آخوند محمد عباس سنڌي فليش ادب جو سُپراسٽار
پياري آخوند محمد عباس ٻه ٽي ڏينهن اڳ فون ڪري ٻڌايو ته محترم ڊاڪٽر محمود مغل صاحب کانئس سندس مختصر ترين ڪهاڻين جو مجموعو ڇڀائيءَ لاءِ طلبيو آهي. تنهن ڪري هن مون کي ڪجهه لکي ڏيڻ جي خواهش ڏيکاري. مون کي بيحد خوشي ٿي ته منهنجي ننڍڙي شهر جو هڪ نوجوان ليکڪ صاحبِ ڪتاب ٿيڻ وارو آهي. اصل ۾ هُو چند سالن کان ئي پنهنجي ڪتاب جي ڇپائيءَ جو تمنائي هو ۽ سال ڏيڍ اڳ به هن هڪ مسودو پرنٽ ڪري مون کي ڏنو هو. جيئن ته هڪ پاسي ان وقت سندس مختصر ترين ڪهاڻين يا فلئش ڪهاڻين جو تعداد گهٽ هو ۽ ٻيو ته ڪجهه لکڻين ۾ هن جو لهجو ٿورو تڪراري ۽ سخت هو، تنهن ڪري مون ڄڻ ڊسڪريج ڪندي کيس صلاحيو ته هُو اڃان ڪتاب نه ڇپائي. بهرحال هاڻي جيڪو مسودو مون کي اِي ميل ڪيو ويو آهي، تنهن جو عنوان آهي ’آخوند جا افسانا‘ ۽ ان ۾ سندس فلئش ڪهاڻين جو تعداد 94 ۽ ڪجهه نثري ٽُڪرا به شامل آهن.
لفظ افسانو انگريزي لفظن شارٽ اسٽوريءَ جو سنڌي يا اردو ٻوليءَ ۾ نعم البدل آهي. افساني يا ڪهاڻين سان گڏ ڪافي سالن کان اسان وٽ مختصر ترين يا ننڍڙين ڪهاڻين لکڻ جو به ننڍي پيماني تي رواج رهيو آهي. ٻئي پاسي چند ڏهاڪن کان ٻين ٻولين ۾ سئو لفظي ڪهاڻين کان ويندي ڇهه لفظي ڪهاڻين جو رواج به رهندو اچي. جنهن کي گڏيل طور مختلف نالن جھڙوڪ تمام ننڍڙيون ڪھاڻيون، مائڪرو فڪشن، فلئش فڪشن، سَڊن فڪشن وغيره سڏيو پيو وڃي.
نامور ليکڪا ۽ ھوائي پئسيفڪ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي پڙھائيندڙ ڪئٿرين سسٽانا (Catherine Sustana) فلئش فڪشن جي وصف ۽ تاريخ تي لکيل مضمون ۾ فلئش فڪشن جون ٽي خصوصيتون ڄاڻايون آھن:
پھرين خصوصيت ٿور اکري Brevity واري آھي، جنهن موجب فلئش فڪشن ھڪ وڏي، شاھوڪار پر منجهيل ڪٿا کي مختصر ترين لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ٻي خصوصيت موجب اھو پلاٽ تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو ۽ ٽين خصوصيت موجب ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ ۾ وراڪو Twist يا حيرانگي Surprise ھوندي آھي. فلئش فڪشن جي پسمنظر تي ڳالهائيندي ھن لکيو آھي ته فلئش فڪشن جي روايت ته ڪافي پراڻي آھي پر ان کي اهميت ويجهڙ ۾ حاصل ٿي آھي. اسي واري ڏھاڪي ۾ ٻن ايڊيٽرن Robert Shapard ۽ James Thomas انهي ھيئت کي پاپولر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي، جڏهن هنن سڊن فڪشن Sudden Fiction سلسلو شروع ڪيو. انھي تحريڪ جو ٻيو مکيه ڪردار جيروم اسٽرن آھي، جنھن فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي تخليقي ادب واري پروگرام جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ دنيا جي بھترين ننڍڙين ننڍڙين ڪھاڻين جو مقابلو 1986ع ۾ شروع ڪيو. پھريائين ڪھاڻيءَ ۾ لفظن جي حد 250 لفظ مقرر ھئي، پر اڳتي ھلي اھا 500 ڪئي ويئي. قصو ڪوتاهه پهريائين ته فلئش ادب کي شڪي نگاھن سان ڏٺو ٿي ويو، پرھاڻي ان کي مکيه ڌارا ۾ قبوليو ويو آھي. مثال طور مشهور مئگزينO, The Oprah Magazine پنھنجي جولاءِ 2006ع واري شماري لاءِ اھم ليکڪن کان خاص طور فلئش فڪشن لکرايو ۽ ھاڻي مختلف مئگزينن ۾ اھو شامل ڪيو وڃي ٿو. سسٽانا لکيو آھي ته ڪافي ويب سائيٽن ۽ اشاعتي سلسلن پاڻ کي ڇهه لفظي ڪھاڻين واسطي ارپي ڇڏيو آھي.
