آخوند جا افسانا, مصنف : آخوند محمد عباس

آخوند جا افسانا

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : آخوند جا افسانا
مصنف : آخوند محمد عباس
ڪيٽيگري : ڪهاڻيون
ڇپيندڙ : امرتا پبليڪيشن
شايع ٿيڻ جو سال : 2020
شامل ڪيو ويو : 2023-07-26
ڏِٺو ويو : 1008 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 84 ڀيرا

ھن ڪتاب جو سرجڻھار اسان جي تاريخي حيثيت جي حامل شھر هالن جو سھڻو سيبتو نوجوان ’آخوند محمد عباس‘ آهي، جنھن سنڌي ٻوليءَ ۾ هن صنف جو حق ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪَسَرَ ڪونہ ڇڏي آهي ۽ مختصر عرصي ۾ هُن ’فليش فڪشن‘ جي ميدان ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي ۽ سٺي ناماچاري پڻ ماڻي آهي. آخوند جي افسانن جو محور اسان جو پنھنجو سماج ئي آھي. سندس مختصر افسانا سماج ۾ موجود اھڙين منافقتن، رياڪارين، بغضن، دوکن، بدعنوانين ۽ دولابن کي پيش ڪن ٿا، جيڪي ھاڻ اسان جي سماج جي رڳن ۾ سيرائجي، انھيءَ جو جينياتي حصو ٿي ويا آھن.جنھن ڳالھہ کي چوڻ ۾ ٻين کي ھزارين لفظ کپندا آھن، تنھن ڳالھہ کي آخوند عباس ڪنھن ماھر مصور جيان پنھنجي قلم جي ڪجهہ اسٽروڪن سان چند لفظن ۾ ڪري وٺي ٿو.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڪهاڻيون مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