ڪھاڻيون

آخوند جا افسانا

ھن ڪتاب جو سرجڻھار اسان جي تاريخي حيثيت جي حامل شھر هالن جو سھڻو سيبتو نوجوان ’آخوند محمد عباس‘ آهي، جنھن سنڌي ٻوليءَ ۾ هن صنف جو حق ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪَسَرَ ڪونہ ڇڏي آهي ۽ مختصر عرصي ۾ هُن ’فليش فڪشن‘ جي ميدان ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي ۽ سٺي ناماچاري پڻ ماڻي آهي. آخوند جي افسانن جو محور اسان جو پنھنجو سماج ئي آھي. سندس مختصر افسانا سماج ۾ موجود اھڙين منافقتن، رياڪارين، بغضن، دوکن، بدعنوانين ۽ دولابن کي پيش ڪن ٿا، جيڪي ھاڻ اسان جي سماج جي رڳن ۾ سيرائجي، انھيءَ جو جينياتي حصو ٿي ويا آھن.جنھن ڳالھہ کي چوڻ ۾ ٻين کي ھزارين لفظ کپندا آھن، تنھن ڳالھہ کي آخوند عباس ڪنھن ماھر مصور جيان پنھنجي قلم جي ڪجهہ اسٽروڪن سان چند لفظن ۾ ڪري وٺي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 42
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book آخوند جا افسانا

ارپنا

آڱر کان وٺي
 هلائڻ وارن
جي
 نانءِ -

 آخوند محمد عباس

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران آخوند محمد عباس جو فليش فڪشن تي مشتمل ڪتاب ”آخوند عباس جا افسانا“ اوهان اڳيان پيش آهي. 

ھن ڪتاب جو سرجڻھار اسان جي تاريخي حيثيت جي حامل شھر هالن جو سھڻو سيبتو نوجوان ’آخوند محمد عباس‘ آهي، جنھن سنڌي ٻوليءَ ۾ هن صنف جو حق ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪَسَرَ ڪونہ ڇڏي آهي ۽ مختصر عرصي ۾ هُن ’فليش فڪشن‘ جي ميدان ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي ۽ سٺي ناماچاري پڻ ماڻي آهي. آخوند جي افسانن جو محور اسان جو پنھنجو سماج ئي آھي. سندس مختصر افسانا سماج ۾ موجود اھڙين منافقتن، رياڪارين، بغضن، دوکن، بدعنوانين ۽ دولابن کي پيش ڪن ٿا، جيڪي ھاڻ اسان جي سماج جي رڳن ۾ سيرائجي، انھيءَ جو جينياتي حصو ٿي ويا آھن.جنھن ڳالھہ کي چوڻ ۾ ٻين کي ھزارين لفظ کپندا آھن، تنھن ڳالھہ کي آخوند عباس ڪنھن ماھر مصور جيان پنھنجي قلم جي ڪجهہ اسٽروڪن سان چند لفظن ۾ ڪري وٺي ٿو.

ھي ڪتاب 2020ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com

www.sindhsalamat.com

 books.sindhsalamat.com


فليش فڪشن جون چُهنڊڙيون

فليش فڪشن جون چُهنڊڙيون
]اداري پاران[

’امرتا پبليڪيشنس ۽ ڇاپ گهر‘ پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ فليش فڪشن (مختصر ڪهاڻيءَ) جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن جو سرجڻهار اسان جي تاريخي حيثيت جي حامل شهر هالن جو سهڻو سيبتو نوجوان ’آخوند محمد عباس‘ آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ هن صنف جو حق ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪَسَرَ ڪونه ڇڏي آهي ۽ مختصر عرصي ۾ هُن ’فليش فڪشن‘ جي ميدان ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي ۽ سٺي ناماچاري پڻ ماڻي آهي. هن صنف بابت ڄاڻ لاءِ مختصر طور ايترو ئي ڪافي آهي، ته فليش فڪشن دراصل اُها لکڻي هجي ٿي، جيڪا پنهنجي مختصر پيرائيي، ٿورڙن جملن ۽ لفظن جي گهٽ مجموعي ذريعي هڪ ڀرپور ’چُهنڊڙي‘ هڻڻ جي سگهه رکندڙ هجي، جيڪا سماج جي ڪارونهوار ۽ حالتن جي عڪاسي ڪندڙ هجي.
آخوند محمد عباس پنهنجي هن پهرئين مجموعي ۾ جن موضوعن کي فليش فڪشن جي ضمري ۾ آڻي، پنهنجي فني ڪرت سان اسان آڏو پيش ڪيو آهي، سي سماج جون سچيون حقيقتون آهن ۽ انهن لکڻين ۾ هن ڪٿي ڪٿي ته ڪي اهڙيون ’چهنڊڙيون‘ به هڻي ڪڍيون آهن، جن کي اسان پنهنجي آس پاس ڏٺو به ضرور هوندو، پر اسان ڪڏهن انهن تي سوچ جو زاويو ائين مخصوص نه ڪيو هوندو ۽ نه ئي ائين ڪڏهن محسوس ڪيو هوندو، جيئن، جهڙي نموني ۽ جنهن ڪُنڊ کان آخوند عباس اسان کي اهي سماج جا چِٽا پِٽا عڪس پنهنجي هنن فليش فڪشن لکڻين ۾ لکي پيش ڪري ڏيکاريا آهن.
سچي ڳالهه ته اِها به آهي ته هيءُ ڪتاب ’امرتا پبليڪيشنس‘ جي پڙهندڙن تائين پهچائيندي، خوشيءَ سان گڏ اها حقيقت به آهي ته آخوند محمد عباس جو هيءُ مجموعو پڌرو ڪري، هن جي فن ۽ ڏات کي مڃتا ڏيڻ جي ڪوشش به آهي، جيڪا هن جو حق آهي ته هُن مختصر پيرائيي جي هن نموني واري ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي ننڍڙي ڄمار ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي، جيڪو هر ڪنهن اُڀرندڙ ليکڪ جي وَسَ جي ڳالهه ڪونهي. آخوند عباس کي پنهنجي موجوده قد ڪاٺ ۽ پنهنجي موجوده جاءِ کي نظر ۾ رکندي پوئتي مڙي نهارڻو ڪونهي، نه ئي جنهن اوچائيءَ تي بيٺل آهي، اتان کان هيٺ لهڻو آهي بلڪِ پنهنجو مَقام برقرار رکڻو آهي. هونئن به ڪابه جاءِ، ڪوبه مَقام يا ڪابه منزل ماڻڻ وڏي ڳالهه ڪونهي هوندي بلڪِ وڏي ڳالهه اُهو ماڻُ ماڻڻ کان پوءِ ان کي برقرار رکڻ هوندو آهي ۽ دراصل ڏکيو هوندو ئي اهو آهي، ڇاڪاڻ جو عروج جي پويان زوال ازل کان پيَل آهي، تنهن کان پاند بچائڻو آهي. تنهن ڪري آخوند کي ان ڳالهه جو احساس اوس رکڻو آهي، ته هُو هن مهل جنهن جاءِ تي بيٺل آهي، کيس اُن کان اڳتي جو سفر ڪرڻو آهي، پٺتي جو نه... قطعي نه.
اسان جو ادارو ، اداري جو سمورو سَٿُ مون فقير سميت، آخوند عباس جي لاءِ دعاڳو آهي ته ڌڻي ٻاجهارو سندس قلم کي وڌيڪ سگهه عطا ڪري ۽ هُو علم ادب جي ميدان وڌيڪ مڃتائون ماڻيندو رهي - آمين.

نيازمند
فقير محمد ڍول

منهنجو تعارف

منهنجو تعارف
]ليکڪ پاران[

الحمدلله، هالا پراڻا جي علم ۽ ادب جو گھِوارو، قديم آخوند خاندان جيڪو حضرت قبلا مرشدنا غوث الحق مخدوم سرور نوح رح جن جي وقت کان هالا پراڻا ۾ ديني و دنياوي علم جي خدمت ڪري رهيو آهي، ان خاندان ۾ 20 فيبروري 1992 ۾ اک پٽيم.
پنهنجي ڏاڏي محترم مرحوم حضرت قبلا سائين الحاج ولي محمد آخوند رح، پنهنجي والد محترم قبلا سائين عبدالواحد آخوند صاحب، پنهنجن چاچن محترم سائين آخوند يار محمد صاحب ۽ محترم سائين آخوند محمد صاحب ۽ پنهنجي نانا محترم ڊاڪٽر عبدالقيوم ’زخمي‘ جن جا درسَ، ڄاڻ ۽ تربيت ملڻ سان سوچ کي فڪر جو داڻو ملندو رهيو آهي.
تعليمي سلسلو ميٽرڪ تائين شهيد محمد اسلم ميمڻ گورنمينٽ هاء اسڪول هالا پراڻا مان ۽ ماسٽرس ’اڪنامڪس‘ ۽ ’ايل ايل بي‘ تائين جي تعليم يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو مان حاصل ڪيم.
نعت خواني ۽ چترڪاريءَ جو شوق پڻ بچپن کان رهيو آهي، جنهن سلسلي ۾ به تخليقون دوستن سان اڪثر ونڊيندو رهندو آهيان.
2015ع ۾ باقائدگي سان لکڻ جو آغاز ڪيم ته سوشل نيٽ ورڪس جي ذريعي دوستن جي حوصلا افزائي ۽ سنڌ جي ڪجهه مشهور شخصيتن جي ادبي رهنمائي ۽ سرپرستي نصيب ٿي. جن ۾ محترم قبلا ڊاڪٽر محمود مغل صاحب، استاد محترم محمد حبيب سنائي صاحب، محترم مرحوم سوز هالائي صاحب، برادرم ثاقب ابڙو صاحب، حُسين سرور ۽ ٻيا مهربان شامل آهن.
2016 جي شروعات کان اخبار روزاني ڪاوش حيدرآباد جي ’ڪاوش گئلريءَ‘ ۾ ۽ ٻين سنڌي اخبارن ۽ مئگزينن ۾ منهنجا مختصر افسانا ڇپجڻ ۽ هي ڪچو ڦڪو کارو کٽو مجموعو اوهان صاحبن جي هٿن ۾ اچڻ منهنجي لاءِ ۽ مهنجي رهبرن لاءِ سرهائيءَ جو باعث آهي.
آئون ائين ٿو سمجهان ته لکڻ به اصلاحي/ سڌي راھه جوڙڻ جي مثل آهي. جنهن راھه کي ليکڪ قلم جي ڪوڏر سان ٺاهي ٿو ۽ لفظن جا ڌڪ هڻي سندس خدوخال ڪڍي هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
چوندا آهن، ’جتي باھه ٻري اها جاءِ سڙي.‘ منهنجي آڏو به حقيقي راهون سماجي سُورن، مذهبي انتها پسندين ۽ حق تلافيءَ جي زلزلن سان ڦاٽي رهيون آهن. سو مون به اڏولن جي دور جي هڪ مُڏي ڪوڏر کڻي هڪ سنهڙو پيچرو ٺاهڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. شل اگهامي پوي.
منهنجي مالڪ، خالق، الله عزوجل جا وڏا وڙ ٿيا، جو پنهنجن خزانن مان منهنجي ننڍڙي ذهن ڏانهن هنن خيالن جي آمد جو رستو جوڙيائين ۽ کين لفظن جي روپ ۾ توهان صاحبن تائين پهچائڻ ۾ پڻ وسيلو ڪري ڏنائين... الحمدلله رب العالمين.
آئون قارئين حضرات کي ادب جا هٿ ٻڌي عرض ڪندس ته براءِ ڪرم منهنجن مختصر افسانن جو وسيع سوچ ۽ ٿڌي دماغ سان مطالعو فرمائين ۽ اعتراض يا غلطين جي صورت ۾، مون ادب جي ننڍڙي شاگرد جي اصلاح ڪرڻ فرمائين ۽ پنهنجي راءِ ضرور ڏيڻ فرمائين ته شاڪر رهندس.

