ کيس پنجويهه ڪروڙ سال لڳيو وڃن.
سج ۽ ان جي نون گرهن (سج-نظام) کي جيڪڏهن ڏاڍو پري کان ويهي جاچيون، ته ان جو نظارو ڏسڻ وٽان ۽ نيڻ ٺار هوندو.
ائين لڳندو ڄڻڪه هڪ وڏي ميڻ بتيءَ چوڌاري نوَ پوپٽ يا هڪ وڏي روشن بال چوڌاري نوَ ننڍڙا وڏڙا رنگين بال پنهنجيءَ پنهنجيءَ مخصوص گولائيءَ ۾، هڪ ٻي کان وٿيرڪا، پنهنجيءَ پنهنجيءَ مخصوص تيزيءَ سان ڦري رهيا هجن ۽ ساڳي وقت انهن مان هر هڪ پنهنجي محور چوڌاري به مخصوص رفتار سان ڦري رهيو هجي.
جيڪڏهن اسين سج جي مٿاڇري کان، ان جي چوڌاري ڦرندڙ سيارن (گرهن) ڏانهن سفر ڪرڻ شروع ڪريون، ته 3 ڪروڙ 59 لک 80 هزار ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اسين عطارد (مرڪيوري)، 6 ڪروڙ 72 لک 40 هزار ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ زهره (وينس)، نو ڪروڙ اڻٽيهه لک 60 هزار ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ڌرتيءَ (ارٿ)، 14 ڪروڙ 16 لک ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ مريخ (مارس)، 48 ڪروڙ 38 لک ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ مشتريءَ (جوپيٽر)، 89 ڪروڙ 7 لک ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ زُحل (سيٽرن)، هڪ ارب 78 ڪروڙ 70 لک ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ يُورينس، 2 ارب 79 ڪروڙ 80 لک ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ نيپچون ۽ 3 ارب 67 ڪروڙ ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ پلوٽو تي وڃي پهچنداسون.
انهيءَ ۾ اڃا به وڌيڪ رنگارنگي ڪجھ گرهن جا اپگرهه (چنڊ) ڀريو ڇڏين. عطارد ۽ زهره کي ڪو به چنڊ (اپگرهه) ڪونهي، پر ڌرتيءَ کي هڪ چنڊ آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرندو ۽ رات جو چانڊوڪي پکيڙيندو نظر اچي ٿو. مريخ کي ٻه چنڊ، پر مشتريءَ، زحل، يورينس ۽ نيپچون کي اڃا وڌيڪ چنڊ آهن ۽ آخر ۾ پلوٽو کي وري هڪ چنڊ آهي. انهن نوَن گرهن ۾ هڪ گرهه زُحل ته سڀ کان وڌيڪ سونهن ۾ سرس ان ڪري آهي جو ان جي چوڌاري رنگين پَـٽن جا ڇلا ويڙهيل آهن. هونئن به هر گرهه کي پنهنجي سونهن آهي. زهره ڄڻڪه چانديءَ جو چمڪندڙ گولو آهي، ته ڌرتي وري نيراڻ پکيڙيندڙ نيڻ-ٺار ٿـڌِي، مريخ ڳاڙهو ته نيپچون نيرو وغيره.
عطارد کان پلوٽو تائين، انهيءَ وچ ۾ سوين ننڍڙا وڏا پڇڙ تارا، هزارين ننڍا وڏا ڪِرندڙ ”تارا“ (شهاب ثاقب) ۽ ٻيا جسم آهن، جن مان ڪڏهن ڪي لاٽون ڪندا، ”اماڙي“ جيان ڀڙڪي ڀسم ٿي وڃن ٿا، ته ڪي ”تلوار“ جيان ڏهه ڏهه راتيون روشن نظر اچن ٿا.
اي ڪاش! انسان ڪڏهن ڏاڍو پراهون وڃي پنهنجي روشن سج ۽ ان جي چوڌاري ڦرندڙ گِرهن ۽ انهن جي چوڌاري ڦرندڙ اپگرهن وغيره جو نظارو ڏسي سگهي، بلڪل ايئن جيئن سج-نظام جي ماڊل (نقل) کي ڏسي سگهي ٿو. حقيقي سج-نظام جو دلڪش نظارو سندس روح کي راحت ڏيندو ۽ ريجهائي دائمي فرحتون بخشي ويندو.

(سلسليوار ’سائنسي سوچ‘ پبليڪيشن قنبر، سيپٽمبر 1990ع ۾ ڇپيل)

(پورو ٿيو.)