ويجهڙ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي ليکڪن فلئش ڪهاڻين لکڻ ۾ طبع آزمائي ڪئي، پر اسان جي هن نوجوان ليکڪ انهي مختصر ترين ڪهاڻي واري صنف کي هڪ نئون لهجو ۽ ڍنگ ڏنو آهي، تنهن کيس پنهنجي همعصر ليکڪن ۾ امتيازي حيثيت ڏياري آهي.
آخوند محمد عباس پنهنجي لکڻين ۾ سماجي موضوعن کي انوکي ۽ اڇوتي انداز ۾ پيش ڪيوآهي ۽ گهڻو ڪري اهي اسان جي ضمير کي جاڳائڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون. البت ڪڏهن ڪڏهن سندس لهجو هڪ محتسب يا واعظ وارو ڀاسندو آهي، جيڪو يقينن لاشعوري هوندو آهي، پر ان سان سندس انهن لکڻين جي اهم موضوع جو مقصد فوت ٿي ويندو آهي.
جيئن مون شروع ۾ عرض ڪيو ته مون کي سندس مجموعي جي ڇڀائيءَ تي سَرهائي ٿي رهي آهي. بهرحال آئون کيس ذاتي ڪچهرين ۾ به چوندو رهندو آهيان ته هن کي اصلي شارٽ اسٽوريءَ تي طبع آزمائي ڪرڻ گهرجي، ته جيئن اسان کي سندس اصلي جوهر جي پروڙ پوي.
منهنجو ذاتي خيال اهو آهي ته سٺي ليکڪ لاءِ ضروري آهي ته هُو سٺو اڀياسي پڻ هجي، پرآئون ڀانيان ٿو ته آخوند عباس ايترو مطالعو نٿو ڪري، جيترو سندس واسطي ضروري آهي. جڏهن هُو ٻين جا ڪتاب نٿوپڙهي، ته پوءِ ماڻهو سندس ڪتاب ڪيئن پڙهندا.
آخوند محمد عباس جي ڳوٺ ۾ ناموري هن کان اڳ هڪ سٺي نعت و حمد خوان يا گائڪ طور آهي. ان کان علاوه هُو پنهنجي ناني ڊاڪٽر عبدالقيوم ’زخمي‘ جي پيرويءَ ۾ شاعري به ڪندو رهي ٿو. اسان جي خاندان جي تازو ٿيل شادين ۾ گهوٽن جا شاندار سهرا به لکيا اٿائين. سندس پنهنجي شاديءَ جو هڪ ڪارڊ به منظوم شاعريءَ ۾ هو، جيڪو به بيحدساراهيو ويو. جئين پنهنجي تعارف ۾ هن لکيو آهي ته پينٽنگ ڏانهن به سندس لاڙو رهيو آهي. مٽن مائٽن يا دوستن جا پورٽريٽ به هُو ٺاهيندو رهيو آهي. گِٽار سان فوٽو ته فيس بوڪ تي رکيا هئائين، ممڪن آهي ته گِٽار وڄائيندو به هجي.
جيئن هن لکيو آهي هُو انتهائي مذهبي گهراڻي جو فرد آهي، جيڪي صدين کان ديني و دنياوي تعليم ڏيندا رهيا آهن. منهنجي ذاتي خيال ۾ سندس پهريون جولان ميوزڪ آهي، پر مذهبي گهراڻي سان تعلق هئڻ ڪري هُو ان شعبي ۾ وڌي نه سگهيو، پر هن پاڻ کي اعليٰ پايي جو حمد ۽ نعت خوان ثابت ڪيو آهي. منجهس سٺي شاعر ٿيڻ جون به ڪافي صلاحيتون نظر اچن ٿيون، پر مذهبي گهراڻي سان نسبت شايدکيس ان شعبي ۾ ڀرپورحصيداريءَ کان روڪيو ويٺي آهي. پينٽنگ جي شعبي ۾ سندس نه وڌڻ جا ڪارڻ به پڌرا آهن.
بهرحال هُو منفرد تخليقڪار آهي، جيڪو پنهنجي لکڻين يا آوازي ڪاوشن ۾ اسان کي روحاني طرح مستفيض ڪندو رهي ٿو.
دعا آهي ته هُو اهڙين سريلي ۽ ڀاڳائتي سرگرمين ۾ سدائين مشغول رهي ۽ اسان جي ذهني ۽ روحاني غربت کي گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري.
محمد حبيب سنائي
10سيپٽمبر 2019ع
10 محرم الحرام 1441هه