آخوند محمد عباس
پهرين جنوري 2020ع
هالا پراڻا

آخوند محمد عباس سنڌي فليش ادب جو سُپراسٽار

آخوند محمد عباس سنڌي فليش ادب جو سُپراسٽار


پياري آخوند محمد عباس ٻه ٽي ڏينهن اڳ فون ڪري ٻڌايو ته محترم ڊاڪٽر محمود مغل صاحب کانئس سندس مختصر ترين ڪهاڻين جو مجموعو ڇڀائيءَ لاءِ طلبيو آهي. تنهن ڪري هن مون کي ڪجهه لکي ڏيڻ جي خواهش ڏيکاري. مون کي بيحد خوشي ٿي ته منهنجي ننڍڙي شهر جو هڪ نوجوان ليکڪ صاحبِ ڪتاب ٿيڻ وارو آهي. اصل ۾ هُو چند سالن کان ئي پنهنجي ڪتاب جي ڇپائيءَ جو تمنائي هو ۽ سال ڏيڍ اڳ به هن هڪ مسودو پرنٽ ڪري مون کي ڏنو هو. جيئن ته هڪ پاسي ان وقت سندس مختصر ترين ڪهاڻين يا فلئش ڪهاڻين جو تعداد گهٽ هو ۽ ٻيو ته ڪجهه لکڻين ۾ هن جو لهجو ٿورو تڪراري ۽ سخت هو، تنهن ڪري مون ڄڻ ڊسڪريج ڪندي کيس صلاحيو ته هُو اڃان ڪتاب نه ڇپائي. بهرحال هاڻي جيڪو مسودو مون کي اِي ميل ڪيو ويو آهي، تنهن جو عنوان آهي ’آخوند جا افسانا‘ ۽ ان ۾ سندس فلئش ڪهاڻين جو تعداد 94 ۽ ڪجهه نثري ٽُڪرا به شامل آهن.
لفظ افسانو انگريزي لفظن شارٽ اسٽوريءَ جو سنڌي يا اردو ٻوليءَ ۾ نعم البدل آهي. افساني يا ڪهاڻين سان گڏ ڪافي سالن کان اسان وٽ مختصر ترين يا ننڍڙين ڪهاڻين لکڻ جو به ننڍي پيماني تي رواج رهيو آهي. ٻئي پاسي چند ڏهاڪن کان ٻين ٻولين ۾ سئو لفظي ڪهاڻين کان ويندي ڇهه لفظي ڪهاڻين جو رواج به رهندو اچي. جنهن کي گڏيل طور مختلف نالن جھڙوڪ تمام ننڍڙيون ڪھاڻيون، مائڪرو فڪشن، فلئش فڪشن، سَڊن فڪشن وغيره سڏيو پيو وڃي.
نامور ليکڪا ۽ ھوائي پئسيفڪ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي پڙھائيندڙ ڪئٿرين سسٽانا (Catherine Sustana) فلئش فڪشن جي وصف ۽ تاريخ تي لکيل مضمون ۾ فلئش فڪشن جون ٽي خصوصيتون ڄاڻايون آھن:
پھرين خصوصيت ٿور اکري Brevity واري آھي، جنهن موجب فلئش فڪشن ھڪ وڏي، شاھوڪار پر منجهيل ڪٿا کي مختصر ترين لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ٻي خصوصيت موجب اھو پلاٽ تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو ۽ ٽين خصوصيت موجب ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ ۾ وراڪو Twist يا حيرانگي Surprise ھوندي آھي. فلئش فڪشن جي پسمنظر تي ڳالهائيندي ھن لکيو آھي ته فلئش فڪشن جي روايت ته ڪافي پراڻي آھي پر ان کي اهميت ويجهڙ ۾ حاصل ٿي آھي. اسي واري ڏھاڪي ۾ ٻن ايڊيٽرن Robert Shapard ۽ James Thomas انهي ھيئت کي پاپولر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي، جڏهن هنن سڊن فڪشن Sudden Fiction سلسلو شروع ڪيو. انھي تحريڪ جو ٻيو مکيه ڪردار جيروم اسٽرن آھي، جنھن فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي تخليقي ادب واري پروگرام جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ دنيا جي بھترين ننڍڙين ننڍڙين ڪھاڻين جو مقابلو 1986ع ۾ شروع ڪيو. پھريائين ڪھاڻيءَ ۾ لفظن جي حد 250 لفظ مقرر ھئي، پر اڳتي ھلي اھا 500 ڪئي ويئي. قصو ڪوتاهه پهريائين ته فلئش ادب کي شڪي نگاھن سان ڏٺو ٿي ويو، پرھاڻي ان کي مکيه ڌارا ۾ قبوليو ويو آھي. مثال طور مشهور مئگزينO, The Oprah Magazine پنھنجي جولاءِ 2006ع واري شماري لاءِ اھم ليکڪن کان خاص طور فلئش فڪشن لکرايو ۽ ھاڻي مختلف مئگزينن ۾ اھو شامل ڪيو وڃي ٿو. سسٽانا لکيو آھي ته ڪافي ويب سائيٽن ۽ اشاعتي سلسلن پاڻ کي ڇهه لفظي ڪھاڻين واسطي ارپي ڇڏيو آھي.
ويجهڙ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي ليکڪن فلئش ڪهاڻين لکڻ ۾ طبع آزمائي ڪئي، پر اسان جي هن نوجوان ليکڪ انهي مختصر ترين ڪهاڻي واري صنف کي هڪ نئون لهجو ۽ ڍنگ ڏنو آهي، تنهن کيس پنهنجي همعصر ليکڪن ۾ امتيازي حيثيت ڏياري آهي.
آخوند محمد عباس پنهنجي لکڻين ۾ سماجي موضوعن کي انوکي ۽ اڇوتي انداز ۾ پيش ڪيوآهي ۽ گهڻو ڪري اهي اسان جي ضمير کي جاڳائڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون. البت ڪڏهن ڪڏهن سندس لهجو هڪ محتسب يا واعظ وارو ڀاسندو آهي، جيڪو يقينن لاشعوري هوندو آهي، پر ان سان سندس انهن لکڻين جي اهم موضوع جو مقصد فوت ٿي ويندو آهي.
جيئن مون شروع ۾ عرض ڪيو ته مون کي سندس مجموعي جي ڇڀائيءَ تي سَرهائي ٿي رهي آهي. بهرحال آئون کيس ذاتي ڪچهرين ۾ به چوندو رهندو آهيان ته هن کي اصلي شارٽ اسٽوريءَ تي طبع آزمائي ڪرڻ گهرجي، ته جيئن اسان کي سندس اصلي جوهر جي پروڙ پوي.
منهنجو ذاتي خيال اهو آهي ته سٺي ليکڪ لاءِ ضروري آهي ته هُو سٺو اڀياسي پڻ هجي، پرآئون ڀانيان ٿو ته آخوند عباس ايترو مطالعو نٿو ڪري، جيترو سندس واسطي ضروري آهي. جڏهن هُو ٻين جا ڪتاب نٿوپڙهي، ته پوءِ ماڻهو سندس ڪتاب ڪيئن پڙهندا.
آخوند محمد عباس جي ڳوٺ ۾ ناموري هن کان اڳ هڪ سٺي نعت و حمد خوان يا گائڪ طور آهي. ان کان علاوه هُو پنهنجي ناني ڊاڪٽر عبدالقيوم ’زخمي‘ جي پيرويءَ ۾ شاعري به ڪندو رهي ٿو. اسان جي خاندان جي تازو ٿيل شادين ۾ گهوٽن جا شاندار سهرا به لکيا اٿائين. سندس پنهنجي شاديءَ جو هڪ ڪارڊ به منظوم شاعريءَ ۾ هو، جيڪو به بيحدساراهيو ويو. جئين پنهنجي تعارف ۾ هن لکيو آهي ته پينٽنگ ڏانهن به سندس لاڙو رهيو آهي. مٽن مائٽن يا دوستن جا پورٽريٽ به هُو ٺاهيندو رهيو آهي. گِٽار سان فوٽو ته فيس بوڪ تي رکيا هئائين، ممڪن آهي ته گِٽار وڄائيندو به هجي.
جيئن هن لکيو آهي هُو انتهائي مذهبي گهراڻي جو فرد آهي، جيڪي صدين کان ديني و دنياوي تعليم ڏيندا رهيا آهن. منهنجي ذاتي خيال ۾ سندس پهريون جولان ميوزڪ آهي، پر مذهبي گهراڻي سان تعلق هئڻ ڪري هُو ان شعبي ۾ وڌي نه سگهيو، پر هن پاڻ کي اعليٰ پايي جو حمد ۽ نعت خوان ثابت ڪيو آهي. منجهس سٺي شاعر ٿيڻ جون به ڪافي صلاحيتون نظر اچن ٿيون، پر مذهبي گهراڻي سان نسبت شايدکيس ان شعبي ۾ ڀرپورحصيداريءَ کان روڪيو ويٺي آهي. پينٽنگ جي شعبي ۾ سندس نه وڌڻ جا ڪارڻ به پڌرا آهن.
بهرحال هُو منفرد تخليقڪار آهي، جيڪو پنهنجي لکڻين يا آوازي ڪاوشن ۾ اسان کي روحاني طرح مستفيض ڪندو رهي ٿو.
دعا آهي ته هُو اهڙين سريلي ۽ ڀاڳائتي سرگرمين ۾ سدائين مشغول رهي ۽ اسان جي ذهني ۽ روحاني غربت کي گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري.

محمد حبيب سنائي
10سيپٽمبر 2019ع
10 محرم الحرام 1441هه

آخوند عباس ۽ مختصر افسانن جو فن

آخوند عباس ۽ مختصر افسانن جو فن


آخوند عباس ۽ مختصر افسانن جو فن
منھنجو شھر ھالا نوان ۽ ان سان ڳنڍيل ھالا پراڻا ٻئي جاڙا شھر آھن. انھن ٻنھي وسندين ھڪڙي ڪُک مان جنم ورتو آھي ۽ ٻنھي جا جسم ھڪٻئي سان ڳنڍيل آھن. ٻنھي ۾ دل ھڪڙي ئي ڌڙڪندي آھي. ٻنھي شھرن جا ڏک سک، دوستيون ياريون ۽ مِٽيون مائٽيون به گڏيل آھن. ھالا پراڻا ۽ اتي جي ماڻھن سان منھنجي محبت ايتري پراڻي آھي. ھالا پراڻا جي ھن ننڍڙي ڳوٺ نما شھر مان ڪيترائي وڏا تخليقڪار اڀريا. انھي ھالا پراڻا جي تخليقڪارن ۾ ھاڻ اڀرندڙ نالو ’آخوند محمد عباس‘ آھي.
آخوند عباس ھڪڙو ٻھڳڻو نوجوان آھي، جيڪو ھڪڙو چترڪار به آھي ته راڳي به آھي. سندس آواز ۾ ھڪڙو فطري ميٺاج آھي، جيڪو قدرت نصيب وارن کي ڏيندي آھي، پر سندس ڪيترن ئي تعارفن مان سندس ھاڻ مضبوط تعارف مختصر افسانن جي ليکڪ جو آھي. آخوند عباس نئين دور جو ليکڪ آھي. ھُن پنھنجي افسانن جي ابلاغ لاءِ طريقا به نوان اختيار ڪيا آھن. سندس مختصر افسانا فيس بڪ تي شايع ٿيندا ھئا / آھن، جتي اھي ڪافي مقبول ٿيا. انھيءَ کان پوءِ اُھي افسانا اخبارن ۾ شايع ٿيا. آخوند عباس پنھنجي سوشل ميڊيا جي پڙھندڙن جي مزاج ۽ انھن جي توجهه جي مختصر مدت وارين ضرورت کان واقف آھي. انھيءَ ڪري ھُو پنھنجي افسانن کي اھڙي مھارت سان پيش ڪندو آھي، جو ھُو چند سٽن ۾ جنھن ڳالهه کي پيش ڪندو آھي، تنھن کي ڪرڻ ۾ ٻين افسانا نگار کي ڪيئي صفحا کپندا آھن.
آخوند عباس کي پنھنجي لکڻين جي موضوعن جي ڳولا لاءِ ٻئي ھنڌ وڃڻ جي ضرورت ڪونھي. سندس افسانن جو محور اسان جو پنھنجو سماج ئي آھي. سندس مختصر افسانا سماج ۾ موجود اھڙين منافقتن، رياڪارين، بغضن، دوکن، بدعنوانين ۽ دولابن کي پيش ڪن ٿا، جيڪي ھاڻ اسان جي سماج جي رڳن ۾ سيرائجي، انھيءَ جو جينياتي حصو ٿي ويا آھن. مون کي سندس افسانن ۾ ’سعادت حسن منٽو‘ جي مختصر افسانن جي مجموعي ’سياھه حاشيي‘ جي جهلڪ نظر ايندي آھي. جھڙي طريقي سان ’منٽو‘ سماج ۾ موجود براين ۽ ٻٽن روَين کي انتھائي مختصر پر انتھائي تکي ڌار سان جراحي ڪئي آھي. ساڳي تِکائي توھان آخوند عباس جي افسانن ۾ به ملندي. ڀاءُ جي موت بدران ڊرامي جي ڪردار جي موت تي روئندڙ ڀيڻ، ماءُ جي دوا وٺڻ وساريندڙ پٽ، صاحبن کي لفافو پھچائيندڙ ملازم، بايومئٽرڪ لاءِ پريشان گوسڙو ماستر، مريض جي کيسي تي اک رکندڙ ڊاڪٽر، فوٽو ڪڍرائڻ خاطر فلاحي ڪم ڪندڙ اڳواڻ، گهر ۾ پوڙھيون ٿيندڙ نياڻيون... ۽ اھڙا اڻ ڳڻيا ڪردار اسان کي آخوند عباس جي ڪھاڻين ۾ نظر ايندا، جيڪي اسان جي سماج ۾ ڀريا پيا آھن، پر جن کان اسان جو سماج اک بند ڪيو ويٺو آھي. اھا آخوند عباس جي جرئت آھي ته ھُن پنھنجي افسانن ۾ انھن ڪردارن کي پيش ڪري، سماج کي آرسي ڏيکاري آھي.
جيئن چوندا آھن ته ھڪ تصوير ھزار لفظن جي برابر آھي. آخوند عباس جا افسانا به تصويرن جيان آھن. جنھن ڳالهه کي چوڻ ۾ ٻين کي ھزارين لفظ کپندا آھن، تنھن ڳالهه کي آخوند عباس ڪنھن ماھر مصور جيان پنھنجي قلم جي ڪجهه اسٽروڪن سان چند لفظن ۾ ڪري وٺي ٿو. خاندان جي ٽٽل روايتن کي آخوند عباس ڪيڏي نه مھارت سان پيش ڪيو آھي.
”ڪاوڙ نه ڪر جانو، امان ابو فقط ڪلاڪ کن لاءِ آيا آھن.“
ھن ھڪ سِٽَ جي افساني ۾ آخوند عباس اھا حقيقت پيش ڪئي آھي، جنھن کي ٽي ويءَ جي ڪنھن سيريل ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪيئي قسطون گهرجن. مون کي اھا سِٽَ پڙھي آمريڪي ليکڪ ’ارنيسٽ ھيمنگوي‘ جو شاھڪار مختصر افسانو ذھن ۾ تري آيو.
”وڪري لاءِ: تازي ڄاول ٻار جا جوتا. ڪڏھن به نه پھريل.“
جيئن ھن ھڪڙي سِٽَ ۾ ھيمنگوي ٻار جي موت جي درد ۽ غربت کي فنڪارانه طريقي سان سمايو آھي، ساڳيو انداز اسان کي آخوند عباس جي مختصر افسانن ۾ به ملي ٿو.
آخوند عباس اڃا جوان آھي. سندس قلم ۾ اڃا طاقت آھي. اميد ته سندس اھا طاقت برقرار رھندي. منھنجي کيس اھا به صلاح آھي ته ھُو ھاڻ مختصر افسانن واري صنف کان سواءِ ٻين صنفن خاص طرح شارٽ اسٽوري تي به ڌيان ڏي. منھنجو يقين آھي ته ھُو ھر صنف ۾ اھڙي ئي فنڪارانه ڪاميابي ماڻيندو، جيڪا کيس مختصر افسانن ۾ حاصل ٿي آھي.

