فليش فڪشن جون چُهنڊڙيون
]اداري پاران[
’امرتا پبليڪيشنس ۽ ڇاپ گهر‘ پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ فليش فڪشن (مختصر ڪهاڻيءَ) جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن جو سرجڻهار اسان جي تاريخي حيثيت جي حامل شهر هالن جو سهڻو سيبتو نوجوان ’آخوند محمد عباس‘ آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ هن صنف جو حق ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪَسَرَ ڪونه ڇڏي آهي ۽ مختصر عرصي ۾ هُن ’فليش فڪشن‘ جي ميدان ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي ۽ سٺي ناماچاري پڻ ماڻي آهي. هن صنف بابت ڄاڻ لاءِ مختصر طور ايترو ئي ڪافي آهي، ته فليش فڪشن دراصل اُها لکڻي هجي ٿي، جيڪا پنهنجي مختصر پيرائيي، ٿورڙن جملن ۽ لفظن جي گهٽ مجموعي ذريعي هڪ ڀرپور ’چُهنڊڙي‘ هڻڻ جي سگهه رکندڙ هجي، جيڪا سماج جي ڪارونهوار ۽ حالتن جي عڪاسي ڪندڙ هجي.
آخوند محمد عباس پنهنجي هن پهرئين مجموعي ۾ جن موضوعن کي فليش فڪشن جي ضمري ۾ آڻي، پنهنجي فني ڪرت سان اسان آڏو پيش ڪيو آهي، سي سماج جون سچيون حقيقتون آهن ۽ انهن لکڻين ۾ هن ڪٿي ڪٿي ته ڪي اهڙيون ’چهنڊڙيون‘ به هڻي ڪڍيون آهن، جن کي اسان پنهنجي آس پاس ڏٺو به ضرور هوندو، پر اسان ڪڏهن انهن تي سوچ جو زاويو ائين مخصوص نه ڪيو هوندو ۽ نه ئي ائين ڪڏهن محسوس ڪيو هوندو، جيئن، جهڙي نموني ۽ جنهن ڪُنڊ کان آخوند عباس اسان کي اهي سماج جا چِٽا پِٽا عڪس پنهنجي هنن فليش فڪشن لکڻين ۾ لکي پيش ڪري ڏيکاريا آهن.
سچي ڳالهه ته اِها به آهي ته هيءُ ڪتاب ’امرتا پبليڪيشنس‘ جي پڙهندڙن تائين پهچائيندي، خوشيءَ سان گڏ اها حقيقت به آهي ته آخوند محمد عباس جو هيءُ مجموعو پڌرو ڪري، هن جي فن ۽ ڏات کي مڃتا ڏيڻ جي ڪوشش به آهي، جيڪا هن جو حق آهي ته هُن مختصر پيرائيي جي هن نموني واري ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي ننڍڙي ڄمار ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي، جيڪو هر ڪنهن اُڀرندڙ ليکڪ جي وَسَ جي ڳالهه ڪونهي. آخوند عباس کي پنهنجي موجوده قد ڪاٺ ۽ پنهنجي موجوده جاءِ کي نظر ۾ رکندي پوئتي مڙي نهارڻو ڪونهي، نه ئي جنهن اوچائيءَ تي بيٺل آهي، اتان کان هيٺ لهڻو آهي بلڪِ پنهنجو مَقام برقرار رکڻو آهي. هونئن به ڪابه جاءِ، ڪوبه مَقام يا ڪابه منزل ماڻڻ وڏي ڳالهه ڪونهي هوندي بلڪِ وڏي ڳالهه اُهو ماڻُ ماڻڻ کان پوءِ ان کي برقرار رکڻ هوندو آهي ۽ دراصل ڏکيو هوندو ئي اهو آهي، ڇاڪاڻ جو عروج جي پويان زوال ازل کان پيَل آهي، تنهن کان پاند بچائڻو آهي. تنهن ڪري آخوند کي ان ڳالهه جو احساس اوس رکڻو آهي، ته هُو هن مهل جنهن جاءِ تي بيٺل آهي، کيس اُن کان اڳتي جو سفر ڪرڻو آهي، پٺتي جو نه... قطعي نه.
اسان جو ادارو ، اداري جو سمورو سَٿُ مون فقير سميت، آخوند عباس جي لاءِ دعاڳو آهي ته ڌڻي ٻاجهارو سندس قلم کي وڌيڪ سگهه عطا ڪري ۽ هُو علم ادب جي ميدان وڌيڪ مڃتائون ماڻيندو رهي - آمين.
نيازمند
فقير محمد ڍول