منوج ڪمار
ھالا
ڊسمبر 2019ع

پنجانوَي مختصر افسانا ۽ نثري ٽُڪرا

---

آخوند عباسَ کي خواب جي ساڀيان مبارڪ هجي

آخوند عباسَ کي خواب جي ساڀيان مبارڪ هجي
محمود مغل

ايندڙ اٺوَنجاهه صفحن ۾، هلندڙ دؤر جي نئين جُڙت سان ملاقات ڪيو. آخوند عباس پنهنجي خيال جي خواب کي ساڀيان ڏيکارڻ چاهي ٿو.
ڌڻيءَ مٺي پاران اِها به ڪيڏي نه وڏي عنايت آهي ته انسان سوچي، سوچ کي لفظن جي رِدا پهرائي ۽ وري اُن کي ڪاغذن تي منتقل ڪري يا وري اُچار جي جامَي ۾ پيش ڪري. انهن سڀني عملن ۾، ڪنهن به وقت ڪابه ڪوتاهي ٿي سگهي ٿي.. مَهرَ ته اُن مالڪ جي آهي، جنهن انسان کي اِهو هُنر عنايت ڪيو آهي. هالا جي هِن هوشمند کي، ڌڻيءَ پاران اِهو تحفو مبارڪ هجي.
سال 2015ع کان 2017ع تائين ’ڪاوش گئلريءَ‘ ۾ ڀاءُ فقير ۽ مون اِها ڪوشش شعوري طور ڪئي ته ننڍين تحريرن ۾ وڏا نياپا شامل هجن ۽ فليش فڪشن شعوري طور سرجي سامهون اچي. هن ڪوشش ۾ اسان ڪيترو ڪامياب ٿياسين، اِها ته هڪ ٻي ڪيفيت آهي، پر بهرحال ڪيترائي نوان ليکڪ اُڀريا، جن هن ميدان ۾ جاکوڙ ڪئي ۽ مون کي اهو لکڻ ۾ ڪوبه باڪ ڪونهي ته آخوند عباس انهن سڀني جو سرموڙ رهيو.
هڪ ڏينهن سندس پاران هڪ ترجمو موصول ٿيو. سِرو هئس ’ڌيءَ جي وهانءَ کان پوءِ گهر ۾‘ اهو هڪ گجراتي نثري نظم جو ترجمو هيو، جنهن جو شاعر هو ’جينت پاٺڪ‘ ۽ سچي ڳالهه ته اِها آهي ته اُن هڪ ترجمي، اندر ۾ الاءِ ڪيترا ايوان کولي ڇڏيا ۽ هڪ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ مان ۽ ڍول ڀاءُ ڄڻ ته پريشان ٿي ويا هئاسين، جيتوڻيڪ اهو ترجمو آخوند عباس نه ڪيو هو، پر ته به سندس چُونڊ حيران ڪندڙ هئي. اِن اسم تي نگاهه وجهو:
نيٺ، سڀ ڳڻتيون ۽ ڳارا ختم ٿيا،
وهانءُ پورو ٿي ويو.
ڪنوار جي ماءُ هاڻي
سڀ سامان ۽ شيون سنڀالي
ڳڻڻ لڳي ٿي
هر شئي ياد ڪري ٿي
سنواري رکڻ لڳي ٿي
پليٽون، پيالا، گلاس، ٿالهيون
هرڪا شئي، برابر
ڪٿي به ڪابه شئي گم نه ٿي
پر پوءِ اوچتو ڪجهه ياد ڪري
بيهي رهي ٿي.
ڪمري جي وچ ۾ چوڌاري نهاريائين
لُوڻاٽيل سوال اکين مان وهِي آيس
’پر، منهنجي ڌيءَ ڪٿي آهي؟!‘
هن نوجوان کي قدرت انيڪ خوبين سان نوازيو آهي. ساندهه ڪم ڪندو رهي ٿو، ٿَڪجڻ ۾ ويساهه نٿو رکي، اصلاح کيس خراب نٿي لڳي. باادب بانصيب آهي ۽ ان ڪري ئي مٿس تخليق جا دروازا کُلندا رهن ٿا. ايندڙ صفحن ۾ سندس ’فليش فڪشن تحريرون‘ اوهان تي ان ڳالهه جي تصديق ثابت ڪري وينديون، جيڪو مون هتي عرض ڪيو آهي.
مالڪ کيس نوازيندو رهي. دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخنَي صرف رب ڪريم جو محتاج رهي ۽ سنڌي علم و ادب کي ائين ئي پنهنجي پاران سوکڙيون ارپيندو رهي-آمين.
ننڍڙا آخوند عباسَ، توکي تنهنجي خانوادَي کي هن خواب جي ساڀيان مبارڪ هجي.

هڪڙي ڏينهن جي خوشي

هڪڙي ڏينهن جي خوشي

اڪثر خفي جي خَفت ۾ وڪوڙيل، پاڻ کي پريشانين جا پاراتا ڏيندڙ، بُتَ تي گَرا ڪپڙا اوڍيل، بي آسرا گهٽين ۾ ڦرندڙ، رٽائرڊ چاچو پيرل ان ڏينهن ڏاڍو خوش هو..
هڪڙي ڏينهن جي خوشي جو سبب پڇيومانس ته خوش ٿي وراڻيائين، ”اڄ زال ۽ ٻارن کِلي ڳالهايو آهي... پهرين تاريخ آهي نه، پينشن فارم تي دستخط وٺڻ آيا هئا..“

برف ٽُڪر

برف ٽُڪر

صبح کان ڦُٽيون چونڊي، نٽهڻ اُسَ ۾ ٻنيءَ تان واپس گهر وڃڻ کان اڳ ڳوٺ جي سُکين گهرن ڏانهن رخ ڪيائين.
برف لاءِ عرض ڪرڻ تي جواب مليس؛
”ماسي، هن ٽڪر ورانڊي کي پوچِي هڻ ۽ هي چار کن ٿانو ته ڌوئي وٺ، تيسيتائين آئون تنهنجي لاءِ برف ٽُڪر ڪڍي ٿي وٺان. .“

سڄي رات جي محنت

سڄي رات جي محنت

يارهين جماعت جا پيپر ڏيندڙ قابلُ، گهٽيءَ مان وڦلندو گهر ۾ داخل ٿيو، ڪِلپ بورڊ کي کٽ ڏانهن اڇلائيندي، بوٽَ جون ڪَهيون ڇوڙڻ لڳو.
”ٻچا اڄ پيپر ڪيئن ٿيو؟ سڄي رات پئي محنت ڪيئي.“ ماءُ پڇيو.
منهن بڇڙو ڪري جورابن مان ويڙهيل پنن جا دستا ڪڍندي وراڻيائين، ”امان، اڄ هنن مان هڪ سوال به ڪونه لڳو. . .“

اڳڀرائي

اڳڀرائي

سياسي ريليءَ ۾ هڪ نوجوان، پويان کان حمايتي نعرا هڻي رهيو هو. هڪ دوست ٻانهن کان ڇڪيندي چيس، ”اڙي چريا.. اڳتي ٿيءُ، رئيس جي پاسي ۾ هلي نعرا هڻ، ڪجهه اڳڀرائي ڪر... ائين پويان هوندين ته نوڪريءَ واري لسٽ ۾ نالو ڪونه چڙهندئي.“

آسَ

آسَ

جوانيءَ جو ليڪو لتاڙيندڙ چئن ڌيئرن جي مڙهي ماءُ، پاڙي ۾ منڱڻيءَ جي مٺائي ورهائيندي پئي چيو، ”ائي دعا ڪجو ته خير سان جيئري پرياند پُٽڙي جي خوشي ڏسان.“

احساسَ جي تصويرڪشي

احساسَ جي تصويرڪشي

ريسٽورنٽ جي ٻاهران ماني ڀور لاءِ واجهائيندڙ، منهن تي گَرُ ڄميل، داغن سان چِٽيل قميص جو اڌ ڪُلهو هيٺ لٿل هڪ اٺَن سالن جي معصوم ٻار تي ان ريسٽورنٽ مان ٻاهر نڪرندڙ ٻن برگر نوجوانن جي نظر پئي. سو همدردي محسوس ڪندي موبائل سان کيس فوڪس ڪيائون ۽ احساس ڏياريندڙ هڪ ٻه فوٽو ڪڍي، هٿ ۾ جهليل سينڊوِچ کي چڪ پائيندا اڳتي هليا ويا...

ٿڌو گرم

ٿڌو گرم

جميل، آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙ پنهنجي ڪم چور ساٿي غفور کي چيو، ”يار غفورا، وڏو صاحب توسان الاءِ ڪيئن سدائين ٺهيل ٿو رهي، منهنجو ته ڪم به سڀ پورو آهي، پوءِ به مون تي گرم لڳو پيو آهي، اصل مون تي اک پوندي ئي سڄو ڳاڙهو ٿيو وڃي.“
غفور ٽهڪ ڏيندي وراڻيو، ”اڙي منهنجا سادا يار جميلَ،تون به هر مهيني وڃي صاحب کي بنگلي تي لفافو ڏئي اچ، ڪم جي به ٿڌائي ٿيندئي، صاحب به ٿڌو رهندئي.“

امان ابو

امان ابو

”ڪاوڙ نه ڪر جانُو،
امان ابو فقط ڪلاڪ کن لاءِ آيا آهن.“

پيٽرول ۽ سي اين جي

پيٽرول ۽ سي اين جي

سرڪاري اسپتال ۾ سِرُن تي بيٺل چئن ايمبولينسن جي ڀرسان هلڻ جهڙي هڪ ايمبولينس کي، اڌ ڪلاڪ کان گهيرو ڪري بيٺل پنجاهي کن مسڪين ڳوٺاڻا، ڊرائيور کي ڪرايو گهٽ ڪرڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا هئا. ڊرائيور جي زبان تي مسلسل هڪ ئي ڳالهه هئي ته، ”سي اين جي بند آهي، پئٽرول تي هلڻو پوندو.“
ايتري ۾ اندران پٽيواليو سهڪندو آيو ۽ اچي ان ايمبولينس ڊرائيور کي چيائين، ”نبو.. واٽر وٽ صاحب جي پٽ جي گاڏي خراب ٿي پئي آهي، سگهو وڃ.. ۽ ٻڌ.. سيٺ نبن کي به اڳتي ڪندو وڃ.“

دوا

دوا

”پُٽَ...! منهنجي دوا؟؟؟“

نوڪرياڻي

نوڪرياڻي

عصر مهل اٿي اسڪول لاءِ ناشتو تيار ڪرڻ کان وٺي، رات جو پتڪڙا بوٽ پالش ڪرڻ کان پوءِ، ننڊ مان اٿاري کير ڏيڻ تائين ٻچي جي خدمت ڪندڙ ماءُ کي، سندس تازو پرڻيل پٽ، پنهنجي گهر واريءَ کي گهر جو ڪم ڪندي ڏسي چوڻ لڳو، ”امان اوهان به حد ٿا ڪريو، مومل منهنجي زال آهي ڪا هن گهر جي نوڪرياڻي ته ڪانهي.“

وقت جي ضرورت

وقت جي ضرورت

معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين لاءِ احتجاج ڪندڙ ڪجهه نوجوانَ پمفليٽ هٿ ۾ جهلي، سامهون موبائل سان کين فوڪس ڪندڙ همراه کي رنڀُون ڪري چئي رهيا هئا، ”جيڏي مهل نعري لاءِ ٻانهن مٿي کڻون، ان مهل ڀلو ڪو پوز ڏسي پوءِ فوٽو ڪڍجان.. فيس بُڪَ تي رکنداسين.“

شناس

شناس

مهيني ٻئي مهيني ٻن ڏينهن لاءِ ٻچن وٽ ڳوٺ ايندڙ سرڪاري آفيسر کي هڪ ڳوٺاڻو گڏيو. ٻانهن کان جهلي بيهي رهيس ۽ صلاح ڪندي، هوٽل ڏانهن ڇڪيندي، چانهه پيئڻ لاءِ ضد ڪرڻ لڳس، ڳراٽڙي پائيندي آفيسر صاحب وراڻيس، ”ادا منهنجا، هن وقت ڇڏ.. هفتي کن ۾ رٽائر پيو ٿيان، پوءِ پيا چانهيون پيئنداسين.“
ڳوٺاڻي هڪدم سندس ٻانهن مان هٿ ڪڍيو ۽ کيسي مان موبائل ڪڍي، ڪوڙِي ’هلو هلو‘ ڪندو، ”اچان پيو...“ جي صدا هڻندو تڪڙو هليو ويو.

ماءُ جو ڏينهن

ماءُ جو ڏينهن

”ابا تون به، وقت کان پوءِ، ڀاڻهين جَن وانگر، پاڻ سان گڏ فوٽو ڪڍڻ آيو آهين منهنجو...؟؟؟“

بي اونو

بي اونو

ٽن چئن سالن کان هر مهيني پگهار مان مٿي حصو ڏئي بي اونو ٿي، دڪان هلائيندڙ ماستر صاحب کي اوچتو مٿان فون آئي...
”سائين، سختي ٿي وئي آهي، سگهو وڃي بايوميٽرڪ ڪرائي اچو..!“
ماستر صاحب سهڪندو آفيس پهتو...
”سائين، ڪهڙي اسڪول ۾ پوسٽنگ اٿوَ؟؟“
ماستر صاحب پريشان ٿي وراڻيو،
”صاحب، الاءِ...؟“

خيرات

خيرات

سنجها مهل واٽ تان ويندڙ، سادڙا لٽا اوڍيل هڪ اڌڙوٽ عورت ۽ هڪ جوان جماڻ نينگريءَ جي پاڻ ۾ ٿيندڙ گفتگو ڪنن تي پيم، ”امان، آئون سڀاڻي ڪانه هلندس، تون اڪيلي وڃجان.“
ماءُ لاچاريءَ مان وراڻيس، ”ٻچا مون پوڙهي کي ڪير پائي به خيرات ڪونه ڏيندو، اجايو سيءَ ۾ سُڪي اچي گهر ڀيڙي ٿينديس.“

اصلي چريو

اصلي چريو

جمن جانٺيجو، سرڪاري ملازمت ڪندڙ هڪ يونيورسٽي دؤر جو دوست سندس تَرَ ۾ بدلي ٿي آيو. سو ڪريم به سنڀري ملڻ لاءِ سندس آفيس ۾ پهتو. نالي سان پڇا ڪرائڻ تي خبر پيس ته کيس آفيس ۾ ’اصلي چريو‘ ٿو ڪوٺيو وڃي...
بهرحال، وڏي کيڪار سان ڪريم سندس ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ماجرا پڇيائينس ته جمن مطمئن مُرڪ سان وراڻيس، ”ادا، آئون سُڪي پگهار تي گذران ڪندو آهيان.“

ڌيان

ڌيان

رستي تان ويندڙ ھڪ دوست کي سلام ڪيم پر جواب نه ڏنائين، ڇو ته مُنهن موبائل ۾ هئس.
هڪدم ميسيج ۾ سلام لکي، سينڊ ڪيومانس.
چئن سيڪنڊن ۾ جواب آيو؛
”وعليڪم السلام“..

روايت

روايت

ڌار ويٺل وڏي ڀاءُ وٽ ڀلجي چڪر تي آيل ننڍي ڀاءُ، کيس کٽ تي بيوس پيل ڏسي کانئس سبب پڇيو..
ورندي مليس، ”ادا هاڻ ته اڪيلائپ کائڻ ٿي اچي، ڇوڪرا الاءِ ڪڏهن ڪيئن وڏا ٿيا، الائي ڪيڏي مهل ٿا گهر ۾ اچن ۽ ڪيڏي مهل ٿا وڃن. . ڪا خبر ئي ڪانهي..کوڙ ساريون صلاح مصلحتون، ڳالهيون ٻولهيون، تڪليفون، محبتون ساڻن ونڊڻيون اٿم.“
ننڍي ڀاءُ طنز کي شڪايت جي رومال ۾ ويڙهيندي چيس، ”ادا وڏا، تو وارا ڇوڪرا به ڪم تان لهي، ساڳي ئي هوٽل تي ويهي اڌ رات گذارين ٿا جنهن تي تون ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهندو هئين.“

سزا

سزا

ڳڻتين ۾ ڳرندڙ چاچي نبوءَ، سامهون صُفي ۾ ويٺل، پيريءَ ۾ پير پائيندڙ پنهنجي نياڻيءَ ڏانهن نهاريندي، پشيمانيءَ مان پنهنجي زال کي چيو، ”ڀاڳن ڀري منهنجي ڪيئي جي سزا منهنجي نياڻيءَ کي ملي آهي مون به ته کوڙ رشتا موٽائڻ کان پوءِ توکي پسند ڪيو هو.“

ڪردار

ڪردار

انا جي ور چڙهيل، سالن کان پنهنجي اڪيلي ڀاءُ سان قطع رحمي ڪندڙ شادي شده ڀيڻ، صبح ويل پنهنجي جگري ڀاءُ جي موت جي خبر ٻڌي، پر ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيائين.
رات جو جڏهن پنهنجي پسنديدہ ڊرامي ۾ پسنديدہ ڪردار کي مرندو ڏٺائين ته رڙ نڪري ويس، جيڪا ماتمي دانهن تقريباً اڌ پاڙي ٻڌي.

فارملٽي

فارملٽي

گهر ۾ گهڙندي ئي چهري تي ڪاوڙ وارا گُهنجَ اچي ويس. اڱڻ ۾ ويٺل زال، مڙس جو اهو لقاءُ ڏسي، ويجهو اچڻ تي سوالي نگاهن سان ماجرا پڇيس.
وراڻي مليس، ”ڪالهه چوواٽي تي هڪ دوست کي فارملٽيءَ طور چانهه جي صلاح ڪيم، ان مهل ته ڦٻي ويس، پر اڄ اچي در تي نڪتو آهي. “

زماني کي سلام

زماني کي سلام

گهٽيءَ مان لنگهيس پئي، ته زماني جو هڪ انوکو رنگ ڏٺم.
علم سان سرشار، پاڻ ۾ سمايل هڪ لائبريريءَ مثل ۽ ايمان و حياءَ جي خوشبوء سان مهڪندڙ شخص، پنهنجي حلال روزي ڪمائڻ لاء ِ پنهنجي دڪان ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هڪ اڌڙوٽ واٽهڙوءَ کي سلام ڪيائين. جيڪو چار پاپا، پنج روپين جي کنڊ ۽ هڪ چانهه جو ساشي وٺي وڃي رهيو هو. سلام جو جواب نه ملڻ تي نراڙ تي هڪ گهنج به نه آيس، پر ان اڌڙوٽ شخص جون اکيون کيس جهڙوڪر ڪو هارايل بازيگر سمجهي ترڪ ڪري رهيون هيون، مون به سمجهيو ته شايد ڪالهه اوڌر لاءِ انڪار ڪيو هوندئينس.
چئن قدمن کان پوءِ هڪ وڏي کيڪار ٻڌڻ ۾ آيم، نظر ڪيم ته، قادن گهران نڪتو هو جنهن تي سلامن جي وٺ وٺان پئي ٿي، مشهوي هو ته ننڍپڻ کان وٺي امتحانن جا پيپر نوري کان ڏياري پاس ٿيندو آيو ۽ ڪجهه وقت پهرين تائين سندس پڪوڙن جو هٽُ به پوري ڳوٺ ۾ مشهور هو. تازو چار لک ڏئي هڪ سرڪاري کاتي ۾ ڀرتي ٿيو آهي ۽ سلامن تي سلام پيو وٺي.

ساڳي ماني ساڳ سان..!

ساڳي ماني ساڳ سان..!

بس اسٽاپ تي دڪان هلائيندڙ سيٺ سچل، ٻن ٽن ڏينهن کان باقائدگيءَ سان ٽائيم تي پنهنجي ئي برادري جا ڪجهه سيٺ، ٽپ ٽاپ ٿي ، فائيل هٿ ۾ کڻي بس ۾ چڙهندي پئي ڏٺا. نيٺ ، رهيو نه ٿيس، وڃي هڪڙي يار کي ٻانهن مان جهلي حال پڇيائين،
وراڻي مليس، ”سيٺ سچل، نئين حڪومت آئي آهي، ٻه ٽي ڏينهن مڙئي سختيءَ جا آفيس وڃون، بس، سگهو وري دڪان تي ڏسندين. وري ساڳي ماني ساڳ سان هوندي.“

احسان

احسان

احوال ڏيڻ کان پوءِ چاچي خاقن هٿڙا ٻڌي عرض ڪيو، ”ڊاڪٽر صاحب غريب ۽ لاچار آهيان.. جيڪر... “
ڊاڪٽر صاحب بنا دير جي بيل وڄائي، رسيپشنسٽ اندر آيو، کيس فيس واپس ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون. خوشيءَ مان لکيل دوائن سان ڀريل ڪاغذ کڻي، ان ئي ڪلينڪ ۾ موجود ميڊيڪل اسٽور تي پهتل چاچي خاقن، دوائن جي رقم ٻڌي ته ڊاڪٽر جي احسان جو بار نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو.

نوَ مهينا

نوَ مهينا

پيءُ جي وفات کان فوراً بعد پٽن ۾ ملڪيت تان ڏڦيڙ پئجي ويو.
موڀي پٽَ چيو، ”بابي سان ڌنڌي ۾ آئون گڏ رهيو آهيان، مارڪيٽ واري جاءِ ۽ هيٺيان چار ڀانڊا منهنجا آهن. آئون ٿو وڃي ٻارن سان اتي رهان.“
ننڍن ٻن پٽن هڪدم موجودہ گهر ۾ اک وجهندي چيو، ”هن جي رِنووَيشين اسان ڪرائِي آهي، هتي اسان پنهنجن ٻارن سان رهنداسين.“
پيءُ جي ڏک ۾ سڏڪا ڀريندڙ آخري پندرهن ورهين جي پٽ، بيوسيءَ ۾ پنهنجي وجود جي حصن جو لقاءُ ڏسندڙَ، ماءُ جي هنج کي چُهٽندي معصوميت مان چيو، ”آئون هتي پهرين به نَو مهينا رهيو آهيان.. هيءَ منهنجي ملڪيت آهي..گهر جو ڪهڙو به حصو ملي، آئون هن سان رهندس.“

قسمت

قسمت

جُڙيل ڪنڀرَ کي ٻن گونگين ڌيئرن مٿان، ٽئين ڌيءَ نابين ڄائي ته کيس لڳو، ڄڻ آويءَ مان نڪتل اڌ کان مٿي مَٽَ سيريَل نڪتا هجن...

ساڳي عورت

ساڳي عورت

’عورت کي برابر جا حق ملڻ گهرجن، عورت روبوٽ ناهي جو گهر جي ڪم ڪار ۾ پنهنجي زندگي تباھه ڪري.. عورت کي به مرد وانگر جيئڻو آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ مرد پنهنجا سمورا ڪم پاڻ ٿو ڪري، زال مڙس ٻئي ڪمائين ٿا، خوشحال زندگي گذارين ٿا، اسان جي معاشري ۾ الاءِ اها لاٽ ڪڏهن روشن ٿيندي؟ گهرن ۾ نوڪرياڻين تي ڪم جو دٻاءُ ڪڏهن ختم ٿيندو؟‘
مشهور تنقيدي ليکڪ، مضمون کي سواليه نشان تي ترسائي، اڃا قلم مس بيهاريو ته، ڀرسان آواز ڪنن تي پيس، ”صاحب!! سڀ ڪم لاهي ڇڏيم، اوهان جو ۽ ننڍي صاحب جو ڪمرو صاف ڪري ڇڏيم، ڪپڙا سڀ ڌوئي ڇڏيا آهن. باقي ميڊم ته پرڏيهه آهي، ان جو ڪمرو لاڪ آهي ۽ ها لنچ ڪچن ۾ ٺهي پئي اٿوَ.“
گهر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻي در کي انٽر لاڪ جي حوالي ڪري رواني ٿي وئي.

جنريشن گئپ

جنريشن گئپ

چوڏهين فيبروريءَ جي شام جو جڏهن چاچي دلبر جي اوچتي نظر گهر ۾ پيل چمڪيلي پنيءَ ۾ ويڙهيل، هڪ پاروٿي ڪومايل گل تي پئي، ته کيس به جوانيءَ ۾ رهيل حسرتن کي پورو ڪرڻ جو خيال آيو.
سو ٻچن کان لڪي، تڪڙ ڪري، اهو گل کڻيِ پاسي واري گهٽيءَ ۾ بيواهي معشوقه جي گهر پهتو ته ان عورت جو پُٽ پنهنجو ئي خريد ڪيل ساڳيو گل، چاچي دلبر جي هٿ ۾ ڏسي، شڪايت جي ڊپ کان وٺي ڀڳو.

سارَ

سارَ

”ڀائو وڏي وانگرMcDonald جا برگر ته نٿو کارائي سگهان، پر خلوص جي چٽڻيءَ سان گڏ پڪوڙن جا پنجاهه رپيه مون وٽ به لڀي پوندا..او... مون مسڪين ڀاءُ کي وساريندڙ ڀيڻ..“

فنڪار

فنڪار

اڳ
”ڀلو. . گهور ڪيتري پئي؟“
”استاد گنج ٿي ويو،فرمائشي ڪلامن تي ته توهان مٿان پئسن جو مينهن پئي وسيو.“

اڄ
”ڀلو. . ڪر خبر، ڏهاڙي ۽ خرچ ته نڪتو نه؟ “
”استاد، الاءِ... مون ته رڳو توهان ڏانهن اڀيون ٿيل موبائلون ۽ پوءِ توهان سان نڪرندڙ سيلفيون پئي ڳڻيون..“

سَنهڙيون

سَنهڙيون

”ابا.. ڊريور..!! ٻه سوَ ڪونه آهن ڪي.. سئو کن آهي.. “
”چڱو پوڙهي..!! اوهان ٻئي پُٺيان ويهو، اڳيان هِنن ٻنهين کي ويهاريو، سنهڙيون آهن، سوليُون ٿي ويهنديُون..“

ڪپڙي جو ٽُڪر

ڪپڙي جو ٽُڪر

شهر ڏانهن ويندي پنهنجي ڳوٺ جِي غريب آباد جي جهوپڙين تي نظر پيم... مٽيءَ سان لٽيل رستي تي، اگهاڙن پيرن سان ڌوڙ اڏائي ويندڙ معصوم ٻار... جن ۾ هڪ گدلي پتڪڙي ڇوڪري هر هر پنهنجي گنجي مٿي تان سرڪندڙ پوتڙي کي واپس مٿي تي رکندي ڊوڙندي وڃي رهي هئي...
شهر پهتاسين، جتي بنگلن جون قطارون، صاف سٿرن رستن تي بال سان کيڏندڙ سلڇڻا، اوچا ڪپڙا ۽ جوتا پهريل ٻار ۽ ڪجهه جوانيءَ ۾ پير پائيندڙ نياڻيون، فر فر انگريزيءَ ۾ هڪ ٻئي سان مخاطب هيون.
.. پر افسوس. . ڪپڙي جو ٽڪر سندن ڪلهي تي به نه هو. .

ساڳيو سوال

ساڳيو سوال

”چاچا..! زمانو خراب آهي، ضد نه ڪر، ڏئي ڇڏ، وڏين جي چڪر ۾ هِن سترنهن ورهين جي معصوم نياڻيءَ جِي به سِينڌ اڇي ڪندين ڇا؟؟!!“

ملامتي سوال

ملامتي سوال

اونهاري جي آمد سبب فرج صاف ڪيم، کائڻ پيئڻ جي شين سان گڏ ڪجهه دميل شيون به نڪتيون، ان مهل پاڙي جي غريبن جو اچي احساس ٿيم، سو هڪ دم انهن شين جي ڀري ٻڌي ٻاهر نڪتس ۽ وڃي هڪ مسڪين جو در کڙڪايم. ايتري ۾، کاڌي جي تاڙ ۾ ڦرندڙ هڪ بکايل ڪتي اچي ان ڀريءَ ۾ جهٽ هنيو، وات سان ڦاڙي جڏهن کائڻ لڳو ته هڪدم ڀريءَ مان منهن ڪڍيائين ۽ ملامتي نظرن سان ڏسڻ لڳم،ڄڻ پڇندو هجيم، ”ڏي خبر... اڄ ڪلهه انسان هي ٿا کائين ڇا؟؟“

تربيت

تربيت

پُٽ، ڏهن رپين جي نوٽ کي گول ويڙهي، ٻن آڱرين ۾ جهليندي، چپن تائين آندو ۽ تيلي ڏئي، پيءُ وانگر ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي، پنهنجي ٺاهيل سگريٽ جا سوٽا هڻڻ لڳو.
پيءُ پٽ کي ڏسي ڪاوڙ ۾ چيو؛ ”ڇو پيو پئسا ساڙين؟؟“
پٽ وراڻيو؛ ”بابا.. اوهان به ته ساڙيندا آهيو..“

اڳ ۽ اڄ

اڳ ۽ اڄ

اڳ
”ڀائوخيرل، پاڻ واري يار، جڙيل جي زال مري وئي آهي، هل ته هلي فاتحه به ڪري اچئون ۽ ڪم ڪار جي خبر چار به وٺئون.“

اڄ
”ڀائوخيرل، جڙيل جي زال مري وئي آهي، يار آئون مصروفيت سبب نه وڃي سگهيس، تون ڀلا فاتحه تي ويو هئين؟ ڏي خبر ڇا پئي هليو؟“
”اداپيرل، شربت جا چار ڦڙا ملائڻ به کانئن ڪونه پڳا، پاڻيءَ جي گلاس تي پئي ٽڙڪايئون.“

ڏوراپو

ڏوراپو

”هيڏهان..!! سِڪي پني ڄاول پنهنجي اڪيلي پٽ، هيل به عيد ساهرن ۾ ڪئي...“

تڪڙو قدم

تڪڙو قدم

ڪلاس کان ٻاهر بيٺل ٻئي استاد ڏک ۾ ٻڏل هئا.
”يار هن تعليمي نظام جو ڇا ٿيندو، ڪو تڪڙو قدم کڻجي، پر ڪير اڳتي ايندو.“
پريان پٽيوالو ڀڳو آيو...
”سائين، وڏيرو وڏل ٿو اچيوَ، رکيل ڪڻڪ ڏسڻ.“
”تڪڙ ڪر ادا ته رَسُونس، تپي نه وڃي “

ٽيسٽون

ٽيسٽون

چاچي لکاڏني جا چار ئي مزدور پٽ الهه تلهه ميڙي پيءُ جو علاج ڪرائڻ لاءِ شهر ڏانهن روانا ٿيا. ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ کين پيءَ جو لاش ايمبولينس مان لاهيندو ڏسي هڪ پاڙيسري احوال پُڇين. هڪڙي پٽ روئيندي ٻڌايو، ”بابي جو علاج شروع ڪرڻ کان اڳ، ڊاڪٽرن پاران ڪرايل ويهن ٽيسٽن ۾ ئي سمورا ڏوڪڙ پورا ٿي ويا.“

عيد مهم

عيد مهم

غريب ٻارن جي عيد لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سوڍل کي ماءُ چيو، ”ابا.. بيواه ڀيڻ، غريب ماسيءَ ۽ هڪ کڻي منهنجي لاءِ به عيد جو وڳو وٺي اچ ته سگهو سبجن به ۽...“
هڪدم وراڻيائين، ”امان موڪليو انهن کي سڀاڻي اسان جي پروگرام ۾، سڀ ڪجهه ٿا ڏيونِ، باقي هتي فوٽو وغيره ڪيئن نڪرندو.“

حقيقت

حقيقت

پٽيوالو ولايت عرف ولُو، وڏي چاپلوسيءَ سان صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿيو، هٿ ٻڌي ٽيبل تي رکيل فائيل ڏانهن اشارو ڪندي چيائين؛ ”بابا سائين، هن کي مڙئي ٿورو اڳڀرو ڪريو، ماڻهو ويچارا رُلي ويا آهن.“
صاحب چشمي جي مٿان اکيون اُڀيون ڪندي وراڻيو؛
”ولُو..!! رُلندا ته ڪجهه ڏيندا نه...“

ڌيءَ

ڌيءَ

چئوطرف گهنجيل ۽ روئڻا منهن، ميٽرنٽي هوم تي ان ڏينهن ڄڻ ڪا آفت نازل ٿي هجي... ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اڪثريت ۾ ڌيئرن جو ڄم ٿيو آهي..
بهرحال، هڪ همراھه پنهنجي تازي ڄاول ڌيءَ کي خدا جي رحمت سمجهي، مٺائي هٿ ۾ ڪري، هڪ ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ ٽلندو موجود ماڻهن ۾ ورهائڻ لڳو، هڪ ڪمري جي دروازي وٽ لڙڪ لاڙيندڙ هڪ جهونڙي عورت ڏانهن مٺائي وڌايائين، عورت خوش ٿي چيس، ”ابا پُٽڙي جون مبارڪون هجنئي، مون واري ڇوريءَ کي هيل به ٽين ڌيءَ ڄائي آهي .“

زڪوات جا پئسا

زڪوات جا پئسا

”بابا.. هي زڪوات جا پئسا، بيواهي ڦتان ۽ منڊڙي مولوءَ کي ڏئي اچان نه؟“
”نه.. نه.. پٽ.. انبَ، جُمعي ۽ خيرلَ کي ڏئي اچ، اويل سويل، ڪم ڪار ۾، جيڪي ويچارا سڏ ۾ سڏ ته ڏين ٿا..“

هيپي هولي

هيپي هولي

ڪالهه اچانڪ برسات پئي ته تفريح لاءِ نڪري پيس، رستي تي بيٺل اڪيلو ٻار ڏٺم. برسات جي پاڻيءَ سبب سندس هٿڙن ۾ جهليل رنگ، آڱرين جي وٿيُن مان آهستي آهستي ٽمي هيٺ ڌرتي کي رنڱي رهيو هو. ٿوري دير کان پوءِ برسات بند ٿي وئي، هاڻ نه هٿن ۾ رنگ بچيو هيُس نه سندس خوشيءَ ۾ ساٿ ڏيندڙ برسات جو پاڻي.
لاچاريءَ مان آسمان ڏانهن نظر ڪيائين ته هڪ عجيب مرڪ سندس چپن تي نمودار ٿي، سندس نظرن سان ڏٺم ته هُو آسمان ۾ ظاهر ٿيل انڊلٺ کي ڏسي رهيو هو ۽ چپن ۾ چئي رهيو هو، ”هيپي هولي... هيپي هولي...“

حسرت

حسرت

روڊ جي پاسي ۾ بيٺل، هڪ وڏي گاڏيءَ جي شيشي مان، هڪ امير جوڙو حسرت مان ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ڳرڀ وَتِي عورت کي تڪي رهيو هو..

جُهڙالي موسم

جُهڙالي موسم

اڪثر هٿن ۾ ماچيس، هڪ اميد اکين ۾ ترندڙ، ديوانه وار چاڪ گريبان دلاور علي ، پيچرن جي پاڙن ۾ پيل ڪچري کي ساڙيندو وتي ٿو...
طنزيه سوال اڪثر سندس سماعتن تي پون ٿا.
”او مجنون، صفائي کاتي ۾ ملازم به ناهين... خوامخواه ڇو پيو ماحول کي دونهَن سان گدلو ڪرين؟“
ويچارگيءَ مان مرڪي ڀُڻ ڀُڻ ڪندي، ڄڻ پاڻ کي ئي مخاطب ٿي ورندي ڏئي ٿو، يا شايد ڪنهن جا چيل لفظ ورجائي ٿو..
”دلاور.. هي ڏس دونهون! آسمان ۾ وڃي ڪڪر ٿا بڻجنئي..الاءِ، ڇو سدائين جهڙالي موسم ئي تو ڏانهن ڇڪي ايندي آهي مون کي..“

ڀريل ٿرماس ۽ اُڃ

ڀريل ٿرماس ۽ اُڃ

پاڻيءَ جو ٿرماس ساڻ ڪري بس ۾ چڙهيس، ڀر ۾ ويٺل اڃايل همراه پاڻيءَ جي گهر ڪئي، خودغرضيءَ وراڻيس، ”ڀائُو خالي آهي.“
۽ ڀريل ٿرماس هوندي به سڄي واٽ ٻئي اڃايل رهياسين..!

فيصلو

فيصلو

سيٺ رمون ۽ سندس پٽ وڏي عاليشان گاڏيءَ ۾ چڙهي ڳوٺ جي هڪ مسڪين گهورڙيي جي گهر پهتا. اڌڙوٽ عمر پٽ جي چپن وٽان وهندڙ گگ اُگهندي سيٺ ڳالهه چوري، ”بچايا.. هي نئين ڪار ۽ شهر ۾ هڪڙو ڀلو بنگلو ببلوءَ جي نالي ڪرايو اٿم ۽ هاڻ صلاح ملي اٿم ته شادي ڪرايوس ته ٺيڪ ٿئي.. ۽ ٻڌ.. هي ڪجهه ڏوڪڙ آندا اٿم، گهر کي ڏسڻ جهڙو ڪرائي وٺ..“
لاچاريءَ مان سيٺ جون ڳالهيون ٻڌندڙ ضرورتن جي درياء ۾ گهوتا کائيندڙ، چئن نياڻين جي پيءُ بچائي، ڪمري جي دريءَ مان ڀريل اکين سان کيس تڪيندڙ، سندس سورهن ورهين جي خوبصورت ڌيءَ کان نظرون بچائي، ڏوڪڙ هٿن ۾ جهلي ورتا.

صلاح

صلاح

”بابا، اڄ به ڪاپي نه پهتي؟“
”خير آ پٽ، جيئن تيئن هي پيپر ڪڍ. ميٽرڪ جي ٽيوشن کڻي ٻئي ماستر وٽ وٺجان، جيڪو اُونَ ڪري ڪاپي پهچائي...“

احتجاج

احتجاج

پريس ڪلب وٽ، روڊ جي هڪ پاسي، وارث بي ڏوھه جو لاش رکي انصاف ملڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا.
روڊ جي ٻئي پاسي سُٽ جيان منڌل گاڏين ۾ رڙيون ڪندڙ ايمبولنس، جنهن ۾ حياتيءَ سان جنگ وڙهندڙ چاچو بهادر نيٺ مات کائي ويو .
ٻئي ڏينهن، ساڳئي ئي پريس ڪلب وٽ، بي ڏوھه چاچي بهادر جو لاش احتجاج لاءِ رکيل هو..

خيرات

خيرات

وڏي احتياط سان سئو رپين جو نوٽُ، هڪ فقير جي هٿ ڏانهن وڌايائين... ۽ اڳتي هلي پنهنجو هٿ رومال سان صاف ڪندو، منهنجي ڀرسان لنگهي ويو. .

بهانا

بهانا

واپار ۾ برداشت کان وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان پوءِ، اوچتو اڪيلو ٿي ويل چاچو جڙيو، اميد جو سندرو ٻڌي ڪجهه ناراض عزيزن وٽ سندن غلط فهميون ختم ڪرڻ لاءِ هلي ويو. اڪيلائي کيس کائڻ پئي آئي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن وٽان به کيس رُخ نه پئي مليو.
اتي پهچڻ سان ئي سندس اميد جو پٽڪو ڌوڙ ٿي ويو. ناراض عزيزن پاران اهو محسوس ڪرايو ويس ته، اهي سڀ تو کُٽل مان جان ڇڏائڻ جا بهانا هئا.

زمانو ظهير آهي

زمانو ظهير آهي

خالد جي بيٺڪ ۾ ويٺا هئاسين، اوچتو گهران زناني آواز ۾ سڏ ٿيس، ”آيو امي.“ چئي، ٽپ ڏئي تڪڙو وچئين در مان گهر هليو ويو. ڪجهه گهڙيون پهرين مرداني آواز ۾ چار ڀيرا سڏ ٿيو هئس، پر ٻڌو اڻ ٻڌو پئي ڪيائين.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جمن اسٽامپ وينڊر وٽ وڃڻ ٿيو، جنهن ٻڌايو ته، ’پاڻ واري يار خالد جي پيءُ سڄي ملڪيت پنهنجي زال جي نالي ڪرائي ڇڏي آهي...‘

ڏينهن رات برابر

ڏينهن رات برابر

ماسي نوران، گهر آيل پنهنجي پاڙيسري عورت ماسي ڪريمان کي ڇڙٻن سان پنهنجي گهران ڪڍندي چيو، ”جمال منهنجو پٽ آهي، ڪو نڌڻڪو ۽ يتيم ڪونهين جو تنهنجي ڪاڻي ڌيءُ مَڪان سان شادي ڪندو، منهنجي اڪيلي صدوري پٽ کي اوهان انسايت جا درس ڏئي ڀڙڪائڻ ڇڏي ڏيو..“
ڪجهه مهينن کان پوءِ ماسي نوران، ماسي ڪريمان ڏي هلي وئي ۽ لڄي ٿي چوڻ لڳي، ”ائي ادي، منهنجي پٽ جمال کي پنهنجو ڪنديئن؟؟“
ماسي ڪريمان هڪ دم وراڻيو، ”نه ادي نه.. منهنجي ڌيءَ کي هڪ اک به آهي ته سهي..! جمال لاءِ ته ايڪسيڊنٽ کان پوءِ ڏينهن رات برابر ٿي وياآهن.“

آسرو

آسرو

”ير، هاڻ ڳڻتي ڇا جي؟؟ تو ئي ته چيو، موٽر سائيڪل کي تالو لڳل ڪونهي، قدرت واري جي آسري بيهاري ٿا هلون.“
”ها.. يار... پر..، پهرين جنهن وٽ بائيڪ بيهاريندا آهيون، ان جو دڪان اڄ کليل هجي ها ته بي اونائي هجي ها..“

خير ٿيو

خير ٿيو

گهر ۾ ڪم ڪندڙ ماسي موڪل تي ويل هئي. مهيني کن کان پوءِ واپس ڪم تي آئي ته گهر ۾ سانئڻ جي ڪڇ ۾ ٻار کي ڏسندي ئي هڪدم پڇيائين، ”باجي..!! هيءُ ٻار . . ؟؟“
بيگم سندس سوال کي اڌ ۾ ڪٽيندي هڪدم وراڻيو، ”منهنجي ڳوٺ واري پڦاٽ جو آهي... کيس خير سان گنج اولاد آهي.. هيءُ مون کائنس ورتو آهي... نياڻي آهي خير جي... ائي... ماسي تون ته ٻڌاءِ، تنهنجي ڊليوري خير سان ٿي؟؟ ڌيءَ هيئي نه؟؟ ڪيئن آهي اها ڀلا؟؟ ٽانڪا ڇُٽي ويئي؟؟ تو ته چيو هو ته تنهنجو مڙس هن اولاد کي ڪونه قبوليندو... خير ٿيو...؟“
بيگم جا سوال شايد ماسيءَ جي ڪنن تائين نه پئي پهتا... ماسي خاموشيءَ سان ٻار کي تڪڻ ۾ ۽ مالڪ جو شڪر ادا ڪرڻ ۾ مصروف هئي.

آڌر ڀاءُ

آڌر ڀاءُ

حج ڪري گهر پهتل حاجي صاحب سان سڀ گهرڀاتي خوشيءَ سان ڀاڪرين پئي مليا، سواءِ اڇو مٿو ٿيل سندس ڪنواري نياڻيءَ جي...

ستن پُٽن ماءُ

ستن پُٽن ماءُ

ڇِيٽَ جو وڳو پهريل.. هٿ ۾ لٺ، کڳو وجود، هڪ اک تي ڪپهه ٽيپ سان لڳل، مٿان ڪارو چشمو پهريل پوڙھي، رش هوندي بس ۾ چڙھڻ جي ڪوشش ۾ هئي..
ڪنڊيڪٽر هڪل ڪئي، ”هل پوڙھي.. سگهي چڙھه..“
”ابا اک جي آپريشڻ ڪرائي اٿم، گهڙي ساعت جهل لاريءَ کي ته ڪرِي نه پوان..“
”اڙي امان.. هڪڙو پير قبر ۾ ٻيو زمين تي، هاڻ ڪهڙو ويهي سئيءَ ۾ سڳو وجهندينءَ.“
پوڙھيءَ دڙڪو ڏيندي چيس، ”حجت نه ڪر، ستن پٽن ماءُ آهيان..“
ڪنڊيڪٽر کلندي چيس، ”امان..؟؟!! ڀلا ٻڌ.. ست پٽ اٿئي ڪٿي؟؟“
پوڙھي ماضيءَ مان جواب ڳولڻ وئي هلي، ايتري ۾ وري هڪل ٿي..
”چڱو پوڙھي... هٿ ڏي... ته مٿي چاڙھيئين..“.

نصيب

نصيب

۽ هُن بدنصيبَ، پنهنجي جيجل ماءُ جي اوبر هاري ڇڏي..

سمجهه

سمجهه

”سائين، الله جو واسطو اٿوَ، منهنجي زندگي تباھه ٿي ويندي، عمر پئي وڃي.. ٻچا زندگي جي بنيادي آسائشن کان به وانجهيل آهن.“
هٿين پيرين پوندَي، صاحب کي مسجد مان ايندڙ آذان جي سڏ جو واسطو ڏيندي عرض رکيم...نيٺ وڃي صاحب ڪم ڪرڻ لاءِ ’ها‘ جو دلاسو ڏنو..
هڪدم نماز لاءِ مسجد جو رخ ڪيم..
مسجد جي در تي ويٺل فقير 10 رپين جو سوال ڪندي پنهنجو هٿ منهنجن پيرن تائين آندو... کيس شريعت سمجهائيندي چيم، ”مون کان ڇو ٿو گهرين..!! اندر وڃي هُن کان گُهر نه..!“

افواهه

افواهه

نازڻ کي پنهنجي نياڻيءَ جي مڱڻي ٽُٽڻ جو ايترو ڏک نه هو، جيترو نياڻيءَ جي باري ۾ گهوٽيتن پاران هلايل ڳالهين تي هو.
اصل ڳالهه دفن ڪئي وئي هئي ته ڏاج جي گُهر، نازڻ کي لاچار ڪري ڇڏيو هو.
در اصل گهوٽيتن پاران هيءَ پنجين مڱڻي ٽوڙي وئي هئي، ۽ سندن ڇوڪرو تنهن هوندي به ڳالهين ٻُڌڻ کان بچيل ۽ پاڪ پَوِيتر هو..

ڊپ

ڊپ

”آئون ته توکان ڪمزور آهيان، سگهه ۾ به، عقل ۾ به، عهدي ۾ به، تون ته مون کان زندگيءَ جي هر ڏاڪي تي اڳتي آهين، پوءِ ڇو بار بار تون ايئن چئي مون کي ڳڻتي ۾ ٿو وجهين ته، ’آئون توکان ڊڄان ٿو.‘ ڇا آئون توکي بدصورت ٿي لڳان؟؟ ڇا منهنجي مٺڙي پيار واري لهجي ۾ توکي ڪڙاڻ ٿي لڳي؟؟“
سندس نرڙ تي هڪ سڪون ڏيندڙ مٺي ڏيندي جواباً وراڻيم..
”بس هن نرڙ تي ڪٿي گهنج نه اڃي وڃي.. اهو ڊپ اٿم.“

آڱوٺو ۽ نوڪري

آڱوٺو ۽ نوڪري

سرڪاري نوڪري ڪندڙ يار پنهونءَ فرمايو..
”جڏهن کان اها مُئي مشين لڳي آهي، تڏهن کان روز ٿو وڃڻو پوي... پهرين نوڪريءَ کان آڱوٺو هو ۽ هيئنر آڱوٺي تي نوڪري آهي.“

سمجهاڻيون

سمجهاڻيون

ڳوٺ ۾ هڪ کُليل ميدان آهي، جتي بيٺل پراڻن وڻن تي ڪجهه رحم ڪيو ويو آهي.. اتي مٽيءَ جي دڙي تي، لٺ جي سهاري ويٺل جهونڙي ڌراڙ تي پريان نظر پئي، جيڪو سامهون ويٺلن کي ڄڻ سمجهاڻيون ڏئي رهيو هجي... ويجهو وڃي ڪن ڏئي سندس درس ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم.
”بابا اعجاز.. جذبات کي کڻي ڇڏ، ايئن گهر ڇڏي نه وڃ، ماڻهين جو ئي خيال ڪر... ٿڌائي رک طبعيت ۾.. چوندا ناهن، ٿڌو گهڙو پاڻهين پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکي...۽ جاويد.. پٽ، ساهرا اصل گهر نه اٿئي، غيرت انسان جو اصل زيور آهي.. پنهنجا فيصلا پاڻ ڪر... اسلم.. تون ته سلجهيل آهين پٽ... تون ڇو ٿو بابي امڙ کي اڪيلو ڪري وڃي شهر ويهين؟“
ڇا ته درد هو جهوني جي ڳالهين ۾...
ان کان به وڌيڪ ڌڪ مون کي ٻيو لڳو هو، جڏهن پڇيومانس؛ ”چاچا هي ته اوهان جا پٽ ناهن.. هنن بي زبانن کي اوهان جي ڳالهين جو ڪهڙو احساس؟؟“
اوڇنگارون ڏيندين وراڻيائين؛ ”هي به ته ننڍڙا ڪري نپايا اٿم، ڊپ ٿو ٿئيم.. هي به نه پٽن وانگر ڇڏي وڃن..“

ٺرڪي ڪنهن جاءِ جا...

ٺرڪي ڪنهن جاءِ جا...

اسٽاپ تي انتظار ۾ بيٺل ڪار جو دروازو کليو، هُوءَ بس مان لهي اندر ويٺي... ڪار واري ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي.
”ڏيو خبر سائين، خير سان پهچي ويائو. ڪنهن سڃاتو ته ڪونه؟ گهر ڪهڙو رمل هنيئي..؟ آفيس جو؟؟ هاها..“
هُو ٻاهر نهاريندي، هن ڏانهن مُڙي ڏسي ٿو..
”ڏسو ته.. انهن بائيڪ وارن کي... ڪيئن ٿا اوهان کي ٻلي واريون اکيون وجهي تَڪِينِ... گهر ۾ پنهنجي ماءُ ڀيڻ نه اٿن ڇا..!! ٺرڪي ڪنهن جاءِ جا..“

ٽيڪس

ٽيڪس

پريس ڪلب کان ڪجهه قدمن تي، واپاري قربانيءَ جا ڍور جهلي بيٺا هئا... ڳالهه پئي هلي ته خريد و فروخت تي ڳرو ٽيڪس آهي... واپس هلو...
پريان احتجاجن بيٺل غريب ماءُ به ٽيڪس جو ٻڌي، ڊپ کان، وڪري لاءِ کڻي آيل پنهنجا ٻار واپس گهر کڻي وئي..!

ٻِي شادي

ٻِي شادي

پڙھيل لکيل بيروزگار ٿيل مڙس کي زال مجبورن چيو؛ ”ڀلا وڃي ٻئين شادي ڪر...“
مڙس في الحال اهو سوچيندي وائڙو ٿي ويو ته پوري هڪڙيءَ جي نٿو ڪري سگهان، ٻِي وري ڪٿان پاليندس..!
زال سوچ جو جواب ڏيندي چيس، ”ڏس، ڪا بيواهي، پر نوڪريءَ واري ڳولهجان.“

تورَ

تورَ

روڊ تان گذرندي پٽ پيءُ کان پڇيو؛ ”بابا هيءَ وڏي دروازي جي اڳيان شيشي ۾ ساهمي ڇو ٽنگيل آهي؟؟ ڇا تُرندو آهي ان ۾؟؟“
پيءُ سمجهائيندي وراڻيس، ”ٻچا ان جي ٻنهي پُڙن ۾ انصاف تُرندو آهي.“

بندوبست

بندوبست

”ائي جيڪڏهن تنهنجي پيءُ وٽ ڏيج پَوت جا پئسا ناهن ته پنهنجو پگهار جو اٿئي، ان مان گڏ ڪري پنهنجي شاديءَ جو بندوبست ڇو نه ٿي ڪرين..؟“
”ائي ادي، انهي پگهار جي ڪري ئي ته اڄ تائين ڪنواري آهيان.. گهر جو سڄو بندوبست ته منهنجي پگهار مان ٿو هلي..“

پوليو

پوليو

ڀر ۾ ويٺل همراهه جي بِلو دٻي تي هٿ رکي پڇيم، ”ڏي خبر هي پوليو جي دوا اثر به ڪري ٿي يا نه؟“
ويچارگيءَ مان وراڻيائين، ”في الحال ته اسان پيارڻ وارن جو ٽنگون ڦري ويون آهن.“

ٻِٽِي حڪمتِ عملي

ٻِٽِي حڪمتِ عملي

آفيس ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ دروازي وٽ بيهي، کيسي مان نماز واري ٽوپي ڪڍي مٿي ۾ پاتائين ۽ تسبيح هٿ ۾ ڪري اندر گهڙي آفيسر کي وڏو عربيءَ ۾ سلام ڪيائين.. ۽ ٻئي ڏينهن هڪ ٻئي آفيس ۾ اندر گهڙڻ مهل کيسي مان منڊيون ۽ ڪنٺا ڳچيءَ ۽ آڱرين ۾ پائي حق حق ڪري اندر گهڙي پيو.
ٻاهر نڪري ان ٻٽي حڪمت عمليءَ بابت پڇيومانس ته وراڻيائين، ”هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان ٿو خوش ڪرڻو پوي، اڄ ڪلهه ڪاميابي ان ۾ اٿئي...“

بريڪ

بريڪ

فوٽ پاٿ تي روڊ پار ڪرڻ لاءِ بيٺل ٻڍڙي عورت تيز رفتار گاڏين کي ڏسي مايوس هئي. اوچتو هڪ وڏي گاڏيءَ کي بريڪ لڳي، شڪر ڪندي، روڊ تي لٿي ته ڏٺائين، ڀرسان هڪ حَسِين نوجوان ڇوڪري به روڊ پار ڪري رهي هئي.

ماني وئي گهر

ماني وئي گهر

رمضان جي بهاني ماسي صفوران جي چلهه تي ٻنپهرن جو ته ماني نه پڪي... پر شام ٿيندي ئي پتڪڙن چپڙن تي بک جي صدا اڀري... صفوران ٻچن جو رخ مسجد ڏانهن ڪيو ته من ڪي اهو به ٻن مانين جو اٽو بچي پوي. سانجهي ٻانگ تائين مسجد مان ايندڙ مانين جي خوشبوءِ سندن اڌ بک لاهي ڇڏي.. مغرب جي آذان اچي بس ٿي، پر هنن کي ٻه گراهه ڪي ڇڪي تاڻي نصيب ٿا. جماعتين جي وڃڻ مهل ٿانوَ ميڙيندڙ همراهه کي ٻار بک بک ڪري ڦري آيا... ٻارن جو اصرار ڏسندي، پاسي ۾ ٽوپي لاهيندڙ هڪ جماعتيءَ ٻارن کي طنزيه چيو، ”بابا ماني وئي گهر... هلو هتان هاڻ شاباس...“
ٻار به ڊوڙندا گهر پهتا... ”امان امان... مسجد وارن ماني موڪلي آهي... ڏي اسان کي هاڻ.“ جيجل پهرين ته پريشان ٿي پر پوءِ لاچاريءَ مان وراڻيائين؛ ”ٻچا اوهان ويهو، آئون ماني پچائي ٿي ڏيانوَ... مسجد واري ماني پاڻ کان به وڌيڪ غريبن جي گهر وئي آهي.“

لاچاري

لاچاري

رات ٻَئي بنا کاڌي سمهي رهيا، هڪڙا فاقي تي ۽ ٻيا ٻنپهرن واري ڍَوَ تي...!

بس جو ڀاڙو

بس جو ڀاڙو

شهر مان واپسيءَ مهل، کيسي ۾ بَس، بس جي ڀاڙي جيترا پئسا ئي بچيا هئا، صدا هڻندڙ فقير کي ڪجهه ڏيڻ ۾ ڊپ به لڳو پئي.. پر ڏئي ڇڏيم ۽ بس ۾ بنا ڀاڙي چڙھي پيس..
ڪنڊيڪٽر ڄڻ عزرائيل جيان پئي اڳيان آيو، ”سائين ڀاڙو..؟“
خالي کيسي ۾ فرضي طور هٿ وڌم ته پوئين سيٽ تان ڪنهن ڪلهي تي هٿ رکيو، ”سائين پليز رکو، آئون ڏيان ٿو.“

فون ڪال

فون ڪال

”هيلو جانُو. .!!
ٻڌ ... ادا وارن جون لڳاتار ڪالون پيو اچن.. مون کي هتي اڪيلي ڏاڍو ڊپ پيو لڳي.. تون ڪٿي پهتو آهين..؟؟ ادا جن کي خبر پئجي وئي آهي الاءِ ڇا..!! پيڇو ڪندا هتي اسٽاپ تي نه پهچي وڃن... جانُو...!!؟؟ هيلو.. هيلو.. ؟؟“
ٽُون.. ٽُون.. ٽُون..
’آپ ڪا مطلوبه نمبر اِس وقت بند هَي..‘
’آپ ڪا مطلوبه نمبر اِس وقت بند هَي.‘

ڪامينٽري

ڪامينٽري

گرائونڊ کان وٺي گهر تائين، پنهنجن هٿ ۾ جهليل بيٽ سان لڳل ڇڪن تي فخر ڪندي، پنهنجي مُنهن ڪامينٽري ڪندو آيو، ”واٽ اَي شاٽ..!! تاڙيون..!!“
پگهر ۾ شل گهر پهتو، ”امان امان.. اڄ مون چار ڇڪا هنيا.“
”ڇورا.. نڀاڳا، پٽاٽا ڪونه وٺي آئين؟ پڻهين هاڻ ٿڪجي ڪم تان پهتو آهي، هاڻ اها تنهنجي بيٽ ماڻهين جي پٺن تي ڇڪا هڻندي، پوء ويٺو ڪجانءِ اها مُئي ڪامينٽري.“

قياس

قياس

اسٽاپ تان لوڪل بس ۾ هڪ جهونو شخص چڙھيو ته دروازي وٽ سيٽ تي ويٺل هڪ نوجوان ڇوڪري قياس کائيندي پاڻ اٿي ان جهوني کي ويهڻ لاءِ چيو، جهوني نهايت ئي عاجزيءَ مان انڪار ڪندي وراڻيو، ”ابا.. واقعي هيءَ عمر ويهي کائڻ جي آهي.. پر بدنصيب پيءُ آهيان، پنندس ته کائيندس.“

ضروري ڪم

ضروري ڪم

سهڪندو اچي بنگلي جي دروازي تي ڀوتار تائين پهتو، هٿڙا ٻڌي عرض ڪيائين، ”سائين! رات تيز مينهن جي ڪري منهنجي گهر جي ڇت ڪرِي پئي آهي، مهرباني ڪري ڪا مددڙي ڪريو ته ٻچن جي مٿان اَجهو ته اڏرايان، گرميءَ جي موسم آهي.“
”بابا مون زڪوات ڪڍي ڇڏي، رستي تان هٽ... في الحال آئون هڪ ضروري ڪم سان پيو وڃان. اڙي ڀلُو گاڏي اسٽارٽ ڪر ته هلون بئنڪ مان پئسا ڪڍرائڻ، مسجد سڳوريءَ جو ڪم اڌ ۾ پيو آهي.“

خرچ

خرچ

”سائين، باقي ٻچن جي دوا جا پئسا بچيا آهن کيسي ۾“
”بابا، آفيس جو خرچ ته ڏيڻو پوندو نه“
خرچ ڏئي مجبور روانو ٿيو ۽ پٺيان ڪرسيءَ تي ويٺل جي فون وڳي، ”هيڏهان، ننڍڙي کي وري دورو پيو آهي، اسپتال پئي کڻي وڃانس، اوهان به سگهو اتي پهچو.“

ڍَڪِين ها جي ڍوليا....

ڍَڪِين ها جي ڍوليا....

پاڙي مان مِليل پراڻو ڪپڙن جو وَڳو پائي گَهٽيءَ ۾ نِڪتل، ڪامِل ڪوجهو پنهنجي بُت تي ڌوتل اڌ پراڻو وَڳو ڏِسي، ڏَندن کي ٻاهر ڪَڍي، خوش ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رَهيو هو.
پاسي واري گهر مان نِڪتل سيٺ نبن جُون اَحسان ٿِڦِيندَڙ اَکيُون ڪامل ڪوجهي جي ٽڙندڙ ڏندَن کي واپسِيءَ جو رَستو ڏيکاري رهيُون هُيون.

هاسٽل

هاسٽل

”بابا آءٌ ڀلي هاسٽل ۾ رهان؟“
پيءُ ڇرڪجي پيو ۽ پاڻمرادو وات مان نڪري ويس، ”نه امڙ... نه نه.“

چاچا خرچي

چاچا خرچي

”چاچا خرچي...“
گرا ڪپڙا اوڍيل ستن اٺن ورهين جي ٻارڙي هٿ جهليندي صدا هنئي...
ڏهين جو نوٽ ڪڍي ڏنومانس ته ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ ٻيو ڇوڪرو ظاهر ٿيو... هُوبهو پهرئين ڇوڪر جهڙو...
موٽائيندي چيومانس، ”وڃ... سگهو وڃ.. وڃي ڀاڻهين کان اڌ وٺ“
مرڪي نهاريندي وراڻيائين، ”چاچا... اڄ ڪلهه ڪير ڪنهن جو ڪونهي.“

بابو ۽ خبرَ

بابو ۽ خبرَ

”بابا... توکي ڪهڙي خبر..!“
[86]


شيئر

آفيس کان گهر ويندي رستي ۾ گِگَ واهيندڙ ڪُتي جي چڪ وايون بتال ڪري ڇڏيس...
هڪدم فون ملائيندي وِڦلڻ لڳو:
”ويڪسين کڻي بنگلي تي اچ، جلدي ڪر...“
فون مان حيرانيءَ واري ورندي آئي:
”سر چيڪ جو ڏنم ڪلهه، شيئر نه مليو ڇا اوهان کي؟؟!“

برداشت

برداشت

عيب ثواب ڪڍي پٽ جون چار مڱڻيون ٽوڙيندڙ ماءُ پيءُ پنهنجي ڌيءَ جي پهرئين مڱڻي ٽٽڻ جو صدمو برداشت نه ڪري سگهيا.


[88]

وصيعت

وصيعت

”پٽ.. اڃا به وقت اٿوَ.. هُو جملو کڻي چئو... جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ هڪ پيءَ جا ڪَنَ سِڪندا آهن ته مون پيءَ جو به ڪو ھِينئڙو ٺرَي... جيڪو جملو منهنجي مرڻ کان پوءِ پيا سڀن کي چوندئو...
”ھا يار بابا هر وقت صحيح چوندو هو...“

ڏيج

ڏيج

”هيڏهان هڪ دفعو کڻي کولي ڏسڻ ڏي، ڏسان ته سهي اها پچائڻ واري مشين ڪهڙي ٿي ٿئي..!“
”نه نه.. ڇڏ.. کُليل شئي ڏيج ۾ ڪانه ڏبي.“

سِکيا

سِکيا

فرش تي غور ڪيم ته چار پنج ماڪوڙيون ولر سان گڏ هڪ مئل ماڪوڙيءَ کي پُٺن تي کڻنديون سرنديون پئي ويون.
هڪ اسپتال کان گهر ريڙهي تي ٻچي جو لاش کڻي ويندڙ پيءُ اچي ياد پيم، الاءِ ڇو هاٿيءَ جيڏو انسان ماڪوڙين کان نٿو سِکي.

ويچار

ويچار

”هِنن به اڄ تنهنجي رشتي جو جواب ڏئي ڇڏيو ڌيءَ..! هاڻ اسان تي نه دانهنجانءِ، پنهنجي مرضيءَ تي اها زندگي چونڊي هيئي. ڀيڻهين ڏس پنهنجي گهر، گهرداريءَ واري زندگيءَ ۾ خوش آهي نه...“
ماءُ جون ڳالهيون ٻڌندي، خانگي نوڪري ڪندڙ وڏي ڌيءَ موبائل جي شيشي ۾ پنهنجا ٻه چار اڇا وار ڏسي، پشيمانيءَ مان ماءُ ڏي نهاري ڪجهه ويچاريو؛ ’پروجيڪٽ ۾ به ڪالهه ٻه نيون جوان ڇوڪريون ڀرتي ٿي آيون آهن.‘

مُونجهه

مُونجهه

”يار خيرل، پاڻ وارو گهوٽ شاديءَ کان فورن بعد مائٽن کان ڌار رهڻ باوجود به مُنجهيو پيو آهي ... خير ته آهي...؟؟“
”ادا پيرل.. مون سان ان ڏينهن پنهنجا سُور سليا هئائين، چيائين پئي، امان ٻن ڏينهن جو چئي اچي پورو هفتو رهي پئي آهي.“

ڏچو

ڏچو

ماني کائي اسٽيج تي ويٺل گهوٽ کي مبارڪ ڏيڻ ويو، ڀاڪر پائي، کيسي ۾ لفافو وجهندي ڪَنَ ۾ چوڻ لڳس:
”ڀائو... شادي آخري تاريخن ۾ ڪري ڏچي ۾ وجهي ڇڏيئي، لفافو پهرين تاريخ کولجانءِ، چيڪ اٿئي.“

ٻه وِڦلندڙ راتيون

ٻه وِڦلندڙ راتيون

]سومر رات[
”سچ پچ ته مان هڪ قيدڻ آهيان، جيڪا هڪ گهر ۾ قيد آهي ۽ کانئس جبري پورهيو ٿو ورتو وڃي. ٿانوَ ٻهاري، ٻار، سس، سهرو، نڻان، مهمان، رات ڏينهن پورهئي ۾ ٿو گذري. ها ڏوھه آهي شادي، هڪ اهڙو جرم جنهن کان پوءِ عورت کي سڄي ڄمار، عمر قيد جي سزا ٿي ٻڌائي وڃي... عام قيد ۾ به ته ماني گرھه ملي ٿو.. ڪپڙو لٽو، رات ۾ ته ڀلا سڪون جي ننڊ آهي.. نه مڙس نه سندس گلوگيري ڪرڻ جي نوبت.. هاهاهاها... ! عزت..؟؟ تقدس؟؟ ڳالهه مڙئي ساڳي آهي... عورت عزت وٺڻ لاءِ ٿورئي ڄائي آهي. عزت وڃائڻ لاء ڄائي آهي..“

]اربع رات[
”سانچي ۾ قيد زندگي به ڪا زندگي چئبي..! صبح کان شام تائين روزگار جي پٺيان ڌڪا ٿاٻا، جُهڙيءَ ڦُڙيءَ ڪمائي اچڻو آهي. نه ته چوندي، ’هيءَ شئي هُوءَ شئي آڻي ڏي. پئسا نه ٿِي ته آئون ڇا ڪريان؟‘ هر شئي حاضر پوءِ به نخرا، جيڪي منهنجي پنهنجي وزن کان به ڳرا ٿا لڳن. رات گهر جي چوديواريءَ ۾، موڪل جي ڏينهن گهر جي فردن ڪمن ۾ مگن. نه دوست نه يار... نه گهمڻ نه ڦرڻ... تون گهر ۾ قيد آهين ته، آئون خفي ۾ قيد آهيان...“
بس انهن راتين کان پوءِ هاڻ هر رات خاموش آهي. سڪون جي ننڊ آهي. هاڻ ڪير به نٿو وِڦلي.

مچ ڪچهري

مچ ڪچهري
(چار منظر)


ڪردار
رسولو (مک، وڏڪ)
ڪرڙ (ماستر)
وسو (هاري)

منظر پهريون:

سنجها جو وقت، مچ ڪچهريءَ دوران، رسولي سامهون ويٺل ماستر ڪرڙ کي چيو، ”ها سائين ڪرڙ ڪريو خبر چار...“
ڪرڙ، ”سائين تعليم بابت ڏاڍي ڳڻتي اٿم. ڪلاسن ۾ رکيل ڪڻڪ کي سُرو پيو لڳي ۽ ٻاهر سيءَ ۾ پڙهندڙ ٻارن ۽ اسان ماسترن کي اصل سُرو چنبڙيو وڃي، پڙهائي ڏاڍي متاثر آهي.“
ايتري ۾ ڪچهريءَ ۾ موجود هاري وسوءَ ڳالهايو، ”سائين ڪرڙ، اڄڪلهه سُري جي لاءِ نئون پائوڊر مارڪيٽ ۾ آيو آهي، ڪمدار کي کڻي انهيءَ جو ڏس ڏجي ته جيئن وڏيري جي ڪڻڪ به بچي پوي ۽ اوهين به سُک سان پڙهائي سگهو.“




ڪردار
رسولو (مک، وڏڪ)
ابن (اهل علم)
جمال (شاگرد)


منظر ٻيون:

مچ ڪچهري لاءِ سڀ ويٺل..
جمال سان مخاطب ٿيندي رسولي چيو، ”ابا تون ڏي خبر.. تنهنجو نوڪريءَ لاءِ ڪو کُر پيرُ لڳو يا..؟؟ ۽ هن نوڪريءَ واري امتحان ۾ پاس ٿئين ڀلا؟“
جمال واڇ کي ڦيرائيندي وراڻيو، ”سائين نوڪري ته پري جي ڳالهه، اسان غريبن کي پاس به ڪٿي ٿا ڪن..!“
ايتري ۾ ابن ڳالهايو، ”جمال بابا، انٽر ڪيل اٿئي نه؟ ڀلا انٽر ۾ ڪهڙا سبجيڪٽ آهن؟؟“
جمال ڳيتون ڏيندي بڙ بڙ ڪندي چيو، ”نوڪري ۾ اهو ٿوري ٿا پڇن، بس پئسا ڦينڪ تماشا ديک..!“


ڪردار
رسولو (مک، وڏڪ)
ابن (اهل علم)

منظر ٽيون:

مچ ڪچهري، سنجها جو وقت، معمول مطابق سڀ گڏ ٿيل، رسولو الاءِ ڪهڙي ڳڻتيءَ ۾ ڳري رهيو هو. پنهنجي منهن وِڦلندي نيٺ ڪجهه لفظ ڏاڍيان ڳالهايائين ۽ ويٺلن سان مخاطب ٿيو، ”ڏاج جي ڏچَي هڻي نياڻين جون زندگيون تباھه ڪري ڇڏيون آهن. سمجهن ٿا ته رسولي وٽ آهن لک، سو سڀئي پنهنجي اڪيلي ڌيءَ کي ڇوڙي ڏيندو. ويٺي هجي ڇوري پوءِ جيڪو هوندس نصيب..! اڃا پٽ جي شاديءَ ۾ ٿيل خرچ جو ئي خال ڪونه ڀريو آهي.“
رسولي ۾ اکيون کپائي ويٺل ابن، سندس ڳالهين کي ڪجهه گهڻو ئي غور سان ٻڌي رهيو هو. نيٺ چئي وڌائين، ”سائين رسولا، سيٺ گودو ويچارو اڃا تائين قرض کان آجو نه ٿيو آهي... چوي ٿو ته پهرين به دڪان گروي رکي نياڻيءَ جو بار لاٿو اٿم... هاڻ آئون پنهنجي ٻي به نياڻي اوهان جي ٻئي پٽ کي ڪونه ڏئي سگهندس.“
ابن جا لفظ رسولي کي مُڏي تلوار جا ڌڪ ٿي لڳا. رسولو پنهنجي منهن کي لوئي ۾ لڪائڻ ۾ لڳي ويو ۽ ڪچهريءَ تي سڪتو تاري ٿي ويو.

ڪردار
رسولو (مک، وڏڪ)
ابن (اهل علم)
ڪرڙ (ماستر)
وسو (پورهيت)



منظر چوٿون:

اڄ مچ ڪچهري نه پر ماحول ۾ مچ ٻريل هو. ڪنڌ جهڪائي اچي ويٺل ابن، وهندڙ لڙڪن سان پنهنجي انگوڇي کي پُسائي رهيو هو... ابن لاءِ روئڻ جو نه پر جذباتي ٿي آسمان مٿي تي کڻڻ جو مقام هو، پر ڪتاب کوڙ چٽيا هئائين، خوب خبر هئس ته قرض مرض آهي، ماري پوءِ ڇڏيندو آهي.
بهرحال سامهون ويٺل رسولي کي سبب جي خبر هئي، ان لاءِ دلاسو ڏيڻ گوارا نه پئي سمجهيائين... هُونءَ به پڇتاءَ جي ڳوڙهن کي وهڻ ڏجي ته ڀلو..
ايتري ۾ ابن جي موبائل تي ماستر ڪرڙ جي فون ڪال آئي، موبائل ڪن تي رکي ڌيمي آواز ۾ ڳالهڻ لڳو، ”ڏسو، سمجهايوس ته جنهن عزت سان نڪتي آهي. ان ئي عزت سان موٽي اچي. مون بخش ڪيومانس..چئوس ته خدارا ماڻس واري ساڳي غلطي پاڻ نه ورجائي.“

نثري ٽڪرا

نثري ٽڪرا

حمالي :
ڏھه ڪلو جي وجود تي پندرنهن ڪلو جي ڪتابي ٻوري کڻي اسڪول ويندڙ معصوم ٻار کي ان حماليءَ جي پوري مزدوري به ڪانه ٿي ملي.

سڪون:
بُٺو ٿيل خوشنصيب وار، جڏهن مقدس هٿڙن سان تيل ۾ ترن ٿا...ڪاش ..!! اِنهن سڪون وارن لمحن کي قيد ڪري قيامت تائين
سڪون اندوز ٿيندو رهجي.

پرينءَ جو شهر:
پرينءَ جي شهر مان ان اميد تي واپس موٽي آيس، ته ساڳي ئي فضا ۾ هن جا ڇڏيل ڪجهه ته ساهه مون به کنيا هوندا.

سوچ:
اسان جي سوچ به ڪمال آهي!! صبح جو سوير موٽي گهر ايندڙ عورت تي شڪ جي نظر... ۽ صبح جو سوير گهران نڪرندڙ عورت تي فخريه نظر...

بي حسي:
فقير اڳيان نوٽن جي اٿل پٿل ڪري، ”پئسا کُلا ناهن.“ چئي کيس موٽائڻ ايئن آهي، جيئن ڪنهن بکايل کي ڀر ۾ ويهاري، ان جي اڳيان خوشبودار کاڌو کائجي..!

محرومي
رُشوت خور، پهرين تاريخ واري خوشيءَ کان محروم هوندو آهي.

بدنصيب:
بد نصيب آهي اهو شخص..!!
جنهن وٽ کليو اڱڻ هجي ۽ ٿڌڙين هوائن هوندي، پاڻ اي سيءَ ۾ پيو هجي.

اڙي او ڄٽ:
اڙي او ڄٽ...!!
سنگل روڊ آهي، گاڏيءَ جون Head Lights لَو Low تي رک..
ڇو ٿو سامهون ايندڙ جون پِٽون کائين.

پيارا مزدورؤ…!
اڄ موڪل ته اسان، مهيني تي بنا پورهئي جي پگهار کڻڻ وارن جي آهي، اوهان وڃي ڪمائيندئو ته کائيندئو..!




بنا عنوان جي....

 اليڪشن جي ڏينهن ۾ اميدوار،
۽ شاديءَ جي ڏينهن ۾ گهوٽ،
ضرورت کان وڌيڪ،
ماڻهن کي، کِلي کِيڪاريندا آهن.

 عزرائيل جي اچڻ جي نوٽيفڪيشن ڪانه ايندي..

 ها.. خبر اٿم ته هُوءَ مون کي چاهي ٿي،
سندس نيڻ ئي ته منهنجا مُخبر ٿيا هئا..

 پڇيائين:
”ڪيئن ٿي لڳان توکي؟“
وراڻيم:
”مينهن پوڻ کان پوءِ ساوڪ جهڙي.“

 تنهنجو ٻُڌڻ به ڄڻ اکين سان هو.
منهنجي ڀڻڪ تي نهارڻ تنهنجو،


 پڇيائين:
”ٻاهر برسات وسي پئي؟“
وراڻيم:
”اوهان جي نڪرڻ جو انتظار اٿس.“

 تنهنجي مٿي تي رکيل پوتيءَ جي ڇانوَ، تنهنجي لڄ کي،
تاپشي بدنظرن جي ڪرڻن کان روڪي ٿي.

 هٿ ڏڪن ٿا ڪجهه ڀي لکڻ ۾،
سردخانو ٿو لڳي انباڪس تنهنجو

 سهڻي آ برسات مگر،
مرڪ تنهنجيءَ جو ڪهڙو مَٽُ

 دل ڌرتيءَ تي گهُٽ آ ڪلهه کان،
برسات ٿيندي اکين مان شايد..

 او سانوِڻي! او سانوِري!
پنهنجي نالي تي نه وڃ..!
ويجهو وسين ٿي،
مون وٽان ڇو ٿي لڙين..!



 بس....! مون کي،
تنهنجي اُها،
خوشي وڻندي آهي،
جيڪا مون کي،
بيوَقوف ڪرڻ کان پوءِ، تنهنجي چهري تي،
نمودار ٿيندي آهي

 اهڙي ڪا ڌُوڙ وسي،
جا اندر به اڇو ڪري.

 ڊاڪٽرَ ويچارا به قيامت جي ڏينهن سُورن ۾ هوندا..
هر ٻيو ماڻهو ٿو چوي:
”ادا، ڊاڪٽر منع ڪيو آهي، ان لاءِ روزو ڪونه رکيو اٿم.“